سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :2

ڪٿان نه ڪٿان ٽيليفون تي رابطو قائم ڪندو…. پر همراهه رابطو قائم نه ڪيو ۽ اهڙي ريت…“ (فون ڪجو ”لفظ اهڙي ريت“ جهڙو ڪو همراهه گهڻي وقت کان ڪنهن ثبوت جي تلاش ۾ هو سو اجهو هينئر کيس مس مس مليو آهي-) ..“ پنهنجي عادتي مقولو ته ”وعدو وفائيءَ جو احمد ڀائيءَ سان کوڙوئي ڪونه ٿو لڳي“ سورهن آنا سچو ثابت ٿيو“ انهيءَ تي مون کي غالب وارو شاعر ياد ٿو اچي ته:

تري وعدي په جئي هم تو يه جان جهوٽ جانا،

ڪه خوشي سي مر نه جاتي  اگر  اعتبار  هوتا.

خط جي انهيءَ پهرين حصي ۾ هڪڙي ٻي به عجيب اهڙي ڳالهه لکي اٿس. سندس يونيورسٽي ۾ ان جي گذريل موجوده منتظمين جو ذڪر ڪندي آخر ۾ لکي ٿو، ”خير وري به شڪر الحمد الله جو حميد جي دل ۾ آيو جنهن پروموشنن جي ديڳ چاڙهي ۽ 85 ڄڻن ۾ مون مسڪين جو ڀلو ٿيو. اها آهي دردوندي ڪٿا. باقي تاريخ ياد ناهي ته (پروموشن جو) آرڊر ڪڏهن مليو. توهان ايندا ته ”جهڙا حال حبيبان-“ مٺائي حاضر آهي.“ جڏهن توهان ايندا ته… ڪٿي ايندا سا نه چوڻ جي ڳالهه ئي ناهي جهڙو ڪر سڀڪنهن کي خبر آهي- پر سڀڪو ڄاڻي ٻجهي اڻڄاڻ بڻبو آهي. جيڪا شيءِ حاضر آهي سا ته حاضر ئي حاضر آهي. رڳو اتي پهچڻ جي دير آهي. توهان ايندا… ڪٿي ايندا، ڪڏهن ايندا هيءُ جو چوندا آهن ته ”يا نصيب!“ تنهن جو مطلب اهو ئي آهي. نصيب معني حصو، ڀاڱو. نصيب حصو، يا ڀاڱو ته سڀڪنهن کي ملڻو آهي، پر الائي ڪهڙو حصو ڪٿي ملڻو آهي! تنهن جي ڪنهن کي ڪهڙي ڪَل!

انهيءَ ڳالهه تان وري هڪڙي ٻي ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي. نومبر ۾ منهنجي والد صاحب جي آپريشن ٿي. آپريشن ته ڊاڪٽرن جي حساب سان ڪامياب وي، پر اڳئين وٽ دنيا سان دل لڳائي زندهه رهڻ جي شايد ايڏي وڏي تمنا نه هئي. چيائون ته ”بس هاڻي چُوڻو پاڻي پورو ٿيو.“

اسان هتي هزارين ميل پري برونائي (بونيوٻيٽ ۾) نوڪرين جي چڪرن ۾ گهيريل ۽ وڪوڙيل. اسان ڊسمبر تي هتان رواني ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو. پنهنجي خيال ۾ حساب مطابق ته اسان وقت تي روانا ٿياسون ۽ وقت تي سنڌ اچي پهتاسون، پر وقت جي قانون جي حساب مطابق اسان کي گهڻي اوير ٿي وئي. اسان هِتان دارالسلام مان روانا ٿياسون دارالوطن ڏانهن والد صاحب اُتاهين روانا ٿيا، دارالبقاء ڏانهن! پهتاسون سهي، پر زندگيءَ واري آخري ملاقات ڪانه ٿي. ايندي ئي والد صاحب جي تدفين ۾ شامل ٿياسين. والد صاحب جن وفات کان اڳ اسان جي انتظار ۾ هئا. اڃا حال ۾ هئا ته ڪراچيءَ ڀاءُ وٽ انتظار ڪيائون. اسان کي اچڻ ۾ دير ٿي. سندن وقت اچي ويجهو پهتو ته پاڻ ٽنڊي ڄام اچي انتظار ڪيائون. آخري وقت اڃا به ويجهو اچي پهتو ته ڊاڪٽر محمد يوسف کي گهُرايائون.

”سَندِي   سِڪَ   پرين،  لوڪ   ڏٺي   نه   لهي.“

”غالب نديمِ دوست سي آتِي هي بوئي دوست.“

خبر چار مختصر ٿي هوندي جو ضعف جي ڪري ڳالهائڻ جي سگهه ڪانه هُين ڊاڪٽر صاحب کان بابا سائين پڇيو: ”آصف!“

(ڊاڪٽر صاحب جو پٽ محمد آصف ۽ اسان جو ايرج هڪڙي سال، هڪڙي مهيني هڪڙي تاريخ، هڪڙي ڏينهن ته ڇا، ويندي هڪڙي وقت ڄاول آهن.)

ڊاڪٽر صاحب وراڻيو: ”گهر!“

ان ڏينهن شام جو والد صاحب وفات ڪئي- اسان جي پهچڻ کان چار پنج پهر اڳ. اسين اڃا والد جي پٿر تي ئي هئاسون جو ڊاڪٽر صاحب جو والد لاڏاڻو ڪيو.

اوڙي پاڙي وارا گذرندا آهن ته اسان ڀائيندا آهيون ته ”اها جُٺَ ٻين سان ٿيندي آهي؛ اسان سان ڪانه ٿيندي!“ ويجها مائٽ عزيز گذاريندا آهن ته ڀائيندا آهيون ته ”اهو ته پڪل ميوو هو سو ته ڇڻڻو هو. اسان جو وارو اڃا پري آهي!“ پر جڏهن ٽيهن سالن جو ڪو دوست. هڪ روح ٻه قالب، گذري ٿو ته محسوس ٿو ٿئي ته ڏاٽي وارو پريان دڪا دڙيون لُڻي اچي هن ول کي ويجهو پهتو آهي. لڻڻ واري ويجها اچي هٿ وڌا آهن. آيو ڪي آيو. الله تعاليٰ فرمايو:

اِنهُم يَرونَہ بَعِيداً. وَنَراههُ قَرِيباً. ڇو ته ڪافر انهيءَ (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا. ۽ اسين ان کي ويجهو ٿا ڏسون. ”(سورت المعارج“ آيتون 6۽ 7).

1962ع ۾ اسان ايگريڪلچر ڪاليج ۾ داخل ٿيا سون. ٽنڊو ڄام ۾ گهر هوندي به آئون هاسٽل ۾ اچي رهيس. ڪيئن وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي اچي ڪلاسن ۾ هڪڙن هنڌ گڏ ٿيا! ۽ وري ڪير ٿو ڪنهن سان گڏ رهي. اهي فيصلا مٿي آسمانن ۾ ٿيڻ جي بدران، هاسٽل وارڊن جي الهام مطابق ٿين ٿا. پهريان ٽي ڪمرا آفيسن جي حوالي سان. چوٿين ۾ آئون ۽ مون سان ٻيون ٽي ڪراچي ۽ نوابشاهه جون ڪاٺيون. ڪراچيءَ واري ته سگهوئي ڀڄي جان ڇڏائي. باقي مفير ۽ شفاعت وڃي بچيا. محمد يوسف تڏهن ڇهين روم ۾ ٽن ٺٽائي يارن سان رهندو هو. بدر سومرو ٻين وڻن جي ڪاٺين سان پنجين نمبر ۾ رهندو هو. ڪو عرصو ته ڪنهن سا اهڙي حجت ڪانه ٿي، جو سڀڪو پنهنجو خفن ۽ پريشانين ۾ رهيو. ڪلاس وڏا وڏا سوا سؤ شاگردن تي مشتمل- ڪير ڪنهن کي سڃاڻي!

پهريون دفعو محمد يوسف سان واقعي سڃاڻپ ان رات ٿي جڏهن سنڌي ڊراما لاءِ سڏ ٿيو. قد جو لاٺيرڙو هي جوان پنهنجي قد بت کان وڏو مٿو پنهنجن ڪلهن تي کنيو پي گهميو. وري وات ته نه هوس!الامان! ڳالهائيندو هن ڪنڊ ۾ ته سڄي هاسٽل جون چارئي ڪنڊون پيون ٻڌنديون. ڳالهائڻ ۾ ڪنهن کي وٺ ڏئي! بس، سمجهو ته وڄ آهي سا پئي لامارا ڏئي ۽ کنوڻ آهي سا پئي کنوي!

ائين محسوس ٿو ٿئي ته اسان انهن ڊرامن جي گڏجاڻين ۾ هڪ ٻئي کي سڃاتو، ۽ هڪ ٻئي جي صلاحيتن کان اهڙا ڪي متاثر ٿياسون جو اها سڃاڻپ زندگي ۽ موت جي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. جڏهن آئون ان ڪاليج کان پري هليو ويس ته به ڊراما ۽ رسالن جي متعلق هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪرڻ ضروري ٿي پيو.

سگهوئي محمد يوسف اسان جي ڪمري ۾ پهچي ويو، ۽ اسان جو اٿڻ ويهڻ، گهمڻ، ڦرڻ، کائڻ پيئڻ گڏ ٿيڻ لڳو.

هاسٽل جي زندگي به عجيب هئي. ڏينهن جو ڪلاس ۾، شام راندين روندين ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾، رات جي ماني کائي وري لڳون پڙهڻ کي. رات جو ٻارهين هڪ وڳي هڪل ٿيندي: ”هلو چانهن تي!“

پنج ست دوست يار گڏ ٿي نڪرندا. هاسٽل کان پريان، ڀرسان ئي، باکوڙي پٺاڻ جو چانهن جو دڪان (ڪکائون منهه) هو. کير- پتي چانهن جا آرڊر ٿيندا. جيسين چانهيون ڪڙهي تيار ٿين، تيسين چرچا گهٻا ٿيندا، گوڙ گهمسان ٿيندا، خبرون چارون ٿينديون، لهواريون اوڀاريون ٿينديون، ڪوڙ بدوڙ هڻبا، زٽ شٽ ٿيندا. چانهن جون چُسڪيون پوريون ڪري، کيسا ڇنڊي، هاسٽل ڏي ورڻ جي ڪبي، رستي ۾ جي سنگت کي پور پئجي ويو ته رسي جي ٻنڀي تي ويهي رهبو، فوٽبال گرائونڊ يا پيويلين وٽ بيهي رهبو، يا هاسٽل جي مٿان ڇت تي چڙهي وڃبو. وري نئين سنئين محفل شروع ٿيندي، چؤياري مچندي، ڳائڻ جون فرمائشون ٿينديون. هن پاسي بدرالدين سومرو کي ”ور ڙي ميهر يار!“ ڳائڻ جو چيو ويندو. هن پاسي مرحوم موسيٰ اڄڻ ”حيران هزارين مان نه رڳو!“ ڳائيندو. هيڏانهن عبدالرحيم پنهور حسينن کي دل نه ڏيڻ جي صلاح ڏيندو، يا ”ضرورت، ضرورت، ضرورت هي…. شيوا ڪري پتي ڪي…“ ڳائيندو. هوڏانهن ٻيو ڪو مون پارو ”يه راتين، به موسم، به هنسنا هنسانا، مجهي ڀول جانا…“ ڳائيندو، ته ڪو ”اي ري مين تو پريم ديواني ميرا درد نه جاني ڪوئي!“ جهونگاريندو. هن پاسي ڪو وري ”زندگي ديني والي سُن“ تي ڪنهن جي ٺاهيل پئرڊي ڳائيندو: ”ڇوڪري ديني والي سُن، تيري بيٽي سي جي ڀرگيا، مين يهان جيتي جي مرگيا… سالا مهمان هي، سالي مهمان هي، گهر هي يا ٿان هي…. جيسي گهوڙن سي گهر ڀرگيا….!“

واپسي ۾ وري به آسمان مٿي تي پاڙي وارن جون ننڊون حرام، ويچارا پاڙي وارا پرديسي گلگلت وغيره کان آيل، هاسٽل وارڊن کي وڃي شڪايتون ڪندا: ”سر، فلاڻا، هماري ڪان مين چيختا هي“، گهڻي دير کان پوءِ وڃي سمهي رهبو. الائي ڪڏهن ننڊ ايندي، صبح جو وري سوير اٿڻو هوندو. ڪي سهاجا وڃي نمازون پڙهي ايندا. ناشتا پاڻي ٿيندا، ۽ ڀڄبو پريڪٽيڪل ڏي يا ڪلاس ڏي.

هاسٽل ۾ مرحوم محمد موسيٰ اڄڻ جو ڪمرو اسان جي ڪمري جي ڀرسان ئي هوندو هو. اڄڻ مرحوم کي شوق ٿيندو هو ته ڪنهن نموني چرچن ۾ محمد يوسف کي ماري يا ٻئي ڪنهن جي هٿان مارائي، چرچيبازن جو پورو ٽولو وٺي، اسان جي ڪمري جي دريءَ جي ٻاهران کٽ وجهي پلٿ ماري اچي ويهندا. اسان اندر ڪمري ۾ محصور، ڀڄڻ جون سڀ راهون بند، اوڙي پاڙي وارن کي اطلاع ڏنو ويندو. چي؛ ”اڄ يوسف جو خير ناهي. اڄ يوسف سان جيڪا ٿيندي، سا راڄ ڏسندا.“ يوسف لاءِ خاص چرچا تيار ڪيا ويا هوندا. علي احمد مڱريو، عبدالرحمان مڱريو ۽ ٻيا محمد موسيٰ جا پڙهايل گهيرو ڪري، ٿانيڪا ٿي اچي ويهندا. پاڙي وارا سڀ تماشي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا. حملو شروع ٿيندو. هتان ڀوڳن جا بم ڪرندا، هُتان مزائيل ته هُتان راڪيٽ. (اڄڪلهه جي اصلاح مطابق، اهڙا لفظ ته اسان ٻڌا به ڪون هئا تڏهن) گهيري هيٺ، اندر اسين ٻه هونداسون، ٻيو سڄو راڄ ٻاهر. اسان ٻن محمد يوسف سو هڪڙو ئي رانجها لکن دا مٽ! ڪنهن چرچو هنيو ناهي، ان جو جواب موٽ ۾ مليو ناهيس. هيڏانهن ڳچيءَ ۾ پيو. هڪڙو اڌ چرچو، جيڪو وڏين محنتن سان چئن پنجن ماڻهن گڏجي ٺاهيو هوندو، سو ته بيٺي پير محمد يوسف جي جوابي ڪاروائي هٿان پرزا پرزا ٿي ويندو. اڌ ڪلاڪ جي اندر ڏس ته ڀاڙي تي آندل چرچائي ميدان ڇڏي لڪڻ ۾ پورا هوندا. پر هتان جو محمد يوسف جو وات کولرايو اٿائون سو ڪٿي ٿو بند ٿئي. وڏي وات سان گڏ هتي الله سائين محمد يوسف کي مٿو ۽ ميڄالو به سرس ڏئي ڇڏيا هئا، چرچائين جي ٻول چورڻ سان هتي ڄڻ ڪمپيوٽر جي بٽڻ ڪنهن دٻائي ڇڏيو. هڪڙو لفظ ٻئي لفظ کي ٿيڙيندو، هڪڙو چرچو ٻئي چرچي کي جنم ڏيندو. چرچن جي سنگهر هوندي اڻ ڳڻي، اڻ مئي، آواز به هوندس وڏو، سو هونئن ئي آواز تي ماڻهن تي ڇائنجي ويندو. پر هتي مڙس حاضر جواب اهڙو هوندو جو ڄڻ شاعر في البديهه شعر جوڙيندو هجي، هتي هڪڙي ڳالهه مان ٻي ڳالهه نڪرندي ويندي، هڪڙي ڀوڳ مان ٻيو ڀوڳ ٺهندو ويندو، هڪڙي ڌڪ مان ٻيو ڌڪ لڳندو ويندو. ٻڌڻ وارا هوندا، تن جا ٻئي هٿ پيٽ ۾! کل ۾ هوندا کير! ڪير جو ٿورو کلي! ”کلندي کلندي گوڏن سُور!“ اُڄڻ مرحوم ۽ مڱريا هوندا ويچارا، تن جي لڪڻ جون جايون کٽي پونديون ڀائندا ته ڪٿان ڪو وجهه ملي ته ڀڄي جان ڇڏائجي. پر هتي ته پاڻ ئي گهيرو ڪرايو ويٺا هوندا سو گهيرو هاڻي ڪٿي ٿو آسانيءَ سان ٽُٽي. نيٺ بان ڪري، ٻوٿ ڦهلو ڪري موٽندا، سوڙ شرمندگيءَ جي اوڍي وڃي سمهي رهندا. پر ٻئي ڏينهن کان وري تياريون ٿينديون بدلي وٺڻ جون، ڪي ڏينهن خدا جا ڇڏي، وري حملو ڪندا. پر اهو وري به ٿيندو ککر ۾ کڙي هئڻ جي مصداق، هو جيڪي تازا چرچا ٺاهي ايندا، سي وري به پوندن ڳچيءَ ۾! ڳالهائڻ ۾ محمد يوسف سان ڪير پُڄي، ڳوهه کي کٽي کڻي ته ڳولهي شڪارين جا گهر، چرچائي کي کٽي کڻي ته ڀوڳ ڪري محمد يوسف جي قدبت ۽ ڊيل ڊول تي ، مٿي ۽ آواز تي!

ان زماني ۾ هفتي جي موڪل ٿيندي هئي آچر جي ڏينهن. تي هونئن ته هاسٽل ۾ به گهڻائي ڪم هوندا ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن وري محمد يوسف ڳوٺ به ويندو- هوسڙيءَ جي ديهه پنوهاريءَ ۾، پر جڏهن ڏوڪڙ هوندا فلم ڏسڻ جيترا، ۽ ڪا پراڻي فلم نئين سر لڳي هوندي يا ڪا نئين فلم تازي آئي هوندي، ته وڃبو حيدرآباد فلم ڏسڻ. ٽنڊي ڄام کان حيدرآباد سرڪاري طور يارهن ميل هئا، پر ان زماني ۾ سفر ”اڻانگا“ هئا. اهي يارهن ميل به وڏي منزل هئي. بسون تڏهن عام جام ڪونه هيون، ان ڪري بار هو سڄو ريل گاڏيءَ تي. ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن ۾ تڏهن ته الائي ٻارهن گاڏيون هر هڪ پاسي وينديون هيون. ڀاڙو شايد ڇهه آنا يا اٺ آنا هو. ڦليليءَ واريون سئنيمائون. نور محل ۽ قيصر ۽ گهڻو ڪري پراڻيون فلمون هلائينديون هيون. جيڪڏهن وڃڻو هوندو انهن سئينيمائن ڏي ته دعائون پيون ڪبيون ته ڦليلي پاور هائوس وارو سنگل هيٺ ڪيل نه هجي، ته جيئن وجهه ملي وڃي ته اتي ئي لهي پوڻ جو، جي ٿو مولا ٻڌي ته وهه- واهه ٿي ويندي. اتي ڦليليءَ وٽ گاڏي مان لهي پوڻ جو لڳائبو کڙين تي زور، چار آنا جيڪي اسٽيشن کان ٽانگي واري کي ڏجن ها، سي به بچيا، سويرو ماڻهو سئينما تي پهچي به ويو، لائن ۾ لڳي ٽڪيٽ به اڳواٽ وٺي ورتو، ڇهين ٻارهين آني ۾، رپئي ڏيڍ ۾، سئنيما خريد ڪري، ان تي قبضو ڪري، برجمان ٿي، مڳ ٿي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويهي رهبو. جي پئسو هوندو ۽ سڌ ٿي ته کاڄن ۽ پڪوڙن واري جي به سلامي ڀربي. فلمن جي عشق ۾ نڪي پنڌ جوانن کي ماري، نڪي گڙدي ڏکي لڳي، نڪي پڪوڙن يا کاڄن مان ڪو پيٽ ۾ سور ٿئي. فلم شروع ٿيڻ کان اڳ اهڙي خشوع ۽ خضوع سان، همہ تن گوش ٿي ويهبو، جو مجال آهي جو ڪو آواز گسي، ڪو ڊائلاگ اسان جي ڪنن تي نه پوي گوتم ٻڌ به اهڙو ڌيان نه ڪاٽيو هوندو.

فلم ڏسي ٻاهر اچبو ته سئنيما ڏسڻ کان اڳ واري ٻاهرين دنيا، اها ساڳي دنيا نه رهي هوندي! ٿيندي پچار فلم جي. شروع ۾ ڇا . ريل گاڏيءَ ۾ ته ڇا، اسٽيشن کان هاسٽل تائين وري پنڌ ۾ ته ڇا، هاسٽل ۾ پهچڻ کان پوءِ ته ڇا، ڪو هڪڙو لمحو نه هوندو جيڪو انهيءَ محبوب حقيقي جي پچارن کان وانجهيل رهي وڃي. فلم جي ڪهاڻيءَ تي بحث ٿيندا، فلم جي شروع ٿيڻ جي انداز تي بحث ٿيندا. ايڪٽنگ، هدايتڪاري، گانن ۽ انهن جي لفظن ۽ ڌنن تي بحث ٿيندا،. اسٽيج جي سيٽن، ڊايالاگن ۽ ٻي هر ڳالهه تي بحث ٿيندا. ڪهاڻيءَ جو حصو ڪهڙو ڪهڙي انگريزي يا پراڻي هندستاني ۽ پاڪستاني فلم تان ورتل آهي، ڪهڙو گانو، يا ڪهڙي گاني جي ڪهڙي ڌن ڪهڙي اڳئين ڪنهن گاني تان چورايل آهي. فلم ۾ ڪهڙيون ڪوتاهيون رهجي ويون اهي. اهي ڪوتاهيون ڪئين سوليون ڪجن ها. انهن سڀني ڳالهين تي ڏي وٺ ٿيندي. هڪڙا ڳالهه چوندا، ٻيا ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهندا.

شرطون لڳنديون. ٻين کان رايا ورتا ويندا. هڪڙو ڏينهن هفتو ڇا، هتي ته جيسين وري ڪنهن ٻي فلم جو جادو مٿي تي سوار نه ٿئي، تيسين انهيءَ ويچاري فلم جا ڦوندا ٿي ويندا. فلم جا آنڊا پتا، فلم جون گجيون ۽ اوجهريون سڀ ڪڍي، ڊائسيڪٽ ڪري، اڇلي ٻاهر ڪندا. فلم ۾ وري جيڪي ”چڱايون هونديون، تن جي تعريف ۾ سخن جا درياهه وهائي ڇڏبا. ڪو ڊايلاگ ٿيو ناهي، ڪو گانو دل کي سٺو لڳو ناهي، ڪا سيٽنگ، ڪا هدايتڪاري دل کي وڻي ناهي، واکاڻ جا درياهه وهائي ڇڏبا.

مون کي ياد آهي ته ڪيئن اسان وڏي اتساهه سان نيومئجسٽڪ  سينما ۾ پراڻي فلم ”روٽي“ ڏسڻ وياسين. ۽ ڪيترا ڏينهن ان فلم جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ڪيترو وقت ان فلم جون ڳالهيون ذهن تي ڇانيل رهيو. ٻئي ڀيري فل ”هم لوگ“ ڏسڻ وياسين. نوتن ان ۾ هيروئن هئي. هڪ حساس، غريب، مريض، پر صلاحيتن واري ڇوڪري. ڪميونٽي لاءِ هڪڙو ناٽڪ ٿي لکي. مامهس کي چوي ٿي ته ”ماما، مون به ناٽڪ لکيو آهي!“ بظاهر انهيءَ سادي جملي ۾ هونئن ته ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، پر محمد يوسف لاءِ ”وهه تير مري سيني په مارا که هاءِ هاءِ!“ جي مصداق اهو جملو اهڙو ته دل کي وڻيس جو زندگيءَ ڀر نه وسريس. جهڙوڪر هن پنهنجي ناٽڪ جي ڳالهه نه پر محمد يوسف جي ناٽڪ جي ڳالهه تي ڪئي.

خوشـتر آن باشد کي سَرِ دلبران

گفت   آيد   در  حـديث ديگران.

ناٽڪ ۾ پي، ايڇ، ڊي ڪرڻ محمد يوسف جي زندگيءَ جي پهرين وڏي تمنا هئي، پهريون وڏيون وڏيون ڪاميابيون به کيس ناٽڪ جي ذريعي حاصل ٿيون ۽، جيئن اڳ عرض ٿيو. اسان جي سڃاڻپ به ناٽڪ جي ڪري ٿي.

ڪاليج جي پهرئين سال ۾ هئاسون، پاڙي ۾ رهندي به هڪ ٻئي کان غيرن واقف هئاسون. تان جو ڊرامي لاءِ سڏ ٿيو. اتي هڪ ٻئي کي ڏٺوسين، سڃاتوسين، پرکيوسين ۽ محمد يوسف جي پهرين وڏي ڪاميابيءَ جو داستان شروع ٿيو.

اسان جي اچڻ کان اڳ ۾ ايگريڪلچر ڪاليج ۾ گهڻائي سنڌي شاگردن جي هئي. پر ان زماني جي سنڌي آفيسرن جهڙي نموني پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن مان هٿ ڪڍي، ڌارين ٻولي، ان جي لباس ۽ ناز نخرن کي جهڙي نموني اختيار ڪيو هو، ان جو نتيجو اهو نڪتو هو جو سنڌي شاگرد ڊراما، ڊبيٽن ۽ ٻين ادبي ۽ فني ڪمن ۾ پٺتي پيل هئا.  سنڌ ايگريڪلچرل ڪاليج جي اسٽيج تي اردو ڊرامو ٿيندو هو. سنڌي شاگرد ڊراما جهڙي ”ڪريل، نيچ“ ڪم کي ويجهو ڪونه ويندا هئا. ان ڪري جيتوڻيڪ سنڌي ڊبيٽون به انڌن منڊيون ٿينديون هيون. ميگزين ۾ ٿڙيو ٿاٻڙيو حصو سنڌي مضمونن جو به هوندو هو، پر ڊراما تي هڪ هٽي هئي اردو وارن جي. اهڙيءَ طرح ڪاليج جي ٽيهه ساله تاريخ ۾ پهريون دفعو محمد يوسف جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ڊرامي ڪرڻ جو خيال پيش ٿيو پراڻن سالن وارن شاگردن لاءِ ته اها نئين ڳالهه هئي، پر ويندي ڊراما جا انچارج استاد، جيڪي پاڻ کي ٻروچ ۽ سنڌي سڏائيندا هئا، سي به اها ڳالهه دليئون قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ته ڪو سنڌي ۾ ڊرامو به ڪري سگهجي ٿو. وڏي مشڪل سان، وڙهي جهڙي، سنڌيءَ ۾ ڊراما ڪرڻ جي اجازت ورتي وئي.

سنڌي ڊرامي لاءِ بجيٽ به ڪانه هئي- ان ڪري جو جيڪو هميشه خرچ اردو ڊرامي تي ايندو رهندو هو سو هينئر به اچڻو هو، سڌي ڊرامي لاءِ پيسا وري ڪٿان ايندا! سنڌي آفيسر جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اختيار وارا هئا، ته انهن جو حال اهو هوندو هو جو گهر ۾ اردو ڳالهائيندا هئا، حالانڪه سڏائيندا ٻروچ، پٺاڻ. (اصل پراڻا) صديقي ۽ شيخ هئا، پر گهرن ۾ زالين مڙسين. ٻارين ٻچين آسمان کان آيل فرشتن جي ٻولي ڳالهائيندا هئا.

(”بيٽا، اُڌر مت جانا، ڪتا چڪ پائي گا.“)

”اُدهر“ معنيٰ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن جي گهرن ڏانهن. جن ماڻهن سنڌيءَ ٻوليءَ مان اهڙي طرح آسروپلي ڇڏيو. هٿ ڌوئي ڇڏيا، ختمو پڙهي ڇڏيو- سي ڪٿي ٿا سندن خيال مطابق، ”مئل“ ٻوليءَ کي جياري اسٽيج تي آڻڻ جي اجازت ڏين!

ريهرسل دوران چانهن پاڻيءَ تي خرچ ٿيندو. چي: ”بجيٽ ناهي!“ ”سائين، ڪاسٽيومز لاءِ پئسا.“ ”اسٽيج تي منظر لڳائڻ لاءِ پئسا کپندا.“ چي: بجيٽ ناهي! مسئلا جهجها، حل آفيسرن دلن ۾ لڀن ڪونه. وڏيون وٺ وٺائون ٿيون، هڻ هڻائون ٿيون. هو به نه مڃڻا، اسين به نه مُڙڻا. ”سائين اسان پئسن جي ڳالهه تان ئي هٿ کنيو“. ڊراما ڪيئن به ڪري ڪرڻو ضرور آهي.

ڊراما ڪي چونڊياسون، ڪي پاڻ لکياسون. انهيءَ سڄي ڪم ۾ اڳواڻي محمد يوسف ڪئي. ڪهڙا ڊراما ٿيندا؟ ان جو آخري فيصلو ڪير ڪندو؟ محمد يوسف! ڪهڙا رول ڪنهن کي ڏبا؟ ان جو وقت ڊراما جي هدايت ڪاري ڪير ڪندو؟ محمد يوسف جون صلاحيتون هتي اُجاگر ٿيون، پر ٻين ڪيترن شاگردن جي فطري صلاحيتون نسري نروار ٿيون. عبدلرحيم پنهور ۽ بدرالدين سومرو بهترين ڳالهائيندڙ ۽ اداڪاري ڪندڙ ثابت ٿيا، جن پوءِ، ايندڙ سالن ۾ سڄي سنڌ جي راڳ جي مقابلن ۾ ڪنهن کي اُڀرڻ نه ڏنو. اهڙين محفلن ۾ ريڊيو جي پروفيشنل ڳائڻن کان وڌيڪ ماڻهو عبدالرحيم ۽ بدر کي ٻڌڻ پسند ڪندا هئا. عبدالحق ابڙو، سترام، يوسف جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا سڀني کان وفادار ڪم جو مور، ۽ اروچ اڻ ٿڪ ساٿي هوس سجاد ڀٽي، جيڪو هر فن موليٰ ۽ هر ڳالهه ۾ ساٿ ڏيڻ وارو هوس. ۽ ٻيا به ڪيترائي ساٿي هئا.

هي هڪڙو سهڻو موقعو هو جيڪو جنگلي ٻوٽن کي اُسرڻ ۽ نسرڻ جو مليو. ٻيا سڀ گُل هئا اۡنهيءَ چمن جا. اهو چمن اجڙي ويو. ڊراما جو نالو نشان ئي ويو هليو ڪاليج توڙي يونيورسٽي مان. جيتوڻيڪ ٻيا به سبب هُئا اُن انحطاط جا. هڪڙي فطري صلاحيت هئي جيڪا جنگلي ٻوٽن جي وچ ۾ اسري ۽ وڏو وڻ ٿي اُڀري آئي. ۽ ٻين ڪکن پنن جي مٿان ائين ڇائنجي وئي، جيئن کجيءَ جو وڻ ننڍڙن ٻوٽن ۽ ولين جي وچ ۾ اسري، اڀري اوچي ڳاٽ اڀو ٿي بيهي رهي.

وري ڪم جي ڦڙت اهڙو جو شام تائين پنهنجي ڪلاسن ۾ هوندو، شام جو ريهرسل شروع ٿيندي. رات جا ٻه ٻه وڄي ويندا. موٽي اچي هاسٽل ۾ ٻئي ڏينهن ڏيکارڻ وارو ڪلاسن جو ڪم پورو ڪبو، تان جو صبح جا پنج وٺي ويندا. نماز پڙهي ناشتو ڪري وري سڌو پهچبو ڪلاسن ۾. گڏ رهڻ وارا حيرات ڪندا ته ”هي جن آهي يا ماڻهو!“ ٿڪجي ئي ڪونه ٿو!

پڙهڻ جي ڪَمَ ۾ وري ڪنهن به ٻئي کان پوئتي نه رهندو. ڪيترا شاگرد اهڙا هئا جيڪي جيڪڏهن رانديگر هئا ته رڳو رانديون شوق سان ڪندا هئا، ڪلاس سندن بدران سندن فرشا اٽينڊ ڪندا هئا. ڳائيندڙ هئا ته اهي به فرشتن جي زور تي پاس ٿيندا هئا، هتي ڳالهه ئي ٻي هئي.

ڪنهن به ڪم ۾ ڪنهن کان به پٺتي نه رهبو. جنهن ڪم ۾ هٿ وجهبو تنهن کي پرفيڪٽ نموني پورو ڪبو، نباهبو، جيڪو ڪم نه ايندو هوندو، يا وسان وڏو هوندو ته ان ۾ هٿ ئي ڪونه وجهبو. راندين کي يوسف ويجهو نه ويندو، ڳائڻ جي ڪڏهن ڪوشش ڪانه ڪبي.

ڊبيٽون يوسف جي وس وٽان نه هيون. انهيءَ حالت ۾ انهن شين ۾ ڪڏهن ٽنگ به ڪانه اڙايائين دعويٰ به ڪانه ڪيائين جنهن ڪم جي ڄاڻ يا پهچ رکبي ته ان ڪم کي اهڙي سچائيءَ، خلوص محبت ۽ اورچائيءَ سان توڙ تائين پهچائبو جو سڀڪو دوست دشمن بي اختيار ”واهه واهه چوندو.

قصو ڪوتاهه، پهريئن سالن کان وٺي اهڙو دستور ٺهي ويو جو هڪڙو چڱو موچارو وڏيرڙو ناٽڪ ڪنهن مشهور ليکڪ جو چونڊيو، هڪڙو ٽيبلو شاهه جي سرزمين مان ڪنهن هڪ سُرَ تي ٻڌل پاڻ لکبو، هڪڙو ٻه ننڍڙا مزاحيه خاڪا ٺاهبا. انهن خاڪن ۽ ناٽڪن جي وچ ۾ عبدالرحيم پنهور ۽ بدر سومرو ۽ ڪي ٻيا ڪلام ڳائيندا. سنڌي سيڪشن جو اهڙو پروگرام تاڃي پيٽي اُڻبو هو اردوءَ جي ناٽڪن، خاڪن ۽ راڳ سان، ناٽڪن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جا ”نجومي“ ۽ ”شاهدي“ تمام گهڻو ڪامياب ٿيا. سنڌ سرڪار ”سنڌ صدين کان“ وارو پروگرام 1974ع ۾ پيش ڪيو، ان کان ست اٺ سال محمد يوسف ٽنڊو ڄام جي اسٽيج تي سنڌ جا پنج هزار سالن جي تاريخ، ڪوزي ۾ دريا واري مصداق پيش ڪئي. جنهن ۾ مختلف دورن کي پيش ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا منظر پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيائين. ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ خوشقسمتيءَ سان کيس ڪي تمام سٺا سيبائتا ۽ وڙائتا ساٿي ملي ويا جيڪي هر خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هر ممڪن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا.

انهن ڊرامن جي ئي سلسلي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻو پيس. ڊرامن جي ڪن منظرن کي اثرائتي ڪرڻ لاءِ پس منظر ۾ صوتي اثرات جي ضرورت هوندي هئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليہ جي بيتن لاءِ، ٽيبلوز ۾، صالح محمد شاهه صاحب جهڙن آوازن جي ضرورت پوندي هُيس. انهن سڀني ڳالهين لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻو پيس. اهو اتاهين ئي سلسلو هليو جو مرحوم سرور بلوچ، مراد علي مرزا صاحب ۽ ٻين ريڊيو جي اسٽاف وارن سان سڃاڻپ ٿيس، اهي سڃاڻپون رفاقتن ۾ بدليون رفاقتون زندگيءَ ڀر جي دوستين ۾ بدليون. هِن هُنن جي صلاحيت کي سڃاتو ۽ اُنهن مان سکيو ۽ پرايو، ۽ ايندڙ پنڌرهن ويهن سالن ۾ ايتري قدر ته گهڻائيءَ ۾ لکرايو جو محمد يوسف ٻپهرن تائين ٽنڊي ڄام ۾ هوندو هو؛ ٻپهرن کان پوءِ رات تائين ريڊيو پاڪستان جي آفيس ۾.

سرور بلوچ وٽ سندس هيڊ ڪوارٽر هوندو اُتي هٿ نه اچيوَ ته وڃي مراد علي مرزا صاحب کان پُڇو. اتي به نه هجي ته عبدالڪريم بلوچ وٽ هوندو. اتاهين به نڪري ويو آهي ته پوءِ پڪ الياس عشقي صاحب وٽ هوندو. الغرض ايندڙ ڪيترن سالن تائين آفيس ۽ گهر کان پوءِ ريڊيو پاڪستان سندس ٽيو نمبر هر روز جو هيڊ ڪوارٽر رهيو. خاڪو چوندس ته هيءَ ڳالهه هيئن چوندس ته فلاڻي موضوع تي لکي اچ- جيڪو اهو خاڪو پڙهندو، ڳاڙها ڪارا ليڪا ڪڍي چوندس ته هيءَ ڳالهه هيئن چوڻ جي سرڪار اجازت ڪانه ڏيندي، تون انهيءَ کي ٻئي ڪنهن نموني لکي کڻي اچ. اسان جهڙو ڪو هجي ته وري پوءِ مهينا ڇُٽا اصلاح ڪرڻ ۾. پر محمد يوسف ڪنهن هڪڙي يار جي آفيس ۾ وڃي ويهندو- يا ڪنهن ٻئي دوست سان گپ شپ به ڪرڻي هوندي ته ڪراچي هوٽل ۾ وڃي ويهبو، اُتي چانهن به پئي پيئبي، ڳالهيون مُهاڙيون به پيون هلنديون، خاڪو به پيو نئين سنئين لکبو. لکي پورو ڪري، کڻي وڃي سرڪار جي فرمانبردار جي آڏو حاضر ڪبو. ٻيهر به منظور نه ٿيو ته ٽيهر لکبو. جڏهن ٻئي ڌريون راضي ٿينديون، تڏهن رڪشو هٿ ڪبو، نه ته رکبو کُڙين تي زور ۽ اچي گهر ڀيڙو ٿبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com