ڪتاب ”سنڌ: اسٽيڊيز ڪلچرل“ جو علمي ۽ تنقيدي جائزو
گل محمد عمراڻي
سوشل سائنسز (سماجي علوم) جي ميدان ۾ تمدني اڀياس
هڪ اهم موضوع آهي. سوشل سائنسز سان ڪلچر(تمدن) جي
ڪهڙي واسطيدار آهي؟ انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڏيڪ
نشانبر نقطو سماجي قدرن جي گهڻائي آهي. ڪثرت جون
هجڻ اڻٽر آهي، ڇو ته انسان تمدني ذريعن وسيلي
سکندو آهي. فطري ماحول موجب زندگي گهارڻ هڪ من
موهيندڙ تخيل آهي. دراصل انهيءَ جبلت کي تمدني
حقيقت چئبو آهي. سوشل سائنسز ٻن مرڪزي نقطن جي
نشاندهي ڪن ٿيون: هڪ ته ڪلچر انساني تاريخ ۽ تهذيب
جي باضابطه اصولن تحت معنيٰ ۽ مقصد فراهم ڪري ٿو،
ٻيو ته ڪلچر سماجي نشست و برخاست جا معيار مقرر
ڪري ٿو. اُنهن کان سواءِ انسانذات لاءِ هڪ ٻئي کي
سمجهڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو. اُنهن نازڪ علمي نقطن کي
پنهنجي تمدني تاڃي پيٽي جي اعتبار کان ڀرپور مڃتا
۽ موٽ ڏيڻ خاطر اهو اڻٽر آهي ته اسين ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ صاحب جي ڪتاب کي علمي نگاهه کان
پرکيون ۽ پروڙيون. ڪتاب ”سنڌ: اسٽيڊيز ڪلچرل“
پاڪستان ۾ سوشل ائنٿراپالاجيءَ جي اڀياس جي پيڙه
جو پٿر رکندڙ ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي لوڪ ادب تي تحقيق به هڪ عظيم الشان ڪارنامو
آهي. هيءُ ڪتاب نهايت قابل قدر سماجي سائنسز جي
معياري تحقيقي مقالن جو مجموعو آهي.
هيءُ ڪتاب نهايت آب و تاب سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي
پاڪستاب اسٽڊي سينٽر پاران تازو ڇپجي پڌرو ٿيو
آهي. ڪتاب 402 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت
400 رپيا آهي. دراصل هيءَ شاندار تصنيف ساڳئي
اداري پاران 2002ع ۾ ڇپيل ”سنڌ: اسٽڊيز هسٽاريڪل“
جي شانائتي جوڙي آهي. تجزئي هيٺ ڪتاب نهايت
جانفشانيءَ سان لکيل ويهن بلند معيار تحقيقي
مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو فاضل مصنف سنڌ
يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسيلر، بين الاقوامي
شهرت جو مالڪ محقق ۽ قابل فخر تعليمي ماهر ( هن
وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر
جو پروفيسر ايمريٽس) ڊاڪٽر بلوچ آهي. ڪتاب ۾
موجوده مقالا ”سنڌ“ متعلق اهم پهلوئن-علم الانسان،
لوڪ ادب، ڪلاسيڪل ادب، آرٽ، فن تعمير، موسيقي،
آثار قديمه، فن تحرير، خطاطي، مابعدالطبعيات،
تصوف، نصاب ۽ تعليم، جهازراني ۽ آبپاشي نظام تي
مشتمل آهن.
ڪتاب ”سنڌ: اسٽڊيز ڪلچرل“ فاضل محقق جي ڀرپور علمي
پورهئي جو ثمر شيرين آهي، جنهن ۾ مصنف جي مشقت ۽
ڏاهپ جي روشن جهلڪ سان گڏ هن مايه ناز عالم پاران
علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪيل اڻٿڪ محنتن جو جلوو
نظر اچي ٿو، جيڪو کيس جاڳرتا واري شخصيت جو مقام
ڏئي ٿو ۽ پنهجن ڏيهي ماڻهن سان سندس اڻ مٽ دلي
لڳاءُ جو چٽو پٽو ثبوت پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ شاهوڪار
۽ سدا حيات تمدن جا اهڃاڻ: وڻ، ٻوٽا، جيت ۽
ساهوارا، جانور، تاريخ، جاگرافي، هنر ۽ ڪاريگري ۽
موسيقيءَ جهڙا موضوع شامل آهن. قديم يوناني مفڪر
جي قول موجب اسان جو هيءَ عالم ”علم کي سچ ۽ جهالت
کي ڪوڙ“ سمجهي ٿو. سندس پيار جي پورهئي مان محبت
جو ميٺاج ۽ اڻکٽ روشني جهڙا تابناڪ تصور اُڀرن
ٿا، جيڪي ان حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿا ته ڪلچر زنده
جاويد هوندا آهن ۽ دنيا جي تاريخ اُنهن جو گڏيل
داستان آهي؛ مختلف قسمن جي تمدن ۾ انساني تاريخ جا
ورق شامل آهن. ڪسرنفسيءَ کان ڪم وٺندي فاضل محقق
ڪتاب ۾ موجود مقالن کي گهڻو ڪونه پڏايو آهي، جڏهن
ته اهي مقالا ڊاڪٽر صاحب پاران قديم انساني تمدن
بابت سندس علمي جاکوڙ جو تت آهي، ۽ هن خطي جي ڪلچر
متعلق نهايت ڪارائتي انداز ۾ روشني وجهن ٿا.
سڀ کان پهريون مقالو ”سنڌ جي تمدن جي تلاش“
(In Search of the Iandus Culture Sites) سنڌ جي تاريخ بابت محقق جي تانگهه ۽ تڙپ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ لوڪ
ادب ۽ نسب نامن جي ڳولا ۾ محقق پاران سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ سرانجام ڏنل اڻانگين مسافرين جو ثبوت پيش
ڪري ٿو. سندس انداز بيان نهايت عام فهم آهي. اهڙي
مهارت سان فاضل محقق موهن جي دڙي واري دَور ۽ اُن
کان پوءِ جي مکيه آثارن تي روشني وجهي ٿو. محققانه
پيرايي ۾ لکيل اهو مقالو آڳاٽن انساني ماڳن، مڪانن
۽ مهراڻ جي بدلجندڙ وهڪرن جي نتيجي ۾ پکڙيل سنڌو
تهذيب تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو. فاضل مصنف جي
راءِ آهي ته اهڙي اڀياس ذريعي تاريخ کان اڳ واري
دَور جي مکيه ماڳن، مڪانن ۽ سنڌوءَ جي قديم وهڪرن
جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ موجب
سنڌو درياهه جي قديم وهڪرن ۽ اُن جي شاخن جي
پوئواري ڪندي هڪ محقق لاءِ قياس آرائي ذريعي تاريخ
کان اڳ ماڳ ڳولي لهڻ جو قوي امڪان موجود آهي.
سنڌوءَ جي بدلجندڙ رخن کي مصنف ٽن سلسلن جو نالو
ڏنو آهي: الهنديون سلسلو، وچولو سلسلو ۽ اڀرنديون
سلسلو. هي مقالو آثار قديمه تي وڌيڪ اڀياس جو
اُتساهه پيدا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڏکڻ سنڌ جي قديم
آثارن بابت ڪا باضابطي ۽ مڪمل سروي ڪانه ٿي آهي،
مگر 1974-1975 ڌاري ڪجهه آثارن جي سروي ڪئي ويئي
هئي، جيڪا پيشورانه نقطه نظر کان ڪيل ڪانهي.
ٻيو مقالو ”لوئر سنڌو ماٿر (سنڌ) ۾ زمان ۽ مڪان جي
ماڻن ۽ ماپن“
(Measurement of time and space in the lower
Indus Valley). متعلق آهي ۽پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هي شاندار اڀياس ان
موضوع تي نهايت قابل قدر انگن اکرن جي ميڙ چونڊ ۽
ڀيٽا جو هڪ بينظير مثال آهي ۽ ان امر جي چٽائي ٿو
ڪري ته 2500 کان 1800قبل مسيح دوران سنڌ جي مهان
معاشري تورماپ جو هڪ عاليشان نظام جوڙيو هو. موهن
جي دڙي ۽ هڙپا جي آثارن جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿيو
آهي ته هن خطي کي پنهنجو ’ڏهائي سرشتي‘ جو يڪسان
نظام هو. سنڌ ۾ اهو نظام وڌيڪ واضح ۽ وڌيڪ مڃتا
ماڻيندڙ هو. ايتري حد تائين جو اهو ساڳئي رنگ ۽
ڍنگ سان موجوده دَور ۾ موجود آهي.
ٽيون مقالو ”سنڌو ماٿر ۾ آبپاشي ٽيڪنالاجي: سنڌي
نار/هرلي جي تخليق ۽ ترويج“ (Irrigation
Technology in the Indus Basin: Development of
Sindhian Wheel)
جو تاريخوار وچورپيش ڪري ٿو.
اهو مقالو ان موضوع بابت مختلف فني مرحلن جهڙوڪ
بندن جي اڏاوت، پاڻيءَ جي وهڪري، پاڻي مٿي ڇڪڻ/
چاڙهڻ لاءِ بند ٻڌڻ ۽ چاڙهه جي مقدار ۽ ان جي
سماجي بنيادن تي روشني وجهي ٿو. سنڌي نار/هُرلو
قديم دَور جي هڪ نهايت عجيب ۽ وڏي ڪارائتي مشين
هئي. اُن جو استعمال مختلف تمدنن جي پاڻ ۾ ميلاپ
۽ ساساني دَور ۾ سنڌ ۽ ايران جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن
جي نشاندهي پڻ ڪري ٿو. جڏهن سنڌ 8 کان 15 صدي
عيسويءَ ۾ اُموي ۽ عباسي خلافت جو حصو بڻي ته
هُرلي جو استعمال عراق ۾ به ٿيڻ لڳو. هن مقالي مان
پهريون ڀيرو اهو ثابت ٿيو ته تاريخي اعتبار کان
صحيح نالو ’سنڌي هُرلو‘
Sindhian Wheel
آهي ۽ نه ’ايراني هرلو‘ (Persian Wheel).
چوٿون مقالو ”قديم هنرن ۽ حرفتن“ (Traditional
Arts and crafts) بابت آهي ۽ سنڌ جي باشندن جي قديم ڪاريگرين ۽ هنرن تي
روشني وجهي ٿو. هيءُ مقالو هن ڌرتيءَ جي وسيع
تمدني ورثي جي شاهدي ڏيندي خطي ۾ صدين کان موجود
مورثي هنرن جي نمائندگي ڪري ٿو. فاضل محقق جي راءِ
مطابق لوڪ هنرن ۾ ڏيهي عمارتسازي ۽ مٽيءَ مان پڪل
رانديڪن ٺاهڻ جو هنر سنڌ ۾ سڀ کان اول موهن جي
دڙي، آمري ۽ ڪوٽ ڏجيءَ جي کنڊرن ڏانهن منسوب ٿيل
آهي. توريت ۾ ذڪر ڪيل ”سنڊن“ ڪپڙو به سنڌ ۾ ٺهندو
هو ۽ حصرت عيسيٰ عه جي جنم کان به گهڻو اڳ ڀونوچ
سمنڊ وارن ملڪن ڏانهن اُماڻيو ويندو هو. فاضل
محقق ڪتاب ۾ نهايت خوبصورت تصويرن ذريعي ٺڪر جي
ٿانون، ڪمانگري، جنڊي، ڪاشي، غاليچن، فراسين، چمڙي
تي ڀرت، ڪپڙي سازي جهڙوڪ سوسي، گربي ۽ اجرڪ جي
مختلف ڊزائينن ۽ نمونن سان گڏ لونگي، کيس، رلي ۽
ڪپڙي تي ڀرت جي انيڪ ڊزائينن ۽ نقش نگار کي سهڻي
نموني سان پيش ڪيو آهي.
پنجون مقالو سنڌ جي وڻن متعلق آهي (The
Dye Yeilding `,Kandala` Tree)
جنهن ۾ ”ڪنڊالا“ وڻ ۾ رنگ جي پيداوار تي بحث ٿيل
آهي. هن وڻ ڏانهن محقق جو ڌيان اسلامي تاريخ جي
هاڪاري عالم ڊاڪٽر محمد حميد الله ڇڪائيندي ڊاڪٽر
صاحب کي سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ موجود
”الڪنڊاليٰ“ وڻ بابت ٻڌايو هو، ته اُن جو ذڪر جڳ
مشهور ماهر نباتات ابو حنيفه الدينوري نائين صدي
عيسويءَ ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب النباتات“ ۾ ڪيو
هو. ابو حنيفه الدينوريءَ جي تحقيق موجب الڪنڊاليٰ
هڪ قسم جو وڻ آهي جنهن مان ڳاڙهو رنگ پيدا ٿئي
ٿو. اهو وڻ سنڌ ۾ پيدا ٿئي ٿو. ان جي ڳاڙهي رنگ
مان سنڌ جي شهر ديبل ۾ چمڙو رڱجي ٿو، جيڪو بغداد ۾
وڪامي ٿو ۽ ’ديبلي چمڙو‘ سڏجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب
پاران ڪيل فيلڊ ورڪ مان معلوم ٿيو ته سنڌ جي
سامونڊي پٽيءَ ۾ ٽن قسمن جا وڻ اُڀرن ٿا، جن کي
تمر، چانـِئر ۽ ڪرڙو جي مقامي نالن سان سڃاتو وڃي
ٿو. پنهنجي ڪيل تحقيق ۽ هيڊل ۽ جي. اي. اسٽوڪس جي
حوالن جي آڌار تي فاضل محقق ان نتيجي تي پهتو ته
الدينوريءَ جو بيان ڪيل ”الڪنڊاليٰ“ دراصل مقامي
”ڪرارُو“ (Karraru)
آهي.
ڇهون مقالو ”لوڪ ادب جو جائزو“ (A
Survey of Folklore)
آهي، جيڪو سنڌ جي ڪلچرل ائنٿراپالاجيءَ جي موضوع
تي عظيم الشان محققانه ڪم آهي ۽ اهڙي ڪوشش ملڪ جي
ڪنهن به محقق جي حصي ۾ اڳ آيل ڪانهي. مقالي جي
شروعات ۾ 1957ع ۾ شروع ٿيندڙ اُن پراجيڪٽ تي مفصل
روشني وڌل آهي. اها علمي رِٿا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
ئي سوچ جي پيداوار هئي، جيڪا چاليهن جلدن تي مشتمل
هئي، جنهن ذريعي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ، سموهڻ ۽ ڇاپڻ
جو پروگرام رٿيل هو، جنهن تي ٽيهن سالن
(1959-1990ع) جو پورهيو ڪيو ويو. هن بهترين رٿا جا
ٻائيتاليهه جلد سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري ۽ فاضل
محقق جي نگرانيءَ هيٺ پورا ٿيا ۽ شايع ٿيا. اهو
نهايت ڏکوئيندڙ واقعو آهي ته هيءَ عظيم الشان رٿا
اوچتو بند ڪئي ويئي، جڏهن ته اُن جا ٻيا ڏهه کن
جلد اڃا پايه تڪميل تي پهچڻا هئا. سنڌي ادبي بورڊ
کي سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي اُن رٿا کي وري جاري
ڪرڻ گهرجي. سنڌ ائنٿراپالاجڪ ۽ ڪلچرل ميدانن ۾
اڀياس جو ڪم ڪندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ کي به اڳتي اچڻ
گهرجي. موجوده مقالو لوڪ داستانن، لوڪ ڪهاڻين، خطي
۾ مشهور عشقيه ڪهاڻين، سنڌ کان ٻاهر عشقيه
داستانن، ڳجهارتن، سوڻن سوٺن، شادين مرادين ۽
مذهبي نوعيت جي ادب جهڙوڪ ٽيهه اکرن، سينگار ۽ هنر
جي شاعري، لوڪ گيتن، ڳيچن، جنگنامن، ڪافين ۽
مناظرن وغيره تي مشتمل آهي.
ستون مقالو ”عظيم الشان موسيقي جي روايت: سنڌي سُر
۽ اسپين جوڪانتي خوندو“ بابت آهي
(The Great Music Tradition: Sindhian Melodies
and Cante Jondo of spainn).
هن مقالي ۾ فاضل محقق سنڌي-جپسي موسيقيءَ تي خيال
آرائي ڪندي ٻڌائي ٿو ته جپسي موسيقيءَ جو بڻ بنياد
سنڌ ۾ وڌو ويو. سنڌ جا باشندا گهڻو اڳ هتان لڏ
پلاڻ ڪري هڪ طويل عمل کان پوءِ بلڪان ۽ ٻين يورپي
ملڪن جي تمدني تاڃي پيٽي ۾ ملي هڪ ٿي ويا. انگريزن
کي جڏهن مصر ۾ گڏيا ته غلطيءَ وچان مصري ڄاڻندي
اُنهن کي ”جپسي“ نالو ڏنائون. جڏهن ته سنڌي لفظن
جي اڪثريت تي ٻڌل جهوني اڪرتي بنياد واري مقامي
لغت جو لفظ ”جپسي“ سنڌي هجڻ جي دلالت ڪري ٿو.
”زرياب“ خليفي پاران آزاد ڪيل درٻاري موسيقيءَ جي
ماهر طور پاڻ مڃرايو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق موجب
اُن معروف موسيقار ’زرياب‘ سنڌي سُرن کي اسپيني
موسيقيءَ ۾ متعارف ڪرايو. پنهنجي اهڙي دليل جي
ثابتيءَ ۾ سنڌي سُرن ۽ اسپيني ”ڪانتي خوندو“ ۾
مماثلت ٻڌائي ٿو. وڌيڪ چٽائي ڪندي چوي ٿو ته
”اندلس جو ڪانتي خوندو ’بيت‘ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سنڌي
لوڪ گيت هوبهو ائين ڪونهي، تڏهن به منجهانئن
اڪثريت جي جوڙجڪ ’بيت‘ جي شڪل ۾ آهي. سنڌ جي
الهندي ٽاڪرو علائقي جو هڪ مشهور معروف لوڪ گيت
’مورو‘ آهي، جيڪوعرب-اندلس پس منظر جي نشاندهي ڪري
ٿو ’سنڌوي‘ (المعروف سنڌي ڀيروي‘ ۽ ’لوڙائو‘ سنڌ
جا قديم سُر آهن. ڪانتي خوندو جي علامتي سُرن مان
ٽن سُرن هر هڪ سيگيوڊلو، سوليرس ۽ فنڊانگوس جي
سُرن جي اهڙي سٽاءُ سان واسطو آهي جيڪي ’سنڌي
ڀيروي‘ جي نمائندگي ڪن ٿا، جڏهن ته ڪمپانيلروس
’لوڙائو‘ جي برابر آهي.“
اٺون مقالو ”سنڌو ۽ سامونڊي ساحل تي موجوده
ٻيڙيون“ (Boats On the Indus and the coastline of Sindh)
جي عنوان سان آهي. محقق اُن موضوع جو گهرائيءَ سان
جائزو وٺندي ٻيڙين جي سنڌ ڌرتيءَ جي نموني ۽
تجارتي ميدان ۾ اهم ڪردار تي روشني وڌي آهي. قديم
زماني ۽ اُن کان به اڳ قبل از تاريخ کان وٺي ٻيڙين
جي سنڌين جي زندگيءَ ۾ جيڪا اهميت رهي آهي ساموهن
جي دڙي مان هٿ آيل تحقيقن مان واضح آهي. سنڌ اندر
مختلف قسمن جي ٻيڙين جو مدار پاڻيءَ جي ٽن قدرتي
وسيلن- درياءُ، ڍنڍن ۽ سمنڊ- تي رگيو آهي. محقق
ٻيڙين جي تاريخ تي اهڙي ته دلڪش پيرايي ۾ روشني
وڌي آهي. جو ائين پيو لڳي ته پڙهندڙ سنڌو تهذيب جي
حسين ڪنارن تي دل کي ڇهندڙ سير ڪري رهيو آهي. هن
موضوع تي فني ڪاريگريءَ جي نهايت باريڪ نقطن کي
نهايت ماهرانه انداز ۾ بيان ڪندي ايندڙ نسلن لاءِ
ٻيڙين جي مختلف حصن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي.
نائون مقالو ”سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود ڪلمتي مقبرن“
(Kalmati Tombs in Sindh Balochistan)
بابت آهي. سنڌ جي عرب- اسلامي تاريخ متعلق مصنف جي
ازلي عشق کي 1940ع کان 1944ع تائين سنڌ ۾ تفصيل
اسان فيلڊورڪ ڪرايو. ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعن کان علاوه
لس ٻيلي وارن علائقن ۾ قبرستانن جي لڳاتار پڙتال
ڪندي ڊاڪٽر صاحب پٿر جون اُڪريل قبرون ڳولي لڌيون.
هن مقالي ۾ اهڙين قبرن جا تفصيل ۽ تصويرون ڏنل
آهن. جن جي وسيلي اُن دَور جي معاشرتي زندگي ۽ اُن
جي ادبي روايتن جو بخوبي پتو پوي ٿو.
”سنڌي لپي، صورتخطي جا نمونا ۽ خوشخطي“ (Sindhi
Script, Orthography and Calligraphy)
ڏهين مقالي جو موضوع آهي. هن موضوع تي فاضل مصنف
جي محنت مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي انڊو- آرين
کيتر مان هڪ قديم زبان آهي. جديد تحقيق سنڌي
ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت تڪراري بحث ڇيڙي وڌو آهي،
جنهن موجب سنڌيءَ کي ويدڪ سنسڪرت دَور کان اڳ
پراڪرت واري سمي سان تعلق ڏيکاريندي ڄاڻايو ويو
آهي ته سنڌ جا باشندا تڏهن کان وٺي اها ٻولي
ڳالهائيندا هئا. موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن تي
لکيل اکر ويدڪ ۽ آريائي دَور کان اڳ جا آهن،
جيتوڻيڪ اُنهن مُهرن جي لکت کي پڙهي نٿو سگهجي.
محقق جديد سنڌي ٻوليءَ جو سمو 8 کان 11 صدي عيسوي
مقرر ڪيو آهي. تڪراري نقطي، ته نئين مقرر ڪيل لپي-
جيڪا برطانوي دور ۾ سنڌ ۾ رائج ڪئي ويئي هئي ساڪا
”بي. ايڇ.ايلس ايجاد ڪئي هئي“، کي رد ڪندي مصنف
چٽائي ٿو ڪري ته عربي-سنڌي لپي صدين کان وٺي
اسلامي درسگاهن ۾ ٿيل ڪاوشن جو نتيجو آهي. جڏهن
ايلس جي اڳيان لپيءَ جو مسئلو آيو، تنهن کان گهڻو
اڳ اها لپي سنڌ ۾ استعمال هيٺ هئي. هن ڪا نئين لپي
ايجاد ڪانه ڪئي هئي، مگر سنڌي آوازن جي گهڻائيءَ ۾
يڪسانيت پيدا ڪئي هئائين. اهڙي قسم جي چونڊ ڪندي
مسلمان عالمن جي لکتن کي بنيادي بنائي نهايت محنت
سان گُرمکي ۽ عربي لپين جي مداحن جي پسند واري
مونجهاري جو حل ڪڍيو اٿس. اسلامي مستشرقين جهڙوڪ
رچرڊ برٽن سنڌي ٻوليءَ لاءِ صورتخطي جو نسخ نمونو
پسند ڪيو هو.
يارهين مقالي جو عنوان ”قرآن مجيد جو اولين ترجمو“
آهي.
(The
first Translation of holy Quran.).
هن مقالي ۾ محقق آڳاٽو حوالو ڏنو آهي ته بزرگ بن
شهريار پنهنجي ڪتاب ”عجائب الهند“ ۾ قرآن پاڪ جي
اوائلي ترجمي ۽ تفسير جو ذڪر ڪيو آهي. اهو ترجمو
سنڌ جي گاديءَ واري شهر منصوره جي هڪ عالم ڪشمير
جي راجا لاءِ 270 هجري مطابق 883/884 عيسويءَ ڌاري
ڪيو هو. انهيءَ حوالي سان ڪلام الله جو اهو ترجمو
ننڍي کنڊ جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ۽ غالباً دنيا جي
مڙني ٻولين ۾ ”اولين ترجمو“ ليکيو وڃي ٿو. هن
مقالي ذريعي عرب دور ۾ سنڌ جي گاديءَ واري شهر
منصوره جي تاريخي پس منظر تي نهايت گهرائيءَ سان
روشني وڌي ويئي آهي ۽ گڏوگڏ اُتان جي حڪمرانن ۽
خوشخط بزرگن جي وڏي واکاڻ ڪئي ويئي آهي. ڊاڪٽر
صاحب بزرگ بن شهريار جي مذڪوره لکت جو تفصيل سان
جائزو وٺندي لکي ٿو ته اُن ۾ تڪرار ۽ تضاد جي ڪا
به گنجائش موجود ڪانهي، ڇو ته ڀروسي جوڳن حوالن
مطابق اهو مستند آهي. ان لحاظ کان اُن جي شاهدي کي
پڪو سمجهڻ گهرجي.
”طريقهء تعليم تي اولين ڪتاب“ (The
First on 'Mathod of Education')
ٻارهين مقالي جو موضوع آهي. ان مقالي ۾ مسلمان
تعليمدانن پاران نظري ۽ عملي تعليم جي ميدانن ۾
ڪيل خدمتن تي روشني وڌل آهي. الزرنوجي جو ”طالبن
جي تعليم، سکيا جو طريقه ڪار، (12 صدي عيسوي)
تعليمي نفسيات ۽ طريقي جهڙن اهم پهلوئن کي اجاگر
ڪري ٿو، جڏهن ته ”نهج التعلم“ سورهين صدي عيسويءَ
۾ تعليمي نظريي تي بوبڪ جي عالم مخدوم جعفر جو
لکيل هڪ بنيادي ڪتاب آهي. اهو ڪتاب تعليمي نظريي
۽ سکيا جي ميدان ۾ لڳاتار فروغ روشني وجهي ٿو ۽
ننڍي کنڊ ۾ اُن موضوع تي اهو پهريون پيشورانه ڪتاب
آهي.
تيرهون مقالو ”سيوهاڻي بزرگن“ (Saints
if Sehwan) متعلق آهي. هن مقالي جو موضوع بزرگن جي حوالي تي ٻڌل ادبي
سرمايو ۽ سندن اقوال آهن. مشرقي تصوف ۽ مسيحي تصوف
متعلق هن مقالي جي علمي حيثيت مُسلم آهي. صوفين ۽
بزرگن جي سر زمين سنڌ ۾ اوليائن جي حياتيءَ تي هي
هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. ڊاڪٽر صاحب موجب ”تاريخ مشائخ
سيوستان“ سيوهاڻي بزرگن بابت اوائلي ماخذ آهي.
اوليائن جي حياتيءَ جي اصولن تي ٻڌل ڏهين صدي
هجريءَ (سورهين صدي عيسوي) کان وٺي سنڌ ۾ ڪتابن جو
چڱو تعداد لکيو ويو آهي ۽ سنوار ترتيب جي لحاظ کان
”تاريخ مشائخ سيوستان“ پنجين نمبر تي اچي ٿو. ڪتاب
جو مصنف سيوهڻ جو باشندو عبدالغفور بن حيدر نالي
هو. هن چوڏهين صدي عيسويءَ جي سيوهڻ ۾ دفن ٿيل
بزرگن جي سوانح لکي آهي ۽ پهريون دفعو قلندر لعل
شهباز جي مقبري ۽ پسگردائيءَ وارين مسجدن ۽
عمارتن تي لکيل عبارتن کي قلمبند ڪيو آهي. اهي
لکتون سنڌ ۾ اوائلي فارسي عبارتون سمجهيون وڃن
ٿيون. جڳ مشهور بزرگ مخدوم قلندر لعل شهباز جي
زندگيءَ جو احوال سڀ کان آڳاٽو ۽ مفصل تذڪرو آهي.
هي هڪ عجيب اتفاق آهي ته ڊاڪٽر صاحب 1948ع ۾ ان
خيال جو اظهار ڪيو هو ته سلطان محمد بن تغلق کي
عارضي امانت طور سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر
صاحب تاريخ مشائخ سيوستان جي ليکڪ جي شاهديءَ کي
بنياد بنائي پڪو خيال ظاهر ڪيو آهي ته 1043 هجري ۾
عبدالغفور بن حيدر تاريخ مشائخ سيوستان لکندي
هيٺين حقيقت بيان ڪئي آهي: ”مخدوم (عثمان قلندر)
جي مقبري جي ڀر ۾ ڏکڻ پاسي هڪ وڏو قبو آهي، جنهن ۾
سلطان محمد بن تغلق کي امانت طور دفنايو ويو هو.
اهو قبو اڄ ڏينهن تائين صحيح سلامت بيٺل آهي.“
”سهروردي ميانوال طريقو: بنيادي جوڙجڪ ۽ پوءِ جا
واڌارا“ (The Suhrwardi Miyanwal Tariq: Initial Formulation and later
Accoretions) چوڏهين مقالي جو موضوع آهي. ڊاڪٽر صاحب نهايت باريڪ بينيءَ
سان سنڌ جي حڪمران عباسي خاندان تي شروعاتي صوفي
سهروردي طريقي جي اثر ۽ پوءِ ميانوالي مخصوص ريتن
رسمن جو جائزو پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب شايد
پهريون محقق آهي، جنهن سنڌ جي ان حڪمران گهراڻي جي
مابعد الطبعيات پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ پنهنجي
’سهروردي ميانوالي‘ طريقي کي اڀارڻ ۽ عام ڪرڻ خاطر
ميان نصير محمد لفظ ”ميان“ جي برڪت ۽ عظمت کي
اڀاريو، جنهن موجب الله کان پوءِ (رسول صلي الله
عليہ وآلہ وسلم) ۽ پوءِ ’ميان‘ جو رتبو هو. ”الله
توهار“، ”دعا“، ”آزي“ ۽ ”گفتار“ ”ميانوال سلسلي“
جا چار ٿنڀ ڳڻيا ويندا هئا.
پندرهين مقالي جي عنوان آهي ”امام بخاريءَ جي جامع
صحيح: ٺٽي جي عالمن پاران ’اطراف‘ جو اڀياس.“ (Jami'
Sahih of Imam Bukhari: Studies of ARTAF by
Ulama" of Thatta)
’جامع صحيح‘ کي، جنهن کي عام طور ’صحيح بخاري‘
ڪوٺيو وڃي ٿو، حديث جي حوالي سان وڏي فوقيت حاصل
آهي. ’اطراف‘ هڪ حقيقي فن آهي، جنهن کان پوءِ
Indexing ۽ انسائيڪلو پيڊيا جا طريقا عمل ۾ آيا.
ٻارهين صدي هجري مطابق ارڙهين صدي عيسويءَ ڌاري
ٺٽي جي ٻن ناميارن عالمن صحيح بخاريءَ جي اطراف تي
تحقيق جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ان ڏس ۾ علامه ابوالحسين
نورالدين محمد ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو بنيادي
اهميت وارو ڪم وقت جي دز ۾ لَٽيل هو، جنهن کي
ڊاڪٽر صاحب اجاگر ڪيو آهي. علامه ابوالحسين جي
ڪتاب ”اطراف صحيح بخاري“ جو 1363 هجريءَ ۾ نقل ڪيو
هڪ نسخو جدي جي آفندي محمد نصيف جي ڪتبخاني ۾
محفوظ آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ڪتاب ’اطراف
صحيح بخاري‘ وڌيڪ جامع ۽ معياري آهي اُن جو قلمي
نسخو پير جهنڊي ۾ محب الله شاهه مرحوم جي ڪتبخاني
۾ موجود آهي.
سورهين مقالي جو تعلق ”سنڌ ۾ فارسي ادب جي ترويج“
سان آهي (Development of Persian Literature).
ستين صدي هجريءَ ۾ سلطان ناصر الدين قباچه جي
حڪمرانيءَ دوران فارسي سنڌ جي سرڪاري ٻولي مقرر
ٿي. اُچ اُنهن ڏينهن ۾ گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اُن ۾
فارسي نثر ۽ نظم لکندڙ عالمن جي وڏي حوصله افزائي
ٿي. سنڌ جي تاريخ تي به ڪافي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي
سڀ فارسي ٻوليءَ ۾ هئا. ”فتح نامہ سنڌ“ جيتوڻيڪ
اصل عربيءَ ۾ لکيل هو. اُن کي علي بن حامد ڪوفي
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مير محمد معصوم بکريءَ جي
مشهور تصنيف ”تاريخ سنڌ“ فارسيءَ ۾ اولين ڪتاب هو،
جنهن ۾ اڪبر جي دَور تائين سنڌ جي تاريخ تي روشني
وڌي ويئي آهي. بعد ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي سنڌ
جي تاريخ تي ”تحفةالڪرام“ نالي جامع ڪتاب لکيو،
جنهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور تائين جي واقعن جا
تفصيل ڏنل آهن. ڊاڪٽر صاحب ارغون دَور کان وٺي
ٽالپر دَور تائين فارسيءَ ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيلي
جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ تعليم ۽ تاريخ سان گڏ
تصوف، ملفوظات، اوليائن جي حياتيءَ جا احوال، نثر
۽ نظم جا مجموعا، گرامر پيشورانه فني ۽ سائنسي
مضمونن جهڙوڪ طب، فلڪيات، جاگرافي، رياضي، شڪار ۽
علم نجوم تي عالمانه ۽ محققانه بحث ٿيل آهي.
ڪتاب جا آخري چار مقالا مختلف موضوعن تي لکيل
آهن، جن مان فاضل مصنف جي علمي عظمت جو بخوبي
اندازو ٿئي ٿو. اُنهن مان پهريون مقالو ”1843ع ۾
انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ سورهين صديءَ
کان وٺي ٽالپرن دَور تائين سنڌ ۾ تعليم جي ترويج ۽
ترقيءَ متعلق آهي. ٽالپرن جي دور ۾، بيٺڪي عالمن
جهڙوڪ رچرڊ برٽن ۽ بي. ايڇ. ايلس جا حوالا ڏيندي
فاضل محقق ٻڌائي ٿو ته عموماً تعليم، فقہ، منطق،
فلسفي، تاريخ، جاگرافي،علم لغت، ادب ۽ پيشورانه
تعليم جي ميدان ۾ قابل تعريف ترقي ٿي هئي. بي.
ايڇ. ايلس واري ”سنڌ جي تعليم بابت رپورٽ“ تي
نهايت گهرائيءَ سان روشني وجهندي ڊاڪٽر صاحب ان
نتيجي تي پهتو آهي ته مذڪوره رپورٽ انگن اکرن سان
ته ڀرپور آهي، پر مستند مواد جي لحاظ کان ڪافي
ڪمزرو آهي. برطانوي دَور کان اڳ واري زناني تعليم
تي روشني وجهندي فاضل محقق ٻڌائي ٿو ته بنيادي ۽
مڪتبي تعليم جو هڪ ڄار وڇايل هو، جتي اعليٰ معياري
تعليم ۽ مالي امداد جو عمدو بندوبست ٿيل هو. اُنهن
حقيقتن پٽاندر فاضل محقق حتمي نتيجو ڪڍيو آهي ته
انگريزن جي دَور ۾ نئين نظام تحت قائم ٿيندڙ
اسڪولن ڏانهن مسلمان والدين پنهنجا ٻار موڪلڻ کان
اِنڪري ڪيٻائيندا هئا جو هڪ ته ملڪ وڃائڻ جي ڪري
مَنجهن محروميءَ ۽ اجنبيت جو احساس هو ۽ ٻيو ته
بيٺڪي طاقت جي ادارن تي کين شڪ هو ته اُهي مغربي
تعليم ذريعي عيسائي مذهب جو پرچار ڪندا، جنهن ڪم ۾
نوان گورا حڪمران شروع وارن ڏهاڪن کان ئي رڌل هئا.
”شاهه عبداللطيف ۽ اوائلي ارڙهين صدي عيسويءَ ۾
شاهه جو راڳ“ (Shah Abdul Latif and the Music Institution of 'Shah-Jo Raag')
اُڻويهين مقالي جو موضوع آهي. شاعري ۽ اعليٰ
صوفيانه فڪر ۾ ’وڏي مڃتا‘ سان گڏ شاهه صاحب جي
موسيقي ۽ راڳ واري باڪمال صلاحيت سامهون آئي. شاهه
عبداللطيف موسيقيءَ جي ماهيت کان باخبر هو ۽ هن
’هندستاني موسيقي‘ ۽ ’سنڌي موسيقي‘ جي روايتن جي
ميلاپ سان ’شاهه جي راڳ‘ جو بنياد وڌو. پنهنجي راڳ
جي ارادي لاءِ شاهه هڪ ’نئون ساز‘ يعني ”دَنبور“
ايجاد ڪيو ۽ راڳ جي هڪ ’نئين انداز‘ جي ايجاد جو
سهرو به سندس ئي سر تي سونهي ٿو، جنهن موجب
ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقيءَ کي ملائي ”شاهه جو راڳ“
تخليق ڪيائين.
اُڻويهين مقالي جو موضوع ”مولانا جلال الدين رومي
۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (Maulana
Jalaluddin of Rum and Shah Abdul Latif of Bhit)
آهي، جنهن ۾ ”شاهه جي رسالي“ ۽ مولانا جي
”مثنويءَ“ جي ڀيٽ نهايت ماهرانه انداز ۾ ڪيل آهي.
اُنهن ٻنهي عطيم ذهنن پنهنجن ذاتي طريقن سان
انساني وجود، حق شناسي، خودشناسي، توحيد، محبت ۽
درد جهڙن بنيادي نقطن جي اپٽار اهڙي نموني ڪئي
آهي. جو سندن تخيل ۽ اظهار ۾ ڪافي هم آهنگي نظر
اچي ٿي. ڊاڪٽر سورلي وضاحت ٿو ڪري ته ”ڀٽائي،
روميءَ جو ڪنهن به حالت ۾ تقليد ڪندڙ ڪونهي، مگر
هو پنهنجن ئي خيالن کي پنهنجي ئي انداز ۾ پيش ڪري
ٿو.“ مثنويءَ کي فارسيءَ ۾ قرآن ڪوٺيو ويو ۽ شاهه
جي رسالي لاءِ به چيو ويو ته ”جي توبيت ڀانئيا، سي
آيتون آهين.“ ”مثنوي“ وانگر ”شاهه جو رسالو“ به
سنڌيءَ ۾ هڪ ضخيم ڪتاب آهي. ٻن روحاني رهبرن ۽
دنيا جي عظيم شاعرن تصوف جي منزلن طيء ڪرڻ لاءِ
جيڪو درس ڏنو آهي، تنهن ۾ حد ڪمال يڪسانيت موجود
آهي.
آخري مقالي جو عنوان آهي ”نڙ ۽ نڙ موسيقي“ (The Nay and the Nay Music).
ڊاڪٽر صاحب پوري تحقيق سان ترڪي، ايران ۽ پاڪستان
جي سنڌ- بلوچستان علائقي جي گڏيل ورثي يعني ”نڙ
موسيقيءَ“ جي نوعيت ۽ تاريخ جو جائزو ورتو آهي. نڙ
موسيقي دهقاني ماڻهن جو ساز آهي، جيڪو سڀ کان اول
ترڪي ۽ ايران وارن خطن ۾ استعمال ٿيو. نڙ موسيقيءَ
کي عالمگير سڃاڻپ تڏهن ملي جڏهن مولانا رومي
مثنويءَ جي پهرئين دفتر ۾ اُن جي واکاڻ ڪئي. هن
ساز کي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ گهڻو وقت اڳ ڏکڻ ايران
کان لڏي آيل بلوچ قبيلن متعارف ڪرايو ۽ سنڌ ۾ اها
اصلي شڪل صورت واري نڙ موسيقي اڄ تائين ’لوڪ ڌنن‘
۾ جاري آهي، جيڪا جذبات ۽ احساسات کي ڇُهندڙ آهي.
بهرحال مقالو ستن سُرن ۽ آلاپن جي فني پيچيدگين
سان ڀرپور ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقيءَ جي شائقين لاءِ
هڪ بيش بها خزانو آهي.
”سنڌ: اسٽڊيز ڪلچرل“ (سنڌ: ثقافتي مطالعا) هڪ عظيم
الشان علمي ڪاوش آهي، جيڪا سنڌ جي تمدن، آثار
قديمه، تاريخ ۽ سماجي علمن تي مثالي روشني وجهي
ٿي، ۽ اُنهن بابت فاضل مصنف جي پوري ڄمار جي جستجو
تي دلالت ڪري ٿي.
ڪتاب ۾ ڏنل نقشا، اسڪيچ، چارٽ ۽ تصويرون اُن کي
چار چنڊ لڳائين ٿا ۽ علم جي پياسن لاءِ کين هڪ
اجهاڳ علم سمنڊ جي حيثيت ڏين ٿا. هيءُ ڪتاب ”سنڌ“
جي ثقافت بابت تهذيب جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن
تائين اڻ ٽٽندڙ ڌارا جي حفاظت جو ڪم ڏئي ٿو. ان
طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ڪتاب وسيلي سنڌ جي تهذيب ۽
تمدن جي هڪ پيرائتي ۽ مستند ڪهاڻي لکي هڪ لازوال
خدمت سرانجام ڏني آهي، جيڪا ٻاهرئين دنيا ۾ ٿيندڙ
اعليٰ معيار جي اهڙي علمي پورهئي سان ڪلهو ڪهلي ۾
ملايو بيٺو آهي.
(سنڌيڪار: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ) |