جهوڪ واريءَ
جنگ بابت ٽي خط
عبدالرسول قادري بلوچ
سنڌ سونهاري، سورهين ۽ سرويچن، عالمن ۽ عارفن،
مجاهدن ۽ مانجهي مهميرن جي سر زمين پئي رهي آهي.
انهن سورهيه سرويچن ۽ مانجهي مردن مان آزاديءَ
جو اڳواڻ، لاڙ جو اهڃاڻ ۽ سورهين جو سرواڻ حضرت
شاهه عنايت صوفي به آهي، جيڪو حق ۽ هدايت، جرئت
۽ حريت جو مظاهرو ڪندي، سر ڏيئي سرهو ٿيو. شاهه
عنايت جهوڪ واري جي شهادت (15 صفر 1130هه) جو
احوال سنڌ جي تاريخ جو پرسوز ۽ ٻارهين صدي
هجريءَ جي اوائلي دور جو وڏو درد ناڪ واقعو آهي.
ان ڪارروائي ۾ مغلن سان گڏ سنڌ جا مقامي ماڻهو
به شامل هئا. ميان يار محمد ڪلهوڙو به ميدان
جنگ ۾ موجود هو. محقق سنڌ سيد حسام الدين راشدي
لکي ٿو: ”انهيءَ ظالمانه ڪارروائي ۾ جيڪي ڌريون
مغلن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيٺيون، انهن جي
پيشانيءَ تان بدناميءَ جو ٽڪو ۽ انهن جي دامن
تان اهو خوني داغ، نه لهڻ جو آهي نه ڌوپڻ جو...
اهو حادثو سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دور ۾ ٿيو
۽ اهو الميو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ
جي ابتدا ٿي رهي هئي. سيوهڻ تائين ميان يار محمد
جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ ٺٽي واري حصي مٿان سندس
اکيون هيون...“
ٻئي طرف مولانا غلام رسول مهر تاريخ ڪلهوڙا ۾
ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مجبور ڄاڻايو آهي ته
مرڪز جي حڪم آڏو هو بيوس هو ۽ سرڪاري ڪارندي جي
حيثيت ۾ ان فوجي ڪمڪ اعظم خان پهچائي هئي ۽
شاهه عنايت صوفي سان ان جي ڪا به دشمني ڪا نه
هئي.
ڪلهوڙا دور تي تحقيق جي سلسلي ۾ محترم سيد حسام
الدين راشدي، منشور الوصيت فارسي (مصنف ميان نور
محمد ڪلهوڙو) ۽ ان سان گڏ اٺ فارسي ضميما شامل
ڪري، سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1964ع ۾ شايع ڪيا.
منشور الوصيت فارسي جي ضميمن مان پهريون ضميمون
جهوڪ جي جنگ متعلق ٽي اڻ لڀ خط فارسي ۾ آهن، جيڪي
جهوڪ مان جنگ هلندي لکيا ويا. پهريون خط ميان يار
محمد خدا يار خان ڪلهوڙي جو آهي، جيڪو پاڻ جهوڪ
منجهان جنگ جي ميدان مان هلندي، پنهنجي وليعهد
ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن خدا آباد لکيو هو. ٻيو
خط ملتان جي صوبيدار سيد حسين خان جي پٽ(؟) جي
ڪارنامن بابت آهي، جي ڪارناما هن جهوڪ جي جنگ ۾
سرانجام ڏنا. ۽ ٽيون خط ميران سنگهه کتري ملتاني
جو آهي. ميران سنگهه کتري جي خط جي فارسي تمام
رنگين، پرپيچ ۽ گلڪاري واري آهي ۽ شاهه عنايت
بابت به تمام سخت لفظ ڪم آندل آهن. هي خط جهوڪ جي
ميدان جنگ مان لکيو ويو. هنن خطن ۾ جهوڪ جي جنگ جو
سرسري پر سربستو نقشو چٽيل آهي ۽ عيني شاهدن جو
پنهنجي هٿ اکرين سچو پچو احوال تحرير ٿيل آهي.
راشدي صاحب انهن خطن جي باري ۾ لکي ٿو: اهي ٽيئي
خط جنگ جي حقيقت، مغلن جي نيت ۽ واقعي جي نوعيت تي
تفصيلي روشني وجهن ٿا. جنگ جي سٽاءُ ڪيئن ٿي، ڪهڙي
نموني مقابلا ۽ مجادلا ٿيا، ڪهڙن ماڻهن ڪهڙو
نمايان ڪم ڪيو، ڪيستائين جنگ هلي ۽ ڪيئن انهيءَ
حادثي جو انجام ۽ اختتام ٿيو؟ هنن خطن ۾ جو ڪجهه
بيان ٿيل آهي، سو ٻي ڪنهن به تاريخ يا تحرير ۾
موجود ڪو نه آهي، گويا اهي ٽيئي خط آهن، جيڪي جهوڪ
واري حادثي متعلق اکين ڏٺو، صحيح ۽ سچو احوال
ٻڌائين ٿا
جهوڪ جي جنگ جي صحيح تصوير، شاهه عنايت جي شهادت
جي تحرير ۾ ٽنهي ناياب خطن جي اهميت جي پيش نظر،
انهن فارسي خطن جو مفهوم ۽ مطلب سنڌي ۾ لکيو ويو
آهي.
(1) ميان يار محمد ڪلهوڙي واليء سنڌ جو خط
(وفات 1131هه)
]ميان يار محمد خدا يار خان واليء سنڌ جو پنهنجي پٽ ميان
نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن خط، جيڪو ان وقت خدا آباد ۾
هو. هي خط جهوڪ جي جنگ جي ميدان مان لکيو ويو[
نورچشم ميان نور محمد، الله جي حفاظت ۾ هجو!
هي ٻه اکر خير جي خبر جا قلم ذريعي لکجن ٿا. آءٌ
نواب اعظم خان جي رفاقت ۾ اٿل درياءَ کان ڪوچ
ڪري، جهوڪ شاهه عنايت جي جاءِ تي پهتس.
جڏهن ته انهن قلعي جي چوڌاري اونهي کڏ کوٽي ڇڏي
هئي، لنگهڻ جي جاءِ نه هئي. انهيءَ سبب ڪري لشڪر
کي جهوڪ کان اڌ ڪوهه پري ترسايو ۽ رهايو ويو آهي.
جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن تاريخ 17 ذوالقعد 1129 هجري تي
سڄو ڏينهن لشڪر سوار ۽ پيادن سميت کڏ، قلعي ۽
آسپاس جو گهيرو ڪيو ۽ تردد ٿي ڏيکاريو، پر فسادين
کي به مقابلي جي همت نه رهي.
جڏهن آچر جي رات ٿي، فسادين جي سامهون سڀ لشڪر
گهيرو ڪيو ويٺو هو. ان رات جو اڃا پويون پهر هو
ته فسادين جي فوج جا سترهن سؤ پيادا، جيڪي سڀئي
فسادين جا روح روان هئا، سي راتاهي هڻڻ جي ارادي
سان آيا؛ جيتوڻيڪ انهن لشڪرن وارن اوزارن سميت
پنهنجي وس مان ڪو نه گهٽايو، مگر اسان جي جنگجو ۽
دلير جوانن انهن سان خوب مهاڏو ڏنو ۽ ان فسادين کي
ڪهڻ، مارڻ ۽ ٻڌڻ ۾ چڱو پاڻ ملهايو. گهڻن کي ختم
ڪيو ويو، جيڪي سلامت بچي نڪتا، اهي به تلوار جا
گهايل هئا.
انهن ۾ اڪثر پنهور قاسم جا پٽ گهرام ۽ سيد بولو
وڪيل ٺٽه ۽ احمد بوبڪائي، اوڍيجا ڀائر ۽ ٻيا
زميندار جن پاڻ کي فدائين جي لسٽ ۾ چونڊايو هو،
سڀئي تلوار جي هيٺان اچي عدم جي واٽ ورتائون ۽ صبح
تائين اهو هنگامو جاري هو.
۽ حسن اتفاق سان جنهن وقت هي هنگامو برپا هو، گهڻا
فقير، جيڪي سرڪاري تنبن تي بيٺل ۽ نگهبان هئا، اهي
ٽڙي پکڙي ويا ۽ فسادين جي جماعت سرڪاري خيمن جي
دروازي تي حملو ڪيو، پر نورچشم ميان دائود ۽ ميان
غلام حسين منهنجو ڀاءُ مير محمد ۽ ٻيا خاص ساٿي
بر وقت پهچي ويا، جن دليرانه مقابلو ڪري، گهڻن کي
جهنم رسيد ڪيو ۽ فتني جي باهه کي تلوار جي پاڻي
سان ٺاريو. هن وقت جيڪو به ساڄي کاٻي گرفتار ٿئي
ٿو اهو سزا ٿو ڀوڳي.
ٻيو سڀ خير ۽ سلامتي آهي. دلجاءِ رکندا، جنگ اڃا
باقي آهي. انشاءَ الله فسادي کي جلدي بري ڪم جو
بدلو ملندو.
تڪڙ ۾ هي مختصر خط لکيو ويو. ميان دائود جي سواري
جي گهوڙي کي منهن تي پنج – ڇهه زخم رسيا آهن ۽ ٻئي
جسم کي به زخم آيا آهن، اهڙيءَ طرح ميان محمود ۽
ميان غلام حسين جا گهوڙا به ڦٽيا آهن، پر
الحمدالله جو پاڻ خير ۽ سلامتي سان آهن. مطلب ته
هي ڊگهو احوال تفصيل طلب آهي. ٻئي ڀيري قلم جي
حوالي ڪبو. خوشحال ولد جمال جي گهوڙي، منوچهر،
خيالي ولد صدر، ياقوت، بشير، ابراهيم، حسين ۽ صالح
۽ ...... ۽ ٻين فقيرن کي به گهٽ وڌ زخم رسيا آهن.
(2) ملتان جي صوبه دار نواب سيد حسين خان
جي پٽ جو خط
]
]ملتان
جي صوبه دار سيد حسين خان جي پٽ (؟) هي خط جهوڪ جي
جنگ هلندي لکيو. ان صاحبزادي جيڪا ڪارناما سرانجام
ڏنا، اهي هن خط ۾ تحرير آهن.[
ملڻ جو شوق تمام گهڻو حد کان زياده قلم تي اچڻو هو
۽ دل جو احوال لکڻو هو ته اوهان جو عنايت نامو
(خط) روح کي راحت ڏيندڙ اچي پهتو، جنهن دل جي مکڙي
کي کولي کِلائي ڇڏيو ۽ اندر جي بلبل غم جو وڳو
لاهي خوشيءَ جي پوشاڪ پهري. دلير فسادي (شاهه
عنايت) جي جنگ جدل جي باري ۾ پڇيل سوال بابت احوال
هن ريت آهي. شاهه عنايت پنهنجي ماڻهن جي گهڻائي
ڏسي تابعداري کان بغاوت ڪري بي فرماني ڪئي. نواب
صاحب لشڪر جو ڪٽڪ توبن ۽ بجلي جهڙين تلوارن سان،
صاحبزادي جي هٿ هيٺ ڏئي، ان ظلم جي پاڙ پٽڻ لاءِ
موڪليو.
جنهن وقت صاحبزادو کائي بلدي (؟) وٽ پهتو، تڏهن نواب صاحب جي
فرمان موجب زميندار به صاحبزادي جي خدمت لاءِ آيا.
بدبخت فسادي (شاهه عنايت) قلعي جي اندران تيرن ۽
تفنگن جي جنگ جاري ڪئي. فوج ٻه مهينا جا نقشاباني
سان مهاڏو ڏنو. قلعي جي چوڌاري ٻوڏ آيل هئي. نواب صاحب، ملتان جي محمد باقر بخشي کي
لشڪر جي ڪمڪ ڏئي روانو ڪيو. انهن جي پهچڻ کان پوءِ
خان بلند مڪان سعادت خان پاڻ به فوج سان صاحبزادي
وٽ آيو. صبح جي وقت صاحبزادو وڏي بخت سان هاٿي تي
پالڪي رکائي سوار ٿيو ۽ لشڪر به ان پاڻي کان عبور
ڪري شاهه عنايت جي قلعي ويجهو پهتا ۽ مورچا قائم
ڪيائون. شاهه عنايت جا ماڻهو سعادت خان جي مورچي
تي راتاهو هڻڻ آيا ۽ سخت لڙائي ٿي. سعادت خان جي
دلير ۽ بهادر لشڪر انهن کي پوئتي ڀڄڻ تي مجبور
ڪيو. انهن شاهه عنايت جي ماڻهن موٽندي ئي وري
صاحبزادي جي لشڪر جي مورچي تي حملو ڪري ڏنو ۽ هن
طرف به صاحبزادي جي جنگي جوڌن ۽ دشمن گير سپاهين
انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. آخر انهن پناهه جي
جاءِ نه ڏسي، ڀڄي، پنهنجي قلعي ۾ وڃي پنهنجو پاڻ
لڪايو.
ان ڪاميابي کان پوءِ صاحبزادو ڪسير فوج وٺي اصل
قلعي جي دروازي تي ڪاهي آيو ۽ سختيءَ سان حڪم ڏنو
ته، هر هڪ بهادر پنهنجي طاقت ۽ لياقت آهر سڄي رات
هوشياري ۽ خبرداري سان ڪم سرانجام ڏئي ته جيئن
دروازي کان دشمن ڀڄي نه وڃي، دروازي جو گهٽ بند
ٿي ويو ته، اڌ رات مهل قلعي جي ڀت ڀڃي ڀڄڻ جي
ڪيائون.
(هتي نظم آهي، جنهن جي پهرين سٽ ۾ سرڪاري لشڪر جي
فتح، دليري ۽ جوانمردي جي دل کولي ساراهه ڪئي وئي
آهي، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ دشمن جي لشڪر جي غم الم، بزدلي،
عاجزي ۽ نامرادي بيان ٿيل آهي.)
هن وقت تائين بخت جو صاحب صاحبزادو، انهن جي مال
ضبط ڪرڻ لاءِ اتي ترسيل آهي ۽ جنگجو بهادر جوان
انهن جي مٿان مقرر ٿيل آهن. عنقريب بادشاهي بخت
موجب قتل ٿيندا يا قيد ٿي قهر هيٺ ايندا. هن کان
پوءِ جو به ڪجهه ٿيندو، آئون اهو احوال قلم جي
ذريعي لکندس.
(3) ميران سنگهه کتري ملتاني جو خط
]ميان
يار محمد خدا يار خان ڪلهوڙي جو شاهه عنايت سان
مقابلو[
هڪ نڀاڳي ڏينهن شاهه عنايت پنهنجي خدمتگارن جي
انبوهه تي نظر ڪئي. ان گهمنڊ ۾ شاهه عنايت، نواب
اعظم خان جي تابعداري جي رستي کان قدم ٻاهر رکيو
۽ پنهنجي لاءِ نقصان وهايائين. نواب اعظم خان
پنهنجي ٿورن ماڻهن تي نظر ڊوڙائي ته پاڻ کي مقابلي
جي همت ۽ مصلحت نه ڏٺائين، ان ڪري مٿي وڏي شان
واري کان مدد طلب ڪيائين. سندس سڀ سپاهي سورهيه،
شينهن مڙس، صف شڪن، تلوار بازي جا مهمير ۽ ميدان
جنگ جا آزمودگار هئا. خان وڏي شان واري، خدا يار
خان عباسي (يار محمد) کي نواب اعظم خان جي مدد
لاءِ موڪليو. نواب صاحب، خان وڏي شان واري جي حڪم
جي تعميل ۾ فتح ۽ نصرت، ظفر ۽ ڪاميابيءَ سان حمله
آور ٿيو. جڏهن اتي فسادين وٽ پهتا ته هڪ طرف خدا
يار خان فسادين کي گهيرو ڪيو. بندوقن جي بجلي ۽
ڪڙڪيدار آوازن، فسادين جا هوش حواس گم ڪري ڇڏيا.
ٻئي طرف کان نواب مورچا قائم ڪري، تير ڪمانن سان
جنگ شروع ڪئي. جڏهن شاهه عنايت جي فقيرن ڏٺو ته
ڏينهن جو ڪامياب لشڪر سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي ته قلعي
کان ٻاهر قدم به نه رکيائون. البت بدنيتي سان خدا
يار خان جي لشڪر تي رات جو راتاهي هڻڻ جي ارادي
سان قلعي کان ٻاهر نڪتا، پر هوشيار ۽ تجربيڪار
بهادرن انهن کي اڌ مئو ڪري پوئتي ڀڄڻ تي مجبور
ڪيو ۽ زخم کائي ناڪام ٿي موٽيا.
صبح جي وقت خدا يار خان ۽ نواب عالي مڪان هاٿين تي سوار ٿيا ۽
لشڪر کي به سوار ٿيڻ ۽ سخت مقابلي ڪرڻ لاءِ حڪم
ڏنو ۽ چيو ته پهريان دشمن جي قلعي کي توبن ۽
بندوقن سان اڏايو وڃي. ان کان پوءِ تلوارن جي
باهه سان انهن جي حياتي جي ٻار کي جلايو وڃي.
جڏهن انهن ٻنهي درياءَ جي موتين اها صلاح پئي ٺاهي، ته فسادين
جو ڪو جاسوس اتي ويٺو هو. ان خابرو اها ڳجهي ڳالهه
جهٽ وڃي شاهه عنايت کي ٻڌائي. هاڻي انهن ڏٺو ته
قلعي ۾ ويهڻ ۾ خطري کان خالي ناهي، تڏهن شاهه
عنايت لاچار ٿي، قلعو ڇڏي، ڏهه هزار لشڪر مقابلي
لاءِ موڪليو. انهن نڪرندي ئي خدا يار خان جي هاٿي
تي ويجهو حملو ڪيو، پر خان جي حشمت ۽ شجاعت واري
فرزند دائود خان، چند هزار مٿير مڙسن سان اک ڇنڀ ۾
اتي پهچي، فسادين جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.
سبحان الله! سندس تلوار ذوالفقار حيدري وانگر دوڌاري تلوار
هئي، جنهن پنهنجي لشڪر کي ڪامياب ڪيو، پر دشمن جو
به دم پورو ڪيائين. هتي سندس تعريف ۾ شعر چيل آهي
ته:
”وهوا شير دلير مرد ميدان جا!“
جنهن جي تلوار کان هر طرف خوف و هراس پئجيو وڃي. انهن جا تير
به دشمن لاءِ جنجال ۽ انهن جا تفنگ به دشمن جي
ساهه لاءِ مصيبت آهن. انهن جا ڀرون به ڪمان وانگر
آهن ۽ انهن جو منهن جاه جلال جو آئينو آهي ۽ انهن
جي دل به ڪمال جو خزانو آهي.
جيئن ته هنگامو گهمسان ٻه مهينا هليو، خدا يار
خان ۽ نواب اعظم خان حڪم ڏنو ته سڀئي جنگي جوان
سڀني هٿيارن پنهوارن سان قلعي تي حملو ڪن ته جيئن
قلعو پروڻ وانگر ٽنگ ٽنگ ٿي پوي ۽ انهن فسادين جي
حياتي جو پاڻي، ان قلعي ۾ نه رهي سگهي، يعني قلعي
کي ختم ڪجي ته اهي ازخود ختم ٿي ويندا.
جڏهن بهادرن حڪم موجب فسادين کي چئني طرفن کان بندوقن جون
باهيون لڳايون ته فسادين جو قلعو ڪاغذ جي ڏيئي
وانگر جلڻ لڳو. فسادين جو منهن اجهاڻل ڏيئي جهڙو
ٿيڻ لڳو ۽ انهن اهو محسوس ٿي ڪيو ته فتح ۽
ڪاميابي، نواب ۽ خان جي حق ۾ لکجي چڪي آهي. انهن
کي پنهنجي بي فرماني جي سزا اکين سان ڏسڻ ۾ پئي
آهي. ان ڪري انهن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي مصلحت ان ۾
ڏٺي ته صلح ۽ ٺاهه ڪجي.آخر ان شاهه عنايت انڪساري
سان پنهنجي جرم جي لاءِ معافي جي درخواست، خان ۽
نواب جي خدمت ۾ پيش ڪئي. شاعر جي قول موجب: جڏهن
دشمن نرم ٿئي، ته به احتياط هٿ کان نه ڇڏجي ۽ ان
جي مڪر ۽ فريب کان به خيال رکجي.
اهڙيءَ طرح سمجهه ۽ احتياط جي پيش نظر ان کي قيد
ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو، جيئن ته انهيءَ آزار ۽ تڪليف
جي ڪري پاڻ فاني جهان مان موڪلائي ويو. (تاريخ 9
صفر 1130هه /1-جنوري 1718ع ۾ شاهه عنايت کي نواب
اعظم خان وٽ آندائون ۽ 15- صفر 1130 هه/ 7 جنوري
1718ع تي شاهه عنايت صوفي کي شهيد ڪيائون. راشدي)
شاهه عنايت جو سر، فرخ سير بادشاهه هند
ڏانهن موڪليو ويو. ان جي علائقي تي قبضو ٿي ويو.
مال ملڪيت ضبط ڪيو ويو. بهادرن جون دليون گلن
وانگر ٽڙي پيون ۽ دشمن کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ نڀاڳ
پلئه پيو. مطلب ته بهادرن جي ڪاميابي جو باغ، بهار
وانگر ٽڙڻ لڳو ۽ فسادين جو جهنگل به جلي خاڪ ٿي
ويو. فسادين جو قلعو به زمين برابر ٿي ويو. آخر
ڪار فتح ۽ ڪاميابي کان پوءِ خان ۽ نواب رعب تاب ۽
خوشيءَ سان واپس ٺٽي ڏانهن ويا. ان طرف جي ضلعي ۽
آسپاس جي عام رعيت به خوشي، شادمانو ۽ آزادي حاصل
ڪئي.
|