ماءُ: مون کي دوا ته پيار. (آهستي) سڄو ڏينهن الائجي ڪهڙا خواب
ٿي ڏسي! (کنگهي ٿي) هيءَ کنگهه هاڻي مارڻ کان
سواءِ ڪانه ڇڏيندي. (کنگهي ٿي)
شهلا: اچي – اما، دوا پي.
ماءُ: ڏي – (دوا پئي ٿي)
شهلا: هاڻي ته ڪجهه فائدو آهي نه، اما!
ماءُ: (هلڪيءَ کل سان) فائدو؟ .... ڪجهه سهارو مليو پوي.
شهلا: ڳڻتي نه ڪر، اما، تون جلدي ٺيڪ ٿي ويندينءَ. هينئر آرام
ڪر. (دروازو کڙڪي ٿو.)
شهلا: تسليم!
راشد: تسليم. شايد اسان کي ته اوهان وساري ڇڏيو هوندو.
شهلا: (سوچيندي) ڪجهه ياد ته آهي ته اوهان کي ڪڏهن ڏٺو اٿم.
راشد: جي، منهنجو نالو راشد آهي!
شهلا: راشد صاحب، گهڻن ڏينهن کان پوءِ تڪليف ڪئي اَٿو؟
راشد: آءٌ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٻاهر هليو ويو هوس.
شهلا: ۽ هي صاحب اوهان سان گڏ ڪير آهي؟
راشد: هي صاحب ڪونهي، صاحبه آهي. (کلي ٿو)
شهلا: (هلڪي کل سان) ڇا مطلب؟
راشد: مطلب هي ته هي نهايت شرميلو آهي. نظر مٿي کڻڻ گناهه
سمجهندو آهي؛ .. ۽ کلڻ هن جي اڳيان بد اخلاقي آهي.
شهلا: (اشتياق سان) آءٌ اوهان جو نالو پڇي سگهان ٿي.
سليم: (شرمساريءَ سان) مون کي سليم چوندا آهن.
شهلا: (حيرت سان) سليم!
راشد: پر گهر وارا هن کي آپا سليم چوندا آهن!
(سڀ کلن ٿا)
شهلا: هنن کي مون شايد پهريون ڀيرو ڏٺو آهي.
راشد: (کلندي) جيڪي ماڻهو هن سان گڏ رهن ٿا، انهن جو به اهو ئي
خيال آهي!
شهلا: سليم صاحب، اوهين آرام سان ٿي ويهو.
ايئن ويڙهيا سيڙهيا ڳنڍ ڇو ٿيا ويٺا آهيو.
سليم: آءٌ آرام سان ويٺو آهيان.
شهلا: اوهين هن شهر ۾ ئي رهندا آهيو؟
سليم: هائو.
شهلا: ڪم ڪهڙو ڪندا آهيو؟
راشد: شڪار.
شهلا: شڪار!
راشد: جنهن ڏينهن شڪار نه ملندو اٿس، تنهن ڏينهن تصويرون
ٺاهيندو آهي. ۽ ڏاڍيون سهڻيون تصويرون ٺاهيندو
آهي.
شهلا: (کلندي) واه.
راشد: سليم، هڪ تصوير هن جي به ٺاهه نه!
شهلا: ها، سليم صاحب، ٺاهيو نه.
راشد: ڪهڙي وقت ٺاهيان؟
شهلا: ڏينهن جو ڪنهن به وقت هليا اچو.
سليم: (لڄي ٿيندي) پر مون کي اهڙي سٺي تصوير ٺاهڻ ته ڪانه اچي.
راشد: (کلندي) سٺي ٺهي ته هن جي قسمت، جي نه ته خراب ته ضرور
ٺهي پوندي!
شهلا: اوهين هتي اچي ته سگهو ٿا نه؟
سليم: آءٌ – آءٌ – ها، آءٌ اچي سگهان ٿو .... آءٌ ايندس.
راشد: چڱو، هاڻي اجازت ڏيو. خدا حافظ.
شهلا: خدا حافظ.
]وقفو[
ماءُ: بس بس، شهلا، هاڻي ڇڏ. آخر ڪيستاين مون کي زور ڏيندينءَ
.. هاڻي ته قبر ۾ ئي آرام ملندو.
شهلا: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، اما! تون ٺيڪ ٿي ويندينءَ.
ماءُ: (کنگهندي) ڪهڙي خبر، ڌيءَ! آخر هڪ نه هڪ ڏينهن مرڻو ته
آهي نه .. وڃ هاڻي تون وڃي سمهه. هيءَ بتي وسائي
ڇڏ. وڃ نه!
]
خواب آور موسيقي
[
* * *
شهلا: (پنهنجو پاڻ کي) يا الله، هي ڇا آهي؟ هڪڙو سليم منهنجن
خوابن ۾ آهي ته ٻيو سجاڳي ۾! انهن ۾ ڪهڙو سچو آهي،
ڪهڙو ڪوڙو؟ سليم منهنجي لاءِ آهي، ڪهڙو مون لاءِ
ناهي؟ ڪير مون کي پنهنجو ڪندو ۽ آءٌ ڪنهن جو سهارو
وٺان؟ ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي مون کي ٺڪرائي ڇڏين ته
آءٌ ڪيڏانهن وينديس! منهنجا خدا، آخر منهنجي قسمت
۾ ڇا لکيل آهي! (ننڊ ٿي اچيس) منهنجي قسمت ۾ ڇا
لکيل آهي! (ننڊ اچي ويئس) ـــــــ او هو، اڄ وري
به هن گهر ۾ گهڻي روشني آهي. چئني طرف ڄڻ ته
روشنيءَ جو مينهن پيو وسي. ايئن ٿو لڳي، ڄڻ سليم
جي سالگرهه آهي. هن مون کي ڇونه ٻڌايو، آءٌ به ته
هن لاءِ ڪو تحفو وٺي اچان ها! هاڻي آءٌ هن کي
سالگرهه تي ڪهڙوتحفو ڏينديس؟ رخسانه دل ۾ ڇا
چوندي؟ پر ... پر سليم ته مون کان ناراض آهي...
رخسانه جي گهوٽ جي تصوير جو مون وٽ ڏٺي هئائين!
... شايد رخسانه هن کي سمجهايو هجيس! مرد جي دل به
عجيب ٿئي ٿي. اجائي بدگماني .. ڄڻ آءٌ رخسانه جي
گهوٽ راشد سان محبت ٿي ڪريان.
]شهنائي
جو آواز[
شهلا: (پنهنجو پاڻ سان) شرنائي پئي وڄي ... شرنائي پيئ وڄي ...
پر شرنائي ته شاديءَ تي وڄائي ويندي آهي... هتي
ڪنهن جي شادي آهي؟ شادي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي؟ هن ڀت
تان چڙهي ڏسان .. پر مون کان چڙهيو ڪونه ٿيندو.
آءٌ گهر ۾ اندر ڇو نه وڃان. مون کي ڪير روڪيندو؟
... اُف، يا الله، هي ته سليم آهي! گهوٽ بنيو
گهوڙي تي ويٺو آهي. ڄڃ وڃي پئي – سليم جي ڄڃ! آءٌ
هتان هٽي پاسي کان ٿي بيهان. ڄڃ هتان ئي لنگهندي.
آءٌ هنن وڻڻ جي پٺيان لڪي ٿي بيهان.
]
جو آواز آهستي آهستي
فيڊ آئوٽ[ ها، اهو سليم ئي هو، سليم!
]پس
منظر ۾ آواز اُڀرن ٿاــــــ[
”ڏس، شهلا، آءٌ بلڪل سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته تو مون کي پنهنجن
ڪارن ۽ ريشمي زلفن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي!“ (نهايت
آهستي) ”آءٌ اهو ٿو چوان ته شهلا، آءٌ توکان سواءِ
جيئرو نٿو رهي سگها. آءٌ توسان محبت ٿو ڪريان،
شهلا، آءٌ دل و جان سان توکي چاهيان ٿو!
شهلا: سليم! (رڙ ڪري ٿي) (پنهنجو پاڻ سان) وري به اُهي ئي خواب
۽ ويچار! منهنجا خدا، آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟ منهنجي
ننڊ ۽ سجاڳي ئي منهنجا دشمن آهن. منهنجا خواب مون
کان ڦري وٺ.... منهنجا خدا، آئون ڪيستائين اهي
خواب ڏسندين، ڪيستائين!
]موسيقي
جي لهر[
* * *
شهلا: اُف، هاڻي اسان کان نٿو ويٺو ٿئي! خدا ڄاڻي ڪڏهن تصوير
ٺهي تيار ٿيندي؟
سليم: بس، ٻن منٽن ۾.
شهلا: انهيءَ جي معنيٰ ته اڃا ويهڻو پوندو؟
سليم: بس، ٿورڙي دير لاءِ. ايئن نه ... منهن کي ٿورڙو مون ڏانهن
ورايو ... اوهه، ايترو نه! اوهان ته سڄو منهن مون
ڏانهن ورائي ڇڏيو.
شهلا: ٻيو نه ته ڇا ڪريان؟
سليم: ترسو .... ايئن ئي ويٺي ويٺي، منهن کي ٿورو ورايو ... اڃا
ٿورو .. بلڪل سامهون واري گهڙيال ڏانهن. بس، بلڪل
ٺيڪ آهي. ٿورڙو ڪنڌ هيٺ ڪريو ... ها ايئن . چپ
بنهه بند نه ڪريو، ٿورو مرڪو.
شهلا: نه نه، اسان کان مرڪيو نه ٿيندو.
سليم: مرڪيو نه ٿيندو؟
شهلا: ها، مرڪيو نه ٿيندو!
سليم: ترسو، ايئن ئي ويٺا هجو. اچي، هي ڪتاب هٿ ۾ رکو، ان کي
ڏسندا رهو، ۽ مرڪنديون رهو. (کلڻ جو آواز) کلو نه،
نه ته سڄو زاويو غلط ٿي ويندو. مرڪو ... بس بس،
ايئن ئي. ٿورڙو ٻئي هٿ سان پيشانيءَ تي وارن جي
هڪڙي لٽ ڪيرائي ڇڏيو. پر ترسو، اهو ڪم مون کي ئي
ڪرڻوپوندو، نه ته اوهين وري به پنهنجي منهن کي
هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏيندؤ. (آهستي) ڪيڏا نه
خوبصورت وار آهن!
شهلا: (آهستي) اوهان کي پسند آهن؟
سليم: (ٿڌو ساهه کڻي) بيحد! بس، هاڻي اوهين ايئن ئي ويٺيون رهو،
چرجو پرجو نه.
شهلا: (ٿڌو ساهه کڻي) ڇا، اوهين منهنجي ڀرسان بيهي تصوير نٿا
ٺاهي سگهو؟
سليم: ڳالهايو نه، مرڪو!
شهلا: هاءِ الله، مون کان نٿو مرڪيو ٿئي!
سليم: ڪتاب آڏو رکي مرڪو. بس بس، بلڪل ٺيڪ آهي. مون کي مرڪ جو
اهو ئي انداز گهربو هو. تمام سٺي تصوير ٺهندي. ڇا
قيامت جو پوز آهي!
شهلا: اوهين ماڻهن جي تصوير ٺاهيو ٿا يا ان کي قيد ٿا ڪريو!
سليم: (کلندي) تصوير ٺاهڻ جا ڪي خاص طريقا هوندا آهن.
شهلا: يا ايئن چئو ته ماڻهن کي مارڻ جا به طريقا ٿيندا آهن.
سليم: اوهان جيتريون خوبصورت آهيو، اوتريون ئي خوش مزاج.
شهلا: مهرباني.
سليم: اوهان شايد منهنجيءَ ڳالهه کي رسمي سمجهيو آهي!
شهلا: (هلڪيءَ کل سان) پر مون اوهان جي مهرباني رسمي طرح ڪانه
مڃي آهي.
سليم: راشد اوهان جي ڏاڍي تعريف ڪندو آهي.
شهلا: انهن ڳالهين کي ڇڏيو. اوهين هڪڙي ڳالهه ته ٻڌايو.
سليم: پڇو.
شهلا: اوهين ماڻهن کان وڌيڪ، ماڻهن جي تصوير ۾ ڇو ٿا دلچسپي
وٺو؟
سليم: مون اوهان جو مطلب ڪونه سمجهيو.
شهلا: سليم، جيڪر تون هنن اکين جي التجائن کي سمجهي سگهين!
سليم: (بيحد جذباتي ٿي) شهلا!
]موسيقي
جي لهر[
]دروازي
کلڻ جو آواز[
شهلا: (حيرت مان) ڪير آهين تون؟
رخسانه: آءٌ توسان ڪجهه ڳالهائڻ آئي آهيان.
شهلا: هلي آ اندر. هتي ويهه. برقعو لاهي، آرام سان ويهه، هتي
ڪوبه مرد ڪونهي..
رخسانه: منهنجو نالو رخسانه آهي. تون مون کي سڃاڻين ٿي؟
شهلا: (گهٻرائجي) رخسانه!
رخسانه: ها، منهنجو نالو رخسانه آهي.
شهلا: آءٌ توکي ڪانه ٿي سڃاڻان. مون توکي اڳي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو
آهي. تون هتي ڇو آئي آهين؟
ماءُ: (پريان کنگهندي) ڪير آيو آهي، شهلا؟ (آهستي) واندن ماڻهن
هي گهر ڏسي ڇڏيو آهي: ڪو راشد آهي ته ڪو سليم، خدا
ڄاڻي، الاجي ڪير ڪير هتي ايندو ٿو رهي!
رخسانه: آءٌ توکان ڪجهه گهرڻ آئي آهيان.
شهلا: مون کان؟
رخسانه: ها، تو کان. تنهنجو نالو شهلا آهي، نه؟
شهلا: منهنجو نالو ... منهنجو نالو ... مون کي خبر ناهي ته
منهنجو نالو ڇا آهي.
رخسانه: مون تنهنجي تصوير به ڏٺي آهي، ۽ تنهنجو نالو به ٻڌو
آهي.
شهلا: منهنجي تصوير؟ (کلندي) منهنجو ته ڪوبه چهرو ناهي. آءٌ ته
پنهنجي وجود کان بلڪل جدا آهيان. منهنجي ڪا به
تصوير نٿي ٺهي سگهي!
(سليم اچي ٿو)
سليم: (عجب مان) ڪير؟ رخسانه!
رخسانه هائو.
سليم: توکي هتي ايندي شرم نٿي آيو، رخسانه! تو پنهنجي خاندان جي
عزت آبرو جو به خيال نه ڪيو!
رخسانه: ادا، خاندان جي جنهن عزت آبرو کي تون مٽيءَ ۾ ملائڻ ٿو
چاهين، آءٌ ان جي خيرات وٺڻ آئي آهيان.
سليم: (ڪاوڙ ۾) رخسانه!
رخسانه: منهنجو کڻي نه، پر بيوهه ماءُ جي تمنائن جو ته مذاق نه
اُڏاءِ!
ماءُ: (کنگهندي) ڪير آهن، شهلا! ڪير آيو آهي؟
سليم: (ڪاوڙ ۾، رخسانه کي) هتي اچڻ کان اڳي جيڪر تنهنجا پير
وڍجي وڃن ها، تنهنجون اکيون نڪري وڃن ها!
رخسانه: (روئندي) اما ڪهڙين اکين سان هتي تنهنجي ڄڃ ڏسندي، ادا!
شهلا: رخسانه، تون پنهنجيءَ ماءُ کي وڃي يقين ڏيار ته هن جي پٽ
جي ڄڃ هتي ڪانه ايند.ي آءٌ توکي يقني ٿي ڏياريان،
رخسانه، تنهنجي ڀاءُ جي ڄڃ هتي ڪانه ايندي. (دلشاد
اچي ٿو).
دلشاد: نواب صاحب جن چيو آهي، شهلا، ته....
شهلا” (فوراً) نواب صاحب کي وڃي چئه ته شهلا مري ويئي! هاڻي هتي
ڪابه شهلا ڪانه ٿي رهي! هتي اُها عورت نٿي رهي،
جنهن کي مرد رانديڪو سمجهندا هئا. رمضو، رمضو، هنن
ماڻهن کي چئه ته هليا وڃن، ۽ پوءِ دروازو بند ڪري
ڇڏ، رمضو!
ماءُ: (پريان کنگهندي) شهلا! شهلا! ... (مري وڃي ٿي)
شهلا: (روئندي) اما، هي گهر هاڻي ته رهڻ لائق بنيو هو، ته تون
به مون کي ڇڏي وئينءَ.“
]اختتامي
موسيقي[
(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)
”باغ ۾ بهار آئي ۽ چوڻ لڳي، ”آءُ سڀاڻي هلي
وينديس.“
مون کانئس هڪڙو گل گهريو، ته منهنجي سادگيءَ تي سڀ
مُکڙيون کلڻ لڳيون. آءٌ انهيءَ ڏک ۾ سڄي رات سمهي
نه سگهيس.. صبح جو جڏهن روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو
منهنجي گهر ۾ داخل ٿيو ته اڱڻ سڄوئي گلن ڦلن سان
مهڪي رهيو هو ..... ۽ بهار وڃي چڪي هئي!“ ــــــــ
غ . ج. ’برق
”اديب ڪا مشين ناهي جو بنا سوچ ويچار جي واقعا لکندو وڃي. اديب
ان ڪري نٿو لکي ته هو ڪنهن گروهه سان نظرياتي ۽
فڪري وابستگي ٿو رکي، يا هن کان اها تقاضا ڪئي وڃي
ٿي ته هن ڇا ڇا لکيو آهي. اديب ان ڪري به نٿو لکي
ته کيس ڪي چار ڏوڪڙ ملندا. پر هو ان ڪري ٿو لکي جو
هن کي پنهنجي اندر مان اشارا ٿا ملن ته هو
پنهنجيءَ قوم کي پنهنجي شعور ۽ فڪر ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ڪري. ان جذبي هيٺ منجهس ڪجهه لکڻ تي آمادگي ٿي
محسوس ٿئي. ٻيو ته هن انساني جذبي، احساس ۽ عمل جو
چڱيءَ طرح سان مطالعو ڪيو آهي، جن کي قلم سان چٽڻ
کان سواءِ هو رهي نٿو سگهي. ان طرح سان ئي بهترين
ادب پيدا ٿيندو رهي ٿو. ان ادب ۾ ڀلي ته ڪي ڪميون
۽ ڪوتاهيون هجن، پر پڙهندڙن کي متاثر ڪرڻ جي سلسلي
۾ اهو ڪچو پڪو ادب به ڪارائتو ثابت ٿيو آهي.“
ـــــــ ايليا اهرنبرگ
مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“
شاهه جا ٽي بيت
(لغوي تحقيق جي روشنيءَ ۾)
شاهه جو رسالو، پنهنجي صوري ۽ معنوي صحت جي لحاظ سان، اڃا به
تحقيق طلب آهي. شاهه جي رسالي جو مَتَن مختلف ڇاپن
۾، مختلف نمونن ۾ ايل آهي. ڪن ۾ ڪيترا بيت گهٽايل
آهن، ته ڪن ۾ پراوا بيت وڌايل آهن. رسم الخط جي
خامين سان گڏ، مترادف المعاني لفظن جي اِسلا ۽ صحت
هر ڪنهن جامع وٽ جدا جدا نموني جي آهي. نه فقط لفظ بدليا آهن، پر مفهوم تي به اثر پيو آهي. ”شاهه“ جي
ڪلام جي شرح جو مسئلو،. مَتَن جي صحت کان به اوکو
آهي. ان تي لکڻ لاءِ اڃا ڪي ڪاپڙي ميدان تي ڪين
آيا آهن. گربخشاڻي جي مختصر شرح ۽ لفظن جون
معنائون به تحقيق طلب آهن.
هن مختصر مقالي ۾ حضرصيت مخدوم محمد زمان صاحٻ طالب المولا، نه
فقط رسالي جي رسم الخط جي صحت ڏانهن توجهه ڇڪايو
آهي، پر ان سان گڏ شاهه جي ڪلام جي صحيح مفهوم کي
واضح ڪرڻ لاءِ پڻ نشاندهي ڪئي آهي.
پاڻ شاهه جا چند ابيات، مشتي نمونه از خرواري پيش ڪري، رسالي جي
جامعين ۽ شارحين لاءِ لغوي تحقيق ۽ تشريح لاءِ جن
اصولن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ڪاش انهن کي اڳيان رکي
شاهه جا شارح، ڪجهه عملي طرح سان وک وڌائن. اميد
ته حضرت طالب المولا جن جي هيءَ لغوي تحقيق سنڌي
ادب، خاص طور شاهه جي شائقين لاءِ ته فقط معلومات
جا افزا ٿيندي. پر ڪن اڳين عالمن جي ڪن غلطين جي
ازالي ۽ تلافيءَ جو علمي ۽ معياري، بَدَل پڻ ثابت
ٿيندي. – غ.م. گ.
رڳي روايتون ۽ رڳي انداز به اڪثر صحيح هوندا آهن. جيئن ته اسان
جي ملڪ ۾ اڃا تحقيق ڪرڻ جو جنون پيدا ڪونه ٿيو
آهي، تنهنڪري اڪثر سڀڪو مئسلو تحقيق طلب رهجيو
وڃي. ڀٽائي عليه الرحمة جي سوانح عمري بابت به
جيڪي لکيو ويو آهي، اهو فقط عام ۽ غير مستند
روايتن ۽ ذاتي راين ۽ اندازن موجب لکيو ويو آهي؛ ۽
هاڻ سڀڪو لکندڙ اڃا تائين ته ساڳيون ڳالهيون نقل
ڪندو ٿو اچي. اهڙي ئي طرح شاهه لطيف جو ڪلام به
ابتدا کان ئي غلط سلط لکبو ۽ ڇپبو آيو آهي. شاهه
جي ڪلام سان جيڪو ظلم ۽ ناحق ٿيل آهي اهو هي ته:
ابتدا کان ئي شاهه جو ڪلام ڪنهن شاعر ڪونه لکيو آهي. فقط خوش خط
کان لکايو ويو آهي. خوش خط (خوشنويس) هروڀرو شاعر
ڪونه هوندا آهن. هنن جو ڌنڌو ئي هوندو آهي ڪتاب
لکڻ. هو چاهيندا آهن ته هڪڙو ڪتاب جلد لکي پورو
ڪجي ته وري ٻيو لکجي. هنن کي شاهه جو ڪلام جيئن
ٻڌايو ويو ۽ جهڙيءَ طرح لکيل ڏنو ويو، انهن انهي
ئي نموني ۾ لکي ڇڏيو.
شاهه جو ڪلام اڪثر عوام کي ياد هوندو آهي. اهائي شاعر جي
مقبوليت جي ثابتي آهي. پر عوام ئي ڪلام کي غلط به
ڪري ڇڏيندو آهي. تنهن ڪري ڪلام لکائيندڙن ڪيترا
اکر ۽ لفظ غلط لکيا. پوءِ رسالي جا جيترا به نسخا
نقل ٿيا ۽ ڇپيا انهن ۾ اهي غلطيون قائم رهجي ويون.
شاهه جي ڪلام جي عام مقبوليت ڏسي، پئسي ڪمائڻ جي لالچ سان مختلف
ماڻهن رسالو ڇپائڻ شروع ڪيو، تنهن ڪري ڪلام جي صحت
ڏي ڪنهن توجهه ئي ڪونه ڏنو. ٻيو ته انهن رسالن ۾
وري پروف جون غلطيون به رهجي ويون، اهو ئي سبب آهي
جو اڄ شاهه جي رسالن کي ترتيب ڏيڻ وقت هر هڪ مرتب
لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته رسالي جا ڇپيل ۽ قلمي
نسخا جيترا به هٿ اچي گهن ته پنهنجي آڏو رکي.
جيڪڏهن ڪي قلمي قديم نسخا صحيح به هئا يا آهن، ته وري انهن جي
صورتخطي پراڻي آهي. تنهن ڪري پوين پڙهندڙن ڪيترا
لفظ ۽ اُچار اصل کان ٻيءَ طرح سمجهيا ۽ اُهي
موجوده لکت ۾ انهي ئي طرح لکي ويا.
رسالن ۾ اگرچه ڀلناما به شامل ڪيل آهن، پر غضب هي ته انهن ۾ به
اڪثر پروف جون غلطيون ٿيل آهن.
عربي، فارسي ۽ هندي زبانن جا اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي شڪل
سنسڪرت جي لفظن جهڙي آهي. مثلاً: فارسي لفظ ”سَر“
يا عربي لفظ ”سِرَّ“ ۽ سنسڪرت لفظ ”سَرَ“ شڪل ٽنهي
لفظن جي ساڳي، مگر معنائون ٻيون آهن، فارسي لفظ جي
معنيٰ آهي ”چوٽي“ ۽ ماڻهوءَ جي مٿي کي به سر چئبو
آهي، عربي لفظ جي معنيَ آهي ”ڳُجهه“ ۽ سنسڪرت لفظ
جي معنيَ آهي ”تير“.
مسلمانن توڙي هندن پنهنجي ذاتي راءِ موجب شاهه جي ڪلام جون جدا
جدا پڙهڻيون مقرر ڪيون. اهو فقط هن ڪري جو هڪ ته
رسالي جي مختلف نسخن ۾ به فرق آهي ۽ خاص سبب هي ته
شاهه جو ڪلام لکندڙ ۽ ڳائيندڙ سنڌ جي مختلف حصن جا
ماڻهو هئا ۽ آهن، تن لفظن جا اَچر پنهنجي ماحول
موجب سمجهيا، لکيا ۽ اُچاريا، وري شهري زبان ۾ ته
ٻهراڙيءَ جي زبان کان به وڏو فرق آهي، تنهن ڪري
شهري ماڻهن پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪيو.
شاهه جيڪا به آکاڻي لکي آهي يا ان جي جدا جدا ڀاڱن تي راءِ زني
ڪئي آهي ته ان ڪلام جي خوبي اها آهي ته اها آکاڻي
سنڌ جي جنهن حصي سان تعلق رکي ٿي، ته اڪثر زبان به
اتي جي ڪم آندي اٿس. تنهن ڪري رسالي جي شارحن انهن
محاورن ۽ شين جي ڪيترن ئي نالن کي نه سمجهڻ جي ڪري
منجهائڻ خيالي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍيو.
جن ڳائڻن جي پنجابي ۽ سرائڪي يا بلوچاڻي زبان آهي، انهي وري
پنهنجي ڍنگ موجب لفظن جا اُچار ورتا ۽ لفظن کي
ڦيرايو ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي ۽ اهل
ڪندڙن تي هيڪاري ڪم وڃائي ڇڏيو.
هر مذهب ۽ طريقي وارا ماڻهو. جي شاهه سان دلچسپي ۽ وڻت رکن ٿا،
۽ هو پنهنجي عقيدن موجب شاهه جي ڪلام کي ڏسن ٿا ۽
ڪلام جون معنائون به پنهنجي نقطه نظر موجب ڪڍن ٿا.
وقتي ڦير گهير به ڪريو ڇڏين. ڇو ته ڇاپن ۾ پروف جي
غلطين جي ڪري فرق ته آهي ئي، تنهن ڪري هر هڪ صاحب
ڪلام کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريو ويهي.
سنڌيءَ جي پراڻي لکڻي به عجيب آهي. تمام پراڻي لکڻيءَ کي ڇڏي
ويجهڙائيءَ واريءَ لکڻي جو مثال پيش ڪجي ٿو. مثلاً
شاهه صاحب جو هي بيت:
نٻر نيهه سندوم، مون اڀي هن ٿيلئو،
سعيو سامونڊن سٻٻي، اڳهم تا نه ڪئوم،
وجهڻ منجهه هئوم، پاڻ وراڪٻي رس سٻٻي.
مٿئين بيت ۾ لفظ ”نيهه“ جي پڇاڙي ۾ ”مومن“ ڪونه ڏنل آهي. مگر
اچارڻ ۾ نون اچي ٿو. ساڳيءَ طرح لفظ ”سٻٻي“ جي
اچارڻ ۾ نون اچي ٿو پر لکت ۾ نون ڪونه آهي. ٻيا به
اهڙا اکر، جن جي اچارڻ ۾ ”نون“ اچي ٿو مگر لکت ۾
نون ڪونه ايندو آهي. جهڙوڪ : ”ڱ“ ۽ ”ڻ“ وغيره. پر
پراڻي لکڻي ۾ اهڙن اکرن تي فقط هڪ ليڪ بنا ٽٻڪن جي
۽ ”ڻي“ کي ”ن“ ڪري لکيو ويندو هو. مگر پڙهن وارا
صحيح اچارن سان پڙهندا هئا. اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح
هڪ عرب عربي عبارت اعراب کان سواءِ صحيح پڙهي
ويندو آهي. اهڙن لکڻن کي جڏهن هاڻوڪي لکت ۾ آندو
ويو تڏهن به فرق پيدا ٿيو.
اسان جي راءِ آهي ته:
شاهه جي رسالي جو اهڙو نسخو تيار ٿيڻ کپي جنهن ۾ جدا جدا
پڙهڻيون نه هجن. سنڌ جي جن حصن جي زبان ڪم آيل آهي
اها اعراب سان لکيل هجي ته جيئن هر هڪ لفظ ۽ نالي
يا محاوري ۽ پهاڪي جي اصليت ظاهر ٿئي. مونجهارا ۽
ڏکيائيون ختم ٿي وڃن. اصلي اچارن ۽ پڙهڻي سان گڏ
لکت جي صورت به هاڻوڪي هجڻ کپي.
هي به خيال رکڻ گهرجي ته شاهه جي رسالي ۾ بيتن ڪيا وائين
(ڪافين) جي معنيٰ ۽ شرح نه لکي وڃي. ڇو ته جڏهن
صحيح نسخو تيار ٿيندو ته هر هڪ پڙهندڙ پنهنجي علمي
لياقت ۽ عقلي ڄاڻ موجب ڪلام مطالع ڪري آسانيءَ سان
لطف وٺي سگهندو. ڇو ته شاهه جو ڪلام اهڙو اهي، جو
هر مذهب ۽ هر طريقي وارو شخص ان کي پڙهي دل ٺاري
ٿو.
شاهه جي ڪلام تي جيڪڏهن شرح لکڻو هجي ته اهو جدا لکڻ کپي ۽ جيئن
جو تئين لکڻ کپي. رسالي ۾ فقط شاهه جي ڪلام وارن
خاص لفظن جي مڪمل سمجهاڻيءَ سان لغت ڏيڻ گهرجي.
شاهه جي ڪلام جا جيڪي ٻين زبانن ۾ منظوم ترجما ٿي رهيا آهن، اهي
اڪثر ناقص آهن، ڇو ته ٻين زبانن ۾ اهو ناممڪن آهي
ته شاهه صرف هڪ مصرع جو ئي پورو پورو منظوم ترجمو
ٿي سگهي. انهي مان ڇا ٿيندو جو غير سنڌي اهو لطف
حاصل ڪري نه سگهندا ۽ هو ڪم از ڪم دل ۾ شاهه کي
ايڏي اهميت نه ڏيندا. مگر ٻين زبانن ۾ ڪلام جي
معنيٰ ۽ شرح جيڪڏهن ڪو عام لکندو ته اهو نهايت چڱو
ڪم ٿيندو.
شاهه جا ٽي بيت
هاڻي شاهه جي ٽن بيتن بابت ڪجهه لکيو ويندو. ان مان معلوم ٿيندو
ته شاهه جي ڪلام لاءِ ڪيتريقدر نه تحقيق ڪرڻ جي
ضرورت آهي. اهي ٽيئي بيت آنجهاني هوتچند مولچند
گربخشاڻي جي ٺاهيل رسالي مان ورلتل آهن. گربخشاڻي
صاحب پاڻ کي رسالي ۾ مرتب، مـﺂلف يا شارح ڪري ڪونه
لکيو آهي، بلڪ ”مهتمم“ ڪري لکيو اٿس، جنهن جي
معنيٰ آهي بندوبست ڪرڻ وارو. مطلب هي ٿو نڪري ته
انهيءَ ڪم ۾ ڪن ٻين جو به حصو آهي. گهڻن جي ڪم ڪرڻ
هوندي به ڪيتريون نه گهٽايون رهجي ويون آهن! ان جو
سبب فقط هي آهي ته هن وقت تائين مڪمل ۽ صحيح سنڌي
لغت ٺهي ئي ڪانهي، جنهن ڪري پوري معلومات حاصل ٿي
سگهي. شهرن ۾ ڄاول نپنل ماڻهن کي ٿر يا جبل جي
زبان جي مڪمل خبر ڪيئن معلوم ٿئي. اتي جا محاورا
يا شين جا نالا هت ڪٿان آيا، جن شين جو هٿ وجود ئي
ڪونه! ته لازمي ڳالهه آهي ته انهن نالن ۽ لفظن جي
معنيٰ ڪيئن سمجهي ويندي. ان مشڪل کي حل ڪرڻ جو
طريقو هڪ هي ئي آهي ته ملڪ جي انهن خطن ۾ وڃي
معلومات حاصل ڪجي. سو ايتري واندڪائي ڪنهن کي جو
ڪم ڦٽائي وڃي محنت ڪري! مون الله تي ڀروسو رکي،
همت سان ڪوشش ڪئي آهي. انشاء الله ته شاهه جي ڪلام
جي مڪمل لغت ٺاهي پيش ڪندس. جيڪي ٽي بيت هيٺ پيش
ڪيا وڃن ٿا، اهي جلد اول سر يمن ڪليان ۽ داستان
ٽئي مان
4,5
۽ 7 نمبروار آهن.
(4)
سَر جو سَڃئو سڄڻين، ڀر ڀيڏيَ ڏيئي،
ڪانَ ڪرِنگَرُ ڪپئو، پَکَنِ سِرِ پيهي،
جيرا جِڳَرَ بُڪيُون، پاساڙا ٻيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
هر بيت جي پويان مهتمم صاحب جي لکيل معنيٰ ۽ شرح پيش ڪري، ان تي
پنهنجي راءِ ڏبي. ٽنهي بيتن مان ڪي خاص لفظ پيش
ڪبا ۽ ڪن خاص ڳالهين تي رايو ڏبو.
سَر. (سن. سَرَ ، شر) تير، ٻاڻ.
ڀيڏي. (ڌن. وَڍيبهَ. گ. يڍ) ٽڻي، ڪرائيءَ جو هڏو.
ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي. جڏهن تير ڪمان تي رکبو آهي، تڏهن
ڪمان کي ڪشي، ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو آڌار ڏيئي، پوءِ
چُٽيو آهي.
ڪَرِ نگَرُ. (سن. ڪَرَنڪ
=
بدن جو ڪوبه هڏو) ڪرنگهو، پٺيءَ جو هڏو.
پَکَنِ. واحد، پَکُ. (سن. پَڪش) پَرُ، کنڀ. تيرن کي بک ٻڌندا
آهن، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي.
پاساڙا. واحد، پاسارو. (پارُشوَ + ڙو) پاسيريون.
مٿين لفظن جي معنيٰ اگرچه ظاهر آهي، پر جيڪا مهتمم صاحب معنيٰ ۽
شرح لکي آهي، اها مجبور ٿي ڪري ته ان بابت پنهنجي
ڄاڻ به پيش ڪجي.
1. شاهه سنسڪرت جو لفظ ”سَرَ“ ڪم ڪونه اندو آهي. هن فارسي
لفظ ”سَر“ استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
”مٿو“. سنڌيءَ ۾ اهو لفظ ”سِرُ“ ڳالهايو ويندو
آهي، سنڌيءَ يا فارسيءَ ۾ ”سر“ جي معنيٰ ڪيپراٽيءَ
کان وٺي ڳچيءَ تائين به ورتي ويندي آهي. ساڳيءَ
معنيٰ ۾ لفظ ”سِسي“ ۽ ”مٿو“ به ڪم آيل آهي. شاهه
فرمائي ٿو:
1. مٿو مور نه پاڙيان، تنهنجيءَ تند تنوار.
2. ڏيڻ گهڻو ڏهلو، سِسِي ڏيڻ سک.
ساڳئي مطلب ۽ مفهوم لاءِ لفظ ”ڪنڌ“ به ڪم ايندو آهي. مثال طور
شاهه چوي ٿو:
ٽيئي پرتا پڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ.
مٿئين بيت ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ ”تير“ جي معنيٰ ۾ ڪم نه آندو آهي،
بلڪه پنهنجي سموري ڪلام ۾ شاهه ”سر“ جو لفظ سسي،
مٿو ۽ ڪنڌ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي.
شاهه جو بي بيت ڏسو:
وڍ سر ٿي سرهو، مَ ڪي آءُ، مَ ڳاءُ،
جا جڪ تو مٿاءُ، ملڪ مڙوئي گهوريان.
فارسي ۾ هڪ رُبائي سيدالشهداءَ حسين عليه السلام بابت آهي، جنهن
۾ سر جو لفظ مٿئينءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي:
رُباعي
شاهه هست حسين و بادشاهه هست حسين،
دين است حسين و دين پناهه هست حسين،
سر داد، نداد دست در دست يزيد،
حقاَڪہ بناي لا الله هست حسين.
ڀيڏي
=
ماڻهوءَ جي ٻنهي پيرن جي مُرين ۾ ٻنهي پاسي هڪ هڪ
گول، ٿوري اڀريل هڏي ٿيندي آهي، ان کي ڀيڏي سڏبو
آهي. ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ کڻي ”ڀيڏي“ ڪهڙيءَ به هڏيءَ
کي چئبو هجي، پر اسان کي عام ۽ اصطلاحي معنيٰ کي
وٺڻو آهي. تنهن کانسواءِ شاهه جي مطلب کي به ته
ڏسڻو آهي ته هن ڪهڙي نه صحيح حقيقت بيان ڪئي آهي.
ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي
=
اها تير اندازن کي خبر آهي ته تير يا گز هڻڻ وقت
ڪرائيءَ جي ڪنڊي جو ڪمان سان ڪوبه واسطو ڪونه
هوندو آهي. البت ڪرائيءَ جو طاقت وارو هئڻ ضروري
آهي ته جيئن ڪمان ۽ تير هٿ ۾ مضبوط جهليل هجن.
ويهي جنهن وقت تير هڻبو آهي ته ان وقت سڄو گوڏو ڀڃي
ويهبو آهي، ۽ ان وقت ڀيڏي زمين تي کتل هوندي آهي.
کٻو گوڏو اڀو رهندو آهي. سڄي هٿ ۾ تير، ڪمان جي
زهه ۾ پيل، جهليل هوندو آهي ۽ کٻي هٿ ۾ ڪمان ۽ تير
ٻئي ورتل هوندا آهن ۽ کٻيءَ ٻانهن جي ٺونٽ اڪثر
کٻي گوڏي تي ٽيڪ ڏياريل هوندي آهي. انهيءَ طريقي
سان تير زورائتو ۽ تيز به ويندو ۽ نشاني تي به
پورو لڳندو آهي.
ڪَر نِگَرُ
=
ڪرنگهو خاص طرح ڳچيءَ ۽ ڪلهن واري گڏجڻ جي هڏيءَ
کي به چوندا آهن. چوڻي به آهي ’فلاڻي فلاڻي جو
ڪرنگهو ڀڃي ڇڏيو‘.
پَکَ
=
تير کي پک ٻڌبا ڪونه آهن، لوهه يا فولاد جي سيخ،
جنهن مان تير ٺاهبو آهي، انهي سيخ مان ئي تير جا
پک به ٺاهبا آهن.
تير جا ڪيترائي قسم آهن، جن جا نالا به جدا جدا آهن،
تير کي پک فقط انهيءَ ڪري رکبا آهن ته هو وڏو
گهاءُ ڪري ۽ اندر وڃڻ بعد ڇڪڻ سان ٻاهر هڪدم نه
نڪري سگهي. جيئن شاهه به چيو آهي ته:
لڳو جيءَ جڙي، تاڻيان تير نه نڪري.
پاساڙا
=
ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به پراڻا ماڻهو وڏيءَ عمر وارا
پاسرن کي ”پاساريون“ ئي چوندا آهن ۽ شاهه ڀٽائيءَ
به لفظ ”پاساريون“ ئي ڪم آندو آهي، وزن ۾ به اهو
لفظ بلڪل پورو پوتل آهي.
شڪاريءُ جو اصول آهي ته شڪار تي جيڪو به وار ڪري ته اهو اول سر
تي ڪري. لڙائي يا جهيڙي ۾ به مٿي ۽ سسي تي ڌڪ هنيا
ويندا آهن. محبوب جون نظرون به عاشق جي نظرن سان
ٽڪربيون آهن. چوڻي به آهي ته ’فلاڻي کي ڪاپاري ڌڪ
لڳو آهي‘. تنهن ڪري بيت جو مفهوم سڌو سنئون آهي ته
سِرَ جو سڃئو سڄڻين، ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي.
(5)
سِرَ جو سڃئو سڄڻين، ٻنگا ٻاڻ ڀري،
وئو وجودا نڪري، ڪڙڪڙ ڪانءُ ڪري،
پڇو پير ڀري، ته ڪهِ ٺريو هٿ حبيب جو.
1. ٻنگا
= ٻنگ مان. (ڏسو مٿي 1، 8 ۽ 11).
مٿي ڏٺو ويو ته سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پهرئين جي بيت نمبر1 ۾
نه، باقي بيت نمبر 8 ۽ 11 ۾ ”ٻنگا“ ۽ ”ٻنگ“ ٻئي
لفظ ڪم آيل آهن. انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ ۽ شرح هن
طرح لکيل آهي:
ٻنگا
=
ٻنگان (هاڻ) ٻنگ مان. ٻنگ. (سن. و نڪ)، ور، پيچ،
وٽ. هي تيراندازيءَ جو اصطلاح آهي. جڏهن ڪمان کي
وچان کاٻي هٿ سان جهلي ۽ زهه کي چپٽيءَ ۾ تير سميت
ساڄي هٿ سان ڇڪي، ٻانهن کي اهڙي پوري ور تي آڻبو
آهي جو تير تکو ۽ زور سان ڇٽي وڃي، تڏهن انهيءَ ور
کي ”ٻنگ“ ڪري چوندا آهن.
2. پير ڀري. قدم رنج فرمائي.
1. (ٻنگا). هي لفظ هندي زبان جو ”بنگ
–
گا“ آهي، جو ڦري ”ٻنگا“ ٿيو آهي. ”ٻنگا“ بانس جي
ڪاٺيءَ جي ٽڪر کي چوندا آهن. بانس جي ڪاٺي مان به
ڪمانون سٺيون ٺهنديون آهن. انهن بيتن ۾ ”ٻنگ“ يا
”ٻنگا“ ٻئي لفظ ڪمان جي معنيٰ ۾ ڪم آيل آهن. 8 ۽
11 بيت ۾ هن طرح اهي لفظ استعمال ٿيا آهن:
هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگا لهي پاڻ،
چوري چنگ، ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس.
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ”ٻنگ“ ٻين اصطلاحي معنائن ۾ به
استعمال ٿئي ٿو. اهو گربخشاڻي صاحب به صحيح لکيو
آهي ته ور، پيچ وٽ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، پر ٻين
مضمونن ۾ تير هڻڻ مهل ٻانهن کي ور ٻر ڏبو ئي
ڪونهي. اها معنيٰ هروڀرو ڪڍي وئي آهي، تير هڻڻ وقت
ٻانهن فقط ٻيڻي ٿيندي آهي. اتي جيڪڏهن ٻانهن کي ور
ڏبو ته تير ماڳهين ٻئي طرف هليو ويندو ۽ زور سان
به ڪونه ويندو.
ستين ٻنهي سٽن ۾ ”لهي“ لفظ غلط آيل آهي. شاهه صاحب اصلي ئي هيئن
فرمايو آهي:
18. هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگان ڀري ٻاڻ،
19. چوري چنگ، ٻنگ ڀري، حبيبن هنيوس.
2. مٿئين بيت ۾ ”پير ڀري“ جي معنيءٰ ”قدم رنج فرمائي“ بلڪل
غلط آهي. ڇو ته شاعر محبوب سان ڪونه ٿو ڳالهائي،
جنهن کي ”قدم رنج فرمائيءَ“ جي جملي سان مخاطب
ٿئي. هو ته پنهنجي همرازن يا عوام کي چوي ٿو ته
پڇو پير ڀري، ته ڪِ ٺرئيو هٿ حبيب جو.
اتي ”پير ڀري“ جي معنيٰ ٿيندي ته ”هلي وڃي“ پڇو. سست رفتار
ماڻهوءَ کي به چئبو آهي ته ”تڪڙو ٿي، ٻٽي ته ڀر“
وغيره.
(7)
سِرَ جو سڃئو سڄڻين، سينڱ منجهان سِيلو،
ٽنگر ٽِڪڻو ڪين ڪين، ڦار لنگهيو پِيلو،
هڻڻ سٻٻي حيلو، جانب جيڏو ئي ڪيو.
سينڱ
=
(سن. شرنگ)، ڪمان.
سيلو
=
(سن. شَلَيَه)، تير، گز.
ٽِنگَرُ
= (سن. ٽَنڪار)، ٽنڪار ڪندڙ، يعني تير، ڇو ته اڏامڻ مهل
ٽنڪار ڪندو.
پِيلو
=
(سن. پِيلو)، تير.
1. سينڱ، برابر ڪمان کي چئبو آهي. پر اهو
ڪمان جو ڪهڙو قسم ٿيندو آهي، ان جي تحقيق ته ٺهيو
پر رڳو ايڏهين غور ئي ڪو نه ڪيل آهي ته آخر سينڱ
ڇو نالو پيو.
در حقيقت اهو هندي زبان جو لفظ ”سينگ“ آهي، يعني سنڱ، جيڪو
جانورن جي مٿي تي ٿيندو آهي. ڪن خاص جانورن جي سڱن
کي گهڙي ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي ڪمان ٺاهي ويندي آهي، ان کي
ئي ”سينڱ“ سڏيندا آهن ۽ بهترين ڪمان ٿيندي آهي.
2. سِيل
= هي به هندي لفظ آهي ۽ ننڍڙي تير جو نالو آهي. اول فارسي
وارن ان کي ”سيله“ لکيو. سنڌيءَ ۾ جيئن بنده مان
بندو، فائده مان فائدو ۽ قصيده مان قصيدو ٿئي ٿو
تيئن سيله مان ”سيلو“ ٿيل آهي.
3. ٽِنگَرُ. هن جو ٽنڪار ٻنڪار سان ڪو به واسطو ڪونهي. اصل
۾ اهو لفظ آهي ”ٽونگرُ“ ۽ ”واو“ نڪرڻ بعد ٿيو
”ٽنگر“، جنهن جي معنيٰ آهي ٽونگ ڪندڙ، سوراخ ڪندڙ.
بيت ۾ وزن جي لحاظ کان ٽنگر توڙي ٽونگر ٻئي پورا
بيهن ٿا.
4. پِيلو
= هي لفظ فارسي زبان جو آهي سندس صورتخطي آهي ”پيله“. ان
جي معنيٰ آهي مڙهه، مڙگان، جنهن کي اسين پنبڻيون
چوندا آهيون. جيئن لفظ ”سِيل“ ۾ واو وجهي سيلو
ٺاهيو ويو، تيئن هن لفظ ۾ به واو وجهي پِيلو“
بڻايو ويو آهي. اهي ٻئي لفظ اسم تصغير وانگر آهن،
ڇو ته هو ننڍڙي تير لاءِ ڪم آيل آهي ۽ هن جي به
(پنبڻي) ننڍڙي تير سان تشبيهه ڏنل آهي.
زور ڪري شاهه جي ڪلام وارن لفظن کي سنسڪرت ٻوليءَ مان ثابت ڪرڻ
جو الاجي ڪهڙو ضرور آهي. صحيح طريقو هي آهي ته
جيڪو لفظ جنهن زبان جو هجي ته ان کي انهيءَ نموني
سان پيش ڪرڻ گهرجي ۽ سندس بدليل صورت سمجهائجي، نه
ته ٻيءَ حالت ۾ رڳو مونجهارا پيدا ٿيندا.
هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آنجهاني گربخشاڻيءَ
پنهنجي پر ۾ دوستن جي مدد سان شاهه جي رسالي کي
ترتيب ڏيڻ ۽ معنيٰ توڙي شرح لکڻ ۾ لاجواب ڪوشش ڪئي
آهي. |