خدا خوان تا خدا دان فرق دارد، ڪه حيوان تا به انسان فرق دارد
موحد را به مشرڪ نسبتي نيست ، ڪه واجب تا به امڪان فرق دارد
محقق را مقلد ڪي توان گفت، ڪه دانا تا به نادان فرق دارد
مخوان آلوده دامن هر ڪسي را، ڪه دامان تا به دامان فرق دارد
من و ابروي يار وشيخ و محراب، مسلمان تا مسلمان فرق دارد
من و ميخانه، خضر و راه ظلمات، ڪه مي با آب حيوان فرق دارد
مخوان دور فلڪ را دور ترسا، ڪه دوران تا بدوران فرق دارد
مڪن تشبيـﮣ زلفش را به سنبل، پريشان تا پريشان فرق دارد
مبر پيش دهانش غنچه را نام، ڪه خندان تا به خندان فرق دارد
رخش رامه مگو هر گز ’فروغي‘،
ڪه خور با ماه تابان فرق دارد(1).
قاچاري دور جا انقلاب کان اڳ جا ٻيا ڪيترائي قابل ذڪر شاعر ۽
اديب آهن، جن مان سروش اصفهاني متوفي 1285هه /
1868ع(2)،
محمود خان ملڪ الشعراء م 1311هه،(3)
شهاب ترشيزي م. 1222هه / 1807-1808ع(4)
مفلق ظهراني، رضا قلخان هدايت م: 1872هه، صبوري
مشهدي، فتح الله خان شيباني ۽ يغماي جندقي م.
اڱارو 16 ريبع الثاني 1276هه(5)مشهور آهن. هتي يغماي جندقي جو هڪ غزل نموني طور پيش ڪجي ٿو:
”آفتاب پرست“
نگاهه ڪن ڪه نريزد دهي چو باده بدستم
فداي چشم تو ساقي، بهوش باش ڪه مستم
ڪنم مصالح يڪسر به صالحانِ مي ڪوثر
بشرط آنڪه نگيرند اين پياله ز دستم
ز سنگ حادثه تا ساغرم درست بماند
بوجـﮣ خيرو و تصدق هزار توبه شڪستم
چنين ڪه سجده برم بي حفاظ پيش جمالت
بعالمي شده روشن ڪه آفتاب پرستم
ڪمند زلف بُتي گردنم ببست بموئي
چنان ڪشيد ڪه زنجير صد علاقه گستم
نه شيخ سيدهدم تبه و نه پير مغان
زبسڪه توبه نمودم زبسڪه تبه شڪستم
ز گريه آخرم اين شد لتيجه در پي زلفش
ڪه درميان دو درياي خون فتاده نشستم
ز قامتش چو گرفتم قياس روز قيامت
لشست و گفت قيمت بقامتي است ڪه هستم
حرام گشت به ’يغما‘ بهشت روي تو روزي
ڪه دل بگندم آدم فريب خال تو بستم(1)
فتح علي شاهه جي دور ۾ وڏي اهم ڳالهه پرنٽنگ پريس جو ملڪ ۾ جاري
ٿيڻ هو. سندس فرزند عباس ميرزا ناب السطنه جي ڪوشش
سان اٽڪل 1232هه / 1816-1817ع ۾ تبريز ۾ هڪ پرنٽنگ
پريس قائم ڪئي وئي ۽ معتمدالدوله جي ڪوششن سان هڪ
پريس تهران ۾ به کولي ويئي. هن پريس ۾ قرآن ڪريم،
فقهي ڪتاب ’جلال العيون‘ ۽ ’حيات القلوب‘ ڇپيا
ويا، جيڪي معتمدالدونه ايڊيشن جي نالي سان سڏجڻ
لڳا ۽ شيعي خيال جا معياري ڪتاب مڃيا وڃن ٿا.
ايران ۾ پهرين فارسي ڇاپي ڪتابن ۾ فتح علي شاهه جي دور تي
عبدالرزاق دنبليءَ جي لکيل تاريخ ماثر السلطاني
آهي، جنهن کي نائب السلطنه ڏانهن سڃيو ويو هو.
هيءَ تاريخ 1241هه 1825-1826ع ۾ تبريز ۾ ڇپي ويئي.(1)
انهيءَ دور ۾ ڪي ايراني ماسڪو ويا، جتي لٿوگراف جي فن کي وڌيڪ
سمجهيائون ۽ ضروري ڇپائيءَ جو سامان ايران ۾
آندائون.
فتح علي شاهه کان پوءِ عباس ميرزا نائب السلطنه جي پٽ محمد شاهه
کي ايران جي تخت تي ويهاريو ويو. محمد شاهه کي تخت
تي متمڪن ٿيڻ لاءِ پنهنجي چاچي ظل السلطنه ۽ ڀائرن
فرمانفرما ۽ شجاع السلطنه سان لڙڻو پيو ۽ انگريز
ڪمانڊر سر هينري لنڊسري بيٿون ۽ روس جي مدد سان
ٽنهي کي شڪست ڏنائين. جيتوڻيڪ شاهه ڌارين جي مدد
سان ملڪ تي قابض ٿيو ۽ سندس ٿورائتو ٿيو، پر اهو
پهريون دفعو هو جو ايران جي داخلي معاملات ۾ روس ۽
برطانيه حصو ورتو ۽ هڪ بريءَ بدعت جو بنياد وڌو.
اها حرڪت آئيندي جي قبيح نتائج جو پيش خيمو هئي.
1834ع ۾ ايران جي محبوب وزير ۽ جديد سليس فارسي نثر جي باني
ميرزا ابوالقاسم ’قائم مقام‘ کي بيدرديءَ سان شهيد
ڪيو ويو ۽ سندن جاءِ نامي گرامي حاجي ميرزا
آقاسيءَ کي ملي.
1838ع ۾ ايرانين هرات کي گهيرو ڪيو مگر ناڪام واپس وريا (1838ع
–1841ع). انگريزي وزير سر مئڪنيل کي ايراني دربار
ما واپس گهرايو ويو. 1842ع ۾ ترڪن ۽ ايرانين جو
سرحدن تان جهِرو ٿيو ۽ ڪربلا ۾ ترڪن، ايرانين جو
قتل عام ڪيو.
1840ع ۾ اسماعيلين ۾ بغاوت جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا، جنهن جي نتيجي
۾ ان وقت جي امام سيد محمد حسن الحسيني معروف به
آقا خان محلاتي کي ايران ڇڏي هندستان ۾ اچڻو پيو.(1)
1844ع ۾ بابي (بَهَائي) مذهب جو بنياد پيو، جنهن جي باني سيد
محمد علي باب پنهنجو ظهور، غائب امام مهدي کان
پورا هزار سان پوءِ يعني 5- جمادي الاول 1260هه /
23 مئي 1844ع ۾ ڏيکاريو.(2)
ڪيترن ايرانين اهو مذهب قبول ڪيو ۽ مسلمانن جي اک
۾ ٿي پيا. ساڻن ڏاڍايون عقوبتون ٿينديون رهيون.
ڪوبه سياسي ڏوهه ٿيندو هو ته هڪدم ڪنهن نه ڪنهن
بابيءَ تي زبردستي شروع ٿي ويندي هئي، جنهن کي هو
نهايت صبر ۽ثابت قدميءَ سان سهندا رهيا. نيٺ ميرزا
تقي خان امير ڪبير جي حڪم سان 9- جولاءِ 1850ع ۾
تبريز ۾ سيد محمد علي باب کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو
ويو.
15- آگسٽ 1852ع ۾
ٽن بابين صلاح ڪري ناصرالدين شاهه کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾
ناڪام ٿيا. انهيءَ کان پوءِ بابين سان ويل وهي
ويا. سندن ڪيترا اڳواڻ ماريا ويا. گهڻا ملڪ ڇڏي
بغداد، ترڪي وغيره ڏانهن ڀڄي ويا، انهن بابي شهيدن
۾ مشهور و معروف شاعره ۽ عالمه قره العين طاهره به
آهي. قره العين طاهره پنهنجي دور جي بيمثال ساحره،
شاعره، اديب ۽ خطيب هئي. پنهنجي زندگي بابي مذهب
جي تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. حسن ۽ جمال به بي
انتها هوس، سندس ڪلام ايترو گهڻو ڪونهي پر جيڪو
آهي اهو سوز و گداز سان ڀرپور آهي. هت نموني طور
سندس هڪ غزل پيش ڪجي ٿو:
گر بتو افتدم نظر چهره بچهره رو برو،
شرح دهم غمِ ترا نڪته بنڪته موبمو.
دور دهان تنگ تو عارض عنبرين خطت،
غنچه بغنچه گل بگل لاله بلاله بو ببو.
از بي ديدنِ رخت همچو صبا فتاده ام،
خانه بخارنه دربدر ڪوچه بڪوچه ڪوبڪو.
ميرود از فراق تو خون دل از دو ديده ام،
دجله بدجله يم بيم چشمه بچشمه جو بجو.
ابرو و چشم و خال تو صيد نموده مرغ دل،
مهر بمهر دل بدل طبع بطبع خوبخو.
مهر ترا دل حزين باخته با قماش جان،
رشته برشته نخ بنخ تار بتار پو بپو.
دردل خويش ’طاهره‘ گشت و بخست جرمرا،
صفحه بصفحه لا بلا پرده بپرده توبتو.(1)
محمد شاهه جي زماني ۾ ئي ملڪ جي حالت رحم جوڳي ٿي چڪي هئي، سندس
وفات کان پوءِ فتنو فساد وڌي ويو ۽ انتظامي امور ۾
وڏو خلل پيدا ٿيو، نيٺ ميرزا ابوالقاسم جو فرزند
ميرزا تقي خان امير ڪبير ولي عهد ناصرالدين شاهه
کي تبريز مان تهران وٺي ويو ۽ کيس تخت تي
ويهاريائين. امير ڪبير تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيڪي
بدعنوانيون ميرزا آقاسي ۽ ٻين نالائق قاچاري
آفيسرن جي دور ۾ ٿيون هيون، انهن کي دور ڪري.
ايرانين جي روح کي بيدار ڪرڻ لاءِ هن چڱي مٿاڪٽ
ڪئي. تعليم کي به گهڻو فروغ ڏنائين ۽ هڪ دارالفنون
قائم ڪيائين، جنهن ۾ مغربي علوم جي تعليم ڏني
ويندي هئي. افسوس، ڪن خود غرض ماڻهن جي لائي
چائيءَ تي امير ڪبير کي معزول ڪيو ويو ۽ 16 ربيع
الاول 1268هه/1851ع
۾ کيس بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو.
ناصرالدين شاهه ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ٽي دفعا يورپ جو سفر
ڪيو، پر هر دفعي عيش و عشرت ڪري واپس موٽي ايندو
هو. سندس دور ۾ ڪيترا ايراني اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ يورپ ويا ۽ اتي جي تهذيب، تمدن ۽ افڪار جو
گهرو مطالعو ڪيائون، جنهن جو اثر ايران جي سياسي،
اقتصادي، اجتماعي ۽ ادبي مسائل تي به پيو.
انگريزن ايران تي قبضي ڄمائڻ لاءِ ملڪ جي ترقي ۽ سڌاري جي بهاني
سان پوسٽ، ٽيليگراف، بادشاهي بئنڪ کولي ۽ کاڻين
کوٽڻ ۽ ڪارخانن کولڻ جو سلسلو شروع ڪيو. دربارين ۽
شاهه کي وڏيون وڏيون رقمون ڏنائون ۽ آزاديءَ سان
ماڻهن جا حق غضب ڪندا رهيا_ انهن ترقياتي اسڪيمن
جي چارج ’بائرن جويس ڊي روٽر‘ جي حوالي ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ بائرن ان ڪم کي مڪمل ڪري نه سگهيو، تڏهن
به انگريزن جو اثر ايران ۾ چڱو پيدا ٿي ويو. روس
به انهيءَ ترقيءَ جي ڪمن ۾ حصو ورتو. ريلوي قائم
ڪرڻ جو ڪم پنهنجي حوالي ڪيائين ۽ آهستي آهستي
پنهنجو سياسي اثر ملڪ تي قائم ڪندو ويو.(1)
انگريز ۽ روس جي هڪ هٽي اڳ ۾ ئي ايرانين جي اقتصادي بهبودي کي
ڪاپاري ڌڪ هنيو هو. مٿان وري ٻي مصيبت جو بنياد
پيو، جنهن ماڻهن کي يڪمشت ٿيڻ ۽ بادشاهه جي حڪم جي
انحرافي ڪرڻ تي آماده ڪيو.
1308-1309هه/8
مارچ 1890ع ۾ ناصرالدين شاهه ايران جي اهم پيداوار
تماڪ جي خريد و فروخت ۽ روانگي جا سمورا حق
انگريزن کي پندرهن هزار پائونڊ سالياني جي حساب
سان پنجاهه سالن تائين ڏئي ڇڏيا ۽ فائدي ۾ پنهنجو
چوٿون حصو به رکيائين. هن انگريزي ڪمپني جي کلڻ
سان ايران جي ننڍن وڏن واپارين، تماڪ پوکيندڙن ۽
ڇڪيندڙن کي وڏو ڌڪ لڳو. ڪمپني پنهنجو معمولي اگهه
مقرر ڪري تماڪ وٺندي هئي ۽ وڏي اگهه ۾ وڪڻندي هئي،
ماڻهن جي اقتصادي مسائل تي به برو اثر پيو.(1)
ايرانين انهيءَ ڪمپني کلڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪيو، خصوصاً ان
وقت جي علماءَ ڪرام ماڻهن جو ساٿ ڏنو ۽ سياست ۾
گرمجوشي سان حصو ورتو.
”درسنه 1309هه ڪمپاني رزي امتيازات دخانيات از ناصرالدين شاهه
گرفت ڪه بيع و شراي دخانيات منحصر بيڪ اداره باشد
و بعوض چند ڪرور بشاه و درباريان داد وبهمه بلاد
ايران گماشتگان فرستاد و ادارهء خود را داير نمود
حتي درقري و دهات ڪس فرستاد و بمردم سخت گرفتند_
بزرگانِ ايران از علماء و غيرهم برمعايب و خامت
اين عمل واقف شدند ڪه امروز دخانيات محدود شد
فردانمڪ و روز ديگر هيزم و ذغال و آب وغيره و
بآزادي ان مبالغي گرفته خواهد شد و صرف آبادي
مملڪت نخواهد شد يا تفاوت مواجب فلان شاهزاده است
يا مدد معاش فلان آقازاده يا خرج مسافرت فرنگ يا
نياز خانم تشنگ_ ملت متضرر شده است نفع نفع را
خارجه برده و برمملڪت هم مسلط و نفوذ تا مي حاصل
خواهند ڪرد. جمعي از عقل عقلا خدمت مرحوم حاج
ميرزا حسن مجتهد آشتياني رسيده معايب متضمنہ و
مستترهء درين کار را عرضه داشتند_ و هم بعلماءَ
اصفهان ضرر عاقبت امتياز و نتايج مترتبد به آنرا
نوشتند_ لهاذا مرحوم ميرزاي آشتياني حڪم بحرمت
استعمال دخانيات ڪرده حڪمي نوشتند و نسبت آنرا
بمرحوم حجته الاسلام حاج ميرزا حسن شيرازي دادند و
منتشر ساختند.(1)
هن تحريڪ ۾ سيد جمال دين افغاني رحمته الله به نهايت سرگرميءَ
سان حصو ورتو.
ماڻهن جي احتجاج ۽ علماء جي تحريڪ تي ميرزا حسن شيرازي (جيئن
ناظم الاسلام لکيو آهي فتوي ميرزا آشتياني جاري
ڪئي ۽ منسوب ميرزا شيرازي ڏانهن ڪئي وئي) تماڪ جي
استعمال ڪرڻ کي حرام قرار ڏنو ۽ لکيو:
”بِسمِ الله الرحمــٰنِ الرحيم_ اليوم استعمال تنباڪو باي
نحوڪان درحڪم مهاربه با امام زمان ست عجل الله
فرجه“(2)
انهيءَ فتويٰ جو حيرت انگيز اثر ٿيو. سڄي ملڪ جي ماڻهن تماڪ
استعمال ڪرڻ هڪدم بند ڪري ڇڏيو. ويندي شاهي محل ۾
انهيءَ فتويٰ جي تعميل ڪئي وئي. انگريزن کي مجبور
ٿي تماڪ جو واپار بند ڪرڻو پيو ۽ شاهه کين پنج لک
ليرا ڀري ڏنا. ملڪ جي مطلق العنان بادشاهه تي
ايراني عوام جي هيءَ پهرين فتح هئي.
ناصرالدين شاه جي وقت ۾ خوارزم ۽ ماوراءُالنهر، روس جي قبضي ۾ ۽
بلوچستان جو ڪجهه حصو انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويو ۽
ورهين جا ورهيه ايرانين جي آزادي خطري ۾ رهي.
انگريزن ۽ روس جي هڪٻئي ۾ رقابت به روزبروز وڌندي
رهي ۽ ٻنهي جي چٽاڀيٽيءَ مان ايرانين کي به ڪجهه
ڪجهه فائدو پهچندو رهيو.
ناصرالدين شاهه جي ظلم ۽ استبداد کان خلق هاڻ تمام گهڻو تنگ اچي
چڪي هئي. نيٺ 1313هه/1856ع
۾ سيد جمال الدين افغانيءَ جي هڪ شاگرد ميرزا رضا
ڪرمانيءَ کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو.
ناصرالدين شاهه کان پوءِ سندس فرزند مظفرالدين ميرزا (1313هه/1324هه) تخت تي ويٺو. هي به پيءُ وانگر ٽي دفعا يورپ ويو
۽ هر دفعي روس ۽ برطانيه کان قرض کڻي عيش و عشرت
ڪري موٽي آيو. نتيجي ۾ اتر ۽ ڏکڻ ايران جا محصول،
روس ۽ برطانيه جي حوالي ڪرڻا پيس.
مظفرالدين شاهه جي دور ۾ ايران جي حلات نهايت بدتر ٿي ويئي.
انتظام ۾ حد کان ٻاهر خلل پيدا ٿي ويو. ماڻهن
بادشاهه جي مطلق العناني رَوَش کي ٽوڙڻ لاءِ ملڪ ۾
پارلياماني سرشتي کي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع
ڪري ڏني.
1907ع ۾ جرمنيءَ جي زور ٽوڙڻ لاءِ برطانيه، روس ۽ فرانس پاڻ ۾
مصالحت ڪرڻ جون ڳالهيون هلايون. 1 آگسٽ 1907ع ۾
پيٽرس برگ (لينن گراڊ) ۾ ٽنهي ڌرين جي وچ ۾ معاهدو
ٿيو، جنهن موجب ايران کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. هڪ
حصو آزاد رهيو، باقي اتريون حصو روس ۽ ڏاکڻيون حصو
برطانيه جي اثر هيٺ رکڻ جو فيصلو ٿيو.(1)
قاجاري بادشاهن جي نااهلي ۽ شهزادن ۽ اميرن وزيرن جي ظلم ۽
زبردستي ۽ ماڻهن جي حقن ۾ دست اندازي، روس ۽
انگريز جي ملڪ ۾ بيجا مداخلت ۽ ايرانين جي جديد
دور جي افڪار ۽ نظريات سان آشنائي ۽ دنيا جي مختلف
ممالڪ ۾ جمهوري نظام جي وجود ايران ۾ هڪ جديد
تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن کي ’انقلاب مشروطيت
ايران‘چون ٿا. انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ بادشاهه جي
اختيارن تي ڪجهه قبضو رکيو ويو. هن آزاديءَ جي
تحريڪ ۾ عوام سان گڏ وقت جي وڏن وڏن عالمن ۽
مجتهدن تمام سرگرميءَ سان حصو ورتو. ظلم ۽ استبداد
جي مقابلي ۾ ثابت قدميءَ سان بيٺا ۽ هر عقوبت ۽
تعديءَ جو مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائون. خصوصاً
ڪري ٻه مجتهد، سيد محمد طباطبائي ۽ سيد عبدالله
بهبهاني بادشاهه سان مقابلي ڪرڻ ۽ ماڻهن کي پنهنجي
حقوق ڏيارڻ ۾ پيش پيش رهيا. ماڻهن ۾ هيءَ تحريڪ
نهايت مقبول ٿي ۽ پارليامينٽ قائم ڪرڻ لاءِ پرزور
مطالبو ڪيائون. بادشاهه نهايت حيران ٿيو. هزارن
ظلمن ۽ عقوبتن جي باوجود انقلابين کي دٻائي نه
سگهيو. نيٺ انگريزن جي وچ ۾ پوڻ سان قصو وڃي ٺهيو
۽ 14 جامدي الثاني 1324هه ۾ ’پارليامينٽ‘ قائم ڪرڻ
جو اعلان ڪيائين. پهرين پارليامينٽ ۾ ڪل هڪ سو
ڇاونجاهه ميمبر چونڊجڻا هئا، جن مان سٺ تهران مان
۽ ڇهانوي ٻين صوبن مان اچڻا هئا. اليڪشن ٻن ٻن
سالن کان پوءِ ڪرڻ جو قانون پاس ڪيو ويو. 7 آڪٽوبر
1906ع ۾ اليڪشنون ڪرايون ويون. شاهي خاندان جا چار
فرد به پارليامينٽ تي نامزد ڪيا ويا. ڪجهه وقت
کانپوءِ زرتشيتن جي نمائندگيءَ لاءِ ارباب جمشيد
کي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. 7 آڪٽوبر
1906ع تي پارليامينٽ جو افتتاح ڪيو ويو. شاهه پاڻ
اچي ڪونه سگهيو. سندس افتتاحي تقرير، سندس وزير
نظام الملڪ پارليامينٽ ۾ پڙهي.
قومي اسيمبلي جي قائم ٿيڻ سان سڄي ملڪ ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي.
ماڻهن شاهه کي دل کولي دعائون ڪيون.(1)
جلد ئي مظفرالدين شاهه فوت ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس فرزند
محمد علي ميرزا کي 1324هه/6
جنوري 1907ع ۾ تخت تي ويهاريو ويو.
بظاهر محمد علي شاهه جمهوريت جو همدرد هو، پر سندس اصل مقصد
انهن کي تباهه ڪرڻ جو هو. شاهه ميرزا نصرالله خان
مشيرالدوله کي معزول ڪري سندس جاءِ تي ميرزا علي
اصغر خان امين السلطان (اتابڪ اعظم جيڪو ناصرالدين
شاهه ۽ مظفرالدين شاهه جي دور ۾ سالن تائين
وزيراعظم ٿي رهيو هو) کي وزيراعظم مقرر ڪيو.
جمهوري اصغر خان کي هڪ ظالم شخص سمجهندا هئا ۽
سندس مخالفت ۾ مضبوط ٿي بيٺا ۽ سندس معزول ٿيڻ جو
پرزور مطالبو ڪيائون. اصغر خان به سندن ضد ۾
بادشاهه کي اُڀاريو. ان زماني ۾ محمد علي شاهه جي
دربار ۾ منصوبن ۽ سازشن جي ڪري عالمن جا ٻه گروهه
ٿي ويا، جن مان هڪ گروهه جمهورين جي خلاف ٿي ويو،
خصوصاً شيخ فضل الله نوري ۽ ٻين مجتهدن بادشاهه جي
مطلق العناني روش جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ جمهورين
جي مقابلي ۾ نڪري نروار ٿيا. بهبهاني ۽ طباطبائي
پختگيءَ سان جمهورين جو ساٿ ڏئي بيٺا ۽ ڪنهن به
قسم جي قربانين ڏيڻ کان پوئتي نه هٽيا. تان جو
اصغر خان پنهنجي ڪئبنيٽ سميت مجلس (اسيمبلي) جي
نمائندن کي اطمينان ڏياريو ته پاڻ ۽ بادشاهه سندن
هر قسم جي مدد ڪندا. جڏهن اسيمبلي هال مان ٻاهر
نڪتو، تڏهن عباس آقا، جيڪو ڪنهن مخفي انجمن(1)
جو ميمبر ۽ جمهوريت پسند هو، تنهن گولي هڻي کيس
ڦٽي وڌو.(2)
اصغر خان جي ڦٽجڻ کان پوءِ ايران جي حالت وري به دگرگون ٿي وئي،
انگريز ۽ روس به لينن گراڊ واري معاهدي موجب
پنهنجي پنهنجي مقبوضه حصن جي دٻائڻ ۾ مشغول رهيا.
انهيءَ دور ۾ ڪن ماڻهن محمد علي شاهه کي به زخمي
ڪري وڌو. همراهه سمجهيو ته هاڻي خير ڪونهي، سو
جيڪي درباري سندس مخالف هئا، پهريائين انهن کي قيد
ڪيائين، پوءِ مشيرالسلطنه کي وزيراعظم ۽ امير
بهادر کي وزير جنگ مقرر ڪري، هوا بدلائڻ جي بهاني
سان تهران کان ٻاهر ’باغ شاهه‘ ۾ وڃي رهيو ۽ چند
بدمعاشن جي ٽولي ٺاهي سندن مٿان روسي جيلر لياخوف
کي مقرر ڪيائين.(1)
بادشاهه جي ظلم ۽ استبداد جي خلاف عالمن، شاعرن، اديبن، صحافين،
سياستدانن هڪڙو وڏو محاذ کڙو ڪري ڇڏيو_ سڄي ملڪ ۾
سندن خلاف باهه ٻري وئي. مظفرالدين شاهه جي زماني
جي هڪ اديب حاجي زين العابدين هڪ ناول ”سياحت نامه
ابراهيم بيگ“ لکيو ، جنهن ۾ ملڪ جي هر انتظامي
شعبي تي نهايت سخت ۽ طنزيه انداز ۾ لکيائين.
انهيءَ دور ۾ ملڪ جون اقتصادي، معاشي، سياسي ۽
ديني حالتون ڪهڙيون هيون، انهن کي حاجي زين
العابدين نهايت سليس ۽ روزمره جي زبان ۾ لکيو ، ۽
ڪيترن محققن جي راءِ آهي ته 06-1905ع
واري جمهوري انقلاب آڻڻ ۾ هن ناول جو اثر هو. هيٺ
انهي ڪتاب مان چند اقتباس پيش ڪجن ٿا: ارباب حل و
عقد کي نصيحت.
”باز عرض ڪن، - اي ارباب حل و عقد! و اي مقربان درگاه شاهنشاهي!
و اي رۇساي قوم و ملت! بر نفس خود رحم ڪنيد. ازين نگارشات متوحش
نشويد – بپرهيزيد از ڪاري ڪه صلاح شما در آن نيست
– مسلمّ بدانيد ڪه صلاح شما درين مقاسات واصول ڪردار شما درين مناصب
براي شما ممڪن نخاوهد شد – ولو هر قدر بدين روش
دربقاي علوّ مدارج بڪوشيد بيشتر زوال همه گونه.
افتخار براي خود دعوت خواهيد نمود – و حال آنڪه با
اقتداري ڪه داريد ميتوانيد خود را بمراتب بلندي
برسانيد و پايہ عزت و بزرگواري خود را چنان استوار
نمائيد ڪه درهنگام و زمان معزوليت اَسايش و افتخار
شما صد مرتبه بيشتر از عزت و حرمت امروزي شما باشد
– اين روش ڪه شما پيش گرفته ابد پيشنيان شما هم چه
در ايران و چه در سائر دول گرفته بودند - درست فڪر
نمائيد ڪه سرانجام و مال ڪا ايشان بڪجا انجاميد با
قبح وجهي معزول گشتند و بغضب گرفتار شده سر در
باختند – اين دعا هاي پوچ او اين خيالات ڪج و معوج
شما باطل است و مذموم و منفور – خود را از لوث
مداخل پاڪ نمائيد – و اسم خود را از صفحه رشوت
خواران بشوئيد – اين بربري گري و بي نظمي و بي
قانوني بما و شما عيب نيست – عيب اينجاست ڪه شما
ابداً در فڪر اصلاح آنن يستيد – عيب اينجاست، هر
ڪس معايب ڪار را بگويد زبانش ميبريد و ڪسيڪه قبح
اعمال را نويسد دستش را قطع ميڪنيد – عيب اينجاست
ڪه آزادي معارف را حرام ڪرده ايد – اين معايب در
هرجا بدتر از ايران بود ليڪن آزادي قلم همه را
اصلاح ڪرده“.(1)
آفيسرن تي چوٽ:
”حڪام ايران اصلا درفڪر اطفاء نايرها (باهه) و بليات خانمان
برانداز نيستند بلڪه خيال شان دائما در انهدام ملڪ
و بردنِ مال رعيت ميڪند – بلڪه اگر حريقي اتفاق
افتد اسباب مداخل حڪام و داروغه و فراشي و
فراشباشي خوب حاصل ميشود – بازار ’تقي را بگير تقي
را بگير‘ گرم ميشود – ڪسانيڪ از صدمئه حريق مصئون
باشد به تهمت اين ڪه فلان چيزرا تو بردي و فلان
صندوڪ را تو گشادي – جان و مال از شراهء اين شرارت
اين بي انصافان در شرارهء اين تهمتها نيست و نابود
ميگردد.(2)
ملڪ جي عام حالت
”گفتم، همه چيز هست – چيزي ڪه نيست قانونن است – نظم ندارد –
ازين رو وظيفه احدي از حاڪم و محڪوم، رعيت و صاحب
منصب معلوم نيست – و بدين سبب مڪتب ندارد، ماليات
ندارد، رشوت دارد، استبداد دارد، احجاف دارد،
شهرها خراب مانده، صحراها ’ڪم يزرع‘ مانده – آبها
گنديده – از تعفن آبها از ڪوچه گذر ڪردن مشڪل است
– گدايان وزير گشته و وزيران گدا شده – ڪار دردست
غير اهلش افتاده“.(3)
مسخرن جي عزت:
”گفتم، عجب بالاتر از عالم است، تنها يڪ حاجي خان نيست، مسخره و
هذيان گوئي امثال او خيلي هستند_ از مطربان و
رقاصان خيلي هستند ڪه نفوذ ڪلمه و قول شان در نزد
امرا و وزرا پيش رفت دارد_ تماما ماشاءَ الله لقب
خاني و معتمدي دارند، هريڪ صاحب تنخواه ڪلي شده“.(1)
ذاڪرن جا افعال:
”گفت اين شمشيرالذاڪرين است_ آلان ميرود منبر، روضه ميخواند_ شب
ڪه شود ميرود در مجلس امرا مسخرگي مي نمايدَ بسا
اوقات تنبانش راڪنده، شمع ڪافوري را بهرجا بدترش
ڪرده روشن مينمايد_ صنعتش اين است ڪه تيز ميدود و
شمع را بهوائي پراند و برعدد ڪه بگويند گوز فندقي
ميدهد“.(2)
تبريز جي مسجد جو نظارو:
”من وضع مساجد تبريز را نديده ام، رفته نشتيم_ ڪم ڪم مردم جمع
شد، به محضيڪ ڪه، دهن باز ڪرد_ الحمدالله گويد_
تقريباً دو بيست نفرباًواز بلدن گفت: اللهم صلِّ
عليٰ... ملا خواست ربّ العالمين گويد_ باز بطريق
اول صلواه فرستادند_ خواست بسم الله گويد_ باز
صداي صلواه بلند شد.
من متحّير باطراف خود نگاهه ميڪردم ڪه يعين چه؟ واعظ ميخواهد
دهان بڪشايد، صداي صلواتش منع ميڪنہ يڪ ڪلمه نگفته
پنج صلواه مير فتند“.(1)
مُلّن جي حالت:
”گفتم چه بگويم تو خود بهتر ميداني_ در مساجد و منابر ايران
خصوصاً تبريز چه فضيحت ڪاريها ميشود، نمي دانند در
چه ڪارنند اهالي مسجد را گويا مغازه (دڪان)
قرارداده، آخودها مڪان فضل فروشي خويش_ همينڪه
بيچارهء داخل مسجد شد_ پنج ساعت تمام مانند اشتر
زانو بسته بايد به نشيند_ دو نفر واعظ، چهارم نفر
روضه خوان، يڪ دسته شاگرد_ يڪي بالا ميرود، ديگري
پائين مي آيد_ اگر يڪ نفر از جانشين را باقتضاي
طبيعت بشري تقاضائي پيش آيد_ باڪار فوتي برسد و
بخواهد از جاي خود برخيزد گويا از دين اسلام و
شريعت ارتداد جسته_ با حقارت تمام از بالاي منبر
داد ميزند: ’اي خبيث، مجلس را بهم مزن!‘ يعني
بنشين و آنچه بدهن من از نيڪ وبيد، راست و دروغ مي
آيد گوش داده، زشت و زيبائي مرا تصديق ڪن و درآخر
هم آنچه از نقد و جنس داري بمن احسان نما“.
نه خود تميز دارند و ند مميز درميان خلق ديده ميشود ڪه صدق را
از ڪذب تشخيص دهد و حق را از باطل فرق گذارد“(4)
مطلب ته ايئن هر شعبي تي تنقيد ڪيل آهي. پڙهندڙن کي مٿين ٽڪرن
مان ايران جي ان زماني جي حالتن جو چڱو اندازو ٿي
ويو هوندو.
محمد علي شاهه سان صلح صفائيءَ جون ڪيئي ڳالهيون هلايون ويون،
پر هو هر دفعي نوان مطالبا ڪندو رهيو. سندس حڪم
سان اسيمبليءَ جي عمارت تي پڻ بمباري ڪئي وئي.(1)
لياخوف کي تهران جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ۽ شهر ۾ مارشلا نافذ
ڪيو ويو. ماڻهن تي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي، ڪيترن
ماڻهن بهارستان (ترڪي سفارتخانو) ۽ مسجد سپهه
سالار ۾ وڃي پناهه ورتي. اهي ٻئي عمارتون بمن سان
تباهه ڪيون ويون. ڪيترا همراهه ڀڄي وڃي روس ۽
برطانيه جي سفارتخانن ۾ لڪا. اٺ قومي ليڊر ڀڄي وڃي
امين السلطان وٽ پناهگزين ٿا، جنهن غداري ڪري
فوجين کي سندسن اطلاع ڏنو، جن کين پڪڙي وڌو. انهن
مان حاجي ميرزا ابراهيم کي اتي شهيد ڪيو ويو ۽
باقي ٻين کي باغ شاهه ۾ موڪليو ويو. ٻئي ڏينهن تي
ميرزا جهانگير خان (انقلابي رسالي ”صور اسرافيل“
جو ايڊيٽر) ۽ ملڪ المتڪلمين (مشهور جمهوري مجتهد ۽
مقرر) کي گهٽو ڏئي ماريو ويو. آخرڪار اڱاري ڏينهن
23 جمادي الاول، 4 جولاءِ 1908ع تي ڪيترا انقلابي
اڳواڻ ۽ جمهوريت پسند بزرگ باغ شاهه ۾ گهرائي قيد
ڪيا ويا. ڪي مارجي ويا، ڪن سان سخت عقوبتون ٿيون.
انهن بزرگن ۾ سيد محمد طباطبائي ۽ سيد عبدالله
بهبهاني به تڪليفن هيٺ آيا. بادشاهه اسيمبلي ڊمس
ڪري ڇڏي ۽ وري مطلق العنانيءَ جو دور شروع ٿي ويو.(2)
شاهه جيتوڻيڪ في الحال قومي همدردن کي دٻائي ماري پنهنجو رستو
صاف ڪري ڇڏيو، مگر کيس اها خبر ڪانه هئي ته هيترن
سارن محب وطن بزرگن جي قرباني پاڻ جمهوريت کي زور
وٺائيندي ۽ سندس خاتمو آڻيندي. ڪجهه وقت ئي ڪونه
گذريو ته آذربائيجان جي غيور ماڻهن، ستار خان ۽
باقر خان گيلانين سان گڏجي، معز السلطان جي
رهبريءَ هيٺ بغاوت جو اعلان ڪيو. محمد ولي خان
تنڪابني، يغرم خان ارمني ۽ سموري بختياري قبيلي
پنهنجن ٻن سردارن، اسعد ۽ صمصام الدوله جي
رهنمائيءَ ۾ تهران جو رُخ رکيو ۽ شهرن تي شهر فتح
ڪندا، جمادي الثاني 1327هه ۾ تهران تي قبضو ڪري
ورتائون. محمد علي شاهه سر بچائي اٿي ڀڳو ۽ سلطنت
تان هٿ کڻي روسي سفارتخاني ۾ وڃي پناهگزين ٿيو ۽
روس جي مدد سان ايران کان ٻاهر هليو ويو ۽ باقي
عمر جلاوطني ۾ گذاريائين.(3)
انقلابين محمد علي شاهه جي ٻارهن سالن جي فرزند احمد ميرزا
(1327هه-1344هه) کي تخت تي ويهاريو ۽ قاچارين جي
هڪ بزرگ شخص عضدالدوله کي سندس نائب، ۽ سپهه
سالار، تنڪابنيءَ کي سندس وزير مقرر ڪيو ويو ۽ وري
ٻي مجلس شور (اسيمبلي) جي لاءِ اليڪشن جون تياريون
شروع ٿي ويون. احمد شاهه جي حڪومت جي اوائل ۾ مجلس
جي نمائندن ۽ انقلابين ملڪ جي اصلاح ۽ حڪومت جي
نظم نسق لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارآمد قدم کنيا.(1)
عضدالدوله انهيءَ وچ ۾ وفات ڪري ويو. سندس جاءِ تي ابوالقاسم
خان قره گزلو (ناصرالملڪ) کي مقرر ڪيو ويو. ملڪ جي
اصلاح ٿيندي رهي. ماڻهو به مختلف سياسي پارٽين ۾
ورهائبا ويا، تان جو ٻه زبردست پارٽيون وجود ۾
آيون. هڪڙا پاڻ کي ’اعتدالي‘ ۽ ٻيا ’ڊيموڪريٽس‘
(جمهوري) سڏائڻ لڳا. انهن ٻنهي پارٽين جي وچ ۾
اختلاف وڌندو رهيو، تان جو قصو وڃي مار موچڙي
تائين پهتو ۽ انهيءَ زد و ڪوب جي ڪري سيد عبدالله
بهبهاني، جنهن جو لاڙو اعتدالين ڏانهن هو، ٻين
ڪيترن همراهن سان گڏ شهيد ٿي ويو.(2)
انهيءَ دور ۾ مجلسين جي رضامندي سان آمريڪا جي هڪ باشندي مسٽر
شوسٽر کي ايران جي مالي امور جو مهتمم مقرر ڪيو
ويو. روس انهيءَ ڳالهه کي برداشت نه ڪري سگهيو ته
آمريڪا به پنهنجو اثر ايران ۾ قائم ڪري. شوسٽر
ايرانين جو وڏو همدرد هو ۽ سندن اقصادي معاملن ۾
گهري دلچسپي ورتائين. آخرڪار روس شوسٽر کي معزول
ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ اهو به شرط رکيو ته آئيندي
ڪنهن به ڌارئين ماڻهوءَ کي روس ۽ انگريز جي صلاح
کان سواءِ ايران ۾ نه رکيو ويندو.
’مجلسي‘ جيئن ته شوسٽر کي ڇڏڻ لاءِ بلڪل رضامند نه ٿيا، انهيءَ
ڪري اسيمبليءَ کي ٽوڙيو ويو. ناصرالملڪ هاڻي
جمهورين جي بلڪل خلاف ٿي ويو هو، تنهن ڪيترن سان
عقوبتون ڪيون ۽ کين سزائون ڏنيون. شوسٽر کي ايران
ڇڏڻو پيو ۽ وري قاچارين جو ظلم ۽ ستم خلق تي جهلي
آيو.(1)
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، روس ايران جي اتر ۽ انگريز ڏکڻ تي
قابض هئا. سندن باهمي رقابت به ڪافي اوج تي پهچي
چڪي هئي، روس پنهنجي حصي تي مڪمل حڪمراني ڪرڻ لاءِ
انهي خطي جي هر طاقتور ماڻهو، محب وطن شخص ۽ جنگجو
مرد کي نهايت بيدردي سان قتل ڪرڻ شروع ڪيو. حضرت
امام رضه جي گنبذ کي به توبن سان مسمار ڪري
ڇڏيائون. گيلان، مازندران ۽ تبريز ۾ ڪنهن به بري ۾
بري عمل ڪرڻ کان گريز نه ڪيو ويو.(2)
انگريزن به پنهنجي حصي ۾ اهائي هلت ڪئي ۽ وڌيڪ ملڪ ڦٻائڻ لاءِ
روس ۽ انگريز جي ڏي وٺ به ايران جو رهيو کهيو حال
وڃائي ڇڏيو. غربت ۽ بيروزگاريءَ ملڪ جو خانو خراب
ڪري ڇڏيو. وزارتن ۾ روز بروز ڦيريون گهيريون
ٿينديون رهيون. تان جو پهرين عظيم جنگ شروع ٿي
وئي. هن جنگ ۾ ايران جيتوڻيڪ پنهنجي غيرجانبداري
جو اعلان ڪيو، تڏهن به اترئين حصي، خاص ڪري
آذربائيجان ۾ انگريز، روس ۽ ترڪي جي تاخت و تاراج
جاري رهي(1).
1915ع ۾ خفيه طور انگريز، روس ۽ فرانس جو وري 1907ع وارو ساڳيو
معاهدو تازو ڪيو ويو. تان جو زار جي حڪومت جو تختو
اونڌو ڪيو ويو ۽ ’لينن‘ برسر اقتدار آيو، جنهن روس
جي ايران ۾ دخل کي ناجائز قرار ڏنو ۽ 1921ع ۾
ايران سان نئين سر صلح صفائي جو معاهدو ڪيائين.
(2)
انگريزن پنهنجي جبر ۽ اقتدار کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ 1919ع ۾
وقت جي وزير وثوق الدوله سان معاهدو ڪيو، جنهن
موجب ايران جي ڪل سياسي، انتظامي ۽ مالي امور
متعلق انگريزن سان مشورو ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو.
نتيجي طور ايران مڪمل طرح انگريزن جي رياست بڻجي
ويو. جيتوڻيڪ عوام اهو معاهدو قبول نه ڪيو ۽
1338هه ۾ وثوق الدوله جي جاءِ تي ميرزا حسين خان
پيرنيا مشيرالدوله کي رکيو ويو ۽ انگريزن سان ڪيل
معاهدي کي ٽوڙيو ويو، انهيءَ هوندي به ايران جي
حالت روزبروز بدتر ٿيندي وئي.
”انهي زماني ۾ مشهور پرجوش سياسي رهنما سيد ضياءُالدين
طباطبائيءَ جي رضا خان (رضا شاهه پهلوي) سان قزوين
۾ ملاقات ٿي. رضا خان معمولي سولجر مان پنهنجي
شجاعت ۽ مردانگي جي ڪري آفيسري جي عهدي تي پهتو
هو. جنگي محاذ تان هارائي پنهنجي سپاهين سميت
قزوين جي ٻاهران اچي ڪئمپ ڪيائين. سيد ضياءُالدين
کيس تهران تي حمله آور ٿيڻ جو مشورو ڏنو. رضا شاهه
ٽن هزار سپاهين سان گڏ تهران تي چڙهائي ڪئي ۽
فيبروري 1921ع ۾ تهران تي قبضو ڪري ورتائين.
احمد شاهه انتظامي امور جون واڳون سيد ضياءُ الدين طباطبائي جي
حوالي ڪيون ۽ رضا خان کي وزير جنگ مقرر ڪيائين.
نوي ڏينهن کانپوءِ سيد ضياءُالدين استعيفا ڏني ۽
سندس جاءِ تي احمد قوام آيو، پر هاڻ رضا خان روز
بروز زور وٺندو ويو. تان جو 1923ع ۾ پاڻ وزيراعظم
بڻجي ويو. احمد شاهه اڪثر بيمار گذاريندو هو، هو
يورپ ٽي دفعا علاج لاءِ ويو، سندس فقط نالو وڃي
رهيو هو. ماڻهو هاڻ رضا خان ڏانهن زياده مائل هئا،
سندس روبرو احمد شاهه جو ادب به ڪونه ڪندا هئا،
آخرڪار احمد شاهه کي سلطنت جي امور ڏانهن عدم
توجهي جي ڪري اسيمبليءَ معزول ڪري ڇڏي ۽ 9 ڊسمبر
1925ع ۾ رضا خان کي ايران جو شاهه چونڊيو ويو. رضا
شاهه پهلوي جي ايران جي شاهه ٿيڻ جي ڪري ايران ۾
قاچاري دور جو خاتمو ٿيو“.(1)
محمد شاهه ثاني جي دور کان وٺي ايران ۾ علم و ادب جو باب نهايت
اهم آهي. نثر ۽ نظم ۾ ڪيتريون جدتون آنديون ويون.
ڪيتريون مختلف النوع ادبي تحريڪون وجود ۾ آيون.
ملڪ جي شاعرن ۽ اديبن گل و بلبل جي افسانن سان
گڏوگڏ ملڪ جي سياسي، اخلاقي ۽ معاشي حالتن تي
نهايت موثر نموني ۾ لکيو. ڪيتريون اخبارون ۽ ادبي
رسالا نڪتا. ناول، افسانا، ڊراما، طنزيه، مزاحيه
مضمون ۽ ڪتاب لکيا ويا. ڪيترا نوان محاورا،
استعارا، تشبيهون ۽ لفظ استعمال ۾ اچڻ لڳا. ڌارين
ٻولين جو ادب فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو. پراڻن دورن
تي تحقيقاتي مقالا ۽ ڪتاب لکيا ويا. حقيقت ۾ جديد
دور محمد شاهه جي زماني کان شروع ٿو ٿئي. هن قسط ۾
مختصر طور قاچاري دور جي آخري حصي جي سياسي شعر
مان ڪجهه پيش ڪري مقالي کي ختم ڪنداسون.
انشاءَالله ٻيءَ قسط ۾ ادب جي مختلف صنفن تي سير
حاصل بحث ڪنداسون.
جيئن اڳي ئي بيان ڪيو ويو آهي، فارسي ادب جو هندستان ۾ جامي ۽
مغليه دور جي شاعرن تائين مطالعو ڪيو ويو آهي.
يورپ جا (مستشرقين) به، جيئن عرض ڪيو ويو آهي،
جامي تائين وسيع مطالعي کي ڪافي سمجهي خاموش رهجي
ويا. حالانڪ جديد دور بزات خود هڪ نهايت اهم دور
آهي. مشهور متشرق برائون پنهنجو ڪتاب
The Political Poetry of Persia
لکندي فارسي ديباچي ۾ جديد دور متعلق جيڪي لکيو
آهي، انهيءَ کان بهتر ترجماني نٿي ڪري سگهجي. هت
ديباچي جو اقتباس برائون جي لفظن ۾ پيش ڪجي ٿو،
جيئن قارئين اندازو لڳائي سگهن ته جديد ادب جي ڇا
حيثيت ٿي سگهي ٿي.
”مقصود اصلي از جمع و نشر اين اشعار آن ست ڪه براي برخي از
متتبعين ادبيات ايران ڪه اغلب منڪر وجود روح ادبي
در ايران ڪنوني بوده وجود شعر و شاعري را در اين
قرون اخيره در آن سرزمين معدوم ميپندارند ثابت
نمائيم ڪه آن طبع گوهر بار ايراني ڪه اشعار آبدار
قديمه را بوجود آورده نمرده است.
”بلڪه از زير آن همه ابر هاي تاريده ڪه صفحات اين مملڪت رافرا
گرفته باز آن روح فنا ناپذير مانند آفتابي ڪه زير
ابر نهفته پس از چندي باريده پرتو عالمفروزي ديگر
جلوه گر گشته است.
”اغلب متشرقين ڪه زحمت تتبع جديده ايران را بخود نداده اند چنين
تصور ميڪنند ڪه طوطي شڪر گفتار طبع شعراء و ادباي
اعصار گذشته ايران از نطق فرومانده و چندين قرن
است ڪه درين چمن خزان ديده بلبلي بترنم نيامده و
شايد هيچ نخواهد آمد. ولي اين جانب ڪه از سي و سه
سال بدين طرف عمر خودرا صرف تحصيل اين زبان ڪرده و
بواسطه ڪثرت معاشرت با آقايان ايراني تا اندازه با
اشعار و ادبيات جديد مربوط شده و چاشني آنرا چشيده
با اين عقيه اشتران ندارم و قبول آنرا دور از
انصاف و حقيقت ميدانم. و کسانيرا که برحسب عدم
اطلاع چنين عقيده و اظهار ميدارند معذور ميدارم و
عدم الوجدان ليس دليلاً علي عدم الوجود رامتذڪرم:
اي بيخبري بيخبران معذورند
ذوقي ست درين باده که مستان دافند.
مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ايران ۾ پريس جو رواج فتح علي شاهه جي
دور ۾ عباس ميرزا ۽ معتمد دونه جي ڪوششن سان پيو.
معمولي ڪتاب وغيره ڇپيا رهيا، تان جو اخبارن جو
دور آيو.(1)
”ايران ۾ فارسيءَ ۾ پهرين اخبار ناصرالدين شاهه جي
دور ۾ اٽڪل 1851ع ۾ شايع ٿي. انهيءَ کانپوءِ ٻيون
به ڪيتريون اخبارون حڪومت جي طرفان شايع ڪيون
ويون، مگر اهي رنگينيءَ کان بلڪل خالي هيون. حتيٰ
ڪه 1887ع – 1788ع ۾ جڏهن آءُ ايران هوس تڏهن به
پڙهڻ جي لائق فقط قسطنطنيه مان هڪڙي شايع ٿيندڙ
هفتيوار اخبار ”اختر“ هئي. اها اخبار 1857ع ۾ شروع
ڪئي وئي ۽ ويهن سالن تائين هلي.
پرنس مالڪم خان 1890ع ۾ لنڊن مان ’قانون‘ اخبار جو اجراءُ ڪيو،
مگر جيئن ته ’قانون‘ شاهه ۽ سندس حڪومت تي سخت
نڪته چيني ۽ حملا ڪندي هئي، انهي ڪري ايران ۾
انهيءَ اخبار تي بندش وڌي وئي هئي.
1893ع ۾ ڪلڪتي مان ’حبل المتين‘ ۽ 1898ع ۾ ’ثريا‘ ۽ 1900ع ۾
’پرورش‘ اخبارون، قاهره مان شايع ڪيون ويون. اهي
نهايت اهم اخبارون هيون جيڪي ايران کان ٻاهر
ڇپبيون هيون،(2)
تان جو 1902ع واري انقلاب جي آمد جو يقين ٿي ويو ۽
پوءِ بادشاهه ۽ اسيمبلي جو جهيڙو شروع ٿي ويو،
تڏهن ڪجهه آزاد ۽ موثر اخبارون ايران ۾ شايع ٿيڻ
لڳيون. انهن اخبارن ۾ خاص ڪري ادبي لحاظ سان ’صور
اسرافيل‘، ’نسيم شمال‘، ’مساوات‘ ۽ ’نو بهار‘ قابل
ذڪر آهن.
(1)
مٿين ۽ ٻين چند اخبارن ۾ ملڪ جي مختلف شاعرن ۽ اديبن جا سياسي ۽
حب الوطني متعلق نظم ۽ مضامين ڇپبا هئا. انهن نظمن
۾ ڪيترا اهڙا آهن جي ان وقت جي واقعن ۽ حادثات تي
روشني وجهن ٿا.
انهن شاعرن مان هتي فقط ملڪ الشعراءَ بهار، سيد اشرف گيلاني،
ميرزا علي اڪبر خان دهخدادخو، عارف قزويني، عشقي،
حبيب يغمائي ۽ پور دائود جي سياسي ڪلام جا نمونا
پيش ڪريون ٿا. سندن سوانح ۽ باقي ڪلام جو انتخاب
ٻي قسط ۾ پيش ڪبو.
بهار جو هيٺيون نظم 4 آگسٽ 1909ع ۾ ’ايران نو‘ ۾ شايع ٿيو هو.
جنهن ۾ ستار خان ۽ سندن همراهن جي تهران تي قبضي،
محمد علي شاهه جي دستبردار ٿيڻ ۽ سندس فرزند احمد
شاهه جي تخت تي ويهڻ ۽ نئين دور جي شروع ٿيڻ متعلق
واضع طور تي لکيو ويو آهي:
|