سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :18

اهڙا خيال دل ۾ رکي مون رات ڏينهن محنت ڪري، يارهن ڪاليجن تي مشتمل يونيورسٽي ڪئمپس جي هڪ تفصيلي تجويز ٺاهي، جا سنڌ گورنمينٽ ڏانهن پوري وقت اندر يعني 26 اپريل 1951ع تي موڪلي وئي، ان وقت توقع هئي ته حڪومت جي طرفان ضروري پئسي جي فياضانه پيشڪش کي عمل ۾ آندو ويندو ۽ ان کان پوءِ پاڪستان ۾ اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙي يونيورسٽي هوندي، جا اسان جي پنهنجي ثقافت ۽ عمارت سازيءَ، اسان جي تعليمي نظريات ۽ نئين تعليمي فضا جي عڪاسي ڪندي.

نئين يونيورسٽي ٽائون شپ لاءِ خود سرڪاري حلقن ۾ به ايڏو گهڻو شوق موجود هو، جو اسان کي ڪراچيءَ واري وسيع عمارت کي ڇڏي هڪدم حيدرآباد ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، چنانچه اسان مذڪور پلان پيش ڪرڻ کان فقط ڇهه ڏينهن پوءِ ڪراچيءَ کي خيرباد چئي ٿورو گهڻو فرنيچر ۽ لائبريريءَ جا چار هزار کن ڪتاب ٿورن ٽرڪن ۾ وجهي حيدرآباد لاءِ نڪري پياسون، حيدرآباد پهچڻ تي اسان کي مهربانيءَ طور هيءَ عمارت ڏني وئي جنهن ۾ اڄ اوهين ويٺا آهيو ۽ جا اصل کان وٺي هڪ هاءِ اسڪول جي جاءِ هئي ۽ ان مان اسان کي هڪ يونيورسٽي بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو، اسان کي پنهنجي دفتري عملي جي رهائش لاءِ شهر ۾ ٻيون جايون هٿ ڪرڻيون هيون، پر هڪ گهر کان سواءِ جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي وڏين ڪوششن سان مهيا ٿيو، تنهن تي يونيورسٽي رجسٽرار قابض ٿيو؛ ٻي ڪابه جاءِ اسان کي هٿ نه اچي سگهي. خود ڊپٽي رجسٽرار ۽ سپرنٽينڊنٽن کي به يونيورسٽي عمارت اندر پناهه وٺڻي پيئي. بهرحال، مون هن اداري کي محض ”امتحان وٺندڙ اداري“ جي درجي کان ڪڍي هڪ رهائشي تعليمي يونيورسٽيءَ جي اعلى منصب تي فائز ڪرڻ جو عزم ڪيو هو، ته جيئن اها ملڪ جي انتهائي ضروري تعليمي ضروريات کي سر انجام ڪري سگهي. چناچه، ’پهرين ضرورت‘ پهرين جي اصول تي عمل ڪندي، ٽيچنگ ڊپارٽمينٽ جي بنياد وجهڻ لاءِ فوري اقدامات کنيا. هن حقيقت کان آگاهه هوندي، ته ملڪ جي سڀ کان پهرين ضرورت، قابل ماسترن ۽ پروفيسرن جي تربيت هئي، مون فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن جي انتظام ڪرڻ سان ابتدا ڪئي، سن 51-1952ع کان وٺي تعليمي ادارن جي منتظمن ۽ پروفيسرن جي تربيت لاءِ خاص طرح ماسٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري جي ابتدا ڪئي. ثانوي ماسترن جي تربيت لاءِ سن 53-1954ع کان وٺي ”بئچلر آف ٽيچنگ“ ۽ ”ٽيچرس ڊپلوما“ جا ڪورس شروع ڪيا ويا. ساڳئي وقت، تعليمي ميدان ۾ تحقيقاتي ڪم ڪندڙن جي تربيت لاءِ ”ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن“ جي ڊگري شروع ڪئي ويئي. تعليم جي محڪمي کان پوءِ منهنجي خيال ۾ ٻيو نمبر اهميت محڪمه دينيات،  اسلامي تاريخ ۽ اسلامي ثقافت کي هئي، جن جو ان کان پوءِ فوري طور بنياد وڌو ويو. ان کان پوءِ آرٽس واري طرف جا سڀئي محڪما قائم ڪيا ويا. انهن ۾ انگريزي،              سنڌي، اردو، عربي، فارسي جنرل هسٽري، پوليٽيڪل سائنس، معاشيات، رياضي، فلسفه ۽ نفسيات جا محڪما شامل هئا اهڙيءَ  طرح، 51-1954ع جي پهري ٽن سالن جي دوران ۾، پنڌرنهن مختلف محڪمن جي قائم ٿين سان، ايڊيوڪيشن ۽ آرٽس جون ٻه فئڪلٽيون مڪمل ڪيون ويون.

مون کي وڏي ۾ وڏو هن ڳالهه جو فڪر رهندو آيو آهي ته اڄ ڏينهن تائين مان ڪن ٻين قديم خواهه جديد ٻولين جي پڙهائڻ لاءِ ڪي قابل عالم نه آڻي سگهيو آهيان. جن ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ’چين‘ وڃڻ جو سبق ڏنو ويو هو، تن کي پنهنجي گهريلو يونيورسٽيءَ ۾ سنسڪرت، لاطيني، يوناني ۽ چينائيءَ جهڙيون قديم، فرينچ، جرمن، اطالوي ۽ هسپانوي وغيره جهڙيون انتهائي اهم جديد ٻوليون ضرور رائج ڪرڻ گهرجن پر اهو مسئلو مستقبل لاءِ ملتوي رکيو ويو آهي.

ايڊيوڪيشن ۽ آرٽس فئڪلٽين جي تنظيم ڪرڻ کان پوءِ، سڀني کان وڌيڪ اهميت وارو ڪم، جو مون گذريل سال کان وٺي پنهنجي سامهون رکيو، سو سائنسن جي تعليم شروع  ڪرڻ جو هو؛ يعني فطرت کي، اهڙيءَ فطرت جي وسيلي، فطرت جي مالڪ تائين سڌيءَ  طرح رسائي حاصل ڪرڻ جو هو. اهو ارادو ڪري، آءٌ سستن کان سستن اگهن تي سائنسي آلات خريد ڪرڻ لاءِ يورپ روانو ٿيس، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيءَ جي ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري مالي حالت سبب، بچت ۽ ڪفايت شعاري جو اصول، اسان لاءِ زندگيءَ ۽ موت جي سوال واري حيثيت رکندو آهي. خدا جي فضل و ڪرم سان، ڪن غير ،ملڪي ڪمپنين سان شخصي تعلقات جي ڪري، آءٌ سائنس جو سڄو سازو سامان اهڙن اگهن تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جي اڄ تائين پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به اداري کي شايد نه آڇيا ويا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح، هن غريب اداري جا هزارها رپيا تعليمي طرف جي تعمير لاءِ بچي ويا. ضروي ساز و سامان دستياب ڪرڻ بعد، گذريل سال جي آخر ڌاري، سائنس جي شعبي کي کولڻ لاءِ شروعات ڪئي ويئي. هن وقت تائين فزڪس، ڪيمسٽري، زولاجي، فشريز، باٽني، ائسٽرانامي ۽ جيئالاجي جا محڪما کولجي چڪا آهن ۽ اهڙيءَ طح سائنس فئڪلٽي مڪمل ٿي ويئي آهي. انهي فئڪلٽيءَ کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جو ڪم اڃا تائين باقي آهي. پرايترو چئي سگهجي ٿو ته ان جا بنياد مضبوط پيڙهه تي پئجي ويا آهن.

گذريل چئن سالن جي دوران ۾ ايڊيوڪيشن، آرٽس ۽ سائنس فئڪلٽين جي قيام لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ انتهائي اهم مسئلو، جيڪو اسان کي درپيش آيو. سو ٽيچنگ اسٽاف لاءِ رهائشي جاين ڳولڻ جو هو، جن کي اهڙين نوڪرين کي قبول ڪرڻ، يا سندن محڪمن کي تعمير ڪرڻ جي سخت محنت لاءِ، تيسين ڪشش نه پئي ٿي سگهي، جيسين کين رهائشي ڪوارٽرن مهيا ڪرڻ لاءِ جوڳو انتظام نه ڪيو ويو هو. اسان پئسو پئسو ڪري ڪافي رقم بچائي هر ممڪن ذريعي سان جيڪي ذرو پروزو ملي گهيو، تنهن جن مدد سان هن ئي احاطي جي اندر تعليمي خواهه دفتري عملي لاءِ خاصيرا رهائشي ڪوارٽر ڪرايا آهن.

اسان جي ‎حيدرآباد اچڻ کان اڳ ڇپائيءَ جي ڪم تي خرچ ڪيل رقمن جي بلن تي نگاهه وجهندي، مون ڏٺو ته يونيورسٽي هر سال ڇپائي جي ڪمن تي ٽيهن کان چاليهن هزار روپين جي رقم خرچ ڪري رهي هئي. ان جي باوجود، يونيورسٽي اهڙي حالت ۾ ڪو  ننڍو نصابي ڪتاب به شايع نٿي ڪري سگهي، جڏهن اهو بازار ۾ موجود نه هجي، نه وري اها ڪو طبعزاد ڪتاب يا ڪو ”ٿيسز“ ڇاپي ٿي سگهي. چناچه،. هڪ ڇاپخاني جي عمارت  تعمير ڪرائي ويئي ۽ پريس جي مشينري گهٽ ۾ گهٽ اگهن تي خريد ڪئي ويئي، ته جيئن يونيورسٽي پنهنجي اسٽيشنري پاڻ ڇاپي سگهي، امتحانن جي پيپرن جي خفيه رهڻ جي خاطري ٿي سگهي، سستن نرخن تي فروخت ڪرڻ لاءِ ضروري گهربل نصابي ڪتاب ڇپجي سگهن ۽ سائنٽيفڪ رسالا ۽ تحقيقاتي نوعيت جا ڪتاب شايع ٿي سگهن، جي يونيورسٽيءَ جي اداري سان گڏوگڏ، سڄي ملڪ جي تحسين ۽ نيڪ ناميءَ جو باعث بڻجي سگهن.

غير ملڪي مٽاسٽا واري ناڻي تي بندش هئڻ ڪري، سماجي ۽ فطري سائنس تي لکيل سٺن ڪتابن جي درآمد جي راهه ۾ ڪافي حد تائين رڪاوٽون حائل هيون، ان ڪري نه فقط پڙهائيءَ جو ڪم روڪجي ٿي پيو. پر خود طالب علمن لاءِ پڻ وڏيون دشواريون پيدا ٿي پيون. چنانچه، مون هڪدم يونيوريسٽي بڪ ڊيپو قائم، ڪيو، ته جيئن يونيورسٽي ليئبريري عملي جي ميمبرن ۽ طالب علمن جي برادريءَ کي نصابي ۽ حوالن وار اهم ڪتاب مهيا ٿي سگهن.

مون يونيورسٽي لئبريريءَ جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ سٺيءَ لئبريريءَ کان سواءِ، نه  اعلى پيماني تي پڙهائي ۽ وري ڪو تحقيقاتي ڪم ڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو. اسين ڪراچيءَ کان هت فقط چار هزار ڪتابن سان آيا هئاسون. انهيءَ ظاهر ظهور ڪميءَ مون کي ان وقت تائين آرام سان ويهڻ نه ڏنو، جيسين مون پنهنجن محدود مالي وسيلن جي حدود اندر آهستي آهستي سڀيئي اهم ڪتاب گهرائي ورتا. خدا جي مهربانيءَ سان اسين اڄ تائين ستاويهه هزار ڪتاب هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون جن ۾ هڪ سـﺂ نادر مخطوطه به شامل آهن.

طالب علمن ۽ يونيورسٽيءَ سان ملحقه ادارن جو تعداد به جيئن پوءِ، وڌي ويو آهي، جيئن هيٺ ڄاڻايل انگن اکرن مان واضح آهي:

سال

طالب علمن جو تعداد

ملحقه ڪاليجن جو تعداد

ملحقه هاءِ اسڪولن جو تعداد

1915ع

2762

6

36

1955ع

5864

17

59

طالب علمن جي آباديءَ ۾ انهيءَ عظيم اضافي، شاگردن جي بهبوديءَ ۽ ڀلائيءَ، ۽ سندن ٺاهه جي متعلق متعدد مسئله پيدا ڪيا آهن، جي ڪافي پئسن هٿ ۾ نه هئڻ ڪري اڃا تائين حل طلب آهن، پر اسان سڀني کان وڌيڪ تعليمي ضرورتن کي ڪڏهن به نظرانداز ڪونه ڪيو آهي، جن ۾ پڙهائي جي مهارت ۽ تعليم جا اعلى معياري مسئلا به شامل آهن. مئٽرڪ کان وٺي ڊاڪٽريءَ جي ڪلاسن تائين نصابن تي مڪمل طور نظرثاني ڪئي ويئي آهي ۽ انهن ۾ عام ۽ خصوصي تعليم جي گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ، کين نئين سر زوردار ۽ قوتمند بنايو ويو آهي. اسان جي تعليمي سرشتي جي هنري پهلوءَ کي طاقتور بنائڻ جي راهه ۾، مئٽرڪ جي سطح تائين هنري تعليم ۽ استادن جي تربيتي ڪورسن ۾ هنري رهبريءَ جي ڪورسن کي شامل ڪرڻ، قابل غور ڪاميابيون آهن.

مرڪزي حڪوت وٽان مليل فياضانه امداد سان اسين پنهنجن شاگردن لاءِ هڪ ڪئفيٽيريا ۽ هڪ يونين هال کان علاوه، اهڙن غير ملڪي مهمانن، علامن ۽ شاگرد لاءِ هڪ هاسٽل به تعمير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون؛ جي وقت بوقت يونيورسٽيءَ ۾ اچن ٿا.

اسان سڀئي ملازم تعليمي خواه، دفتري عملي تي، پگهارن جي اهڙن اسڪرين تي ڪم ڪري رهيا آهن، جي پاڪستان جي ٻي هر هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ملندڙ اسيڪلن کان نسبتاً گهٽ آهن .تازو مٿن وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستاني رپئي جي قميت گهٽجڻ سبب ٻه طرفو دٻاءُ پئجي ويو. اهڙي حالتن ۾ انهن کي پنهنجو پورائو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو ۽ ساڻ ئي علاج معالجي جو ڳاٽي ڀڳو خرچ برداشت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. چنانچه، اسان ملازمن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ هڪ ڊسپينسري کولي آهي. جتي سندن علاج  مفت ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت اسن انهن لاءِ نه فائدو نه نقصان. جي بنياد تي هڪ فيئر پرائيس اسٽور به کوليو آهي.

اهو سڀڪجهه يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ رهائشي پهلوئن جي ابتدا ڪرڻ ۽ انهن کي اهڙيءَ طرح جوڙڻ جي مقصد سان ڪيو ويوآهي. ته جيئن جڏهن هڪ اهڙي مڪمل رهائشي يونيورسٽي هئڻ جو اسان جو خواب سچو ثابت ٿئي، جنهن کي پنهنجو ڪئمپس ۽ ٽائون شپ هجي، (جنهن لاءِ زمين حاصل ڪئي ويئي آهي ۽ نقشا تيار ڪرايا ويا آهن) ۽ جنهن ۾، نه فقط نباتاتي ۽ حيواناتي تجربن لاءِ پنهنجا باغ هجن، پر انهن ۾ سائنسي تحقيقات لاءِ لئباريٽريون ۽ فضا پرواز جا انتظام به مڪمل هجن، تڏهن اسان هن ابتدائي نوعيت جي خاڪي کي مڪمل تصوير ۾ بدلي ڪري سگهون.

اسان جي خيال ۾ ، يونيورسٽي هڪ اهڙي جاءِ نه آهي. جتي ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ وڃجي. ۽ ڊگريون نوڪرين هٿ ڪرڻ واسطي ورتيون وڃن، پر اها هڪ اهڙو ادارو آهي جتي قرآني تعليم جو اصل مقصد حاصل ٿئي، ۽ جتي شاگردن کي  ”عالمي تعليم“ مهيا ڪئي وڃي، ۽ زندگيءَ جي صحيح ۽ حقيقي نظريي جي تحت، نظرياتي تنگ نظريءَ ۽ حد کان زياده مخصوصيت جون بدعتون ۽ برايون ڪڍي سگهجن.

مون پنهنجي عملي کي هميشه هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته يونيورسٽيءَ جي معنى، تعليمي ۽ دفتري عملي ۽ نظرين ۽ مقصدن جو اشتراڪ ۽ سڀني جي خيالن ۾ غير مبهم ۽ واضع مقصد موجود هئڻ جي آهي. اهو سڀڪجهه اسان جي هم آهنگيءَ تي دارومدار رکي ٿو. ۽ آءٌ ڪنهن به خوشامد کان سواءِ ، ايترو چئي سگهان ٿو ته يونيورسٽيءَ  ۾ منجهن رفقاءِ ڪار مان ذري گهٽ هر ڪنهن ڄڻي دل و جان سان انهن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ موکيو آهي. ۽ جيڪڏهن مقصد جي اها پاڪائي ۽ فڪر جي يڪجهتي ائين قائم رهي ته پوءِ منهنجي دل ۾ ذري برابر  به شڪ ڪونهي ته خدا جي فضل  و ڪرم سان اسين اهو مقصد ضرور حاصل ڪنداسون جيڪو اسان پنهنجي سامهون رکيو آهي.

آخر ۾ آءٌ جناب والا ۽ پنهنجي نون سينيٽرن کي درخواست ڪندس ته اوهين اسان کي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾، جنهن جو واسطو هڪ اداري يا هڪ صوبي يا هڪ ملڪ سان نه، پر سڄي مسلم دنيا سان آهي، پنهنجي وس آهر مدد ڪندا.

مورخه 4-9-1955ع حيدرآباد سنڌ                       آءِ. آءِ. قاضي

وائيس چانسلر

يونيورسٽي آف سنڌ

 

عيد الفطر تي خطاب (30 – مئي 1955ع)

لائق ساٿيو ۽ معزز رفيقو!

جيڪڏهن آءٌ ڀلجان نٿو، ته اڄ هن نموني ۾ اٽڪل پنجن مهينن کان پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ رهيا آهيون. نئين سال جي تقريب بعد هن طرح خوشگوار فضا ۾ هي پنهنجي قسم جو پهريون اجتماع پيو معلوم ٿئي، اڄ ڪي نوان مهانڊا به هت نظر اچن ٿا ۽ ايئن ٿو ڀانئجي ته سان جي برادري ۾ ڪافي واڌارو ٿيو آهي. شايد اسان جي نون رفيقن لاءِ هي مجلس سندن زندگيءَ جو هڪ نئون تجربو هجي!

اسان کي هن نموني ۾ گڏ ڪرڻ جو باعث آهي، جا وري وري پئي موٽي اچي ”عيد“ جي معنى آهي ”اها، جا وري موٽي اچي.“ سو هفتي کن گذرڻ کان پوءِ به اڄ اسان وٽ وري موٽي آئي آهي!

بيشڪ عيد جي ته اسان کي گهڻي ڪجهه طلب رهي ٿي؛ مگر روزن جي به ڪنهن کي يادگيري آهي؟ روزن ۾ آهي ته وڏي تڪليف، مگري جڏهين به عيد موٽي اچي ٿي تڏهين اسان کي ’وري پاڻ ۾ ملائڻ سان گڏ، روزن ۽ قربانيءَ جي به ضرور يادگيري ڏياري ٿي.

هونئن به ”روزو“ خشڪي، بک ’۽ تَسيه آڻيندڙ آهي۽ عيد ۾ آهن مزا، کاڌا ۽ خوشيون؛ تنهن ڪري عيد هر ڪنهن کي پيئي وڻي، پر روزن سان گهڻن جي پويئي ڪانه. ڪنهن به پابنديءَ برداشت ڪرڻ لاءِ تمام ٿورا تيار هوندا آهن. روزي جو ته مفهوم ئي آهي. بندش يا روڪ: سمورين نفساني خواهشن ۽ طلبن تي پابنديءَ جو نالو آهي ”روزو“. جنهن اِهي پابنديون خوشيءَ سان اختيار ڪيون تنهن لاءِ آهي عيد ۽ عيد به اها عيد، جا وري وري پئي ايندي!

غور ڪبو ته انسان – ذات نه، پر ساري ڪائنات پابندي سان ڦل پائي ٿي.

اسان مان سڀ کان اول اهڙي بندش حضرت آدم ۽ حوا عليه السلام تي عائد ٿي، جڏهن کين امر ٿيو: ”لاتقربا هٰذه الشجرة“ يعني ٻنهي لاءِ حڪم آيو ته فلاڻي وڻ جي ويجهو نه وڃو!

مقصد هو ته کين سند خواهشن تي ضابطو رکڻ سيکاريو وڃي.

جيڪڏهن اسان حڪيم ڪامل جي فقط ان حڪم جي حقيقت سمجهي، پنهنجي خواهشن تي ضابطو ڪرڻ سکون ته ڪامياب زندگيءَ لاءِ اهو هڪ عمل ئي ڪافي آهي، نه فقط ايترو پر زندگيءَ جو بنياد ئي آهي تقوى. جڏهين اسين اهو ئي پوري طرح پروڙي نٿا سگهون ته اسان لاءِ ڇا چڱو ۽ ڇا مَٺو آهي، تڏهن اسان لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو بنا ڪنهن رهنمائيءَ جي پنهنجي لاءِ ڪابه نئين راهه متعين ڪري سگهون؟ بهتر اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي  عليم ۽ حڪيم خالق جي حڪمن جي، اکيون پوري پابندي ڪريون ، جنهن ۾ اسان جي چڱائي آهي ۽ اهائي سچي ’انسانيت‘ آهي.

پنهنجي پالڻهار جي حڪم عدولي ڪرڻ ڪري اڄ انسان حيوان جي سطح کان به هيٺ ڪري چڪو آهي. ڪتي جهڙو حيوان به پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ کان ٻاهر نٿو وڃي. ان کي جڏهين وقت تي کائڻ سيکارجي ٿو ته هو فقط انهن مقرر وقتن تي کائي ٿو. پر اسان مان ڪيترا اهڙا شخص آهن جي هميشه پيا کائين. کائڻ کان سواءِ هنن کي ڪو ڪم ئي ڪونهي، تڏهين به انسان پيا ليکجن!

کائڻ پيئڻ تي بندش سيکارڻ وارو رمضان المبارڪ، الوداع ڪري ويو؛ پر افسوس جو اسان ان جو ڪماحقـﮣ قدر نه ڪيو. البته ”عيد“ ملهائڻ جو حق پوريءَ طرح اسا ڪيوسين. ڇاڪاڻ ته عيد اسان جي کائڻ پيئڻ تي ڪابه بندش نٿي وجهي ۽ انهيءَ ڪري اها اسان ڌام ڌوم سان ملهائي!

دوستو! محض کائڻ پيئڻ ۽ خوشيون ڪرڻ ئي زندگي ناهي. اها ڪابه ٻي زندگي آهي جا ”خيراً و ابقى“ جي صفت سان موصوف آهي.  انهيءَ زندگيءَ جو مدار مقصد متعين ڪرڻ ۽ ان مقصد کي بلندپايه تي پهچائڻ تي منحصر آهي. انسان اشرف المخلوقات ٿيو ئي تڏهن، جڏهن هن پنهنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد مقرر ڪيو ۽ ناهي جنهن حصول لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. جنهن جي معنى ته هي زندگي وقف ڪري نين زندگي دستياب ڪئي!

اسان مان هر هڪ جي آڏو ڪونه جو مقصد هئڻ گهرجي، جنهن ڏي ان وقت تائين اسان هر حال ۾ وڏندا رهون، جيستائين اسان اهو احسن طريقي سان حاصل ڪريون. هر ڳالهه جو ڪو مقصد هوندو آهي ۽ ڪابه بي مقصد ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي آهي. ٿئي به ڪيئن، جو ان جو ڪو نتيجو نڪرڻو ئي نه هوندو آهي.

مثلاً اسان سڀ هتي هڪ اداري ۾ ڪم ڪريون ٿا. آخر ڇا لاءِ؟ اسان جو ڪو ته مقصد هوندو، يا بس ائين ئي پيا اچون ۽ وڃون! اسن جي آڏو يقيناً هڪ عظيم الشان مقصد آهي ۽ اسين هڪ آهني عزم سان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ همه تن مصروف آهيون.

البته، اسين ۽ توهين سڀ پنهنجي پنهنجي نموني ۾ پيا ڪم ڪريون. هر هڪ کي پنهنجي انفراديت وساري هڪ مقصد لاءِ، هڪ مرڪزي خيال جي ماتحت ڪم ڪرڻو آهي. جيڪڏهين ان جماعتي نظريي جي بجاءِ اسان سان هر هڪ ائين سمجهڻ شروع ڪري، ته آءٌ ته پٽيوالو آهيان، يا فقط ڪلارڪ آهيان، يا فقط رجسٽرار آهيان، يا فقط وائيس چانسيلر آهيان، ته جيڪر ڪم بنهه هلي نه سگهي. اسين سڀيئي هڪ ساڳي مشين جا پرزا آهيون ۽ سڀني کي گڏجي هڪ ئي مهم کي سر ڪرڻو آهي، ۽ هڪ ئي مقصد حاصل ڪرڻو آهي.

جنهن وقت اسان جي گڏيل ڪوشش سان ڪاميابي اسان جا قدم چمندي، تڏهين اسان پنهنجي صالح عملن جي انعام جا مستحق ٿينداسون. اهڙو انعام هر با مقصد ڪم ڪندڙ کي فطرتي طور عطا ٿيندو آهي،  پوءِ ڀل ان جو ڪم کڻي ڪيترو به خسيس ۽ معمولي هجي. اهو ملازم جو پنهنجي ڊيوٽي بخوبي ادا ڪري ٿو، سو پنهنجي فرض ناشناس آقا کان هزار بار بهتر آهي. پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪندڙ هڪ ڪلارڪ، الله جي نزديڪ پنهنجي وڏي کان وڏي آفيسر کان به وڏيڪ معزز ۽ قابل احترام هستي آهي!

دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي معمولي حيثيت رکندڙ ماڻهو، پنهنجي فرض شناسيءَ سبباً اعلى ترين عهدن تائين وڃي پهتا. انهن کي ائين فطرت جي هن اٽل قانون جي پابندي ڪرڻ جو خوشگوار انعام ملي چڪو آهي.

ارمان فقط اهو آهي جو اڄ اسان وٽان اسلامي روايات ختم ٿينديون ٿيون وڃن. صحيح اسلامي معاشرت اها ئي هئي جو هڪ جيد عالم، پنهنجي معاش جو نمونو پاڻ ڳولي ڪڍيو ٿي، ۽ هزارها اهڙا هئا جن ڪوري يا موچي يا ڌوٻي جو ڌنڌو اختيار ڪيو. اها ئي معاشرت  هئي جنهن ۾ هڪ شيدي غلام هڪ طرف ’طائوس الحرمين‘ ۽ ٻئي طرف، ممڪن ٿي سگهيو ٿي.

نيڪيءَ جو مفهومن اهو آهي ته سپرد ڪيل ڪم بخوبي ادا ڪجي، پوءِ کڻي اهو ڪم ڪيترو به خسيس يا اعلى هجي. چاهي اُهو ڌوٻيءَ جو هجي يا بادشاهه جو هجي، پٽيوالي جو هجي يا وائيس چانسلر جو هجي. عزت ۽ احترام ججي لائق اهو شخص آهي، جو پنهنجو ڪم پابندي ۽ لياقت سان پورو ڪري ٿو. جيڪڏهن جو چئي ٿو ته ’آءٌ ته فقط هڪ معمولي ڪلارڪ آهيان ۽ آءٌ وڌيڪ ڇا ٿو ڪري سگهان؟‘ ته هو غلطيءَ تي آهي. حقيقت ۾ هو هڪ نهايت ڪارگر رڪن آهي، بشرطيڪ هو پنهنجو فرض سڃاڻي ۽ سمجهي ته آءٌ هن مشنريءَ جو هڪ اهڙو ضروري پرزو آهيان،جنهن کان سواءِ جيڪر ڪوبه ڪم هلي نه سگهي.

اڄ ڏسو ته ملڪ جي حالت چوڌاري ڇا لڳي پئي آهي! آهي ڪا انسانيت؟ هر هنڌ وٺ پڪڙ، ڦرمار لڳي پيئي آهي. ننڍو خواهه وڏو ڪوبه ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بجليءَ واري کي ڪم لاءِ وٺي اچو ته هو ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي بدران ٺڳي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چاهيندو ته ڪجهه ناجائز نفعو ڪمائي. ساڳيءَ طرح سان توهان جنهن شخص کي ملڪ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ پنهنجو حاڪم مقرر ڪريو، سو به جي ڪا ٺڳي ڪري ڪجهه ناجائز نفعو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري ته پوءِ ٻنهي ٺڳن ۾ تفاوت ڪهڙو رهيو؟ جهڙو بجليءَ وارو ٺڳ، تهڙو حاڪم ٺڳ. ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن شاهه به ٻين کان پئسا وٺي گذارو ڪري ته گدا ۽ شاهه جي وچ ۾ تفاوت ڪهڙو رهيو.

بنيادي نقطو آهي ئي اهو ته اسان مان جو به، جنهن ڪم تي مامور آهي، ڀنگيءَ کان وٺي ويندي بادشاهه تائين، سو ان سپرد ڪيل ڪم کي سهڻي نموني سرانجام ڪري. تيسين تائين ڪوبه عزت ۽ احترام لائق ناهي جيسين هو پنهنجو ڪم سچائيءَ، خلوص ۽ صلاحيت سان نٿو ڪري. ڪنهن بادشاه جي  به ڪنهن بدديانتي ڪئي يا پنهنجي نااهليءَ ڪري ڪنهن فرض جي ادائگيءَ ۾ ڪوتاهي ڪئي، ته ان مهل هو انهيءَ ڀنگيءَ کان به بدتر آهي، جو پنهنجو ڪم صفائيءَ ۽ سچائيءَ سان بخوبي ڪري ڄاڻي ٿو.

انهي مقصد خاطر ئي هر مسلمان مرد تي حلال جي روزيءَ جي  ڳولا فرض ٿي ’طلب الحلال فريضـﺒ على ڪل مسلم‘ يعني ته هر مسلمان تي فرض آهي ته هو حلال ڪمائي جي تلاش ڪري. حلال جي ڪمائي اها آهي جا پنهنجي صلاحيت مطابق سچائيءَ سان ڪمائجي.

ساٿيو! اچو ته سڀ گڏجي مٿئين اعلى ارشاد جي روشنيءَ ۾، پنهنجي هن ننڍي اداري کي، هڪ اهڙي مثالي درسگاهه بنايون جا پاڪستان ته ڇا، بلڪ دنيا کي چئلينج ڪري چئي ته ’هتي ڪوبه هڪ اهڙو شخص نه آهي، جو پاڻ کي فقط پٽيوالو، يافقط ڪلارڪ، يا فقط آفيسر سمجهي ٿو. اسين سڀ ساٿي آهيون جي گڏجي، هڪ گهر جي ڀاتين جيان، هڪ مقصد جي ماتحت، فقط الله جي خوشنوديءَ لاءِ ڪم ڪريون ٿا.‘

اچو ته هڪ دفعو گڏجي دنيا اڳيان دعوا ڪريون ته ’هن اداري اندر ڪوبه اهڙو غير جوابدار شخص ناهي، جو بنا مقصد جي ڪم ڪندو هجي؛ ڪوبه اهڙو خود غرض ناهي، جو هن اداري جي بلند مقاصد بدران پنهنجي ذاتي مقصد جي پوري ڪرڻ ۾ مشغول هجي؛ ڪوبه اهڙو سست ۽ ڪاهل نه آهي جو پنهنجي صلاحيت ۽ لياقت کان گهٽ ڪم ڪندو هجي؛ ۽ ڪوبه اهڙو بدنيت ناهي جو حلال جي ڪمائي ڪرڻ بدران حرام جي ڪمائيءَ جو خواهان هجي‘. جيڪڏهن اسان پنهنجي انهيءَ دعوا کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريون ته انشاء الله مدد الاهي اسان سان ضرور شامل حال رهندي ۽ اسان فطرت جي ان انعام جا مستحق ٿينداسون جو فرض شناس ۽ اڻورچ انسانن کي اَوس ملڻو آهي.

اوهان کي گهرجي ته جيڪي ڪجهه ڪريو، محض الله واسطي ڪريو. پوءِ ڏسو ته دنيا ۾ توهان جو ادارو ڪهڙي نه بلند مقام تي پهچي ٿو. جيڪي ڪجهه خد اواسطي ڪبو سو عبادت ۾ شمار ٿيندو. هڪ ڏينهن حضرت عمررضه خطاب ڪري رهيو هو ته اذان جي آواز جو پڙلاءُ پيو. هڪ بدوي عرض ڪيو ته: ’يا امير المـﺂمنين! عبادت جو سڏ ٿيو آهي‘. کين جلال اچي وئي ۽ فرمايائون ته، ’تڏهن اسين هتي ڇا ويٺا ڪريون‘. حقيقت ۾ عبادت اِهائي آهي، جو جيڪي ڪجهه ڪجي، سو محض الله واسطي ڪجي. شاهه لطيف فرمايو آهي:

”ستا سي سونهن، ننڊ عبادت ان جي“.

عبادت جي انهيءَ مقصد کان سواءِ خود ’نماز‘ ڇا آهي؟ ان جي اسان کي اڃا خبر ئي نه آهي. نماز ته ڇڏيو، فقط نيت جي پهرئين لفظ ’اِنّي‘ جو مقصد به ڪو سمجهي ٿو يا سمجهائي سگهي ٿو؟ سچي نيت ته ’اِنّي‘ وجهت وجهي للّذي فَطَرالسماوات والارض‘ جو سمطلب مجهڻ تي منحصر آهي، پر فقط ’اِنيّ‘ جو غرض به اسان نه سمجهيو آهي، پوءِ نماز ڪهڙي پڙهنداسون!

بهرحال هڪ سچو مسلمان بنا مقصد جي هڪ قم به اڳتي نٿو هلي. ان جي برعڪس موجوده حالت۾ ڪنهن به مسلمان جو ڪو مقصدي نظر نٿو اچي! عيد سڀڪو ملهائڻ گهري ٿو پر فطرت جي مطلب جي ڪنهن کي پروڙ نه آهي ۽ نڪو ڪو روزي کي سڃاڻي ٿو ۽ نه ئي ڪاري اڇي جو ڪو تفاوت رکي ٿو!

جيئن مون اڳي چيو، عيد جي معنى ئي آهي اها، جا موٽي اچي، سو اها عيد وري موٽي ايندي ۽ اسين وري به گڏباسون، انشاء الله، پر ڪاش! ڪڏهين عيد جي  موٽ اسان کي الاهي مقصد کي اڳي ڪندو ڏسي!

هن وقت ته ملڪ جي حالت اهڙي آهي جو هتي جيئرو رهڻ به مشڪل پيو نظر اچي. اها ئي وڏي ڳالهه آهي جو گذريل چار سال اسين سڀ زندهه رهيا آهيون ۽ اسان جي اداري جو خاتمو نه ٿيو آهي. شڪرانا رب جا، جو اسين اڄ صحيح سلامت هڪ ٻئي سان گڏ هڪ جاءِ تي ڳالهائي رهيا آهيون!

جيسين عيد وري موٽي اچي، تيسين اچو ته سڀ گڏجي هن پنهنجي ننڍڙي اداري کي ان عظيم نظام جي نقش قدم تي هلائڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ سنڌ جي هن يونيورسٽيءَ کي هڪ اهڙو مثالي مڪتب علم بنايون جو ساري عالم لاءِ مشعلهء راهه ثابت ٿئي.

توهان نوجوان آهيو ۽ توهان جون صلاحيتون اڃا جوان آهن.توهان جا جذبات زندهه ۽ عزائم بلند آهن، جن جي ذريعي توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا. رپين ۽ پئسن جو ڀوت پنهنجي دماغن مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ اهڙي نموني ۾ ڪم نه ڪريو جو ائين معلوم ٿئي ته ڄڻ توهان جي زندگيءَ جو مقصد ئي پئسو ڪمائڻ آهي. اهڙي قسم جا سمورا وسوسا ۽ خدشا دلين مان خارج ڪرڻ کانپوءِ ئي توهان پنهنجي يونيورسٽيءَ کي دنيا جي اڳيان هڪ صحيح نظرئي رکندڙ علمي اداري جي حيثيت سان پيش ڪري سگهندا. مگر انهيءَ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اوهان سڀني جو هڪٻئي سان اهڙو رس ۽ تعاون هجي، جهڙو مشين جي پرزن جو هڪٻئي سان هوندو آهي. جي ائين ٿيو ته پوءِ يقين رکو ته جلد يا دير سان ڪاميابي توهان جا قدم چمندي، ۽ توهان ان ”مقام محمود“ کي پهچندا، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي هر انسان کي فطري خواهش هوندي آهي.

”شال! خدا اسان کي نيڪ ۽ صالح ڪري!“

        اسلام عليڪم – خدا حافظ!

 

*-----------*--------*

 

ضياءالدين_ ايس_”بلبل“

سنڌي ملهه

 

نوٽ: سنڌي ملهه _ متعلق جناب ريس ضياءالدين صاحب، ايس، ’بلبل‘ جو مختصر ۽ جامع مضمون پيش ڪجي ٿو. جناب رئيس صاحب، سنڌي ملهه جي فني حيثيت تي هڪ نئين زاويه نگاهه سان فلسفيانه ۽ نفسياتي بحث ڪري ثابت ڪيو آهي ته مردانگيءَ  بهادريءَ جي سڀني بينالاقوامي فنن ۾، ’ملهه‘ هڪ بيمثال فن آهي جنهن ۾ صحيح نموني هڪ پهلوان پنهنجي جسماني بهادريءَ ۽ فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. ۽ ان ڏس ۾ به ’سنڌ‘ جي انفراديت قائم ۽ دائم آهي. _غ، م، گ

سنڌ جي روزانه اخبارن، شير ميربحر جي زيبسڪو کي شڪست ڏيڻ تي، تحسين جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر يورپ جي مشهور پهلوان زيبسڪ تي، جا شاندار سوڀ حاصل ڪئي آهي، اها بجا طور تي فخر جي قابل آهي. ان سان گڏ اخبارن اهو نهايت مهلائتو ۽ مفيد مشورو ڏنو آهي ته شاهه ڀٽائي رحمت الله عليه جي ايندڙ يادگار ڏينهن ملهائڻ واري موقعي تي هڪ شاندار سنڌي طرز جو ملاکڙو ڪرايو وڃي. ان رٿ جي زوردار تائيد ڪندي هي عرض ڪبو ته سنڌي طرز جي ملهه جي، دنيا جي ملهه جي نموني تي جيڪا فوقيت آهي تنهن تي ويچار ڪرڻ گهرجي. اهو فن بالڪل جداگانه ۽ پنهنجي طرح جو بيمثال فن آهي. ملهه جي ٻين نمونن ۾ هٿن ۽ ٻانهن خواهه ڄنگهن جي طاقت ۽ حرفت ۽ حرڪت سان ملهه لڙبي آهي ۽ مخالف کي هروڀرو پٺيءَ ڀرسئين ڪنڊي ڪيرائڻو آهي جنهن ۾ خود گهڻي ڊيگهه ٿيندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته هٿن پيرن ٻانهن ٽنهي عضون جي حرڪت ۽ زور تي اهو نمونو ملهه جو وڙهيو ويندو آهي؛ تنهنڪري ان ۾ ’عضون جو ’مروٽڻ‘ به ٿي سگهي ٿو. لازمي طرح اهو نمونو سخت ۽ ڊگهي عرصي تائين ڪشمڪش جاري رکڻ وارو هوندو آهي ۽ ان ۾ سور ۽ سختي به ڊگهي مدي تائين هلندي آهي، جا ڳالهه حساس ۽ انصاف پسند طبيعتن تي بارگران وانگر گذرندي آهي.

مگر ان جي ابتڙ سنڌي ملهه جي طريقي ۾ هٿ ۽ ٻانهون رڳو سندري (جو ڪپڙو چيلهه ۾ مضبوط ٻڌل هوندو آهي) تائين محدود هونديون آهن، ۽ انهن جي چرپر رڳو مخالف کي زمين تان ’پٽي کڻڻ‘ يا هڪ هنڌ ’کپائي بيهارڻ‘ يا پاڻ کان ’اوري يا پري‘ آڻڻ لاءِ ئي ڪم ۾ اينديون آهن. اهي ’سندري‘ کان جدا نه ڪري سگهبيون آهن. جدا ٿيون ته راند بند ڪئي ويندي ۽ ملهه وري جوٽي ويندي. انهيءَ سبب ڪري سنڌي طرز جي ملهه ۾ هٿن ۽ ٻانهن جي زور جو ايترو ’مظاهرو ۽ مقابلو‘ نه ٿيندو آهي جيترو ’پيرن ۽ ڄنگهن‘ جو. هيءَ نت نرالي ڳالهه آهي، ته انسان جي بدن جو زور ٻانهن ۽ هٿن ۾ ٿيندو آهي؛ پر ساهه ڄنگهون ڪمزور ۾ ڪمزور حصو چيون وينديون آهن، تنهنڪري سنڌين پنهنجي ملهه ۾ انهيءَ ڪمزور عضوي جي طاقت ۽ جوهر ڏيکارڻ لاءِ جيڪو فن جو نمونو اختيار ڪيو آهي، سو سڄي دنيا جي مَلهُن کان نرالو آهي. جڏهن بدن ڪمزور ٿيندو آهي تڏهن سڀني کان پهريان ئي ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳنديون آهن ۽ جڏهن جسم مان ساهه نڪرندو آهي تڏهن به اول ڄنگهن کي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري ’جاٺي‘ جي زور تي فتح پائڻ طاقت جو انوکو نمونو آهي. ’مونڙي ڏيڻ يعني گوڏي جو زور لڳائڻ يا ’اڙي‘ ڏيڻ يعني’پير جي آڙ‘ ڏئي مخالف کي اٽڪل سان ڪيرائي وجھڻ منع ڪيل آهن، يا ’پاسو‘ ڌرتيءَ تي کوڙيائين ته به شڪست کاڌائين.

ملهه جي هن نموني ۾ اجائي ڊيگهه ۽ ظالمانه جاجڙ بوجڙ ٿئي ڪانه، ۽ نه سور ۽ بيرحمي جو ڊگهو مظاهرو ٿئي (جو سور پرست يعني سئڊسٽ طبيعتن کي وڻندو آهي.) مقابلي ڪندڙ ٻن مڙس جي صحيح طاقت جو يڪدم پتو پئجي ويندو آهي، ۽ ڏسندڙن کي گهڻي عرصي تائين انتظار ڪرڻو نه پوندو آهي. جو ’راند‘ ’راند‘ نه پر هڪ ”گورک ڌنڌو“ بنجي پوي. سنڌيءَ جي فطرت جلد ”نبيرو“ پسند آهي ڄنگهن جي طاقت جي ٻي دنيا جي ڪنهن به راند ۾ اهڙي آزمائش نٿي ٿئي. ڄنگهن سان ڊوڙڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ ڄنگهن جي خالص زور تي پاڻ کي ’جهلڻ‘ ۽ ٻئي کي ’ڪيرائڻ‘ ڪٺن ڪم آهي. هن قسم جي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ملهه، چونڊيل خوراڪ کان سواءِ اهڙي سخت پرهيز ۽ دعا تعويذ به ڪندا آهن جو ڄنگهن جي طاقت کي ”وسامڻ“ نه ڏيندو آهي.

اهوئي سبب آهي جو سنڌي سڳوار، مور جهڙي سهڻي ۽ شاندار پکيءَ جي پيرن جي قباحت تي ڪهل ۽ قياسَ ڪندا آهن. چوڻي آهي ”مور سڄو سهڻو پر ٽنگون خراب“. سنڌين ۾ ”جاڏي پير تاڏي خير“ جو خيال ۽ مثال به انهيءَ ڪري مشهورٿيو آهي. ڏاندن جن جي سڄي ’طاقت‘ ڪلهن تي بار کڻڻ واسطي هوندي آهي تن کي ’تکي ڀاڄ‘ سيکارڻ ۽ سندن يڪ طرفي زور کي ڄڻڪ متوازن بنائڻ ۽ ڄنگهن طرف آڻن لاءِ سنڌين ’ڏاندن جي ميل‘ جو  نئون نمونو ايجاد ڪيو آهي. نماز جي رڪعتن ۾ به صرف آنڱوٺن ۽ پٻن کي هڪ هنڌ کُپائي ۽ کوڙي انهن جي محور ۽ مرڪز تي سڄي نماز ادا ڪري اٿڻ يعني قيام رڪوع ۽ سجده ڪرڻ جو رواج به مون خاص ڪري سنڌي نمازين ۾ ڏٺو آهي. وڏن کي نوڙي پيرين پوڻ جي رواج کي ’مڪروهه سجدو‘ نه پر انهيءَ ”پيرن جي پدم“ جي مڃڻ جو هڪ ڍنگ سمجهڻ گهرجي.

سنڌين جو ’دهل‘ هر وقت تيار ۽ ڌڪڙ واري ’رَسِي رَسِي‘ جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڇڪتاڻ يا اَٽي جي ڳوهه ۽ ٿاڦ ٿاڦ کان بي نياز هوندو آهي. ساڳيءَ طرح سندن ’يڪتارو‘ به هر وقت هڪيو تڪيو رهي ۽ سارنگي ۽ ستار يا سرندي جي تارن جي سرن ملائڻ يا پيچن جي ڪشڻ ۽ مروڙ کان بچيل هوندو آهي. مطلب ته سنڌي طبيعت جي ’راست بازي‘- ’صفا راند سوٽي جي ٻي ڳالهه مڙيو ئي کوٽي جي‘، جي مصداق ملهه ۾ اجائي اينگهه يا ولن ڇلن دغا ۽ دولاب جي اڙين يا مونڙين کي مڪروهه ڪيو آهي.

طبيعت جي اها راست بازي ملهه جا ”جوڙا ميڙا“ چاهيندي آهي. يعني فيصلو ٻي ملهه تي ٿيندو آهي ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو ڄڻ ته پهرين ملهه ۾ ”شڪ جو فائدو“ هارائيندڙ کي هوندو آهي. آدم جي ”کڙڪندڙ مٽي“ سان سچي رهڻ لاءِ ملهه جي بدني چر پر ’ڌڪ ۽ ڦيري‘ سان گڏ ’ساز‘ به شامل ڪيو ويندو آهي. جو ’شرناءِ ۽ دهل‘ تي ٻڌل هوندو آهي. دهل جو ’ٽاهو‘ به خاص سنڌي جي پيداوار آهي، جا ملهن ۾ جوانمردي ۽ حرڪت جوش ۽ جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.

منهنجي خيال ۾ ملهن جا ”جوڙا ميڙا“ ۽ ٻن بينن (نر ۽ ماد) جو وڄائڻ ۽ سنڌي  ’بيت‘ جي ٻن مصرعن ۽ نماز جي ’ٻن رڪتعن‘ کي ڌيان ۾ رکي ٺاهيو ويو اهي يا پراڻن سنڌي رهاڪن ’شِوَ شنڪر‘ جي پوڄارين ’جوڳي مت‘ وارن جي صرف ’ماتا پوڄا‘ يا نياڻي پوڄا جي مقابلي ۾ ماءُ ۽ پيءُ، ’ٻن وشين‘ يا ’ٻِن وَٿُن‘ جي قدر جي اصول تي بيهاريو ويو آهي.

مٿئين بحث مان متان ڪو ”جلد بازي“ جو گمان ڪري ته انهيءَ شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ انهن جو ڌيان ملهه جي ڊرامي جي ’باقي‘ (اپيلوگ) ڏانهن ڇڪائجي ٿو جنهن ۾ اهو بندوبست هودنو آهي ته ملهه کٽڻ کان پوءِ ’کيل ختم پئسا هضم‘ نه ٿيندا آهن پر ’پلـﺂ وٺڻ‘ جو انتظار پيدا ٿيندو آهي ته هارايل همراهه جو پلـﺂ ڪير ٿو وٺي! اتي وري شڪست خورده جي ياريءَ ۽ مددگاريءَ جو عجيب دلفريب تخيل اچي ٿو  ۽ راند ۾ پيچيدگي پيدا ٿيو پيوي ۽ راند گنڀير رخ اختيار ڪيو وٺي. ’پلـﺂ تي پلـﺂ‘ وٺندي ڄڻ ٽورنامينٽ جي فائينل راندين (چٽا ڀيٽي جي آخرين دور) وانگر سڄي ملهاکڙي جو خاتمو هڪ ڌڱاڻي ڌئينر جي ثابت ٿيڻ تي ٿيندو آهي، جنهن فاتح کان ڪو ’پلـﺂ‘ وٺڻ وارو في الحال پيدا نه ٿئي. هن لاءِ چوندا آهن ”مڙس ته ڌڱاڻو ڌنڱ، جو هڻ جڪاٺو ته لڏي نه لنڱ“.

ملهه ڏسڻ کان پوءِ فتح پائيندڙ ملهه، جيڪا سلامي ۽ لوڏ هڻندو آهي سا سوڀ تي خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ سان گڏ ’پلا وٺڻ‘ لاءِ للڪاريا چئلينج پڻ چئجي ته بجاءِ آهي. هي سلامي ۽ لوڏ دنيا جي سڀني سلامين ۽ لوڏين کان نرالي، مرداني ۽ موهيندڙ هوندي آهي. ههڙي راند جنهن ۾ خالص بدني طاقت جي سوز سان گڏ ساز به هم آواز هجي ان جي فلم ڪڍرائي قومي ميوزم ۾ محفوظ رکڻ ۽ دنيا ۾ مشتهر ڪرڻ لاءِ جيترو جلد جتن ڪجي اوترو جس وارو ٿيندو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو هن خالص نرالي سنڌي فن ۽ راند کي قائم رکيو وڃي ۽ ملهن جي پالنا ۽ پرگهور لاءِ هڪ قومي ادارو کڙو ڪيو وڃي.

 

*----------*-------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com