ناٽڪ
]ريڊيائي
ڊرامو[
بينش سليمي
سنڌيڪار: ممتاز مرزا
تعبير
شروعاتي موسيقي
ماءُ: (کلندي اڙي چري، هتي ڇا ويٺي ڏسين؟
شهلا: (ڇرڪ ڀري) اما ــــــ
ماءُ: ڇا پئي ڏٺئه، شهلا؟
شهلا: تون به ڏس.
ماءُ: ڇا ڏسان؟
شهلا: هو ڏس .. هو، روشندان جي ڀرسان.
ماءُ: روشندان جي ڀرسان؟ مپن کي ته اُتي ڪجهه به نظر نٿو اچي.
شهلا (کلندي): اما، توکي جهرڪيءَ جو آکيرو نظر نٿو اچي؟
ماءُ: (کلندي): جهرڪيءَ جو آکيرو! ان کي ايترو چتائين پيئي
ڏسين؟
شهلا: اما، ٿورو ڏس ته ڪيڏي نه آرام سان جهرڪي پنهنجي آکيري ۾
ويٺي آهي.
ماءُ: (کلندي): چري، خبر ناهي توکي ڪهڙو سوداءُ اچي ٿيو آهي. تو
ڪڏهن پنهنجو حال ڏٺو آهي؟ سدائين ويڳاڻي ويٺي
آهين!
شهلا:
مون کي منهنيج حال تي ڇڏي ڏي، اما. آءٌ سدائين
ٻين جي چوڻ تي ڪانه هلندس.
ماءُ: اڙي چري، آءٌ ته تنهنجي ئي ڀلي لاءِ ٿي چوان. جيڪڏهن
اهڙيءَ بيدليءَ سان ماڻهن سان ملندينءَ ته پوءِ
حياتي ڪيئن گذرندي؟
شهلا: اما جيڪڏهن منهنجو وس پُڄي ته آءٌ پنهنجي حياتي به توکي
گذارڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان.
ماءُ: ڪير ڪنهن جي حياتي گذاري سگهي ٿو. تنهنجون اهي ڳالهيون
مون کي ته پريشان ڪريو ڇڏين. ڀلا راشد ٻڌندو ته ڇا
سمجهندو؟
شهلا: (ٿڌو ساهه ڀري) تو ڪڏهن اهو به خيال ڪيو هجي ته آءٌ ڇا ٿي
سوچيان ۽ ڇو ٿي سوچان!
ماءُ: مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي اهو سوداءُ تنهنجو مستقبل نه
اونداهو ڪري ڇڏي.
شهلا:جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ منهنجي حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙي
روشن ٿي ويندي.
ماءُ: آءٌ چوان ٿي ته انهن ڳڻتين مان ڪجهه هڙ حاصل نه ڪونهي،
شهلا.
شهلا: پر امان مون کي پنهنجي هن تي اختيار ڪونهي.
ماءُ: شهلا، اکيون کول ۽ غور سان ڏس، ڪٿي تنهنجو ذهن توکي
تباهيءَ ڏانهن ته ڪونه پيو وٺيو وڃي!
شهلا:نه، اما منهنجو ذهن ته مون کي هڪ سرسبز ۽ آسوديءَ دنيا جو
رستو ٿو ڏيکاري.
ماءُ: انهيءَ جو فيصلو وقت ڪندو، شهلا، ته تون ڪيڏانهن پيئي
وڃين!
شهلا: ها، تون انهيءَ جو فيصلو وقت تي ڇڏي ڏي.
ماءُ: توبهه آهي، توکي ته ڏاڍو ضد آهي.
شهلا: مون کي ننڊ ٿي اچي، امان، هاڻي تون به وڃي آرام ڪر.
]موسيقي[
]خواب
آور موسيقي جي پس منظر ۾ ٻارڙن جا ٽهڪڙا[
رخسانه: شاهده! شاهده ، ڏس اسان جو گهر تيار ٿي ويو آهي.
شاهده: (پريان) اچان ٿي، اچان. (ويجهو اچي) تنهنجو گهر ٺهي ويو؟
رخسانه: ڏس نه.
شاهده: تمام سٺو ٺاهيو اٿئي، ڏاڍو سهڻو آهي.
رخسانه: ۽ تنهنجو؟
شاهده: مون به ٺاهي ڇڏيو آهي، پر ههڙو سٺو نه ٺهيو آهي. هل، هلي
تون به ڏس.
رخسانه: سٺو نه ٺهيو آهي؟
شاهده: ها. نهيءَ ڪري ته چوان ٿي، سڀئي گڏجي هڪڙو ئي گهر
ٺاهيون.
رخسانه: واه،! ڀلا ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو!
شاهده: ڇو، ڇو نٿو ٿي سگهي؟
رخسانه: (کلندي) ڇا، سڀني گُڏن گُڏين جون ڄڃون هڪ ئي گهر ۾
اينديون!
(ٻئي کلن ٿيون)
شاهده: ڏس، رخسانه، هو سامهون منهنجو گهر آهي.
رخسانه: هان، ته تو هتي ٺاهيو آهي!
شاهده: ڇو، رخسانه، سٺو نه ٺهيو آهي؟
رخسانه: ڏاڍو سٺ آهي. سچ پچ، تمام سٺو گهر ٺاهيو اٿئي.
شاهده: ۽ شهلا ڪٿي ٺاهيو آهي؟ هوءَ ته هتي نظر ئي نٿي اچي!
رخسانه: اڙي ها! شهلا ڪٿي آهي الاجي هن پنهنجو گهر ڪٿي جوڙيو
آهي؟
شاهده: خبر ناهي ته ڪٿي آهي.
رخسانه: او ... هو ڏس، هن پاسي، وڻ جي ڀرسان.
شاهده: ايترو پري؟
رخسانه: هل ته اوڏانهن هلون، ڏسون ته سهي، ڇا ٺاهيو اٿس.
شاهده: ها ها، هل. پر ايترو پري گهر ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي،
هتي ئي ڪٿي ڀر پاسي ۾ ٺاهي ها.
]ڊوڙن
جا آواز[
رخسانه: (سهڪندي) ڀائي شهلا، تو تنهنجو گهر تمام پري ٺاهيو
آهٿي.
شاهده: ۽ جاءِ به سٺي ناهي.
شهلا: جاءِ سٺي آهي؟ ههڙي سٺي جاءِ ته آهي، شاهده!
شاهده: نه، شهلا، اسان کي ته هيءَ جاءِ نٿي وڻي. چـﺂطرف قبرستان
جهڙي سُڃ لڳي پيئي آهي.
رخسانه: ۽ هي تو گهر ڪيئن ٺاهيو آهي، شهلا؟
شهلا: ڪيئن ٺاهيو آهي؟
رخسانه: (کلندي): نه روشندان، نه دري، نه دروازو. نه ادي، اسان
جي گُڏيءَ جي ڄڃ هتي ڪانه ايندي. تون پنهنجي گُڏي
لاءِ ڪا ٻي مائٽي وڃي ڳول.
شهلا: ڇا، سچ پچ هيءَ جاءِ اهڙي خراب آهي؟ منهنجو هي گهر اوهان
کي بلڪل پسند ڪونهي؟
شاهده: تو کي ڇا ٿي ويو آهي شهلا!
رخسانه: (کلندي) مغز خراب ٿي پيو آهي ويچاريءَ جو، چري ٿي پيئي
آهي. چري، پنهنجو گهر سُڃ ۾ ٺاهڻ ٿي چاهي!
]رخسانه
۽ شاهده جا ٽهڪ آهستي آهستي فيڊ آئوٽ ٿي ويندا.[
شهلا: منهنجو مغز خراب ٿي پيو آهي! آءٌ چري ٿي پيئي آهيان! هيءَ
جاءِ ڪنهن کي پسند ناهي، منهنجو گهر ڪنهن کي نٿو
وڻي! پر آخر ڇو؟
]پس منظر ۾ شاهده ۽ رخسانه جا آواز اڀرن ٿا.[
”چـﺂطرف قبرستان جهڙي سُڃ لڳي پيئي آهي! نه ڀيڻ،
اسان جي گُڏي جي هتي ڄڃ ڪانه ايندي!“ ... ههڙي
خوبصورت جاءِ ڪنهن کي پسند ناهي: درياءَ جو گيت،
هوا جو راڳ، پکين جون لاتيون، ساوڪ، وڻن جا جهڳٽا،
محنت ڀريا فضا ــــــ اهو سڀڪجهه ڪنهن کي پسند
ناهي! سڀني جا هوش حواس درست آهن، ۽ فقط آءٌ چري
آهيان .. يا مون کان سواءِ سڀ چريا آهن!(طنزيه)
ڪير ڃاڻي؟
]تيز
هوا ۽ ڪڪرن جا گوڙ[.
* * *
شهلا:
]جوانيءَ
۾[ اُفوه! الله سائين .... ڪهڙي نه تيز هوا آهي! کنوڻ ته
ڪيئن ٿي کنوي! ڪڪر ڪيڏي نه بيرحمي سان پيا گجن!
برسات وسڻ واري آهي. طوفان اچڻ وارو هي
]ڪڪرن جي گوڙ ۽ تيز برسات جو آواز ... [
منهنجا خدا، ڪيڏي نه تيز برسات آهي! اُف هيءَ کنوڻ
ڪٿي ڪرندي! هي طوفان پاڻ سان ڇا ڇا کڻي ويندو؟
هيءَ تيز هوا جهنگل جي سمورن وڻڻ کي پاڙ کان پٽي
ڪيرائي ڇڏيندي! هاءِ، منهنجو گهر... منهنجو گهر
لڙهندو وڃي منهنجو گهر ڪري پيو! آءٌ ڪيڏانهن وڃان
... ڪيڏانهن وڃان؟ چـﺂطرف طوفان آهي ... طوفان!
(رڙ ڪري اٿي ٿي).
ماءُ: شهلا، بس، هاڻي اُٿ سج پيو لهي، نواب صاحب اچڻ وارو
هوندو.
شهلا: (ننڊا کري) سج پيو لهي!
ماءُ: ها ها، گهڙيال ۾ چهه لڳا آهن.
شهلا: گهڙيال ڪوڙ ٿو ڳالهائي، اما!
ماءُ: اوهو، ڇوڪري، آءٌ چوان ٿي هت سج پيو لهي، ٻئي وقت پاڻ ۾
اچي گڏ ٿيا آهن، هاڻي اُٿ، نواب صاحب اچڻ وارو
آهي.
شهلا: (اوٻاسيون ڏيندي) ٻئي وقت ڪٿي ٿا ملن، اما؟ سج ڪٿي ٿو
لهي؟
ماءُ: مون چيو ته نواب صاحب اچڻ وارو آهي.
شهلا: (طنزيه) نواب صاحب! مونکي سمهڻ ڏي، اما!
ماءُ: بس بس گهڻو ٿيو، اُٿي کڙي ٿي، حياتي ننڊ جي سهاري ڪانه
ڪٽبي.
شهلا: تنهنجيون ڳالهيون منهنجي سمجهه ۾ ئي نٿيون اچن، اما!
ماءُ: تنهنجي عمر ئي ڪيتري آهي، آهستي آهستي سڀڪجهه سمجهي
ويندينءَ (ٿڌو ساهه ڀري) هيءَ دنيا ڏاڍي عجيب جاءِ
آهي.
شهلا: (ڪڪ ٿي) هوندي؛ پر هڪ ڳالهه آهي، اما ـــــ
ماءُ: ڪهڙي؟
شهلا: جاڳڻ کان سمهڻ سٺو آهي.
ماءُ: خدا ڄاڻي تنهنجو ننڍپڻ ڪڏهن ختم ٿيندو! تڏهن ته نواب صاحب
چوندو آهي ته ـــــ
شهلا: (ڳالهه ڪٽيندي) بس بس، اما، نواب صاحب کي کڻي ڇڏ. هر وقت
نواب صاحب، نواب صاحب!
ماءُ: چري نواب صاحب دولت جي کاڻ آهي، دولت جي کاڻ!
شهلا: (کلندي) دولت جي کاڻ نه، اما، پر دولت جي قبر!
ماءُ: آءٌ ته تنهنجي چڱائيءَ لاءِ ٿي ڪڙهان. جبل جيڏي حياتي
ائين ڪانه گذرندي، ۽ ـــــــ سمجهيئه؟ چڱو، هاڻي
اٿ. شاباس (پاڻمرادو) الاجي ڇا پيئي سوچي!
]دروازي
کڙڪڻ جو آواز[ ڏس، هو اچي ويا. آءٌ کين ڪمري ۾ ويهارين ٿا.
شهلا: چڱو.
ماءٌ: آءٌ هلان ٿي. ڪجهه فضيلت سان ڳالهه ٻولهه ڪجئين! دولت هر
هر ڪنهن جي دروازي تي ڪانه ايندي آهي.
شهلا: (آهستي) دولت! جنهن باهه ۾ گهر سڙندو آهي، انهيءَ باهه جو
ٻيو نالو دولت به آهي.
]دروازي
کلڻ جو آواز[
ماءُ: اچو اچو، نواب صاحب، تشريف فرما ٿيو.
نواب: معاف ڪجو، اسان شايد اوهان کي بيوقت تڪليف ڏني آهي.
ماءُ: ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو، نواب صاحب. باقي اوهان جي اچڻ تي
اسان کي تڪليف ٿيندي! اچو نه ...
]وقفو[
تشريف رکو ... هتي هتي. اوهين ڪٿي ٿا ويهو ــــــ
اوهين ته هن پاسي ويهو .. هن وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي
ويهو.
نواب : بس ٺيڪ آهي، آءٌ نهايت آرام سان ويٺو آهيان.
ماءُ: نه نه، اوهين هيڏانهن ته اچو، اوهين ته اسان کي شرمندو
ڪري رهيا آهيو.
دلشاد: خدا جو قسم، اوهان جي اخلاق اسان جي نواب صاحب جي دل کي
فتح ڪري ڇڏيو آهي.
ماءُ: اسان جي ڪهڙي حيثيت آهي، دلشاد صاحب، اهو ته اوهان جي
نواب جو ڪرم آهي.
دلشاد: واقعي، اوهين صحيح ٿا چئو نواب صاحب وڏين خوبين وارو
انسان آهي. سڄي شهر ۾ اسان جي نواب جو ڪو ثاني
ڪونهي.
نواب: ڇا ڳالهه آهي، اڄ شهلا ڪانه ٿي ڏسجي؟
ماءُ: هينئر ننڊ مان اٿي آهي، ايندي ئي هوندي. (کلندي) چري آهي،
ڪڏهين ڪڏهين عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳندي آهي.
دلشاد: اها عمر ئي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي آهي. اسان پنهنجي ننڍ پڻ
۾ ڪهڙي دانائيءَ جي ڳالهه ڪئي هوندي: اهڙيون
لاجواب بيوقوفيون ڪيون اٿئون جو شرم وچان مٿي جا
وارئي ڏينهون ڏينهن اڇا ٿيندا پيا وڃن.
ماءُ: (کلندي) پر ڳالهه جو ڪو منهن سر به هجي!
نواب: اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪري، جنهن جو تنهنجي چوڻ موجب منهن سر
ڪونهي؟
دلشاد: ٻڌايو، قسم خدا جو، نواب صاحب جو سوال تمام معقول آهي.
ماءُ: (کلندي) چوندي آهي ته نواب صاحب جن روز اچڻ ٿا، مون کي ته
هن گهر ۾ کين ويهاريندي شرم ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته هي
گهر سندن شان وٽان ڪونهي ــــــ نه گلم، نه
غاليچا، نه وري سٺو فرنيچر آهي: ڪٿي ويهون ۽ ڪٿي
ويهاريون، ڪهڙي خاطر تواضع ڪريون.
نواب: (کلندي) دلشاد صاحب، ٻڌو پيا نه؟
دلشاد: هائو، آءٌ خيال ان پيو ٻڌان.
نواب: پوءِ؟
دلشاد: (سوچيندي) پوءِ ... يعني، پوءِ .....
نواب: (کلندي) وسري ويئه؟
ماءُ: دلشاد صاحب کي خدا ڄاڻي ڇا وسري ويو، پر مون کي ته اوهان
کي پان پيش ڪرڻ ئي وسري ويو!
نواب: تڪلف نه ڪريو، هيءَ پانن جي ڏٻي موجود آهي. ها، ته دلشاد
صاحب، اوهان کي ڪجهه ياد آيو؟
دلشاد: ڇا عرض ڪريان، نواب صاحب، اوهان جي سر جو قسم، هاڻي ته
حافظو بلڪل چَٽ ٿي ويو آهي.
نواب: اڙي ميان، هُن نديءَ واري بنگلي جي ڳالهه.
دلشاد: ياد آيو، هاڻي ته سڀڪجهه ياد اچي ويو.
نواب: پوءِ، انهيءَ سلسلي ۾ اوهان ڇا ڪيو؟
نواب: ڪيترا ماڻهو؟
دلشاد: اهي ئي، پنجهاهه کن، پاڻ وڌيڪ هوندا.
نواب: مطلب هي آهي ته اهو ڪم جلد ختم ٿي وڃڻ کپي.
دلشاد: اوهان جي چوڻ جي ضرورت ناهي نواب صاحب، جلدئي بنگلو صاف
ٿي ويندو: رنگ، بجلي، پاڻي، فرنيچر، آئينا.،
الماڙيون، باغيچو – سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
شهلا: (هلڪيءَ کل سان) سلام عرض آهي.
نواب: اچو اچو، اسين ته مايوس ٿي چڪا هئاسين.
ماءُ: ڇوڪري، تو به حد ڪري ڇڏي! نواب صاحب ڪيتريءَ دير کان ويٺو
آهي.
شهلا: اما، تو مون کي ٻڌايو ئي ڪونه!
دلشاد: واه واه، اوهان ڏٺو، نواب صاحب؟
ماءُ: چڱو، نواب صاحب، مون کي ٿوري اجازت ڏيندا، اجهو وري حاضر
ٿي ٿيان.
نواب: هائو، اوهان کي اجازت آهي.
ماءُ: مهرباني.
نواب: طبيعت ڪيئن آهي اوهان جي؟
شهلا: (بي نيازيءَ سان) دعا آهي اوهان جي
]پس منظر ۾ ساز، جنهن مان رقص جو تاثر پيدا ٿئي[
دلشاد: شهلا، قسم خدا جو، نواب صاحب اوهان جي ڏسڻ لاءِ حيران
ويٺا آهن، يعني مرغ بسمل وانگر اوهان لاءِ تڙپن
پيا.
نواب: ڪير آهي جو اوهان کي سي ۽ سر ڏيڻ جي تمنا نه ڪري!
]ساز
اڀري ٿو، گهنگهرو وڄن ٿا ڪجهه وقفي کان پوءِ ’ساز‘
۽ ’رقص‘ جو تاثر اُڀري ٿو، ۽ آهستي آهستي فيڊ آئوٽ
ٿي وڃي ٿو[.
]خواب
آور موسيقي جو تاثر[
شهلا: (پنهنجو پاڻ سان) آءٌ ڪيڏانهن پيئي وڃان؟ هيڏانهن پري پري
تائين روشني به نظرنٿي اچي. چئني پاسن اوندهه آهي،
خوفناڪ اوندهه، ساهه کڻندڙ اونداهي! آءٌ ڪيڏانهن
پيئي وڃان؟ ڇو پيئي وڃان؟ نه نه، آءٌ نه ويندس!
هيءَ اوندهه مون کي کائي ويندي... هيءَ اوندهه مون
کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي!
]تيز هوا[
نه نه، آءٌ ايڏانهن نه ويندس.
آئون پنهنجي گهر ڏانهن موٽي ويندس. (سوچيندي) منهنجو گهر ڪٿي
آهي؟ آءٌ پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي ويئي آهيان.....
منهنجو گهر ئي ڪٿي آهي؟ هر ڪنهن جو گهر هوندو ئي
آهي! پکي پکڻ، سڀڪنهن جو گهر هوندو آهي، منهنجو به
پنهنجو گهر آهي .... ليڪن ڪٿي؟ مون کي وسري ويو
آهي.... هن پاسي آءٌ ڪيڏانهن پيئي وڃان؟ ڪنهن جي
لاءِ پيئي وڃان؟ منهنجا قدمن خودبخود ڪيڏانهن پيا
کڄن؟ رڪجن ڇو نٿا، وڌڻ کان انڪار ڇو نٿا ڪن؟ مون
کي منهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪير پيو وٺيو وڃي! (وڏو
ساهه کڻي ٿي) روشني! ... هيءَ ڪهڙي روشني آهي؟
منهنجون اکيون مون کي ڌوڪي ڏيئي رهيون آهن... نه
نه، هي ڌوڪو ناهي، روشني آهي ... روشني آهي! آه،
روشني نظر پيئي اچي! مون کي انهيءَ پاسي وڃڻ
گهرجي. اوهو، هاڻي مون کان هليو ڇو نٿو ٿئي؟ روشني
منهنجن پيرن جي زنجير ڇو بنجي وئي آهي؟ .... آءٌ
ڇا ڪريان، منهنجا قدم ڇو نٿا کڄن؟
]ٽهڪ اڀرن ٿا[
روشني منهنجي ويجهو پيئي اچي. هي آءٌ ڪٿي بيٺي
آهيان؟ گهرجي ڀرسان؟ هي منهنجو گهر آهي؟ نه نه، هي
گهر منهنجو ناهي؟ پوءِ ڪنهن جو گهر آهي؟
سليم: هي ڪير آهي؟
شهلا: آءٌ آهيان.
سليم: چور؟
شهلا: آءٌ ... آءٌ روشني ڏسي هتي آئي هيس.
سليم: تو کان وڌيڪ ڪهڙي روشني ٿي سگهي ٿي!
شهلا: هي ڪنهن جو گهر آهي؟
سليم: انهن جو گهر، جيڪي رهن ٿا، ۽ انهن جو به، جيڪي هتي رهن ٿا
چاهين. هلي اچو اندر.
شهلا: آءٌ اندر هلان؟
سليم: ڊڄ نه، اندر منهنجي ڀيڻ رخسانه آهي، منهنجي ماءُ آهي،
پيءُ آهي. هل.
شهلا: (سوچيندي) رخسانه .... ؟
سليم: ها، رخسانه. اڄ هن جي سالگرهه آهي.
شهلا: (ترسي) نه. آءٌ وڃان ٿي ... وري ڪنهن ٻئي وقت ايندس.
سليم: نه نه، اسين مهمان کي ايئن وڃڻ نه ڏيندا آهيون. تون اندر
ته هل، سڀئِ توکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا.
شهلا: نه نه، آءٌ اندر نه هلنديس.
سليم: تن اجايو پيئي ڊڄين. چڱو، تون ترس، آءٌ رخسانه کي سڏيان
ٿو.
شهلا: نه نه، سڏينس نه، آءٌ اندر هلان ٿي.
]ٻئي وڃن ٿا – هلڪو گوڙ[
سليم: (سڏيندي) رخسانه، هيڏانهن ته اچ. ڏس، ته مون سان ڪير آهي!
رخسانه: (پريان) اچان ٿي، ادا. (ويجهو) جِي، ادا!
سليم: هيءَ منهنجي ڀيڻ ريخسانه آهي. رخسانه، هن سان مل. هيءَ
آهي ... (سوچي ٿو) خير، تون خود ئي هن کان پڇ ته
يهءَ ڪير آهي. ٻاهر دروازي تي بيٺي هئي، مشڪل سان
اندر آئي.
رخسانه: (سوچيندي) هن کي ته ڪٿي مون ڏٺو آهي .... اڙي شهلا!
(ڀاڪر پائيون.) تون ڪٿي رهندي آهين، شهلا؟ ورهين
کان پوءِ نظر آئي آهين! خوش ته آهين؟
شهلا: (ڳوڙهن کي روڪيندي) خوش آهيان، رخسانه.
رخسانه: اچ، ويهه ته .... تون ڏاڍي سٺي وقت تي آئي آهين. سليم!
ادا ڪريان، هڪڙي ٽري هتي ئي گهرائي وٺ.
شهلا: تنهنجو گهر ته تمام سٺو آهي، رخسانه.
رخسانه: (ٻڌو اڻٻڌو ڪري) ادا، اوهان جاڳو پيا يا سُتا پيا آهيو؟
سليم: ڪا خبر ناهي.
رخسانه: هڪڙي ٽري اسان کي هتي ئي گهرائي ڏيو نه!
سليم: تن خود ڇو نٿي کڻي اچين، پنهنجي پسدن جون شيون کڻي آ.
رخسانه: ادا، اوهان کي اسان تي تِر جيترو به ترس نٿو اچي؟
سليم: نه نه، اهان ڳالهه ڪانهي: هن پاسي ڪي پردي دار زالون
ويٺيون آهن ۽ اسان جي ويڄڻ تي بندش آهي.
رخسانه: چڱو چڱو، آءٌ خود ٿي وڃان. آءٌ گهڙِءَ کن ۾ ٿي اچان
شهلا!
سليم: (آهستي) اوهين ڪجهه پريشان آهيوـــــ
شهلا: هون؟ ... نه نه.
سليم: اوهان سان به سٺي ملاقات ٿي. (کلي) مون ته اوهان کي چور
سمجهيو هو!
شهلا: ۽ هاڻي اوهين مون کي ڇا ٿا سمجهو؟
سليم: اهو نه پڇو.
شهلا: ٻڌايو نه؟
سليم: چور.
شهلا: اڃا به؟
سليم: پهرين ته وهم هو، پر هاڻي يقين ٿي ويو اٿم.
شهلا: مون اوهان جو ڇا چورايو آهي؟
سليم: پنهنجي دل کان پڇو.
شهلا: (لاجواب ٿي) رخسانه ڪيڏانهن ويئي؟
سليم: اوهان جي چهري جو رنگ ٻڌائي ٿو ته ـــــــــــــ
شهلا: اسين اوهان جا مهمان آهيون، ۽ اوهين خود اسان کي هتي وٺي
آيا آهيو.
سليم: انهيءَ کي اسين سينه زوري چوندا آهيون.
شهلا: رخسانه کي سڏيو نه!
سليم: انهيءَ جو مطلب هيءُ ٿيو ته اسين هتان هليا وڃون. چڱو،
اسين وڃون ٿا.
شهلا: اوهان وڃو نه.
سليم: چڱو هڪ ڳالهه ٻڌايو.
شهلا: پڇو.
سليم: اوهين وري ڪڏهن هتي ايندﺂ؟
شهلا: اوهان جي سالگرهه تي. (ٻئي کلن ٿا) هان! هي ڪير پيو اچي؟
نواب صاحب!
سليم: ڪهڙو نواب صاحب؟
شهلا: (ڊڄندي) نواب صاحب! آف! هي ڪهڙا ويچار آهن؟ هي ڪهڙو خواب
آهي؟ مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ (رڙ ڪري ٿي)
]موسيقي[
دلشاد: هي زيور پسند آيا اوهان کي؟
ماءُ: تمام سٺا آهن.
دلشاد: نواب صاحب جو انتخاب آهي، نواب صاحب جو1
ماءُ: اجهو، شهلا خود اچي ويئي.
نواب: ها، دلشاد صاحب هن کي زيور ڏيکاريو.
دلشاد: هي ڏسو، محترمه، ايرنگ!
شهلا: (بي نيازيءَ سان) سٺا آهن.
دلشاد: هي ڏسو، هي نيڪليس آهي، يعني ڳچيءَ جو هار!
شهلا: (گم ٿيل انداز ۾) چڱو آهي.
دلشاد: اونهون .... ايئن نه، ٿورو پائي ڏسو.
شهلا: نه نه، هن وقت ڇڏيو، ڪنهن ٻئي وقت پائيندس.
نواب: دشمنن جي طبيعت ته خراب ڪانهي؟
شهلا: ايئن ٿرو مٿي ۾ سور آهي.
دلشاد: هاءِ، مون کي ڪهڙي خبر ته اوهان کي مٿي ۾ سور آهي، نه ته
مرحوم ڏاڏا سائينءَ وارو بياض پاڻ سان کنيو اچان
ها.
شهلا: (کلندي) بياض؟
دلشاد: ها، بياض. انهيءَ ۾ مٿي جي سور جو نسخو لکيل آهي، جنهن
کي پڙهڻ سان مٿي جو سور لهي ويندو آهي.
نواب: واه! ڪمال جو نسخو آهي.
دلشاد: وڌاءُ نه سمجهو، نواب صاحب.
شهلا: (کلندي) دلشاد صاحب نهايت دلچسپ ماڻهو آهي.
دلشاد: اوهان جي مهرباني.
نواب: اسين ته ڪنهن ٻئي خيال سان آيا هئاسين. پر خير، هاڻي ته
اوهين آرام ڪريو، ايئن نه ٿئي جو ڪٿي اوهان جي
طبيعت وڌيڪ خراب ٿي پوي.
دلشاد: بلڪل، بلڪل، مناسب ته اهوئي آهي. پر مون کي هڪڙو عرض
ڪرڻو آهي.
شهلا: (بيدليءَ سان) فرمايو؟
دلشاد: نواب صاحب جن جو خيال آهي ته سڀاڻي درياءَ جو سير ڪيو
وڃي. آخر اوهين هن چـﺂديواري مان ٻاهر ڇو نٿيون
نڪرو؟
شهلا: صحيح آهي، پر ـــــ
ماءُ: ها ها، ڌيءَ، نواب صاحب جن جو چوڻ موٽائڻ چڱو نه آهي.
نواب: ها ها، جيڪڏهن طبيعت ٺيڪ هجي ته اهو پروگرام رهندو.
دلشاد: نه ته وري ڪنهن ٻئي ڀيري.
نواب: چڱو، هاڻي اجازت ڏيو.
]موسيقي[
* * *
رخسانه: (کلندي) هلي آ ته توکي هڪڙي شيءِ ڏيکاريان.
شهلا: ڪهڙي شيءِ؟
رخسانه: ٿورو هيڏنهن اچ. هيءُ ادا جو ڪمرو آهي .... ۽ هي ته ڏس
ڇاهي؟
شهلا: تصوير.
رخسانه: هائو.
شهلا: هيءَ ته منهنجي تصوير ٿي لڳي!
رخسانه: لڳي ڇا ٿي، تنهنجي ئي تصوير آهي.
شهلا: پر تنهنجي ڀاءُ منهنجي تصوير ڇو ٺاهي آهي؟
رخسانه: بلي ...... ته اهو به مون کي ئي ٻڌائڻو پوندو؟ ڏاڍي
اڻڄاڻ آهين!
سليم: (پريان) رخسانه! ... رخسانه!
رخسانه: تون هتي ئي ويهه، شهلا، آءٌ اچان ٿي، ادا پيو سڏي. اچان
ٿي، ادا.
]قفه[
ڇا آهي؟
سليم: سٺي ڀيڻ آهين نه منهنجي هاڻي؟
رخسانه: ها، پوءِ؟
سليم: هڪڙو ڪم ته ڪري ڏي؟
رخسانه: الا، اوهان کي سدائين ڪو نه ڪو ڪم ياد بيٺو آهي!
سليم: هن قميص ۾ ٻيڙا ته ٽاڪي ڏي ڪميخت کٽيءَ ڳچيءَ ۽ ٻانهن جا
ٻيڙ اٽوڙي ڇڏيا آهن. (جهونگاريندو پنهنجي ڪمري
ڏانهن وڃي ٿو).
”مگر جب ياد آتي هين تو اڪثر ياد آتي هين“
واه، اوهين ته هتي ويٺيون آهيون! معاف ڪجو، خبر ڪانه هيم ته ڪو
اوهين هتي آهيو.
شهلا: (شرمساريءَ جي انداز سان) رخسانه مون کي هتي ويهاري پاڻ
الاجي ڪيڏانهن گم ٿي وئي!
سليم: او هو، هيءَ ڪاپي ته منهنجي ٿي ڏسجي!
شهلا: رخسانه ڏسڻ لاءِ ڏني هئي.
سليم: (طنز سان) هون! ۽ اهو ب اوهان کي رخسانه ٻڌايو هوندو ته
هن ۾ مون ڪنهن جي تصوير ٺاهي آهي.
شهلا: اوهان اسان جي تصوير ڇو ٺاهي آهي؟
سليم: اوهين ايتريون خوبصورت ڇو آهيو؟
شهلا: اوهان کي معلوم آهي ته رخسانه هيءَ تصوير ڏسي ورتي آهي،
هوءَ دل ۾ ڇا سوچيندي هوندي.
سليم: اهوئي ته ادا شهلا کي پسند ڪري ٿو.
شهلا: خبر اَٿَو ته اهڙين ڳالهين جو انجام ڪهڙو ٿيندو آهي؟
سليم: خبر اٿم.
شهلا: ڇا خبر اٿو؟ ڇا انجام ٿيندو؟
سليم: شادي.
شهلا: هاءِ الله، اوهين ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو، ڪير ٻڌي وٺي ته
ڇا چوندو!
سليم: سوال هي آهي ته اوهين ڇا ٿيون چئو!
شهلا: اوهان جو اهو مذاق مونکي نٿو وڻي.
سليم: ڏس، شهلا، آءٌ بلڪل سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته.... تو مون
کي پنهنجي ڪارن ۽ ريشمي زلفن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي
شهلا: اوهو، ٿورو آهستي ته ڳالهايو، ڪير ٻڌي نه وٺي!
سليم: (نهايت آهستي) آءٌ اهو ٿو چوان ته شهلا، تو کان سواءِ آءٌ
جيئرو نٿو رهي سگهان.
شهلا: يا الله، اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي!
سليم: آءٌ توسان محبت ٿو ڪريان، شهلا، آءٌ دل و جان سان توکي
چاهيان ٿو.
شهلا: (آهستي) چپ ڪر، سليم! رخسانه پئي اچي.
سليم: (آهستي) ’سليم‘! هنن چپن تي منهنجو نالو!
]وقفو[
رخسانه: اچي ادا، - وٺو پنهنجو قميص.
سليم: شاباش.
رخسانه: اچ، شهلا، ٻاهر لان تي هلي ويهون.
سليم: مون چيو ته جانب، منهنجي ڪاپي ٻاهر لان تي ڪانه ويندي!
شهلا: اوهو، مون کي ته بلڪل خيال ڪونه رهيو.
سليم: آئنده خيال رکجو.
]وقفو[
... .. ....
ماءُ: (کنگهندي) شهلا! شهلا! اُٿ ڌيءَ، مون تي کنگه جو دورو پيو
آهي ... (کنگهه) شهلا! ...
شهلا: (ڇرڪ ڀري) ڇا آهي، اما؟
ماءُ: کنگهه جو دورو آهي، شهلا! کنگهندي کنگهندي هانءُ ئي ٻڏي
ويو آهي. منهنجي دوا ڪٿي رکي آهي؟
شهلا: آءٌ کڻي اڇان، اوهين پلنگ تي ليٽي پئو. ڊاڪٽر اوهان کي
هلڻ چلڻ کان منع ڪئي آهي.
ماءُ: (کنگهندي) هاڻي قبر ۾ ئي ليٽينديس.
شهلا: اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، اما! آءٌ هينئر ئي اوهان کي دوا
ٺاهي پياريان ٿي، گهٻرايو نه، اجهو اوهان جي طبيعت
ٺيڪ ٿي ويندي.
ماءُ: (آهستي) طبيعت ڪهڙي ٺِيڪ ٿيندي. (کنگهي ٿي).
شهلا: اچي، اما، دوا پي.
ماءُ: ڏي ... (دوا پيئي ٿي)
شهلا: بس، اما، هاڻي اوهين آرام ڪريو.
ماءُ: شهلا: توکي حياتي گذارڻ جو طريقو ڪڏهن ايندو، خدا ڄاڻي
تون الاجي ڪٿي پيئي ڀٽڪين، الاجي ڪهڙي پاسي پئي
وڃين؟
شهلا: تون منهنجو ڪوبه فڪر نه ڪر، اما آءٌ ته بلڪل ٺيڪ آهيان.
ماءُ: پر شهلا، آءٌ به ڏسان ته پئي ته تون هر وقت الاجي ڪهڙن
خيالن ۾ گم رهين ٿي – نه ڄاڻي ڇا ڇا ٿي سوچين!
(کنگهي ٿي) هيءَ عمر ۽ هيءُ وقت سداين ڪونه رهندو.
هر وقت سوچڻ ڇڏي ڏي، چري، آخر تون سوچين ڇا ٿي؟
شهلا: آرام ڪر، اما، تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي. ڊاڪٽر توکي گهڻي
ڳالهائڻ کان منع ڪئي آهي.
]موٽر
جي بيهڻ ۽ هارن جو آواز[
ماءُ: (کنگهندي ) شهلا! شايد نواب صاحب جن آيا آهن.
شهلا: (آهستي ۽ طنز سان) نواب صاحب؟ آءٌ ڏسانس ٿي، اما.
ماءُ: ها، وڃِ ڏس، آءٌ ته سمجهان ٿي ته نواب صاحب ئي هوندو.
]دروازي
کولڻ جو آواز[
نواب صاحب: اندر اچڻ جي اجازت آهي؟
شهلا: (مصنوعي انڪساريءَ سان) اچو اچو.
نواب صاحب: شڪر آهي جو اڄ دروازو توهان جي هٿان کليو آهي!
شهلا: (بيدليءَ سان کلندي) اوهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟
نواب صاحب: جنهن جي طبيعت پڇڻ وارو اوهان جهڙو ماڻهو هجي،
انهيءَ جي طبيعت ڇو ڪانه ٺيڪ هوندي.
شهلا: اڄ اوهين اڪيلا ڪيئن آيا آهيو؟
نواب صاحب: محبت جي باهه ۾ هر سڙڻ وارو اڪيلو ئي سڙندو آهي.
شهلا: دلشاد صاحب ڪٿي رهجي ويو؟
نواب صاحب: مون کان ته پڇو ته آءٌ خود ڪٿي آهيان!
شهلا: اڄ ته توهان جي طبيعت شاعراڻي ٿي پئي آهي.
نواب صاحب: هڪ ڳالهه پڇڻي آهي اوهان کان.
شهلا: (معصوميت سان) مون کان؟
نواب صاحب: جي ها، اوهان کان.
شهلا: فرمايو.
نواب صاحب اوهين ناراض ته ڪونه ٿيندﺂ؟
شهلا: جيڪر مون کي به ڪنهن تي ناراض ٿيڻ جو حق هجي ها!
نواب صاحب: (تعجب سان) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه جو حق حاصل ڪونهي؟
شهلا: زخمن تي لوڻ نه ٻرڪيو، نواب صاحب، اوهين مون کان ڪجهه پڇڻ
وارا هئا.
نواب صاحب: مون کي هن باهه ۾ اڃا ڪيترو وقت سڙڻو پوندو؟
شهلا: (طنز سان) باهه ۾!
نواب صاحب: آءٌ تنهنجن قدمن ۾ جان نثار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان،
شهلا.
شهلا: اوهان جي نوازش آهي، نواب صاحب.
نواب صاحب: نواب صاحب نه چئه، آءٌ هن دروازي جو فقير آهيان.
شهلا: فقير فقير کان سوال ڪونه ڪندو آهي، نواب صاحب! منهنجي
جهوليءَ ۾ آهي ئي ڇا جو اوهان جي حوالي ڪريان.
نواب صاحب: تو وٽ سڀڪجهه آهي، شهلا! حسن آهي، جواني آهي!
شهلا: انهن تي منهنجو اختيار ڪونهي.
نواب صاحب: شايد هن ماحول تنهنجي دل و دماغ تي خراب اثر ڪيو
آهي. بنگلي ۾ پهچي توکي آرام ملندو.
شهلا: (کلندي) دل جي خزان کي ڪوڙي بهار ڇا ڪندي، نواب صاحب!
گهر، بنگلا، محل ۽ جهوپڙيون – سڀ انهن لاءِ آهن،
جن وٽ پنهنجي دل آهي، روح آهي، زندگي آهي.
نواب صاحب: شهلا، هي اڄ تون ڪهڙيون عجيب ڳالهيون پئي ڪرين!
شهلا: (طنز سان) عجيب ڳالهيون منهنجي روح کي پنهنجي جذبات جي
آئيني ۾ نه ڏسو، نواب صاحب. منهنجي روح جو منهنجي
جسم سان ڪو واسطو ڪونهي. ايئن ڇو آهي، آءٌ اوهان
کي ڪيئن ٻڌايان؟
ماءُ: (کنگهندي) شهلا“ گهڻو نه سوچيندي ڪر، تنهنجي سوچڻ سان ڇا
ٿيندو!
شهلا: اچان ٿي، اما. ڏٺوَ، نواب صاحب! پنهنجي سوچ تي به منهنجو
وس ڪونهي. اهو به ماڻهن کي خراب ٿو لڳي!
]خواب
آور موسيقيءَ جي لهر[
* * *
رخسانه: (کلندي) توکي هڪڙي خوشخبري ٻڌايان؟
شهلا: ٻڌاءِ، ضرور ٻڌاءِ.
رخسانه: شادي!
شهلا: شادي؟
رخسانه: ها، هي ڏس.
شهلا: هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟ (سوچيندي) هي ڪير آهي؟ رخسانه!
رخسانه: (کلندي) گهوٽ ... راشد!
شهلا: گهوٽ! ڪنهن جو گهوٽ؟
رخسانه: (پر مسرت لهجي۾) نٿي ٻڌائين. (کلندي) چري! ... اڙي ادا
پيو اچي، ڀڄ هتان.
شهلا: ڀڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
رخسانه: نه نه، آءٌ هتي ڪونه ترسنديس. (ڀڄندي) آءٌ وڃان ٿي.
(سليم جهونگاريندو اچي ٿو)
سليم: (اوچتو) اوهان جو به جواب ناهي!
شهلا: ڇو؟
سليم: جيڏانهن وڃو، جتي وڃو، اتي اوهين موجود!
شهلا: رخسانه سڏايو هو. اوهين چئو ته وڃان هلي.
سليم: (کلندي) اچو رخسانه جي سڏائڻ تي ٿيون، ۽ وڃو وري منهنجي
چوڻ تي: واه، شايد اها به هڪ ادا آهي، جنهن جو ڪو
نالو ئي ناهي.
شهلا: اوهين ته هر ڳالهه تي چرچو ٿا ڪريو.
سليم: (کلندي) اوهين چئو ته اوهان جي ڳالهه ڳالهه تي نچڻ شروع
ڪري ڏيان.
شهلا: اُف، الله، اوهين ڏاڍو ستايو ٿا. اسين اڳتي....
سليم: (فورا) اوهان جي گهر ۾ رهنداسين!
شهلا: ڇڏيو، آءٌ اوهان سان نٿي ڳالهايان.
سليم: چڱو، هاڻي مسخري ختم، اچ ته توکي تنهنجي تصوير ڏيکاريان؛
مون انهيءَ کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.
شهلا: منهنجي تصوير!
سليم: ها، ڏسندينءَ ته ڏندن هيٺ آڱر اچي وينديئه! هل – سچ ٿو
چوان ته اهڙي تصوير ٺهي آهي جو پنهنجن هٿن چمڻ تي
دل ٿي چئي! اُٿ، هل نه ....
شهلا: هلو.
سليم: هي ڇا ڪيرايئه؟
شهلا: (گهٻرائجي) واهه.
سليم: ڇا آهي هي؟
سليم: (گهٻرايل آواز ۾) ڪجهه نه، ڪجهه به نه.... هل، هلي مون کي
منهنجي تصوير ڏيکار.
سليم: پر هي ڇا آهي، تون ڇو پئي لڪائين؟ ڇا، آءٌ نٿو ڏسي سگهان.
شهلا: نه، سليم، تون نٿو ڏسي سگهين!
سليم: ڇو نٿو ڏسي سگهان؟ آءٌ ضرور ڏسندس!
شهلا: خدا جي واسطي، سليم، ضد نه ڪر! مون کي هي رخسانه .....
سليم: پر آخر آهي ڇا؟
شهلا: (ڊڄندي ڊڄندي) هيءَ .... هيءَ تصوير آهي.
سليم: ڪنهن جي تصوير؟ مون کي ڏيکار ... اوهه، تون رخسانه جي
حياتيءَ تي ڌاڙو ٿي هڻين، ۽ مون کي به ڌوڪي ۾ ٿي
رکين!
شهلا: سليم! (پنهنجو پاڻ کي) يا الله، آءٌ ههڙا خواب ڇو ٿي
ڏسان! انهن خوابن جو منهنجي حياتيءَ سان ڪهڙو
واسطو آهي؟... هي ڪهڙيون اونداهيون آهن، ڪهڙيون
روشنائيون آهن! .... سليم، رخسانه، راشد! هي آهن
ڪير؟، انهن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ سليم! ....
ڪاش مون لاءِ به ڪو سليم هجي ها!
ماءُ: شهلا! (کنگهي ٿي) شهلا!
شهلا: اچان ٿي ، اما. (ويجهو اچي) جي اما! |