سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :6

غزل

هڪڙو تنهنجو چهرو آ،

دنيا ۾ ٻيو آهي ڇا!

 

توکي پرتي سُونهن سڄڻ،

مون کي منهنجا اوجاڳا،

 

آئون تنهنجو پنهنجو هان،

ياد ڪجائين ويسارا.

آيو آهين ڪالهه اَڃا،

کوءِ سفر هي سانباها.

 

بادل ڀرجي روز اچن،

آئون سوچيان ڇاڇاڇا!

غزل

تون وئين پئي واٽ تان

سوچيم توکي سڏيان

 

ڪونج چاهي ٿي ته مان

گيت سڀ ڳائي ڇڏيان.

 

شام جي هن ماٺ ۾

ڪوڪ ڪويل جي ڪريان

 

ٿر نه مون کان وسرندو،

لوڪ وارن سان لڏيان.

 

ڌوڙ ساريون منزلون،

پير ٿو پنهنجا وڍيان.

وسيم سومرو

غزل

لفظن کي ڪا معنيٰ آهي.

جذبن کي ڪا معنيٰ آهي،

 

تازا پيرا ساک کڻن ٿا،

رستن کي ڪا معنيٰ آهي.

 

جي تون سجني سامهون آهين،

ٽهڪن کي ڪا معنيٰ آهي.

 

شاعِرَ احساسن جي ارپي

عڪسن کي ڪا معنيٰ آهي.

 

ڪاغذ سامُهون، پين هٿن ۾،

اُڌمن کي ڪا معني آهي.

 

رنگن جو ٿيو رين بسيرو،

سوچن کي ڪا معنيٰ آهي.

 

هن جو آلو هٿ ڏسي ٿو،

لڙڪن کي ڪا معنيٰ آهي.

وسيمَ ماڪ چُمي ٿي مکڙيون،

لمحن کي ڪا معنيٰ آهي.

وسيم سومرو

وايون

جيئن جو جُهوٽو نِنڊَ جو،

اکڙين کي آيو،

اسٽيشن گذري وئي،

جاٿي لهڻو هوس مان!

ڪنهن به نه جاڳايو،

اسٽيشن گذري وئي.

هاڻ پريان کان پيو تڪيان

ڌنڌلو آ سايو،

اسٽيشن گذري وئي.

ڪهڙو منهنجو ماڳ آ؟

مون کي سمجھايو،

اسٽيشن گذري وئي.

اجھو لٿو چنڊُ

اجھا آئي روهڙي.

هيءَ جا چوڏهين چاندني، آهي ڪاته اُڪنڊ،

اجھا آئي روهڙي.

اجھو ڦُٽو باک جو، سُرمائي سرکنڊ،

اجھائي آئي روهڙي.

ڀاسي هلندڙ ريل مان، ڌرتي، جھڙو جنڊ،

اجھا آئي روهڙي.

پڌرو ٿيو پرڀات کان، کجين جو هُو منڊ!

اجھا آئي روهڙي.  

نواز رڪڻائي

غزل

گُهگُهه اوندهه ۾ به ور ور وِڄِ جو چمڪو ته هو،

هونءَ ته ڪاري رات جو سُنسار تي قبضو ته هو.

 

رات جا سندرا ٽُٽي پيا باک جون ٻانگون ٻُڌي،

پرهه پڌري ٿي انهيءَ ۾ صبح جو سؤنچو ته هو.

 

هو ته اچڻو هو نه پهتو، راهه ۾ رڪجي پيو،

رات ساري انتظاري هئي وڏو وِنڌپو ته هو.

 

ها متان آيو هجي، تڪڙو وريو واپس هجي،

پهر پوئين ننڊ جو آيو مون کي جُهٽڪو ته هو.

 

مون لڌو سپنو پئي يا جاڳ ۾ محسوس ٿيو؟

پير جي آهٽ هئي ۽ ساهه جو سهڪو ته هو.

سچ کي سوريءَ تي چاڙهي عدل چؤکنڀو ٻڌي،

هي هچارن ڪيو وڏو تاريخ سان دوکو ته هو!

 

”پير پهرين منهنجا پيڙيو جيئن ڪَنين ٽڙڪا ٻڌان“

هي بلاول جو چيو سو ڀير تي ڏونڪو ته هو!

 

قوم تان قربان ٿيو ۽ ديس تان جو ٿيو نثار،

مرد سو چئبو ته ڪو مهمير برجستو ته هو!

 

قوم جي تاريخ تي ٿي ڪجھ لکڻ چاهيو نواز“،

لال آرانڀيون اکر ها لفظ هر ارتو ته هو!

امر اقبال

وائي

ڪونجُن قطارون

نيري نيري اُڀَ ۾.

ڪنهن کي ٿيو ڳولِن؟

منهنجون نِهارون

نيري نيري اُڀَ ۾.

ڏسُ! عُقابن جون

ارڏيون اُڏارون

نيري نيري اُڀَ ۾.

ٽنگجي پيون آهن

ڪيڏيون پُڪارون

نيري نيري اُڀَ ۾.

اختر درگائي

غزل

مڌر ڪو ئي آواز اچي ٿو

راڳي ڪوئي رياض ڪري ٿو.

 

ٻيهر پنهنجي ڏيهه جو ٻيجل

سُر جي بدلي سِرُ گھري ٿو.

 

هڪڙو شخص ڇڏي ويو جيڪو

اڃا هنيئڙي منجھ هُري ٿو.

 

ڪوئي پور پراڻو پيو آ

هلڪو هلڪو سُور اٿي ٿو.

 

هن جو چهرو آخر ڪيئن هو؟

ياد آ ڪجھ ۽ ڪجھ وسري ٿو.

 

انڌيارا انڌيارا ناهن

اڃا هڪڙو ديپ ٻري ٿو.

وائي

سڄڻ جون سارُون

موٽي ڪين وڃو.

سدا رهو بادلو

ٺاهي قطارون

موٽي ڪين وڃو.

اوشل رهو سنڌ ۾

سدا بهارون

موٽي ڪين وڃو.

تنُبوري جون راڳيا

وَڄايو تارون

موٽي ڪين وڃو.

دلبر منهنجي درد جو

ڪيو ڪو دارون

موٽي ڪين وڃو.

اختر درگاهي

غزل

پل اوهان جي پيار جا

مڙئي رنگ بهار جا.

من ۾ ڏيئڙا ٿا ٻَرن

تنهنجي ئي ديدار جا.

 

سُوريءَ وانگي ٿا لڳن

ڏينهڙا تنهنجي سارَ جا.

 

سُندر هن سنسار کان                                 

روپ اسان جي يار جا.

 

رنگ اوهان جي روپ ۾

پڙهه ڦٽيءَ جي پار جا.

 

تو ۾ سُهڻيءَ جون سِڪون

مون ۾ هَڏَ ميهار جا.

ٽِه سٽا

ڪيڏو ٿي موهي

پاڇل  تي ڪا پوپري

اٽو ٿي ڳوهي.

Ÿ

انڊلٺ جا ست رنگ

منهنجي يار وجود تي

اوتيا تنهنجي انگ.

قاضي منظر حيات

غزل

گڏ هوندي خاموش رهياسين لُڙڪن ڳالهايو،

ساهن سورَ سليا ها دل جا، سُڏڪن ڳالهايو.

 

سانت جي چادر شهر سڄي تي، هرڪو ننڊ سُتل،

پِرهه پهر جو بند اکين ۾ سَپنن ڳالهايو.

 

تنهنجي آمد اوسيئڙي جو انت بڻي آخر،

پيڙا ڀوڳي عرصي کان پوءِ مُرڪن ڳالهايو.

 

سچ صليب ۾ ڪوڪا کوڙي، پٿرن جھول ڀري،

تنهنجي منهنجي گڏجڻ تي آ ماڻهن ڳالهايو.

 

اظهارن جو روپ انوکو، چُپُ چُپُ ڪنڌ جي ڌُوڻ،

امرجليل جي ناٽڪ ۾ ڄڻ گونگن ڳالهايو.

 

”پريت نگر ۾ پريم جون ڳالهيون ڏند ڪٿائون سڀ“،

ٿارا ڦاڙي وحشي ٿيندي بم گولن ڳالهايو.

 

هڪڙو پل ڀي ڪونه خوشيءَ ۾ گھاري ٿو ڪو جيءُ،

وڌندڙ آباديءَ ۾ سڀ سان وهمن ڳالهايو.

 

ڪيڏين دعوائن جي هوندي حق غضب ٿي ويا،

ڍانڍي ڍانچي پويان هيڻن نعرن ڳالهايو.

 

ننڍڙين سوچن، بي پاڙيءَ جيئن ذهنن کي گھيريو،

سچو ساٿ ڏيڻ تي ڪوڙين رسمن ڳالهايو.

 

من منظر ۾ هيڊا پيلا رنگ چٽي ويو ڪو،

دل جي ڳالهه پڇڻ تي منهنجي دردن ڳالهايو.

منير سولنگي

غزل

پيار کي ڳولهڻ نڪتو آهيان،

چؤ واٽي تي بيٺو آهيان.

 

احساسن جي ڪُونج ڪُسي وئي،

پو به اڃا مان جيئرو آهيان.

ڪاٿئون ڳولهيان جوڀن جذبا،

پوئين پهر جو پاڇو آهيان.

 

پيار جي خوشبو ساهه ۾ سانڍي،

تنهنجي درتي پهتو آهيان.

من ۾ جھاتي پائي ڏس تون،

مان تنهنجو آئينو آهيان.

آصف مٺياڻوي

غزل

تنهنجي ياد ستايو ڏاڍو، ننڊ ڦٽي وئي آهي يار

منهنجي من ۾ باهه ٻريل آ، تنهنجي من ۾ ڇاهي يار

 

تنهنجو هڪ هڪ لفظ هٿوڙو، گُهنڊ وجھي جي ڳالهائين

منهنجي دل پر پوڀي ميڻ، رُڪ يا لوهه ته ناهي يار

 

تنهنجي مرڪ ۾ ماکيءَ لارون، تنهنجي وات ۾ گل جي خوشبو

منهنجي دل ديواني بڻجي، تڏهن ٿي توکي چاهي يار

 

تنهنجي منهن تي ڪارو ڪارو، تِرُ آ، يا ڪو موهيڙو

قدرت جو آرنگ ڀريل هي، ڪير پو تنهن کي ڊاهي يار

”آصف“ هڪڙو رات سڄيءَ جا، ڏک ۽ يادون اوجاڳا

ميڻ بتي يا بلب کي ٻاري، تصوير ٿو تنهنجي ٺاهي يار

عزيز ڪنگراڻي

غزل

 

تنهنجا رنگ نِکاريا هوندم.

روپ سَروپ سَنواريا هوندم.

 

پَرُ وِجھي جذبن ۾ جاني،

توڏي روز اُڏاريا هوندم.

 

ياد جي وِڄ جڏهن به ڪڙڪي،

تو در پير پڌاريا هوندم.

 

جڏهن به چيٽ ۾ سرنهن ڦُلهاريا،

تنهنجا گسّ نِهاريا هوندم.

 

ڳوڙهن جي درياءُ ۾ غم جا،

ٻيڙا پار اُڪاريا هوندم.

 

شعر عزيز جا، سڀ آئينو،

تنهنجا عڪس اُجاريا هوندم.

غزل

سوچ ۾ گُم سُم گَهرُ هوندس،

تڏهن به ڪاڇي ٿَرُ هوندس.

 

درد جي شدت جي گھيرن ۾،

جڏهن به تَڙُپيس ڌَرُ هوندس.

 

آزاديءَ ڏي جو به اُڏاڻو،

انهيءَ پکي جو پَرُ هوندس.

 

شعر جي جنهن به اُهمڪ ماپي،

اڻ ڪٿَ اُونهو ڄَرُ هوندس.

 

ليڪ ته ڇا، مان ٽُبڪو ناهيان،

جي هوندس، گيت ۾ تَرُ هوندس.

 

غير ڇُهين مت غيرت کي تُون،

لڱ لڱ لُونءَ لُونءَ جَرُ هوندس.

 

عشق عزيز جڏهن به اُلريو،

پُهتو تنهنجي دَرُ هوندس.

نثار منصور

مُرڪون

خوش ٿي اڄ مان ڳايان ٿو

مُرڪون سڀ ۾ ورهايان ٿو

 

ٿر بر جھنگل، وستي وستي

ٽهڪڻ لڳندي پنهنجي بستي

 

چنگ چاهت جا وڄايان ٿو؛

خوش ٿي اڄ مان ڳايان ٿو.

 

بارش جي ڏس موسم پياري

ڌرتي سائي ٿي پئي ساري

 

تَنهن تي سِيسُ نمايان ٿو،

خوش ٿي اڄ مان ڳايان ٿو.

 

سچ جو اڄ ڪو مَچُ مچايون

ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ وَسايون

 

اڄ اهو پهه پچايان ٿو،

خوش ٿي اڄ مان ڳايان ٿو.

شوڪت ڌماچ

غزل

تون جي مرڪين ڪنول ٽڙِن

شاعر جا ڪي گيت جُڙن

چنڊ اڏول سدا وانگر

تارائي ٿا روز کِڙن

 

توتي ماڻهو ائين ميڙا

گل تي جيئن ٿا ڀَونر مِڙن

 

خوشبو خوشبو ماڳ سڄو

من مهڪايو چنگ چَڙن

 

تون بس ملندو ڪر مون سان

ساڙُو ماڻهو ڀل ته سَڙن

 

نيڻ مليا ڇا نيڻن سان

دل ٿي قابو ڪوٽ ڪَڙن

 

رسڻن ماڻهن سان ”شوڪت“

نيڻ اياڻا شل نه اَڙن.

بادل

غزل

زندگيءَ ۾ جو به آ مونکي مليو،

شخص هر ڪنهن آهي وس، آهر کسيو،

 

هو مِٺو مون کان جدا ڇا آ ٿيو،

مينهن اکين مان وڏ ڦڙي وانگر وسيو،

 

ناهه هن وک ڀي وڌائي ماڳ ڏي،

پر تصور ۾ وڃي منزل رسيو.

 

هو پُنهون، منهنجو پنهون ڪيڏانهن ويو،

راهه ڪائي ڏونگرو مون کي ڏسيو.

 

لفظ بادل جا هئا يا آرسيون،

مون ته اڪثر پاڻ کي تن ۾ پَسيو.

وايون

توڻي آ وڇڙيو،

پو به الائي ڇو؟

مون کي ڳولي ٿو.

گوري! تنهنجي گھر سندو،

اڄ به اهو رستو،

مون کي ڳولي ٿو.

ڪالهه اڌورو جو رهيو،

اڄ سوئي سپنو،

مون کي ڳولي ٿو.

روشنين ۾ گُم ٿيس،

۽ منهنجو پاڇو،

مون کي ڳولي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com