سنڌو
درياهه تي مغربي محققن جي تحقيق
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
سنڌوءَ جي معنيٰ ۽ مطلب:
سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي.
جيئن ته ٻين رواجي ندين کان تمام وڏي ”سنڌو“ ڄڻ
سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي، انهيءَ سبب ڪري آرين
اُن تي اِهو نالو رکيو. هندستان جي امپيريئل
گزيٽيئر، بينفي صاحب واري سنسڪرت ڊڪشنري ۽ پروفيسر
آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري موجب ”سنڌو“ لفظ جو ڌاتو
يا بنياد سنسڪرت جو لفظ ’سَيند‘ (Saynd)
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سدائين وهڻ“. اِنهيءَ
سبب ”سنڌوءَ“ جي اصطلاحي معنيٰ آهي: ”اُهاندي، جا
سدائين پيئي وهي.“
پروفيسر مئڪس مُلر جي خيال موجب ”سنڌوءَ“ جو ڌاتو
آهي ’سنڌ‘،جنهن جي معنيٰ آهي رکي وٺڻ يا بچاءُ
ڪرڻ. سنڌو ندي جن هنڌان وهي ٿي، تن هنڌن جي رهاڪن
جو ڌارين جي ڪاهن ۽ جهنگلي جانورن جي حملن کان
بچاءُ ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ امپيريئل گزيٽيئر
توڙي پروفيسر آپٽي واري معنيٰ مئڪيس مُلر جي راءِ
کان وڌيڪ ورنائتي ۽ معقول آهي.
سنڌوءَ جي قدامت بابت ثابتي:
سنڌوءَ جي قدامت جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته سنڌوءَ جو ذڪر ”ويدن“ ۾ پڻ موجود آهي.
ڪاڪو ڀيرومل ”قديم سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”قديم سنڌ جي
سڀيتا ههڙي اعليٰ درجي کي سنڌونديءَ جي پرتاب جي
ڪري رسي آهي، تنهنڪري آڳاٽن آرين سنڌونديءَ جي
ساراهه ڪئي آهي.“ اُن دَور جي هڪ رشيءَ جو سنڌوءَ
جي واکاڻ بابت حوالو ڪاڪي هن ريت ڏنو آهي:
”اي سنڌو! تون جڏهن ميدان مان وهين ٿي، تڏهن
بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، يعني تنهنجي پاڻيءَ
تي ججهي پوک ٿئي ٿي. تنهنجو پاڻي اُتم آهي. اي
سنڌو! جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته نو
وَرني ڪنوار وانگر سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي
آهين. جڏهن تنهنجي گڙگاٽ ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي ته
اُها آسمان ڏاريو ڇڏي. تون نهايت زور سان وهين ٿي
۽ تنهنجو منهن مڻيادار آهي. تنهنجي پاڻيءَ جو آواز
اهڙو ٿو ٿئي ڄڻ ته مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري
پيون وسن. تون اِجها ڍڳي وانگر رنڀندي پيئي اچين.
اي سنڌو! جيئن سوئا گايون کير سان ڀريل اوهن سان
پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون، تيئن ٻيون نديون جدا جدا
هنڌن تان پاڻي کڻي توڏي رنڀنديون اچن ٿيون.“
”رگ ويد“ ۾ جنهن رشي اِهي لفظ چيا آهن. اُن جنهن
مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙن ندين کي وهندي ڏٺو آهي،
تنهن مهل ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه ڏني اٿس. چوي ٿو:
”اي سنڌو! جيئن ڪو راجا يُڌ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽
پٺيان لشڪر هوندو اٿس، تيئن تون به شاهاڻي شوڪت
سان ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي ۽ ٻيون نديون
به پلٽڻ ڪري تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون جو ڄڻ ته
ساڳئي ئي رَٿَ تي سوار آهيو.“
جين فيئرلي، ”سنڌو- شينهن درياءُ“ ۾ لکي ٿو:
”درياهه سنڌ جي قدامت متعلق کوجنا ڪرڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته اُن جي تاريخ ڪيترن ئي هزارن سالن تي
ڦهليل آهي. پنج هزار سال اڳ دنيا جي قديم ۽ عظيم
تهذيب ’موهن جو دڙو‘ پڻ هن ئي درياهه جي ڪناري تي
آباد هو.“
ينگ هسبنڊ، سنڌو درياهه جي قدامت متعلق لکي ٿو:
”هي درياهه به دنيا جو عجوبو آهي. هن ئي ماڳ تان
پراچين سمي کان وٺي وهندو پيو اچي. هزارين بلڪ
لکين سال گذري ويا آهن، پر اُن جي وهڪري ۾ تـِر
جيتري ۾ گهٽتائي ڪانه آئي آهي. هن جو وهڪرو نهايت
خطرناڪ آهي، جو ڏسي وحشت وٺي ٿي وڃي.“
ڊاڪٽر احمد حسن داني پنهنجي مقالي ”سنڌ جي اوائلي
تاريخ ته هڪ نظر“ ۾ رگ ويد جو حوالو ڏيندي لکي ٿو
ته ”رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي دڳ لاءِ لکيو ويو آهي ته
اُهو ورڻ ديوتا کوٽيو هو.“
”رِگ ويد جو ڌرم“ ڪتاب جو مصنف ايڇ. جي. گرس وولڊ
سنڌوءَ جي قدامت ۽ شان شوڪت متعلق لکي ٿو ته:
”سنڌو هڪ زبردست درياهه آهي، جنهن کي ٻنهي پاسن
کان شاخون پاڻي پهچائين ٿيون. اُنهن شاخن کي سنڌو
ائين ضابطي ۾ رکي ٿي جيئن ڪو جنگجوراجا پنهنجي
لشڪر جي ٻين پاسن جي سالاري ڪندو آهي.“
معروف ايراني اديب اعليٰ اڪبر جعفري پنهنجي تحقيقي
مقالي ”اوائلي آريائي دَور ۾ سنڌ ۽ سنڌي“ ۾ سنڌوءَ
جي عظمت ۽ قدامت جو رگ ويد مان حوالو ڏيندي لکي
ٿو:
”ويدن ۾ سنڌوءَ کي پاڻ وهيڻي سون ورني ندي سڏيو
ويو آهي جا برف سان ڇانيل جبلن تان ڪڙڪاٽ ڪندي لهي
ٿي. گهاٽن ٻيلن منجهان ڌوڪيندي نڪري ٿي. سهڻين
ٻنين جي سنوت ۾ وهندي اٿاهه پاڻين ۾ (جن ۾ سج
ٻُڏيو وڃي) ڦهلجي وڃي ٿي. سنڌوءَ جون گهٽ وڌ اتر ۽
ڏکڻ واريون حدون آهن هماليه ۽ هندي وڏو سمنڊ، پر
سنڌو نيل نديءَ جي ابتڙ اڪيلي وهندڙ ندي نه آهي-
هـِتان هُتان ڪيئي نديون اچيو ساڻس ملن. سنڌوءَ ۽
اُن جون ڏَنَ ڀريون نديون شاخن جيان پکڙجي وڃي
سمنڊ کي ڳوليو لهن. اِهي ڏن ڀرو نديون ڳڻپ ۾ اوڀر
کان اولهه بياس، ستلج، راري، چناب، جهلم، ڪابل،
ڪُرم ۽ گومل آهن.“
سنڌوءَ جي وهڪري وارا ماڳ:
مائونٽ پوزيو سنڌونديءَ جي وهڪري واري هنڌ ۽ رستن
جي نشاندهي هن ريت ڪئي آهي:
”سنڌو ٿٻيٽ جي هڪ جهرڻي وٽان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي
’شينهن جو وات‘ ڪري سڏيو ويندو آهي، 1907ع ۾ يورپ
جي هڪ سياح وڃي هن جهرڻي کي ڳولي لڌو ۽ اُن جو
نقشو به تيار ڪيائين. هُن کان اڳ ڪوبه ماڻهو اتي
پهچڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيو هو.“
مائونٽ پوزيو اڳتي لکي ٿو:
”پنهنجي آبي ذريعن وٽان سنڌو بيشمار گليشيئرن جي
واهڙن ۽ پاڻ جيترين وڏين ندين جو پاڻي کڻي اونهي ۽
سوڙهي وهڪري جي صورت ۾ اتر اولهه رخ ڪندي آهي. هتي
اُن جي ٻنهي پاسن کان دنيا جا اُتانهان جبل قراقرم
۽ هماليه آهن ٿٻيٽ ڇڏڻ کان پوءِ هوءَ هندستان
ڏانهن ڌوڪيندي آهي. بعد ۾ اقوام متحده واري اَڻ
ڌُري پٽيءَ مان گذري ڪشمير ۾ داخل ٿئي ٿي. هن جوءَ
۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سَنڌي جي ليڪ واري
حيثيت اختيار ڪري وٺندي آهي. هتان کان اُن کي
پاڪستان جي ندي سمجهيو وڃي ٿو. هاڻي اُن جو رخ
مٽجي ڏکڻ اولهه ڏانهن ٿيندو آهي. پوءِ ڦرندي
گهرندي نانگ جيان ور وڪڙ کائيندي سوڙهن ۽ خطرناڪ
گهٽن گهيڙن مان گجگوڙ ڪندي هماليه کي الوداع
چوندي آهي. بعد ۾ پاڪستان جي پٽن ۽ پوٺن مان وهي
وڪڙ کائيندي هزار کن ميل سفر ڪري وڃي عربي سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪندي آهي. تٻيٽ وارا هن کي شينهن جي وات مان
نڪرندڙ درياهه سڏيندا آهن. قراقرم ۽ هماليه جي وچ
واري حصي ۾، جتي اُن جو وهڪرو سوڙهو ۽ اونهو هوندو
آهي، ’يورپ درياهه‘ سڏيو ويندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اهو
درياهه سج نڪرڻ واري طرف اوڀرپار کان ايندو آهي.
جبل مان ٻاهر نڪرڻ کان پهريائين هن سان ڪيترائي
وهڪرا اچي ملن ٿا، تنهنڪري اُتي جا ماڻهو هن کي
’اباسين‘ ڪوٺيندا آهن. پراچين سمي ۾ اُن کي
’سنڌوءَ‘ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو، جنهن جي
معنيٰ آهي تقسيم ڪندڙ، سنڀاليندڙ، بچائيندڙ. اُن
جو نالو هوريان هوريان بدلبونيٺ ’انڊس‘ ٿيو ڇوڙ
وارا ماڻهو هن کي ’مٺي پاڻيءَ جو سمنڊ‘ سڏيندا
آهن.“
سنڌوءَ بابت هڪ ٻيو يورپي محقق هيڊن لکي ٿو:
”سنڌو ٿٻيٽ مان ڏهه هزار بلند هڪ ماٿريءَ مان
وهندي آهي.لداخ جي سرحد وٽ پاسي وارو جبل اُن کي
تري وٽ گهٽي سوڙهو ڪري ٿو. اُتي آبشار جيان هيٺ
ڪري ٿي. تري ۾ موجود ٽڪرن جي چوٽين کي کائيندي
پاسا ورائيندي ٿي وڃي. اُنهيءَ ماڳ وٽ سنڌوءَ جي
اتر ۾ قراقرم ۽ ڏکڻ ۾ هماليه هوندو آهي ۽ هن ٿاڪ
وٽ ڄاڻايل ٻئي جبل پامير ۽ هندوڪش جي اچي ويجهو
پوندا آهن. هن جاءِ تائين اُن جي ڊيگهه ٽي سَو ميل
ٿيندي ۽ هتان ٻارهن هزار فوٽ بلنديءَ تان هيٺ
ڪرندي آهي. هتي ٻنهي پاسن وٽان ڪيتريون ئي ننڍيون
ڀرتي ڪندڙ شاخون ساڻس اچي اُن سان ملنديون آهن. ان
کان پوءِ ڏکڻ ڏي وڪڙ ڪري هماليه جي هڪ سلسلي کي
ڦري اچي ٿي، جتي هندوڪش واري پاسي کان گلگت ندي به
اچي اُن سان ملي ٿي. هتان کان هي وهڪرو جابلو
علائقي مان نڪري اُتر پنجاب جي ميداني علائقي ۾
داخل ٿيندو آهي. اٽڪ ۽ ڪالاباغ جي وچ تي هڪ ميل جي
ڊيگهه ۾ سنڌو هڪ جابلو علائقي مان وهندي آهي.
معلوم ائين ٿيندو آهي، ڄڻ ڪنهن اونهي کاهيءَ مان
وهندي هجي. انهيءَ ايراضيءَ وچان اُن جو وهڪرو ڄڻ
ته افسانوي لڳندو آهي.
پنهنجي آبي ذريعن کا وٺي هن ماڳ تائين سنڌوءَ جي
ڊيگهه هڪ هزار ميل ٿيندي. هيءَ جوءَ اُن جي جابلو
وهڪري جو آخري ٿاڪ آهي. هتان ميداني علائقي ۾ وهڻ
شروع ڪندي آهي ۽ اُن جو پيٽ به ويڪرو ٿي ويندو
آهي. هتي اونهاري ۾ اُن جو وهڪرو دهشتناڪ هوندو
آهي. اليگزينڊر برنس 1837ع ۾ سنڌوءَ جي هيٺئين
وهڪري جي کوجنا ڪندو ڪالاباغ جي ڳوٺ تائين پهتو
هو. اٽڪ وارو درياهي لنگهه هندستان، پشاور ۽
خوشحال ڳڙهه کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو آهي. مکڊ جو ماڳ
خوشحال ڳڙهه کان چاليهه ميل هيٺ سنڌوءَ جي ڪناري
وٽ واقع آهي. مکڊ ڳوٺ جي هيٺان سون ندي سنڌوءَ سان
اوڀر کان اچي سنگم ڪندي آهي. هن نديءَ جي ماٿريءَ
واري آبادي پٿر واري دَور سان واسطو رکي ٿي، ڇاڪاڻ
جو هتان پٿر جا ٺهيل اوزار تمام گهڻي تعداد ۾ مليا
آهن. چيو وڃي ٿو ته اِها سنڌو ماٿريءَ جي قديم
آبادين کان به وڌيڪ پراڻي تهذيب آهي. هن جُوءَ کان
ڏهاڪو کن ميل هيٺ ’نمڪ سر‘ جو جابلو سلسلو آهي.
هتان کان اڳتي سنڌو ڦهلاءُ ۾ پکڙجڻ شروع ڪري ٿي.
ڪٿي ته اُن جو پيٽ ڏهن ميلن تائين ٿي وڃي ٿو. ڪالا
باغ کان ٽيهه ميل هيٺ ساڳئي طرف کان ايندڙ سنڌوءَ
جي ڀرتي ڪندڙ آخري شاخ ڪرم ندي اچي اُن سان ملي
ٿي، جيڪا افغانستان جي سرحد وارن اُتانهن جبلن
وٽان وهي ايندي آهي.
سنڌوءَ جي ويجهي ڀرتي ڪندڙ شاخ جهلم ندي آهي، جيڪا
زوجيلا جي لڪ ڀرسان چوڏهن هزار فوٽن جي بلنديءَ
تان وهي ايندي آهي. ميداني علائقي ۾ پهچڻ کان پوءِ
هن سان چناب ندي اچي ملندي آهي. هي وهڪرو هماليه
جابلو سلسلي جي صفا ڏاکڻئين پاسي ليه کان ڏيڍ
سَو ميل ڏکڻ کان شروع ٿيندي آهي. اُن جي وهڪري جو
رخ گهڻو ڪري سنڌوءَ اسان پوروڇوٽ تي آهي. پهريائين
اُها اُتر اولهه پوءِ ڏکڻ ڏانهن موڙ کائيندي آهي.
جهلم ۽ چناب جي سنگم کان چاليهارو ميل کن هيٺ
ٻنهي ندين جي وهڪري سان راوي اچي ملندي آهي. هن
نديءَ جو آبي رستو به ڪشمير ۾ آهي. هيءَ ندي نهايت
تيز رفتار آهي. وروڪڙ به تمام گهڻا اٿس. باقي ٻيون
نديون ستلج ۽ بياس ساڳئي ماڳ وٽان نڪرنديون آهن.
پنجاب جون هيءَ پنج ئي نديون ملتان کان ڏکڻ ۾ سٺ
ميل پري پنجند واري ماڳ وٽ اچي پاڻ ۾ ملنديون آهن،
جيڪو ديري غازي خان کان اوڀر ۾ آهي.“
مانسروور ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ اُتر هندوستان جي ندين جو آبي ذريعو آهي.
روايت آهي ته هتان چار نديون مختلف جانورن جي واتن
مان وهنديون چئن طرفن ڏانهن وينديون آهن. برهمپترا
’گهوڙي‘ جي وات مان وهي اوڀر ڏانهن رخ ڪري ٿي؛
گنگا جي مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ ڪرنالي ’مور‘ جي وات
مان نڪري ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿي؛ ستلج ’هاٿيءَ جي وات
مان وهي الهندي رخ ڪري ٿي؛ جڏهن ته سنڌو ’شينهن‘
جي وات مان نڪري اُتر ڏانهن وهي ٿي. هيءُ ماٿري
زمين جي مٿاڇري کان اٽڪل پندرهن هزار فوٽ مٿي
بيضوي شڪل تي آهي. منجهس ٻه ڍنڍون هڪ ’مقدس‘ ۽ ٻي
’راڪاس‘ واري آهي. هن جي ڏکڻ پاسي هماليه جو برف
پوش سلسلو ۽ اُتر م ڪيلاش سلسلو واقع آهي. اُنهن
ڍنڍن جي ويجهو هڪ نهايت اُتانهين چوٽي آهي، جنهن
جي اوچائي ٻاويهه هزار فوٽ ٿيندي. ڪيلاش مخروطي
شڪل جو جبل آهي، جنهن جي برف پوش چوٽين جي وچ تي
واڱڻائي رنگ جون چوٽيون آهن. اُن جون ٻاهر نڪتل
تخت نما چوٽيون ٻارهوئي برف سان سٿيل آهن ۽ اُن جو
رنگ سفيد پيونظر ايندو آهي.
مانسروور ڍنڍ واري علائقي متعلق دلچسپ ڏند ڪٿائون
آهن. ٿٻيٽ جي ماڻهن جو ويساهه آهي ته هيءَ جاءِ نه
رڳو سنڌوءَ جو جنم اسٿان آهي، پر ٻيون وڏيون نديون
به هـِتان ئي وهي نڪرنديون آهن. اهو پڻ سمجهيو
ويندو آهي ته ديوتائون به هتي ئي رهندا آهن ٿٻيٽ
جي مظاهر پرست ماڻهن جو اِهو عقيدو آهي ته ڪيلاش
جبل مقدس برف جو جڙيل آهي. اُهو ساري ڪائنات جو
مرڪزي نقطو آهي، جتي هزارين ديوتا ۽ آتمائون رهندا
آهن، جن کي پويتر ۽ عبادتگذار ماڻهو پنهنجين اکين
سان ڏسي سگهندا آهن! اُن جبل جي تري جي چوڌاري هڪ
ڪارو پٽو اڄ ڏينهن تائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن
لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهو رسيءَ جو نشان آهي.
ڪنهن زماني ۾ ڍنڍ واري راڪاس اُن مقدس جبل کي
رسيءَ سان ٻڌي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هندو
هن جبل کي هن جڳ ۾ شـِوَ جو سُرڳ سمجهندا آهن،
جيڪو بچائڻ ۽ تباهه ڪرڻ وارو ديوتا آهي؛ تنهنڪري
اُن جبل تي ڪير به چڙهي ڪونه سگهندو آهي. ٿٻيٽ جي
ٻُڌن جو عقيدو آهي ته مهاتما گوتم ٻڌ پنهنجن پنج
سو برگزيده ساٿين سان گڏ هن جبل تي رهندو آهي،
جيڪي گنهگار ماڻهن جا گناهه بخشرائيندا آهن.
ڪيلاش جبل ۽ مانسروور ڍنڍ جي چوڌاري مندر، مڙهيون
۽ مَٺَ ٺهيل نظر ايندا آهن، هتي ڪجهه وڏا پٿر سڌين
قطارن ۽ گول دائرن جي شڪل ۾ رکيل نطر ايندا، جن
مان هتي جي قديم ڌرمن جي رسمن ادا ڪرڻ جو پتو پوي
ٿو. هندن جو عقيدو آهي ته قديم ديوتا مانسروور ڍنڍ
جي تري ۾ ٺهيل قلعي ۾ رهندا آهن ۽ اهو به چوندا
آهن ته ڪڏهن ڪڏهن شـِو ديوتا پنهنجي گهر واري، ٻين
ديوتائن ۽ نوڪرن چاڪرن سان گڏ هَنس جي روپ ۾
پاڻيءَ تي ترندو اچي ڍنڍ جي ڪناري وٽ پهچندو آهي!
هندو ۽ ٻُڌ ياتري هن جاءِ تي پهچڻ لاءِ هر طرف کان
ايندا آهن.
ڍنڍ تائين غير ملڪي سياحن جي پهچ:
هيءُ علائقو سفر ڪرڻ ۾ ڏاڍو اوکو آهي. اُهي يورپي
لوڪ، جيڪي هن ماڳ تي شروع شروع ۾ پهتا هئا، سي
مذهب سان لاڳاپيل پورچوگيز ڪئٿولڪ مـِشنري هئا.
هنن سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ انهيءَ مقصد سان اِهو
سفر ڪيو هو ته جيئن ٻُڌن کي عيسائي بنائن.، اُهي
ڪشمير مان هماليه جا ٻارهن هزار لَڪَ لنگهي سنڌو ۽
اُن جي ڀرتي ڪندڙ مختلف شاخن وسيلي وڃي مانسروور
ڍنڍ تائين پهتا هئا. سندن چوڻ آهي ته مقامي ماڻهو
هن ڍنڍ کي سنڌوءَ ۽ گنگا جو آبي ذريعو سمجهندا
آهن. هنن ڏٺو ته بيشمار ياتري هن ڍنڍ چوڌاري
پنهنجي پوڄا پاٺ ۾ مگن هئا.
پورچوگيزن کان پوءِ هڪ انگريز وٽنري سرجن وليم
مُور ڪرافٽ هن هنڌ کي وڃي ڏوري ڏٺو. هو اُن ماڳ تي
روپ مٽائي ڊگهي الفي، وڏي ڏاڙهي ۽ پٽڪو ٻڌي
ياترين جي ٽولن لاڏو جانورن سان گڏ 1811ع ۾
مانسروور ڍنڍ تائين پهتو. ڪرافٽ کان هڪ سَو سالن
کان پوءِ سويڊن جو هڪ نوجوان سوين هيڊن 1907ع ۾
سنڌو ۽ برهمپترا جي منهن تي وڃي ڳولائڻ لاءِ وڃي
نڪتو هو. اول مانسروور ڍنڍ تي پهتو. شينهن جو منهن
ڳوليندي اُن کان سٺ ميل اوڀر ۾ برهمپترا جي منهن
تي وڃي بيٺو. هيڊن سائي گاهه سان سٿيل سنڌوءَ جي
منهن وارا تلاءُ به ڏٺا. هو سنڌوءَ جا منهن ڏسڻ
وارو نه فقط پهريون ماڻهو آهي، پر دنيا ۾ اُهو
اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن اهڙو نهايت مشڪل ڪم اڪيلي
سرانجام ڏنو. اُهو ماڳ مانسروور ڍنڍ کان ٽيهن ميلن
جي وٿيءَ تي آهي. ٿٻيٽ جا ماڻهو اُن ٿاڪ وٽ پهچڻ
کي ناممڪن سمجهي اهو تصور ڪندا آهن ته سنڌو
مانسروور ڍن مان وهندي آهي. هيءَ ڍنڍ علامتي طور
متبرڪ سمجهي ويندي آهي.
جين فيئرلي ٻڌائي ٿو ته ٿٻيٽ ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو
داخل ٿي ڪونه سگهندو آهي. پر جيڪڏهن ڪو لڪ چوري
پهچي ويو ۽ جهلجي پيو ته يا ته کيس آرنولڊ لئنڊر
جيان سخت عذاب ڏيئي چيچلايو ويندو يا قتل ڪيو
ويندو آهي.
سنڌوءَ تي تربيلا ڊيم:
تربيلا ڊيم جي اڏاوت وارو عمل به نهايت دلچسپ آهي.
1952ڌاري ڏيهي ۽ پرڏيهي انجنيئرن جو هڪ وفد تربيلا
کان مٿان سنڌوءَ تي ڊيم ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سروي لاءِ
پهتو. هڪ پاڪستاني انجنيئر لکي ٿو ته جڏهن اسان
سنڌوءَ کان مٿي وياسون ته گوليون ڪڙڪاٽ ڪنديون
اسان جي سرن مٿان گذري ويون، جيڪي قبائلين سنڌوءَ
جي ٻي ڪنٺار تان اسان تي هلايون هيون. اهو اسان جي
اڳتي وڌڻ خلاف گويا سندن چتاءُ هو، انڪري ماهر
انجنيئرن جو اهو گروهه اُتان ئي واپس موٽي آيو.
اُن کان پوءِ چوڏهن سالن تائين مختلف مسئلن تي غور
ويچار ٿيندو رهيو، جنهن دوران آمريڪا، برطانيه ۽
ورلڊ بئنڪ طرفان مشهور جيالا جسٽ، هيڊرالاجسٽ،
انجنيئر ۽ اقتصاديات جا ماهر گهرايا ويا، جن دنيا
جي هن عظيم منصوبي جو هر لحاظ کان تفصيلي جائزو
ورتو ۽ آخر تربيلا واري هنڌ کي ديم لاءِ موزون
قرار ڏنو. جيئن ته ولايت جون حڪومتون ئي هن وڏي
منصوبي لاءِ خرچ ڪري رهيون هيون، تنهنڪري اُنهن کي
اهو اطمينان ٿيڻ ضروري هو ته ڊيم لاءِ اِهائي
مناسب جاءِ آهي. آخر ۾ هن منصوبي تي 1968ع ۾ ڪم
شروع ٿيو ۽ 1974ع ۾ راس ٿيو. هاڻي تربيلا دنيا ۾
وڏي ۾ وڏو مٽيءَ مان جوڙيل ڊيم شمار ٿئي ٿو.
سنڌوءَ جو جاه و جلال:
اليگزينڊر برنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾
سنڌوءَ جو وهڪري جو جاه و جلال بيان ڪندي لکي ٿو:
”سنڌوءَ جو پاڻي هڪ ڪناري کان ڊيهه ڪري ٻئي ڪناري
تي ڏاڍي سَٽ هڻندو آهي. وڏن ٺڪارن سان ڀڪون ۽
ڀريون، ڪنڌيون ۽ ڪنارا پائيندو، ڪيرائيندو ويندو
آهي. جتي ڪپر سخت هوندو آهي اُتي ڪُن هڻڻ شروع
ڪندو آهي. درياهه جي تري جي اونهائيءَ مان واري ۽
مٽي پٽڻ ۽ پاڻي تيزيءَ سان ڦرڻ شروع ڪري ڏيندو
آهي. جيڪڏهن ٻيڙو ڪُن ۾ ڦاسي پيو ته پيو ڦرندو!
اُن جاءِ تي پاڻيءَ جو وهڪرو ڏاڍو خطرناڪ هوندو
آهي.“
موسمن جي حوالي سان جين فيئرلي سنڌوءَ جي منظر ڪشي
هن ريت ڪري ٿو:
”سياري جي موسم ۾ سنڌونديءَ ۾ مٿان برف ۽ هيٺان
پاڻي پنهنجي اصل شان سان پيو وهندو آهي. برف جون
وڏيون وڏيون ڇپون وڏي ڌڌڪي سان وڃي ڀر وارن گهارن
تي ڪرنديون آهن، ۽ اُنهن مان برف جا وڏا وڏا ٽڪرا
ڇڄي وڃي وڏن پٿرن سان لڳندا آهن ۽ بُل کائي وڃي
جبلن جي ٻاهر نڪتل اڀڪپرن پاسن تي پوندا آهن.
اونهاري جو جڏهن مٿي واري برف ۽ گليشيئررجڻ شروع
ڪندا آهن ته سنڌو درياهه اُنهن سوڙهن گهٽن مان
شينهن واريون گجگوڙون ڪندو گذرندو آهي. اگهاڙن
جبلن مان تيز اُس جي ڪري باهه جا اُلا اٿڻ شروع
ٿيندا آهن ۽ ڏينهن دوزخ جي ڏِک پيو ڏيندو آهي.“
سنڌوءَ جي ڊيگهه، ويڪر، اونهائي ۽ ڇوڙ:
اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه جي ڊيگهه، ويڪر، ۽
اونهائيءَ بابت تفصيل سان لکيو آهي. ’سنڌوءَ جي
سفر‘ ۾ هو لکي ٿو:
”سمنڊ کان وٺي لاهور تائين سنڌو درياهه جهازرانيءَ
جي لائق آهي. وچ تي اُن ۾ ڪابه روڪ رنڊڪ ڪانهي.
وچون فاصلو هڪ هزار انگريزي ميل ٿيندو. سنڌو پنجاب
جي درياهن جي سنگم کان پوءِ به سوڪهڙي ۾ تانگهو
ڪونه رهندو آهي، تڏهن به اُن جي گهٽ ۾ گهٽ ويڪر اڌ
ميل ۽ اونهائي 15 فوٽ هوندي آهي. چناب جي اونهائي
وچولي درجي جي آهي ۽ تر 12 فوٽ آهي. راوي هن
نديءَ جي اڌ جيتري آهي. عام طور تي اُنهن ٽنهي
ندين جي اونهائي ترتيبوار سنڌو 24 فوٽ، پنجاب 18
فوٽ ۽ راوي 6 فوٽ آهي. اهي حقيقتون اسان سفر دوران
هٿ ڪيون.
اپريل مهيني ۾ ٺٽي وٽان سنڌوءَ جي ويڪر 670 گز ڏٺي
آهي. سيوهڻ وٽ سنڌوءَ جي ويڪر 500گز آهي ۽ اونهائي
36 فوٽ اٿس. تيزي رفتاريءَ سبب اُهو ڪنڌيءَ وارين
ٽڪرين جي پاڙن کي پايو اڳتي نڪري ويندو آهي. اسان
کي اُتي به اُن جا ڪنارا اڀڪپرا نظر آيا. ان جاءِ
تي چوماسي جي مُند ۾ اُن جي اونهائي 12 فوٽ اڃان
به وڏي ٿي ويندي آهي. اٿل جي موسم ۾ اونهائي وڃي
48 فوٽ ٿيندي آهي. 80000 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ جي
حساب سان سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو اخراج گنگانديءَ جي
ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ اخراج کان چئوڻو آهي. پاڻيءَ
جي اخراج جي حوالي سان سنڌو آمريڪا جي وڏي ندي
مسيسپي سان ذري گهٽ هڪ جهڙائي رکي ٿو. سنڌو نيل ۽
گنگا جيان ڇوڙ ڪرڻ وقت گهڻن منهن ۾ ورهائجي ويندو
آهي. اُهي پاٽ ڀليءَ لٽاشي زمين وٽان پنهنجي اصلي
وڏي وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندا آهن. سمنڊ کان سٺ
ميل پري ۽ ٺٽي کان پنج ميل هيٺ سنڌو ٻن مکيه شاخن
۾ ورهائجي وڃي ٿو. ساڄي طرف واري شاخ کي ’بگهياڙ‘
۽کاٻي طرف واري کي ’ساتا‘ ڪري سڏيندا آهن. بگهياڙ
واري شاخ پير پٺي، ٻُهارا ۽ ڌاراجي کان لنگهي جڏهن
25 ميل سمنڊ جي ويجهو پهچي ٿي ته وري ٻن واهڙن ۾
ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اِهي ڦاٽ جهازراني جي
لائق آهن. اِهي سنڌوءَ جا ٻه وڏا منهن سمجهيا
ويندا آهن. بگهياڙ جي معنيٰ تباهه ڪندڙ آهي. ساتا
کان اوڀر طرف ست منهن آهن، جن مان جُوئا، ريچل،
حجامڙو، سير ۽ ڪوري اهم آهن. ڪوري ڦاٽ کي ڪڇ ۽ سنڌ
جو دنگ سمجهيو ويندو آهي.“
1932ع ۾ سنڌوءَ تي سکر وٽ پهريون بئراج تعمير ڪيو
ويو. اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي سرشتو تصور ڪيو
وڃي ٿو. سکر بئراج کان پوءِ سنڌو درياءُ تي مختلف
هنڌن کان بئراج ڪڍيا ويا، جن ۾ ڪالا باغ وٽ جناح
بئراج، تونسا بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج اچي
ٿا وڃن.
هيٺين ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو:
1-”سنڌو، شينهن درياهه“ : جين فيئرلي/ مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو
2- ”سنڌوءَ جو سفر“ :اليگزينڊر برنس/ مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو
3- ”قديم سنڌ“ : ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
4-”سنڌ صدين کان“ : مرتب: ممتاز مرزا
”پُراڻ“-
سنڌو درياهه جو قديم وهڪرو
مراد علي راهمون
”پُراڻ“ لفظ جي لغوي معنيٰ:
1- ”پُراڻ“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. پُرا-پراڻو
پُر- اڳتي وڃڻ، جيڪي پراڻي سمي ۾ ٺهيا هجن.
2-پُراڻو، جهونو، اوائلي، ڪم ۾ آندل، واپرايل،
نڪمو، گٺل. (پُراڻ لفظ جي ”پ“ جي هيٺيان زير پڙهبي
ته معنيٰ ٿيندي ساهه، حياتي، روح، جان).
”پُراڻ“ جي اصطلاحي معنيٰ:
1- آڳاٽي زماني جي ڪاشيءِ گذريل واقعا، آڳاٽي
زماني جا قصا، قديم اکاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون، قديم
تاريخي قصا، هندن جا ارڙهن پوتر ڌرمي ڪتاب.
2- سنڌونديءَ جو هڪ پراڻو وهڪرو.
3- تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ هڪ ديهه جونالو[1].
پُراڻ درياهه:
مير قانع، 1تحفةالڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”پراڻ هڪ
درياءُ جو نالو آهي. اُن جا ڳوٺ ناليرا ۽ حال ۽
مقام جي صاحبن جا گذرگاهه آهن“[2].
معمور يوسفاڻي لکي ٿو ته: ”وهيندي، مهراڻ هاڪڙي ۽
ريڻي نديءَ کان پوءِ هن علائقي (ٿرپارڪر) کي آباد
ڪندڙ وهڪرو ’پراڻ درياهه‘ آهي، جيڪو نوابشاهه ضلعي
جي موري ۽ سڪرنڊ تعلقن جي وچ تان نڪري، شهدادپور
وٽان وهندو ميرپورخاص شهر وٽ اچي ٿرپارڪر ضلعي ۾
داخل ٿئي ٿو ۽ اڳتي جهلوري جي ڀر وٽان، جيمس آباد
جي الهندي پاس کان، ٽنڊي جان محمد جي اڀرندي طرف
کان ۽ جهڏي شهر جي اولهه کان اڳتي هلي حيدرآباد ۽
ٿرپارڪر ضلعن جي دنگ وٽان وهندي رحمڪي بازار کان
8-10 ميل پري هلندي، وڃي لکپت بندر وٽ عربي سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪري ٿو“[1].
ٿرپارڪر ضلعي جو هڪ ٻيو اديب مهر ڪاڇيلوي لکي ٿو
ته: ”پراڻ درياهه ڪاهوءَ جي دڙي ميرپورخاص،
ڪاڇيلوي اسٽيشن، ٽندي جان محمد، جهڏي، روشن آباد
وٽان گذرندو ڏکڻ ۾ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو“[2].
قديم زماني کان وٺي سنڌونديءَ پنهنجا وهڪرا پئي
بدلايا آهن. بئنرجيءَ، بهاولپور کان وٺي کير ٿر
جبلن جي قطار تائين جملي ارڙهن هنڌن تي سنڌونديءَ
جي وهڪرن جا رخ معلوم ڪيا. جن مان ”پراڻ“ به هڪ
هو. وري ”پراڻ“ جي نالي سان به ٻه ڍورا نطر اچن
ٿا: هڪڙو ”اڀرندو پراڻ ڍورو“، جيڪو ڪنري، فضل
ڀنڀري ۽ نئين ڪوٽ کان ڦرندو، ٿر جي ڪنٺار سان وهي
”ونگي پتڻ“ وٽان لنگهي ”رحمڪي بازار“ وٽان وهندو.،
”ڪڇ جي رڻ“ مان ٿي، سمنڊ وٽ، ڪوري جي نار ۾ ڇوڙ
ڪندو هو. ٻيو ”الهندو پراڻ ڍورو“ جيڪو جهڏي شهر،
محراب جي ڳوٺ، بدين ضلعي ۾ ”باغ جي شهر“ (قديم
ٻنگار شهر)، ڏيهي ۽ جرڪس اولياءَ جي درگاهه وٽان
لنگهي، ننڍي شهر جا اُتريان پٽ پسائيندو، ونگي
پتڻ کان هيٺ ”اڀرندين پراڻ ڍوري“ سان وڃي گڏبو
هو. ان بعد ٻئي ڍورا هڪڙي وهڪري جي صورت ۾ ”ڪوريءَ
جي نار“ ۾ وڃي پوندا هئا.”پراڻ“ جو اُهوئي وهڪرو
هو، جنهن جي پاڻيءَ تي ڪڇ جي رڻ واري ايراضيءَ ۾
آبادي ۽ لکپت ۾ ساريال جي پوک ٿيندي هئي. اهو سڄو
علائقو ”پراڻ“ جي ڪري سر سبز ۽ آباد هو[1].
”پُراڻ“ جا پَٽ:
سنڌ جي تاريخ ۾ بزرگن جي حوالي سان، ”پُراڻ جا
پَٽ“ گهڻو مشهور رهيا آهن. هيءُ خطو، جيڪا تاريخي
ڌرتي آهي، جنهن کي پنهنجي املهه ۽ نرالي تاريخ آهي
۽ جنهن ۾ ثقافت جا ڪئين روپ نمايان آهن، سا
درويشن ۽ فقيرن جي دعائن جو مرڪز به رهي آهي ۽
اُها به ايتريقدر جو سنڌ جي وڏن شاعرن هن ڌرتيءَ
جي سڀني طبعي ڀاڱن کي ۽ اُنهن جي تهذيب، ثقافت،
جاگرافي ۽ تاريخ کي وضاحت سان بيان ڪيو آهي ۽
دعائون موڪليون آهن. حضرت ڀٽ ڌڻي بادشاهه ”پُراڻ
جي پَٽن“ کي هن طرح ياد ڪيو آهي:
وٺا ”پَٽ پُراڻ“ جا، وٺيون ساماري[1].
هتي ”پُراڻ جي پَٽ“ مان مراد، ميرپورخاص، ڪوٽ غلام
محمد ۽ ڊگهڙي تعلقن واري ايراضي آهي، جيڪا قديم
دور ۾ ”پُراڻ“ وهڪري جي ذريعي آباد ٿيندي هئي.[2]
معمور يوسفاڻي پنهنجي مقالي ”ٿرپارڪر ۽ لطيف“ ۾
لکي ٿو ته: ”ٿرپارڪر ضلعي جي اولهه طرف واري
ايراضيءَ جونالو ”پُراڻ جو پَٽ“ آهي، جنهن ۾ هن
ضلعي جا ٽي تعلقا ميرپورخاص، جيمس آباد (ڪوٽ غلام
محمد) ۽ ڊگهڙي اچي وڃن ٿا، جيڪي قديم دور ۾
’پُراڻ‘ جي اثر هيٺ رهيا آهن، ۽ هن وقت به اُنهن
تعلقن ۾ ’پُراڻ‘ جو پيٽ سلامت آهي“[3]
”پُراڻ“ جو شاندار ماضي:
فقير بشير احمد لغاري سنڌ ۾ موجود مختلف وهڪرن جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”انهيءَ قسم جو عظيم وهڪرو
’پراڻ‘ آهي، جيڪو ضلعي ميرپورخاص جو هڪ اهم
تاريخي، روحاني، مذهبي ۽علمي عظمت جو حامل هڪ
درياهه آهي، جيڪو اڄ کان اٽڪل ٻه ٽي سؤ سال اڳ هڪ
وڏو واپاري ۽ روحاني مرڪز هو. ڪنهن زماني ۾ هي
علائقو سياست، معرفت، روحانيت، تجارت ۽ وڻج واپار
جو گهوارو هو. سياحن اُن کي پسندگيءَ جي نظر سان
ڏٺو، فاتحن هتي پنهنجا ديرا ڄمايا، امراء ۽ فقراء
جون هتي محفلون متيون حڪمرانن ۽ جنگجوئن جي عروج و
زوال جي تاريخ هت مرتب ٿي، علم و عرفان جا هتان
نُڪتا نروار ٿيا ۽ روحانيت جو فيض هتان کان جاري
ٿيو. دنيا جي اُها ڪهڙي دولت ۽ علم عرفان جو فيض
هو، جيڪو هن خطي جي حصي ۾ نه آيو. اِهو سلسلو ڪو
ٿورڙي وقت لاءِ نه هو،پر سَون سالن تي محيط هو“.[1]
اڳاٽي زماني ۾ پراڻ درياهه جي ڪنارن تي تمام گهاٽو
جهنگ هوندو هو. هيءُ جهنگ روزگار جو ذريعو به
هوندو هو، جو اُن مان ماکي، لاک، کنور ۽ گُگر جام
ملندو هو. چوپائي مال چارڻ لاءِ بهترين چراگاهه به
هو. پراڻ جي ڪنارن تي چرخي، هُرلي ۽ نار جي ذريعي
زراعت ٿيندي هئي. پراڻ جي ٻنهي پاسن تي بندر گاهه
هوندا هئا، جتي سامان لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو هو. وڏا
پتڻ ۽ گهاٽ هوندا هئا، جيڪي واپار جا مرڪز هوندا
هئا. اُنهن پتڻن تي سرڪاري عملدار ٽيڪس وصول ڪندا
هئا.[2]
”پُراڻ ڪهڙا دور ڏٺا؟
جهوني تون پُراڻ، جُڳ ڇٽيهه سنڀرين،
توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.
(شاهه)
پُراڻ جي تاريخ سنڌ جي قديم تاريخ جو حصو آهي.
پراڻ ڪئين دور ڏٺا آهن. ”پُراڻ جا پٽ“ ڪڏهن دراوڙن
جي ماتحت هئا ته ڪڏهن آرين جي قبضي هيٺ، ڪڏهن راجا
ڪاهوءَ جي هٿ هيٺ هئا ته ڪڏهن وري برهمڻ جو تسلط
رهيو. ڪڏهن راجا ڏاهر هتي حڪم هلائيندو هو ته ڪڏهن
محمد بن قاسم جو سڪو هلندو هو. ڪڏهن اگهم جي
لوهاڻن جي فرمانروائي هلندي هئي، ته ڪڏهن وري
نصرپور جي بيگلارن جو سڪو چالو هو. ڪڏهن غزنيءَ جي
پٺاڻن هـِت حڪومت ڪئي ته ڪڏهن دهليءَ جي مغلن
پنهنجا حڪم هلايا. ڪڏهن عمر ڪوٽ جا راڄ ڌڻي قابض
رهيا ته ڪڏهن وري لَيور جا سومرا سلطنت ڪندا رهيا.
ڪڏهن مَنڌرن جو راڄ رهيو ته ڪڏهن وري بودلن جو حڪم
هلندو رهيو. ڪڏهن پُنري بَڊاماڻي جي سرداري هئي ته
ڪڏهن ڄام لاکي جي. ڪڏهن ترخان ۽ ارغون حڪومت ڪندا
هئا ته ڪڏهن وري ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا سپهه سالار
حڪم هلائيندا رهيا- ليڪن جيڪا حڪومت ڄام نندي سمي
۽ غلام شاهه ڪلهوڙي ڪئي، سا ٻئي ڪنهن نه ڪئي. جڏهن
مسلمان حڪمرانن ۾ اها صلاحيت باقي نه رهي، جنهن
سان ملڪ جي حفاظت ڪري سگهجي، تڏهن ست سمنڊ پار
انگريز قوم آئي، جنهن سنڌ جي ٻين علائقن سميت هن
خطي تي قابض ٿي، بيراج ۽ واهه ڪڍي آبپاشي جي نظام
کي نئون روپ ڏنو ۽ پراڻ جا پٽ وري سر سبز ٿيڻ لڳا.[1]
”پُراڻ“ جي علمي عظمت:
”پُراڻ“ جو پٽ پاڻي سان گڏ روحانيت ۽ علم جو پڻ
مرڪز رهيو آهي. ڊگهڙي شهر کان اتر اوڀر ۾ 10 ڪلو
ميٽرن جي فاصلي تي، پراڻ جي ساڄي ڪپ تي، مَنڌرا
قبيلي جي راڄڌاني جا کنڊر آهن، جن کي ”مَنڌرن جون
ڀٽون“/ ”منڌر پٽ“ به سڏيندا آهن، جنهن جو مطلب
منڌرن جو علائقو آهي. قديم زماني ۾ اُتي وڏو شهر
هو. انهيءَ شهر جي هڪ سنڌي شاعر، جيڪو ذات جو
منڌرو هو، ٻي صدي هجريءَ ۾ برمڪي خاندان جي حاڪم
يحيي يا هن جي پٽ فضل جي درٻار بغداد ۾ حاڪم سان
گفتگو ڪندي پنهنجا ٻه ’سنڌي شعر‘ پڙهيا هئا جيڪي
عرب تاريخدانن قلمبند ڪري ورتا هئا. اهڙيءَ ريت هي
شاعر سنڌي زبان جو پهريون شاعر معلوم ٿئي ٿو ۽
منڌرا شهر جي قدامت به ان مان ظاهر ٿئي ٿي.[1]
پروفيسر محمد يعقوب ”ثاقب“ لکي ٿو ته ”برمڪي درٻار
۾ جنهن منڌري شاعر سنڌي شعر پڙهيو هو، اُهو
ٿرپارڪر جي انهيءَ علائقي (منڌر پٽ) جو رهاڪو هو[2].
پروفيسر الهه بچايو ”مشتاق“ به ساڳي راءِ رکي ٿو[3].
مخدوم عبدالله منڌرو نرئي وارو به هن ئي علائقي جو
هو، جو پوءِ لڏي وڃي ڪڇ ۾ رهيو، جنهن سنڌيءَ ۾
گهڻا ڪتاب لکيا آهن[4].
حضرت بهاءالدين ذڪريا جو ”پُراڻ“ جي ڪناري مجاهدو:
شيخ الاسلام حضرت بهاءالدين ذڪريا ملتاني رح
اسلامي تبليغ جي مقصد سان سنڌ ۾ آيو ته رياضت ۽
مجاهدي جي لاءِ ”پراڻ“ جي پٽ کي منتخب ڪيائين. هن
بزرگ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ”پراڻ درياهه“ جي ڪناري، ٽنڊي
جان محمد شهر لڳ چـِلو ڪڍيو ۽ اُتي ”آمريءَ“ جو وڻ
به پوکيائين، جنهن تان پراڻ جي اُن گهيڙ تي
”آمريءَ وارو گهيڙ“ نالو مشهور ٿيو ۽ اُتي جي قديم
قبرستان کي پڻ ”آمريءَ وارو قبرستان“ ڪوٺيو ويو.
حضرت غوث بهاءالدين جنهن جاءِ تي چلو ڪڍيو هو، اُن
جاءِ کي سندس مريدن ۽ خليفن ”سمن صالحن“ ڪوٺيو ۽
پري پري کان ڪهي اُتي اچي روحاني راز اوريندا هئا
۽اُتان ئي جماعتون ٺاهي ملتان ڏانهن ويندا هئا. نه
فقط ايترو پر اُنهيءَ جاءِ تي گڏ ٿي پروگرام موجب
مختلف طرفن ڏانهن تبليغ خاطر نڪرندا هئا، جنهن ۾
وعظ ۽ نصيحت سان گڏ درس و تدريس جو مقصد پڻ هوندو
هو. سنڌ جي پراڻ جي پٽ ۾ سهروردي سلسلي جي فيض
پکيڙڻ لاءِ ”سمن صالحن“ ڄڻ ته هڪ وڏو ملڪ گير مرڪز
هو، جنهن حوالي سان هن خطي ۾ ڪيترائي علمي ۽
روحاني مرڪز قائم ٿيا.[1].
اهوئي سبب آهي جو ميين شاهه عنايت رضوي جهڙو بزرگ
شاعر به ”آمريءَ“ يعني ”سمن صالحن“ کي ڳائڻ لاءِ
مجبور ٿيو ۽ هڪ وائيءَ ۾ فرمائي ٿوته:
’سمن صالحن‘ توڙان طالبن،اصل آهي آمري.
زاهد، اولياء، انبياء، اڳي اُت اچن، اصل آهي آمري.
هلئو سڪ حبيب جي، ٿا ”پراڻ“ پسن،اصل آهي آمري.
سئين سروري آئيا، ملتاني مرڪن،اصل آهي آمري.
اثر اسانهين ٿئو، منجهان موحدن،اصل آهي آمري.
جن ريلا رنارت جا، هاڻ نه سي پسجن،اصل آهي آمري.
جکري نڌوءِ جيئن، سُتا پُٽ سونهن،اصل آهي آمري
تنين واس نه ڇڏئو، جي تريا منجهه تڙن،اصل آهي
آمري.
عفو ڪريين عنات سين، برڪت تن تنن،اصل آهي آمري[1].
ڀٽ ڌڻيءَ ۽ مخدوم محمد هاشم جو ”پراڻ“ کي پَسڻ:
قديم زماني ۾ پُراڻ جا پير ۽ بزرگ سموري سنڌ ۾
مشهور هئا. اهڙن بزرگن مان درس محمد عثمان ڪاڇيلو
ڪلهوڙا دور جو هڪ نهايت هاڪارو عالم ۽ بزرگ هو،
جنهن سان ملڻ لاءِ مخدوم محمد هاشم رح به ”پُراڻ“
جي پٽ ۾ ڪهي آيو ۽ ساڻس روح رهاڻ ڪيائين. اهڙيءَ
طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به ”پُراڻ“ جي بزرگن،
فقيرن، سالڪن ۽ صوفين سان روح رُچنديون ڪرڻ لاءِ
پُراڻ جي پَٽ ۾ جلوه افروز نظر اچي ٿو. شاهه صاحب
جڏهن درس عثمان سان روح رهاڻ ڪرڻ بعد اڳتي روانو
ٿيو ته آئنده پنهنجي دوستن کي درس عثمان سان ملڻ
جو بيان ڪندي، اجهو هيئن فرمايائين ته:
ڪُپيريان پري ٿيا، اَٻڌ ٻڌائون.
اُنين وٽ آئون، رهي آيس راتڙي[1].
اهڙيءَ طرح شاهه صاحب پراڻ جي ٻين بزرگن سان مليو
هو، تن ۾ مخدوم محمد مسعود دڙيلي وارو، مخدوم
عبدالصمد ۽ مخدوم سرهو فقير دَل دونهائي وارا
بزرگ به شامل آهن، جيڪي مخدوم معين ٺٽويءَ سان
دوستانه تعلقات رکندڙ هئا. مخدوم مهر دَل به ان
دور ۾ ٺٽي ۾ مخدوم ٺاري جي مدرسي ۾ پڙهي رهيو هو[2]،
جنهن جو تفصيل حڪيم دوست محمد فدا پنهنجي ڪتاب
”پراڻ جا پير“ ۾، معمور يوسفاڻي ”ٿرپارڪر ۽ لطيف“
۾ ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري ”سنڌ-تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني
۾“ ۾ ڏنو آهي.
”پُراڻ“ جا پٽ ۽ سنڌ جا شاعر:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
ڀٽ ڌڻي پنهنجي آفاقي شعر ۾ پُراڻ جي پَٽ کي هن طرح
ياد ڪيو آهي:
وٺا پَٽ پُراڻ جا، وٺيون ساماري[3].
پُراڻ جي پَٽ يعني تعلقي ميرپوخاص، ڊگهڙي ۽ جيمس
آباد سان لڳو لڳ اوڀر ۾ ”نارو“ علائقو آهي، جيڪو
’اڀرندي ناري‘ تي آباد ٿيندو هو، جنهن ۾ عمر ڪوٽ ۽
سامارو تعلقه اچي ٿا وڃن. ”بابت ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو
ته:
ڀريائين ڀير پئي، نظر سين ”نارو“[1]
ٻيءَ جاءِ تي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
اچي اڄ اکتيون ڪيائون پر ”پُراڻ“،
وسي وڄن ڪاڻ، لاٿي ڪڇ وڻن تان.
وڄون وسڻ آئيون، سارنگ سينگاري،
برسي ڀٽاري، ڀريا پَٽ پُراڻ جا[2].
شاهه عبداللطيف رح جڏهن سفر ڪندو ”پُراڻ جي پَٽ“ ۾
آمريءَ واري گهيڙيءَ تي پهتو ته اُتي لاکي ڦلاڻيءَ
واريون اوڍاڻيون ۽ وڻجاري سيف الملوڪ جا وڻن کي
زيور پارائڻ ياد آيا ته پراڻ کان سوال پڇڻ لڳو ته:
جهوني تون پُراڻ، جُڳ ڇٽيهه سنڀرين،
توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.
(شاهه)
ڀٽ ڌڻي پراڻ جي پاران پاڻ ئي جواب ڏنو ته:
لاکا لکين آئيا، اُنڙ ڪروڙين اٺ،
پرهيم هيرائو هيڪڙو، آيو هو مون وٽ[3]
ميون شاهه عنايت رضوي:
حضرت ميون شاهه عنايت رضوي سنڌ جو باڪمال شاعر ۽
ڀٽ ڌڻيءَ جو وڏو همعصر ٿي گذريو آهي. هن بزرگ هڪڙي
ئي بيت ۾ ٿرپارڪر جي ٻين ڳچ علائقن جو بيان هن
طرح ڏنو آهي:
اُٺو ڍٽ، پٽ پارڪر، اُٺو سارو سوارو،
مينهن مورنه مٽيو، ’ونگو‘ ويچارو،
اُٺا پَٽ ’پُراڻ‘ جا ’اڪري‘ ’سامارو‘
وڌي گاهه وڏو ٿيو، تنهن موهه ۾ موچارو،
وڄڙين وري ڪيو، ’ڍلي‘ تي ڍارو،
’ترائي‘ تار ڪيائين، ’وهيري‘ وارو،
ٿڌا وڻ ’ولهار‘ جا، جت صدر سونهارو،
اکڙين آرو، اوڏاهين عنات چئي،
ان طرح ٻين به ڪيترن ئي شاعرن هن علائقي کي پنهنجي
شاعريءَ جو موضوع بنايو آهي.
”پُراڻ“ جو بند ٿيڻ:
پُراڻ جي بند ٿيڻ بابت محققن جا مختلف رايا آهن.
ڪن جو چوڻ آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾
سنڌو درياءُ پنهنجو رخ بدلائي ٻئي گس سان وهڻ لڳو،
جنهن جي نتيجي ۾ پراڻ وارو وهڪرو بند ٿي ويو، تنهن
هوندي به آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ پراڻ وارو پيٽ بدستور
جاري رهندو هو، تان جو 1762ع ۾ ميان غلام شاهه سنڌ
جي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ درياءُ کي جيڪي بند
ٻڌايا، اُنهن جي ڪري پراڻ وارو وهڪرو بلڪل بند ٿي
ويو. رهي کهي ڪسر 1819ع واري زلزلي پوري ڪئي، جنهن
۾ سمنڊ جي پاڻيءَ ڪڇ جي رڻ واري سڄي زمين کي لوڻ
کاڻ بنائي ڇڏيو. اهي ئي سبب هئا، جن جي ڪري رحمڪي
بازار ۽ ان کان هيٺانهون علائقو ويران ٿي ويو ۽
سرحدي بندر اُجڙي ويا.
سنڌ گزيٽيئر جي مصنف جي. ڊبليو. سمٿ وري انهيءَ
تباهيءَ جي ذميواري ميان غلام شاهه تي وڌي آهي.
هو لکي ٿو ته: ”ڪڇ جي رڻ وارو ڪنارو گهڻو ڪري
برباد ٿيل شهرن سان ڀريل آهي. اُنهن مان گهڻا شهر
سنڌ جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ڪڇ راجا جي وچ ۾
ٿيل جنگين ۾ تباهه ٿيا، باقي بچيل 1819ع واري
زلزلي ۾ پٽ پئجي ويا“[1].
ڊاڪٽر عابد لغاري لکي ٿو ته: ”پراڻ کي مڪمل طرح
نقصان تڏهن رسيو، جڏهن 1819ع ۾ زلزلو آيو ۽ پراڻ
برباد ٿي ويئي“[2].
پروفيسر پٿاوالاجي لکڻ مطابق 1819ع واري زلزلي کان
پوءِ رڳو 1845ع کان 1861ع تائين گهٽ ۾ گهٽ 7 زلزلا
رڪارڊ ڪيا ويا.
مدد خان پٺاڻ جي حملي ڪري به پراڻ جا پٽ اُجڙي
ويا. هن شهرن کي باهيون ڏنيون ۽ ڦرلٽ ڪئي[3].
بهرحال مٿين سببن جي ڪري پراڻ وهڻ بند ٿيو ته پراڻ
جي پٽ ۾ اُهو روحاني، علمي ثقافتي ۽ اقتصادي
چهچٽو به بند ٿي ويو.حالتون بلڪل تبديل ٿي ويون.
”پُراڻ“ جي موجوده حالت:
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو ته پراڻ جي تاريخ طويل آهي.
پراڻ مختلف دورن ۾ مختلف قومون ۽ مختلف سلطنتون
ڏٺيون. پراڻ جو ٿڌو پاڻي اڃايلن کي چقمق وانگر پاڻ
ڏانهن ڇڪيندو رهيو ۽ قومون آباد ٿينديو رهيون. هي
آب حيات مختلف زمانن ۾ مختلف رنگن، نسلن ۽ تهذيبن
جي آبياري ڪندو رهيو. ڪيتريون ئي تهذيبون پراڻ جي
هنج ۾ پلجي وڏيون ٿي ختم به ٿي ويون. ڪڏهن ته اُن
جي تيز وهڪرن جي وڏي هاڪ هوندي هئي، ان جي دهشت کي
ڪير ڏسي نه سگهندو هو،پر اڄ هتي جا ماڻهو پيئڻ جي
پاڻي ڦڙي لاءِ واجهائي رهيا آهن! سمنڊ جي رستي کان
جيڪي تجارتي ٻيڙا پراڻ ۾ داخل ٿيندا هئا، اهي
پراڻ جي بندرگاهن تائين آسانيءَ سان پهچي ويندا
هئا، جن جا هن وقت صرف ٿورا نشان باقي بچيا آهن ۽
سي به هاڻي ختم ٿيندا پيا وڃن. درويشن، اوليائن ۽
بزرگن جون مزارون، آبادين جا کنڊر، قديم آثار ۽
اهڃاڻ، دڙا، ٺڪراٺو انساني هڏا، قديم زيور پراڻ جي
پَٽ ۾ اڄ تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿا. چون ٿا ته پراڻ تي
سوا لک اولياء آرامي آهن، تنهنڪري انهيءَ کي
’سوالکي‘ به سڏيو وڃي ٿو. اوليائن جون اهي مزارون
عوام لاءِ روحانيت جو مرڪز آهن[1].
مطلب ته آڳاٽي سمي ۾ پراڻ جي پٽن جي علمي ۽ روحاني
حيثيت ڪنهن به صورت ۾ ٺٽي ۽ مڪلي کان گهٽ نه هئي،
بلڪه روحانيت ۾ ”پراڻ جو پٽ“ ٺٽي کان مٿانهون هو.
فرق صرف هي هو جو ٺٽي ۾ حاڪمن جا محل هئا ۽ هتي
فقيرن ۽ درويشن جون جهوپڙيون هيون. مڪلي تي پٿر جا
بيشمار مقبرا آهن. هتي ته آمريءَ جو ڪچو قبرستان
هو، جيڪو پراڻ ۾ وهي ويو-هاڻي اِتي انساني هڏا
پراڻ جي ماضي جي ثابتي ڏيئي رهيا آهن. هن وقت
پراڻ صرف ”ڇنڊڻ“ جي حيثيت ۾ رهجي ويو آهي، جنهن ۾
برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته کيڙ جي
به ويو آهي. 1992ع کان پراڻ جي پور- وڇوٽ هڪ سم
نالو ڪڍيو ويو آهي ته جيئن سم ۽ ڪلر جي خاتمي ڪرڻ
لاءِ زير زمين کي سمنڊ طرف ڪڍي سگهجي[1].
هاڻ هتي جي کنڊرن ۽ قديم آثارن تي حسرت وياس جي
ڪاراڻ پکڙجي چڪي آهي. تهه به تهه مٽيءَ جي هيٺ،
هتي جي شاندار ماضيءَ جا داستان دفن ٿي ويا آهن.
هاڻ هي ”پٽ“ عبرت ۽ حسرت جي تصوير بڻجي چڪو آهي[2].
”...سنڌو درياءَ جا قديم وهڪرا، جيڪي اوڀر ۾
”پراڻ“ جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا ۽ ميرپورخاص کان
هيٺ ڪڍڻ جي پسگردائيءَ تائين اُنهن جا آثار موجود
آهن، اُتي گهٽ اونهائيءَ تي مٺو پاڻي موجود هو.
انهي جوسبب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته ’عظيم ڏکڻ ايشيا
بيابان‘
Greart South Asian Desert or Thar)
جي گم ٿيل ندي، جنهن کي ورشاد وتي/سرسوتي/هاڪڙي
جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو، اُها وهندي هئي.
جيتوڻيڪ ان نديءَ جو پاڻي عيسويءَ سن کان ٻه هزار
سال اڳ گهٽ ٿيڻ لڳو، جڏهن به ستلج ۽ سنڌو درياءَ
جي ٻوڏن جو پاڻي روهڙيءَ جي مٿان هر سال اوڀر وارن
ڍورن کارين/ڦاٽن مان وهي هاڪڙو يا اڀرندي ناري ۾
وڃي پوندو هو، جيڪو وري سنڌ جي هيٺئين حصي يعني
ميرپورخاص کان ڪوري کاري ۾ پوندو...“
-ايم. ايڇ. پنهور
[مهراڻ 1/1996ع، ص 128]
[تحقيقي سلسلو-1]
شڪارپور-
ڪجهه نوان پراڻا ورق
سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر بدر اُڄڻ
[1]
ساٿين عزم ڪيو هو ته هر ميمبر لکندڙ ۽ ساٿي
پنهنجا مضمون وغيره موڪلي ۽ ”هلچل“ جي زينت ۾
اضافو ڪري. وقت جي گهٽتائي هڪ طرف، وري ڊيوٽيءَ جي
نوعيت ٻئي طرف ۽ علمي خزانو پيتين ۾ بند ۽ ٽن جاين
تي پکڙيل ۽ مٿان وري لکڻ جي ديويءَ جو روسامو. اهي
سڀ ڳالهيون لبيڪ چوڻ ۾ دير جو سبب بڻيون.
هاڻي جيئن ئي فرصت ملي ته خزاني کي کوليو ويو. اڳ
به 1996ع ۾ فرصت ملڻ سبب، پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ
جو ڪم پنج مهينا ۽ تحقيق جي ڪم جي تڪميل باقي
پنجن مهينن ۾ ڪري ڊاڪٽوريٽ حاصل ڪئي وئي هئي.
هينئر وري فارغ ٿيڻ ڪري ڪجهه نون ڪتابن پڙهڻ جو
موقعو مليو ۽ باقي رڪارڊ کولڻ مان هن وقت ٽيبل تي
ڪيترا پراڻا فائيل پيل آهن. ڪجهه قديم ڪلاسيڪل ادب
جا ڪتاب آهن ته ڪجهه جديد ادبي شهپارا.هاڻي چونڊ
ڪرڻ مشڪل مسئلو ٿي پيو آهي. سوچ ويچار کان پوءِ ٽي
موضوع آڏو اچي بيٺا آهن: انورفگار پاران موڪليل
ڪتاب ”جنم جنم جي جيت اياز“ پڙهي پورو ڪيم ته حضرت
سچل سر مست جو ميلو مٿان اچي ويو. اُن سان گڏ قاضي
علي اڪبر درازيءَ سان ملاقاتون دل تي تري آيون ۽
وري شڪارپور تي ڪجهه ڪتاب ۽ رپورٽون پڙهيون هيم،
اُهي به سامهون آهن.
شروعات ڪجي ٿي انورفگار واري ڪتاب سان. هيءُ ڪتاب
گنج بخش پبليڪيشن حيدرآباد، 128 صفحن تي مشتمل
1999جي ڊسمبر مهيني ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ سندس ڪجهه دوستن ۽ پڻ شڪارپور جي
دوستن ڪافي تعارفي ۽ تعريفي ڪلمات پيش ڪيا آهن.
شيخ اياز جا پنهنجا لفظ:
”شڪارپور؟...شڪارپور شهر نه آهي...هڪ ذهني ڪيفيت
آهي...شڪارپوري جتي به هوندو، هن تي اها ڪيفيت
طاري هوندي....شڪارپور سانچو آهي، جنهن ۾ اسان جو
روح پلٽيو ويو آهي...جو اُن رڱ ۾ رڱيو، تنهن مان
ڪڏهن به لالي نه لهندي.“
اها حقيقت آهي ته شڪارپور هڪ ذهني ڪيفيت آهي. ان
ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ منهنجي آڏو ٽي پيڙهيون
آهن: پهرين ٽهي، جنهن ۾ شيخ اياز اُسريو. نسريو ۽
بلنديءَ تي رسيو. اُن جا ساٿي ۽ هم خيال ڊاڪٽر
دريشاڻي، نورالدين سرڪي، بشير مورياڻي، حبيب الله
ڀٽو، لطف الله جوڳي، احسان بدوي، لال محمد لعل
وغيره آهن، جن اُن وقت محنت ڪري پڙهي، پرکي به
پروڙي، ايندڙ وقت لاءِ بي انتها ادبي ڪارناما،
ڪتاب ليک، ۽ محفلن جا مواد ڇڏيا آهن. اُنهن مان
فقط اياز کي ڏسجي ته هن ڇا نه ڏنو آهي! ٻي ٽهي آهي
راقم ۽ سندس ساٿين ڊاڪٽر عبدالخالق راز، نقش ناياب
منگي، خليل مورياڻي، غلام رسول ميمڻ، نعمت الله
ڀٽي، بيدل مسرور، زاهد منگي، ڊاڪٽر قيوم شيخ، صوفي
جهامنداس ۽ آغا رفيق وغيره جي. ٽين پيڙهي آهي
انورفگار هڪڙي ۽ سندس هم عمر ساٿين جي، جيڪي اڃا
ميدان ۾ لٿل آهن. انهن سڀني تي الڳ لکبو. هتي
ڳالهه پئي ڪئيسين شڪارپوري ڪيفيت جي. شيخ اياز،
راقم ۽ انورفگار ان ڪيفيت مان گذري چڪا آهن ۽ اڃا
ان تحريڪ جي راهه جيڪا راهه ادب، سماجيات ۽ تاريخ
واري واٽ آهي، ان تي گامزن آهن. عجيب ڳالهه آهي
ته جنهن شخصيت تي ڪتاب لکيل آهي ۽ ليکڪ سان گڏ
راقم ٽئي شڪارپوري آهن.
شيخ اياز تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکبو
رهبو.
هي ننڍڙو پستڪ، انور جي عقيدت ۽ پيار جو پورهيو
آهي، جنهن مان شيخ اياز جو اوائلي دور ۽ ان ۾ هن
جي شخصيت جو اڀرڻ ۽ اسرڻ شڪارپوري ٻوليءَ ۽ ماحول
۾ سهڻي نموني بيان ڪيو ويو آهي ۽ پڙهندڙ کي ايترو
سرور ملي ٿو جو پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪتاب رکي نه ٿو
سگهي. مون به ڄڻ ساهين ۾ پڙهي 15-سيپٽمبر تي پورو
ڪيو.
هيءُ ڪتاب ڏسڻ ۾ ننڍڙو ٿو لڳي، پر آهي تحرير ۽
تحقيق جو بهترين سنگم. اياز جي اسڪول جا ڏينهن،
اُنهن جا فوٽو ڏئي ڪتاب جي اهميت ۾ گهڻو اضافو
ڪيو ويو آهي.
غلام الله اعواڻ به هڪ وسريل ورق ٿي ويو آهي، جيڪو
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿيو ۽ رٽائر ڪيائين. هو ثميره
زرين جو ڀاءُ هو ۽ هڪ ڪردار هو جيڪو تاريخ جي ورقن
۾ گم ٿي ويو آهي، پر انور اُن کي به ڳٽڪي ۾ زندهه
ڪيو آهي. هڪ ٻيو ڪردار آهي، جيڪو انور پيش ڪيو
آهي، اُهو آهي سومدت. بي گاجرا. هن کي راقم ڏٺو،
کٽ واري ڌرمشالا جي دِڪي تي شام جو ڪجهه شاگردن کي
ويٺو پڙهائيندو هو. وڏا وار، ميرا ڪپڙا ۽ چشمو
پاتل هوندو هئس. پري کان چرياڻ لڳندو هو. مان ان
گهٽيءَ مان کير وٺي موٽندو هوس ته شروع ۾ هن کي
ڏسي ڀؤ ٿيندو هو ۽ پوءِ جڏهن خبر پئي ته پوءِ کيس
سلام ڪندو هوس. هن جي علمي عظمت جي خبر اسان کي
پوءِ پئي. صفحي 69تي، سومدت صاحب جي لکيل ڪتاب:"A
Battle Scene at Karbala from Shah Abdal Latif"
جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيل سُر
جو ننڍڙو ڪتابڙو جيڪو پندرهن صفحن تي پکڙيل آهي،
اتفاق سان منهنجي لائبريريءَ ۾ موجود آهي، ان جو
فوٽو هن سان گڏ ڏجي ٿو.
هڪڙو ٻيو ڪردار پري مهاڻيءَ جو به ڏاڍو مشهور آهي،
مڇي مارڪيٽ ۾ جيڪو داخل ٿئي ۽ هن کان پلو نه وٺي
ته اُن کي ٺوڪي اهڙي گار ڪڍندي هئي جو نئين
ماڻهوءَ جون وايون بتال ٿي وينديون هيون. چوندي
هئي ته ”پلو نه وٺي ويندين، ته ڀلا...وٺي ويندين!“
پوءِ جيڪي سمجهي چڪا هئا، اُهي کيس ”ماسي پري“
ڪوٺي اڳ ۾ ئي سلام ڪندا هئا، پوءَ اُن کان ٽارو
ڪندي هئي ۽ کين کلي معاف ڪندي هئي.
ڊاڪٽر بلوچ: ”جامع سنڌي لغات“، جلد 2 ص 792؛ ۽
پڻ سنديلو: ”تحقيق سنڌي لغات“، ص 85
|