سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :1

مهراڻ 2005ع (2)

ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

 

هيءَ جا لات ”لطيف“ جي

 

شمع ٻاريندي شب،

پره باکون ڪڍيون،

موٽ، مران ٿي مينڌرا،

راڻا! ڪارڻ رب،

تنهنجي تات طلب،

ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا.

 

شاهه عبداللطيف جي ڪلام جي مقبوليت جو وڏو سبب اهو آهي ته هن صوفياڻي شاعريءَ جا بنيادي نڪتا عوام ۾ مقبول عشقيه داستانن جي ذريعي ظاهر ڪيا، جيڪي سندس ملڪ ۾ مشهور آهن. پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي شاهه لطيف جي هر مصرع مان پنهنجي ڌرتيءَ جا اهڃاڻ ۽ اُن جي سڃاڻ جا سوين سبق ملن ٿا. شاهه لطيف مشهور شاعرن جو خيالن تان استفادو ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪيوآهي. صوفي متا، جيڪي هن اجاگر ڪرڻ چاهيا، سي هن سورمين يا سورمن جي زباني چَورايا، جيئن عام مشرقي شاعرن جي دستور آهي. گهري فڪر جي ذريعي شاهه لطيف پنهنجي سُڃاڻ ڪرائي، سهڻي ميهار ۽ سسئي پنهونءَ جي عشقيه داستانن کي هن پنٿي فرقي موجب پنهنجي رسالي ۾ صوفياڻن طريقن سان ڪيترن ئي هنڌن تي ورجايو آهي. توڙي جو اُهي مجازي محبت جا داستان آهن.

شاهه عبداللطيف جو ڪلام سمجهڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي، توڙي جو سندس اسلوب بيان سليس، صاف ۽ چٽو آهي. اُن ۾ جيڪي صوفياڻا نڪتا ۽ روحاني راز سمايل آهن، سي يورپ جا عالم ۽ عام طور مقامي پڙهيل ڳڙهيل، جيڪي پاڻ کي سياڻو سمجهن ٿا، تن کان جيڪڏهن ڪنهن بيت جي شرح پڇي ويندي، ته هو مُنجهي پوندا. پر شاهه جي ڪلام جا پارکو اُن جي معنيٰ ۽ مطلب سولائيءَ سان بيان ڪري سگهندا ...“

 ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ

[”شاهه جو رسالو“ 1866ع، جرمني]

- سنڌ ثقافت ايڊيشن، 1985ع، پيش لفظ-

سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!

[شاهه]

 

سوچ - لوچ

 

حضرت شاهه  عبداللطيف ڀٽائي رح جو ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس علم، ادب ثقافت، ۽ روحانيت جي حوالي سان حضرت شاهه عبداللطيف  ڀٽائي رح جو ڪلام پوري انسانذات لاءِ ٻاٽ ۾ لاٽ وانگر آهي.اسين سنڌي پنهنجي اِن عظيم المرتبت شاعر کي ’لاکيڻو لطيف‘،  ’ڀٽ ڌڻي‘، ’ڀٽائي گهوٽ‘، ’شاهه ڀٽائي‘، ’لالئون لال لطيف‘، ’سدا حيات شاعر‘، ’شاعرن جو سرتاج‘...جي نالن سان سڏيندا آهيون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ڪلام مڪاني رڱ ۾ رڱيل ۽ ويڙهيچن جي واس ۾ واسيل هئڻ جي باوجود آفاقي قدرن جو حامل آهي.

شاهه سائينءَ جو ميلو گذريل اڍائي سَو سالن کان ٿيندو پيو اچي. ’سماع‘ خودشاهه سائينءَ جي حياتيءَ ۾ شروع ٿيو- ۽ ٽن سَو سالن  کان اڄ تائين- اُها لطيفي لات ٻُرندي ٿي اچي. سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي  بخش خان بلوچ جي چوڻ موجب- راڳ جو اهو ادارو، سڄي دنيا ۾، قديم ترين ادارو آهي، جيڪو ٽن سَون سالن کان قائم آهي. 

تازو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ميلو خير سان پُڄاڻيءَ تي پهتو. شاهه سائينءَ جي 261 هين عرس جي سلسلي ۾ 14، 15، 16 صفر/25، 26، 27 مارچ- ٽيئي ڏينهن، سرڪاري سطح تي روايتي تقريبون ٿيون، جن ۾ ادبي ڪانفرنس، سُگهڙن جي ڪچهري ۽ لطيفي راڳ رهاڻ اهم آهن. اڄ کان مُني صدي اڳ ۾، ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ ۽ لطيفي جو اِهو رنگ سُرنگ جن شخصيتن ڀريو، اُنهن ۾ سائين ميران محمد شاهه ۽ سائين جي . ايم. سيد جا نالا اهم آهن.

”ڀٽ شاهه ڪلچرل  سنيٽر“ جي هڪ تاريخ آهي. اُن جو رڪارڊ ڪٿي محفوظ به آهي يا نه، سا ته خبر خدا کي ۽ اُنهن صاحبن کي، جن جي قبضي ۾ آڳ واڳ رهي! پر ان سلسلي جون ڪجهه ڪڙيون سائين جي. ايم. سيد جي تصنيف ”رهاڻ“  ۾ ملن ٿيون. اها تصنيف اُنهن خطن تي مشتمل آهي، جيڪي سائين ميران محمد شاهه، سائين جي. ايم. سيد کي لکيا. سائين جي. ايم. سيد، سائين ميران محمد شاهه لاءِ لکي ٿو:

 1932ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو بنياد وڌائين. 1950ع ۾ وزير ٿيڻ تي، شاهي رستي کان ڀٽ شاهه تائين  پڪو رستو ٺهرائي، ادبي ڪانفرنس کي نئون رنگ ڏنائين.

[”رهاڻ“ فصل پهريون، ص 13]

 

سندس زندگيءَ جا نمايان ڪم شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي تي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو بنياد وجهڻ، ۽ موجود ثقافتي مرڪز جي تجويز  تيار ڪري، ڪوشش وٺي، ان جي تعمير (جي) شروعات ڪرائڻ هو.

[”رهاڻ“ فصل پهريون، ص 14]

”رهاڻ“ مان هڪ خط هتي ڏيون ٿا:

هالا

14-جون 1982ع

ڪالهه ٽهلراماڻي ۽ ڊاڪٽر ڏيارام سان گڏجي،ڀٽ شاهه ويس. اُنهن سر زمين ڏٺي، ۽ بوٿ (Booths) اُڏڻ شروع  ڪيا اٿن. ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ڊيليگيٽن جي ڪئمپ ٿيندي. اڄ هالن ۾ مخدوم حيدر صاحب وٽ مدد لاءِ آيو آهيان. هن تنبن ۽ ڪجهه فرنيچر ڏيڻ جو انجام ڪيو آهي. 80 مزور به ڏيندو، جن کي ماني اسين کارائينداسون.

...

ڌڻي بخش ڀاڻوٺيءَ کي چوندا ته اُتان ڪي ڪم ڪارلاءِ ماڻهو آڻي. ڄاموٽ محمد علي شاهه ڪجهه راڳيندڙ آڻڻ جو واعدو ڪيو آهي. تون ۽ ڄاموٽ راڳ جي مجلس جو انتظام ڪندا. اسان جي ادبي سوسائٽي، صوفي مجلس ۽ تصوف تي تقريبن جو انتظام ڪندي.

...

ائين انهيءَ عظيم رٿا تي ڪم ٿيو، جنهن جو بنياد ”لطيف جو عشق“ هو، پوءِ اُهي سرڪار ۾ هجن يا نه هجن، پر اُنهن عاشقن جو عشق ڪڏهن به ماٺو نه ٿيو.

اها ورهاڱي کان گهڻو اڳي جي ڳالهه آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به، ڪجهه عرصو اها ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس لطيف جي عاشقن جي بلي رهي. لطيفي عاشقن جي انهيءَ قافلي ۾ پوءِ آغا تاج محمد، خانصاحب عبدالله چنا، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ...به شامل ٿي ويا. اِهو اُهو دور هو، جڏهن سُشيلا مهتاڻيءَ جهڙي وڏگهراڻي خاتون به اسٽيج تي پرفارم ڪندي هئي:

يار سڄڻ جي فراق، آءٌ ماري...!

ناروڀڳت به پوري جذب ۽ ڪيف سان پنهنجي مخصوص انداز ۾ لطيف کي ڳائيندو هو:

ڪات قريبن جي اڳيان، ڪَتيم ڪينڪي، ڇا ٻڌايان.

استاد منظور علي خان ۽ سائين غلام شاهه جي جوڙ ۾ ڳاتل ’راڻي‘ جي ڇا ڳالهه ڪجي:

آءٌ راڻا! رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان.

تڏهن سنڌ جو وڏو وزير محترم عبدالستار پيرزادو به تانپوري تي، اسٽيج تي، انتهائي عقيدت سان، لطيف جو ڪلام ڳائنيدو هو:

مَڌُ پيئندي مون، ساڄن سهي سُڃاتو

وزير، سفير ۽ اُنهن جون گهر واريون، اديب، شاعر، عالم ۽ عوام سامعين هوندا هئا، جيڪي ٻولن ۽ سُرن جي منڊ ۾ منڊيل هوندا هئا! پر ون يونٽ جي دَور ۾ ”ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر“ کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. اِئين اِها رٿا ڪامورن جي ور چڙهي وئي. سُهڻيون  پڪيون عمارتون ۽ ٿڌا ريسٽ هائوس ته برابر ٺهيا، پر اصل مقصد/جذبو گم ٿي ويو! ’عشق‘ جي جاءِ ’فشق‘ اچي والاري:

وِيا سي وينجهارَ، هيرو لعل وِنڌين جي،

تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سارَ!

ڪُٽينِ ڪُٽ لُهارَ، هاڻي اُنين ڀيڻيين!

مختلف دَور آيا- ويا. وڏا وڏا اعلان ٿيندا رهيا. ”جيئي لطيف“ بدران، اقتداري/ غير اقتداري پارٽين جا نعرا لڳندا رهيا. ائين ريڊيو حيدرآباد تان، ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جون سڌيون نشريات بند ٿيون. هڪ وڏي عرصي کان وٺي، باوجود هر سال ’بجيٽي اعلانن‘ جي، لطيف جي راڳ جي ترويج لاءِ ’ميوزڪ اسڪول‘ قائم ٿي ڪونه سگهيو! انهيءَ سڄي عرصي ۾، سنڌوءَ مان الاءِ ڪيترو پاڻي وهيو- الاءِ ڪيتري واري اُڏاڻي، پر سڌرڻ بدران ويون اُڏرنديون! تان جو صورتحال اها وڃي بيٺي، جو لطيف جي پڙ ۾، لطيف جي ڪلام بدران ههڙا ڪلام ڳائجڻ لڳا:

ايڏو نه ٿي جذباتي،

ڦاٽي نه پوئي ڇاتي.

ائين لاکيڻي لطيف جي تقدس کي مجروح ڪيو ويو- ۽ جڏهن اُن ڪُڍنگائيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو، تڏهن  ورندي ملي ته: ”لطيف جو ڪلام ماڻهو ٻڌڻ نٿا چاهين!“ انهيءَ هڪڙي جملي مان، لاکيڻي لطيف ڏانهن  ”صاحبلوڪن“ جي رويي جي پروڙپئي ٿي. اهي گذري ويل دَور/ دَورن جون ڳالهيون آهن، اهي انڪري ورجايون ويون، ته جيئن اسين اُنهن مان سُٺي کي کڻون، خراب کي ڦٽو ڪري ڇڏيون ۽ گذري ويل ”ڪالهه“ مان گهڻو ڪجهه سکي، پنهنجي ”اڄ“ کي وڌيڪ اُجاگر ڪري  سگهون ۽ اِهو ڌيان ۾ رکون ته اسان جي ان ”اڄ“ جي ڪُک مان ئي اسان جي ايندڙ نسلن  جو ”سڀاڻي“ طلوع ٿيڻو آهي. ائين نه ٿئي جو اسان جي ’ننڊ‘ انهيءَ سڀاڻي کي نهوڙي نـِئي:

ڪتڻ  جي ڪانه ڪرين، سُتي ساهين هڏ،

سُڀان ايندءِ اوچتي، عيد اُگهاڙن گڏ،

جت سرتيون ڪندءِ سڏ، ات سـِڪندينءَ سينگار کي!

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمةالله عليه جي 261 هين عرس جي موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٿي گذري، جيڪا نه رڳو دير سان شروع ٿي، بلڪ ختم به جلد ڪئي وئي، ڇڪاڻ ته ڪنهن اين. جي. او پاران آڊيٽوريم بُڪ ٿيل هو! انڪري ڪي مقالا نگار پنهنجا مقالا به نه پڙهي سگهيا، جن لاءِ چيو ويو ته اُهي ڪتاب ۾ ڇپيا ويندا، جيڪو ٽن مهينن ۾ پڌرو ڪيو ويندو.

ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سينئر منسٽر سيد سردار احمد صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ شاهه سائينءَ، ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر جي ترقياتي رٿائن، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون. پاڻ هر ٽين مهيني ادبي ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ چيائين. پاڻ فند جي فراهميءَ لاءِ اڳواڻ رٿائون جوڙي، ناڻي واري وزارت جي حوالي ڪرڻ لاءِ پڻ چيائين ته جيئن اُنهيءَ مَد ۾ بجيٽ ۾ رقم رکي وڃي.

اسان کي اميد آهي ته ثقافت ۽ سياحت جي وزارت، خاص ڪري اُن جو وزير محترم شبير قائمي ۽ سرگرم ۽ هر دلعزيز سيڪريٽري محترمه مهتاب اڪبر راشدي ان ڏس ۾ جوڳا اُپاءَ وٺندا- ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙيون رٿائون جوڙي، سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيون وينديون، ته جيئن ”ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر“ لاءِ سائين ميران محمد شاهه ۽ سائين جي. ايم. سيد جي خواب کي تعبير ملي سگهي ۽ اسين پنهنجي عظيم المرتب شاعر کي صحيح معنيٰ ۾ خراج تحسين پيش ڪري  سگهون.

ان سلسلي ۾ ڪجهه رٿائون پيش ڪجن ٿيون:

1]ڀٽ شاهه کي ”مثالي ثقافتي شهر“ ((Model Cultural Cirt جو درجو ڏنو وڃي.

2]اديبن ۽ عالمن تي مشتمل ”ڀٽ شاهه ڪلچرل  ڪميٽي“ جوڙي وڃي،جيڪا ”لطيفيات“ تي مستقل ڪم ڪندي رهندي.

3] لطيفيات جي حوالي سان تحقيق ڪندڙ اديبن ۽ عالمن کي ڀٽ شاهه ۾ جوڳيون سهوليتون مهيا ڪيون وڃن.

4] اديبن ۽عالمن کي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس لاءِ مقالن لکڻ لاءِ اڳواٽ چيو وڃي ۽  مواد به اڳواٽ گهرايو وڃي ته جيئن اُنهن جي معيار جي پرک ڪري سگهجي.

5]شاهه سائينءَ جي ڪلام تي آڌار رکندڙ ناٽڪ، نرت- ناٽڪ ۽ ٽئبلو پيش ڪيا وڃن. اُنهن جي تياريءَ لاءِ سڄو سال ڏنو وڃي.

6]شاهه سائينءَ جي بيتن جي خطاطي ۽ مصوريءَ جي چٽاڀيٽي ڪرائي وڃي. ان ڏس ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تائين شاگردن / شاگردياڻين کي محترڪ ڪري سگهجي ٿو.

7] عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ”لطيفي راڳ رهاڻ“  ۾ صرف ۽ صرف شاهه سائينءَ جو ڪلام ڳارايو وڃي.

8]ڪمپيئرنگ شاهه سائينءَ جي بيتن، فڪر، سوانح ۽ دَور بابت هئڻ گهرجي. ”لطيفي راڳ رهاڻ، ۾ ڪمپيئرنگ سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به ڪري سگهجي ٿي.

9]راڳيندڙن جي هونئن ته سڄي زندگيءَ جي، نه ته به گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي ڪارڪردگيءَ کي آڏو رکڻ کپي ته هن شاهه سائينءَ کي ڪيترو ۽ ڪيئن ڳايو آهي. عرس جي موقعي تي به سندن آڊيشن ورتي وڃي ۽ کانئن ريهرسل ڪرائي وڃي، گرئنڊريهرسل سميت.

10]درگاهه جي ٻاهرين ڏاڪڻين کان مکيه رستي تائين جيڪي دڪان/ هوٽلون آهن، اُهي خريد ڪري، اُتي ننڍا ننڍا مرڪز ٺاهيا وڃن. ائين شاهه سائينءَ جو تقدس به برقرار رهندو ۽ سياحت کي به فروغ ملندو.

11] ڪراڙ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي موجودگيءَ لاءِ ٽيوب ويل هنيا وڃن.

12] ملهه کان سواءِ سنڌ جي ٻين راندين، جهڙوڪ ونجهه وٽي،  ڪوڏي ڪوڏي، ٻيلهاڙي وغيره جي به سرپرستي ڪئي وڃي. 

13]شاهه سائينءَ جي زندگي ڪلام ۽ راڳ جي حوالي سان ويب سائيٽ جوڙي وڃي.

14]شاهه سائينءَ جو سمورو ڪلام ۽ سندس شعر ۽ زندگيءَ بابت اهم تحريرون اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي سڄي دُنيا آڏو نروار ڪيون وڃن.

15] شاهه سائينءَ جي رسالي  جو انگريزي، فرينچ، جرمن، روسي، اسپيني ۽ ٻين ٻولين ۾ مستند ترجمو شايع ڪرايو وڃي.

اسين مهراڻ جي پڙهندڙن توڙي لکندڙن کي اها گذارش  ڪنداسين ته ان ڏس ۾، توڙي سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ ڦهلاءُ جي ڏس ۾ وٽن ڪي ڪارائتيون ۽ عمل جوڳيون رٿون هجن ته لاڳاپيل ادارن کي ڏياري موڪلين.

لطيف ادبي اَوارڊ

”لطيفيات“ تي هن ڀيري تنوير عباسيءَ کي شاهه سائينءَ تي ڪيل سندس تحقيقي ڪم جي مڃتا ۾ ۽ نياز همايونيءَ کي شاهه سائينءَ جي ڪلام جي فارسي ترجمي جي مڃتا ۾ ”لطيف اَوارڊ“ ڏنا ويا. تنوير عباسيءَ ۽ نياز همايونيءَ کي اهڙي مڃتا سندن لاڏاڻي کان پوءِ ملي آهي. بهرحال، اهو هڪ ساراهه جوڳو فيصلو آهي، ۽ اسين اُن جي آجيان ڪريون ٿا. اِئين نياز همايونيءَ جي ٻارڙن جي به ڪجهه مالي مدد ٿي سگهي. اسان مهراڻ بهار 2005 جي ادارئي ۾ ثقافت ۽ سياحت جي وزارت کي اپيل ڪئي هئي ته نياز همايونيءَ جي ٻارڙن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو وڃي ته  جيئن اُهي تعليم پرائي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. اسان کي اميد آهي ته  اُنهيءَ اپيل تي ويچاريو ويندو. ساڳئي وقت اسين ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڌيان علي اڪبر سومري ( مرحوم) جي ڪم ڏانهن ڇڪائڻ چاهينداسين، جنهن شاهه سائينءَ جي بيتن تي آڌاريل هڪ مصور رنگين ايڊيشن ڇپرايو ۽ اُن تي رٽائرمينٽ کان پوءِ مليل گرئجوٽيءَ جا سمورا پيسا ۽ ٻي ميڙي چونڊي خرچ ڪئي. اُن مخلص ۽ محنتي آرٽسٽ کي به ”لطيف اَوارڊ“ لاءِ نامزد ڪيو وڃي. اهڙي سفارش، اسين اُنهن راڳين لاءِ به ڪنداسين، جن پنهنجي منفرد انگ رنگ ۾ لاکيڻي لطيف جي ڪلام کي ڳايو ۽ هاڻي هن نيا ۾ موجود نه آهن.

لطيف – ڏينهن

اڳي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمةالله عليہ جي ميلي ختم ٿيڻ کان پوءِ، سڄيءَ سنڌ ۾، مختلف تنظيمن پاران ۽ خاص طور تي سنڌ جي  ڪاليجن ۾ لطيف – ڏينهن ملهايا ويندا هئا- ۽ اهو سلسلو، سڄو سال، ڀـِٽَ ڌڻيءَ جي ميلي تائين هلندو هو. پر پوءِ اهو سلسلو ٽٽي ويو - ۽ جڏهن سلسلا ٽٽندا آهن ته جُڙندا ڏاڍو ڏکيا آهن. هيل سچل سرمست ڪاليج ۾ لطيف – ڏهاڙو ملهائي، اُنهيءَ سلسلي  کي ٻيهر جوڙيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران به انهيءَ سلسلي ۾ ٻه ڌار ڌار سيمينار ٿيا. سنڌ جي ٻين ڪالجين ۽ يونيورسٽين کي به اُن جي تقليد  ڪرڻ کپي.

سنڌي ادبي بورڊ لاءِ خصوصي گرانٽ جي منظوري

ڳچ عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ مالي وسيلن جي کوٽ جو شڪار پئي رهيو آهي. اها کوٽ ايتري حد تائين وڌي  وئي هئي جوس. ا. ب  جي ڪارڪنن جي پگهار جو به پورائو نه پئي ٿي سگهيو! ڪتابن ۽ رسالن جي ڇپائيءَ ۾ باقاعدگيءَ تي ان جو انتهائي اُگرو اثر پيو. ان صورتحال ۾ ٻين ترقياتي رٿائن تي ته سوچڻ ئي وئرٿ ٿي لڳو.

 اها آٿت جوڳي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ- جيڪو اسان جي وڏن سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ ڦهلاءُ لاءِ قائم ڪيو هو، انهيءَ بدترين صورتحال مان نڪري آيو آهي ۽ ان ڏس ۾ بهتريءَ جا امڪان پيدا ٿيا آهن.

تازو سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب، سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ٻن ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جي منظوري ڏئي، اداري جي مالي کوٽ واري مسئلي کي گهڻي ڀاڱي حل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ اسين دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون.

 

وزير تعليم سنڌ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئر پرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه، جنهن تدبر ۽ فهم سان، ان ڏس ۾ ڪوشش ورتي، اُن کي اسين ساراهيون ٿا ۽ ان يقين جو پڻ اظهار ڪريون ٿا ته سندن اڳواڻيءَ ۽ رهنمائيءَ ۾ سنڌ جوهي عظيم ادارو پنهنجي اعليٰ مقصد کي اوس ماڻيندو.

سيڪريٽري تعليم سنڌ، محترم محمد هاشم لغاريءَ به ترجيحي بنيادن تي، سنڌي ادبي بورڊ جي ان مالي بحران واري مکيه مسئلي کي اوليت ڏئي، ان کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. تازو بورڊ جي ترقياتي رٿائن جي حوالي سان سفارش ڪيل پي سي ون جي پڻ سنڌ سرڪار کان منظوري ملي چڪي آهي، جنهن جي نتيجي ۾، ٽن سالن اندر چئن  ڪروڙ رپين جا فنڊ بورڊ کي جاري ڪيا ويندا.

سنڌ جو وڏو وزير، وزير تعليم  سنڌ، سيڪريٽري تعليم سنڌ بورڊ جو مالي مسئلو سهڻي نموني حل ڪري چڪا آهن ۽ ائين هنن پنهنجي فرض ادائيءَ سان گڏ، اسان کي پڻ پنهنجو فرض ياد ڏياريو آهي. س. ا. ب جي بورڊ آف گورنرز ۽ موجوده انتظاميا ۽ڪارڪنن جي هيل تائين جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي، اسين ان يقين جو اظهار ٿا ڪريون ته انهن وسيلن جو- سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽  ثقافت جي بچاءُ ۽ ڦهلاءُ لاءِ- صحيح استعمال ڪيو ويندو. ادارو

 

وکر سو وِهاءِ....!

شاعري

ڪنهن به شاعر جي عظمت ان جي انفراديت ۾ آهي. هو ٻين کان ڪيئن مختلف آهي؟ ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪيتري اٿس؟ لفظن جي جڙت ۽ گهڙت ڪيئن  ٿو ڪري؟ سَر،ماترڪ جند، بحروزن meter کي  ڪيڏي مهارت  سان ٿو ڪتب آڻي؟ هو پنهنجي متقدمين کان ڪيترو متاثر آهي ۽ متاخرين کي ڪيترو متاثر ٿو ڪري (اهو ياد رکڻ گهرجي ته متاثر ٿيڻ جو مطلب ڪاپي ڪرڻ قطعي نه آهي). هن جي شاعريءَ ۾ دائمي عنصر ڪهڙا آهن؟

هن پنهنجي ماضيءَ جي روايتن سان پاڻ کي ڪيئن جوڙي رکيو آهي؟ ان سان گڏوگڏ اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته هُن اهڙين ڪهڙين نين روايتن جو بنياد رکيو آهي. جنهن تي هڪ پڪي پختي عمارت جوڙي سگهجي ٿي!

شاعر پنهنجي دَور جو ترجمان هوندو آهي. هن ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار. ڪُل کي جُز ۽ جُز کي ڪُل- ۾ سمائڻ جي سگهه هوندي آهي.

ڪنهن به شاعرجي شاعري مقصد کان خالي نه هوندي آهي. پر ڪنهن به اعليٰ مقصد سان گڏ هن جي شاعريءَ جا ٻيا سمورا لوازمات به اوترائي اعليٰ هئڻ کپن ۽ ائين شاعريءَ  کي دائميت عطا ٿئي ٿي ۽اُها مدين  جي فاصلي لتاڙڻ  کان پوءِ به تواني رهي ٿي.

 

اسين جنهن ٻوليءَ ۾ لکون ٿا، اُن ۾ اڳي مختلف دورن ۾، جيڪي ڪجهه ٿي چڪو آهي، اُهو اتهاس جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪي لکجي رهيو آهي، اُهو ان اتهاس جو حصو بڻجڻو آهي. انڪري به ’اڄ‘ جي لکندڙ لاءِ، ’ڪالهه‘ جي تخليق جو مطالعو لازمي آهي، ۽ اهو جيترو گهرو هوندو، اوترو لاڀدائڪ ثابت ٿيندو ۽ اسان جي ”سڀاڻي“ تي اثر انداز ٿيندو.

 

”وکَرُ سووِهاءِ“ جو هڪ مقصد اهو به آهي ته اسين، ۽ خاص طور تي شاعر، پنهنجي  جاندار ۽ شاندار اتهاس جي اڀياس جي پاڻ ۾ هيرَ وجهون. شاعرن جي ڪلام وسيلي، سنڌي شاعريءَ جي سرچشمن تائين! اسين پاڻ پهچون ۽ پنهنجي جاندار ۽ شاندار اتهاس تي فڪر ڪري سگهون.


 

حمل فقير

بيت

 

زُلفَ ڏِنگا، اَبرُوء ڏنگا،

گفتار ڏنگي، رفتار ڏِنگي،

جنهن جاءِ هوندا اِهي چار ڏنگا،

لاچار هوندي هَرڪار ڏنگي.

 

ڪيئن اَچي تنهن جاءِ جمعيت،

شهر سڄو پُر شور شَرَر،

جـِتِ يارُ ڏنگو، اغيار ڏنگو،

دِهدار ڏنگو، بازار ڏنگي.

 

ڪير ڪنهن جو فرياد سُڻي،

۽ ڪير ڪنهن جو ڪو داد ڪري!

جـِت سُوار ڏنگو، سالار ڏنگو،

دستار ڏنگي، تلوار ڏنگي.

 

ڪيئن اچي ڪم راس تَنهين جاءِ،

سمجهه سخن، ڪو هوش حمل!

ڪوٽار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو،

مختيار ڏنگو، سرڪار ڏنگي.

[”ڪليات حمل“ ، متفرقات، ص 183]

حمل، سنڌ جو نالي وارو ۽ نغزگو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شعر ۾ ڪي خاص نمايان خاميون نظر نٿيون اچن. جيڪڏهن ڪي اوڻايون آهن، ته به اهڙيون جو مجموعي طرح سان اُنهن جو سندس ڪلام جي خوبين تي ڪو اثر ڪو نه  پيو آهي. مثلاً، ڪٿي سندس مناقب، معجزن ۽ مداحن جي وزن ۾ ذرا ڏَڌ آهي، ته  ڪٿي وري اهو ڪلام به البت سادو آهي. پنهنجي سرائڪي زبان واري ڪلام جي انوکن وزنن کي قائم رکڻ لاءِ، گهڻن ئي لفظن جي حرفن تي ڪٿي شد ڏني اٿس ۽ ڪٿي وري ساڳين حرفن کي بنا شد بيهاريو اٿس. بس، سندس ڪلام ۾ جيڪڏهن ڪي آهن ته اهي ئي اکري اوڻايون آهن؛ مگر انهن اکري اوڻاين تي سندس لفظي خواهه معنوي ملوڪتون گهڻو غالب آهن. لفظن  جي سهولت ۽ قافين جي ارزاني، انوکا وزن ۽ انهن جي آساني، طرز ادا ۾ سلاست ۽ رواني، اندروني ترنم ذريعي پيدا ڪيل خوش الحاني، ۽ سندس طبعي ظرافت ۽ خوش بيانيءَ وارين خوبين، سندس ڪلام کي بلڪل پيارو ۽ دلپذير بنائي ڇڏيو آهي.

حقيقت ۾ ڪلام جي ’عام مقبوليت‘ ئي ڪلام جي اثر جي صحيح ڪسوٽي آهي، ۽ انهيءَ ڪسوٽيءَ جي لحاظ سان حمل جو ڪلام بلڪل کَرو آهي، جنهن ۾ ڄڻ ڪابه اِرئي ڪانهي. حمل جا بيت سـِري توڙي ڪاڇي، لاڙ توڙي کاري، ٿر توڙي لسٻيلي طرف معلوم ۽ مروج آهن. سندس تمنا به اهائي هئي- ”حمل دي هر بيت همہ جا ملڪين وچ مشهور ٿيوَن“-۽ ٿيو به ائين. سندس عام فهم ، رنگين، دلچسپ ۽پراثر عاشقاڻا بيت سگهوئي جهرجهنگ مان ڪُڏندا، ٽپندا، اُڏامندا، واهڻ وسيون ووڙيندا،ملڪ ۾ مشهور ٿي ويا-”تيڏي بيت برهه دي بيشڪ، ’حمل‘، هـِن هَوايان: عشق اڏايان!“ سندس سرائڪي زبان (جنهن کي ”هندي“ يعني هندوي يا سرائڪي ڪري سڏيو اٿس) ۾ چيل بيت ته خصوصاً گهڻو مقبول پيا، ۽ انهن متعلق خود پاڻ چيائين ته ”هندي بيت حمل دي يارو، عالم وچ اظهار ٿَئي.“ ساڳيءَ طرح، هير-رانجهي متعلق سندس ٽيهه اکريون هر هنڌ مشهور ٿي ويون ۽ حمل جي اها اڳڪٿي پوري نڪتي ته:

”جيوين هير-رانجهان مشهور هوئي،

تيوين ساڏاڀي شعر نيشان هوسي.“

-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[”ڪليات حمل“ ، مقدمو، ص 47- 48]


نانڪ يوسف

 

ڪافي

 

 

هئي هئي اسان نه ڄاڻون، ڇا تان ٿـِيو ٿـِيو،

هن دل کي درد ڪهڙو، ويڙهي وِيو وِيو.

 

ڏينهن رات بيقراري، توبهه هزار زاري،

ڪو پور دل نيارو، پر دل پـِيو پـِيو.

 

هيو ڇا هئڻ حياتي، هن کؤن ڀلي مماتي،

موتو قبل مري جي، هي سر ڏِيو ڏِيو.

 

صورت حقيق هادي، رک نقش، دل شهادي،

پر يار تون پرينءَ جي، ٻاري ڏِيو ڏِيو.

 

ڪنهن موج ۾ پياسي، نينهڙي نسنگ تياسي،

هي خيال دل سلامي، ڪفرؤن وِيوَ وِيو.

 

يوسف بهار يارا، دل عشق جا شُوڪارا،

ٻيو محض مور ناهي، حق جو لـِيو لِيو.

 

[”نانڪ يوسف جو ڪلام“ مرتب: تنوير عباسي، ص 88]

 

ائين برابر آهي ته نانڪ  يوسف سچل سرمست جي سرمستانه ۽ رندانه  مڪتبئه فڪر جو اثر قبول ڪيو، پر ان جي باوجود هو هڪ منفرد شاعر هو. هن فن ۽ فڪر ۾ ڪيتريون ئي ندرتون آنديون. هن جي طرز هڪ نرالي طرز  ٿي پئي. هن سچل جي شاعراڻين روايتن ۽طور طريقن تي اڪتفا نه ڪئي، پر انهن روايتن کي اڳتي وڌايو ۽ پنهنجو منفرد اسلوب پيدا ڪيو، نانڪ يوسف جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون اهڙيون خاص ڳالهيون  ملنديون، جيڪي سندس منفرد اسلوب جي شاهدي ڏين ٿيون. سر مست جي شاعراڻي مڪتبئه فڪر جو هي شاگرد اڳتي هلي پنهنجي منفرد اسلوب ۽ رنگ سبب ايترو ته مشهور ۽ مقبول ٿيو جو پوءِ ڪيترا شاعر سندس شاعريءَ جواثر قبول ڪرڻ لڳا، جن مان غلام حيدر فقير شر، مينگهو فقير ۽ قائم فقير اهم آهن.نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ شاعراڻي موسيقيءَ جو هڪ عجيب ۽ نادر قسم ٿو ملي، جيڪو کانئس اڳ توڙي پوءِ جي شاعرن ۾ موجود ڪونهي. البت سچل جي شاعريءَ ۾ ان جا ڪجهه اهڃاڻ ملن ٿا. اهو آهي نرت-تال. ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي سٽون بيخوديءَ ۾ والهانه قسم جو سرمستي ناچ ڪندي چيون ويون آهن ۽ انهن سٽن جي لفطي اُچارن جو لاهه چاڙهه ناچ جي قدمن، طبلي جي تال يادهل جي آواز سان هم آهنگ ٿي ويو آهي.

-تنوير عباسي

[”نانڪ يوسف جو ڪلام“، مقدمو، ص 44]


 

فقير قادر بخش ”بيدل“

 

ڪافي

ڪانگُ لَنوي مـِٺي لاتِ

مُحب مُسافر ڄاڻُ  ڪي ايندا.

 

جيڪس دانهان درد مُنهنجي جُون،

پهتيون اُتي پِرڀات،

اٿم اُميد ته هـِيئن نَه ڇَڏيندا.

 

ورندا سـِيئي ساريان ٿي سڄڻان،

طلب جَنـِي جي آهه تات،

گولـِي پانهنجي گُڏ گڏيندا.

 

ايندا جوءِ ۾ جانب جائي،

وائـِي جَنـِي جي اٿم وات،

دوست دلاسو دل کي ڏيندا.

 

دَرد فراق اُنهيءَ جي مُون کي،

حالَئون نـِيو هَيهاتَ،

وٽـِي وصال جي شال وَنڊيندا.

بيدل بلڪل ٿـِيءُ نه ماندو،

سَنجهه صُبحَ ڪـِي رات،

هوت اچي توسان هـِڪُ ٿيندا.

[”ديوان بيدل“ مرتب: عبدالحسين موسوي،ص 112]

 

بيدل جو اهو زمانو آهي جنهن ۾ مٿس سچل سرمست جو گُهرو اثر پوي ٿو. نانڪ يوسف سان وقت بوقت صحبتي ٿئي ٿو. سيوهڻ ويندي ۽ موٽندي نوشهري فيروز ۾ شاهه نصير سان ملاقاتي  ٿئي ٿو. فقير محمد صلاح جنهن جي لاءِ چوڻي آهي ته ”جاڏي محمد صلاح، تاڏي پاڻ الله“، سان سندس گهڻو ڪري روزانو روح رهاڻ ٿئي ٿي. مڪاني ماحول به اهو آهي جو سندس والد  ۽ وڏا درويش منش ۽ درويش صفت ٿي گذريا آهن. پاڻ درويشن جي دعا سان ڄائو. درويشن جي دعا ساڻس شامل رهي ۽ هميشہ درويشن جي صحبت ۽ فيض جو طالب رهيو. اهڙن اثرن جي ڪري سندس رهڻي ڪهڻي بلڪل سادي ۽ سودمند رهي. سادي ايتريقدر جو نفس کي ڪو ٽُڪر مليو ته واهه، نه ته ٿيو ڀلو: ويلن جا ويلا لنگهي وڃن، پر پاڻ لاءِ ته ٺهيو پر گهر لاءِ به گهر ۾ ڪنو ڪونه چڙهي. ”الفقر فخري“ جي گويا صحيح نموني ۾ پيروي هئي. پر جيڪڏهن ڪو ٽُڪر آيو به، ته به ان مان اڌ ڪنهن ولي خدا جي درگاهه تي موڪلبو ۽ ٻوڙ ۾ پاڻي گڏي، بيسواد ڪري کائبو. پير جي لڱائيءَ هوندي به پاڻيءَ لاءِ ڪنهن کي سوال نه ڪبو ۽ پاڻ اُٿي پيئبو. تاهم وحدانيت جي خوشيءَ ۾ منهن جو رنگ اهڙو ڳاڙهو هوندوهو، جهڙو انب. سونهاري شريف دُنَ تي پيئي پوندي هئي. سندس ڊگهي پيشاني پيئي هر وقت ٻهڪندي هئي. سندس منهن موڪرو،مڻيادار ۽ قدپورو پنو هو. وار ڪلهن تي پيا هوندا هئا. منهن ۾ اها رونق ۽ مُک ۾ اها مڌر مرلي، جو جيڪو هيڪر آيو ته اُٿڻ جي نه ڪندو. امير ۽ نواب جي درتي نه وڃبو. جيڪي نذرانو اچي سو سڀ ننگر ۾ هلائبو.

-سيد عبدالحسين شاهه موسوي

[”ديوان بيدل“،مصدمو، ص 48]


 

روحل فقير

 

لوڪ آکي هي ”روحل“ ٻوليندا،

ڪوئي آکي هي ذات زنگيجا:

 

نهين ”روحل“، نهين ذات زنگيجا،

اي ڪو سر اِلاهي هي.

 

ڪفر اسلام ڏُونهان تؤن نيارا،

جيوين جَل دي اندر ڏيکن تارا،

دل دريا وچ کيڏ اساڏا،

جيوين پاڻي وچ ماهي هي.

 

ڪيئي ڪوڙا ڪيئي سَچا سڏيندي،

رمز رندي دي نهين سمجهيندي،

اُوڪيا ڄاڻن حال اساڏا،

جنهن دل داغ سياهي هي.

 

ڪامل مرشد راهه بتايا،

”روحل“ وچون روح الله پايا،

آخر ذات ملي وچ ذاتين،

ڏيندا عشق اوگاهي هي.

[”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“. مرتب: لطف الله بدوي، ص 98]

 

روحل فقير جو ڪلام اٽڪل سؤ کن سال قلمي نسخن ۽ هٿ سان لکيل پوٿين جي صورت ۾ محفوظ رکيو ويو آهي. هن سنت جي ڀارت ۾ رهندڙ مريدن ۽ عقيدتمندن سان ملاقاتن دؤران معلوم ٿيو ته وٽن سنت روحل جو ڪلام دستخطن جي صورت ۾ موجود آهي، پر انهيءَ جي ڇپائڻ جي ۽ عوام ۾ ڦهلاءُ ڪرڻ جي کين منع ڪيل آهي. هن سنت جي ڪلام جو پهريون ڇاپو سن 1903ع ۾ گولا سنگهه پرچارام، ”روحل فقير“ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ روحل جو ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪلام ۽ ٻه هندي گرنٿ (شاسترمن- پرٻوڌ ۽ شاستر اَڌِٻُڌي گرنٿ) شايع ڪيل آهن. سن 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ ڪتاب شايع ڪيو آهي، جيڪو لطف الله بدويءَ مرتب ڪيو آهي. انهيءَ ۾ روحل ۽ مراد فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ڏنل آهي. ٻنهي فقيرن جي هندي ڪلام جا فقط ڪجهه مثال مهاڳ ۾ ڏنل آهن.ڀارت ۾ سن 1961ع ۾ ”روحل جو ڪلام“ جي نالي سان سنڌي ساهتيه سمتيءَ، بمبئيءَ مان هڪ ڪتاب شايع ڪيو آهي،جنهن کي  ڊاڪٽر رگهومل موٽواڻيءَ مرتب ڪيو آهي. انهيءَ ۾ سنت روحل جا ٽي هندي ڪتاب  ڏنل آهن. من پرٻوڌ، اَڌ ٻڌ گرنٿ ۽ سي حرفي. سن 1969ع ۾ دشرٿ راج پوني مان ”سنت روحل ڪي باني” شايع ڪيو، جنهن ۾ روحل جون ڪجهه هندي رچنائون ڏنل آهن. سنت روحل جي هندي ڪلام جو  سڀني  کان بهترين ڇاپو دهليءَ مان سن 190ع ۾ شايع ٿيو آهي. انهيءَ جو ايڊيٽر آهي ڊاڪٽر رميش  چندر مشر ۽ ڪتاب جو نالو آهي ”سنڌي ڪوي سنت روحل ڪي هندي ٻاڻي.“ روحل جي هندي ٻاڻيءَ جي اڀياس ڪرڻ ۽انهيءَ جون صحيح پڙهڻيون مقرر ڪرڻ توڙي اوکن لفظن جي معنيٰ لکڻ ۾ سنڌي  جي مشهور شاعر نارايڻ شيام کيس گهڻي مدد ڏني. انهيءَ ڇاپي کي  تيار ڪرڻ ۾ هري دلگير کان حاصل ڪيل هڪ دستخط کي مکيه آڌار بڻايو ويو آهي، جيڪو 1930ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ لکيو ويو هو.

-ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

[”روحل فقير جوهندي ڪلام“ مهراڻ 4/1996ع، ص 26]


 

دريا خان فقير

 

 ڪافي بلاولي

 

آءٌ ڪانگا! ڪر ڳالهه، مون کي تن ماروئڙن جي،

ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي.

 

ٻَن عمر تنهنجا ماڙيون بنگلا، کُهه ڪنگڻ ڪٺمال،

مون کي تن ماروئڙن جي.

 

پَٽ پهرينديس ڪينڪي، عمر! لوئي اباڻي لال،

مون کي تن ماروئڙن جي.

 

ڀائرن ۽ ڀينرن  ريءَ هـِتڙي، ساعت ڀانيان سال،

مون کي تن ماروئڙن جي.

 

آءٌ ڏهاڳڻ تن ريءَ هتڙي، خوش وسن اُهي شال،

مون کي تن ماروئڙن جي.

 

”دريا خان“ مارن ريءَ هتڙي، هئي هئي هيڻا حال،

مون کي تن ماروئڙن جي.

[”آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“ مرتب نياز همايوني، ص 48]

 

دريا خان جي سنڌي شاعري فڪر جي گهرائي ۽ خيال جي سچائي جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي سونهن آهي. سندس سادي پر مٿانهين خيال واري ڪافي ” آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“، جڏهن ڀڳت ڪنور جي سريلي آلاپ ۾ ٻڌجي ٿي ته سوچ جي اونهائيءَ ۾ وڃي من پِريان جي پار  پهچي ٿو.

 سنڌي سرائڪي ٻئي ٻوليون پاڻ ۾ جاڙيون ڀينر آهن. سنڌ ۾جتي سنڌيءَ کي وڏي چاهه سان ڳالهايو، پڙهيو ۽ لکيو وڃي ٿو، اُتي سرائڪي به مانَ محبت لائق سمجهي وڃي ٿي، خاص ڪري سرائڪي ڪلام ته ڄڻ سڀني جي ساهه سان سانڍيل ٿو رهي.

دريا خان سنڌيءَ سان گڏ سرائڪيءَ کي به پنهنجي شاعريءَ وسيلي نپايو ۽  نوازيو آهي. مجلسي زندگي جنهن پيار، محبت، علم عقيدت، عقل فضيلت ۽ فڪر هدايت جي راز نياز سان سينگاري وڃي ٿي، تنهن ۾ هتان جو غريب، امير ڀاڱي ڀائيوار رهي ٿو. هر ڪنهن وٽ پنهنجي وت آهر اها رنگيني ڏٺي ويندي آهي؛ ڇاڪاڻ ته اُن جي وسيلي دوستي ۽ وفاداري سان گڏ سماجي خير خواهي، شادي غمي، ڪسي پڪي وغيره جي ڇيڙي نبيري ٿيندي رهي ٿي. هي ڄڻ هڪڙي قسم جي تهذيبي تربيت جوباجث بڻجي ٿي. هتي سنڌي سرائڪي جي نه فقط شاعري بلڪ ٽوٽڪا، ٽوڻا ۽ ٻيا ٽاڻا به پيا هلندا آهن، جنهنڪري مجلسي زندگي هيڪاري وڌيڪ دلچسپ ۽ ضروري لڳندي آهي.

 دريا خان جنهن محبت سان سنڌي زبان کي پنهنجي فڪر ۽ خيال جو خزانو بڻايو آهي، اُتي سرائڪيءَ کي به چڱو سرمايو عطا ڪيو اٿائين......

-”نياز“ همايوني

[”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه- فقير دريا خان جو ڪلام“، مقدمو: ص 31- 32]


 

تحقيق

 

”...جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي جي حوالي سان، پاڻ هُرتو، شاهه کي دنيا جو سڀ کان وڏو شاعر ثابت ڪرڻ  ٿا گهرن ۽ سمجهن ٿا ته ائين هو سندس عظمت ۾ واڌارو پيا ڪن، اهي نه ته شاعريءَ جي ڪا وڏي خدمت پيا ڪن ۽ نه ئي شاهه جي اهڙا ماڻهو عظيم شاعريءَ جي نوعيت ۽ ان جي سڄي مُلهه ۽ پَڪ جي متعين ڪرڻ جي معيار ۽ ماپن کان اڻڄاڻائيءَ جو ثبوت فراهم ڪري رهيا آهن. ايتروئي نه، بلڪ اهي ٻن ٻين ڳالهين کان بي خبر  هئڻ يا ڄاڻي واڻي اڻڄاڻائيءَ جي روين  جو اظهار پيا ڪن. انهن مان هڪ اها ته ڊاڪٽر سورلي کي شاعري يا نقد شاعريءَ ۾ ڪو وڏو رتبو حاصل نه آهي. هو شاهه جي ڪري ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته شاهه جي سڃاڻپ  سورلي جي ڪري ناهي!ٻي ڳالهه اها ته " Musa pervangan" ۾ سورلي شاهه کي دنيا جو سڀ کان وڏو شاعر ثابت نه ڪيو آهي، بلڪ  هن پنهنجي  دعوا يا ٿيسز (Thesis) جي گهرج سارو ڪجهه  غنائي (Lyrical)  شاعرن جي  چونڊ ڪري، شاهه کي کانئن وڏو شاعر چيو آهي. ماڻهن کان اهو وسريو وڃي ته سورلي شاهه کي دنيا جو وڏو شاعر ثابت نه ڪيو آهي، بلڪه ڪجهه غنائي شاعرن کان وڏو چيو آهي. لاشڪ ته غنائي شاعري خوبصورت ۽ پُراثر ٿئي ٿي، پر اها عظيم شاعري قطعي نه هوندي آهي.

انڪري عظيم شاعر کي ان جي عظمت جي حقيقي مقام تي ڏسڻ بدران، پنهنجي پسند جي ننڍن ننڍن جوڪاٺن ۾ بند ڪرڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ جي تابع ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ کپي. شاهه کي پنهنجي عظمت لاءِ ڪنهن ڪارلائل، ڪنهن سورلي يا ڪنهن انيمري شمل جي سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي ناهي!

عظيم شاعرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، نه ئي هڪ شاعر کي ٻئي شاعر تي ترجيح ڏئي ٿي سگهجي. ان ريت ڪنهن  هڪ ٻوليءَ جي عظيم شاعر کي ٻيءَ ٻوليءَ  جي وڏي ترجيح ڏيڻ به ڪا ڏاهپ جي ڳالهه ناهي. جيڪي ماڻهو ائين ڪن ٿا، اهي نه ته ڪنهن ٻوليءَ جي خدمت ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن شاعر کي فائدو رسائين ٿا، بلڪ ان مان رڳو اهو ٿو پڌرو ٿئي ته اهي شاعريءَ جي آفاقي قدرن کان اڻڄاڻ آهن....“

-الياس عشقي

[”آواز لطيف“ تان]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com