رسالي ”مهراڻ“ جو پهريون دور
(ضميمو)
آزاد قاضي
آءٌ اها ڳالهه چوندي فخر محسوس ڪندو آهيان ته مون
کي جڏهن به جتي به پراڻن ڪتابن ڏسڻ جو موقعو مليو
آهي ته اُهو مون هٿان نه وڃايو آهي. اهڙو ڪم آءٌ
ڪنهن به موسم مهل، زمان ۽ مڪان جي پرواهه ڪرڻ کان
سواءِ ڪندو رهان ٿو ۽ اُن ڪوشش ۾ ڪيئي اَلڀ اَملهه
ماڻڪ هٿ ڪري چڪو آهيان. منهنجي ان ڪوشش سبب سنڌي
ادب جا ڪيترائي گم ٿيل گوشا پڙهندڙن جي اکين اڳيان
اچي سگهن ٿا. اهڙي ئي هڪ ڪوشش دوران ٽـِه- ماهي
مهراڻ جي گذريل پرچي ۾،”رسالي مهراڻ جو پهريون
دَور“ (هڪ اڀياس) واري مقالي جي آخر ۾ رسالي مهراڻ
جي 1949ع ۽ 1950ع ۾ شايع ٿيل ٻن پرچن جو ذڪر ڪيو
هئم، جيڪي اُنهن ٻن سالن ۾ نڪتل ٻئي پرچا ”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي سالگره نمبر“ هئا. اُنهن منجهان
هڪڙو پرچو مون کي اُن وقت هٿ اچي ڪو نه سگهيو هو.
آءٌ پنهنجي روايت موجب پراڻن ڪتابن جي ڳولا ڪندو
پئي رهيس، جو هڪ ڏينهن مهراڻ جو 1950ع وارو گهربل
پرچو به ملي ويو، جنهن جي معلومات هتي پيش ڪجي
ٿي.
”مهراڻ“ جوهيءُ پرچو ڊبل ڪرائون سائيز جي 106صفحن
تي مشتمل آهي. اُن جو ٽائيٽل بنهه سادو ٺهيل آهي.
اُن جا ايڊيٽوريل وارا 2 صفحا سنگل ڪالم آهن، باقي
سمورو مواد ڊبل ڪالم ۾ آهي. ايڊيٽوريل ۾ محمد صديق
ميمڻ صاحب لکيو آهي ته:
”اڳوڻي سالگره نمبر ۾ ذڪر ڪيو ويو هو ته سيد ميران
محمد شاهه صاحب پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هو ته
سالگره جي موقعي تي سـِڌو موٽر جو رستو، بجليءَ جي
انتظار سميت ڪيو وڃي. شاهه صاحب پنهنجي رِٿ کي ترت
ئي عمل ۾ آندو. هڪ پڪو شاهي رستو تيار ٿي ويو ۽
درگاهه جي آسپاس بجليءَ جي روشنائيءَ سان مزين ڪيو
ويو، جنهنڪري شاهه لطيف جا متوالا زائرين پنهنجي
سڪ ۽ سوز کي درگاهه جي ايوان ۾ ليل نهار قائم
رکندا آيا.“
سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ سان لاڳو هئڻ سبب، اُن وقت
جي وزير آنربل سيد ميران محمد محمد شاهه پاران ڀٽ
شاهه تي ايندڙ زائرين جي سهوليت لاءِ مٿي ذڪر ڪيل
ڪمن جو بيان ڪرڻ کان پوءِ، اڳتي لکيو ويو:
”تاريخ 25 ۽ 26 نومبر 1950ع سنڌي مرڪزي بورڊ
پاران شاهه لطيف جي شعر و شاعري ، فيض برڪت،
اسلامي، تبليغ، سندس حڪم احڪامن وغيره تي تقريرون
ٿيون، جن دوران ڀٽائيءَ جو راڳ دلن ۽ يڪتارن ذريعي
ساز ۽ سامان سان جاري رکيو ويو، جنهن جي اثر هيٺ
برهه جا متوالا جهولندا نظر آيا. اسان جي محترم
بزرگ صدر صاحب تي وجد جي ڪيفيت جاري ٿي ويئي ۽ پاڻ
سوزو ساز جي حلقي ۾ شامل ٿي ويا ۽ لطيفي ڪلام
جهونگاريندا ويا. دوران محفل، درويشن ۽ زائرين
جون قطارون بارگاهه لطيف جي اندر رڙهندا روئندا
پتنگن وانگر پچندا نظر آيا. قبي جي ٻاهران لطيفي
ڪلام جي هونگار هئي، مگر اندر مزار مبارڪ جي حاطي
۾ محبت جو سڪون هو ۽ قلب جي بي قراري دفعتاً غائب
ٿي ويئي. سلام وڪلام جي گنجائش ئي ڪانه هئي. سڀڪو
پنهنجي نموني ۾ فاتح پڙهي قلبي راحت حاصل ڪري رهيو
هو. برابر ٻه ڏينهن ٻه راتيون مرڪزي بورڊ جو ادبي
جلسو جاري رهيو.“
”لطيف سالگره“ جي انتظامن بابت ايڊيٽوريل ۾ ڄاڻايو
ويو ته ”لطيفي سالگره جو انتظام خانصاحب آغا تاج ۾
محمد سيڪريٽري جي حوالي هو. حيدرآباد ۾ استقباليه
ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ هو،
جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ معزز مهمانن جي لاءِ موٽر
بس وغيره جو ڪم سپرد ٿيل هو، جو نهايت ڪاميابيءَ
سان هلي رهيو هو، ڀٽ شاهه تي استقباليه ڪاميٽيءَ
جو چيئرمن مسٽرالهه بخش نظاماڻي تعليمي محڪمي جو
ڊيپوٽي انسپيڪٽر هو، جنهن جي سرجوشيءَ سان جنهن
خوش اسلوب سان ڪم هلي رهيو هو تنهن داد لهڻو.
مرڪزي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري عثمان علي
صاحب انصاري، جو هينئر سنڌ جي تعليمي محڪمي جو
منتظم يا ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن آهي، سوبي ٽي
ڪاليج جي عملي ۽ پنهنجي حلقئه سنڌي ادب سان شامل
ٿيو. انصاري صاحب هن ادبي مرڪز جو آنرري سيڪريٽري
شروع کان وٺي رهيو آهي. سڀ ڪنهن سنڌي ادبي تحريڪ
جو علمبردار آهي.
هن ادبي مجلس ۾ سنڌ جومکيه وزيراعظم آنربل قاضي
فضل الله صاحب، تعليم کاتي جو وزير آنربل آغا غلام
نبي پٺاڻ ۽ مخدوم طالب الموليٰ صاحب، سابق وزير
جي. ايم. سيد صاحب ۽ ٻيا حڪومت جا اعليٰ آفيسر به
حاضر هئا ۽ لطيفي ڪلام جو لفط حاصل ڪري پنهنجو دين
اُجاريائون.“
مٿي ذڪر ڪيل ”سالگره شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ“ جي
سلسلي ۾ جيڪو مواد پيش ڪيو ويو، اُن تي مشتمل
”مهراڻ“ جو خاص نمبر شايع ٿيو، جنهن جي مواد جو
وچور هن ريت آهي:
شاهه صاحب حق جي ڳولا ۾
آنربل الحاج سيد ميران محمد شاهه 1
شاهه ۽ توحيد
مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ 7
شاهه جا رسالا
عثمان علي انصاري 12
شاهه جي شاعرانه حيثيت
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ 17
شاهه کان اڳ جا شاعر
ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو 27
شاهه ۽ اسلام جي تبليغ
خانبهادر حاجي محمد صديق ميمڻ 36
شاهه ۽ توحيد
محمد بخش واصف 41
شاهه جو شعر يا شعور رسالت
قاضي احمد محمد 45
شاهه هڪ ناصح جي حيثيت ۾
خانصاحب آغا تاج محمد خان 51
شاهه صاحب جو مجازي شعر
پروفيسر محبوب علي چنا 57
شاهه جي منظرنگاري
رشيد احمد لاشاري 62
لطيف ڀٽائي ۽ مشرقي شعراءَ
سيد لطف علي شاهه 70
شاهه عبداللطيف ۽ موسيقي
حاجي الله بخش عقيلي ”سرشار“ 80
شاهه جو ڪلام
عبداللطيف ”راز“ بلڙائي 84
شاهه مصورِ فطرت
لطف الله بدوي 87
زبان زدشاهه
اياز حسين قادري 91
شاهه مفڪر جي حيثيت ۾
حسن علي نياز 98
هي پرچو سنڌ مسلم ادبي (ٽائيپ ۽ ليٿو) پرنٽنگ پريس
ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ڇپيو هو. هن مواد شايع ٿيڻ
سان مهراڻ جي اوائلي دَور بابت معلومات تڪميل تي
پهتي. اميد ته هي مواد تحقيق سان دلچسپي رکندڙ
دوستن لاءِ فائيديمند ثابت ٿيندو.
مؤلف: منشي عطا محمد شڪارپوري
مصحح: عبدالحئي حبيبي افغاني
مترجم: حڪيم نياز همايوني
هن اهم تاريخي ڪتاب ۾ ٽالپرن، ۽ افغان حاڪمن جي وچ
۾ لاڳاپن جا اکين ڏٺا پيرائتا احوال بيان ٿيل آهن،
جو مصنف سالن جا سال ٽالپرن ۽ افغان اميرن سان
سنڌ، ڪابل، هرات، قنڌار ۽ پشاور ۾ گڏ رهيو. سنڌ تي
انگريزن جي غاصبانه قبضي جي حوالي سان احوال ڄاڻڻ
لاءِ پڻ هن ڪتاب ۾ مستند مواد موجود آهي.
اڻلڀ تاريخي تصويرن سان اٽڪل ست سَو صفحا،
قيمت-/470:
Rs
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر، حيدرآباد
سنڌ.
(تعارف)
سردارپور جهنڊير جو ڪتبخانو
مخدوم سليم الله صديقي
ڪتاب جي شوق انسان کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جي عجب عادت
وجهي ٿو، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ڪتبخانن جي قائم ٿيڻ جو
سبب بڻجيو وڃي. ضروري نه آهي ته ڪتاب گڏ
ڪندڙ پنهنجي ڪتبخاني ۾ موجود سڀ ڪتاب پڙهي پورا
ڪري، جيئن ڪتبخانا ڏسندڙ عام طرح سان اهو
تاثر وٺندا آهن ته اُن ڪتبخاني جي مالڪ شايد سڀني
ڪتابن کي پڙهي پورو ڪيو آهي. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي
ته ڪتابن سان دل لائيندڙ ۽ اُنهن کي هٿ ڪري پنهنجي
ڪتبخاني ۾ جمع ڪندڙ جڏهن ڪنهن ڪتاب جا چند ورق به
نظر مان ڪڍي ٿو ته ٿوري ئي عرصي ۾ عالم نه ته
’عالم جهڙو انسان ‘ ضرور بڻجيو پوي. هاڻي اهو ان
دنيا ۾ جيترو چاهه سان وڌيڪ وقت ڏيندو، اوترو ئي
دماغ جي طبقن کي روشن ۽ وسيع لهندو.
”سردارپور جهنڊير“ جو ڪتبخانو ملڪ جي نجي ڪتبخانن
۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ملتان کان ڪلاڪ سوا جي
ڊرائيو تي ضلعي وهاڙي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪتابن جو
هيءُ گلزار ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. هونئن ته هيءُ
ڳوٺ تعلقي ميلسي ۾ آهي پر ملتان کان ايندي بجاءِ
ميلسي وڃڻ جي دوڪاٽا جي اسٽاپ کان هڪ روڊ ذريعي هن
ڳوٺ جو رخ رکجي ته اُتان 15 منٽن ۾ پهچي سگهجي ٿو
۽ پنهنجو وڌيڪ وقت ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.
دوڪاٽا ڳوٺ جي اسٽاپ کان جيئن جيئن ڳوٺ طرف وڃبو
ته حد نظر تائين وونئڻن جا ٻوٽا، ننڍيون نهرون،
نالا ۽ وڻ پاڻ ۾ سڪون جا منظر سمايو قدرت جي
ڪاريگريءَ جي نمائش لڳايو بيٺا آهن.
ڪتبخانو هڪ وڏي چوديواريءَ جي اندر ٻه منزله عمارت
۾ ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڪمرن تي مشتمل آهي. احاطي جي
اندر خوبصورت گلن ڦلن سان سينگاريل هڪ باغ نظر اچي
ٿو. خاص ڳالهه جيڪا دل کي فرحت ڏيندڙ آهي، سا آهي
مڪمل خاموشي. جيڏانهن ٿي نظر ڪجي، پاڻ کي اُن
ماحول جي حصي هجڻ جو پر لطف احساس فنائيت طرفان
دعوت ڏيندو رهي ٿو.
سردارپور جهنڊير ميان مسعود ۽ ميان محمود جي والد
محترم ميان محمد سردار جهنڊير جي نالي پٺيان سڏجي
ٿو. سندن روايت موجب قريش جو هيءُ خاندان نجف اشرف
کان افغانستان ۽ اُتان مختلف منزلون طئه ڪندو هتي
اچي آباد ٿيو. کين حضرت عباس علمبردار جي جهنڊي
جهلڻ ڪري ”جهنڊير“ يا ”جهنڊي وارو“ سڏجي ٿو.
ڪتبخاني جي ٻئي ماڙ تي 1880ع سن لکيل آهي، جيڪو
اُن تاريخ ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ٻنهي ڀائرن ميان
مسعود ۽ ميان محمود جي نانا ملڪ غلام محمد
(1865-1938ع) هيءَ ڪتبخانو جوڙڻ شروع ڪيو. سندس
وفات وقت لڳ ڀڳ 400 ڪتاب گڏ ٿي چڪا هئا. جنهن کان
پوءِ 1960ع ڌاري هنن ٻنهي ڀائرن کي ڪتابن گڏ ڪرڻ
جو شوق جاڳيو، جيڪو اڄ هڪ عاليشان وسيع ڪتبخاني جي
صورت وٺي چڪو آهي. مهمانن کي ڪتاب ڏيکارڻ، ڪتابن
جي حفاظت، جلد سازي ۽ ڇنڊڦوڪ لاءِ ڪجهه ماڻهو مقرر
ٿيل آهن، جيڪي هر وقت پنهنجي ڪم سان لڳا رهن ٿا.
ڪتابن جي خريداري نه رڳو پاڪستان مان ڪئي ٿي وڃي،
بلڪ هندستان، ايران ۽ اسلامي ملڪن جي ناشرن ۽ ڪتب
فروشن سان پڻ سندن رابطو آهي. ميان صاحبان
ڪيترائي نجي ڪتبخانا پڻ خريد ڪري پنهنجي
لائبريريءَ ۾ شامل ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ شورش
ڪاشميريءَ جو نالو پڻ اچي ٿو. جيئن پير حسام الدين
راشدي صاحب پنهنجو ڪتبخانو قائداعظم يونيورسٽيءَ
کي وڪيو، تيئن ڊاڪٽر نواز علي شوق پڻ پنهنجا قلمي
ڪتاب هن ڪتبخاني کي وڪڻي ڏنا آهن. ان طرح ڪيتريون
ئي علمي ۽ ادبي شخصيتون هن ڪتبخاني جي زيارت ڪري
چڪيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، جناب
ڪي.پي. رند، عبدالله هارون، ڊاڪٽر ادريس سومرو ۽
ڊاڪٽر قاسمي، ڊاڪٽر شوق شامل آهن. انهن کان سواءِ
احمد نديم قاسمي، ڊاڪٽر وحيد قريشي، رضا علي
عابدي، مرتضيٰ برلاس، جسٽس ايس اي نصرت به انهيءَ
علمي ماڳ جا پانڌي رهيا آهن.
هن ڪتبخاني ۾ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪتاب موجود
آهن، جيئن، عربي، فارسي، سنڌي، اردو، سرائڪي،
پنجابي، انگريزي، وغيره. پر گهڻي کان گهڻا ڪتاب
عربي ٻوليءَ ۾ نظر اچن ٿا. ڪتابن جي ورهاست
”عنوان“ جي حساب سان الڳ الڳ ٿيل آهي. سڀئي ڪتاب (Dewey
Decimal Classification) سنواريل آهن.
عنوان |
تعداد ڪتاب |
(1) تاريخ سنڌ |
100 |
(2) تاريخ بلوچستان |
70 |
(3) تاريخ سرحد |
40 |
(4) تاريخ ڪشمير |
125 |
(5) تاريخ پاڪستان |
100 |
(6) تاريخ افغانستان |
500 |
(7) تاريخ سعودي عرب |
500 |
(8) تاريخ دهلي |
100 |
(9) تاريخ اندلس |
50 |
(10) تاريخ عراق |
40 |
(11) تاريخ اسرائيل |
- |
(12) تاريخ ترڪي |
42 |
(13) تاريخ شام |
37 |
(14) تاريخ مصر |
40 |
(15) تاريخ هندستان |
300 |
(16) تاريخ ايران |
150 |
(17) تاريخ اوڌ |
35 |
(18) تاريخ بهاولپور |
100 |
(19) تاريخ ملتان |
60 |
(20) تاريخ اسلام |
200 |
(21) مختلف قومن جي تاريخ |
50 |
(22) حيدرآباد دکن جي تاريخ |
170 |
اهڙيءَ طرح ٻين عنوانن قرآن پاڪ، حديث فقه، منطق،
سيرَ وغيره، ۽ ان طرح چارئي امام سڳورا، فقه
جعفريه ۽ تصوف، جنهن ۾ سهرورديه، چشتيه، قادريه ۽
نقشبنديه تي ڪافي ڪتاب موجود آهن.
ڪتبخاني جو معائنو ڪندي سوانح حيات جي عنوان هيٺ
پڻ ڪتابن جو وڏن انگ نظر اچي ٿو. هتي سيرت ۽
تذڪره، اصحاب، سيرت اوليا و صوفياءَ ڪرام، بادشاهن
۽ نامور ماڻهن جون سوانح حيات هڪ هنڌ يڪجا ٿيل
آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ڪمري ۾ عربي، فارسي، اردو،
انگريزي ۽ هندي ٻولي جون پنج سؤ کي لغتون پڻ وڏيءَ
محنت سان گڏ ڪيون ويون آهن. ناياب ڪتابن جون چند
الماريون پڻ ڏسڻ سان تعلق رکن ٿيون. انگريزي زبان
۾ موجود ڪيترن ئي گزيٽيئرس کان سواءِ ٻيا به ناياب
ڪتاب موجود آهن، جن جو دڪانن بلڪ عام ڪتبخانن ۾
ملڻ ممڪن نه آهي.
مطلب ته هن مثالي ڪتبخاني ۾ اسلام، نفسيات، فلسفه
و منطق، تهذيب، تاريخ، فلڪيات، نجوم، اسماءَ
الرجال، جاگرافي، قانون، بين الاقوامي تعلقات ۽
سياست سان گڏ فنون لطيفه، مصوري، موسيقي، فن
تعمير، خطاطي ۽ مجسمه سازي تي پڻ وڏي انگ ۾ ڪتاب
موجود آهن.
قلمي نسخن لاءِ هڪ الڳ ڪمرو المارين سان سنيگاريو
ويو آهي. هي ڪمرو خاص طرح ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو،
جنهن ۾ 1000 کان مٿي قرآن حڪيم جا قلمي نسخا موجود
آهن، جن مان ڪجهه فارسي ترجمي سان پڻ آهن. اُنهن
مان هڪ نسخي جو ديباچو حضرت شاهه ولي الله محدث
دهلويءَ جو لکيل آهي. ڪجهه نسخن تي مطلا، زرپاش ۽
ڪجهه نسخا لاجورد ۽ ياقوتي روشنائي سان لکيل آهن.
اُنهن نسخن کي بهترين جلدن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.
ميزبانن طرفان ڪتابن جي ذوق رکندڙن لاءِ ”طعام و
قيام“ جو بهترين انتظام ۽ پرسڪون ماحول مهيا ڪري
ڏيڻ هن دَور ۾ جنت جي خوبصورت تصور کان گهٽ ناهي.
اهڙن نيڪ علمدوست انسانن جو اهڙو ڪردار ئي صدقه
جاريه جي تقاضائن کي پورو ڪندڙ آهي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران ناليواري شاعر هدايت بلوچ
سان رهاڻ
خميس 7 اپريل 2005ع تي سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌ
جي ناليواري شاعر ۽ ڪالم نگار هدايت بلوچ سان هڪ
روح رُچندي سُندر شام ملهائي ويئي، جنهن ۾ هدايت
جي ويجهن دوستن سميت سنڌ جي مانوارين ادبي ۽ سماجي
شخصيتن شرڪت ڪئي.
ڄامشوري جي مڌمست سدا بهار هوائن ۾ رات ٺيڪ اٺين
وڳي معزز مهمانن جي پهچڻ شرط پروگرام جي شروعات
ڪئي وئي.
بورڊ جي سيڪريٽري جناب انعام الله شيخ مهمان جو
آدرڀاءُ ڪندي چيو ته ”هدايت محبتي ماڻهو آهي. هو
يارن جو يار ته وري پنهنجن اصولن تان تر جيترو به
پوئتي هٽڻ وارو ناهي. توڙي جو هو ڏسڻ ۾ نهايت
معصوم ۽ حساس لڳي ٿو، پر جڏهن به اصولن جي ڳالهه
آڏو آئي هوندي ته هدايت دوستن جو پاسو ڇڏي هميشه
اصولن جي ڳالهه ڪئي ۽ اسان کي هڪ آدرشي دوست جي
حيثيت ۾ هدايت جي اِها ادا وڻي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن
ماڻهو اصولن تي ذاتي معاملن يا ياري دوستيءَ کي
فوقيت ڏيندو ته اهو نه ته سماج لاءِ ڪو هاڪاري
ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڌرتيءَ ۽ قوم جي
لاءِ. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هدايت جا ”قطعا“ خاص طور
بي مثال آهن. ”عوامي آواز“ کان وٺي مختلف اخبارن ۾
روز جي واقعن کي نظر ۾ رکي چيل سندس قطعن سنڌي
صحافت ۾ هڪ نئون ٽرينڊ پيدا ڪيو آهي.“
ناليواري شاعر عنايت بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته
”هدايت ۽ آءٌ پاڻ ۾ ڀائر آهيون، پر کوڙ اهڙيون
ڳالهيون آهن، جن ۾ اسين هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف
مزاج رکون ٿا. هو گهڻو منفرد ماڻهو آهي ۽ هڪ سٺي
شاعر هجڻ سان گڏ دوستي تي لک لُٽيائيندي به نٿو
ڪيٻائي. هدايت خاص طور جيڪي قطعا لکيا آهن، اُهي
لاجواب آهن.“
سينگاپور مان آيل مهمان چترو واسواڻيءَ چيو ته
”پي.آءِ. اي آفيسر طور جڏهن هدايت جي سينگاپور ۾
مقرري ٿي ته هو اتي ڏاڍو سرگرم هو. ادبي ڪچهرين
کان وٺي مقامي سنڌين کي سماجي طرح گڏ ڪرڻ ۾ سندس
وڏو ڪردار رهيو. هدايت يارن جو يار ۽ کلمک ماڻهو
آهي.“ ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم چيو ته”مون ۽
هدايت پي.آءِ.اي ۾ نوڪري ڪندي ڪيترائي سال گڏ
گذاريا آهن. اهڙا ڪئين مرحلا آيا هوندا، جڏهن پاڻ
۾ ٿورڙي ناراضگي به ٿي هوندي، به پر هدايت هميشه
دوستيءَ جي ناتي اُنهن کي درگذر ڪيو آهي. آءٌ جڏهن
ڳوٺ کان نوڪريءَ سانگي آيو هئس ته بلڪل اڪيلو هئس
پر اُهو هدايت ئي هو، جنهن مون کي تنهائيءَ جي خول
مان ڪڍي ڪراچيءَ ۾ ادبي سنگت جي گڏجاڻين کان وٺي
دوستن جي وچ ۾ آندو. هو تمام وڏو ۽ سڄڻ ماڻهو
آهي. هن پي.آءِ.اي جي سخت نوڪري هوندي به پنهنجي
وطن ۽ مٽيءَ سان نڀايو آهي ۽ لاڳيتو ڌرتيءَ جا گيت
ڳاتا آهن.“
نامور مقرر ۽ برک سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجي
هدايت جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته ”هو نهايت
ماٺيڻو ۽ چڱو ماڻهو آهي. هو هڪ اهڙي قافلي جو ساٿي
آهي، جيڪو پنهنجيءَ منزل جي ڳولا ۾ اڳتي وڌي رهيو
آهي. سفر ۾ کوڙ اهڙا ساٿي آيا ويا، ساٿ ڇڏي به
ويا، پر هدايت نه بدليو آهي-هو ساڳيوئي ماڻهو آهي.
اندر ۾ رُڪ کان وڌيڪ سخت، سندس قطعا نهايت اعليٰ
قسم جا آهن.“ نامياري شاعر شمشير الحيدريءَ چيو ته
”هدايت هڪ البيلو ۽ ملنگ ماڻهو آهي، جنهن پنهنجي
ڏات ذريعي ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ هتي معزز ادبي شخصيتون
پنهنجين مصروفيتن مان چند گهڙيون ڪڍي هتي پهتيون
آهن. هدايت هڪ سٺي شاعر هجڻ سان گڏ اديبن جي پاڻ ۾
رابطي جو پڻ سٺو ذريعو آهي.“
هدايت بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ”آءٌ 1963ع کان
وٺي لاڳيتو لکندو پيو اچان، ان ۾ شاعريءَ سميت
مختلف موضوعن تي ڪالم پڻ شامل آهن. پر آءٌ تڏهن به
ڀانيان ٿو ته مون ڪا ايڏي وڏي خدمت ناهي ڪئي جيڏي
تعريف ٿي رهي آهي- هي سڀ دوستن جون محبتون آهن.
پليجي صاحب کان وٺي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي،
عبدالغفار تبسم، شمشيرالحيدري، آفتاب ابڙو يا ٻيا
دوست جيڪي پنهنجين مصروفيتن مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي
پهتا آهن، آءٌ دل جي گهراين سان سندن ٿورائتو
آهيان. خاص ٿورا انعام شيخ جا، جنهن وڏيءَ اڪير
مان هيءَ رهاڻ رچائي اسان کي گڏجڻ جو موقعو ۽ مون
کي مان ڏنو آهي.“
اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ۽ هر دلعزيز شخصيت مئڊم
مهتاب اڪبر راشديءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ”سنڌ
تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان تمام شاهوڪار آهي، جنهن
کي دنيا ۾ اُجاگر ڪرڻ لاءِ اسان جا نوڪريءَ سانگي
ٻاهر ويندڙ ساٿي وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هدايت
هڪ سڄاڻ شاعر ۽ اديب آهي. سندس بنگلاديش ۾ پوسٽنگ
ٿي آهي. اميد آهي ته سندس مقرري ٻن قومن ۽ اُنهن
جي ادب لاءِ هڪ ويجهڙائي ثابت ٿيندي.“ هن وڌيڪ چيو
ته ”هدايت جون لکڻيون اسان کي سهيڙڻ گهرجن ڇو ته
هي وکريل ماڻهو آهي، سندس تخليقون به ائين ٽڙيل
پکڙيل آهن.“
پروگرام جي آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس
چانسيلر ۽ بورڊ جي وائيس چيئرمن جناب مظهرالحق
صديقيءَ چيو ته ”ڪنهن به فرد جو پنهنجي زبان ۽
ڌرتيءَ سان رشتو ماءُ ۽ ٻار وارو هوندو آهي. هدايت
بلوچ پنهنجي شاعريءَ وسيلي ان رشتي کي جهڙي نموني
خوبصورتيءَ سان نڀايو آهي، ان جو مثال اعليٰ آهي.
سندس شاعريءَ ۾ پيڙا جو احساس اثرائتي انداز سان
بيان ٿيل آهي.“
تقريب کي امداد حسيني، شوڪت حسين شوري، حميد سنڌي
۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته حيدرآباد توڙي ڄام
شوري ۽ ڪراچيءَ کان وڏي تعداد ۾ اديبن، شاعرن ۽
علم دوستن شرڪت ڪئي. اهڙيءَ طرح اڌ رات ڌاري هي
خوبصورت پروگرام پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.
*
8-اپريل تي محترم هدايت بلوچ جي وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي
نامياري شاعر ۽ اديب جناب عنايت بلوچ، سندس مان ۾
مقامي ڪلب ۾ هڪ شاندار دعوت طعام جو اهتمام ڪيو
هو، جنهن ۾ سنڌ جي جڳ مشهور هاڪاري عالم جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جناب حميد سنڌي، جناب سيد
آفتاب حسين شاهه ڄاموٽ، انجنيئر علي محمد خان
بلوچ، جناب غلام نبي مغل، جناب امداد حسيني، جناب
انعام الله شيخ، جناب جويي، جناب نصير مرزا، جناب
سرفراز راڄڙ، جناب اياز لطيف پليجي، جناب محمد
عثمان منگي، جناب غلام حسين مشتاق سچاوري، جناب
اعجاز قريشي ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي. مهمانن پنهنجن
تاثرات ۾ محترم هدايت بلوچ جي ادبي ثقافتي ۽
صحافتي خدمتن کي ساراهيندي توقع ظاهر ڪئي ته
سُڄاڻ شاعر، سنڌ کان دور بنگله ديش ۾ پنهنجي
قيام دوران سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خدمت ۾ سرگرم
رهندو ۽ ٻوليءَ جي محافظ طور پنهنجي ڪردار نباهڻ ۾
فعال ۽ متحرڪ ثابت ٿيندو.
-”راز“ شاهاڻي |