فرسٽ ڊليوري
انيس انصاري
اهو ڪير هو، جنهن چيو هو ته پهرينءَ نظر ۾ پيار
ٿي ئي نه ٿو سگهي؟ هوءَ آئي، مسڪرايائين. منهنجي
ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چيائين، ”پاپا!“
”پٽ!“ مون کيس موٽ ڏني ۽ پنهنجي ڇاتيءَ سان
لاتو.
سندس ڀاءُ، جو کانئس ٽي سال کن وڏو پئي نظر آيو،
مون وٽ ڊوڙندو آيو ۽ چيائين، ”هن توکي بابا
سمجهيو آهي.“
”مان توهان ٻنهي جو چاچو آهيان، پٽ!“
مان شيخ زيد زناني اسپتال جي لان ۾ ويٺو هوس. اڄ
منهنجي نياڻي عارفه جي فرسٽ ڊليوري ٿيڻي هئي.
فرسٽ ڊليوري! يا الله تون پناهه ڏجانءِ. ان فرسٽ
ڊليوريءَ ۾ ئي عارفه جي ماءُ فوت ٿي وئي هئي. ان
بعد مون ئي عارفه جي پيءُ سان گڏو گڏ سندس ماءُ
ٿي کيس پاليو.
ٻي شادي! مائٽن زور ته ڏاڍو ڀريو. عمر به ان
وقت 28 جي لڳ ڀڳ هئي، پر آءٌ ماٽيلي ماءُ جي
زبان جي کهرائي ۽ هٿن جي سختي ڏسي چڪو هوس ۽ نه
پئي چاهيم ته عارفه پڻ ان عذاب مان گذري، جنهن ۾
منهنجو ننڍپڻ گذريو هو.
مون کيس ڇاتيءَ سان لائي آهستي چيو، ”عارفه.“
”هن جو نالو صوفيه آهي.“ ڀاڻس اعتراض ڪيو.
صوفيه منهنجي اکين ۾ نهاري مسڪرايو ۽ چيو.
”پاپا.“
صوفيه جي اکين ۾ نهاريندي، مون کي عارفه نظر آئي. اهي ئي
ڀوري ناسي رنگ واري ماڻڪيءَ واريون چيرويون
اکيون؛ اهي ئي گلاب جي پتين جهڙا ڳاڙها سنهڙا
چپ؛ اهو ئي ننڍو ۽ آخري ڇيڙي تي اڻ لکو مٿي وريل
نڪ؛ اهي ئي مهارن مان تازو نڪرندڙ ٻه کير وارا
ڏند. ان عمر جي عارفه سڌ پڌ صوفيه جهڙي هئي نه ؟
ائين ته نه آهي ته ان عمر جون عارفائون ۽
صوفيائون هڪ جهڙيون نظر اينديون آهن!
ننڍڙو ڇوڪرو، جنهن مون کي صوفيه جو نالو ٻڌايو
هو، سو وارڊ کان ايندڙ هڪ ماڻهوءَ ڏانهن ڊوڙندو
ويو ۽ چيائين، ”بابا! صوفيه کي ڏسو، چاچا کي تنگ
ٿي ڪري.“ صوفيه ان ماڻهوءَ کي ڏسندي ئي منهنجي
هنج مان ٽپو ڏئي اٿي ۽ ان ڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ۾
ٻه قدم کڻي ڪري پئي. ان ماڻهوءَ صوفيه کي اچي
کنيو. صوفيه جي والد ۽ مون ۾ جيڪڏهن ڪا هڪجهڙائي
هئي ته اها هئي عينڪ، نه ته ٻنهي جي عمر، قد،بت
۽ بيهڪ ۾ ڪافي تفاوت هو.
هو وڌي اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺو ۽ چيائين، ”دوست!
صوفيه هر عينڪ واري کي تنگ ڪندي آهي، توکي به
پريشان ڪيو هوندائين.
”نه دوست، مون کي ته سندس اکين ۾ پنهنجي ڌيءَ
عارفه نظر آئي.“
”منهنجو نالو انور آهي، ’ان ٻڌايو‘، هن جو نالو
اڪبر آهي(ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي) ۽ هيءَ چري
ڇوڪري صوفيه آهي. سندن والده ٽين ڊليوري ڪئي
آهي. اڪبر کي ٻيو ڀاءُ اختر ڄائو آهي. اسان کي
سڀاڻي موڪل ملندي. اسان پيئنگ وارڊ ۾ آهيون.
اوهان ...““
”مان ستين وارڊ ۾ آهيان، اڄ ئي آيا آهيون.
منهنجي نياڻي عارفه جي فرسٽ ڊليوري ٿيڻي آهي
(منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو) توهان کي پتو آهي
ته پهرين ڊليوري جو خرچ پيڪا ڪندا آهن. عارفه جو
گهوٽ، شهاب انجنيئر آهي، هو دوائون وٺڻ ويو آهي
اسٽور تان. منهنجو نالو فريد آهي، فريد احمد
قريشي. ادا انور منهنجي دل ٿي ڏڪي، عارفه جي
والده پهرين ڊليوريءَ ۾ ئي راهه رباني وٺي راهي
ٿي هئي ۽ هاڻي...(آواز ڀرجي اچڻ ڪري وڌيڪ
ڳالهائي نه سگهيم).
مان حيران هئم ته ڇا جي ڪري هن ڌاريي ماڻهوءَ
سان اهي سڀ ڳالهيون پئي ڪيم. شايد ان جو سبب
منهنجو ذهني تناءُ هو.
انور چيو، ”خيال نه ڪر دوست. فرسٽ ڊليوري هروڀرو
ايڏي خطري واري نه آهي جيڏي سمجهين ٿو.“
”مان ڏَڌَل آهيان يار!“ مون جواب ڏنو.
انور جي موڪلائڻ وقت مان ننڍڙي صوفيه کي کڻڻ لڳس
ته هوءَ روئڻ لڳي. هاڻي پنهنجي پيءُ ۽ عينڪ پاتل
غير ماڻهوءَ ۾ هوءَ تميز ڪري پئي سگهي.
شهاب اڃا ڪو نه آيو هو. مان لان ۾ ويٺي، سندس
انتظار ڪيو. لان جي ٽن پاسن کان گلن جا ٻارا
هئا، جن ۾ مختلف قسمن جا گل پنهنجي رنگيني پسائي
رهيا هئا ۽ هڪ – رڳو هڪ – گلاب جو ٻوٽو گلن سان
جهجهيل نظر پئي آيو. گلاب سان ڪيڏو نه پيار هو
عارفه جو؟ روز ٻه گلاب جا گل وڏي ڏانڊي سميت ڪٽي
انهن جا پن پٽي شيشي جي گلدان ۾ رکڻ وقت ڪهڙي
نموني مختلف زاوين سان انهن کي ڏسندي هئي سندس
گلاب جي هڪ تصوير، جنهن تي ماڪ ڦڙا جرڪي رهيا
هئا، نمائش ۾ ڪيڏي نه پسند ڪئي ويئي هئي. ان
رنگين فوٽو گرافي تي پهريون نمبر انعام مليو
هيو کيس. اها تصوير فوٽو گرافيءَ جي هڪ ڪتاب
”عڪس ۽ عڪاس“ ۾ عارفه جي پورٽريٽ سان گڏ شايع
ٿي هئي.
گلاب – منهنجو ڏيل ڏڪي ويو.گلاب لاءِ ئي ته
عارفه چيو هو مون کي، ”بابا!“ جي مان مري وڃان
ته منهنجي جنازي ۽ قبر تي گلاب جي گلن جو ڍير
رکجو“
گلاب- مون هڪ وڏو سڏڪو ڀريو.
ڪار جي بيهڻ جو آواز، مون کي خيالن مان بيدار
ڪيو. هو شهاب هو جو دوائن جو ڪارٽن ڪار مان لاهڻ
لڳو.
”چاچا! توهان اتي ويٺا آهيون. اس ورائي وئي اٿو.
اُٿو ته ڪمري ۾ هلي ٿا ويهون.“ ڪاريڊآر مان
هلندي، جڏهن پنجين نمبر ڪمري جي ڀرسان اچي
لنگهيم ته اوچتو در کليو ۽ صوفيه ٻاهر نڪتي.
مان اوڪڙو ويهي، ٻانهون ڦهلائي چيو ”عارفه“ اهو
نالو منهنجي زبان مان الائي ڇو نڪتو. صوفيه
منهنجي ٻانهن مان نڪري، ننڍڙا قدم کڻي، اندر
ڪمري ۾ هلي ويئي.
”ڇا عارفه- منهنجي عارفه پڻ اهڙي نموني جلدائيءَ
سان پيءُ جي آغوش کي خالي ڇڏي هميشہ لاءِ هلي
ويندي؟
در کولي ڪمري ۾ ويس، سامهون عارفه لوهي پلنگ تي
ليٽيل هئي، سندس گلابي چهري تي هاڻي ڄڻ هيڊ
هاريل هئي. چپن تي هلڪي مرڪ آڻي چيائين، ”بابا
مون کي اڪيلو ته ڇڏي نه وڃ. مون کي اڪيلائپ ۾ ڊپ
ٿو ٿئي. شهاب ڪاٿي آهي بابا؟“
”دوائون وٺڻ ويو هو، ڊاڪٽر کي ڏيڻ ويو هوندو
شايد، ڄاڻ آيو.“
عارفه ڪجهه وقت منهنجي اکين ۾ نهاريندي رهي، آخر
چيائين: ”بابا! منهنجو بچڻ محال آهي، ڪمزوري وڌي
ويئي آهي، سهاري کان سواءِ اٿي به نٿي سگهان.“
”چئين ڇا ٿي ڌيءَ! ڏاهي ٿي، ائين دل نه لوڙهه،
هن اسپتال جو اسٽاف وڏي ڄاڻ رکندڙ آهي. ان کان
سواءِ وقت سر ڪم اچڻ جون مشينون به سڀ موجود
آهن. تنهنجي والده جي ڳالهه ٻي هئي، ان وقت نه
اهڙيون ڪارآمد دوائون موجود هيون، جي اڄ آهن ۽
نه اهڙو ڄاڻ رکندڙ عملو. ويم به ته اسپتال کان
ٻاهر ٿيو هو. سندس هڪ ان ٽريند دائيءَ هٿان. مام
ميڊم نادره سان ڳالهايو آهي، سندس چوڻ آهي ته
خطري جي ڪا به ڳالهه ڪا نه آهي، ٿوري ڪمزوري
البت آهي، پر ڪا به ڊپ جي ڳالهه ڪا نه آهي.“
”الله ائين ڪري ابا.“
شهاب ٻڌايو، ”ميڊم نادره جو چوڻ آهي ته عارفه جي
ڊليوري ڏاڍي ڏکي ٿيندي: هڪ ته پاڻ ڏاڍي ڪمزور
آهي، ۽ ٻيو ٻار به ڪمزور ٿو لڳي. الٽرا سائونڊ ۾
ٻار صحيح پوزيشن ۾ به نظر نٿو اچي. سور به ڏاڍا
ٿڌا اٿس. وري به دلاسو ڏنو اٿائين ته هر طرح جو
احتياط ۽ ڪوشش ڪئي ويندي. هونءَ به معاملو ايڏو
ڏکيو نه آهي، جيترو اسان سمجهون ٿا.“
شهاب مون کي وڻندو به ان ڪري هو جو هن کي دلداري
ڏيڻ جو ڍنگ ايندو هو. مان فطرتاً ڪمزور دل انسان
آهيان، جنهن کي هر چيز جو اونداهون پاسو ته
يڪدم نظر ايندو آهي، پر ان جي روشن پهلو ڏيکارڻ
لاءِ ڪنهن ٻئي جي ضرورت پوندي آهي. شهاب ان ڪم ۾
ماهر هو. مون سوچيو، ”ڳالهه ڪيتري نه گهٽائي
ڪري رهيو آهي شهاب! سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر نادره هن
کي سڀڪجهه ٻڌايو هوندو. هو ڄاڻي واڻي دلاسا ڏئي
رهيو آهي مون کي. ڪمزوري، ٻار ڪمزور، سور هلڪا،
ٻار جي غلط پوزيشن، ڇا ائين ته نه آهي ته سيزرين
آپريشن ڪيو ويندو؟”
عارفه ليبر روم ۾ هئي. شهاب ڪمري جي در وٽ بيٺو
هو، ۽ مان لان ۾ صوفيه کي سيني سان لائي ذهني
ڪشمڪش ۾ مبتلا هوس. انور مون کي دلاسا ڏئي رهيو
هو. مان ڪنڌ جو کڻي ليبر روم ڏانهن ڏسان ته شهاب
اتي موجود ڪو نه هو، منهنجي دل بي قاعدي ڌڙڪڻ
لڳي. مٿي تي پگهر جون بوندون ظاهر ٿيڻ لڳيون،
ڪنن ۾ سان سان جا آواز اچڻ لڳا.
”ڇا ٿيو؟ شهاب ڪاڏي ويو؟“
صوفيه انور جي حوالي ڪري اٿڻ جي ڪوشش ڪيم ته اکين اڳيان
اونده ڇانئجي وئي. ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون. ساهه
تڪليف سان کڄڻ لڳو، پير ٿڙڪڻ لڳا. ڪِرڻ تي هوس
ته شهاب اچي ڀاڪر ۾ جهليو ۽ آهستگيءَ سان
چيائين! ”چاچا مبارڪ هجيوَ، ڊليوري بنا تڪليف جي
ٿي، عارفه ۽ ڪڪو ٻئي ٺيڪ ٺاڪ آهن.“
”پر فرسٽ...“
شهاب جو وڏو ٽهڪ،ان وقت مون کي برو به لڳو ۽ ڀلو
به.
ڏونگر جيڏو ڏڍ
افروز شورو
ٻپهريءَ جو سج گهڻو چڙهي ويو هو. ڇت جي ٽٽل ڇنل
پکن مان سج جتان ڪٿان ليئا پائي رهيو هو. نوريءَ
پٽ تي پل تڏي تي ويٺي، ٻارن جي ڦاٽل ڪپڙن کي
سبيو ۽ چتيون پئي هنيون. سانجڻ جو ڪو اَلڪو ئي
نه هوس. ٻارن بک ۾ مانيءَ لاءِ سڄي گهر ۾ ڌمچر
مچائي ڏنو. ساجن جهيڻي ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چئي رهيو
هو،” نوري، او نوري، اٿ. وڃ ٻارن کي ٽڪر ڀور ڏي.
هن هُل ۾ ته منهنجو مغز ٿو ڦاٽي.“ پر نون ٻارن
جي ايتري گهڻي شور ۽ رڙين ۾ ساجن جو آواز نوريءَ
تائين نه پهچي سگهيو.
”امان، امان اٿ نه، اسان کي ماني پچائي ڏي.“ هڪ
ٻار، ماءُ کي ڪلهن کان ڌونڌاڙيندي چيو.
”چڱو چڱو، هاڻي ولوڙي منهنجا آنڊا به ڪڍندا ڇا؟
ملي ٿي ماني به، گهر ۾ آهي ئي اٽي جي چپٽي پيل.
اها کائي وٺو، پوءِ ڪشڪول کڻي سڀ پنجو. اوهان جي
پيءُ ۾ ته نه هوند نه شڪر، هڻيو گندي پيرن ۾ سک
سان ستو پيو ننڊون ڪري. ڇن پٽ ته مون اڀاڳيءَ تي
آهي. الائي ڪهڙو ڀاڳ فٽم، جو هن سڃي سکڻي جي
پلئه پيس. سڄو ڳوٺ سکيو ستابو ويٺو آهي، باقي
سڀئي آزار، بکون، ۽ بيماريون رڳو هن ئي گهر تي
ڪر ڪڍيو بيٺا آهن. پاڻ کٽ داخل ٿيو پيو آهي. گهر
جو بار اچي ويو آهي منهنجي سر تي، تنهن کان ته
مئو ڀلو آهي.گهٽ ۾ گهٽ پني ته سگهنديس، باقي
هينئر ته پنڻ سان به نه ملندم. سڀڪو چوندو ڏٽو
مٽو مڙس ويٺو اٿس ۽ رن کي پنڻ جو شوق ٿيو آهي“
نوريءَ ساجن تي طعنن جو مينهن وسائي ڏنو.
ساجن کي ٻن سالن جي ڊگهي بيماريءَ هڻي جڏو ڪري
وڌو هو. ايتري پهچ به نه هيس، جو هڪ هنڌان اٿي،
ٻي هنڌ وڃي، ساجن جي پَٽ پوندي غربت ۽ بکون
مٿانئن وري ويون. پنهنجن پراون منهن ڦيري ڇڏيو
ته متان قرض نه گهرن. جي وٺندا ته سکڻا موٽائي
وري ڪٿان ڏيندا.
ساجن سوچڻ لڳو ته نوري به سچ ٿي چوي. آءٌ ته هاڻ
نه رهيو آهيان ڪم جو، نه ڪار جو، ٻيڻو منهنجو
وجود به بار بنجي ويو آهي سڄي گهر لاءِ. ٻارن
ويچارن جو به مون ۾ آسرو ته بابا اسان لاءِ ڪجهه
ڪندو، پر آءٌ ته ان حالت تي اچي پهتو آهيان، جو
اڄ مران يا سڀان، ڪو ڀروسو ناهي. پر هاڻ ٻارن کي
هن حالت ۾ نٿو ڏسي سگهان. ٻيو ته ٺهيو، پر رڳو
پيٽ ڀرڻ لاءِ پورو کاڌو به نصيب نه اٿن. باقي
منهنجي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو. ٿڪ لعنت آهي اهڙي
زندگيءَ تي! مون جهڙي سکڻي ماڻهوءَ کان پڇو ته
شادي ڇو ٿي ڪيم. مون سان گڏ هي معصوم به درد جي
چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن ۽ زهر جا ڍڪ پيا ڀرين.
سوچڻ لڳو ته ”غربت، موت کان به وڌيڪ اذيت ناڪ
آهي، جنهن ۾ ماڻهو نه جِي ٿو سگهي ۽ نه مري
سگهي. بس کوکلو جيون آهي، جيڪو رڙهي پيو موت جي
واديءَ طرف آهستي آهستي ...!“
وچ اونهاري جون گرميون ۽ لُڪون، ٽٽل ڇت مان سج
جي تپش، مٿان وري نوريءَ جي هر وقت جي ڪل ڪل،
ساجن جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو. چوندو هو. ”نوري،
منهنجو سڄو حال تنهنجي اڳيان آهي، ڄاڻي ڪري ته
نه پيو آهيان. بيماريءَ هڻي لانجهو ڪري وڌو اٿم.
اگر ٿوري به سگهه هجيم ها ته وڃي ڪٿي هٿ پير
هڻان ۽ پنهنجن ٻارن کي ائين بکيو نه رکان ها.“
پر نوري هئي، جنهن ساجن تان هڪ طعنو ٿي لاٿو ٻيو
ٿي چاڙهيو.
نوري چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي اٿي. کوڙيءَ مان ٿورو ان
ڪڍي، جنڊ تي ويٺي اٽو پيهڻ. اٽو پيهي ورتائين،
ڪاٺيون ميڙي سيڙي چلهه ۾ وجهي دکائڻ لڳي. وڏي
ڌيءَ کي دال چاڙهڻ لاءِ چئي، پاڻ مانيون پچائڻ
ويٺي. اتي به خاموش نه رهي سگهي. ويٺي ساجن جا
ڪن کائڻ:
”هيترا ورهيه ٿي ويا، پر ٻچن جي رهڻ لاءِ ڪو
سولو سڌو اجهو به نه ڪيئه. ڳوٺ ۾ جنهن ڪنهن وٽ
پنهنجي پڪي جاءِ آهي ۽ هڪ هي جهوپڙو آهي، جنهن
جي ڇت کي جتان ڪٿان ڏر ٿيا پيا آهن. طوفان لڳي
يا مينهن پوي ته ويل ۾ اچيو وڃون. مينهن جهڙو
ٻاهر تهڙو اندر. باقي گهر ۾ ڇا ٿيو؟ ان کان ته
ٺلهو ميدان چڱو. ڪيترو توسان مٿو هنيم ته خدا جا
بندا، ٻه کن پکا وٺي، اترئين پاسي ڏياري ڇڏ ته
گهٽ ۾ گهٽ هي ڀاڳ ڦٽا پيٽ بکيا، لُڪ کان ته بچي
پون. پر تو کي ڇا آهي، تون ته هر ڳڻتيءَ کان
آجو ٿيو پيو ننڊون ڪرين، ٻيو ڪو مري يا جيئي،
چڙهيو تنهنجي آڱوٺي تي !“ نوريءَ جو ويو پارو
چڙهندو. ” ڳوٺ جون ٻيون به عورتون آهن، جن کي نه
ڳڻتي نه سور، سندن مڙس کٽيو ڪمايو اچيو زالن
جي هٿ ۾ ڏين پاڻ به خوش ته سندن ٻار به عيشن ۾!
وري ڪا شادي مرادي ٿئي ته ڇنل پراڻا ڪپڙا انگن
تي اٽڪايو وڃيو، وچ تي ويهون، سموريون زالون
پنهنجي ٽنڊ ڦوهه ۾ پيون ڇڄنديون آهن. نه الڪو،
نه هوندو اٿن اونو، سڀئي سور ۽ ڳڻتيون ته مون
ڀاڳ ڦٽيءَ لاءِ آهن.“ ائين چئي، وٺي روئڻ. تئي
تي پيل ماني به ياد نه پيس. جڏهن ماني سڙڻ جي
پوءِ آيس ته تڙ تڪڙ ۾ مانيءَ کي تئي مان ڪڍي
ٻاهر رکيائين. مانيءَ جو هڪ پاسو سڙي ويو. ايتري
۾ ٻار به واڪا ڪندا، ” امان پهرين مون کي ... نه
پهرين مون کي...“ جا آواز ڪندا، نوريءَ مٿان وري
ويا. ڪو ٿاٻو کائي وڃي، اتي مٿانئس ڪريو، ڪنهن
کي ٿيلهو آيو، ڪنهن کي مُڪ لڳي، ڄڻ طوفان ڀرجي
آيو هو. نوري جيڪا اڳيئي ڪاوڙ ۾ ڀري ويٺي هئي،
تنهن کي ٻارن جي اها روش وڌيڪ بري لڳي. جهليندي
ٻانهن کان هڪ هڪ ٻار کي سٽڻ لڳي: ڪنهن کي پٺيءَ
وارو ڌڪ، ڪنهن کي ٿڦڙ، ڪنهن کي بجو ته ڪنهن کي
ڏنڊو وهائي ڪڍيائين. ٻارن جو ماءُ کي ايتري ڪاوڙ
۾ ڏٺو، سي سڀ هراسجي چپ ڪري بيهي رهيا!
نوريءَ جو منهن ڪاوڙ ۾ اهڙو هو جهڙو ٽانڊو. ٻئي
هٿ مٿي تي رکي ويهي رهي. ٻارن ڏانهن منهن ڪري
چوڻ لڳي: ”مئا هڪ اڳئي سورن ساڙي آهيان، وري
توهان به کڻي منهنجا آنڊا ساڙيا آهن. منهنجو ته
ڪنهن وٽ به قدر ڪونهي.گهر ۾ ڪجهه هجي يا نه،
تڏهن به چوندا ته اسان کي ڪٿان آڻي ڏي. آئون ڪا
اوهان جي لاءِ پاڻ کي چيرينديس ته ڪا نه، اگر
منهنجي چيرڻ مان ڪجهه اوهان کي ملي ٿو ته پوءِ
کڻي اچو سڀ ڇريون. ويهي ٽڪر ٽڪر ڪريوم ته مون
کي به سورن کان نجات ملي.“ نوريءَ سامهون کٽ تي
پيل ساجن ڏانهن اشارو ڪندي چيو،” هو پريان
کاٽائو پيءُ ستو پيو اٿو، ان تي ڇو نٿا انگل
ڪريو، رڳو منهنجو پيا پل ساهه پل نپوڙيو، ڪهڙو
ڏوهه ڪيو اٿم... سڀئي هيڪاندا مرو ته مون مسڪين
جي جان ڇٽي پوي. اوهين به وڏا ٿي اڪ ڪارا ڪندا،
جهڙو پيءُ، تهڙا پٽ.“ ساجن خاموشيءَ سان پئي
سڀڪجهه ٻڌو. هن پنهنجي ٻارن ڏانهن نظر ڦيري،
جيڪي مار جي ڊپ کان جتي هئا اتي ئي سُڪا بيٺا
هئا ۽ بک ۾ ساڻا پئي ٿيا، پر ماني نٿي گهري
سگهيا. ڦاٽل چتين لڳل ڪپڙا، ڏٻرا ۽ ساڻا جسم،
نماڻا چهرا، آنڊن ۾ بک جا ولوٽ، پوءِ به انهن
مان ڪنهن به چلهه ڏانهن نٿي ڏٺو، اکيون هيٺ زمين
۾ کپائي بيٺا هئا ته ڪٿي وري بک جي شدت کان
ڊوڙندا ڀڄندا وڃي ماءُ مٿان ڪرن ۽ پوءِ مانيءَ
بدران مار ملين!
ساجن ٻارن کي هن حال ۾ ڏٺو ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي
آيس، ”اي مالڪ هنن هيڻن جو تون ئي آهين، هنن بي
آسرن جو وسيلو ٿي. تو ئي سڀني کي خلقيو آهي ته
پارت به توکي ٿو ڪريان، آئون ته ...“
هن ڏڪر جي گهڙين ۾ ساجن جي ماسات جي شادي به
اچي سر تي بيٺي! نوري صفا ”نه“ ڪري ويهي رهي ته
اسان ڪو نه وينداسين بس.. “، نوري ائين ڪو نه
ٿيندو پنهنجا آهن، ميارون ڏيندا، گهڙي کن لاءِ
هلي وڃجانءِ “ ساجن نوريءَ کي سمجهائيندي چيو.
”سبحان الله! ڏاڍا ريشم جا وڳا وٺي ڏنا اٿئي جو
پائي وڃي شادي ۾ ٻانهن لوڏينديس. هي چتيون لڳل
ڪپڙا پائي مون کي ماڻهو کلائڻا ڪونهن... پنهنجن
جو اهڙو سيڪ اٿئي ته وڃي پاڻ منهن ڏي، اسان کي
ڏيهه ۾ ڏٺو نه ڪر.“
ساجن جي تمام گهڻين منٿن ۽ آزين کان پوءِ نوري
شاديءَ ۾ ته ويئي، پر وڃي پڇتائڻ لڳي ته ناحق
آيس... ڳوٺ جون سڀئي عورتون چمڪيلا ڪپڙا پائي،
تيل ڦليل ڪري پئي ٽليون. نوري سوچڻ لڳي ته ”هن
ڀريءَ شادي ۾ مون جهڙي اٻالي ته ڪا به ڪانهي.
سڀني جا مڙس، ڪي ساجن وانگر سڃا ٿورو ئي آهن، جو
پنهنجي زالن ۽ ٻارن کي ائين پراڻن ڪپڙن ۾ شادين
۾ موڪلي ڇڏين!“
نوريءَ کي ائين لڳو ڄڻ سڀئي عورتون، سندس حال تي
کلي رهيون هيون. هر نظر پاڻ ڏانهن گهوريندي
محسوس ٿيس. هوءَ شادي اڌ ۾ ڇڏي، واپس گهر موٽي
آئي. اچڻ سان ئي ٻين ۾ گهٽتائي جي احساس جي ڪاوڙ
ساجن تي وسائڻ شروع ڪيائين ڏنائين. ”هاڻي ته
تنهنجو پيٽ ٺريو، منهنجي بيعزتي ڪري، تيستائين
چوين ته وڃ ۽ وڃ“. نوريءَ اڌ رات تائين مٿو
هنيو، ستل ٻار به جاڳائي وڌائين! نوري اچي روئڻ
۾ ڇٽي، وري به ساڳيا مهڻا ۽ طعنا. ساجن هڪ اکر
به نه ڪڇيو. نوري، ساجن کي چوڻ لڳي ته ”تنهنجو
به ڏوهه ڪونهي. ويچارن مائٽن، سولي ۽ سکئي هنڌ
منهنجو سڱ ٿي ڏنو، جي اتي ڪريان ها ته هوند
هينئر ملڪيتن ۽ بنگلن جي وارث ٿي ويٺي هجان ها،
پر مون پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو، اصل پڙ
ڪڍي بيهي رهيس ته شادي ڪنديس ته ساجن مور سان،
نه ته بس.. اچي ڪا قسمت ڦٽيم ۽ نڀاڳي ٿيس، جو
مائٽن کي به نه مڃيم. ڀانيم ته پنهنجو رت آهي.
پيار ۽ سک سان رکندم، تڏهن عشق ۾ انڌي ٿي تون
سان پلئه اٽڪايم!“ پر ويچارن چڱن سچ چيو آهي ته
” آيس سنڱ سڃاڻي، اڳيان پٿر نه پائي.“ ”مون سان
به اِهائي ٿي، سک سنڀالي آيس ۽ سور پاند پئجي
ويم ۽ هاڻي ٻارن جون بکون ۽ محروميون ڏسيو پئي
جهُران ۽ مران.“
ڊگهي ۽ مشڪل بيماريءَ ۾ ڳرندو سڙندو نيٺ هڪ
ڏينهن ساجن مري ويو. نوريءَ لاءِ ڄڻ ڪو فرق ئي
نه پيو،پر ساجن جي نه هجڻ جي احساس جي شدت، تڏهن
محسوس ڪيائين جڏهن پوري ڳوٺ ۾ پاڻ بيواه ۽ ٻار
يتيم سڏجڻ لڳا ۽ ماڻهو خيرات ۾ ٻارن کي اوبر
سوبر کڻي ڏيندا هئا. اِهو ڏسي نوريءَ جي هينئين
۾ وڍ پوڻ لڳا هئا. تڏهن ئي ساجن جو احساس ٿيس ته
هو ڪهڙو به هو، پر ان جي هوندي سندن ڳوٺ ۾ عزت
ته هوندي هئي، ڪو خيرات ته ڪو نه ڏيندو هو...
مراد وارا، جن جي ساجن زمين ڪمائيندو، انهن جي
اک هميشہ ساجن جي گهر واري زمين تي هوندي هئي.
هو ان زمين تي اوطاق اڏڻ چاهيندا هئا. اُتي رستو
به ويجهو، کوه به ته وري وڻ ٽڻ به گهڻا هئا.
ساجن جي هوندي ته انهن ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه
ڪڍي، پر ساجن جي اک پوريندي ئي هنن کي ساڄي ملي
ويئي ۽ هاڻ ته نوريءَ کي هڪ ڏينهن ۾ ڪڍي ٿي
سگهيا، پر چيائون ته عورت ذات آهي، ان سان ڪهڙو
مقابلو ڪبو. ٻه ٽي ڄڻا گڏجي وڃن ۽ ڪجهه پئسا
ڏئي، اُتان لڏائي ڇڏين. جڏهن هو گڏجي سڏجي
اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيا، تڏهن خميسو، مراد جو
سؤٽ اصل پير ڪڍي بيهي رهيو. چيائين ” نه ڀائو،
پاڻ مان ڪو ڪو نه هلندو، مون کي پنهنجي بيعزتي
ڪرائڻي ڪانهي. هيءَ اِها مائي آهي، جنهن ساجن
جهڙي مڙس کي پٽيون پڙهائي ڇڏيون، سو اِن رن سان
ڳالهائڻ جي معنيٰ: ڪاري نانگ تي پير ڏيڻ آهي!“
”صفا ڪو مڄو آهين، هڪڙي رن زال کان ٿو ڊڄين، ڏس
ته اسان ڪيئن ٿا ڪڍونس“ مراد ڪاوڙ ۾ نوري وٽ
جڏهن اهڙي ڳالهه ڪئي ته نوري اڳئي وات جي ڇوٽ،
تنهن سندن اهڙي بيعزتي ڪئي، جو منهن جو پنو ئي
لهي وين، پر هو هئا وڏا ماڻهو ۽ نوري اڪيلي زال،
جنهن جو اوهي نه واهي، آخر ڪيستائين مرد ماڻهن
جو مقابلو ڪري. پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ مجبور ٿي
پنهنجو تڏو ڇڏڻو پيس! نوري ٿورو گهڻو سامان هڙن
۾ ٻڌي، ٻار وٺي نڪتي ته ٻجري تائين پهچي مغز کي
ڀنواٽي اچي ويس ۽ هوءَ اُتي گوڏا کوڙي ويهي رهي
۽ پنهنجي گهر کي آخري بار ڏسڻ لڳي. اڄ کيس
پنهنجو هي ٽُٽل ڇنل گهر جنت جهڙو لڳي رهيو هوس،
جنهن مان هر وقت عيب ڪڍندي رهندي هئي.
نوريءَ کي هاڻي ساجن جو قدر پيو. جڏهن اهڙي مشڪل
۽ ڏکئي وقت ۾ پوري ڳوٺ مان ڪنهن به سندس مٿي تي
هٿ نه رکيو ۽ نه ئي ڪنهن وات سان پڇيس. هوءَ
سوچڻ لڳي ته ”مون ئي ڪِل ڪِل ڪري ساجن جو جيئڻ
ٿورو ڪري ڇڏيو. اها ڪل نه پيم ته هو اسان جي
اُگهاڙن سرن مٿان ڇت وانگر آهي. جڏهن زنده هو ته
ڪنهن کي همت ئي نه هئي ته مون سان ڪڇي سگهي. پر
جڏهن هو نه رهيو آهي ته ڪيئن سڀني اچي چوڌاري
ورايو اٿم، تڏهن اک پٽي اٿم ته هو نه هوندي به
سڀڪجهه هو. هو سڃو سکڻو هو يا بيمار، هڪ جاءِ
ويٺو پيو هو. ڪجهه نٿي ڪري سگهيو پوءِ به اسان
بي وس هيڻن لاءِ ته ڏونگر جيڏو ڏڍ هو ۽ هاڻ.“
نوريءَ کي اُهو وقت ياد آيو، جڏهن ڪنوار بنجي
پهريون ڀيرو هن گهر ۾ قدم رکيو هئائين. جڏهن
ساجن پهچ وارو هو ته چڱو وقت گذريو هوس، پوءِ
ساجن جي پٽ پوندي ليٽ پئجي ويا ۽ هاڻي هي وقت به
هن ڏٺو جڏهن بيواه بنجي پنهنجي ئي گهر مان ڪڍي
پئي ويئي. اهو سوچي سندس روح اڌ ٿي پيو. گوڏن
تي ٻئي هٿ هڻي ٻار ڪڍڻ لڳي: ” منهنجا ساجن، مون
ولهيءَ کي ائين اڪيلو ڪري، واڳن جي وات ۾ نه
وجهي وڃين ها. هاڻي ڪو ڪٿان پيو چڪ هڻي ته ڪو
ڪٿان. مون ڏهاڳڻ کي نڌڻڪو ڪري هليو وئين. هئين
هونءَ ته سڀڪجهه هو ، نه آهين ته ڪجهه به نه
آهي. جيڏانهن ٿي اک کڻان ته سڃ ئي سڃ، رُڃ ئي رڃ
لڳي پئي آهي ساجن!“
هوءَ ايتريون ته زور زور سان اوڇنگارون ڏيئي
رُني هئي، ڄڻ ساجن هن لاءِ اڄ ئي مئو هو. ايترو
ته هوءَ ساجن جي مرڻ واري ڏينهن به نه رني هئي! |