سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :12

مثلاً شهزور بادشاهه (90)، لال ملوڪ (104) ۽ امير حمزي (129) جو ساهه ’ترار‘ ۾ رکيل آهي، ۽ ’غيبي راڻي‘ جو ساهه هار جي موتيءَ ۾ محفوظ آهي (397)، اها انهيءَ ڪري رٿيل آهي ته جيئن سورمي جو ظاهري جسم هر نقصان کان آجو رهي، ڇاڪاڻ ته سورمي کي هر حالت ۾ ڪامياب بڻائڻو آهي. مرڪزي ڳالهه جي پڄاڻي هميشہ سورمي جي فتح سان ٿئي ٿي؛ مثلاً  ڀائرن جي گهاٽن گهڙڻ هوندي به ”گل انداز“ ڪامياب ٿئي ٿو (پهرين ڪهاڻي). ماٽيجي ماءُ جي منصوبي جي باوجود، لال شهزادو سوڀ کٽي ٿو (سترهين ڪهاڻي). وزير جي ويساهه گهاتين هوندي به شهزادو ولايت شاهه ڪامياب ٿئي ٿو (پنجويهين ڪهاڻي). ۽ باوجود آزمائش ۽ مشڪلاتن جي شهزادو لال ملوڪ سوڀارو ٿئي ٿو (اوڻويهين ڪهاڻي).

(ج) مرڪزي خيال: لوڪ ڪهاڻيون ڪنهن خاص مقصد يا خيال سان ڪنهن ڪين ويهي لکيون. اهي وندر ۽ ورونهه يا حڪايت خاطر غير ارادي طور اُسريون ۽ رائج ٿيون. انهن جا ڪي عنصر آڳاٽا آهن ۽ ڪي ڪردار ڪهنا آهن، مگر جيئن ته اهي انساني ذهن جي پيداوار ۽ انساني زندگيءَ جي تجربن جي يادگار آهن، انهي ڪري انهن جي سِٽاءَ ۾ عوام جي وهمن ۽ وسوسن توڙي زندگيءَ جي ڪن سماجي پهلوئن جو عڪس نظر اچي ٿو. ارادي طور ڪا به ڪهاڻي نه ڪنهن خاص مقصد سان شروع ٿئي ٿي، پر معنوي لحاظ سان، هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ مکيه نڪتو يا مرڪزي خيال سمايل آهي. ڪن ڪهاڻين ۾ ڳالهه جا هڪ کان وڌيڪ ’مکيه پهلو‘ پڻ ملندا. هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين کي مرڪزي يا مکيه خيالن جي لحاظ سان هيٺين طور ورڇي سگهجي ٿو.

همتون ۽ ڪشالا (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 4، 8، 15، 20، 25، 35، 36، 37 ۽ 38)

پهلواني ۽ زور آزمائي جا ڪارناما (ڪهاڻي نمبر 5، 6، 7 ۽ 8).

پهلواني ۽ زور آزمائي جا ڪارناما (ڪهاڻي نمبر 5، 6، 7 ۽ 36).

ٻڪرار جي سڃاڻپ (ڪهاڻي نمبر11)

بادشاهه جي سڃاڻپ (ڪهاڻي نمبر 24)

وزير جي بادشاهه کي نصيحت (ڪهاڻي نمبر23)

ڏند ڪٿا (ڪهاڻي 12، 13، 19، 28، 29 ۽ 30)

جادو ۽ فريب (ڪهاڻي نمبر 20، 21 ۽ 22)

پهاڄن جي رقابت (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 13، 27، 26، 31 ۽ 34).

ماٽيجي ماءُ جو برتاءُ (ڪهاڻي نمبر 17).

زالن جون خصوصيتون (ڪهاڻي نبر 18).

عورتن جو عقل، خوداعتمادي ۽ بخت (ڪهاڻي نمبر 33 ۽ 34).

زال جو پنهنجي عقل سان مڙس جي مدد ڪرڻ (ڪهاڻي نمبر 29، 31 ۽ 32).

زال جو مڙس کي سبق سيکارڻ (ڪهاڻي نمبر 24، 16، 27 ۽ 29).

حرفت ۽ چالاڪيءَ سان چوري (ڪهاڻي 26 ۽ 28)

کل ۽ چرچو (ڪهاڻي نمبر 9 ۽ 15)

ڪهاڻي جي کڻڻي ۽ پڄاڻي: اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ڪهاڻيون آڳاٽي دور ۾ اُسريون ۽ ڪافي آڳاٽي وقت کان رائج ٿيون. اول، جن به شخصن تي جيڪي ٿي گذريو سو انهن پنهنجن ساٿين سان بيان ڪيو؛ پوءِ سورهين جا ڪارناما وڏن ننڍن کي ٻڌايا ۽ انهن پنهنجي اولاد کي سڻايا. جيئن وقت وچان پوندو ويو تيئن حقيقتن تي حڪايتن جو رنگ چڙهندو ويو، تان جو حقيقي ڪشالا ۽ ڪارناما، قصا ۽ ڪهاڻيون بنجي ويا. اهي ڪهاڻيون پوءِ محض وندر ۽ نصيحت خاطر وزيرن بادشاهن کي ٻڌايون ۽ وڏڙن ننڍڙن کي سڻايون. آخر ڪهاڻين جي عام مقبوليت سببان سگهڙ ساماڻا جن ڪهاڻي کڻڻ کي ’قصه خواني جي فن‘ واري درجي تي پهچايو. ٻڌندڙن جي تفريح خاطر، انهن ڪهاڻي کڻندڙن ۽ قصه خوانن پنهنجي بيان ۾ رنگيني پيدا ڪئي، ۽ ڪهاڻيءَ جي کڻڻي ۽ پڄاڻي توڙي وچ واري ٽيڪا لاءِ خاص الفاظ ۽ محاورا، اصطلاح ۽ جملا ايجاد ۽ استعمال ڪيا. ڪهاڻي کڻڻ جي انهيءَ فني پهلوءَ تي اسان لوڪ ادب سلسلي جي ستاويهين ڪتاب ”ڳاهن واريون ڳالهيون“ جي مقدمي ۾ وڌيڪ روشني وڌي آهي.

سنڌ ۾ بادشاهن جي ڳالهين جي شروعات اڪثر هنن عام مشهور لفظن سان ڪندا آهن ته ”بادشاهن جو بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هڪ زماني جو بادشاهه هو-الخ“. مثلا، هن مجموعي ۾ پهرين ڪهاڻي، ”گل انداز بادشاهه“، هن طرح شروع ٿئي ٿي ته ”هڪڙو هو بادشاهه. بادشاهه ته پاڻ الله آهي، پر هو زماني جو بادشاهه هو“ (1)؛ نائين ڪهاڻي، ”ڪرمان ۽ ڪوري بادشاهه“، هن طرح شروع ٿيل آهي ته “بادشاهن جو بادشاهه رب پاڪ آهي، پر ڪوڙي زماني جو هڪڙو ڪو بادشاهه هوندو هو الخ“ (250)؛ ۽ ستٽيهين ڪهاڻي ”ڏتڙيل شهزادي“ جي شروعات هن طرح ڪيل آهي ته “هڪڙو هو بادشاهه بادشاهه ته پاڻ خدا تعاليٰ آهي، پر هيءُ به هڪ زماني جو بادشاهه هو الخ“ (461) بعضي مختصر لفظن سان ڪهاڻي شروع ڪندا ته “چون ٿا ته“، ” ڳالهه ٿا ڪن“ (838). ڪهاڻيون کڻندي ڳالهه جي وچ ۾ پڻ ٽيڪا طور ڪي خاص جملا استعمال ڪندا، جيئن ته هن مجموعي جي نائين ڪهاڻي ”ڪرمان ۽ ڪوري بادشاهه“ جي ڳالهه هلندي وچ ۾ هڪ خاص معترضو جملو آندل آهي ته ”خير! ڳالهيون سگهيون پوريون ٿين، ڏينهن پنهنجي مدي تي گذرن“ (103) ڪهاڻي جي ختم ٿيڻ يا پڄاڻيءَ تي اڪثر چوندا آهن ته ”اسان ڪالهه به اهي پاڻ ۾ خوش ۽ کلندا ڏٺا هئا“. مثلا هن مجموعي ۾، ڇٽيهين ڪهاڻي ”شينهن مار شهزادو“ جي پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي ته ”ڪالهه ڏٺوسين ته شهزادي ۽ شهزاديءَ، محلات جي دريءَ ۾ بيهي خوش، راس، ڏاڍا ٽهڪ بيٺي ڏنا...“ (470). مجموعي طور سان نائين ڪهاڻي، ”ڪرمان ۽ ڪوري بادشاهه“ (150)، فني اعتبار سان ڪهاڻي جي کڻڻي، وچ واري ٽيڪا توڙي آخري پڄاڻيءَ جي لحاظ سان نسبتاً هڪ عمدو مثال آهي؛ ۽ پڻ اٺاويهين ڪهاڻي ”لعل بادشاهه ۽ هيرا راڻي“ (260) اسلوب بيان جي لحاظ سان هڪ سهڻو مثال آهي.

ڪهاڻي جي روايت ۽ صحت: سنڌي ڪهاڻيون گهڻو ڪري سڀ زماني روايتون آهن جي سيني به سيني هلنديون آهن. جيئن ته انهن جو مدار محض زباني روايت تي آهي ۽ نه ڪنهن لکيل متن تي، انهيءَ ڪري جنهن به ماڻهوءَ کي ڪابه ڪهاڻي ياد آهي ته ان کي هو پنهنجي زباني بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي لفظن ۾ ئي ادا ڪري ٿو. صرف ڪهاڻي جو بنيادي خاڪو ۽ ان جي ٽاڻن ٽڪاڻن جو سلسلو آڳاٽو آهي جو وڏن کان ننڍن تائين پهتو آهي، باقي اسلوب بيان هر راويءَ جو پنهنجو آهي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي گڏ ڪرڻ وقت اهو خاص احتياط رکيو ويو آهي ته هر هڪ ڪهاڻيءَ کي راويءَ جي پنهنجن لفظن ۾ قلمبند ڪيو وڃي، جيئن نه صرف ڪهاڻي جي خاڪي ۽ سٽاءَ، بلڪه ان جي الفاظ ۽ اداءَ جي اصليت پڻ حتي المقدور قائم رهي.

هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان قلمبند ڪيون ويون. بعضي ساڳي ڪهاڻيءَ جون جدا جدا روايتون مليون جن مان جيڪي بالڪل ناقص هيون تن کي ڇڏيو ويو، باقي جملي پوريون توڙي اڻ پوريون روايتون ڀيٽي متن تيار ڪيو ويو ۽ ان ۾ صرف ايتري ترميم ڪئي وئي ته جملا صحيح ۽ سولا ٿي بيهن. مجموعي طور سان ڪهاڻي جي هر مڪمل روايت کي هڪ مستقل روايت طور قلمبند ڪيو وي آهي، باقي هڪ جهڙين يا قدري ناقص روايتن کي ڀيٽي انهن ما هڪ جامع روايت تيار ڪئي وئي آهي.

هن ڪتاب ۾ شامل اوڻيتاليهين ڪهاڻين مان هر هڪ ڪهاڻيءَ جون جيڪي روايتون جتان به مليون آهن تن جا حوالا ڪتاب جي آخر ۾ شامل ’ضميمي‘(477-480) ۾ ڏنا ويا آهن. ڪن ڪهاڻين جي هڪ روايت ته ڪن جون هڪ کان وڌيڪ روايتون مليون آهن، جن جو ضلعي ۽ تعلقيوار وچور هيٺئين طرح آهي، ڏنل انگ ڪتاب ۾ ڪهاڻين جو سلسليوار نمبر ڏيکارين ٿا.(1)

مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيندو ته ڪي ساڳيون ڪهاڻيون اتر، وچولي توڙي لاڙ ۾ رائج آهن. مثلاً  پهرين ڪهاڻي ”گل انداز بادشاهه“ جون چار روايتون هر هڪ روهڙي، قنبر، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد تعلقن مان مليون، پنجين ڪهاڻي ”شهزور بادشاهه“ جون پڻ چار روايتون هر هڪ پني عاقل، مٺي، بدين ۽ حيدرآباد تعلقن مان مليون؛ ۽ اوڻٽيهين ڪهاڻي ”شهزادو لال ملوڪ“ جون ٽي روايتون واره، ٺٽي ۽ حيدرآباد تعلقن مان مليون. ڪن ڪهاڻين جي مڪمل روايت فقط هڪ ڀاڱي مان ملي آهي پر انهن جا ڪي ٽاڻا ۽ واقعا ٻين ڀاڱن مان مختلف نالن سان مليل ڪهاڻين سان ملن ٿا: مثلا ستين ڪهاڻي ”امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻي“ فقط تعلقي اوٻاوڙي مان ملي، مگر ان جا ڪي واقعا ساماري تعلقي مان مليل ڇهين ڪهاڻي ”لال ملوڪ بادشاهه“ جا ڪي واقعا پاڻ ۾ ملن ٿا. ان مان ظاهر آهي ته آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ ڪهاڻيون عام مقبول ۽ مروج رهيون آهن، جو راوين اُتر واريون ڪهاڻيون لاڙ ۽ لاڙ واريون اُتر تائين پهچايون. جيڪڏهن ڪهاڻين جو ذوق ايترو عام نه هجي ها ته هر ڪهاڻي جو دائرو مڪاني طور محدود هجي ها..

جن ڪهاڻين جون هڪ کان وڌيڪ روايتون مليون تن جي ڀيٽڻ سان ڪهاڻين جي سِٽاءَ ۽ سلسلي جي صحت قائم ڪئي وئي آهي، مگر جن ڪهاڻين جون فقط اڪيليون روايتون مليون تن مان ڪن ۾ روايت جا سُقم باقي آهن. جيئن ته ستين، پنجويهين ۽ ٽيٽيهين ڪهاڻيءَ ۾ جن ڏانهن هيٺ اشارا ڪجن ٿا:

ستين ڪهاڻي ”امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻي“ ۾ ديو امير حمزي جي ڪنوار کي جهلي ٿو محض انهيءَ لاءِ ته امير حمزو انهيءَ بهاني سان وٽس اچي. جڏهن امير حمزو آيو ته ديو کيس نهايت عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته ’ڏڦيل ديو‘ کانئس ڪڻڪ راڻي کسي ويو آهي جا امير حمزو مهرباني ڪري کيس وٺي ڏئي. امير حمزي جو جواب همدردي ۽ دلداري وارو آهي ۽ هو ديو کي ”چڱو يار!... الا توهار“ چئي موڪلائي سندس انهيءَ ڪم سان وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪنوار کي وٽس ئي ڇڏي وڃي ٿو (117). امير حمزي جي انهي مرداني ڪردار جي فطري طور اها تقاضا آهي ته ’ڪڻڪ راڻي‘ آزاد ڪرائي اچي هن ديو کي پهچائي. پر راوي جي پنهنجي غلطي يا ندس ٻڌل غلط روايت سببان، جڏهن امير حمزو ڏڦيل ديو کي ماري ڪڻڪ راڻيءَ کي آزاد ڪري ٿو ته سندس صحبت ۾ غرق ٿي وڃي ٿو(226)، نه فقط ايترو پر جڏهن واپس ديو وٽ موٽي اچي ٿو ته باوجود انهيءَ جي جو ديو نهايت نيازمنديءَ سان ڳالهائي ٿو ته به امير حمزو غيرت ۽ خار (؟) وچان ترار ڪڍي هڪ ئي ڌڪ سان سندس سسي ڌار ڪري ڇڏي ٿو (134). ڪهاڻيءَ جي سِٽاءَ جي لحاظ سان ايئن ڪرڻ امير حمزي جي ڪردار جي خلاف آهي ۽ ظاهر آهي ته اها روايت غلط آهي.

پنجويهين ڪهاڻي ”ولايت شاهه“ واري جي آخر ۾، ولايت شاهه کي ٽي خاص وٿون. لٺ، مڻيو ۽ سرمو ملن ٿيون (315). ڪهاڻيءَ جي انهيءَ سٽاءَ جي تقاضا آهي ته وڌيڪ ڪارناما ڪري ۽ اهي وٿون کيس ڪم اچن. يا گهٽ ۾ گهٽ انهن وٿن جا ڪرتب بادشاهه کي ڏيکاري يا انهن جي زور تي ظالم وزير کي مات ڪري. پر ڀانئجي ٿو ته راوي وٽ هن ڪهاڻيءَ جي انهي آخري ڀاڱي جي روايت کٽل هئي، جنهن ڪري اهي وٿون جيئن ولايت شاهه کي ملن ٿيون تيئن بنا استعمال جي وٽس رهن ٿيون ۽ ڪهاڻي پوري ٿي وڃي ٿي.

شهزادي ”ساعت ملوڪ“ واري ٽيٽيهين ڪهاڻيءَ ۾ ساعت ملوڪ کي هڪ فقير ملي ٿو جو ساڻس نيازمنديءَ سان پيش اچي ٿو ۽ کيس ”سيلهي ڏنڊو“ تحفو ڪري ڏئي ٿو. ساعت ملوڪ طرفان پهريائين انهي فقير تي سيلهي ڏنڊي جو وار ٿئي ٿو. اڳتي وري ٻيو فقير ساعت ملوڪ سان محبت سان ملي ٿو ۽ کيس ”فوري طعام مهيا ڪندڙ ديڳڙي“ سوکڙي ڪري ڏئي ٿو، پر ان کي پڻ سيلهي ڏنڊي سان مارايو وڃي ٿو (432). ظاهر آهي ته اها راويءَ جي پنهنجي غلطي آهي، جنهن بنا سوچ سمجهه جي ساعت ملوڪ جي سڄڻن تي سيلهي ڏنڊي جو وار ڪرائي کين مارايو آهي، ڇو ته اڳتي ٽيون فقير ساعت ملوڪ کي ”اُڏند کٽولي“ تحفي طور ڏئي ٿو، پر اُ کي ڪونه ٿو ماريو وڃي.

باوجود زباني روايتن جي انهن جزوي خامين جي، ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو سنڌي لوڪ ادب جو هڪ قيمتي سرمايو آهي جنهن کي وڏي ڪوشش ۽ احتياط سان سهيڙيو ويو آهي ۽ ڪافي ڌيان سان سوڌيو ۽ سنواريو ويو آهي.

  

*-------------*-----------*


ڊاڪٽر ممتاز ڀٺاڻ

منصوره

(بيهڪ ۽ جا گرافيائي پس منظر)

 

نوٽ _ سنڌ جي تاريخ، توڙي ان جا آثار قديم،دڙا ۽ ڀڙا، پنهنجي تهذيبي لحاظ سان، تاريخ کان اڳ واري دور ۾، انسانذات جي ارتفائي تهذيب ۾ نه فقط اوليت جو شرف رکن ٿا، پر ان سان گڏ، علم الاقوام، متعلق به عبرت انگيز داستان منجهن مد فون آهي موهن جو دڙو، ۽ هڙاپا اڄ به دنيا جي عظيم ترين تهذيبي قدامت جا نشان آهن. انهن کان پوءِ تاريخ جي دور ۾، سنڌ ۾ جي مرڪزي شهر بنيا، ۽ حادثن جو شڪار بنجي دٻجي، ناس ٿي ويا. تان جو سندن نالو ۽ نشان به زمين تي نٿو نظر اچي، انهن جو تعين، انهن جو محل وقوع _ انهن جو جاگرفيائي پس منظر، هڪ اهم علمي موضوع آهي.

        هن کان اڳ ان موضوع تي ڪيئي ڪتاب، مختلف ٻولين ۾ ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌ جي پراڻن شهرن متعلق گهڻو ڪجھ لکيو ويو آهي.

        مثلا، ديبل ۽ ان جي محل وقوع متعلق، جناب ڊاڪٽر بلوچ جي علمي تحقق، علمي دنيا کي ڪافي متاثر ڪيو آهي، تان جو آثار قديم پاڪستان جي محققن به ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جو نه فقط داد ڏنو آهي، پر تائيد به ڪئي آهي.

اسان هت سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻئي ممتاز فاضل جناب ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو مقالو ”منصوره“ متعلق پيش ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر صاحب، عرب ۽ مغربي محققن جي تحقيق کي ناقدانه نظر سان پرکي، منصوره جو محل وقوع متعين ڪيو آهي. سندس ان موضوع جي ماخذات ۾ سعودي، ياقوتالحموي، الادريسي، بلاذري، ابوالفداء، البيروني، ابن الاثير، ابن خلدون الاصطخري، ابن حوقل، بشاري مقدسي، کان سواءِ مغربي عالمن سان هينري ڪزنس، بلاس، ڪنگهام ۽ هيگ جھڙا جاگرافيدان، سياح، محقق ۽ مورخ اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو آهي ته منصوره، دراصل ’دلور‘ جو دڙو آهي، ۽ برهڻ آباد کي ڌيپر گهنگهري سان منسوب ڪري ٿو. اميد ته اهل زوق لاءِ هي هڪ علمي بحث ثابت ٿنيدو _...گرمي.

عربي دور ۾ سنڌ جو تختگاه

        منصوره جو لفظ ”نصر“ مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب آهي مدد ڪيل يا فتح ڪيل ۽ گمان غالب آهي ته منصوره شهر جو بنياد پوڻ ڪنهن وڏي سوڀ جو ياد گار آهي جا عربن سنڌ جي ماڻهن مٿان حاصل ڪئي هئي.

        مشهور عرب جاگرافيدان ابوالحسن علي المسعودي جو چوڻ آهي ته منصوره شهر جو نالو منصور ابن جمهور الڪلبي جي نالي تان ورتل آهي جو بنواميه جي آخري دور ۾ سنڌ تي زبردستيءَ سان قبضو ڪري ويٺو هو. زڪريا قزويني جنهن المسعودي جي پوئواري ڪندي     چين تائين مشرق جي ملڪن جو دورو ڪيو هو ۽ جنهن کي يورپ جا محقق ”مشرق جو بليني“ ڪري سڏين ٿا، المسعودي جي رايي کي رد ڪندي چوي ٿو ته منصوره شهر انهي نالي سان انهيءَ ڪري سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس بنياد عباسي دور جي اوائلي حصي ۾ عباسي خليفي ابوجعفرالمنصور جي زماني ۾ رکيو ويو هو ۽ ان  کي ”منصوريہ ثاني“ به ڪري سڏيندا هئا. زڪريا قزويني جي راءِ جي تائيد ڪندي ابن الوردي القرشي ٻڌائي ٿو ته منصوره جو شهر ابوجعفرالمنصورئي ٻڌايو هو جو عباسي گهراڻي جو ٻيو خليفو ٿي گذريو آهي.

        ياقوت الحموي جو تيرهين صدي عيسوي جو هڪ وڌو جاگرافيدان عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي منصوره جي وجود ۾ اچڻ لاءِ ٽي نظريا پنهنجي مشهور ڪتاب معجم البلدان ۾ قلمبند ڪيا آهن. حسن ابن احمد المهلبي جو حوالو ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته منصوره جو شهر عباسي خليفي ابوجعفر المنصور جي حڪومت جي دور ۾ ٻڌو ويو هو ۽ سندس نالي سان ئي مشهور آهي. ان جو بنياد رکندڙ انهيءَ نظريي مطابق عمرو ابن حفص الهزار مرد المهلبي هو جو انهيءَ وقت عباسين پاران سنڌ جو گورنر هو. ٻه ٻيا نظريا جنهن ۾ هن المسعودي ۽ هشام جا حوالا ڏنا آهن منصور ابن جمهورالڪلبي کي ئي منصوره جي سچي بانيءَ سمجھڻ جي حق ۾ آهن. ياقوت جي راءِ ڏيڻ کان اڳ هڪ ٻئي وڏي جاگرافي جي ماهر شريف الادريسي به انهيءَ ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي ته منصوره شهر جو بنياد عباسي خليفي ابوجعفر المنصور جي زماني ۾ ئي رکيو ويو هو ۽ سندس ئي نالي سان منسوب آهي. انهيءَ جي وضاحت ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ابوجعفرالمنصور جي زماني ۾ چار نوان شهر ٻڌايا ويا هئا جن جا نالا هي آهن. بغداد عراق ۾، منصوره سنڌ ۾، مصيصه شام ۾ ۽ رفيقه جزيره ۾.

        يحيٰ ابن جابرالبلاذري جو هڪ تمام جھونو تواريخ نويس تسليم ڪيو وڃي ٿو ان جو انهن سڀني جي برعڪس هي خيال آهي ته منصوره شهر جو بنياد رکندڙ عمرو ابن محمد ابن قاسم الثقفي هو جنهن انهيءَ شهر کي سنڌ جي گورنر حڪم ابن عوانه الڪلبي جي دور ۾ ٻڌايو هو. هن اسان جي ڄاڻ لاءِ منصوره شهر جي ٺهڻ بابت مفصل بيان قلمبند ڪيو آهي جنهن مان ان جي بنياد پوڻ جي پوري پروڙ پوي ٿي. هو لکي ٿو ته بنواميه جي ستين خليفي هشام ابن عبدالملڪ جي خلافت جي دور ۾ تميم ابن زيد العُتبي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو جو سڀاء جو حليم ۽ خولريزيءَ کان پاسو ڪندڙ هو. سندس نرم پاليسي(جنهن کي ڪمزوريءَ سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي) جو وجھ وٺي سنڌين وري پنهنجي ملڪ تي قبضوڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ عرب گهراڻن کي جن اتي بود وباش اختيار ڪئي هئي سنڌ مان تڙڻ شروع ڪيو. تميم کان پوءِ حڪم ابن عوانه الڪلبي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو جو جڏهن سنڌ ۾ آيو ته ان کي عربن لاءِ ڪا به  محفوظ جڳهه رهڻ لاءِ نظر نه آئي. هن انهيءَ خيال کان ته سڀني عرب قبيلن کي ڪنهن هڪ محفوظ جاءِ تي گڏ ڪجي ته جئن هو محفوظ ٿي رهن هڪ نئين شهر جو بنياد رکيو جنهن کي هن ’محفوظﮣ‘ جو نالو ڏنو. اهو شهر البلاذري  جي چوڻ موجب هڪ وڏي ڍنڍ يا درياء جي پيٽ جي ساڄي ڪپ تي هندو ستان جي سرحد جي آمهون سامهون ٻڌايو ويو هو جئن هندوستان مان ٿيندڙ حملي کي پوريءَ طرح سان منهن ڏيئي سگهجي. حڪم ابن عوانه الڪلبي جو هي نئون ٻڌايل شهر نه فقط مسلمانن لاءِ هڪ حفاظت جي جاءِ بنجي ويو پر ان سان گڏ عربن لاءِ فوجي مرڪز ٺهي ويو جتان سندن فوج سنڌ جي بغاوت پسند ماڻهن جي سرڪوبي ڪري ٿي سگهي. انهيءَ مان فائدو اهو ٿيو جو بغاوتن کي ٻنجو اچي ويو ۽ سنڌ جو ملڪ مري نئين سر فتح ڪيو ويو. حڪم ابن عوانه الڪلبي پنهنجي صلاحڪارن مان هڪ کي جنهن جو نالو عمرو ابن محمد ابن القاسم الثقفي ٻڌايو ويو آهي جو محمد ابن القاسم الثقفي جو فرزند هو، البلاذري جي بيان موجب ڪنهن وڏي مهم تي روانو ڪيل هو جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويو. انهيءَ ڪاميابيءَ جي ياد ۾ عمرو وري هڪ ٻئي شهر جو بنياد وڌو جنهن جو نالو هن ’منصوره‘ رکيو. اهو شهر هن انهيءُ ڍنڍ يا نديءَ جي ٻئي ڪپ تي ’محفوظہ‘ جي بلڪل آمهون سامهون ٺهرايو هو.

        البلاذري جي بيان جي تائيد وسطيٰ دور جي ٻن وڏن تاريخ جي ماهرن ابن الاثير ۽ ابن خلدون پڻ ڪئي آهي جن گهڻو ڪري ساڳئي بيان کي پنهنجي ڪتابن ۾ ساڳين لفظن ۾ اتاريو آهي. انهن ٻنهي جو به اهو رايو آهي ته منصوره شهر جو بنياد عمرو ابن محمد ابن القاسم الثقفي ئي رکيو هو جو سندن خيال موجب انهيءَ شهر جو سچو باني ۽ ٺهرائيندڙ هو.

        اليعقوبي جنهن کي البلاذري وانگر انهيءَ دور جو همعصر کڻي چئجي، ٻڌائي ٿو ته حڪم ابن عوانه الڪلبي جڏهن سنڌ جو گورنر مقرر ٿو آيو ته هن اچڻ  سان ڪڇ تي حملو ڪيو هو ۽ ان جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ محفوظه جو شهر ٻڌائي سڄي ملڪ کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. سندس گورنريءَ جي دور ۾ عمرو ابن محمد ابن القسم الثقفي جو ساڻس گڏ آيو هو درياء جي ٻيءَ ڀر هڪ ٻيو شهر ٻڌايو جنهن جو نالو هن ’منصوره‘رکيو.

        ابو ريحان البيروني جو يارهين صدي عيسوي جو هڪ وڏو محقق ٿي گذريو تنهن منصوره جي وجود ۾ اچڻ بابت هڪ بلڪل مختلف ۽ نرالو خيال پيش ڪيو آهي جو ڪنهن سان به ٺهڪي ڦهڪي نٿو اچي. سندس چوڻ آهي ته محمد ابن القاسم سنڌ ۾ سجستان جي طرف کان داخل ٿيو ۽ سڄي ملڪ کي قبضي ۾ آڻڻ بعد بر همڻ آباد تي ’منصوره‘ ۽ ملتان تي ’معموريه‘ جو نالو رکيو. ابوالفضل جو اڪبر جي دربار جو هڪ رتن ۽ مشهور عالم ٿي گذريو آهي، ان جو قول آهي ته بکر جو شهر جو اتر سنڌ ۾ درياء جي وچ ۾ ٻڌل آهي اصل ۾ ’منصوره‘ هو. سندس راءَ جو گمان شديد انهيءَ ڳالهه تي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ملڪ جي فتح کان پوءِ عربن ان جي تختگاهه ’الور’ جو نالو ڦيرائي’منصوره‘ رکيو جئن سندن سوڀ سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي يادگار طور ثابت ٿئي. هاڻي  سوال ٿو اٿي ته منصوره جو سچو باني هو ڪري؟

        انهن محققن مان جن جا رايا مٿي ڏنا ويا آهن فقط المسعودي هڪ اهڙو آهي جو سنڌ  ۾ آيو هو پر منصوره جي بنياد پوڻ ۽ ٺهڻ بابت سندس بيان تاريخي سچائيءَ جي بلڪل ابتڙ آهي. سندس اهو چوڻ ته منصور جو باني ابن جمهور الڪلب هو بلڪل غلط آهي. منصوره شهر جو وجود منصور ابن جمهورالڪبي جي سنڌ ۾ اچڻ کان آڳاٽو هو جنهن کي هُن بعد ۾ اچي گهرايو ڪيو هو. چيو وڃي ٿو ته منصور ابن جمهور جي شرارتي ۽ نفاق پيدا ڪندڙ طبيعت کان واقف ٿي کيس منصوره جي گورنر يزيد ابن عرار منصوره جي حدن اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو. منصور ان ڪري چال کان ڪم وٺي سيوهڻ تي قبضو ڪري ويهي رهيو ۽ اتي ئي هن منصوره تي حملي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. نتيجو اهو نڪتو جو منصور طاقت ۾ اچي يزيد کي شڪست ڏني ۽ منصور تي قبضو ڪيو. جيڪڏهن اسين انهيءَ ڳالهه جي تائيد ٿا ڪريون ته منصوره جو شهر منصور  ابن جمهورالڪلبي ٻڌايو هو ته پوءِ اعتراض ٿو اٿي ته هُن ڪيئن ان تي ٺهڻ کان اڳ حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو هو؟ منصوره جو شهر سندس اچڻ کان اڳ بنواميه جي ٻن گورنرن عمرو ابن محمد ابن القاسم الثقفي ۽ يزيد ابن عرار جي دور ۾ سنڌ جو دارالحڪومت رهي چڪو هو. ساڳيءَ ريت اهو خيال به اعتبار جوڳو نه آهي ته منصوره عباسي خليفي ابوجعفر منصور جي زماني ۾ ٺهيو هو. منصوره جو شهر عباسين جي طاقت ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ بنو اميه جي گورنرن جو تختگاهه ۽ فوجي ڇانوڻي ٿي رهيو هو. انهي ۾ شڪ نه آهي ته منصوره غاصب کان عباسين  ئي اچي ڇڏايو هو پر اهو اڳئي وجود ۾ اچي چڪو هو. ٿي سگهي ٿو ته عمرو ابن حفص الهزار مرد المهلبي جو ابو جعفرالمنصور جي دور ۾ سنڌ جو گورنر هو، خليفي جي نالي کي مشهوري ڏيڻ لاءِ شهر کي ڏانهس منسوب ڪري ماڻهن ۾ پروپئگنڊا ڪرائي هجي ته اهو شهر عباسي خليفي ئي ٺهرايو آهي ۽ ان جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. عمرو ابن حفص المهلبي کان پوءِ جيڪي به سنڌ ۾ گورنر آيا سي عباسين جا پگهاردار نوڪر هئا ان ڪري ان ڪري انهن پاليسيءَ جي ماتحت انهيءَ ڳالهه کي وڌيڪ شهرت ڏيئي ماڻهن ۾ مشهور ڪرايو ته منصوره جو باني ابومنصور هو.

        اهو انومان به ھلط آهي ته منصوره شهر جو نالو محمد ابن القاسم ئي رکيو هو جيئن البيروني چوي ٿو. اهڙي ڪابه سند نه ته اوائلي ڪتابن ۾ ئي ملي ٿي ۽ نه وري ان جي تصديق بعد ۾ لکيل ڪتابن ۾ ٿيل آهي. ممڪن آهي ته البيرونيءَ جو اهو پنهنجو خيال هجي جو انهيءَ ڳالهه تي منحصر هجي ته وڏي ۾ وڏي سوڀ جا سنڌ ۾ عربن کي نصيب ٿي سا محمد ابن قاسم جي هٿان ٿي هئي، ان ڪري ٿي سگجي ٿو ته هن بر همڻ آباد جو نالو ڦيرائي منصوره رکيو هجي. ٻي ڳالهه جنهن کيس انهيءَ راءِ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي سا هي به ٿي سگهي ٿي ته سندس وقت ۾ منصوره جو شهر ٻن نالن ’برهمڻ آباد‘ ۽ ’ منصوره‘ جي نالن سان مشهور هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ابوالفضل جنهن بکر کي منصوره سمجھڻ ۾ پاڻ کي ۽ پوين کي وڏي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي پنهنجي نظر ۾ عرب جا گرافيدانن جي بيانن تي قائم ڪيو هجي جن جو متفق طور چوڻ آهي ته منصوره درياء جي ٻن شاخن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل هو. سندس انهيءَ خيال جو دارومدار شايد انهيءَ ڳالهه تي به هجي ته عرب حڪومت جو مرڪز ضرور ’الور‘ جي پاسي ۾ ٺهرايو ويو هوندو جو عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. ابوالفضل جي هن نظريي جي تائيد سيد سليمان ندويءَ جھڙي عالم به ڪئي آهي جنهن جي سنڌ ملڪ بابت ڄاڻ بلڪل محدود ڏسڻ ۾ ٿي اچي.

        اوائلي نسخن توڙي بعد ۾ لکيل مستند ڪتابن ۾ صاف طور واضح ڪيو ويو آهي ته ’منصوره‘ جو شهر ’برهمڻ آباد‘ جي ڀرسان ڇهن ميلن جي فاصلي تي ٻڌو ويو هو ۽ ان جي بيهڪ’محفوظه‘ جي بلڪل آمهون سامهون درياءَ جي ٻئي ڪپ تي هئي، جو حڪم ابن عوانته الڪلبي ٻڌو هو. انهن بيانن مان اهو به ظاهر ٿي چڪو آهي ته ‘منصوره‘شهر جو بان عمرو ابن محمد ابن القاسم الثقفي هو جو بعد ۾ حڪم ابن عوانه جو جانشين ۽ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. افسوس اهو آهي جو منصوره جي بنياد پوڻ جي وقت جو ڪوبه پتو تاريخن مان نٿو ملي ان ڪري اسان کي انومان کان ئي ڪم وٺڻو پوي ٿو. ٻڌايو ويو آهي ته حڪم ابن عوانه الڪلبي جنهن سان عمرو سنڌ ۾ آيو هو عراق جي نامياري اموي وائسراءِ خالد ابن عبدالله القسريءَ جو مقرر ڪيل هو. خالد15 سال(105هه کان 120هه) تائين طاقت ۾ هو ۽ حڪم سندس دور جو ٻيو گورنر هو جو سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو. جيڪڏهن اهو گمان ڪجي ته حڪم جو تقرر110هه کان پوءِ ٿيو آهي ته پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهجي ٿو ته ’منصوره‘ جو بنياد110هه کان 120هه ڌاري پيو هجي. جيئن ته حڪم اچڻ سان ئي فتوحات جو سلسلو جاري رکيو ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته منصوره جو شهر115هه ڌاري وجود ۾ آهي هجي ڇڪاڻ ته اهو ’منصوره‘ شهر کان پوءِ هڪدم ٻڌايو ويو هو.

        هينري ڪزنس جنهن سنڌ جي قدامت تي هڪ ڪتاب لکيو آهي ۽ جو بلاذريءَ جي بيان سان بلڪل متفق آهي چوي ٿو ته منصوره جو شهر عمرو ابن محمد ابن القاسم الثقفي ئي ٻڌايو هو. راورٽي جنهن وادي-سنڌ تي مهراڻ نالي هڪ ڪتاب قلمبند ڪيو آهي ٽن وڏن ليکڪن بلاذري، مسعودي ۽ ادريسي، جن هڪٻئي کان بلڪل مختلف رايا ڏنا آهن، انهن سان اتفاق راءِ ڪندي پنهنجو فيصلو هيئن بيان ڪيو آهي. چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ٽيئي ليکڪ صحيح آهن  ته پوءِ منصوره جو بنياد حڪم جي زماني ۾ پيو، منصور ابن جمهور جي زماني ۾ وري کيس اجاريو ويو ۽ ’منصوره’ نالي کي وري نئون روپ ڏيئي ابوجعفر منصورجي نالي سان مشهور ڪيو ويو؟

منصوره جي بيهڪـ : منصوره جي بيهڪ بابت به عالمن ۾ اختلاف آهي پر سڀئي گهڻو ڪري انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ان جو بنياد يا ته برهمڻ آباد واري پراڻي هنڌ تي رکيو ويو هو  يا ڪم از  ڪم انهيءَ جي ويجھو ٺاهيو ويو هو. سڀ کان اڳ بلاذري جي شهادت موجود آهي جو ٻڌائي ٿو  ته منصوره جو شهر درياء (يا ڍنڍ ) جي الهندي ڪپ تي ’محفوظه‘ جي بلڪل آمهون سامهون ٻڌايو ويو هو . هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته منصوره جو شهر بر همڻ آباد کان ٻن فرسخن (يعني ڇهن ميلن ) جي فاصلي تي ٻڌايو ويو هو، ڇا ڪاڻ ته  بر همڻ آباد ان وقت زبون ٿي چڪو هو. حمزه الاصفهائي جو حوالو ڏيندي ياقوت الحموي ٻڌدائي ٿو ته ’منصوره‘جو ٻيو نالو ’بهمن آباد‘ هو، ۽ هو سنڌ جو پراڻو تختگاهه هو ۽ ان جي بيهڪ 93 ڊگريون اتر ۽ اوڀر 22 ڊگريون ڏکڻ اوڀر جي وچ ۾ هئي. پنهنجو بيان جاري رکندي هو وڌيڪ چوي ٿو ته درياء جي هڪ شاخ شهر کي ڦيرو  ڏيئي وريو وڃيو مکيه و هڪري سان ملي جنهن ڪري منصوره جو شهر ٻيٽ مثل ٻئي ڏ‎ٺو. 

        ابو اسحاق الاصطخري جنهن اسلامي دنيا جي ملڪن جو گشت ڪري پنهنجو ڪتاب ’المسالڪ الممالڪ‘ ڏهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري پورو ڪيو هو لکي ٿو ته ’منصوره شهر جو سنڌي نالو بر همڻ آباد هو. اهو شهر اٽڪل هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو هو ۽ ان کي چئن طرفن کان درياء وهندڙ هو. سندس چوڻ موجب منصوره جو شهر درياء جي مکيه وهڪري جي الهندي ڪپ تي هو ۽ ان جي آب هوا تمام گهڻي گرم هئي. کانئس پوءِ هڪ ٻيو جاگرافي جو ماهر ابن حقل نصيبي جو اصطخري کان پوءِ سنڌ ۾ آيو هو تنهن ساڳيو بيان پنهنجي ڪتاب ”صورة الارض“ ۾ قلمبند ڪيو آهي. هن اسان جي ڄاڻ لاءِ هڪ نقشو به ڇڏيو آهي جنهن مان سنڌ جي ڪن شهرن جي بيهڪ جو اهڃاڻ ملي ٿو. سندس نقشي ۾ منصوره درياء جي ٻن شاخن جي وچ ۾ ڏيکاريل آهي. ساڳئي وقت اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته مهراڻ جو درياء ڪلري شهر وٽ ٻن شاخن ۾ ڦٽي ٿو. اڀرندي واري شاخ جنهن کي اصطخري درياء جو مکيه وهڪرو ٻڌايو آهي هڪ وڏو گول ڦيرو کائي وڃيو ٻي شاخ سان ملي. ابن حوقل جو اصطخري سان فقط هن ڳالهه ۾ اختلاف آهي جو ابن حوقل اصطخري جي ابتڙ منصوره جي بيهڪ الهندي واري شاخ جي اڀرندي ڪپ تي مقرر ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ موجب ديبل مان ايندڙ ماڻهن کي منصوره ڏانهن ويندي درياء اڪرڻو پوندو هو.

        شريف الادريسي، اصطخريءَ جي تائيد ڪندي ٻڌائي ٿو ته منصوره جو شهر مکيه وهڪر يعني اڀرندي واري شاخ جي الهندي ڪپ تي ٻڌل هو ۽ ان جي شڪل هڪ ٻيٽ مثل هئي. البيروني جنهن ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ پنهنجي تصنيف ’ ڪتاب الهند‘ پورو ڪيو هو لکي ٿو ته ” منصوره جو شهر جنهن کي ’بهمنوا‘ ڪري سڏيو وڃي ٿو ’اروڙ‘ کان پنجن فرسخن جي فاصلي تي ٻڌل هو ۽ ’اروڙ‘ جو شهر درياء جي ٻن شاخن جي وچ ۾ ٺهيل هو. هن اروڙ ۽ ديبل، جن کي هن لهراني يالاهري بندر سان تشبيهه ڏني آهي، جي وچ ۾ پندرهن فرسخن جو فاصلو ٻڌايو آهي.

        مٿين بيانن مان ڏسجي ٿو ته ياته ’برهمڻ آباد‘ ۽ ’منصوره‘ هڪ ئي موقعي تي ٻڌل هئا يا ته ايترو هڪٻئي کي ويجھو هئا جو ٻئي شهر بعد ۾ هڪ ئي نالي سان سڏجڻ لڳا. منصوره شهر جي حقيقي موقعي يا بيهڪ کي معلوم ڪرڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته پهرين برهمڻ آباد جي موقعي جي تلاش ڪريون.

        ضلع سانگهڙ جي تعلقي سنجھوري ۾ شهداد پور کان اٺن ميلن جي فاصلي تي هڪ زبون ٿيل شهر جا آثار ملن ٿاجن کي ’برهمڻ آباد ۽ منصوره‘ٻنهي شهرن سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. اهي کنڊ رات هڪ ميل ڊگها ۽ هڪ ميل ويڪرا آهن ۽ جمڙائو واهه جي بلڪل قريب ڪراسنگ وٽ موجود آهن. انهن آثارن سان معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ موقعي تي جو شهر ٻڌو ويو هو سو تمام گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ٺاهيو ويو ۽ مضبوطي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. انهيءَ کنڊ رات جي اتر اوڀر کان درياءَ جو پراڻو ڍورو به آهي جو ميلن ۾ پکڙيو ٻيو آهي. انهيءَ زبون ٿيل شهر کي ڪتابن ۾ ’ڀنمڀري جو ٺل‘ سڏيو ويو آهي پر اتي جا رهاڪو سڏينس ’دلور جو ڀِڙو‘. دلور جي ڀڙي جي پاسي ۾ ٻيا به ڀڙا آهن جن مان ٻن کي’مسُتهلو ۽ دفاني‘ ڪري سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ موقعي کان تقريباً ڇهن ميلن جي فاصلي تي هڪ ٻئي وڏي شهر جا آثار ملن ٿا جي هاڻوڪي شهر جھول جي ڏکڻ ۾ واقع آهن. انهن کي ’ڏيپر گهانگهوي‘ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ٿو ته جمڙائو واهه جي ٺهڻ کان اڳ اهو سڄو ملڪ ڀڙن سان ڀريو پيو هو. پر هاڻي ته نقشو ئي بدلجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته زمين جو گهڻو حصو آباديءَ هيٺ اچي ويو آهي.

        ’دلور‘ جي ڀڙي ۽ ’ڏيپر گهانگهري‘ جي جانج پڙتال کان پوءِ ائين معلوم ٿو ٿئي ته منصوره انهن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ موقعي تي ٻڌل هو. ٻنهي کنڊرن جي وچ ۾ درياء جو پيٽ آهي ۽ جئن ته عرب تاريخ نويسن جو قول آهي ته ’منصوره‘ جو شهر ’محفوظﮣ‘ جي آمهون سامهون درياهه جي ٻئي ڪپ تي ٺاهيو ويو هو. هاڻي جيڪڏهن اسين ’ڏيپر گهانگهري‘ کي ’منصوره‘ ۽ ’محفوظه‘ سان ٿا تشبيهه ڏيون  ته پوءِ دلور جو ڀڙو ضرور برهمڻ آباد شهر جا آثار آهن. پر ائين نه آهي. ڇاڪاڻ ته مٿيئن جانچ پرتال سان ئي ڀڙو هڪ مسلم شهر پيو لڳي. جيڪي سرون انهيءَ شهر ۾ ڪم آندل آهن سي سنهيون ۽ ننڍيون آهن جي مسلمانن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به نه جوڙيون هيون. ساڳيءَ ريت ڀڙي مان جيڪي سڪا لڌا ويا آهن  سي يا ته منصوره جي عرب گورنرن جي نالي تي ضربيا ويا آهن يا منصوره جي هباري حڪمرانن جا آهن. جيڪي ٻيون شيون لڌيون ويون آهن تن ۾ به اڃا تائين ڪنهن غير مسلم چيز جو پتو نه پيو آهي. بدقسمتي سان ڀڙي جي اڃان تائين ڪابه سلسليوار کوٽائي نٿي آهي جيتوڻيڪ اسان جي آزاديءَ کي پندرهن سال ٿي ويا آهن. ڀڙي جي کوٽائي اڄ تائين فقط مسٽر بلاس ڪرائي آهي جنهن انهيءَ ويرانيءَ جو  باربار طواف ڪيو هو ۽ ان کي هن ” سنڌ جو پامپي“ ڪري سڏيو آهي. بلاس ڀڙي جي 1854 کان وٺي 1857 تائين ٽي دفعا کيٽائي ڪرائي هئي ۽ سندس بيان جو ڪجھ حصو هيٺ ڏجي ٿو:

        جيڪي عجوبه يا سوکڙيون برهمڻ آباد مان مليون آهن تن ۾ گهڻو ڪري نقش مليا آهن جي عقيق ۽ ياقوت سليماني تي اڪريل آهن ۽ انهن کي ڏسڻ سان سنڌ جي هنر حرفت جي وڏائيءَ ۽ سهڻائيءَ جو  پتو ٿو پوي جنهن جو مقابلو دنيا ۾ فقط روم جا مڻڪائي ڪري سگهن ٿا. منهنجو خيال آهي ته اهو هنر سنڌ مان هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، اهي اهڙي هوشياريءَ سان گهڙيا ويا آهن جو اڃان تائين لسا ۽ سهڻا پيا لڳن. انهن مان ڪن تي ڍڳي جي ته ڪن تي وري شينهن جي شڪل اڪريل آهي يا فقط عربي ۽ سنسڪرت ۾ ڪجهه لکيل آهي انهن مان هڪ ڇهه ڪنڊو سلينڊر مليو جنهن کي مون پهرين ڪاٺ يا عاج جو ئي تصور ڪيو هو ۽ ان تي سڀني پاسن کان ڪجهه نه ڪجهه  عربي ۾ لکيل هو. افسوس جو اهو لڀجڻ کان پوءَ يڪدم ڀُري پيو پر رڇرڊسن ان جي ڀڳل حصن کي سرس هڻي ڳنڍي ڇڏيو. ڳنڍجڻ کان پوءِ جيڪي عربي اکر مٿس لکيل هئا انهن مان جيڪي  آءُ

پڙهي سگهيس تن جي معني آهي:  ”الله ٻاجهارو آهي....“ انهيءَ کان سواءِ مزي جي ڳالهه ته وري اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڀڙي مان ’هندو يا ٻڌ مذهب‘ جو ڪوبه بت نه لڌو آهي جي سنڌ جا اصلوڪا راهاڪو هئا ۽ مسلمانن کان تعداد ۾ وڌيڪ هئا. ٻئي هڪ يورپي محقق هينري ڪزنس جو به اُهو رايو آهي ته ڀڙي جا آثار ڪنهن مسلم شهر جا اثار ئي آهن ۽ پڻ ٻڌائي ٿو ته چن جو ليپو نيسارن جو نمونو، ٺڪر جا  ٿانءَ ۽ ٻيون شيون جيڪي اتان لڌيون ويون آهن ظاهر ٿا ڪن ته اهو شهر مسلمانن جو آباد ڪيل هو . ساڳئي وقت ڀڙي جي ويراني مان هڪ بلڪل ننڍي ايراضيءَ ۾ ٽن مسجدن جو ظاهر ٿيڻ ڏيکاري ٿو ته شهر جي آباديءَ جو وڏو حصو مسلمانن جو هو. ازالسواءِ ڀڙي جي ايراضي هڪ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل ويڪري عرب جاگرافيدانن جي بيانن سان ٺهڪي ڦهڪي ٿي اچي جن ’منصوره’ جي باري ۾ ساڳيو بيان پنهنجي ڪتابن ۾  قلمبند ڪيو آهي. اهي جاگرافيدان اصطخري، ابن حوقل، ابن ادرريس، ياقوت حموي، بشاري مقدسي آهن، جن مان ڪن سنڌ جو دورو ڪري منصوره جو شهر ڏٺو هو ۽ ان جي ايراضي به هڪ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل ويڪري ٻڌائي آهي. پر سڀ کان وڌو دليل اهو آهي ته ڀڙي جي چوطرف کان درياء جو وهڪرو پيو پسجي ۽ شهر چوطرف واري اياضيءَ کان ڪم از ڪم ويهن کان پجنويهن فٽن مٿاهين تي ٻڌل هو. درياء جو مکيه ڪوهرو  اڄ به ڀڙي جي اتر اوڀر کان پيو پسجي ۽ اهو منظر منصوره سان بلڪل ملي ٿو اچي، جنهن جي باري ۾ عرب ماهرن پنهنجا بيان ڏنا آهن.

        مسٽر بلاس ڀڙي کي’برهمڻ آباد‘ سان تشبيهه ڏني آهي پر اهو به گمان اٿس ته ’منصوره‘ جو شهر به انهيءَ ساڳئي هنڌ ٻڌايو ويو هوندو. وري پنهنجي بيان جو رد ڏيندي ٻڌائي ٿو ته برهمڻ آباد‘ ڪڏهن به مسلمانن جي هٿ ۾ نه آهو هو ۽ نه وري انهن ان کي آباد ئي ڪيو هو.“ ڪننگهام وري ڀڙي کي ’منصوره‘ سان تشبيهه ڏني آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو شهر ’برهمڻ آباد‘ واري ايراضيءَ تي ئي ٻڌايو ويو هو. هينري ڪزنس جو به ساڳيو خيال آهي ۽ ٻڌائي ٿي ته اهو شهر ’برهمڻ آباد‘ واري ايراضيءَ تي ئي ٻڌايو ويو هو. ’منصوره ۽ برهمڻ آباد‘ جي موقعي جي باري ۾ ڪننگهام سان بلڪل متفق آهي. هيگ جو پنهنجي خيال ۾ سڀ کان وڌيڪ صحيح ٿو معلوم ٿئي، ڀڙي کي ’ منصوره‘ سان ۽ ’ڏيپر گها نگهري‘   کي’برهمڻ آباد’ سان تشبيهه ڏني آهي.

        بلاذري جي بيان مان صاف ظاهر آهي ته منصوره، برهمڻ آباد کان ٻن فرسخن جي فاصلي تي ٻڌو ويو هو ۽ پڻ ٻڌائي ٿو ته منصوره جي ٺهڻ وقت برهمڻ آباد زبون ٿي چڪوهو. ان ڪري انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ’ منصوره‘ ڪڏهن به برهمڻ آباد واري موقعي تي نه ٻڌو ويو هو. اهو ممڪن آهي ته عربن منصوره کي ٺاهڻ ۾ برهمڻ آباد واري شهر مان سرون يا ٻيو اڏاوت جو سامان هٿ ڪيو هجي جن جا آثار ڀڙي جي اڀرندي حصي ۾ گهڻي انداز ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اهو ٿي سگهي ٿو ته بلاس، هينري، ۽ ڪننگهام، جن ڀري کي ’برهمڻ آباد‘ سڏيو آهي، انهيءَ ڳالهه ته ڀليا هجن ۽ ڀڙي جي اڀرندي حصي کي ڏسڻ سان ئي، انهن ، ان کي ’برهمڻ آباد‘ تسليم ڪيو هجي!

        هاڻي جيڪڏهن اسين ڀڙي کي ’منصوره’ ڪري ٿا تصور ڪريون ته پوءِ ’برهمڻ آباد‘ کي بلاذريءَ جي چوڻ موجب ڇهن ميلن جي پسگردائي ۾ ڳولڻ گهرجي. جيئن ته اڳي ٻڌايو ويو آهي ته ڀڙي جي آسپاس ڪيترائي ننڍا ڀڙا آهن پر اتر اوڀر ۾ هڪ ٻئي وڏي شهر جا آثار ملن ٿا جن کي ’ڏيپر گهانگهري‘ سڏيو وڃي ٿو. اهي آثار جهول جي ويجھو آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي الهندي وارو حصو برهمڻ آباد شهر جو ويرانو هجي. ڇاڪاڻ ته اهي آثار ڏنل تاريخي شهادت سان بلڪل ملي جلي اچن. هيگ انهن آثارن کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏيڻ ۾ محمد ابن قاسم جي حملي جي پيروي ڪئي آهي جو ڏکڻ اولهه کان اتر اوڀر طرف هو ۽ نه اُتر کان ڏکڻ، جيئن البيروني لکيو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته نيورون ڪوٽ يعني هاڻوڪي حيدرآباد جي فتح ۽ سيوهڻ جي معاملي کان آجو ٿي محمد ابن قاسم ’برهمڻ آباد‘ جو رخ رکيو. ’برهمڻ آباد‘ پهچڻ کان اڳ سڀ کان پڇاڙيءَ جو شهر جو محمد ابن القاسم جي هٿ لڳو اهو ’دهليلہ ‘ هو، جتان پوءِ هن ’جلوالي‘ يا ’جرواري‘ جي پاسي ۾ خيما کوڙيا. جرواري يا ته درياء جو پراڻو ڍورو هو يا ته هاڪڙي جي شاخ هئي، جتان پوءَ هن برهمڻ آباد تي حملو ڪيو هو. فاضل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چچنامي ۾ ڏنل جلوالي کي هڪ ننڍي ڳوٺ جراڙي سان تشبيهه ڏني آهي جنهن  جي پاسي کان اهو  ڍورو وهندو هو. هاڻي جيڪڏهن اسين جلوالي کي بلاذري جي بحيره سان ٿا تشبيهه ڏيون ته پوءِ اهي منصوره جي وقوع کي اڃا به اتر ڏانهن گهلي ويندو ۽ وڃي ’ ڏيپر گهانگهري‘ سان ملائيندس. پر اهو صحيح نه اهي. بلاذري جي ڍنڍ درياء جي الهندي شاخ ڏانهن اشارو آهي جنهن جي اڀرندي ڪپ تي عربن جو پهريون شهر ’محفوطه‘ ٻڌايو ويو هو.  اصطخري جنهن سنڌ جو هباري حڪومت جي دور ۾ دورو ڪيو هو صاف ٻڌائي ٿو ته انهيءَ ساڳي شاخ جي الهندي ڪپ تي ’منصوره‘ جو شهر ٻڌايو ويو هو. ابن حوقل جو نقشو به منصوره کي درياء جي مکيه شاخ جي اولهه ۾ ئي ڏيکاري ٿو. ٿي سگهي ٿو بلاذري جو ’بحيره‘ هڪ ڦاٽ مثل هجي جو درياء مان ڪلري وٽ جدا ٿي، ٻيءَ شاخ سان جنهن کي لهاڻو درياء سڏيو ويندو هو، وڃي ٿي مليو. انهيءَ شاخ جو پيٽ اڄ به ڪلري وٽ موجود آهي جو سڪرند کان پندرهن ميل اوڀر ۾ واقع آهي ۽ ساڳيءَ ريت لهاڻو ڍورو به اڃا موجود آهي. اهي نشان عربن جي ڏنل بيانن جي پوري پوري تائيد ڪن ٿا ۽ منصوره جي عربي شهر جي ڳولڻ ۾ وڌيڪ مدد ٿا ڪن. چچنامي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ محمد ابن قاسم الثقفي اروڙ جو رخ رکيو ۽ ’متهل‘ کان لنگهيو هو جتي هن فوج جي آرام لاءِ ڪئمپ به لڳائي هئي، ڇاڪاڻ ته برهمڻ آباد جي گهيري ۾ ڊيگهه هئڻ سبب لشڪر ٿڪجي پيو هو. ’متهلو‘ اڄ به موجود آهي ۽ ان جي بيهڪ به چچنامي جي بيان سان ٺهڪي ڦهڪي ٿي اچي. اهي سڀ ڳالهيون منصوره ۽ برهمڻ آباد جي صحيح پوزيشن تي روشني وجھن ٿيون، جن مان اسين پورو انومان ڪڍي سگهون ٿا.

  ابوالفدا جو بيان آهي ته منصوره ۽ نيرون جي وچ ۾ پندرهن فرسخن جو فاصلو هو ۽ ڀڙي جو ويرانو اڄ به حيدرآباد کان چوئيتالهه ميلن جي فاصلي تي ٿيندو. انهيءَ حساب موجب برهمڻ آباد تقريبا  پنجاهه ميلن تي ٿيندو ۽ ’ڏيپر گهانگهري‘ سڌائيءَ ۾ حيدرآباد کان ٺيڪ اوڻونجاهه ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندو. مڪمرڊو ٻڌائي ٿو ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ ڏيپر گهانگهري کي ديبل ڪانگڙي جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اهي آثار پڪ سان برهمڻ آباد شهر جا هوندا. ڏيپر گهانگهري جي آثارن مان جيڪي شيون لڌيون ويون آهن تن مان ظاهر آهي ته اهو شهر عربن کان گهڻو اڳ سنڌ ۾ موجود هو. گرديزي پنهنجي ڪتاب ’زين الاخبار‘ ۾ ٻڌايو آهي ته برهمڻ آباد شهر جو بنياد ايران جي ساساني بادشاهه ’بهمن‘ رکيو هو جنهن کي اردئيس درازدست به ڪري سڏيو ويندو آهي ۽ ان جو اصل نالو بهمن هو. آباد لفظ جو پٺيان ڳنڍجڻ صاف طور ظاهر ٿو ڪري ته نالو ايراني آهي پر جڏهن برهمڻ  جو سنڌ تي راڄ ٿيو ته انهن، ان جو نالو بهمڻ آباد مان ڦيرائي برهمڻ آباد رکيو. محمد ابن القاسم جي حملي وقت برهمڻ آباد سنڌ جي ٻين شهرن وانگر ٻڌ مذهب جي ماڻهن سان آباد هو ۽ هندو فقط ٿورا هئا جي گهڻو ڪري سپاهي هئا. ’ڏيپر گهنگهري‘ جو سڄو ويرانو ٻڌ مذهب جي ٺاٺ سان ڀريل آهي ۽ پڻ ڪيتريون ئي شيون انهيءَ مذهب سان تعلق رکندڙ اتان لڌيون ويون آهن جن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ’ڏيپر گهانگهري‘ جا آثار برهمڻ آباد جا ئي ٿي سگهن ٿا.

ايم. آر. هيگ پنهنجي خيال جي تائيد ۾ ٽي ضروري حوالا ڏنا آهن جي ڀڙي کي ’منصوره‘سان تشبيهه ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. اهي حوالا هي آهن:

        (1) ڪننگهام جو خيال آهي ته هيونتسنگ جو او_فان چا_’برهمڻ آباد‘ ۽ پي_تا_سي_لو ’نيرون ڪوٽ‘ هو. انهيءَ پوڄاريءَ جي لکت موجب انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٽي سوء لي يعني پنجاهه ميلن جو فاصلو هو ۽ او_فان_چاجي بيهڪ پي_تا_سي_لو جي اتر اوڀر کان هئي. اڄ به ڏيپر گهانگهري حيدرآباد جي اتر اوڀر ۾ آهي ۽ ان جو صحيح فاصلو حيدرآباد کان پنجاهه ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندو.

        (2) ابوالفدا جو چوڻ آهي ته منصوره، نيرون ڪوٽ کان ايڪونجاهه فرسخن يا پنجيتاليهه ميلن جي فاصلي تي هو ۽ ڀڙي جو ويرانو حيدرآباد کان هيئنر به چوئيتاليهه ۽ پنجيتاليهه ميلن جي وچ ۾ آهي.

        (3) ادريسي ٻڌائي ٿو ته منصوره، نيرون کان ٽن ڏينهن جي فاصلي تي واقع هو پر هن ساڳئي وقت نيرون ۽ ديبل جي وچ ۾ به ٽن ڏينهن جو فاصلو ٻڌايو آهي. ابن حوقل جو وڌيڪ صحيح معلوم ٿو ٿئي، ٻڌائي ٿو ته نيرون ۽ منصوره جي وچ ۾ ديبل ۽ منصوره کان ڪجهه گهٽ فاصلو هو.

        هيگ جو اهو به چوڻ اهي ته: اڄ به انگريز آفيسر، حيدرآباد کان ڀڙي تائين نصرپور جي رستي وڃيو، ٽن ڏينهن ۾ پهچن. ان ڪري فاصلن جي مدنظر شهرن جي ڏنل تشبيهه  بلڪل صحيح آهي جا تواريخي حقيقت سان به مليو اچي. حقيقت ۾ هيگ وڌيڪ دليل بازيءَ لاءِ ڪابه گنجائش نه ڇڏي آهي. ان ڪري اهو گمان صحيح ٿيندو ته ڀڙي جو ويرانو’منصوره‘ آهي ۽ ’ڏيپر گھانگھري‘ جا آثار’برهمڻ آباد‘ جا ئي ٿي سگھن ٿا.

 

*----------*----------*

 


(1)    ضلعو سکر                       ضلعو دادو                      ضلعو حيدرآباد

اُٻاوڙو 4، 7، 10، 35

ميرپور ماٿيلو 2، 13

            20، 26، 38

    ڪڪڙ 28

    ڪوٽڙي 23

   حيدرآباد 1، 8، 11،

   15، 19، 29

   ٽنڊو الهيار 1، 11

   (ڏسو حاشيہ صفحو 124)

 

پنو عاقل 5

 

گوني 9

روهڙي 1

شڪارپور 34

ضلعو لاڙڪاڻو

شهدادڪوٽ 22

وارهه 12، 14، 29

قنبر 1، 11، 18، 37

ميرو خان 17

لاڙڪاڻو 30

ضلو نواب شاهه

نوشهروفيروز 36

 

 

 

ضلعو سانگهڙ

شهدادپور 27، 31

23، 33، 24

بدين 5، 8، 21، 27

ضلعو ٿرپارڪر

سامارو 3، 6، 16، 26

مٺي 5

ڇاڇرو 24

ضلعو ٺٽو

ٺٽو 25، 29

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com