(ياد گيريون)
برنارڊشا سان ٽيهه سال
بلانچي پيچ/يوسف سنڌي
[شيڪسپيئر کان پوءِ انگريزي ناٽڪ ۽ ادب ۾ ڪو شخص
جيڪڏهن لڳاتار سٺو سالن تائين ڌاڪو ڄمائيندو رهيو
ته اُهو برنارڊشا هو. بين الاقوامي شهرت جي هن
اديب، فيلسوف ۽ ناٽڪ ڪار جي زندگيءَ تي هونئن ته
هيستائين اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، پر اُنهن
مان سڀ کان وڌيڪ مستند ۽ دلچسپ ڪتاب بلانچي پيچ
لکيو. کيس اهو اعزاز آهي ته هوءَ ٽيهن ورهين تائين
برنارڊشا جي سيڪريٽري رهي. ان حيثيت ۾ بلانچي پيچ
جيڪو ڪجهه هن عظيم شخصيت ۾ ڏٺو، سو ڪنهن وڌاءُ کان
سواءِ لکيو اٿس. بلانچي پيچ جي ان شاهڪار ڪتاب"Thirty Years with Bernard Shaw"
جو اختصار پيش ڪجي ٿو.-ي. س]
گرمين جي مند جي هڪ ڏهاڙي مون کي برنارڊشا جو خط
مليو، جنهن ۾ هن مون کي پنهنجي سيڪريٽريءَ جي
حيثيت سان ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. ائين اتفاقي
گڏجاڻيءَ اسان کي وڏي عرصي تائين گڏي ڇڏيو.
آءٌ اڄ به فليٽ اسٽريٽ مان سينٽ پال ڏانهن ڏسندي
اهو محسوس ڪندي آهيان ته من منهنجي زندگيءَ جا
قيمتي ٽيهه ورهيه جارج برنارڊشا جي قربت ۾ گذريا
آهن؛ بيشڪ منهنجي زندگيءَ جا اِهي ٽيهه سال نهايت
مُلهائتا آهن. ٽاور برج جو نقشو جوڙيندڙ ۽ سٽرينڊ
جي علائقي کان ٽيمپل پار کي هٽائڻ جو ذميوار
منهنجو چاچو ۽ ”گاڊفادر“ هو. هن جو نالو سر هوريس
جانز هو.
منهنجو اُهو چاچو مرڻ کان اڳ منهنجي لاءِ هڪ
سَوپائونڊ ڇڏي ويو هو، جن جي مدد سان مون”ڊسپينسر“
جي سکيا ورتي ۽ سکيا کان پوءِ ڊاڪٽر ڊينهام وٽ
پهتيس. اُهو ڊاڪٽر ريڊنرشائر جي ڀر واري ڳوٺ
پريسٽئن ۾ پرئڪٽس ڪندو هو. اُن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر وٽ ئي
منهنجي ملاقات وينڊر گهراڻي ۽ جارج برنارڊ شا سان
ٿي.
ڊاڪٽر ڊينهام جي مريضن ۾ مولي هالٽ ۽ سندس ڀيڻ مسز
رسل به هئي. هوءَ منهنجي همعصر هئي ۽ جلد ئي اسين
گهريون ساهيڙيون ٿي ويونسين. هن جي امڙ مشهور ”ستن
پوٽر ڀيڻن“ مان هڪ هئي. ”پوٽر ڀينر“ لورپول جي هڪ
واپاري رچرڊپوٽر جون ڌيئرون هيون. ممڪن هو ته اها
بيٽرائس پوٽر، مسز جوزف چيمبرلين بڻجي وڃي ها، پر
هن عقلمنديءَ کان ڪم وٺي سڊني ڊيب سان وهانءُ ڪري
ڇڏيو. مولي هالٽ ۽ سندس ڀيڻ مون کي پنهنجن پڦين ۽
چاچي جي باري ۾ ٻڌايو هو ۽ پوءِ ڳوٺ ۾ واپسيءَ تي
وينز وٽ هن سان ملاقي ٿيس. ڳوٺ ۾ رهڻ دوران اڪثر
جارج برنارڊشا ساڻس ملڻ ايندو رهندو هو. 1917ع جي
گرمين واري مند جو ڪو ڏينهن هو، جڏن جارج برنارڊشا
سان هڪ گارڊن پارٽيءَ ۾ مليس.
جارج برنارڊشا سان منهنجي ڪچهري ڊائننگ هال ۾
چانهه پيئڻ دوران ٿي. جيتوڻيڪ هو چانهه پيئڻ جو
عادي نه هو. سندس ڳالهائڻ جو دوستاڻو انداز منهنجي
لاءِ بلڪل نئون ۽ حيران ڪندڙ هو. اوهان ان ڳالهه
تي اعتبار ڪندؤالائجي نه، ته اُن وقت تائين مون کي
جارج برنارڊشا جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي ۽
اُنهن ڏينهن ۾ مون سندس فقط ”فينيز فرسٽ پلي“
نالي لکيل هڪ ڊرامو ڏٺو هو. گارڊن پارٽيءَ کان
پوءِ مان وينز ۽ جارج برنارڊشا سان گڏ ڳوٺ ۾ موٽي
آيس، تنهن کان پوءِ ٽن سالن تائين منهنجي جارج
برنارڊشا سان ملاقات ٿي نه سگهي. ٽن ورهين کان
پوءِ مان جڏهن لنڊن ۾ شا سان مليس ته اسان جي وچ ۾
جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي تنهن جو هڪ لفظ به ياد نه
اٿم. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ڪجهه هفتا اڳ
1918ع ۾ مان لنڊن واپس وڃي چڪي هيس. مختلف هنڌن تي
عارضي ”ڊسپينسر“ طور ڪم ڪرڻ کان پوءِ مون محسوس
ڪيو ته اُهو ڌنڌو منهنجي وس جو ڪونهي، تنهنڪري
لنڊن پهچي ”ويمنز ڪلب“ ۾ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهڻ
لڳس. منهنجي ڀيڻ وڪٽوريا اسٽريٽ جي هڪ آفيس ۾
سيڪريٽريءَ جي سکيا وٺي رهي هئي. اُتي ئي مون
ٽائيپ ڪرڻ سکيو، پر شارٽ هئنڊ ۾ منهنجي رفتار ڪا
گهڻي نه هئي. ان کان بهتر اهو آهي ته مان ائين
چوان ته شارٽ هئنڊ ۾ منهنجي رفتار هئي ئي ڪانه!
ماهرن جي راءِ آهي ته مان شارٽ هئنڊ لکڻ وقت گهربل
لفظن جي استعمال کان بنهه اڻواقف آهيان ۽ اهو
منهنجو سڀاڳ آهي ته مون کي شارٽ هئنڊ جي رفتار
وڌائڻ جي ضرورت به نه پيئي، ڇاڪاڻ جو جارج
برنارڊشا شارٽ هئنڊ ۾ لکرائڻ جو قائل ئي نه هو.
سندس سيڪريٽري بيمار ٿي پيئي ته مسزويب مون کي
گهرايو. اُتي پتو پيم ته شا اچڻ وارو آهي. پوءِ
مسز ويب مون کي ٻڌايو ته تون شا سان ملي گهڻي
سَرهي ٿيندينءَ. اُن کان اڳ هوءَ ته چئي چڪي هئي
ته مان پارليامينٽ جي ميمبرن ۾ پمفليٽ ورهائڻ جي
سلسلي ۾ سندس هٿ ونڊايان ۽ اُن سلسلي ۾ هوءَ مون
کي هر اڌ ڪلاڪ جو اڌ ڪرائون اُجورو ڏيندي.
منهنجو اندازو آهي ته مسزويب اهو ان لاءِ ڪيو ته
جيئن هوءَ جارج برنارڊشا کي ائين چئي سگهي ته مون
هن جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. ”گروسونر“ روڊ تي مون کي
مدعو ڪرڻ جي باري ۾ پوءِ پتو پيو ته مسز جارج
برنارڊشا به مون کي هڪ نظر ڏسي وٺي، ڇو ته هوءَ به
اُت موجود هئي ۽ پوءِ جنهن نموني اُنهن ٻنهي زال
مڙس دعوت تي مهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو، سو آءٌ سڄي ڄمار
وساري نه سگهيس.
برنارڊشا منهنجو امتحان نه ورتو. هن ڪُلي طور تي
مسز ويب جي فيصلي تي ڀروسو ڪيو. شايد هو ان ڳالهه
تي حيران ٿيو، جڏهن مون کيس چيو ته مان سيڪريٽريءَ
جي حيثيت سان بالڪل نااهل آهيان ۽ ان ڪم جو مون کي
ڪو به تجربو ڪونهي. هفتي کان پوءِ مون کي شا جو هڪ
خط مليو، جيڪو هيٺينءَ ريت آهي:
10، ايڊلفي ٽيرس، ڊبليو سي-2[8 جون 1920ع]
پياري مس پيچ!
اُهو جيڪو تو اهليت جي باري ۾ لکيو آهي، ڇا اُن کي
مان تنهنجو آخري فيصلو سمجهان؟ جيتوڻيڪ مان اُن کي
ڪابه اهميت نه ڏيندو آهيان. توکان به گهٽ قابليت
وارا ماڻهو مون سان تسليءَ سان ڪم ڪن ٿا. جيڪڏهن
تون اِنهيءَ ڳالهه کي اسان جي وچ ۾ حائل سمجهين ٿي
ته ان جي پرواهه نه ڪر ۽ هلي اچ. مون کي پڪ آهي ته
تون ٻين مامرن ۾ ٺيڪ رهندينءَ. منهنجي عمر چوهٺ
سال ۽ منهنجي زال جي ٽيهٺ سال آهي. ظاهر آهي ته
توکي هڪ جهوني جوڙي سان واسطو پوندو. ٻيو اِهو ته
تون ڏندن جي هڪ ماهر بڻجي ته نه سگهينءَ، منهنجي
خيال ۾ ان ڌنڌي ۾ رکيو به ڇا آهي؟ باقي رهيو شارٽ
هئنڊ جو چڪر ته اُن جي ٿوري گهڻي خبر توکي ضرور
هئڻ گهرجي ۽…باقي جيستائين منهنجي شارٽ هئنڊ لکڻ
جو تعلق آهي ته اُن کي تون سولائيءَ سان سمجهي
ويندينءَ. منهنجي زال تي تو تمام سٺو اثر وڌو آهي
۽ هن جو چوڻ آهي ته مان تنهنجي ڪنهن به نااهليت کي
آڏو نه رکان. مان اِن ڳالهه جي به اُميد ٿو ڪريان
ته تنهنجي اِها نوڪري پڪي هجي. مان اهو به پسند نه
ٿو ڪريان ته توکي ڪنهن مرد کان کسيو وڃي. ياد رکج
ته مان تنهنجي پاران ”نه“ جو لفظ به ٻڌڻ پسند نه
ڪندس، تنهنڪري بهتر اهو آهي ته تون ”ها“ جو لفظ
لکي مون کي موڪل. ڏس، ائين نه ٿئي جو مون کي اهو
اعلان ڪرڻو پوي ته مون وٽ سيڪريٽريءَ جي جاءِ
بدستور خالي آهي!
اڪير مان
جارج برنارڊشا
اُن خط ملڻ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ فقط هڪ ڳالهه
هئي ته جيڪڏهن اڃا به ڪنهن ڳالهه تي برنارڊشا
منهنجي ڪم مان مطمئن نه ٿيو اُن جي سڄي ذميواري
مٿس هوندي، ڇاڪاڻ جو مان پنهنجين خامين کان کيس
چڱيءَ طرح آگاهه ڪري چڪي آهيان. بهرحال، مون کيس
درخواست ڪئي ته مونکي ڇهن هفتن جي مهلت ڏي ۽ هن
مون کي ڇهن هفتن جي مهلت ڏني، ۽ ائين جولاءِ 1920ع
تي مون وٽس پهچي سيڪريٽريءَ جو عهدو سنڀاليو.
سالن کان پوءِ جڏهن برنارڊشا مون کي لکپڙهه جي ڪم
سنڀالڻ لاءِ چيو ته هن هيٺيون نوٽ لکي مون کي ڏنو:
”سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندي توکي 28 سال ٿي
چڪا آهن ۽ ان سڄي عرصي ۾ مون کي اهڙي ڪا ڳالهه ڏسڻ
۾ نه آئي جنهن کي مون ناپسند يا رد ڪيو هجي.“
جارج برنارڊشا
ايوٽ سينٽ لارنس
7 مارچ 1949ع
اهو نهايت فخر جوڳو اعزاز هو جيڪو مون کي ڏنو ويو.
هڪ ڀيري مون برنارڊشا سان ان ڳالهه جو ذڪر به ڪيو
ته ماڻهو چون ٿا ته مون کي اُهو ڪم ڏنو ويو آهي،
جنهن جي مون ۾ اهليت ڪانهي، نه وري مون وٽ ان ڪم
جي ڪا سَند آهي. منهنجي ڳالهه ٻڌي شا وراڻيو
”جيڪڏهن تو ڪنهن يونيورسٽيءَ مان سَند ورتي هجي ها
ته منهنجي لاءِ بلڪل بيڪار هجين ها.“
گريجوئيٽس جي باري ۾ سندس راءِ هئي ته ”اهڙا ماڻهو
سائنسي ۽ سياسي لحاظ کان صفا ڄٽ هوندا آهن. باقي
جيستائين صحيح تعليم جو تعلق آهي ته پاناما جا
لکين مڪاني ماڻهو تمام گهڻو ڪارائتا آهن.“
يونيورسٽيءَ جي سرٽيفڪيٽن جي باري ۾ شا چوندو هو،
”اِهي سَندون ڪاغذ جي ڪوڙن ۽ نمائشي ٽڪرن کان وڌيڪ
ڪجهه ڪونهن“. هو اڪثر چوندو هو ”توکي آڪسفورڊ مان
تيستائين ڪا به ڊگري نه ملندي، جيستائين تون سائنس
جي دنيا کان هڪ سَو سال ۽ تاريخ کان ست سَو سال
پويان نه هوندينءَ!“
جارج برنارڊشا گهڻي تڻي تعليم پاڻ ئي پرائي هئي.
هو گهڻو وقت برٽش ميوزيم جي ريڊنگ روم ۾ ويٺو
پڙهندو رهندو هو ۽ پنهنجي مضمون جي باري ۾ کيس
جيڪا به ڄاڻ گهربل هوندي هئي، سا حاصل ڪري وٺندو
هو. سندس سوچڻ جو انداز انوکو هوندو هو. جيستائين
ياداشت جو تعلق هئس ته اُها بي مثال هيس، جيتوڻيڪ
هُواسي ورهين کان مٿي چڙهي چڪو هو ۽ اُن عمر ۾ به
جڏهن هو اِهو چوندو هو ته ”مان ڪنهن به شيءِ کي
ڏهن منٽن کان وڌيڪ ياد نه ٿو رکان،“ ته مان ڏاڍي
حيران ٿيندي هيس، جو سندس اُن راءِ جو حقيقت سان
ڪوبه واسطو نه هوندو هو. سندس خيال هو ته جهڙيءَ
طرح هن وڌ کان وڌ اڀياس ڪري پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي
آهي، اِن ريت مون پنهنجو پاڻ کي اِن جي لائق
بڻايو آهي، جو مان جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي، اُن
تي عمل ڪندي پنهنجن گهربل ڪمن ۾ مهارت حاصل ڪئي
آهي. هڪ ڏينهن مون شا کي ٻڌايو ته هڪ ڪلب ۾ اُن
ڳالهه تي بحث ٿي رهيو هو ته ”ديوار“ جي باري ۾ ڇا
۽ ڪيترو لکي سگهجي ٿو. منهنجو رايو هو ته اُن جو
مدار ڪنهن به پورو پورو انصاف ڪندڙ بابت آهي، پر
ڪيمبرج جي هڪ تعليم يافته عورت کي منهنجي اِن
راءِ سان اختلاف هو. اِن تي جارج چيو ”ڪيمبرج جو
تعليم يا فته شخص جيڪو ڪجهه به چوي مون کي اُهو
مڃڻ ۾ ڪو به عار ڪونهي.“
ڊبلن ۾ هڪ ڏينهن مون کي جارج برنارڊشا جو خط مليو،
جنهن ۾ لکيو هو ته ”وڃ ۽ اُن ڪمري جو جائزو وٺ،
جنهن ۾ ويهي اسان کي ايندڙ وقت ۾ ڪم ڪرڻو آهي.“
10ايڊلفي ٽيرس، چارلوٽي پين ٽائون شينڊرز جو هڪ
فليٽ هو، جڏهن 1898ع جي مئي مهيني ۾ جارج برنارڊشا
ساڻس شادي ڪئي هئي. هوءَ شادي کان ٻارهن ورهيه
اُتي رهندي هئي. چارلوٽيءَ جو اُتي رهائش جو مقصد
سڊني ويب کي سندس لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ مدد
ڪرڻ هو. شا ٻين ۽ ٽين ماڙ جا ڪمرا پسند ڪيا ۽ اُتي
رهائش اختيار ڪيائين. رڌڻو ٽين ماڙ تي هو ۽
اُنهيءَ ماڙ تي اسٽڊي روم ۽ بيڊروم به هو.
جارج برنارڊشا اسٽڊي روم طرف منهنجو ڌيان ڇڪايو.
اُن ڪمري مان ٽيمزندي، واٽر گيٽ ۽ هنگر فورڊبرج جو
نظارو چڱي نموني ٿي پئي سگهيو. اُهو هڪ سوڙهو ۽
ڊگهو ڪمرو هو. اُن جي هڪ ڪنڊ ۾ برنارڊشا جي ميز ۽
ٻيءَ ڪنڊ ۾ منهنجي ميز هئي. چوڌاري ڪمري ۾ ڪتاب ئي
ڪتاب هئا ۽ اُنهن ۾ هڪ به ريفرنس بُڪ نه هو. ٻين
ماڙ تي ڊائننگ هال ۽ ڊرائنگ روم هو، اُتي پردو هڻي
هڪ حصو شا جي ڪتابن لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. جتي
موجود ڪتابن ۾ ڊڪشنريون ۽ عجيب غريب قسم جا گهربل
حوالا جاتي ڪاغذ پيل هئا. اُن ڪمري ۾ ڪا به وهنجڻ
جاءِ نه هئي. مسز شا گرم پاڻيءَ جون بالٽيون
پنهنجي ڪمري ۾ کڻي ويندي هئي، جيئن هو غسل ڪري
سگهي. ايڊلفيءَ مان رواني ٿيڻ کان اڳ مون کي
برنارڊشا سان ڪم ڪندي ست سال گذري چڪا هئا.
ايڊلفيءَ مان نڪري اسين وائيٽ هال ڪورٽ جي چوڏهين
فليٽ ۾ وڃي رهياسين. اُها عمارت نئشنل لبرل ڪلب
جي بلڪل ڀرسان هئي. اُن تي بيهي اسين ٽيمز جي ٻنهي
ڪنارن تي من موهيندڙ ساوڪ چڱيءَ طرح ڏسي ٿي
سگهياسين. اُن عمارت ۾ فليٽ گهڻا وڏا هئا. آءٌ هر
روز ايوٽ کان وصول ٿيندڙ جارج برنارنڊشا جا شارٽ
هئنڊ ۾ لکيل مسودا ۽ ٻيا اهم خط ٽائيپ ڪندي هيس.
اُن فليٽ ۾ اڌ ڊزن کان به وڌيڪ فائلنگ الماڙيون
رکيل هيون. تنهن کان سواءِ بيشمار ڪتاب ۽ گڏو گڏ
فرانسيسي، جرمن، اطالوي، انگريزي ۽ هسپانوي زبان
۾ بائيبل جا ترجما به موجود هئا. اُتي ئي شا جا
لکيل سمورا ناٽڪ ۽ اُنهن جا پرڏيهي زبانن ۾ ترجما
۽ ٻه آڪسفورڊ جون وڏيون ڊڪشنريون به رکيل هيون، پر
شا ڪڏهن به اُنهن ڊڪشنرين کي کولي نه ڏٺو! هو اڪثر
چوندو هو ته ”مون کي اُنهن کي ڏسڻ جي ضرورت ئي
ڪانه ٿي پوي، جو مون کي هر لفظ ياد آهي.“
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ شا جيپ تي چڙهي ايوٽ
ويندو هو، جيڪو ”هرٽ فوڊ شائر“ جي علائقي ۾ ويلوين
کان چئن ميلن جي مفاصلي تي هو. هُو هر هفتي جي شام
جو اتي ويندو هو ۽ سندس اتان واپسي هڪ هفتي کان
پوءِ ٿيندي هئي. گذريل چاليهن سالن کان سندس اُهو
معمول هو. لنڊن ۽ اُن جي ڀرپاسي ۾ جڏهن هُو ۽ سندس
زال گهر جي ڳولا ۾ هئا ته ايونٽ سينٽ لارينس ۾ هڪ
ڏينهن هو ڪنهن عورت جي قبر تي وڃي پهتا. قبر تي هڪ
ڪتبو لڳل هو:
”جين ايورسلي- ڄم: 1815ع وفات: 1897ع“
”ڪتبي مان ظاهر آهي ته مرهيات ڊگهي ڄمار ماڻي“،
جارج برنارڊشا ڪتبو پڙهي چيو، ”اُن جو مطلب آهي ته
منهنجو مقام هي ئي آهي.“
اُن گهڙي شا موت کان تمام گهڻو متاثر هو. اُنهن
ڏينهن ۾ ”ايونٽ سينٽ لارينس“ جي آبادي ڪجهه سَو
ماڻهن تي مشتمل هئي ۽ وسنديءَ ۾ گهر به گهڻا نه
هئا. اُتي جا اڪثر رهاڪو موڪلن ۾ ئي اُتي ايندا
هئا، نه ته چوڌاري خاموشي ڇانيل هوندي هئي. 1939ع
جي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏهن آءٌ اُتي رهيل هئس ته
مون کي ڪجهه اهڙوئي احساس ٿيو هو. اُنهن ڏينهن ۾
منهنجي، هر روز شام جو سير واسطي وسنديءَ مان ٻاهر
نڪري وڃڻ کان سواءِ، ٻي ڪا به وندر ڪا نه هوندي
هئي.
جيستائين برنارڊشا جي مزاج جو تعلق آهي ته کيس
تنهائي تمام گهڻي وڻندي هئي. اُتي رهندي هن جي
ويجهو عام ڏينهن ۽ آچر جي ڏينهن ۾ ڪو به فرق نه هو
۽ اُهي ڳوٺائي هئا، جن سڀ کان پهرين شا جي اُن گهر
کي
Shaw`s Corner جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو. تنهن کان
پوءِ ”رينٽ ڪليڪٽر“ به اِهوئي نالو پسند ڪيو ۽ گهر
جي ٻاهرئين دروازي تي لوهار کان اُن نالي جي تختي
ٺهرائي ڇڏي. مسز شا اُن جي مخالف هئي ته ماڻهو
اِهو نالو پڙهي سندن گهر ڏانهن ڌيان ڏين. هن نه ٿي
چاهيو ته راهه ويندڙ ماڻهو اُهو پڙهي هروڀرو ڌيان
ڏين.
برنارڊشا جي اُن گهر ۾ ست يا اٺ بيڊروم هئا. هڪ
اڀياس جو ڪمرو، ڊرائنگ روم، ڊائننگ روم، نوڪرن جي
لاءِ ٻه ڪمرا ۽ مٿينءَ ماڙ تي هڪ روم. آءٌ جڏهن
ايوٽ ۾ اُن گهر ۾ پهتيس ته هڪ نوڪرياڻيءَ جو مڙس
مالهيءَ جي حيثيت سان اُتي ڪم ڪندو هو. تنهن کان
سواءِ هڪ ڊرائيور ۽ مالهيءَ جو هڪ مددگار به هو.
جڏهن برنارڊشا نئشنل ٽرسٽ بلڊنگ ۾ اچي رهيو هو ته
هُن مون کان پڇيو ته ڇا آءٌ سندس وفات کان پوءِ
اُتي رهڻ پسند ڪنديس؟ مان اُن سوال جو جواب ڏيئي
نه سگهيس. شهري زندگيءَ جو عادي ڪو به شخص هڪ بي
رونق ڳوٺاڻي علائقي ۾ ڪيئن ٿي رهي سگهيو! جيئن مان
محسوس ڪري رهي هيس. بهرحال، هو ٻيئي زال مڙس هر
هفتي جي آخر ۾ اُتي ويندا هئا، جڏهن ته گهڻو وقت
هو پرڏيهه ۾ گذاريندا هئا. شايد مسز شا کي پروڙ
هئي ته سندس مڙس ڪنهن به اڪيلائيءَ واري هنڌ تي
پنهنجو ڪم چڱي نموني ڪري ٿي سگهيو. هوءَ پنهنجي
مڙس ۽ اُن جي ڪم کي هر ڳالهه تي ترجيح ڏيندي هئي.
عام طور تي نيرن کان پوءِ برنارڊشا ڪم ڪرڻ جي لاءِ
پناهه گاهه ۾ هليو ويندو هو، جيڪو هن جنگ جي
دوران بيماريءَ کان پناهه وٺڻ لاءِ خاص طور تي
تيار ڪرايو هو. اُهو ”پناهه گاهه“ باغيچي جي اندر،
گهر کان فقط ٽن منٽن جي پنڌ تي هو، ۽ هُو اُها
جاءِ اِنڪري به پسند ڪندو هو، جو اُتي هو ڪنهن
مداخلت کان سواءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو هو، جڏهن
ته نوڪر ملڻ لاءِ ايندڙن کي اهو چئي ٽاري ڇڏيندو
هو ته ”برنارڊشا گهر ۾ موجود ڪونهي.“
اُن ”پناهه گاهه“ جو خيال به کيس ئي آيو هو. اُن
جو منهن اوڀر طرف هو. جنگ کان پوءِ سياري ۾ هو
اُها استعمال نه ڪندو هو. سياري ۾ هو فليٽ جي
اندر دريءَ جي ويجهو رکيل ميز تي اُس ۾ ويهي ڪم
ڪندو هو. ميز تي ضرورت جون سموريون شيون رکيل
هونديون هيون. اُنهن ۾ هڪ الارم گهڙيال به هو.
هونئن ته واچ هر وقت ٻڌل هوندي هيس، پر اُن الارم
ڪلاڪ مان گهنٽي وڄڻ سان کيس خبر پوندي هئي ته
ٻنپهرن جي مانيءَ جو وقت ٿي ويو آهي. اُن جي
باوجود به هُو نوڪرياڻي خود اُتي پهچي مانيءَ جي
لاءِ چوندي هيس، يا وري هوءَ هڪ دستي واچ وڄائي
مانيءَ جي وقت جو اعلان ڪندي هئي.
سيڪريٽري رکڻ کان اڳ برنارڊشا ٽائيپ به پاڻ ئي
ڪندو هو. ٽائيپ ڪرڻ وقت هو کاٻي هٿ جي فقط ٻن
آڱرين کان ڪم ڪندو هو. منهنجي اچڻ کان پوءِ به اهم
۽ ذاتي خط هُو پاڻ ئي ٽائيپ ڪندو هو، ته جيئن وقت
جي بچت ٿئي. پنهنجي آخري ٽائيپ مشين خريد ڪرڻ
لاءِ پاڻ واپاري نماءُ ۾ ويو ۽ اُتي موجود نوجوان
عورت کي چيائين: ”ڇا هي ٽائيپ رائيٽر ناٽڪ جا
اسڪرپٽ به ٽائيپ ڪري سگهندو؟ جيتوڻيڪ سندس اِهو
پڇڻ بي معنيٰ هو، پر پوءِ به اُن عورت نهايت
نرميءَ سان وراڻيو، ”ڇو نه، سائين! هي هر شيءِ
ٽائيپ ڪندو.“ دراصل برنارڊشا جديد ترين ٽائيپ
رائيٽر خريدڻ ٿي چاهيو. ڇو ته رِبن مَٽائڻ تي
کيس ڪافي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو هو. هڪ ڀيري ته
هو پاڻ سان ٽائيپ رائيٽر به لنڊن کڻي آيو، جيئن
مان کيس رِبن بدلائي ڏيان. اهڙيءَ طرح فوٽو
گرافيءَ ۾ به کيس گهڻي مهارت نه هئي. پنجاهه
تصويرن مان مشڪل سان ڏهه صحيح هونديون هيون.
مالورن جي ميڙي تي سندس اهو شوق اڃا به وڌي ويندو
هو.
ايوٽ ۾ رِهائش دوران، جنگ کان اڳ، برنارڊشا صبح جو
نوين بجي کان نيرن ڪرڻ جو عادي هو. پنهنجي زندگيءَ
جي اُنهن آخري ڏينهن ۾ هو صبح جو اُٿي ”رائل آٽو
موبائيل ڪلب“ جي تلاءُ ۾ ترڻ لاءِ ويندو هو. اُهو
تلاءُ سندس فليٽ کان ڪافي پري هو. اُنهن ڏينهن ۾
روزاني ”ڊيلي نيوز“ ئي ڇپجندي هئي ۽ هو روزانو صبح
جو نيرن جي دوران اُها ئي اخبار پڙهندو هو. البت
آخري ڏينهن ۾ هو ”ڊيلي هيرالڊ“ پڙهڻ لڳو هو. جڏهن
ته مسز شا ”ٽائمز“ پڙهندي هئي. نيرن کان پوءِ ٺيڪ
ڏهين وڳي هُو پنهنجي ميز تي ويهي ڪم شروع ڪندو هو
۽ بنان ساهيءَ جي هڪ وڳي تائين ڪم ۾ رڌل رهندو هو.
ٻنپهرن جي مانيءَ کان پوءِ هُو ڪجهه دير آرام ڪندو
هو ۽ پوءِ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پنهنجي مطالعي جي
ڪمري ۾ هڪ ڪلاڪ ڪم ڪندو هو. اُتان اُٿي هو ڪپڙا
بدلائيندو هو ۽ رات جي ماني کائيندو هو.
مسز شا جيستائين جيئري رهي، رات جو ٺيڪ يارهين وڳي
هن جي ڪمري ۾ پهچي ويندي هئي. زندگيءَ جي آخري
ڏينهن ۾ سندس چواڻي ته هو ٻيهر ڪنوارا ٿي ويا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن هو لکڻ جو ڪم مانيءَ واري ڪمري ۾ ويهي
به جاري رکندو هو. ماني کارائڻ دوران عام طور تي
هو وائرليس ٻڌندو يا پڙهندو رهندو هو. هو ڪڏهن به
اڌ رات کان اڳ سمهڻ لاءِ ڪمري ۾ نه ويو. هو جڏهن
ٻاهر نڪرندو هو ته ٽائيپ جو ڪم ٽپال وسيلي مون کي
لنڊن موڪلي ڏيندو هو، جنهن کي ٽائيپ ڪرڻ کان پوءِ
مان واپس موڪلي ڏيندي هيس. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ
ڏکيو ڪم جيڪو مون کي موڪليو ويو اُهو
The Inteligent Womans guide to Socialism
جو اسڪرپٽ هو. ان اسڪرپٽ ۾ تمام گهڻا ڏکيا لفظ
استعمال ڪيا ويا هئا. اُن جي شروعاتي ويمنز
انسٽيٽيوٽ لاءِ هڪ ٻن صفحن واري رسالي جي صورت ۾
ٿي ۽ پڄاڻي ٻن لکن لفظن تي. اُن اسڪرپٽ جي باري ۾
مسز شا اڪثر چوندي هئي ته اُهو ٻڌي ٻڌي هوءَ بيزار
ٿي پيئي آهي! اسان ٻنهي جو خيال هو ته شا اُهو ڪم
فوري طور تي ختم ڪرڻ ٿو چاهي ۽ اهو لکندي هو بار
بار ائين چوندو هو: ”هن جي باري ۾ مان جيترو
سوچيان ٿو، اوتروئي منهنجي ذهن ۾ نون لفظن جو
واڌارو ٿيندو پيو وڃي،“ ۽ پوءِ جنهن ڏينهن هن اُهو
اسڪرپٽ مڪمل ڪيو، مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي ته
هومون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: ”تو ڏٺو ته مون آخري صفحي
تي
The End جا لفظ لکيا آهن.“ مون هاڪار ۾ ڪنڌ
ڌوڻيندي پڇيس، ”اِهو لکندي اوهان ڇا محسوس ڪيو؟“
هو چوڻ لڳو ”مون پنهنجي پين ميز تي ڦٽي ڪئي ۽
چارلوٽي کي چيم ته هن جي پڄاڻي به خونخوار قسم جي
ٿي آهي.“
”اِهو پهريون ناٽڪ آهي جنهن تي سڀني گڏجي ڪم ڪيو،“
منهنجي ڪاپيءَ جي پهرئين صفحي تي جارج برنارڊشا
پنهنجي هٿ سان اِهي لفظ لکيا. ڪن نوجوانن جو چوڻ
آهي ته شا جو اِهو ناٽڪ سڀني کان سٺو آهي، پر مون
کي ۽ شا کي ڪڏهن به ان راءِ سان اتفاق نه هو. ”ان
جو فيصلو ته مان قيامت جي ڏينهن تي ٻڌندس، اُن کان
اڳ نه!“ برنارڊشا اِهي لفظ هڪ اهڙي شخص کي چيا،
جنهن کانئس پڇيو هو ته سندس ڪهڙو ناٽڪ هميشه پسند
ڪيو ويندو.
سيڪريٽري رکڻ کان اڳ هو پنهنجا اسڪرپٽ پاڻ پنهنجي
هٿ سان لکندو هو. ”ڊاڪٽر ڊئيلسميا“ سندس هٿ اکرن ۾
لکيل آخري ناٽڪ هو ۽ وائيٽ هال ڪورٽ ۾ مون اِهو
ناٽڪ ٽن ننڍن ننڍن نوٽبڪن ۾ الماريءَ ۾ رکيل ڏٺو.
هو نوٽبُڪ ۾ هڪ هڪ اسڪرپٽ لکيل هو. عام رسم الخط ۾
هو تيزيءَ سان لکي نه سگهندو هو. بهرحال هو شارٽ
هئنڊ ۾ ڪجهه تيز لکندو هو. هن جو شارٽ هئنڊ صاف ۽
سٿرو هو. هو اڪثر مون کي چوندو هو ته هر ليکڪ هڪ
منٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن لفظ ضرور لکڻ کپن. شارٽ
هئنڊ کي هو اُن لاءِ پسند ڪندو هو ته اُن مان وقت
جي بچت ٿيندي هئي. کيس پڪ هئي ته ڪو اسٽينو گرافر
سولائيءَ سان سندس لکيل شارٽ هئنڊ پڙهي سگهيو ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجون لکڻيون شارٽ هئنڊ ۾ پريس کي
لکي موڪلي ڏيندو هو. پريس جا اسٽينوگرافر سندس
موڪليل لکڻيون سولائيءَ سان پڙهي ٽائيپ ڪندا هئا.
هو هر نوجوان کي چوندو هو ته شارٽ هئنڊ ضرور سکو،
اهڙو شارٽ هئنڊ جيڪو اوهين جلدي سکي وڃو. هو اُهو
لفظ، جنهن جي باري ۾ کيس شڪ ٿيندو هو ته سولائيءَ
سان پڙهي نه سگهبو، اُهو هو عام رسم الخط ۾ ئي
لکي ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري مان ڪجهه دير جي لاءِ هڪ لفظ لاءِ ڏاڍي
پريشان رهيس. اُهو لفظ گهرو مسئلي تي ڪنهن خط جي
جواب ۾ لکيو هو:
The Woman got nothing but porterout of it.
اِهو لکت جو هڪ عجيب طريقو هو. لفظ
Porter
تي مون تمام گهڻو سوچيو. اُن
جي معنيٰ اُگرو يا تلخ شراب آهي، تنهن کان وڌيڪ
منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو. نيٺ مون شارٽ هئنڊ
۾ لکيل اُن لفظ کي
Porter
ئي ٽائيپ ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ مون کي اهو لفظ عجيب
لڳي رهيو هو. خط مان مون کي اِن ڳالهه جو احساس
ٿيو ته جنهن کي خط لکيو ويو آهي، اُهو غريبي ۽
بيوسيءَ ۾ گذر سفر ڪري رهيو آهي. جڏهن اُن خط تي
صحيح ڪرڻ جو وقت آيو ته مون کي شا جا ٽهڪ ٻڌڻ ۾
آيا. هو منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ مون کان شارٽ هئنڊ ۾
لکيل پنهنجو مسودو گهريائين. خود کيس به ياد نه
پئي آيو ته هن
Porter
لفظ لکيو آهي يا ٻيو ڪجهه. ڏسڻ تي پتو پيس ته هن
Porter ئي لکيو آهي، پر اُهو لفظ موزون نه هو.
نيٺ تُز لفظ سندس ذهن ۾ اچي ويو جيڪو
Torture هو. پـِٽ مين جو شارٽ هئنڊ ڄاڻيندڙ چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا ته
انهيءَ لفظ لکڻ ۾ شا کان ڪهڙي چُڪ ٿي آهي. اهو
پهريون ۽ آخري موقعو هو، جو هن مون کي چيو ته
تنهنجي غلطي معافيءَ جي قابل آهي ۽ مان پڪ سان
چوان ٿو ته تون عام عورتن جيان پاڻمرادو اهڙين
قياس آراين ڪرڻ وارين مان نه آهين.
هو پنهنجن لکڻين جي لاءِ هلڪي سائي رنگ جوڪاغذ
استعمال ڪندو هو ۽ نيرن ڪرڻ کان پوءِ ٻنپهرن جي
ماني تائين اٽڪل ڏيڍ هزار لفظ سولائيءَ سان لکي
وٺندو هو. پر اُن جو مدار اسٽيج جي پيچيدگين تي
هوندو هو، جنهن جي باري ۾ هو گهڻي صبر کان ڪم نه
وٺندو هو. هڪ ڀيرو هن مون کي چيو ” مان ڏاڍي
تيزيءَ ۽ آسانيءَ سان هيملٽ جا هڙئي مڪالما لکي
سگهان ٿو، پر ڪنهن روح کي ڪنهن پلاٽ ۾ آڻڻ لاءِ
مون کي نه رڳو ڪلاڪن تائين پر ڪڏهن ڪڏهن مهينن
تائين به سوچڻو ٿو پوي.“
هو ڪنهن به ڊگهي ناٽڪ جا مڪالما ٻن مهينن جي اندر
لکي وٺندو هو ۽ کيس اِن ڳالهه جو خاص خيال رهندو
هو ته لفظ گهٽ ۾ گهٽ، موزون ۽ جامع انداز سان
استعمال ڪيل هجن. ٽيهن سالن ۾ مون فقط هڪ ڀيرو هجِ
جي غلطي نوٽ ڪئي. هو هجِ جي مامري ۾ خاص احتياط
ڪندو هو. هو مصدرن کي به خوبيءَ سان ورهائيندو هو
۽ ٻين ليکڪن جيان هن به روزانه ”ٽائمز“ جي نمائندن
کي موڪل ڏيئي ڇڏي هئي ته ضرورت کي خيال ۾ رکي
جيڪڏهن هو چاهين ته سندس لکڻين ۾ تبديلي ڪري سگهن
ٿا.
جيستائين پنهنجن ڪتابن جي ڇپائيءَ جو تعلق هئس ته
برنارڊشا پنهنجي ناشر ۽ بائينڊنگ ڪندڙ سان ذاتي
طور تي ملي سمورو ڪم پنهنجي اکين جي اڳيان
ڪرائيندو هو. ڪاغذ جي قيمت به خود ادا ڪندو هو.
ٽائيپ جا لفظ به پنهنجي پسند موجب لڳرائيندو هو ۽
ڇپائيءَ جي مشينن وٽ بيهي نگراني به پاڻ ئي ڪندو
هو. هن اِهو رويو انڪري اختيار ڪيو، جو ڪجهه
پبلشرن سان پنهنجن شروعاتي ڪتابن جي سلسلي ۾ هو
وڙهي به چڪو هو. بليڪ وڊ، شاٽو، ميڪملن ۽ سمٿ
ايلڊر نالي پبلشر جارج برنارڊشا جي ڪتابن جي اشاعت
کان نابري واري چڪا هئا. البت منهنجي ذاتي راءِ
هيءَ آهي ته سڊني ويب يا مذڪوره ناشرئي رڳو اُن جا
ذميوار نه هئا، پر شا خود پنهنجي ڪم جي نگراني
اهڙي ته ڌيان سان ڪندو هو، جيئن ڪڪڙ پنهنجن تازن
ڦٽل ٻچن جي نگراني ڪندي آهي. ڪنهن کي به اها مجال
نه هئي، جو هن جي لڳل هڪ ’ڪاما‘ به هيٺ مٿي ڪري
سگهي! پنهنجن فلمائجندڙ فلمن ۾ به هو پنهنجو ڪو به
مڪالمو ڪٽڻ نه ڏيندو هو. ائين هو پنهنجن ڪتابن جو
ناشر به خود ئي بڻڄي ويو ۽ پنهنجين لکڻين کي جيئن
جو تيئن ڇاپڻ جو اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به سولو
طريقو ڪو نه هو.
هو پنهنجن ڪتابن جا پروف به پاڻ ئي پڙهندو هو،
ائين هو اٽڪل پندرهن هزار لفظ هر روز پڙهندو هو.
ستر سالن جي عمر تائين هُن ڪيترا لفظ پڙهيا
هوندا، تنهن جو اندازو اوهين خود لڳائي سگهو ٿا.
منهنجي اندازي موجب اِهي لفظ چئن ڪروڙن کان گهٽ
نه آهن ۽ مان حيران آهيان ته ٽيهن سالن ۾ لڳ ڀڳ هڪ
ڪروڙ لفظ رڳو مون ٽائيپ ڪيا هوندا!
”ٽاري ڇڏين!“جارج برنارڊشا جي حڪمن مان هڪ حڪم
اُنهن ماڻهن جي لاءِ هوندو هو، جيڪي ڪتابن تي سندس
صحيح ڪرائڻ (آٽو گراف) جا خواهشمند هوندا هئا يا
اُنهن جي لاءِ جيڪي سندس ڪنهن ناٽڪ کي اسٽيج ڪرڻ
يا فلمائڻ جي موڪل وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا. عام
ملاقاتين ۽ نصيحتن حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي
به ٽاري ڇڏڻ لاءِ حڪم ڏيندو هو. هو ڪنهن به ڊنر يا
پارٽيءَ ۾ تقرير ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. کيس نمائشي
ملاقاتن کان به نفرت هئي. ”اهڙا ماڻهو چڻنگ کي
ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ جي مشغلي ۾ مبتلا آهن،“ هو اڪثر
شڪايت ڪندو هو ۽ گهڻن کي ته هو پاڻ نهايت نرم لهجي
۾ روانو ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري هن هڪ نئين پرڻيل
گهوٽ ڪنوار سان ڳالهايون ڪندي چيو ”مان ٻه طبقن کي
خط لکندو آهيان: هڪ اِهو طبقو، جنهن کي منهنجي
سيڪريٽري جواب ڏيندي آهي ۽ ٻيو اُهو طبقو، جنهن کي
مان هٿ سان جواب لکندو آهيان.“ جارج برنارڊشا جو
اِهو جواب منهنجي سمجهه کان مٿي هو، انڪري جو مون
کيس ڪڏهن به واندو نه ڏٺو ۽ نه ئي وري وٽس ايترو
فالٽو وقت هوندو هو، جو هو ڪنهن کي پنهنجي هٿ سان
خط جو جواب ڏئي. جيڪڏهن ٿڪجي ساهي پٽڻ جو نالو
واندڪائي ٿي سگهيو ٿي ته سندس چوڻ درست ۽ صحيح
آهي. باقي پهرئين طبقي جي ماڻهن کي ته بيشڪ خطن جا
جواب ملندا هئا، پر سندس ڪنهن خاص دوست کي ڪڏهن به
ڪو جواب نه مليو هو. البت سندس ڪو دوست شادي ڪري
وٽس ايندو هو ته هو اُن سان رلي ملي ڳالهيون ڪندو
هو. ”مان جيترو وقت ماڻهن جي خطن جي جوابن ڏيڻ ۾
گذاريندس.“ ايتري وقت ۾ مان ويهه ناٽڪ سولائيءَ
سان لکي وٺندس،“ هو مون کي چوندو هو، جيڪڏهن هي
ماڻهو شيڪسپيئر جي دور ۾ هجي ها ته پڪ ڄاڻو ته اهو
ايترو ڪڏهن به لکي نه سگهي ها، جيترو هو لکي ويو
آهي. مطلب ته جارج برنارڊشا اڪثر پنهنجن دوستن ۽
احبابن کي جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ وڏي آفيس کان سواءِ
اسان کي ٽيهن ڪلارڪن جي ضرورت پوندي، جيڪي شارٽ
هئنڊ ۽ ٽائيپ به ڄاڻيندا هجن. سندس اندازي موجب
سوين پوسٽ ڪارڊ ڇپرائڻا پوندا. ”مان هر شخص کي
سڃاڻان ٿو، پر منهنجا دوست تمام گهٽ آهن.“ ڪڏهن
ڪڏهن هو هر شخص سان ملندو هو، پوءِ ڀلي هو پاڻ کي
سندس دوست ئي ڇو نه سڏرائيندو هجي. البت هو ڪنهن
سياح سان ملڻ پسند نه ڪندو هو. ”اِهي سيلاني مون
کي ائين ڏسڻ ٿا چاهين ڄڻ مان به لنڊن ٽاور، راڻي
باغ يا مئڊم ٽساڊ قسم جي ڪا شيءِ هجان.“اهڙن ماڻهن
کي هو’وقت وڄائيندڙ‘جي خطاب سان نوازيندو هو ۽ هنن
جي ڪنهن به خوشامد ۾ نه ايندو هو ۽ نه وري اُنهن
جي ڪنهن ڳالهه ۾ دلچسپي هوندي هيس.
منهنجن فرضن ۾ اِهو شامل هو ته مان مناسب بلڪ صحيح
قسم جي ماڻهن کي ملاقات جو وقت ڏيان. لنڊن ۾ رهائش
دوران هو صبح جو ايندڙ ماڻهن سان ملندو هو، پر
ايوٽ ۾ رهائش دوران هو ٻنپهرن جو هڪ بجي تائين
ڪنهن سان به نه ملندو هو. هرٽو فورڊشائر ۾ ايندڙ
ملاقاتين کي ٻڌايو ويندو هو ته جي هوڪار تي اچي
رهيا آهن ته جلد اچن، اِن لاءِ جوشا جڏهن ڏسندو هو
ته هو تعداد ۾ گهڻا آهن ته کيس واپس وڃڻ جي هدايت
ڪندو هو ۽ اهو ان صورت ۾ ممڪن هو جو هو اُنهيءَ
ڏينهن واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي سگهن. ظاهر
آهي ته ڌنڌ ۾ ويڙهيل رات جو سفر ڪندي کين تڪليف
ٿيندي. ”مان هاڻ ڪم جي لاءِ وڃڻ ٿو چاهيان،“ هو
ملاقاتين ۾ ويٺي ويٺي واچ ڪڍي ڏسندي اُٿي کڙو
ٿيندو هو. آخري وقت ۾ به ڪو نه ڪو ساڻس ملڻ لاءِ
هليو ايندو هو. ”اڪيلائي خدا جي هڪ نعمت آهي،“ هو
اڪثر چوندو هو. ٻنپهرن کان پوءِ هو دوستن سان تمام
گهٽ ملندو هو. البت صبح جو جڏهن هو واندو هوندو هو
ته ايندڙن سان ملندو هو. جيستائين دولت جي حصول
لاءِ ڪم ڪرڻ جو تعلق آهي ته شا کي اُن سان تـِر
جيتري به دلچسپي ڪا نه هئي. مثال طور جوا کيڏڻ ۽
اسٽاڪ ايڪسچينج جي باري ۾ هن ڪڏهن سوچيو به نه هو.
هو عوام ۾ دولت جي برابر ورهاست جو حامي هو ۽ اِها
حمايت رڳو ان حد تائين هئي ته هر شخص جون جائز
ضرورتون سولائيءَ سان پوريون ٿي سگهن. سڌريل دنيا
۾ افراط زر ۽ عياشيءَ کان کيس سخت نفرت هئي.
مهانگائيءَ ۽ زندگيءَ جي ضرورت وارين شين جي کوٽ
کان هو ڪڏهن به متاثر نه ٿيندو هو. هن جو سفر
نهايت سڪون سان پئي ٿيو ۽ عام ماڻهن جي نسبت خرچ
به گهٽ هئس. مان پوري پڪ سان چوان ٿي ته کيس اها
ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي ته جنگ کان پوءِ
زندگيءَ جي ضرورت وارين شين جي کوٽ ڇو ٿي آهي؟
البت هو جنگ کان پوءِ چيڪ لکڻ ۽ بلن تي صحيحون
ڪندي حيران ضرور ٿيندو هو ته خرچ وڌي ويا آهن.
جڏهن ته هو نـِيَم موجب زندگي گذاري رهيو هو.
برنارڊشا پنهنجي ذهن ۾ هر شيءِ جي قيمت جنگ کان اڳ
وارين قيمتن جي حساب سان لڳائيندو هو ۽ هو اِهوئي
سمجهندو هو ته اسين ڏاڍي عيش سان گذر سفر ڪري رهيا
آهيون. جنگ کان پوءِ جي مهانگائيءَ جي باري ۾ هن
جو اڪائونٽ به کيس ڪا ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ کان
لاچار هو. دولت جي باري ۾ سندس خيال اسان کان بلڪل
مختلف هئا. جڏهن مهانگائيءَ سبب پگهارن ۾ واڌاري
جي تقاضا وڌي ته برنارڊشا في ماڻهو چار شلنگ جو
واڌارو منظور ڪيو ۽ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته اِهو
چئن شلنگن جو واڌارو ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ته
پوءِ هو چاليهن شلنگن جي واڌاري تي راضي ٿيو.
گهرو خرچن جي بلن ۾ جيڪڏهن ڪو بل هڪ پائونڊ کان
گهٽ هوندو هو ته هو چاهيندو هو ته پوسٽل آرڊر خريد
ڪري بل ادا ڪيو وڃي. ان قسم جا بل چيڪ جي صورت ۾
ادا ڪرڻ چريائپ هئي. هڪ ڀيرو مون رٿ ڏني ته هو
خالي چيڪن تي صحيحون ڪري مون کي وائيٽ هال ڪورٽ
موڪلي ڏي. مان ضرورت موجب چيڪ لکي بئنڪ کي موڪلي
ڏيندس. منهنجي اها تجويز ٻڌي هو گهٻرائجي ويو. هن
مون سان بحث ڪندي اهو دليل ڏنو ته جيڪڏهن اتفاق
سان هُو ٻيئي مري ويا ته صحيح ٿيل چيڪ بُڪ جنهن کي
به ملندو، ته اُهو هڪدم بئنڪ ڏانهن ڀڄندو ۽ سموري
رقم ڪڍرائي وٺندو. هڪ ڀيري مٿس انفلوئنزا جو حملو
ٿيو، جيئن ٻين ماڻهن تي اُن بيماريءَ جو حملو
ٿيندو هو. تنهن کان سواءِ مٿس ماتا جو حملو به ٿي
چڪو هو، جنهن سبب هن جو منهن متاثر ٿيو هو. اهوئي
سبب هو جو هن ڏاڙهي ڇڏي ڏني هئي ۽ اُن ڏاڙهيءَ جي
باري ۾ اڪثر چوندو هو ته مون منهن تي گاهه پوکيو
آهي- ڪو به پالتو ڍور اُهو چَري سگهي ٿو. البت عمر
جي آخري حصي ۾ هن ڏاڙهيءَ کي لهرائي ننڍو ڪيو هو.
هر ٽئين مهيني پنهنجي مٿي جا وار ڪٽائيندو هو، پر
حجام کي ڀرون گهٽ ڪرڻ جي موڪل نه ڏيندو هو. اُن
سبب آخري عمر ۾ سندس ڀرون ڪافي گهاٽا ٿي ويا هئا.
ايوٽ ۾ قيام دوران هڪ ڏينهن هن مون کان پڇيو ته هو
پنهنجي ڪوٽ جي ڦاٽل ڪفن کي ڪيئن درست ڪري. کيس
پنهنجو اُهو ڪوٽ ڏاڍو وڻندو هو ۽ ٻيو وري جنگ
دوران ڪپڙي جي به گهڻي کوٽ هئي. هن نه ٿي چاهي ته
اُهو ڪوٽ لاهي ڦٽو ڪجي. هن ڪفن جي چوڌاري چمڙو
لڳرائڻ ٿي چاهيو. مون رٿ پيش ڪئي ته ڇو نه ڪفن جي
چوڌاري فليٽ لڳايو وڃي. مان اهو فليٽ رانديڪن ٺاهڻ
لاءِ استعمال ڪندي هيس، جيڪو منهنجو مشغلو هو. هو
اُن تي راضي ٿيو. ڪوٽ جو رنگ ڀورو هو. بدقسمتيءَ
سان مون وٽ موجود فليٽ جو رنگ سائو هو. مون سائي
رنگ جو فليٽ ئي ڪوٽ جي ڪفن جي چوڌاري نفاست سان
سبي ڇڏيو، جنهن کي هن ڏاڍو پسند ڪيو.
هڪ ڏينهن صبح جو هو ٽاءِ کڻي مون وٽ آيو، جنهن جو
رنگ نيرو هو ۽ اُها ڪفن تي لڳل فليٽ سان ميچ نه
هئي. جيستائين سائي ۽ نيري رنگ جو تعلق آهي ته هو
اُن ۾ فرق ڪري نه سگهندو هو. جيستائين خوراڪ جو
تعلق آهي ته به مان پوري پَڪ سان چئي سگهان ٿي ته
هو اسان کان ڏهه ڀيرا گهٽ کائيندو هو. کيس سبزي
خوري ۽ دوائن کان به ڪو عار نه هو. پنهنجي جگر جي
خرابيءَ جي باري ۾ هو اڪثر چوندو هو ته کيس اُن جي
پرواهه نه ڪرڻ کپي ته هو ڇا ٿو کائي يا ڇا نه ٿو
کائي. هو اڪثر ماڻهن کي چوندو هو، ”ڪوڙ نه
ڳالهايو. جيستائين سبزي خوريءَ جو تعلق آهي ته ان
باري ۾ حقيقتن کان نه ڀڄو.“
کيس ڊاڪٽرن کان به ڪا بيزاري نه هوندي هئي. هو
ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان اُنهن جون هدايتون ۽ تجويزون
ٻڌندو هو، پر ڪندو اُهوئي هو، جيڪو سندس ذهن ۾
هوندو هو. ٻين لفظن ۾، هڪ پاسي ته هوڪـِريءَ جي
ڳالهين کان متاثر ٿيندو هو، ڀاڳ تي به يقين ڪندو
هو ۽ يوگا جي ڪا به مشق ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو
هو. پر جڏهن ڊاڪٽر کيس چوندا هئا ته هن جي پراڻي
”انيميا“ جي بيماري سوئر جي جگر مان تيار ڪيل هڪ
خاص قسم جي سفوف مان دور ٿيندي ته هن مڪمل طور تي
پاڻ کي ڊاڪٽر جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو. آپريشن جي
باري ۾ سندس خيال هو ته ڊاڪٽر رڳو تجربي لاءِ
آپريشن ڪن ٿا، جنهن مان سندس پنهنجو فائدو هوندو
آهي. باقي رهيو انجيڪشن جو مسئلو ته اُها وهم
پرستي آهي. اُن جي باوجود جڏهن به هو بيمار ٿيندو
هو ۽ ڊاڪٽر کي گهرائبو هو ته ڪا به مزاحمت نه ڪندو
هو ۽ نهيايت صابر مريض ثابت ٿيندو هو ۽ صحت جي
بحاليءَ تائين انتهائي صبر کان ڪم وٺندو هو. شايد
سندس ڊگهي عمر جو راز اُن صبر ۽ تحمل ۾ لڪل هو،
جڏهن ته هن ڪڏهن به خوراڪ کي ڊگهي ڄمار جو باعث
نه سمجهيو.
ٻيئي زال مڙس جڏهن به ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ته
چار لوٽي سندس پسند جي کاڌن جي فهرست به پاڻ سان
گڏ کڻي ويندي هئي ۽ اها فهرست کيس ٽائيپ ڪري ڏيندي
هئي. فهرست جون ڪيتريون ئي ڪاپيون تيار ڪبيون
هيون. بحري جهاز تي سفر دوران چار لوٽي هڪ ڪاپي
جهاز جي بورچي خاني کي ڏيندي هئي ۽ جڏهن به هو
ڪنهن هوٽل ۾ ٽڪندا هئا ته اُن جي ڪاپي هوٽل جي
مئنيجر جي حوالي به ڪئي ويندي هئي. ”صحت ڇا آهي؟
هڪ ڏينهن ڪنهن جارج برنارڊشا کان پڇيو. هن
وراڻيو: ”صحت عقل جي صحيح ۽ مناسب عمل جي طريقي جو
نالو آهي.“ پنهنجي حساب سان هو ڪڏهن به ڪنهن
مونجهاري ۾ نه ڦاسندو هو. اِهائي صورتحال خوراڪ جي
باري ۾ هيس. هو هر شيءِ خوشيءَ سان کائيندو هو ۽
جيڪڏهن کيس پنهنجي پسند جي ڪا شيءِ نه ملندي هئي
ته هو اُن کان سواءِ به گذارو ڪري وٺندو هو. نيرن
۾ هو پئڪيٽ ۾ بند هڪ قسم جو ”سرل“ استعمال ڪندو هو
۽ جيڪڏهن اُها نه ملندي هيس ته هو ڪافي پي به
گذارو ڪري وٺندو هو ۽ اُها ڪافي صفا هلڪي هوندي
هئي.
پنهنجي زال جي مرڻ کان پوءِ صبح جو اٺين وڳي اُٿڻ
هن جو نيم بڻجي ويو، جڏهن ته نوڪرياڻي اڃا سُتي
پيئي هوندي هئي. هن کي شا جو ڪمرو درست ڪرڻ لاءِ
تمام گهٽ وقت ملندو هو. جن ڏينهن ۾ جنگ هلي رهي
هئي، تن ڏينهن ۾ هو پنهنجا ڳرا جوتا پائي باغ ۾
پناهه جي لاءِ هليو ويندو هو ۽ پوءِ ٻنپهرن جي
مانيءَ جي لاءِ نوڪرياڻي کيس سڏي ايندي هئي. عمر
جي آخري حصي ۾ هو سئنڊ وچ به کائڻ لڳو هو. سلاد ۽
ڪچيون ڀاڄيون به نهايت شوق سان کائيندو هو. اُن
سان گڏ هو صوف جي جوس جو گلاس به پيئڻ لڳو هو.
البت مون کيس سادو پاڻي ۽ چانهه پيئندي ڪڏهن به نه
ڏٺو. بيضو هو اُن وقت کائيندو هو، جڏهن ٻي ڪا شيءِ
کائڻ لاءِ نه ملندي هئي. نيٺ هو بيضي جي به خلاف
ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪڏهن هو اهڙي گهر ۾
هليو ويو ته ڇا ٿيندو، جن کي اها خبر آهي ته هو
ڀاڄي خور آهي ۽ جڏهن هو پالڪ ۽ بيضن بابت سوچيندا
ته ڇا اها ڳالهه عجيب نه هوندي. مون کيس سادو مکڻ
به کائيندي نه ڏٺو. ان بابت چوندو هو ته ڊاڪٽر
ايڊٿ سمرسڪل (صحت کاتي جو سيڪريٽري) جو چوڻ آهي ته
”مکڻ ۽ پنير ۾ ڪو به فرق ڪونهي.“ منجهند جي مانيءَ
کان پوءِ شام جو ساڍي ستين وڳي رات جي مانيءَ
تائين هو ڪجهه به نه کائيندو هو. جيڪڏهن هو گهر ۾
اڪيلو هوندو هو ته کير جو گلاس به اُن خيال سان
نه پيئندو هو ته متان ڪو ملاقاتي چانهه کان سواءِ
رهجي نه وڃي. ٻنپهرن جي ساهيءَ کان پوءِ هُو
باغيچي ۾ وڃي ڪاٺيون ڦوڙيندو هو ۽ جڏهن ان جي قابل
نه رهيو ته هن باغيچي ۾ يا گهر جي ڀر پاسي پسار
ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن هو عمر جي آخري ڏاڪي ۾ داخل
ٿيو ته هن شام جو ڇهين وڳي تائين ڪم شروع ڪيو. رات
جي مانيءَ دوران هو ريڊيو کليل ڇڏي ڏيندو هو،
ايستائين جو اُهو پاڻمرادو بند ٿي ويندو هو.
منهنجي خيال ۾ هو ريڊيي کي انڪري کولي ڇڏيندو هو
ته جيئن ساڻس ڪو به نه ڳالهائي- شايد مانيءَ جي
دوران ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو پسند نه ڪندو هو. |