“ڪلهوڙا
دَور حڪومت”
(هڪ اڀياس)
ايم. ايڇ. پنهور
ڪلهوڙن جي دَور تي مفصل ڪم غلام رسول مهر ڪيو هو،
جنهن جو ڪتاب اردو زبان ۾ سنڌي ادبي بورڊ ٻن جلدن
۾ 1958ع ۾ ڇپيو هو. بعد ۾ اُن جو سنڌي ترجمو به
نڪتو. چاليهن سال کن جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ ان
دَور تي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو هيءُ هڪ نئون
اڀياس ڇپيو آهي. ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ جو انتساب
مسٽر مظهرالحق صديقي (وائيس چانسيلر سنڌ
يونيورسٽي) ۽ ايم. ايڇ. پنهور (يعني مون کي) ڪيو
ويو آهي. حقيقت ۾ هيءُ ڪتاب جائزي هيٺ دَور تي هڪ
”ڪلاسڪ“ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت
جا 102سال مطالعي ۾ آندا ويا آهن، جنهن ۾ ڪلهوڙن
جي عروج کان وٺي زوال تائين، سمورا پهلو ڀرپور بحث
هيٺ آيا آهن. انهيءَ نوعيت جو هيءُ پهريون منفرد
ڪتاب آهي. هي ايڏو ته اهم ڪتاب آهي جو آءٌ سوچيان
ٿو ته ڇا آءٌ اُن جو حقدار آهيان ته مون ڏي هي
ڪتاب منسوب ڪيو وڃي؟ ( مون کي ان ڳالهه تي بار بار
تعجب ٿئي ٿو!) سقراط هڪ ڀيري چيو هو ته: ”مون کي
ماڻهو ڏاهو اِنڪري چون ٿا، جو آءٌ ڪجهه به نه ٿو
ڄاڻان.“ حقيقت ۾ هي ڪتاب هڪ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز تي
مبني آهي، جنهن جي قبوليت تي مصنف کي سنڌ
يونيورسٽي 1999ع ۾ ڊاڪٽريٽ ڊگري ڏني هئي. ڪتاب
ڇپرائڻ وقت ضرورت آهر اُن ۾ واڌارا ۽ درستيون به
ڪيون ويون آهن. هيءُ ڪتاب انجمن اتحاد عباسيه
ڪراچي پاران اسلم عباسيءَ 2004ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو
آهي. ان ڏس ۾ اُن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر شفقت حسين
عباسيءَ پڻ خاص دلچسپي ورتي. هاڻي هن دَور بابت هر
پهلوءَ تي کوڙ سارو پيرائتو مواد ميسر ٿيو آهي، جن
بابت ۽ پڻ لاڳاپيل ڪجهه موضوعن بابت اسان جي ڄاڻ
ناڪافي هوندي هئي، جو اهو ڏکيو ڪم آهي ته ڪلهوڙن
جي دَور جي ڪنهن باب يا اُن جي ذيلي عنوان بابت
ڀرپور ڄاڻ پڙهندڙن کي پيش ڪجي. موجوده دَور ۾
تحقيق جا زاويا بدلجي ويا آهن. ميداني مشاهدن
ذريعي معلومات گڏ ڪرڻ، موجوده دَور ۾ تحقيق ۾ ڪافي
مدد گار ثابت ٿي آهي. مون کي ان ريت ڪم ڪرڻ جو
خاصو تجربو حاصل آهي، ڇو ته سنڌ بابت تحقيق جي
گهڻي کوٽ پئي رهي آهي. آءٌ ڇهن سالن جو هئس ته
’سنڌ‘ جي موضوع ۾ منهنجي دلچسپي پيدا ٿي. اُن دَور
۾ منهنجي ڳوٺ ۾ بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪرائڻ
واريءَ تحريڪ جي برانچ کُلي هئي. مون اُن وقت کان
ئي سوچڻ شروع ڪيو ته: سنڌ ڇا هئي؟ سنڌ ڇا آهي؟ ۽
سنڌ جو مستقبل ڇا هوندو؟ اُن وقت کان وٺي مون
لاڳيتو سنڌ بابت هر تحرير پئي پڙهي آهي، جنهن ۾
’تاريخ‘ به شامل آهي، جنهن کي ته مون نهايت ئي
ويچار سان مطالعو ڪيو آهي. اهڙا آڳاٽا ڪتاب
فارسيءَ ۾ لکيا ويا، بعد ۾ وري انگريزي زبان ۾
تحرير ٿيا، جن ۾ پنهنجي سمجهه موجب تاريخ لکي
ويئي. ائين به آهي ته ماحول جي تبديل ٿيڻ سان يا
وري معروضي صورتحال جي مناسبت سان به ڪي ڪتاب لکيا
ويا. مصنف يا ته سرڪاري ملازم هئا، يا وري موقعي
پرستن جا مداح هئا.
يورپ لاءِ ته اوڻيهين صديءَ جي وچ تائين ’سنڌ‘ هڪ
معمو بنيل ملڪ هو. هن حقيقت کي ڇڏي ڪري، اهو سوچيو
ٿي ويو ته فارسي ڪتابن جا اقتباس يا ترجما ڪي نيون
حقيقتون ۽ سچايون ظاهر ڪندا، پر هاڻي اهڙي سموري
ڪوشش مايوس ڪندڙ ڏسجي ٿي.
ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمان مؤرخن، بنواميه، بنوعباس، دهلي
سلطنت ۽ مغل دَور کي ’اسلامي دَور‘ سڏيو آهي، جڏهن
ته جدا جدا رياستن ۾ مسلمان حاڪمن کي نظر انداز
ڪندي، کين غير ضروري، گهٽ اهميت رکندڙ يا نالائق
حڪمران سمجهيو ويو آهي. دهلي سلطنت يا پوءِ مغل
شهنشاهت، مسلمانن کي فقط ٽيڪس (ڏن) ڏيڻ جي صورت ۾
برداشت ڪيو ٿي. اُنهن مقامي ماڻهن کي اڻ برابريءَ
جي حوالي سان کين ٻئي درجي جو شهري قرار ڏنو ٿي.
اسان جي سنڌ جي ڪجهه مؤرخن به ساڳي ريت جاري رکي.
سنڌ ۾ اُميه ۽ عباسي حاڪمن جي خلاف 142 سال
(712-854ع) بغاوت جاري رهي. اُن کان سواءِ
ارغونن، ترخانن ۽ مغل حاڪمن (1520-1737ع) جي
خلاف سنڌ ۾ ٻن صدين کان به وڌيڪ عرصو مزاحمت ۽
خانه جنگي جاري رهي. اسان جي هڪ وڏي محقق لکيو ته
ذڪر ڪيل مٿين دَورن ۾ ڪابه چوري نه ٿي ۽ نه وري
ڦُر جي ڪا واردات ٿي، انڪري سنڌ اندر امن امان جي
صورتحال بهتر ڏسجي ٿي. بنواميه ۽ بنوعباس جي 142
ساله حڪمرانيءَ دوران سندن 40 گورنر مقرر ٿيا.
اُنهن مان سنڌ ۾ رهندي 21 قتل ٿيا، 13 معطل ٿيا ۽
صرف 6 عدد حاڪم پنهنو عرصو مڪمل ڪري عربستان واپس
پهتا، جن ۾ محمد بن قاسم به شامل هو. سنڌ ۾
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي خلاف ٻه صديون جاري
ويڙهه کي پوري طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،
ڇو ته مقامي مسلمان ويڙهاڪ حڪمرانن جي لاءِ ’ڪافر‘
هئا، جن کي طاقت ۽ تلوار سان نابود ڪرڻ جي ڪوشش
ضروري سمجهي ويئي. مغل صوبي ۾ مقامي خانه جنگين
سبب، 1600ع ۾ گڏ ٿيل ٽيڪس جي ڀيٽ ۾، 1665ع ۾ ويهه
سيڪڙو گهٽ معصول گڏ ڪيو ويو هو.
اسان کي پير حسام الدين راشديءَ جو شڪر گذار ٿيڻ
کپي، جنهن ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ايڊٽ ڪري ڇپرائي،
مغل انتظاميا کي سنڌ ۾ وائکي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪئي
راشدي صاحب جي مثالي تحقيق هڪ اهڙي ڪتاب تي مدار
رکي ٿي. جنهن جو مصنف هڪ مغل حاڪم جو پٽ ۽ ٻئي مغل
گورنر جو ڀاءُ هو! پير صاحب ”مڪلي نامہ“ وانگر
”تحفةالڪرام“ جو فارسي متن به وڏيءَ محنت سان تيار
ڪيو، جنهن ۾ همعصر تاريخن، سوانحي ذخيرن، خطن،
سَندن،مُهرن ۽ شاعرن جي انتخاب ذريعي، تمام گهڻا
وضاحتي حاشيا شامل ڪيائين. پر هيءَ محنت پنجٽيهه
سال گذرڻ کان پوءِ به ترجمو نه ٿي سگهي آهي، جو
عام ٿئي اسان وٽ هڪ ڪتاب ”بيگلارنامہ“ به آهي،
جنهن ۾ ارغون-ترخان دَور جي هڪ جاگيردار جو احوال
وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. پر سچ ته اُن ۾ تاريخي
جاگرافيءَ لاءِ گهڻو مواد موجود آهي. رستا، ڳوٺ،
شهر، ڍنڍون، واهه، قبيلا ۽ طرز زندگي- ان لحاظ کان
”بيگلارنامہ“ هڪ اهم ڪتاب آهي. هي ڪتاب به اڃا
ترجمو نه ٿيو آهي. اها کٽڪندڙ حقيقت آهي ته
سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
طرفان ”سنڌ جي تاريخ“ جي حوالي سان پنهنجي فرض جو
نڀاءُ اڃا باقي آهي.
هاڻي اسين ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ۽ سندس ڪتاب
”ڪلهوڙا دَور حڪومت“ جي باري ۾ گفتگو ڪنداسين سندس
ڪتاب ”رسمن جي سلطنت“ سترهن سال اڳ ڇپيو هو. اُن
بعد ساڳيو ڪتاب واڌارن ۽ سڌارن سان 1996ع ۾ شايع
ٿيو. [هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو تازو 2005ع ۾ وري نڪتو
آهي] هن وقت پاڻ موجوده دَور جي سنڌ جي مؤرخن ۾
پهرينءَ صف ۾ شمار ٿئي ٿو. هي محقق طور هڪ کُليل
ذهن وارو، غير متعصب ۽ مضبوط استدلال رکندڙ عالم
آهي. پاڻ پختن دليلن سان ناياب حقيقتون گڏ ڪري
تاريخ کي جديد طرز تي پيش ڪرڻ جي لائق بنائي ٿو،
انڪري مقامي توڙي غير سنڌي اسڪالر سندس تحقيقي ڪم
جو قدر ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ تاريخ نويسيءَ ۾
واقعات جو تسلسل وڏي ۽ بنيادي اهميت رکي ٿو. صحيح
معنيٰ ۾ هيءَ واٽ به اسان کي پير حسام الدين راشدي
ڏيکاري. سنڌ جي تاريخ نويسي لاءِ هيٺين جزن جو هجڻ
ضروري آهي:
1-واقعاتي لغت.
2-سياست.
3-انتظام، انتطامي يونٽ، پوليس ۽ انصاف.
4-آبپاشي ۽ زرعي پيدائش، سنڌو درياءُ جا رُخ
5-معصول.
6-مقامي توڙي پر ڏيهي واپار.
7-سڪو.
8-تعليم.
9-ٻولي ۽ ادب- مقامي ۽ خارجي همعصر تاريخي
دستاويز.
10-مذهب ۽ مذهبي تحريڪون.
11-آرٽ، فن تعمير ۽ قديم آثار.
12-پر ڏيهي پاليسي
13-سياحن جا بيان
14-تذڪراتي لٽريچر، جو مقامي يا پرڏيهي تاريخ ۾
مدد گار ٿئي.
15- هٿيار ۽ جنگي طور طريقو.
16-سائنس ۽ ٽيڪنالاجي.
17-ماحوليات ۽ اُن جو ذڪر هيٺ دَور تي اثر:
جيتوڻيڪ غلام رسول مهر اڪثر گهٽ ڄاتل ماخذن کي ڪم
۾ آندو، پر هو مٿي ذڪر ڪيل جزن کي پنهنجي لپيٽ ۾
نه آڻي سگهيو، يا وري ڪٿي ڪٿي واقعي جو درست تجزيو
به پيش نه ڪري سگهيو. مهر جي جاکوڙ کان پوءِ اڪثر
تاريخي ماخذ ڇپجي نروار ٿيا، انڪري ’ڪلهوڙا دَور‘
تي هڪ نئين، جامع ۽ جديد انداز فڪر تي ٻڌل ڪتاب جي
گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو اسان سڀني سنڌين جي پاران مبارڪباد جو حقدار
آهي، جنهن هن اهم ۽ ڏکئي ڪم کي خاطر خواهه طريقي
سان سرانجام ڏيندي. مٿي ذڪر ڪيل سترهن جزن ( هڪ
کان سواءِ) کي خوش اسلوبيءَ سان تحقيقي انداز ۾
پيش ڪيو آهي. پر هڪ ’اٿاهه‘ ڪم آهي جنهن کي سچ ته
400صفحن جي ڪتاب ۾ مڪمل طرح سان پيش نه ٿو ڪري
سگهجي. بهرحال شاگردن لاءِ ۽ پڻ محققن لاءِ هڪ
بنيادي راهه هموار ڪئي ويئي آهي. اميد آهي ته
مستقبل ۾ هن ڪتاب مان مدد وٺي موضوع کي اڳتي وڌايو
ويندو.
هت هڪ اهم سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪلهوڙن، ٻين
زميندارن کان زمينون کسي، ويهين صديءَ جي سوشلزم
واري واٽ ورتي هئي؟ منهنجو خيال آهي ته مصنف ڪتاب
جي نئين ڇاپي ۾ اُن تي روشني وجهندو. ڊاڪٽر رياض
الاسلام جو تازو ڇپيل ڪتاب ڏيکاري ٿو ته چوڏهين
صدي عيسويءَ جا صوفي ڪيئن سرڪار کان زمينون ’مدد
معاش‘ طور وٺندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي مريدن کي سرڪار
جي حق ۾ هموار ڪندا هئا. مغل سرڪار جي نظر ۾
ڪلهوڙا ڪي سُٺا زميندار نه هئا، پر هڪ ڳالهه سندن
فائدي ۾ هئي جو غريب هارين کي کارائڻ لاءِ ڪلهوڙن
ڪڏهن به سرڪار کان مدد نه ورتي. اُن بجاءِ ڪلهوڙن
مقامي وڏن زميندارن جي زمينن کي والاريو. اُهي
زميندار مغلن سان وفادار هئا ۽ سرڪار کي محصول
ڏيندا هئا. ڪلهوڙن اهڙن زميندارن کان زمينون هٿ
ڪري پنهنجن مريدن کي مستحڪم ڪيو. جيئن سرڪار سخت
رد عمل ڏيکاريو، تيئن وڌيڪ مقامي ماڻهو ڪلهوڙن جا
همدرد ٿيا ۽ سندن مريد يا. بعد ۾ اهي ئي ماڻهو هئا
جي مغل انتطاميا سان وڙهيا. هيءَ سموري صورتحال
ڪلهوڙن جي صوفي هجڻ واري حقيقت تي روشني وجهي ٿي،
جن دنياوي مفادن لاءِ مريد، دولت ۽ طاقت حاصل ڪئي.
انهيءَ ڳالهه تي ڊاڪٽر لاکي سان مون کي اختلاف
آهي. جيتوڻيڪ اوائلي ڪلهوڙا درويش ضرور هئا، پر
پوءِ به زمين جي حاصلات سندن ترجيح رهي.
باب پهرين ۾ مصنف جاگرافيائي پس منظر، سنڌو درياءُ
۽ سن 1520ع تائين، سنڌ جي تاريخ جو مختصر احاطو
ڪيو آهي. باب ٻئي ۾ 1520ع کان 1737ع تائين سياسي،
سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو هڪ ڀرپور اڀياس ڏنو ويو
آهي. هن دور ۾ سنڌ تي ارغونن، ترخانن ۽ مغل گورنرن
جو راڄ هو. اڪبر، جهانگير، شاهجهان، اورنگزيب ۽
آخري مغل حاڪمن جي دَور ۾ 130 سالن جي عرصي ۾ ٺٽي
تي 60 (سٺ) گورنر مقرر ٿيا آيا. اُنهن مان ڪابه
چڱائي پيدا نه ٿي. جو سنڌ پورو ملڪ گهرو لڙاين ۾
وڪوڙجي ويو. باب ٽيون سنڌ ۾ ڪلهوڙا ”مقامي“ ماڻهو
هئا ۽ اُنهن جو تحقيق موجب ڪلهوڙن جي اُڀار بابت
ڄاڻُ ڏئي ٿو. ليکڪ جي تحقيق موجب ڪلهوڙا ”مقامي“
ماڻهو هئا ۽ اُنهن جو بنوعباس سان ڪو به تعلق نه
هو. مصنف موجب ميان آدم شاهه 1600ع ۾ شهيد ٿيو.
بعد ۾ ميان شاهل محمد اُڀريو، جي دَور ۾ سانگين ۽
ابڙن جي زمينن تي قبضا ٿيا. ان ريت ٽڪراءُ پيدا
ٿيو. نيٺ شاهل محمد 1657ع ۾ هڪ معرڪي ۾ بکر جي
نواب هٿان مارجي ويو. خانبهادر خاندان ”لب تاريخ
سنڌ“ ۾ ائين لکيو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر لاکو به
تسليم ڪري ٿو ته گهاڙواهه جي تعمير ميان شاهل محمد
ڪرائي هئي. هيءَ ڳالهه درست ڪانهي. گهاڙ اصل ۾
سنڌو درياءُ جي اولاهين شاخ هئي، جنهن کي سمن جي
دَور ۾ ابڙا قبيلي هڪ واهه جي شڪل ۾ تبديل ڪيو هو.
ڊاڪٽر لاکي جي هيءَ راءِ درست آهي ته ميان نصير
محمد پهريون ڪلهوڙو حاڪم آهي، جنهن 1681ع ۾ پنهنجي
طاقت جي آڌار تي مقامي حڪومت جو بنياد رکيو هو. هن
جوهي منطق قبول ڪرڻ کپي، ڇو ته اُن دَور ۾ هندستان
موسمي تبديلين سبب سخت ڏڪار جي ورچڙهي ويو هو.
انڪري 1660ع جي ڀيٽ ۾ 1665ع ۾ مغلن کي محصول جي
گهٽ آمدني ٿي هئي. اُن دَور ۾ هندستان جي ڳچ حصن ۾
حڪومت مخالف بغاوتون ٿي رهيون هيون. ميان نصير
محمد جي حڪمت عملي هيءَ هئي ته مغل وفادار قبيلن
جي زمينن تي قبضا ڪجن. ان ريت موجوده لاڙڪاڻي
ضلعي، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن ۾ زمينون هٿ
ڪري، ڪلهوڙا راڄ جو بنياد وڌو ويو، جيئن مصنف
تفصيل ڏنا آهن. اها هڪ واضح حڪمت عملي هئي، ڇو ته
اهي علائقا آسانيءَ سان آباد ٿي پئي سگهيا،
باوجود ان جي ته درياءُ ۾ ڀلي گهٽ پاڻي هجي. سال
1832ع کان 1962ع تائين، سنڌ اندر ٻي ڪنهن به
ايراضيءَ کي اهڙي آساني نه هئي، جڏهن بئريج وڃي
ٺهيا. ان پس منظر ۾ ڊاڪٽر لاکي درست ڄاڻ ڏني آهي
ته: ڪابل، حسن ابدال ۽ پشاور ۾ خٽڪ ۽ يوسف زئي
قبيلن، ڏکڻ هندستان ۾ مرهٽن، اٽڪل روءِ پوري
هندستان ۾ هندن ۽ پنجاب ۾ سکن بغاوتون ڪيو هيون.
اورنگزيب ملتان ۽ ٺٽي جي وائسراءِ جي حيثيت ۾
شهنشاهه شاهجهان کي سنڌ جي خراب حالتن کاب باخبر
رکيو هو. ڊاڪٽر لاکو ٻڌائي ٿو ته اورنگزيب جي حڪم
تي گروتيغ بهادر کي ڦاسي ڏني وئي. ان کان علاوه
شهنشاهه جي مشڪلات جو ذڪر ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي
ته بيجار پور جي شيعه بادشاهت تي ناڪام حملا ڪيا
ويا. شيوا جي پاڻ کي شهنشاهه سڏايو، بعد ۾ سندس پٽ
سمڀوجي به ساڳي ڪار ڪئي. اورنگزيب جو پٽ اڪبر
(ٻيو) باغي ٿي والد جي سامهون ٿيو. دلچسپ ڳالهه
اها آهي ته اورنگزيب جي ڌيءُ زيب النساء پنهنجي
ڀاءُ اڪبر جي هم خيال هئي، انڪري شهنشاهه ڌيءَ کي
سموري زندگي گواليار جي قيد ۾ نظر بند رکڻ جو حڪم
ڏنو. هنن حالتن بادشاهه کي مجبور ڪيو ته قيدي ميان
نصير محمد کي مشروط آزاد ڪري. مصنف جوهي رايو
قبوليت جوڳو آهي ته ميان نصير محمد قيد مان ڀڄي نه
نڪتو هو، پر سندس آزادي ڪجهه شرطن هيٺ ٿي هئي.
مصنف تفصيل ڏنا آهن ته ڪلهوڙا هڪ طرف معامله فهمي
طور وقتي مغلن سان صلح ڪندا هئا، ۽ ٻئي طرف زمينن
۽ طاقت جي واڌاري ۾ مشغول هوندا هئا هي طريقو ميان
نصير محمد کان شروع ٿيو ۽ سندس وفات 1692ع کان
پوءِ به جاري رهيو. پر ميان دين محمد جي دَور ۾
وري دهليءَ سان ٽڪراءُ پيدا ٿيو. پر پوءِ به 1772ع
تائين، يعني ميان غلام شاهه جي زماني تائين، سندن
دائره ڪار ۾ توسيع ٿيندي رهي. ليکڪ ڊاڪٽر رياض
الاسلام جي ڪتاب ”اي ڪئلينڊر آف ڊاڪيومينٽس آن
انڊوپرشن رليشنس“ مان هڪ ناياب خط جو حوالو ڏنو
آهي. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يار محمد ڪلهوڙي ڪهڙن
شرطن هيٺ حڪومت ورتي هئي. اُن مان طاهر ٿئي ٿو ته
صفوين جي ڀيٽ ۾ مغلن جي طاقت ڪمزور هئي، انڪري
ڪلهوڙن کي اڳتي آندو ويو ته اُهي صفوين ۽ سرحدي
علائقن تي نظر رکن. اهي نڍيون، پر اهم ڳالهيون عام
طرح سان سنڌ جي تاريخ ۾ نظر انداز ٿيل آهن، پر هن
ڪتاب ۾ اُنهن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. اهڙي هڪ ٻئي
خط ذريعي پڻ مغلن ۽ نادرشاهه جي ڪلهوڙن لاءِ
اختيار ڪيل پاليسي به سامهون اچي ٿي.
مصنف ڪاميابيءَ سان 1681ع کان 1775ع تائين ڪلهوڙن
جي تختگاهن جو مطالعو پيش ڪيو آهي. خدا آباد کي
ڇڏڻ جو اصل ۾ محرڪ جذبو اهو هو ته سن 1749ع ۾ ڦڪا
ڳوٺ جي آسپاس خدا آباد جي اولهه کان سنڌو نديءَ جي
هڪ شاخ پنهنجو رُخ تبديل ڪيو هو. هاڻ اهو به معلوم
ٿيو آهي ته 1740ع صديءَ جو ’گرم ترين‘ ۽ 1760ع
’سرد ترين‘ سال هئا، انڪري درياءُ جي وهڪرن ۾
تبديلي ايندي ٿي رهي اهو ئي دَور آهي جڏهن سنڌو
درياءُ، هالا- نصرپور وارو رستو ڇڏي موجوده هالا-
ڄام شوري وارو رستو اختيار ڪيو. هي رستو پوءِ
ڪوٽڙيءَ کان ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر تائين ويو ٿي.
اها صورتحال ٿوري يا گهڻي مقدار ۾ ٻن ڏهاڪن تائين
جاري رهي ۽ پوءِ سنڌو درياهه پنهنجو مستقل گس
اختيار ڪري ورتو. اُن دَور ۾ درياءُ، هالا کان ڪڍڻ
۽ لواريءَ طرف به هڪ رستو اختيار ڪري ورتو هو. اُن
پس منظر ۾ نون واهن جي تعمير ۾ ٻارهن کان پندرهن
سال لڳا. اُن کان پوءِ پهريون ڪئنال 1772ع ۽
1775ع جي وچ ۾ ’سرفراز واهه‘ جي نالي ۾ تعمير ٿيو.
درياءُ جي مستقل ٺڪاڻي نه هجڻ سبب ڪلهوڙا پنهنجا
تختگاهه تبديل ڪندا رهيا، جن کي عارضي سرڪاري
مرڪز (Camp
Sites)
چوڻ کپي. اها ڳالهه ڪي قدر تڪراري آهي، پر مصنف
تاريخي اعتبار کان، نهايت مهارت سان اُن کي اُجاگر
ڪيو آهي. ٻئي طرف دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته حيدرآباد
جو پڪو قلعو هڪ سال جي اندر يعني ته 1786ع ۾
تعمير ڪيو ويو هو. مصنف جي اها تحقيق درست آهي ته
حيدرآباد ۽ پڪي قلعي جي تعمير ۾ هڪ سال کان وڌيڪ
عرصو لڳو. ان ريت ميان غلام شاهه کي اها تعميراتي
سوڀ 1769ع ۾ حاصل ٿي.
ڊاڪٽر لاکي پهريون ڀيرو اهو ٻڌايو آهي ته محمد
مرادياب خان جي مسقط مان شادي ٿيل هئي، انڪري جڏهن
پاڻ تخت ڇڏي ڀڄڻ جو ارادو ڪيائين، تڏهن پناهه
لاءِ مسقط جو انتخاب ڪيائين. ميان نور محمد کان
پوءِ سندس پٽن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ جاگيردارن جو اُن
دَور ۾ ادا ڪيل ڪردار به مصنف جي ڳوڙهي کوجنا ۾
شامل ڏسجي ٿو. درياءُ جي وهڪرن ۾ تبديليءَ سبب
لاڙ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويئي، انڪري
جاگيردارن اُنهيءَ ڪلهوڙي شهزادي جو طرف ٿي ورتو،
جيڪو کين ڪجهه فائدو ڏئي ٿي سگهيو. جاگيردارن جو
تقسيم ٿيل ڪردار مفصل، بحث هيٺ آندو ويو آهي. ان
ريت 1754کان 1759ع تائين جي سماجي، سياسي ۽ معاشي
حالتن جو مڪمل احاطو ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر جيمس برنس جي هڪ رپورٽ جي آڌار تي مصنف اوڀر
پُراڻ تي ميان غلام شاهه پاران بَند ڏيارڻ ۽ ان
ريت ڪڇ ۾ لکپت لاءِ زرعي پاڻي منقطع ڪرڻ واري
ڳالهه کي به بحث هيٺ آندو آهي. اهو بيان درست ته
آهي پر اُن جو پس منظر اُهو ڪونهي جيڪو برنس ٻڌائي
ٿو. حقيقت ۾ ناري يا هاڪڙي ۽ پڻ پراڻ ۾ دريائي
اُٿل پٿل سبب پاڻيءَ جي کوٽ سبب ميان غلام شاهه کي
مجبوراً ائين ڪرڻو پيو ته جيئن سنڌ جي زمينن لاءِ
پاڻي دستياب ٿي سگهي، انڪري سنڌ جي دُورانديش حاڪم
جي اُن عمل کي انتقام سڏڻ درست نه ٿو لڳي. هر
مصنف وانگر لاکو صاحب به ان ڳالهه ۾ ڀروسو رکي ٿو
ته نيرون ڪوٽ جي پراڻي ماڳ تي حيدرآباد جو شهر
تعمير ڪيو ويو هو، پر برٽش دور ۾ جديد حيدرآباد
جي اڏاوت وقت ٿيل کوٽاين مان ڪابه قديم شيءِ ڪانه
لڌي آهي، جا هن بيان جي تصديق ڪري. انڪري هن باري
۾ وڌيڪ تحقيق ٿيڻ کپي.
مصنف ڪلهوڙن جي زوال تي مفصل روشني وجهندي، سنڌ
جي سرحدن، انتظامي سرشتي ۽ سياسي جوڙجڪ بابت به
مفصل مطالعو پيش ڪيو آهي. دلچسپ پهلو اهو آهي ته
1657ع کان 1750ع تائين، ڪلهوڙن جي جدوجهد ۽
اُڀارجا مرڪز دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾، درياءُ جي
اولهه ۾ وچ سنڌ ۾ ڏسجن ٿا، جن کي ليکڪ ڪلهوڙن جا
تختگاهه ڄاڻائي ٿو. مصنف سٺ انتظامي يونٽ بيان ڪري
تقريباً اهي ئي ساڳيا يونٽ پوءِ برٽش دور ۾ تعلقن
جي روپ ۾ نروار ٿيا. ان ريت وسهڻ کپي ته ڪلهوڙن جي
انتظامي جوڙجڪ کي پوءِ انگريزن به 1843ع ۾ تقريباً
جيئن جو تيئن قبول ڪيو ۽ پنهنجي سهوليت لاءِ ٿوري
تبديلي آندائون. جيتوڻيڪ مغلن واري مجموعي انتظامي
سرشتي کي ڪلهوڙن به قائم رکيو، پر ارڙهين صديءَ
جي مقامي تقاضائن آهر اُن ۾ اڪثر تبديليون ۽
سڌارا آندائون، دلچسپ حقيقت اها آهي ته محصولن ۽
خزاني جو سمورو بندوبست هندن جي هٿن ۾ هو، جا هڪ
هٽيءَ پوءِ به گهڻو وقت جاري رهي. مصنف لکي ٿو ته
ميان آدم شاهه کان وٺي هندن کي اهميت حاصل هئي. ان
ڳالهه کي البت گهٽ سمجهيو ويو آهي ته مدرسن جي
نصاب ۾، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ هندن جي پاٺشالائن
۾ برهمڻ (مذهبي اڳواڻن)، کترين (فوج)، ويشن
(واپاري طبقن) ۽ شودرن (ڪارڪن) لاءِ جداگانه نصاب
پڻ پڙهايو ٿي ويو. مصنف ارڙهين صديءَ جي محصول جي
طريقهء ڪار تي به عمدي طريقي سان روشني وڌي آهي.
ان کان علاوه سنڌ جي حاڪمن جي قلات، بهاولپور،
ملتان، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ڊچن سان لاڳاپن جو پڻ
ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي. باب ڇهين ۾ مکيه اميرن،
عملدارن ۽ فوجي سربراهن جي زندگيءَ جو مطالعو پيش
ڪندي هندو ڪامورن ۽ بالادست طاقتن جي ايجنٽن ۽
سفيرن بابت گفتگو ڪئي وئي آهي. ان ريت اندازو ڪري
سگهجي ٿو ته ڪهڙيون طاقتون اڻسڌيءَ طرح ڪلهوڙن سان
گڏ سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رهيون هيون.
ورندڙ باب ۾ سنڌ جي اقتصادي حالتن جو جائزو ورتو
ويو آهي. بنيادي ڪارخانا جهڙوڪر: زراعت، جانورن جي
پرورش ۽ مڇي پالڻ، ان دَور جي اقتصاديات ۾ وڏي
اهميت رکندا هئا. ننڍيون صنعتون: ڪپڙي جي اُڻت،
ڪپهه جو سامان، نير، شورو وغيره به اقتصادي
سرگرمين ۾ اهميت رکندڙ هيون. زراعت لاءِ آبپاشيءَ
جو خوب بندوبست ڪيو ويو هو. ڪلهوڙن جي فراخدلانه
زرعي پاليسيءَ سبب سنڌ ۾ جاگيردار طبقو پيدا ٿيو،
جن اڳتي هلي زور وٺڻ سان پنهنجن محسنن سان اختلاف
ڪيو، جن کين زمينون ڏنيون هيون. ائين تاريخ ۾ هر
هنڌ ٿيندو آيو آهي، ان کي رڳو سنڌ تي لاڳو نه ڪرڻ
کپي. مصنف فصلن ۽ باغن ۾ پيدا ٿيندڙ ميون جو ذڪر
ڪيو آهي ۽اُن سان گڏ صنعتي مرڪزن جي فهرست پڻ ڏني
آهي. در آمدي ۽ بر آمدي شين سان گڏ واپاري رستن،
بندرگاهن ۽ ميداني گذرگاهن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ اهو به ڄاڻو ويو آهي ته شڪارپور، بکر، ٺٽي ۽
حيدرآباد ۾ سڪن ٺاهڻ جا مرڪز موجود هئا. مصنف اُن
دَور جي ذاتين ۽ قبيلن جو پڻ جائزو پيش ڪيو آهي،
جن ۾ بلوچ به هئا ته سنڌي به هئا. ان کان سواءِ
هندن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌي قبيلا، باوجود
مقامي هجڻ جي، ڪلهوڙن کان خاص رعايتن وٺڻ ۾ ناڪام
ٿيا. ڪلهوڙن جي دَور ۾ سنڌي قبيلن کان دادو ۽
لاڙڪاڻي ضلعن ۾ زمينون کسيون ويون. بعد ۾ حاڪمن
اُهي پنهنجن مريدن کي ڏنيون، جن جو تعلق ديري غازي
خان، ديري اسماعيل خان، سبي، ڪڇي ۽ ڏکڻ پنجاب سان
هو، انڪري سنڌي قبلين حاڪمن سان مهاڏو اٽڪايو، جي
اصل ۾ مغلن کي ڍل ۽ ٽيڪس ڏيندڙ هئا. ڊاڪٽر لاکي
درست طور تي نشاندهي ڪئي آهي ته اُهي بلوچي ۽
سرائڪي ۽ ڪجهه ٻين گروپن سان تعلق رکندڙ نسل هئا.
حقيقت ۾ ڪجهه سرائڪي ڳالهائيدڙ نسلي طرح سان جاٽ
طبقي جا ماڻهو هئا. اها ڳالهه درست آهي، ڇو ته
ٻاهران ايندڙ نه ته سڀ بلوچ هئا ۽ نه وري بلوچي
ڳالهائيندڙ هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سبي، ڪڇي
۽ قلات جا ماڻهو، ديري غازي خان واري کي بلوچ
تسليم نه ڪندا هئا (تازو اڪبر بگٽي پڻ هڪ انٽرويو
۾ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي).
ٻولي، ادب ۽ تعليمي سرشتي سان گڏ اُن دَور جي نصاب
تي به لکيو ويو آهي. مصنف لکي ٿو ته عربي ۽
فارسيءَ سان گڏ ”سنڌي ٻولي“ به پڙهائي ويندي هئي.
ان ريت اها راءِ غلط ثابت ٿئي ٿي ته سنڌي زبان کي
مڪتبن ۾ انگريزن آندو هو. ليڪن اها به هڪ حقيقت
آهي ته 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر ۽ سندس
ساٿين سنڌي زبان جي رسم الخط کي ”معياري“ بنائڻ ۾
دلچسپي ورتي هئي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ڄاڻندڙ
اُستادن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪي نيون
حقيقتون به سامهون آيون آهن. اُن سان گڏ ڪجهه
عربي، فارسي ۽ سنڌي مصنفن ۽ اُنهن جي تصنيفن کان
علاوه جائزي هيٺ دَور جي ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن جو
مختصر مگر جامع اڀياس پڻ مهيا ڪيو ويو آهي.
آخري باب ۾ ڪلهوڙن جي تعميرات جو مختصر مطالعو
پيش ڪيو ويو آهي. ڪي سال اڳ مون به اهڙا يادگار
ڏٺا هئا ۽ ميداني مطالعن (فيلڊ اسٽڊي) جي آڌار تي
729 واهن جي فهرست مرتب ڪئي هئي، جي ڪلهوڙن جي
دَور ۾ وجود ۾ آيا هئا. ڪجهه واهه ٽالپرن جي زماني
۾ به کوٽايا ويا هئا. اهڙا اڪثر واهه بعد ۾ برٽش
دَور جي نئين آبپاشي سرشتي ۾ شامل ڪري اُنهن کي
نئون وجود ڏنو ويو. ميداني مطالعا وڌيڪ تحقيق لاءِ
راهون هموار ڪري سگهن ٿا.
منهنجي راءِ آهي ته هيءُ ڪتاب ياٿيسز اصل ۾ ”پيار
جو پورهيو“ (Labour of Love)
آهي ۽ بهترين تحقيق جو هڪ جرڪندڙ نمونو آهي.
منهنجي خيال ۾ ته اولهه جي ملڪن ۾ پنجن سالن اندر،
هن موضوع تي جداگانه تحقيق ٿيندي ۽ هر باب تي الڳ
ڪتاب تيار ڪيو ويندو. ارمان آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾
متوازن ۽ مدلل ۽ محنتي ماڻهن جي کوٽ آهي، جن وٽ
ڪتاب، ذريعا، جذبات ۽ جديد ذهن هجن. منهنجي تجويز
آهي ته وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ فيلڊ ورڪ به ٿيڻ کپي ته
جيئن نسل درنسل منتقل ٿيندڙ ڄاڻ گڏ ڪري سگهجي ۽
ضايع ٿيڻ کان بچي سگهي. ڪتاب جي آخر ۾ 176(اردو،
سنڌي، فارسي ۽انگريزي) ڪتابن جي فهرست ڏني وئي
آهي، جن مان ڪجهه ته پهريون ڀيرو ڪلهوڙن جي حاڪمن
جي شجري کي به وڌيڪ درست ۽ مڪمل ڪري پيش ڪيو ويو
آهي. آخر ۾ لاڳاپيل دور بابت ٻٽيهه عدد تصويرون ۽
نقشا به ڏنا ويا آهن، جنهن سبب ڪتاب جي اهميت ۾
واڌارو ٿيو آهي.
شاعري
رابيندر ناٿ ٽئگور جنهن 1923 ۾ سنڌ ياترا وقت
لاکيڻي لطيف لاءِ اهو تاريخي جملو چيو هو ته:
”لطيف سنڌ آهي-سنڌ لطيف آهي.“ تنهن ٽئگور کي
انگريزيءَ ۾ معتارف ڪرائيندڙ
W.B. Yeats
آهي جيڪو خود به انگريزي ٻوليءَ جو اهم شاعر آهي.
گيتانجليءَ (Gitanjali)
جي مهاڳ ۾
Yeats
لکي ٿو:
”ڪجهه ڏينهن اڳي، هڪڙي بنگالي ڊاڪٽر کي چيو ته:
”مون کي جرمن نٿي اچي، تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن
جرمن شاعر جو ترجمو مون تائين پهچي ۽ اها شاعري
مون کي موهي وجهي ته جيڪر آءٌ برٽش ميوزم ڏانهن
لوهه پايان ۽ اهڙا انگريزي ڪتاب وڃي ڳوليان
ڦوليان، جيڪي مون کي هن شاعر جي زندگيءَ ۽ فڪر
بابت ٻڌائي سگهن. پر رابيندر ناٿ ٽئگور جي شاعريءَ
جي نثري ترجمن مون کي ائين جهنجهوڙي جاڳايو، جو
روح به پاسو اٿلايو!“ ٽئگور جي شاعريءَ تي منهنجو
ائين موهت ٿيڻ هن کي فطري لڳو هو ۽ چيو هئائين
ته: آءٌ ٽئگور کي روزانو پڙهان ٿو. هن جي هڪ هڪ
سـِٽ پڙهڻ سان دنيا جا سمورا جهنجهٽ وسريو وڃنم.“
ٽئگور جي شاعريءَ کي بنگاليءَ ۾ هڪ نئين
renaissance سان تعبير ڏيندي، ”گيتانجليءَ جي مهاڳ ۾
ڊبليو-بي- ييٽس لکي ٿو: ”هو سنگيت ۾ به ايڏو عظيم
آهي، جيڏو شاعريءَ ۾، هن جا گيت اولهه هندستان کان
وٺي برما تائين، جتي به بينگالي ڳالهائي وڃي ٿي
ڳاتا وڃن ٿا.“
شاهه لطيف کي ڪو به ڊبليو-بي-ييٽس (W.
B. Yeats)
جهڙو شاعر نه مليو (جيتوڻيڪ لطيف سائينءَ کي ڊاڪٽر
بلوچ ايڇ. ٽي. سورلي جهڙو محقق مليو). جيڪو هن کي
گلوبل ليول تي متعارف ڪرائي ها.
-ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
سرويچ سجاولي
آجاين کي اوڏا اوڏا
ڪيڏا ٿي ويا آهيون ساٿي، آجاين کي اوڏا اوڏا،
هاڙهه هاڙهه هٽڪايون پيا، ڇپر ٿئي پيو ڇوڏا ڇوڏا.
منصورن ۽ مهميرن ڇا، مهميزن کي مُنهن ڏنا،
نيشن مڙسن نڪ وڍين، جي نڙگهوٽن تي نُنهن ڏنا،
روهه لتاڙي ڄاڻ پُڳا ڙي، لڪن جا سهي لوڏا لوڏا.
جان نثارن جوڌن پُٽن، جيجل ڪارڻ جنگيون جوٽيون،
کيٽن وارن کاهوڙين اڄ کوٽن جي لئه کاهيون کوٽيون،
ڌڱن جي ڌُونڌاڙ وڌا هي، ڌارين ۾ ڏس ڌوڏا ڌوڏا.
ڪهندا رهندا ڪونه گسندا ، وڙهندا وڙهندا وڌندا
ايندا،
پنهنجي ٻَل ۽ ٻڌي سان سي، ٻاهرين کي پيا ٻَڌندا
ايندا،
موٽڻ کي ٿا مـِهڻو ڄاڻن، مڙس مٿيرا موڏا موڏا.
ڀاڳيا پنهنجي ڀُون ۽ ڀيڻي، بزدل ٿي ڪئن ڀيلائيندا،
هي جي هيڏا ڀڙڳ ڏسين ٿو، تن کان ٻيڻا ڀڙڪائيندا،
تنگيا تن جا بيٺا آهن، هو ڏس تازي توڏا توڏا.
سوڍن ۽ سرويچن واري، سنڌ سهاڳن راڻي رهندي،
ويڙهاڪن ۽ وريامن جي ڌرتي راڄ ڌڃاڻي رهندي،
جونجهارن سان جهيڙاندي ۾، غيرن کُپندا گوڏا گوڏا.
عنايت بلوچ جا غزل
•
پيار کي پرکڻ ته ڏي،
ڪجهه رُسڻ پرچڻ ته ڏي.
پنهنجي ساهن ويجهڙو،
ڪي گهڙيون گهارڻ ته ڏي.
جي ڦُري وئين ٽهڪڙا،
ٿورڙو مُرڪڻ ته ڏي.
چنڊَ چهري جا سڀئي،
جائزا جاچڻ ته ڏي.
ايتريون اڳرائـِيون ،
سانوري سوچڻ ته ڏي.
جي اکرَ اُڪلن نه ٿا،
هورڙيان هٻڪڻ ته ڏي.
حُسن جي هٻڪار ۾،
عشق کي اُسرڻ ته ڏي.
تو ۾ غائب ٿي ويس،
پاڻ کي ڳولڻ ته ڏي.
جا عنايت ڪئي اٿئي،
تنهن کي ڪجهه ترسڻ ته ڏي.
•
ڪوئي پُرجهي ئي نٿو،
ڪوئي سوچي ئي نٿو.
جيڪو ڳولي سولهي، پر ڪو لوچي ئي نٿو.
سُور سانڍيل ڪي سليان، پر هو ترسي ئي نٿو.
جو وڻي جنهن کي ڪري، ڪوئي ٽوڪي ئي نٿو.
ڏاڍَ ۽ ڏهڪاءَ کي، ڪو به روڪي ئي نٿو.
سورهيو محروم جو، پيارُ پوکي ئي نٿو.
حُسن، جوڀن، دلبري، يار خرچي ئي نٿو.
اُت ’عنايت‘ ڇا ڪري، جت ڪو سوچي ئي نٿو.
شبير هاتف
غزل ۽ قطعا
اهو به ڪهڙو جيڻ آهه چاهتن کان سواءِ،
ڀلي ملن نه خوارين خجالتن کان سواءِ.
اسين اُئين ئي چڱا اهڙي چاهتن کان سواءِ،
ملن نه جيڪي خوارين خجالتن کان سواءِ.
نٽهڻ اُس ۾ بنان ڇت جي گهر جا رهواسي،
اَسان جو حال هو اهڙو محبتن کان سواءِ.
محبتون يا اَجهو يا لٽو يا مانيءَ ڀور،
جهان ۾ آهه ڪو ماڻهو ضرورتن کان سواءِ.
ضرورتاً ته پنجئي وقت آهيون سر بسجود،
ڪڏهن ته سر کي جهڪايون ضرورتن کان سواءِ.
نمازِ عشق مڪمل نه ٿي، نه ٿي سگهندي،
صنم جي مصحفِ رخ جي تـِلاوتن کان سواءِ.
اسان جو عرض وفا هو ڪيو اشارن ۾،
خدا ڪري ته قبولي وضاحتن کان سواءِ.
نه پنهنجو واڪ لڳو ۽ نه ڪنهن به واڪ ڏنو،
وڪياسون عشق جي بازر ۾ قيمتن کان سواءِ.
اُهي ئي ٿي ويا سـِر ساهه جا ڌڻي سائين،
جي دل جي گهر ۾ گهڙي پيا اجازتن کان سواءِ.
بهار آئي، وئي، پر ٽـِڙيو نه دل جو گل،
سندئي گلاب بدن جي تمازتن کان سواءِ.
پٿر ته کائبا ليلائي حق جي ڳولا ۾،
ڀلا ٿئي ٿو ڪو مجنون ملازمتن کان سواءِ.
سفر سَڻائو ٿئي ڪئن؟ جي ساٿ جا سرواڻ،
بصارتن کان سوا ۽ بصيرتن کان سواءِ.
ٻڌم ته رات هلي ڳالهه منهنجي يارن وٽ،
شڪايتون ته ٿيون پر حقيقتن کان سواءِ.
وري وري ٿو اميدون ڪري وفائن جون،
رهي نه ٿو سگهي ’هاتف‘ حماقتن کان سواءِ.
(1)
اچڻ تي آءٌ، ويندي ويهه چون ٿا،
کلي کيڪار آڌر ڀاءُ ڪن ٿا؛
ڀلارن جي ڀلائي آهه، ورنه،
ٽڪي ۾ ٽيهه مون جهڙا ملن ٿا.
(2)
جيڪي تو ٻول ۽ وچن، جيڪي تو ڳالهيون ڪيون،
مون کي وسارڻيون هيون، ياد پر اينديون رهيون؛
تنهنجي اچڻ جو آسرو مون کي ڪڏهن به ڪو نه هو،
پوءِ به الائي ڇو اکيون راهه تڪينديون رهيون. |