مگر جيئن ته اهو سڀ محض انداز ِ بيان ۽ مطلب ادا ڪرڻ جو لهجو
آهي جو ٻين سڀني ٻولين وانگر عربي زبان سان به
لاڳو آهي ۽ خدا تعالى به پنهنجو ڪلام دنيا جي
ٻولي ڳالهائيندڙن لاءِ موڪليو، تنهن ڪري اهو ساڳيو
انداز اختيار ڪيائين، جنهن مطابق سندس ڪرسيءَ مان
مراد سندس قدرت، قبضو، طاقت، عظمت ۽ گرفت کان علاه
ٻي ڪا به آهي. ساڳيءَ طرح اسان وٽ اصطلاحاً
”ڪرسيءَ کي سلام آهي“ موجود آهي، مگر سڀڪو سمجهي
سگهي ٿو ته محض ڪاٺ يا لوهه جي ڪرسيءَ کي سلام ڪرڻ
مضحڪه خيز ۽ بي مطلب آهي، ڪرسيءَ سان جيڪا طاقت ۽
قبضو (ڪنهن انسان جي صورت ۾) منسوب ٿيل آهي،
حقيقي مراد اُها آهي. ساڳئي طرح قرآن مجيد ۾
”يدالله“ آيل آهي، سمع، بصر جي تمثيل موجود آهي ۽
ٻيا به ڪيترا اهڙا مثال ڪثرت سان منجهس موجود آهن.
مگر الله تعالى سرچشمهء روح و انوار آهي ۽انهن
مادي نسبتن کان بلڪل بي نياز ۽ پاڪ آهي. هاڻ
جيڪڏهن ڪو اتي به مبالغه آميزي جي الزام تراشي جي
جرئت ڪري ته کيس آفرين آهي، جيڪڏهين زبان جي
ادائيگي، اندازِ بيان ۽ لهجي جون اهي اصلاحي ۽
تمثيلي ۽ تشبيهي طرزون درست بلڪه مقصد کي مـﺂثر
پيرايي ۾ ادا ڪرڻ لاءِ ضروري آهن ته پوءِ لطيف جي
لطيف، فن جي هن اظهار کي ڏسو ۽ جذبات جي ترجمانيءَ
جو داد ڏيو:
سِڪي جان سُتياس، تان سِڪَ سُمهڻ نه ڏئي،
جاڳي سُتِيَس جن لاءِ، سي آيا تان نه اُٿياس،
ڀينر آءُ ڀُلياس، نه ته سِڪَ سُمهڻ ڇا لڳي!
۽ اڃا به ڪو اهڙن بيتن ۽ آيتن ۾ تفاوت سمجهي ته اهو ظاهري زنده
مگر باطني طور مُرده آهي ۽ جيئري جسم ۾ مُئل دل جو
مالڪ آهي، مثال طور هن بيت کي ڏسو:
مِينهان ۽ نِينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
هُو جي وسڻ جا ويس ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين.
اهو ڪيڏو نه احمق آهي جنهن تي شاهه صاحب جي هن ا بي پاري پڙهڻ
سان مٿس نينهن جي پرسوز عظمت ۽ لطيف گرفت جي
وضاحت، جنهن کي شاهه صاحب هن بيت اندر هڪ بيمثال ۽
لاثاني تمثيل رستي دل سوز ۽ روح پرور انداز ۾
سمايو آهي، جي ظاهر ٿيڻ بدران اهو خيال غالب پوي
ته هي محض شاعر جو اجايو وڌاءُ ۽ بعيد از حقيقت
ماجرا آهي! ڀلا ڪڏهين ’مينهن ۽ نيهن‘ جو به ڪو پاڻ
۾ تعلق ٿي سگهي ٿو؟ فني ذوق ۽ ان جي لطافتن کان
بيخبر، ان عقل جي انڌي کي ڪير سمجهائي ته جيڪڏهن
انهن ٽن سٽن جي مقصد کي چڱيءَ طرح محسوس ڪري ته
جيڪر پنڊ ٻاهر توڙي اندر برسات وانگر وسڻ کان پاڻ
نه پلي سگهي ۽ انگ انگ آگمجي پويس ۽ اندر اوهيرا
ڪري اڇلجي اچي ٻاهر پويس. بدقسمتيءَ سان ذوق جي
اها انتها هر ڪنهن جي پلئه پوڻ جي نه آهي، جيئن
هرڪو شاعر فطري شاعر ۽ اديب ٿي نٿو سگهي، تيئن ان
جي ذوق ۽ لطيف مامَ جي پروڙ سان آراستگي به سڀ
ڪنهن جو ڏاج نه آهي. ان ۾ انساني ڪوشش ۽ محنت کان
وڌيڪ فطري عوامل تي درسترس گهرجي، تنهن ڪري ئي اها
فن جي سڀني لطافتن ۽ باريڪين کي سڃاڻڻ واري فطري
زيبائش ڪن ٿورن کي نصيب ٿئي ٿي. جيتريقدر فطري ذوق
۽ ادبي اهڃاڻ جي پروڙ وسيع، اوتري قدر ان جو اثر
به عميق ٿئي ٿو. وڌيڪ ادب جي فن ۽ سندس باريڪين ۽
بلندين جي بنسبت سڃاڻن کان پڇو ۽ ’سِکو ڙي سرتيون
ريت سِڪڻ جي‘ باقي:
سڌڙيا شرابن جون ڪوهه پچارون ڪن،
جه ڪات ڪلالن ڪڍيا، موٽيو پوءِ وڃن،
پِڪون سي پيئن، سر جنين جا سَٽ ۾.
ادب جي فن شناسيءَ ۽ ان جي تاثير جي انتها جا ڪي مثال تاريخ ۾
اهڙا به ملن ٿا، جن جي ڪري هن لطيف فن جي عظمت کان
انڪار ڪرڻ غير ممڪن امر بڻجيو پوي. فنڪار طرفان ٻن
سٽن جو اظهار، ٻڌندڙ جي جذبن ۽ ڪيفيت تي ايترو ته
شديد ۽ سنگين اثر ٿو ڪري جو هو بي اختيار وجد ۾
اچي تڙپي تڙپي جان بحق ٿي وڃي ٿو. ان کان وڌيڪ اڃا
ٻيو ڪهڙو معجزو آهي جو ادب جي عظمت ۽ تاثير جي
انتهائي عروج جي ثابتيءَ لاءِ پيش ڪيو وڃي! باقي
بناوتي ۽ روايتي ڪنڌ ڌوڻ واري وائڙي ۽ وائي وجد جي
وبا ته هر هنڌ عام آهي. ”وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي“
واري اصول تي هلڻ وارا به ڪي ته ضرور هجن.
اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻَهُون جي نه ٻجهن،
ڪوهه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي.
حبيب الله ڀٽو
مدد خان جي لٽ
مدد خان جي لُٽَ، مسٽر حبيب الله ڀٽي جي قابل قدر تاريخي ڪاوش
آهي، مدد خان جي تباهيءَ تي، اسان وٽ ”گهوڙا ڙي
گهوڙا“ چيو ويو. اڄ تائين ڪنهن فتني ۽ فساد، لٽ ۽
مار، حادثي ۽ سانحي وقت، اسان جي زبانن مان بي
اختيار ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ نڪري ويندو آهي. هن مضمون
۾ ڪلهوڙا دور جي هڪ سفاڪانه ۽ ظالماڻه ڦرلٽ تي
ڪافي روشني وڌي وئي آهي. اميد ته ناظرين ڪرام لاءِ
معلومات افزا ثابت ٿيندي. غ.م.گ
برصغير هند_پاڪ جي تاريخ ۾ تيمور لنگ (1398ع) ۽ نادر شاهه
(1839ع) جي متحده هندستان تي ڪاهن ۽ ملڪ ۾ ڦرلٽ
ڪرڻ جي واقعن کي خاص نوع ۽ حيثيت سان بيان ڪيو ويو
آهي ۽ اوائلي دور ۾ جي اهم حادثا ۽ لرزه خيز
تاريخي واقعا ٿي گذريا آهن، تن مان هنن واقعن کي
مکيه ليکيو ويندو آهي. ليڪن سن 1194هه مطابق سن
1780ع ۾ قنڌار جي بادشاهه تيمور شاهه جي هڪ سردار،
مدد خان افغان، جيڪا سنڌ ۾ اچي ڦرلٽ ڪئي ۽ هن
سٻاجهڙي سرزمين تي فراتفري مچائي هئي. تنهن جو
نظير ۽ مثال ملڻ مشڪل ۽ محال آهي. ان کي ڪڏهن
تاريخي نڪتہء نگاهه کان ڪڏهن به وساري ۽ فراموش
ڪري نٿو سگهجي.
اهو سردار مدد خان افغان، ڪلهوڙن جي پوئين حاڪم ميان عبدالنبي
ڪلهوڙي (82-1777ع) جي وقت ۾ سن 1194هه مطابق سن
1780ع ۾ سنڌ تي چڙهي آيو هو. ان وقت مدد خان جي
سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو مکيه سبب ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
خانه جنگي هئي، جا پهريائين سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم
”ميان سرفراز خان“ (75-1772ع) جي پاران مير بهرام
خان ۽ ان جي پٽ مير صوبدار خان کي، سن 1189هه
مطابق سن 1775ع ۾ شهيد ڪرائڻ کانپوءِ شروع ٿي چڪي
هئي.
مٿي ذڪر ڪيل مير بهرام خان جو ٻيو پٽ مير بجار خان جو پنهنجي
پيءُ جي شهادت کان پوءِ حج جي خيال کان بيت الله
شريف ويو هو، سو جڏهن سنڌ موٽي آيو، تڏهن پيءُ جي
بدلي چڪائڻ لاءِ ٻروچن جو ڇهه هزار لشڪر وٺي وقت
جي ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام نبيءَ تي ڪاهي ويو ۽ کيس
لانياري تعلقي شهدادپور ۾ وڃي شڪست ڏنائين ۽ ان
کانپوءِ حيدرآباد مان سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي ولد
ميان نور محمد کي گهرائي ان وقت واري سنڌ جي
تختگاهه، خدا آباد ۾ وڃي کيس سنڌ جي تخت تي
ويهاريائين.
تخت تي ويهڻ سان ميان عبدالنبيءَ پهريون ڪم جو ڪيو سو اهو هو جو
ان ميان سرفراز ۽ ان جي پوين کي جي هن کان وڌيڪ
سنڌ جي گاديءَ جا حقدار ۽ حقي وارث هئا، مارائي
ڇڏيو. هن سفاڪانه ڪارنامي ۽ قهري ڪلور کان پوءِ
ميان عبدالنبيءَ کي اچي مير بجار خان مان خوف
جاڳيو ۽ ان جي اثر رسوخ ۽ رسائيءَ رهائيءَ کي
ڏسندي دل ۾ خيال ڪرڻ ۽ ڪئو کائڻ لڳو ته مبادا هو
کيس تخت تان لاهي پاڻ نه سنڌ جي حڪومت جو والي ٿي
ويهي. سو ان خيال ايندي جوڌپور جي راجا کان مدد
وٺي سن 1780ع ۾ مير بجار خان کي دوکي سان مارائي
ڇڏيائين. ان وقت جي ڪنهن شاعر هن دردناڪ واقعي جو
سن هيٺين قطعي مان ڪڍيو هو:
از سرِ افسوس گفتا هاتفم،
مير شد از جمد هرهند و شهيد.
(1194هه مطابق سن 1780ع)
مير بجار خان جي شهادت کانپوءِ سندس فرزند مير عبدالله خان
ٽالپرن جو پڳدار ٿيو، ۽ جيئن هو مير چاڪر خان جي
پٽ سهراب خان ۽ پنهنجي سوٽ مير فتح علي خان ولد
مير صوبدار خان سان گڏجي، ميان عبدالنبيءَ سان ملڻ
لاءِ خدا آباد ٿي ويو، تيئن ميان پنهنجي دلي خوف
کان اٿي وٺي قنڌار ڏانهن ڀڳو، ميان جي غير حاضريءَ
سبب مير عبدالله خان ميان جي هڪ ويجهي عزيز ميان
صادق علي ولد ميان الله بخش ڪلهوڙي کي کڻي سنڌ جي
تخت تي ويهاريو.
ميان عبدالنبيءَ جي قنڌار ڏانهن فرار ٿيڻ وقت ان جا پٽ جوڌپور
جي راجا ڏانهن سر جي پناهه وٺڻ لاءِ ويل هئا، جن
جڏهن ميان صادق عليءَ جي تخت نشينيءَ جي خبر ٻڌي،
تڏهن هو جوش وچان جوڌپور جي راجا کان لشڪر وٺي،
سنڌ تي ڪاهي آيا پر ميان صادق علي مير عبدالله
خان، مير سهراب خان، مير فتح علي خان ۽ مير فتح
خان جي مدد سان کين شڪست فاش ڏيئي سنڌ مان ڀڄائي
ڪڍيو.
ميان صادق علي ۽ سندس ساٿي مير، جيئن هيءَ جنگ کٽي اڃا پنهنجي
ماڳ تي اچي مس پهتا هئا ته ڪنهن قاصد اچي خبر ڪين
ته ميان عبدالنبي، قلات جي خان محمد نصير کان
بروهين جو هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي وڙهڻ لاءِ اچي لاڙڪاڻي
جي ويجهو منزل انداز ٿيو آهي.
هن خبر ٻڌڻ سان ميان صادق علي، وري سهي سنبهي، مير عبدالله خان
۽ مير فتح خان سان گڏجي اچي ان سان منهن مقابل ٿيو
۽ کيس شڪست ڏئي قلات ڏانهن ڀڄائي ڪڍيائين.
هن هار کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ قنڌار جي بادشاهه تيمور شاهه
ولد احمد شاهه ابداليءَ ڏانهن مدد لاءِ ماڻهو
ڊوڙايا، جنهن جواب ۾ پنهنجي هڪ سردار مدد خان
افغان ڏانهن سندس واهر لاءِ حڪم ڏياري موڪليو، جو
هن کان اڳ ۾ ئي دائودپوٽن جي ملڪ بهاولپور ۾ 40
هزار افغان لشڪر سان هڪيو حاضر هو.
پنهنجي بادشاهه جي حڪم ملڻ سان مدد خان هڪدم سنڌ ۾ لهي آيو ۽
هيڏانهن ميان عبدالنبي پاڻ بروهين ۽ نومڙين جو وڏو
لشڪر وٺي اچي ساڻس گڏيو. مدد خان کي پنهنجي هيڏي
ساري لشڪر جي خرچ پکي ۽ کاڌي پيتي لاءِ پئسي جي
سخت ضرورت هئي، جنهن لاءِ ميان عبدالنبيءَ کان في
الحال اڌ جي تقاضا ڪيائين، جنهن ميان جواب ۾ چيس
ته سمورو خزانو حيدرآباد جي قلعي ۾ محفوظ آهي، سو
جڏهن ان کي هلي پنهنجي قبضي ۾ ڪيون ته پوءِ پئسي
ڏوڪڙ جي پاڻ کي ڪا ڪمي ۽ ڪوتاهي نه رهندي، ان ڪري
اسان کي پهرينءَ فرصت ۾ هلي حيدرآباد تي حملو ڪرڻ
گهرجي.
مدد خان هڪ ڏاهو ۽ زمان گشت ماڻهو هو ۽ ميان جي هن ڳالهه تي ڳنڍ
ٻڌڻ جي بجاءِ مخفي طرح جاچ ڪندي معلوم ڪيائين ته
ميان هن ڳالهه کي رڳو بهانو بڻائي ۽ چالاڪيءَ سان
کيس حيدرآباد ڏانهن وٺي وڃڻ ٿو چاهي، سو ڇا ڪيائين
جو ميان جي خاص ماڻهن جهڙوڪ بلاول ليکي، تاج
سامٽئي ۽ ٻڍي دربان کي قيد ڪري ميان جي خزاني جي
ڏس پتي پڇڻ جي خيال سان کڻي پاڻ سان کنيائين ۽
سردست پئسي پنجڙ حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ملڪ ۽ ماڻهن جي
پٺيان هٿ ڌوئي لڳو. بيٺل فصل ڀيلائي ناس ڪري
ڇڏيائين ۽ جنهن هنڌان ٿي لنگهيو تنهن هنڌان ڄڻ ته
ملڪ پٽا ڏئي ٿي ويو. ڳوٺن جا ڳوٺ ڦرجي ويران ۽
برباد ٿي ويا، ڄڻ قيامت واري تڏا ويڙهه هئي، ماڻهو
ڏهڪاءَ کان ائين اٿي ڀڳا، جيئن طوفان جي اڳيان ڪک
پن اڏامندا ويندا آهن. تاريخون رقم طراز آهن ته هن
ڦرمار ۾ مدد خان جي ماڻهن سون روپو ته ڪونه ڇڏيو
پر ماڻهن جا تڏا، دلا، جتيون ۽ رِليون به پاڻ سان
کڻي ويا! هن مطلق العنانيءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ سبب
سڄي ملڪ ۾ هاهاڪار مچي وئي ۽ هر سو آه و فغان جو
عالم ۽ موت جهڙو سڪوت طاري هو. مدد خان جي لشڪر،
ڦرلٽ سان گڏ ڳوٺن ۽ شهرن کي باهيون ڏيڻ پڻ شروع
ڪري ڏنيون، جنهن ڪري چوطرف ڄڻ ته ڪانگ رڙندي ٿي
ڏٺا ۽ ساري ملڪ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويل ٿي ڏٺو. ماڻهو
لشڪر ڏسي، ”گهل ڙي گهل“ ۽ ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ چئي
اٿي ڀڄندا هئا.
ڪافي هنڌن تي ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مدد خان جي لشڪر خدا آباد
ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، تڏهن ملڪ جا ماڻهو اٿي مير
عبدالله خان ڏانهن ڀڳا ۽ کيس مدد خان جي فوج جي
سموري حقيقت سڻائي، مدد لاءِ ٻاڏائڻ لڳا. مير
عبدالله خان ماڻهن جي واتان دل دهلائيندڙ ۽ لڱ
ڪانڊاريندڙ خبرون ٻڌي جوش کان تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽
پاڻ سان مير غلام علي خان ۽ سهراب خان ساڻ ڪري مدد
خان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿي ان جي پوئتان پيو.
آخر جڏهن هي ٻئي ڌريون هڪٻئي جي ويجهو آيون، تڏهن
مدد خان حرفت کان ڪم وٺي مير عبدالله خان کي چوائي
موڪليو ته ’اوهان جي لاءِ مون کي عزت آهي ۽ آءُ دل
جان سان قبول ٿو ڪريان ته اوهين راڄ جا چڱا مڙس ۽
وڏا بهادر شخص آهيو ۽ اوهان جي مقابلي ۾ ميان
عبدالنبي ڪوڙو ۽ بزدل ماڻهو آهي، ازانسواءِ سندس
صلاحڪار به سٺا نٿا ڏسجن. هينئر اوهان جي لاءِ
بهتر آهي ته اوهين پنهنجن ماڻهن سان پوئتي موٽي
وڃو ۽ آءُ به پنهنجون سموريون ڪارگذاريون معطل ڪري
خدا آباد جي طرف وڃان ٿو، جت ميان عبدالنبي خان اڳ
ئي پهتل آهي. هن جو چوڻ آهي ته سندس سارو سرمايو
حيدرآباد واري قلعي ۾ سهيڙيل ۽ سوگهو ڪيل آهي، پر
مون کي ان جي ان ڳالهه تي رتيءَ جيترو به اعتبار
نٿو اچي، تنهن ڪري خيال اٿم ته روبرو سرزمين تي
وڃي سموري جاچ ڪري ۽ واءُ سواءُ لهي ان جي
تفصيلوار خبر بادشاهه سلامت کي ڏيان ۽ ميان
عبدالنبيءَ جي بجاءِ سنڌ جي صاحبيءَ لاءِ اوهان جي
سفارش ڀريان‘.
مير عبدالله خان کي جڏهن مدد خان جو هيءُ پيغام پهتو، تڏهن هو
پنهنجي موروثي ۽ خانداني سادگيءَ سبب ڏاڍو خوش ٿيو
۽ ان جي ماڻهن کي وڏا انعام اڪرام ۽ خلعتون ڏيئي
انهن جي ذريعي مدد خان ڏانهن چوائي موڪليائين ته
’اسين بادشاهه تيمور شاهه جا نيازمند ۽ اوهان جا
خيرخواهه آهيون، اوهان جي منشا موجب اسين هينئر
موٽي عمرڪوٽ وڃون ٿا ۽ اميد اٿئون ته اوهين به
پنهنجي وعدي مطابق سڌو خدا آباد ڏانهن روانا ٿي
ويندا‘.
هن بعد مدد خان دلجاءِ ڪري سڌو خدا آباد آيو ۽ اتي پهچڻ سان وري
به ميان عبدالنبيءَ تي پئسن ڏيڻ لاءِ زور رکيائين،
پر ان وٽ پئسا هجن ته ڏئي! آخر ميان جي انڪاري
جواب تي مدد خان جي لشڪر ٻيهر ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي
ڏنو ۽ ان جا وري اهي ئي لاٽون ۽ اهي ئي چگهه شروع
ٿي ويا، سڄي ملڪ ۾ وري نئين سر مهيءَ ولوڙ شوع ٿي
وئي ۽ فوج سڄو ملڪ تلف تاراج ڪري ڇڏيو، خوف کان
ماڻهو الاجي ڪٿي جو ڪٿي وڃي لڪا، جنهنڪري سڄي ملڪ
۾ ماڻهن جي بدران چٻرن جا چرڙاٽ ٻڌڻ ۾ ٿي آيا.
هن هولناڪ ۽ درد انگيز واقعي جي تصوير سيد عظيم ٺٽويءَ هن نموني
چٽي هئي:
چنان هول در ملڪِ سند او فتاد،
که هول قيامت بداده به ياد!“
مير عبدالله خان کي جڏهن وري مدد خان جي لشڪر جي هن نئينءَ
ڪارستانيءَ ۽ ظالماڻي روئداد جي خبر پئي، تڏهن هو
سخت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ پنهنجي اڳوڻيءَ ڳالهه تي
پڇتاءُ ظاهر ڪرڻ لڳو، پوءِ ته پاڻ اڳي کان به وڌيڪ
زور شور سان تياري ڪري سمورا مير ساڻ کڻي اٿي خدا
آباد ڏانهن رُخ رکيائين.
هن بعد مدد خان کي جڏهن هيءَ ڳالهه معلوم ٿي، تڏهن ڏاڍو اچي
ششدر ٿيو ۽ هڪدم پنهنجي لشڪر کي ڪٺو ڪري ميرن سان
منهن ڏيڻ لاءِ اٿي اڳتي روانو ٿيو. آخر جڏهن ٻيئي
لشڪر اچي هڪٻئي جي سامهون ٻن ٽن ڪوهن جي مفاصلي تي
پهتا، تڏهن عبدالله خان پنهنجي هڪ سفير جي معرفت
مدد خان کي چوائي موڪليو ته ’تنهنجو قول هڪڙو ۽
عمل ٻيو آهي، توکي ياد رکڻ گهرجي ته توکي هڪ ڏينهن
ضرور رب العزت جي سامهون ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي اعمال
۽ افعال جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي، اڄ اسين پڻ پنهنجي
رعيت جي بدلي چڪائڻ لاءِ توکي سيکت ڏيڻ خاطر هت
ڪهي آيا آهيون!‘.
هن تي مدد خان وري به حرفت ڀريو جواب ڏياري موڪليس ته ’اوهين
بلڪل درست ۽ صحيح آهيو، پر آءُ به مجبور ۽ لاچار
آهيان، منهنجي سموري ڪارگذاريءَ ۽ ڪارستانيءَ و
ذميدار ۽ جوابدار ميان عبدالنبي آهي، جيڪو مون کي
دولت جو دلبو ڏئي ۽ سون رُپئي جا سبز باغ ڏيکاري
هت وٺي آيو آهي ۽ هتي اچڻ کانپوءِ پئسن ڏيڻ کان
پِڙُ ڪڍي ڏوڪڙن ڏيڻ کان ننواکر واري ويهي رهيو
آهي، مون اوهان جي لاءِ بادشاهه سلامت کي سفارش
ڪئي آهي، سو جيڪڏهن اوهين مون وٽ لنگهي ايندا ۽
سالينو سُنگ ڀري ڏيڻ جو وعدو ڪندا ته مڙيوئي خير
ٿئي پوندو‘.
مير عبدالله خان اڳين غلطيءَ کي اکين آڏو رکندي مدد خان جي هن
ڳالهه تي ذري جيترو به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ ساڻس
مقابلي ڪرڻ لاءِ دين ڳڙهه ۾ اچي ڊاٻو ڪيائين، هن
کان اڳ سنسد چاچو، مير فتح خان، مدد خان جي پوئين
پيغام تي اطمينان جو اظهار ڪري، پنهنجا ماڻهو وٺي
واپس عمرڪوٽ ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. مدد خان کي
جڏهن مير عبدالله خان جي مقابلي ڪرڻ ۽ مير فتح خان
جي عمرڪوٽ ڏانهن موٽي وڃڻ جي خبر پئي، تڏهن هو مير
عبدالله خان سان وڙهڻ جي بدران، اٽڪل ڪري سڌو
سنئون وڃي عمرڪوٽ تي ڪڙڪيو ۽ مير فتح خان کي هيٺين
مٿيون ۽ دم دلاسا ڏيئي پاڻ سان کنيائين ۽ جڏهن
روهڙيءَ وٽ پهتو تڏهن مٿس فسادي هجڻ جو الزام ڌري
کڻي قيد ۾ وڌائين ۽ ٻه لک روپيا جنگ جي تاوان جا
ڀري ڏيڻ کان پوءِ بند خلاصيءَ جو ساڻس اقرار
ڪيائين. هن ٻڌڻ سان ويچاري مير فتح خان جي زمين
پيرن هيٺان نڪري وئي ۽ پوءِ ته مير عبدالله خان
کان جدا ٿيڻ تي افسوس ڪرڻ لڳو ۽ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ
لڳو.
آخر ٿورن ڏينهن کان پوءِ مير فتح خان ڪنهن تجويز سان مدد خان جي
قيد مان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ سخت تڪليفن ۽
مصيبتن برداشت ڪرڻ بعد اچي پنهنجي ڀائٽي مير
عبدالله خان سان گڏيو، مدد خان کي جڏهن مير فتح
خان جي فرار ٿيڻ ۽ وڃي مير عبدالله خان سان گڏجڻ
جي خبر پهتي تڏهن هو پاڻيءَ کان نڪري ويو ۽ خار
کان ڪيترن پهريدارن جون اکڇنڀ ۾ سسيون لُڻائي ۽ سر
ڌڙن کان ڌار ڪرائي ڇڏيائين.
ان کان پوءِ هو روهڙيءَ مان منزل کڻي اوٻاوڙي ۾ پهتو ۽ اتان
آخرين تير آزمائڻ ۽ هاريل جواري جيان پوئين داءُ
رکڻ لاءِ مير عبدالله خان کي چوائي موڪليائين ته
’اوهين مون کي پنهنجو ڪري سمجهو ۽ مير فتح خان جي
ڪوڙين ڳالهين تي اصل اعتبار نه ڪجو. منهنجي خواهش
آهي ته مان ميان عبدالنبي ۽ سنڌ جي صاحبي اوهان جي
حواليي ڪريان ۽ بادشاهه سلامت وٽ وڃي اوهان جي
حامي ڀريان‘. پر مير عبدالله خان هن دفعي سندس
ڳالهين جي دام ۾ ڦاسڻ وارو ڪونه هو، سو ساڻس آخرين
طرح ٻه پاڻي ڪرڻ لاءِ پنهنجي لشڪر ۽ ماڻهن سوڌو
اوٻاوڙي طرف روانو ٿيو. هينئر مدد خان هوا جو رُخ
سهي ڪري ورتو ۽ ميان عبدالنبيءَ کي پنهنجيءَ قسمت
تي ڇڏي، پنهنجي لشڪر سميت سنڌو درياءُ اُڪري، اٿي
قنڌار ڏانهن ڀڳو.
سنڌ جي هڪ مشهور شاعر هن دردناڪ دور جو سن هن سٽ مان ڪڍيو هو:
”اي داد از ظالم بيداديءَ منحوس!“ (1194هه مطابق سن 1780ع)
*-----------*--------*
جناب سيد ميران محمد شاهه ”مير“
پلن جو شڪار
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
سيد ميران محمد شاهه صاحب سنڌ جو هڪ سحر طراز اديب ۽ انشاپرداز
آهي، پلن جو شڪار سندن علمي شاهڪار آهي، اميد ته
ناظرين ڪرام محفوظ ٿيندا)
جهنگ ۽ جهر، جبل ۽ بر جي شڪار جا شوق وٺي ۽ ٻڌي رهيا هوندۇ،
پر شايد درياءَ جي ساک نه ڏيو، ڪئين ميرن ۽ پيرن
کي شڪار ڪندو ٻڌو هوندوَ، مگر ڇا جو؟ تتر جو، تلور
جو، هرڻ جو، ڦاڙهي جو، سوئر جو، چيتي جو، پر نه
پَلن جو. برابر يا نه؟ هينئر اچو ته اوهان کي
لهرين جا لوڏا، ڊونڊين جا ڌوڏا ڏياريان ۽ پلن جا
پيٽارا کارايان.
جون مهيني جي هڪڙي صبح جو، منجهند وقت، آفتاب عالمتاب پنهنجي
نوراني چهري سان سڄيءَ سطح زمين کي منور ڪري رهيو
هو، ان مابدولت ۽ ڪن عزيزن دوستن کي سنڌوءَ جي
سير، ٻيڙيءَ جي سواريءَ ۽ پلن جي پُلاءَ تي زور
شور سان اشتها پيدا ٿي. رڳو هلڻ جي دير هئي! ناکئي
والي ڏني کي نياپو موڪليوسين ته ٻيڙي تيار رکي،
پاڻ نوڪر چاڪر، سيڌو سامان ساڻ ڪري ٽلندا، ٽڙندا
اچي ڌو درياءَ جي وٽ تي ڪيوسين. وري ڪنارو وٺي اچي
حاجي پور جي مئلڻ پهتاسين. حاجي جي مئلڻ ڀلا ڪنهن
نه ٻڌي هوندي! بلي بلي! پلن جي موسم ۾ ڏسندئو ته
پاڻيءَ ۾ ٻيڙين جي قطار، سُڪيءَ تي ساٽين جي ڊڊن
جي پڪار پيئي پوندي. ماري مهاڻو وڇائت واڻيو، ڄٽ
ڄاموٽ، مڏيءَ جي مهندان پلن تي ڪتر پيو ٿيندو.
مقاطعيدار جون ٻيئي مڇون هوا ۾ مٿي پيون فڙڪنديون،
اهي اٿَوَ حاجي پور جا مئل!
انهيءَ مئلڻ جي ڀرسان ڪپر سان اسان جي مڪڙي به، مَکي چَکي، ڏاڍي
ڪَرفَر سان ٽاٽ ٿي بيٺي هئي. اسين به بسم الله ڪري
دل جهلي، پير جي ڳنڌ ٻڌي چڙهي ويٺاسين. ميربحرن
پڳهه ڇوڙيو، ڳن چوريو، سکان موڙيو، تان جو ڪنارو
ڇڏي اچي جهول ۾ پياسين.
سڙهه سنوان، لاڄون نوان، اولا جنهين عاج،
ساٿي سفر هليا، ڀري جنگ جهاج،
حاصل ڪري هاج، واحد وڻجارن جي.
ٻيڙي ترندي ترندي اچي سير تي چڙهي، سير لنگهڻ سورمن جو ڪم آهي،
اهو ئي ٽڪر درياءَ جو آهي، جنهن بابت ڀٽائي گهوٽ
هيٺيون بيت چيو آهي:
دهشت ڌوم درياءَ ۾، جت ڪڙڪا ڪُن ڪرين،
ٻڇل ٻانڊي ٻار ۾، لهريون لوڏا ڏين،
سناور ساميا جت، سيڻاها نه سنڊين،
وِيريون واٽ نه ڏين، ساهڙَ سِير لنگهائيين.
جنهن وقت سير تي سنوان ٿياسين، تنهن وقت هوا جي ڦير ۽ موجن جا
ميڙ اهڙا ٻيڙيءَ کي کڻيو ڏين، جو ڪنهن وقت چوٿين
آسمان جو سير پيا ڪريون ته ڪنهن وقت تحت الثريٰ
هليا وڃون. اسان جهڙن مردن جو عقل موڪلائڻ لڳو ۽
هوش پرواز ڪري ويو. گهڻن پنهنجي سر جو قسم کڻي چيو
ته ”يار، هتان خير سان اُڪرون، باقي پَلن جا
پيٽارا ته بجاءِ خود، پر پلن جي پڇ جو به نالو نه
وٺنداسين!“ آخر سائينءَ کي ستايوسين، جنهن مهاڻن
کي مڙسي ڏني، جن ڏانڊار ساهي، ڪلمين چاڙهي، ڦٽڪن
سان آڻي سير اُڪاري.
سيويو جن سبحان، وير نه وڙهي ان سين،
توبهه جي تاثير سان، تري ويا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
اتي اسان جهڙن مڙسن کي به ايمان آيو، پِير پٺي جي، پائيءَ پيسي
جي، موٽندي، مٺائي مڃيسين، پلن جي پُلاءَ تي ٻيهر
اشتها ٿيڻ لڳي. سڀڪو پنهنجي بهادريءَ تي هڪٻئي کي
مبارڪون ڏيڻ لڳو. خير، مڙس مڇون مروڙي، ڪي آڳيل ڪي
پاڇيل تي چڙهي، هن پار جون هوائون کائڻ لڳا. جان
ڪناري تي نظر ڊوڙايون ته پنج ڇهه ٻيون به ڊونڊيون
بيٺيون آهن. ناکئي سومار چيو ته ”سائين، شڪار جون
ٻيڙيون اهي اٿَوَ، جي واري واري سان ڦرنديون آهن“.
اسين به ڪاهي اچي انهن جي ڀر ۾ بيٺاسين، جتي وڃي
لنگر هڻي بيٺاسين، اتي پاڻي پاتل هو، يعني ننڍو
هو، ڇو ته درياءُ هميشه هڪ پاسي تانگهو ۽ ٻئي پاسي
تار هوندو آهي ۽ پلا هميشه تانگهي پاڻيءَ واري
پاسي مرندا آهن، تن کي ”گهاوا“ يا ”ڀن“ چئبو آهي.
ناکئي والي ڏني جو گهائو تيار ٿيو، اسان به مٿس سوار ٿيڻ جي
تياري ڪئي، تياري ڪهڙي؟ ڪپڙا لاهي، گوڏيون ٻڌي،
پاڇيل جي پٽي تي چڙهي ويٺاسين، گهائي جي آڳيل تي
هڪ وڏو ڍڳ ڄاريءَ جو ڏٺوسين، جنهن کي مهاڻا ”رڇ“
چوندا آهن. انهيءَ رڇ جي مٿين ڪناري سان هڪ ٿُلهو
مضبوط مُڃ جو نوڙ ٻڌل هو، انهيءَ نوڙ جي سڄيءَ
ڊگهائيءَ ۾ اٽڪل ٻن ٻن فوٽن تي ننڍيون ننڍيون
تُنبيون اٽڪيل هيون، وري ٻئي رڇ جي ٻئي پاسي جي
ڪناري سان ننڍيون ننڍيون لوهه جون ڪڙيون ٻڌل هيون.
اسان ته رڇ جي اهڙيءَ تجويز جو مطلب سمجهيو ئي
ڪونه. آخر گهائو پلن جي شڪار لاءِ، ڌڪي درياءَ
ڏانهن روانو ڪيائون، اٺن نون ڏاڍن جوانن انهيءَ
نوڙ جو هڪ پاسو جو رڇ ۾ ٻڌل هو سو مضبوط جهليو، ڪن
ٻيڙي پئي هلائي، ڪن وري آهستي آهستي رڇ پاڻيءَ ۾
پئي اُڇلايو. جڏهن سڀ رڇ پاڻيءَ ۾ لاهي بس ڪيائون،
تڏهن ٻيڙيءَ ڦيرو کاڌو ۽ مهاڻن آڳيل تي وڙهي (پيرن
سان آواز) هنئي ۽ ڪن ونجهه (ڊگهي بانس جي لٺ)
پاڻيءَ ۾ زور سان هنيو، تان جو ٻيڙي هلي آئي ڳئي
ڪپ تي. مگر جنهن هنڌ کان شروع ڪيو هئائون، ان کان
گهڻو هيٺ اچي بيٺي، جان درياءَ ۾ نظر ڪريون ته
مار، رُڳي تُنبين جي قطار ئي قطار لڳي آهي! مهاڻن
کان پڇيوسين ته ”هن جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ جيڪي هيترو
اوهان ڪيو، تنهن سان پلا ڪيئن مُئا“ چيائون ته
”سائين، سڄي رڇ کي تنبيون تاريون بيٺيون آهن ۽ رڇ
جي هيٺئين پاسي جي لوهه جون ڪڙيون آهن، سي رڇ ٿيون
ڇڪين، تان جو وڃيو درياءَ جو ترو وٺي: اهڙيءَ طرح
سان سڄو رڇ پاڻيءَ ۾ کُليو بيهيو رهي، وري اسان
ٻيڙيءَ کي ڦيرو کارايو، انهيءَ جو مطلب هو ته جيڪي
به پلا انهيءَ درياءَ جي ٽڪر ۾ هجن، اهي اچي رڇ ۾
سوڙها ٿين. وڙهي ۽ ونجهه جي آوازن جو مطلب هو ته
پلو خوف کان زور سان اڳتي وڌي، پلي جو قاعدو آهي
اوڀارو ترڻ، جنهن وقت خوف کان زور سان ترندو، تنهن
وقت انڌَ جهوم ۾ ٺڪاءَ وڃي ڪندو رڇ سان، جو پاڻيءَ
۾ ڀت وانگر کليو بيٺو هوندو. جنهن مهل انهيءَ ڀت
سان پلي جو منهن لڳندو، تنهن وقت تر وٺڻ؛ شروع
ڪندو، تان جو رڇ جي تر ۾ جي ڳوٿريون آهن، انهن ۾
وڃي پوندو، انهن ڳوٿرين کي اسين ’گهايون‘ چوندا
آهيون، جيئن پلو ڦٿڪندو، تيئن ڦاسندو“.
خير، مهاڻن آهستي آهستي رڇ پاڻيءَ مان ڪڍڻ شروع ڪيو، جيئن ڪڍندا
ويا، ڏسون ته برابر انهن ڳوٿرين ۾ پلا وٽيا سٽيا
پيا آهن. اهڙا پيا چلڪن جهڙو ابرق يا جهڙي ٽِڪن
سان جَڙيل چمڙي، اهي ڏسي ڪچن تي پئي اشتها ٿي! ڪي
آنيارا ته ڪي کيرا، ڪي ڊڊيون ته ڪي اڌ آنيون، ڪئين
قسم هئا، ڪنهن مهل ته ڏنڀرا، ڄرڪا ۽ ٻيون به نمونن
نمونن جون مڇيون پئي نڪتيون، مهاڻا انهن کي ڪڍندا
ٻيڙيءَ ۾ اڇلائيندا ويا، جڏهن سڄو رڇ آڻي ٻيڙيءَ
تي ڍڳ ڪيائون ته شمار موجب هڪ سئو سٺ پلا هئا.
سائين اٺين آني پلو! ناکئو والي ڏنو پنهنجيءَ کَل
۾ نه پيو ماپي (ڇو ته مهاڻا پلن مارڻ مهل سڄا
اگهاڙا هوندا آهن، فقط چوتيو اڳيان هوندو اٿن)
خير، ڪلمين چاڙهي، ٻيڙي ڪاهي اسين وري به اچي
ساڳين گهاون جي لڳ بيٺائين، پوءِ ته پلا پچي ويا،
رڌجي ويا، ٻوڙ ڀُڃجي ويا، هر ڪو پنهنجو وات ڌوئي
سڪائڻ لڳو، ٿوريءَ دير بعد طعام هڪ هنڌ موجود ڪيو
ويو، پوءِ ڏسو جوانن جون پلن سان ويڙهيون! خير،
هرڪو پرائو پيٽ ڪري کائي ڏٽي، چپ چٽي، ويهي رهيو
(شايد پڙهندڙن جو وات به پاڻي ٿيندو هوندو!)
مطلب ته اهي مزا ۽ موجون ماڻي، ”هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن“
وارو وظيفو شروع ڪيوسين، الله جي آسري، دنگي کڻي
درياءَ تي ڌڪائيسين، شام جو وقت هو، الهندي طرف
کان فرحت بخش هِيرَ من_ سُڌير پئي لڳي، درياءَ جي
پاڻيءَ جي سطح فرش موافق لڳي پئي هئي، جنهن ڪري
خير سان ڪٽار هاڪاري، آڻي هن ڀر پڳهه هنيوسين.
ثابت لنگهيا سِيرَ، لهرين لوڏيا ڪين ڪي،
وڃي پهتا پار کي، نرتون منجهان نيرَ،
ماءُ پهتا سيرَ، ٻار لنگهايائون ٻاجهه سين.
*-------------*-----------*
سنڌ يونيورسٽي
]حضرت
علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب، مد ظله العالي جن جون
ٻه تقريرون
(نوٽ: سنڌ يونيورسٽيءَ جي تشڪيل ۽ تعمير، اهل علم حضرات لاءِ
توجهه طلب مسئلو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ابتدا،
جنهن سطح تي ڪئي وئي، اها ڪنهن کان ڳجهي نه آهي،
سندس بسم الله جي رسم ڪراچيءَ ۾ ٿي، ان جو پهريون
وائيس چانسلر پروفيسر ابوبڪر حليم ٿيو، ان وقت
سندس فني ۽ علمي حيثيت هڪ امتحان وٺندڙ بورڊ جيتري
مس هئي، سندس ان معيار کي اڳيان رکي حضرت علامه
آءِ. آءِ. قاضي صاحب مد ظله العاليٰ کي سرڪار
پاران پيشڪش ڪئي وئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعمير
۽ تڪميل جي سلسلي ۾ 26 اپريل تي مڪمل تجويز پيش
ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ سنڌ گورنمينٽ 2 ڪروڙ روپيا
فوراً مهيا ڪري ڏيندي.
چنانچه حضرت علامه صاحب، جن يارهن ڪاليجن تي مشتمل، نئين ڪئمپس
۽ ٽائون شپ جي مفصل تجويز، تعميرات سميت 26 اپريل
1951ع تي پهچائي ڏني.
ارباب حل و عقد جي دلچسپي کي مد نظر رکي ”ڇهن ڏينهن جي اندر“
معمولي فرنيچر ۽ چار هزار ڪتابن کي، ٽرڪن ۾ لڏي
يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان سهيڙي حيدرآباد آندو
ويو ۽ هڪ هاءِ اسڪول ۾ اچي ٽپڙ ٽاڙي لاٿا ويا،
ڪراچيءَ مان آيل نو وارد ماڻهن جي آبادڪاريءَ لاءِ
ڪو به اهم قدم نه کنيو ويو، لاچار کين هاءِ اسڪول
۾ ئي پناهگير ٿي رهڻو پيو!
علامه صاحب ان نوڪاشته ٻوٽي کي پنهنجي بصيرت ۽ حڪمت جي سرچشمن
سان پاڻي ڏنو، پاليو ۽ وڏو ڪيو، اڄ اهو ٻوٽو شجر
طيبہ بڻجي چڪو آهي، تعمير جي سلسلي ۾ اول فئڪلٽي
آف ايڊيوڪيسن جو انتظام ڪيو ويو ۽ منتظمن ۽
پروفيسرن لاءِ ماسٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري وٺڻ
لازم قرار ڏني وئي. ۽ ثانوي ماسترن جي تربيت لاءِ
”بئچلر آف ٽيچنگ“ ۽ ٽيچرس ڊپلوما، جا ڪورس پڻ شروع
ڪيا ويا، ان طرح فني ۽ تعليمي تحقيق لاءِ ڊاڪٽر آف
ايڊيوڪيشن جي ڊگري پڻ شروع ڪئي وئي.
ان سلسلي ۾ 51-54ع تائين پندرهن محڪما مڪمل ڪيا ويا، جن ۾
انگريزي، سنڌي، اردو، عربي، فارسي، جنرل هسٽري،
پوليٽيڪل سائنس، معاشيات، رياضي، فلسفه ۽ نفسيات
اچي وڃن ٿا.
ان کان پوءِ سائنس متعلق لئبارٽري لاءِ خود علامه صاحب جن يورپ
مان وڃي ڪري اهو سازوسامان هٿ ڪيو، جو پاڪستان جي
ٻي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ موجود ڪين آهي، ان سلسلي ۾
اها ڳالهه خيال ۾ رکڻ جهڙي آهي ته اهو سامان لکين
روپين جو هو، پر علامه صاحب جن نهايت سستي نموني ۾
هٿ ڪيو، ۽ پنهنجي سفر جو خرچ پاڻ تي هموار ڪيو ۽
هڪ پائي به ڪانه ورتي، اهڙي ايثار جو مثال ڪنهن
ٻئي هنڌ مشڪل سان ئي ملي سگهندو!
ان سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ لاءِ جديد ۽ فني حيثيت واري آٽوميٽڪ
پريس قائم ڪري يونيورسٽيءَ کي طباعت جي سلسلي ۾
لکن روپين جي خرچ کان بچايو ويو، اهڙي پريس به
پاڪستان ۾ گهٽ نظر ايندي.
لائبرري جي سلسلي ۾ حضرت علامه صاحب جن خاص توجهه ڏنو ۽ فقط چئن
هزارن واري ڪتبخاني کي وڌائي ”ستاويهه هزارن“
تائين پهچايو ويو ۽ ”هڪ سئو“ نادر مخطوطا پڻ هٿ
ڪيا ويا.
شاگردن جو انداز پڻ وڌايو ويو جنهن جو تفصيل هي آهي:
سال |
طالب العلم |
ملحقه ڪاليج |
هاءِ اسڪول |
1951ع
1955ع |
2762
5864 |
6
17 |
36
59 |
ان سلسلي ۾ هنري ڪورس شروع ڪيو ويو ، جو به قابل توجهه آهي.
علامه صاحب جن يونيورسٽيءَ جي استادن لاءِ هڪ ڪيفيٽيريا، يونين
هال ۽ ڊسپينسري ۽ غير ملڪي شاگردن ۽ عالمن لاءِ هڪ
هاسٽل ٺهرائڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيا.
پنهنجي ڪئمپس ۽ ٽائون شپ لاءِ پڻ علامه صاحب جن جرمن انجنيئرن
جي مشوري سان نقشا ٺهرايا، جن ۾ سموري يونيورسٽي،
علوم و فنون جا مختلف شعبا، رهائشي جايون، ميدان ۾
هوائي پرواز جا سڀ سهنج ۽ ذريعا مدنظر رکيا ويا.
علامه صاحب جن پڙهڻ ۽ پاڙهڻ سان گڏ استادن ۽ شاگردن جي ذهني
تعمير ۽ اخلاقي تطهير لاءِ پڻ بصيرت افروز خطابن
جو سلسلو شروع ڪيو، جو نهايت مفيد، ثمر آور ۽ اثر
انگيز ثابت ٿيو، ڪاش! سندن سارا خطبا جمع ڪري
مختلف زبانن ۾ شايع ڪيا وڃن!
اڄ سنڌ يونيورسٽي پنهنجي صوري ۽ معنوي حيثيت سان واقعي
يونيورسٽي بڻجي چڪي آهي ۽ رڳو امتحان وٺندڙ بورڊ
نه رهي آهي.
مهراڻ جي ناظرين ڪرام جي معلومات لاءِ ان سلسلي ۾ علامه صاحب جن
جون ٻه تقريرون پيش ڪري رهيا آهيون، هڪ چانسيلر
صاحب جي موجودگيءَ ۾ 4-9-55ع تي ڪيل آهي ان ۾
يونيورسٽيءَ جي تشڪيل لاءِ ڪيل ڪم تي جامع تبصرو
آهي ۽ ٻي عيدالفطر جي موقعي تي 30 مئي 1955ع تي
ڪيل آهي، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي عملي کي خطاب ڪيو
ويو آهي، ٻئي خطاب اميد ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي
فڪري ۽ صوري تعمير کي سمجهڻ لاءِ معلومات افرا
ثابت ٿيندا. غ. م. گ[
جناب والا_
خواتين ۽ حضرات
سائين_ اوهان کي پنهنجي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ تي خوش آمديد ڪرڻ ۾
اسين پنهنجي عزت افزائي سمجهون ٿا، ڪنهن به
ماڻهوءَ جي سندس موجودگيءَ ۾ تعريف ڪرڻ مون لاءِ
اصل کان وٺي اڻوڻندڙ رهي آهي، پر آءُ نهايت خلوص
سان چئي سگهان ٿو ته گذريل ٻارهن مهينن جي عرصي
اندر جنهن ۾ اوهان هن اعليٰ منصب تي فائز رهيا
آهيو، اوهين هڪ مثالي چانسيلر جو نمونو بڻجي رهيا
آهيو، آءُ انهيءَ ڳالهه تي خاص طرح زور ڏيئي رهيو
آهيان، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ کي نئين هجڻ جي حيثيت
۾ اهڙن مفيد اجتماعن ۽ مثالي عهديدارن جي گهڻي
ضرورت آهي، جي اسان جي پٺيان ايندڙن لاءِ رهنمائي
ڪن.
جناب والا ۽ نوان سينيٽر، شايد هن حقيقت کان واقف نه به هجن ته
اپريل 1951ع ۾ جڏهن مون چارج ورتي هئي، تڏهن هي
يونيورسٽي هڪ طرح جو ”امتحان وٺندڙ بورڊ“ هو.
بهرحال منهنجي اچڻ تي مون کي خاطريءَ سان ٻڌايو
ويو ۽ پڪ ڏياري وئي ته جيڪڏهن آءُ اپريل کان اڳ ۾
حيدرآباد ۾ نئين يونيورسٽي ٽائون شپ لاءِ حڪومت
اڳيان هڪ جامع تجويز پيش ڪندس ته ٻن ڪروڙ روپين جي
فياضانه گرانٽ منظور ڪئي ويندي ۽ اها رقم انهيءَ
سال جي بجيٽ ۾ ئي سنڌ گورنمينٽ طرفان مهيا ڪئي
ويندي.
اسان جي حڪومت طرفان اهڙو اشارو در حقيقت ڏاڍو همت افزا هو ۽
مون سڀني نمونن جي سهوليتن سان آراسته يارهن
ڪاليجن تي مشتمل نئين ڪمپس ۽ ٽائون شپ جي تفصيلي
تجويزون مرتب ڪرڻ و تڪليف ده ڪم پنهنجي مٿان هموار
ڪيو، انهيءَ تجويز ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود هيون
جي لفظ ”يونيورسٽي“ جي تاريخ ۽ ان جي مسلم بنياد
جي روشنيءَ ۾ هڪ اهڙي جامعه يونيورسٽي ۾ موجود هئڻ
گهربيون هيون، جا انهيءَ اداري جو خود بنياد ئي
قرآن ي اصولن تي جيئن آءُ سمجهان ٿو ٻڌو ويو هو،
اهو قرآن ئي هو جنهن ان جي ساخت ۽ سرگرمين متعلق
اسان جي تفصيلوار رهبري ڪئي آهي ۽ فقط اهو ئي اسان
جي هن دنيا ۾ اهڙي اداري جي بنياد رکڻ کي پهرئين
دفعي ممڪن بڻائي سگهيو ٿي، ان کان سواءِ جيئن ته
آءَ ڪن سالن کان وٺي فنون لطيفه ۽ خاص ڪري عمارت
سازيءَ جي فن جي مطالعي ۾ دلچسپي وٺندو هوس، ان
ڪري منهنجي ذهن اندر هن باري ۾ ڪي خاص پختا خيال
سمايل هئا ته يونيورسٽي ڪئمپس ۽ ٽائون شپ جا
بنياد، جي واقعي اهڙن نالن سان منسوب ٿيڻ جي لائق
هجن، ڪهڙي نموني ۾ رکيا وڃن ۽ جنهن نموني ۾
عمارتون اڏيون وڃن، سو اهڙو هجي جو اسان جي ثقافتي
ورثي جو مثال پيش ڪري ۽ پنهنجي رنگارنگي حسن جي
پاڻ نمائندگي ڪري. |