سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :23

عبدالعزيز مهراڻوي

البرڪامو جو سياسي ڪردار

البرڪامو فرانس جو عظيم اديب ڪري ليکجي ٿو. هن جي اهميت رڳو ان ڪري ڪانهي، ته هن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ادبي انعام نوبل پرائز (Noble Prize) (1) مليو هو، پر ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۽ ان کان پوءِ فرانس ۾ جيڪا سياسي اُٿل پُٿل آئي ان ۾ البرڪامو سياسي طور بيحد سرگرم هو. هن جي ناولن، ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان سواءِ هن جا سياسي ۽ فلسفي وارا مضمون به ان دور جي سياسي حالتن سان لاڳاپيل آهن.

البرڪامو الجزائر ۾ 1913ع ۾ ڄائو هو. هن جي ڄمڻ کان هڪ سال پوءِ سندس پيءُ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ الهندي محاذ تي وڙهندي مري ويو. ڪامو جو ننڍپڻ هڪ مزور وسنديءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو گذريو. هن جي ۽ سندس ڀاءُ جي پرورش سندن ماءُ ۽ ڏاڏيءَ هڪ ننڍڙي ۽ سوڙهي گهر ۾ ڪئي.(2) اسڪول ۾ غير معمولي هوشياري ڏيکارڻ سبب 1924ع ۾ هن کي لاسي بيگ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏني ويئي. 1936ع ۾ هن الجيرس يونيورسٽي مان فلسفي ۽ ادب ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان دوران پنهنجن جيڏن سرتن سان گڏ البرڪامو پاپولر فرنٽ تحريڪ جي اثر هيٺ آيو، هو ڪجهه عرصي لاءِ الجبرين ڪميونسٽ پارٽي ۾ پڻ رهيو، پر پوءِ کيس 1937ع ۾ پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو.(3) ان جو ڪارڻ اهو هو ته ڪامو الجزائر جي عربن جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ زور ڀريو هو. پر ان وقت اسٽالن ۽ فرانس جي وزيراعظم لاوال جي وچ ۾ عهدنامو ٿي چڪو هو. ان ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ فرانس جي حڪومت لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪرڻ نٿي چاهيو.(4)

البرڪامو شاگرديءَ جي دوران توڙي بعد ۾ هڪ ڊراما ڪمپنيءَ ۾ مکيه ڪارڪن ٿي رهيو. هن ڪمپنيءَ واسطي بغاوت جي موضوع تي هڪ ناٽڪ لکيو. ننڍي هوندي ئي ڪامو کي معلوم ٿي ويو هو ته هو ٽي. بي جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي.

اهو روڳ هن کي سموري زندگي لڳو رهيو. اهو ئي سبب هو جنهن ڪري البرڪامو يونيورسٽيءَ ۾ پوسٽ گريجوئٽ جو ڪورس نه ڪري سگهيو. انهيءَ عرصي دوران هن پهرين شادي ڪئي، جيڪا ٿورو وقت هلي ختم ٿي ويئي. هن ٻي شادي 1940ع ۾ ڪئي.

1938ع ڪامو هڪ لبرل رسالي الجيئر ريپبليڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اهو رسالو بعد ۾ سائر ريپبليڪن جي نالي سان مشهور ٿيو. اختياري وارن اهو رسالو 1940ع ۾ بند ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته رسالو سينسرشپ ۽ دٻاءُ واري پالسيءَ جي مخالفت ڪري رهيو هو.(5) ان کان پوءِ ڪامو فرانس هليو ويو، جتي هن 1940ع کان وٺي 1944ع واري دوران ڪجهه ڪتاب لکيا، جن هن جو نالو ادبي ۽ سياسي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. اهي ڪتاب هئا هن جو جڳ مشهور ناول ’The out Sider‘ فلسفي وارن موضوعن تي مشتمل مضمونن جو مجموعو ’The myth of Sisyphus‘ ۽ هن جا سياسي موضوعن تي لکيل ڊراما.

1943ع ڌاري ڏکڻ فرانس ۾ آرام واري عرصي دوران ڪامو جو تعلق هڪ مزاحمتي تحريڪ ’Combat‘ جي ميمبرن سان ٿيو. مزاحمتي تحريڪ فرانس تي هٽلر جي فوجي قبضي جي خلاف هئي. تحريڪ طرفان هڪ زير زمين روزاني اخبار’The Combat‘ جي نالي سان شروع ڪئي ويئي جنهن جو ايڊيٽر البرڪامو کي مقرر ڪيو ويو.(6) فرانس تي نازين جي قبضي دوران پئرس جون حالتون ڏاڍيون گنڀير ٿي ويون. انهن گنڀير حالتن ۽ آزاديءَ واريءَ هلچل بابت البرڪامو جا لکيل ايڊيٽوريل ان درو جي سياسي حالتن جي نهايت زوردار قسم جي عڪاسي ٿا ڪن.

6- فيبروري 1934ع تي فاشسٽ ٽولن طرفان ڏاڍ ڀريل مظاهرن ۽ هنگامن فرانس جي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ڦٽائڻ جا امڪان پيدا ڪري وڌا.

گهڻن ماڻهن جي نظر ۾ خود فرانس جي بقا جو سوال پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ڪري مرڪز جي کاٻي پاسي واريون سموريون ڌريون جيڪي فاشزم جي خلاف هيون يڪجاءِ ٿيون ۽ انهيءَ نئين اتحاد آخرڪار 1936ع ۾ فرانس ۾ پاپيولر فرنٽ گورنمنٽ کي وجود ۾ آندو(7). 25 آگسٽ 1944ع تي ليڪرل جي هٿياربند ڊويزن پئرس ۾ داخل ٿي جرمن قبضي جو انت آندو(8). انهيءَ پرآشوب ڏهاڪي جي دوران ڪامو ڪوشش ڪئي ته تاريخ جي همعصر گهوٽالي سان ڪن شرطن تي ٺاهه ڪجي.

اخلاقي ۽ سياسي وفادارين جي نقطئه نظر کان اهو ڏهاڪو سادو به هو ته ساڳئي وقت نهايت منجهيل به هو. سادو ان خيال کان ته سواءِ ساڄي ڌُر جي انتها پسندن جي هر ڪنهن ماڻهوءَ اهو ٿي چاهيو، ته فاشزم ۽ نازي ازم جي خلاف اتحاد ڪري هلچل هلائجي؛ پر سوال هو ته انهيءَ جذبي کي عملي صورت ۾ ڪيئن آڻجي؟ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ، کاٻي ڌر جي جنگ کان نفرت ۽ انتها پسند قوم پرستيءَ تي بي اعتماديءَ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، جو يورپ ۾ هٽلر ازم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ ڪا به گنجائش نظر ڪونه ٿي آئي. اها جنگ کان نفرت سوشلسٽ پارٽيءَ وارن وٽ ايتري قدر ته پڪي پختي چڪي هئي، جو فاشزم جي باري ۾ سچي ۽ اعلانيه مخالفت جي باوجود اسپين ۾ وڙهندڙ جمهوري قوتن کي هو ڪا به اثرائتي مدد نه پئي ڏئي سگهيا. 1938ع واري ميونخ عهد نامي جي بيدليءَ سان پٺڀرائيءَ ڪئي وئي.1935ع (جڏهن اسٽالن ۽ لا وال جي وچ ۾ عهد نامو ٿيو هو) کان وٺي 1939ع (جڏهن اسٽالن ۽ هٽلر جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو هو) تائين نظرياتي بين الاقواميت ۽ قومي جنگين جي بي اعتباريءَ واري ويڙهاند کي ترڪ ڪري فرنچ ڪميونسٽ پارٽي هڪ انتهائي محب وطن جماعت بڻجي چڪي هئي(9). 1939ع کان وٺي جون 1941ع تائين (جڏهن هٽلر سوويت يونين تي حملو ڪيو هو) پارٽيءَ بادشاهي جنگ جي باري ۾ غير طرفداريءَ جي رٿ پيش ڪئي، پر پوءِ والاريل فرانس جي آخري ٽن سالن ۾ پاڻ کي مزاحمت واسطي وقف ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ نازي اثر تي جوڳو ڌيان نه ڏيندي، هٽلر واريءَ پاليسيءَ کان چشم پوشيءَ اختيار ڪئي ويئي هئي.

جڏهن مئي ۽ جون 1940ع ۾ جرمنيءَ جو فرانس تي قبضو ٿي چڪو هو، فرانس جون سموريون سياسي پارٽيون ڀڄ ڊاهه واريءَ ان صورتحال تي پهچي چڪيون هيون جو ڪوبه سياسي نظريو صحيح سلامت نظر نٿي آيو. ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ڄڻڪ سياسي ۽ سماجي طور هڪ وڏو خال پيدا ٿي چڪو هو. فرنچ مزاحمت فوجي نقطه نگاهه کان خال کي ڀرڻ جي هڪ شعوري ڪوشش ڪئي!(10)

فرانس اندر مزاحمت جو عمل ان وقت جي انتهائي سماجي حالتن جي پيداوار هو. اهو سياسي پارٽين جي اثر ياڊيگال جي آزاد فرنچ هلچل کان بلڪل آجو هو. مزاحمت جي تحريڪ انهن ڇڙوڇڙ فردن ۽ ننڍن گروهن طرفان قائم ڪئي وئي، جيڪي کاٻي ڌُر سان لاڳاپيل هئڻ جي باوجود مختلف خيالن وارن ماڻهن تي مشتمل هئا. هنن جا ڪارناما گالسٽ واري لائين کان مختلف هئا ۽ لنڊن کان ئي شروع ٿيا هئا. هنن جو ڪم هو پروپيگنڊا ڪرڻ خفيه پريس وسيلي اطلاع مهيا ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت فوجي مهمن ۾ شريڪ ٿيڻ سندن پروگرام ۾ شامل هو(11). 1940ع کان 1942ع ڌاري اهي تحريڪون تعداد ۽ مقصدن ۾ ويون ٿي وڌنديون ۽ اهي سڀ آخرڪار هڪ تحريڪ Movement for resistance M.U.R ۾ ضم ٿي ويون(12) پر ان وقت ان جي آزاد حيثيت يعني سياسي، فوجي ۽ مالي حيثيت کي ٻن طرفن کان خطرو پيدا ٿي پيو. هڪ طرف ڊيگال چاهيو ٿي ته اها تحريڪ سندس ڪنٽرول ۾ هجي. ٻئي طرف نيشنل فرنٽ جي معرفت ڪميونسٽن چاهيو ٿي ته تحريڪ جي اڳواڻي وٽن هجي.

1943ع ۾ جنرل ڊيگال هڪ مزاحمتي ڪائونسل ’C.N.R جي نالي سان ٺاهي ان ۾ لڙائيءَ کان اڳ واريون سياسي پارٽيون ۽ مزاحمت وارا نوان فرد شامل ڪيا ويا. بس ان گهڙيءَ کان وٺي مزاحمت واري تحريڪ پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳي ۽ ان جو اخلاقي جهاد روايتي سياست ۾ آهستي آهستي ويو گم ٿيندو.

هن ڏهاڪي جي سياسي توڙي اخلاقي مسئلن جو عڪس البرڪامو جي شروعاتي زندگيءَ واري دور ۾ نمايان آهي انهن سالن دوران اسين ڏسون ٿا ته ڪامو ٻن تضادن کي قبول ڪرڻ لڳو هو. هنن مان هڪڙو تضاد هو سياسي ۽ ٻيو هو عقلي(13).

ڪامو جو سياسي تضاد سموري انسانيت جو مسئلو هو يعني جنگ کان نفرت. پر صلح پسنديءَ جي باوجود هو نازي ازم ۽ فاشزم جي طاقتن سان مقابلو ڪري. انهن کي نيست نابود ڪرڻ ضروري سمجهندو هو. منطقي تضاد کي منهن ڏيندي ڪامو ڪنهن به اٽڪلبازيءَ جو سهارو نٿو وٺي بلڪ خود تضاد کي استعمال ڪندي ظاهر ٿو ڪري ته انساني قدرن کي پيدا ڪرڻ لاءِ اتان ئي شروعات ڪري سگهجي ٿي. اهڙي ريت جنگ کان نفرت يا مزاحمت نه صحيح آهي نه غلط، البت امن پسندن طرفان هٿياربند جدوجهد ۾ به انساني قدرن جا اعليٰ مثال قائم ڪيا وڃن ٿا. ڪامو بعد ۾ 1905ع واري زماني جي روسي انقلابين جي ساراهه ڪندو هو جن لاءِ قتل ضروري به هو ۽ ناجائز به هو(14).

ٻين دانشورن جي ڀيٽ ۾ ڪامو صلح پسنديءَ واري نظريي کي وڌيڪ وقت تائين چُهٽيو رهيو. اسين ڪامو کي صلح ڪانفرنس لاءِ دليل بازي ڪندي ڏسون ٿا ۽ 1939ع تائين هو يورپي قومن کي جنگ کان پاسو ڪرڻ لاءِ چوندو رهيو. جيتوڻيڪ هن جون همدرديون نازي ازم خلاف مقابلو ڪرڻ وارن سان هيون، پر (1943ع) تائين هو خود پاڻ به مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل نه ٿيو هو. ان لاءِ ذميوار سبب هئا: سندس- پيءُ جو پهرين مهاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ موت، يورپ کان الجزائر جي نسبت دوري ۽ يورپ جي ڀيٽ ۾ الجزائر ۾ سندس زياده مشغوليون. اسپين جي گهرو لڙائيءَ ڪامو کي ڏاڍو جذباتي بنائي بلڪ مڇريل ڪري ڇڏيو.

ان کان پوءِ نسلي ڇڪتاڻ کان هن کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو. ڪامو جي ذهن ۾ جنگ خلاف نفرت جي جذبي جيڪو گهڻو وقت جٽاءُ ڪيو ان جا ٻه سبب هئا. پهريون ته هٽلر خلاف وڙهندڙ حڪومتن ۽ سياسي پارٽين تي هن جي بي اعتمادي ۽ ٻيو ته قتل ۽ خونريزي خلاف اندروني ڊپ ۽ هراس. پر ان هوندي به هن فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ آڇ ڪئي هئي پر ميڊيڪل بنياد تي هن جي اها آڇ رد ڪئي وئي.

جيڪڏهن ڪامو لاءِ سياسي ۽ اخلاقي مونجهارا هئا. ته ٻئي طرف هن لاءِ انٽليڪچوئل موجهارا به گهٽ نه هئا. اهو مسئلو فقط ڪامو سان نه هو بلڪ ان درو جا ٻيا دانشور پڻ متاثر ٿيل هئا. انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ 1942ع تائين ڪامو جي فن ۽ خيال کي ويچار هيٺ آڻڻو پوندو. هن جي تصنيفن ’The myth of Sisyphus‘ ۽’The outsider‘ مان ڪامو ’Absurd‘ جي فلاسافر طور ڄاتو وڃي ٿو. آئبسرڊ جو فلسفو آهي هڪ قسم جي علحدگي، جيڪا هڪ طرف معقوليت، انصاف، لافانيت ۽ مقصد لاءِ ماڻهوءَ جي خواهش کي جدا ڪري ٿي ته ٻئي طرف وري نا معقوليت، ظلم، فنافاني ۽ دنيا جي بيڪار هجڻ کي. بهرحال آئبسرڊ جو فلسفو غم ۽ نا اميديءَ جو فلسفو ناهي. ’The myth of Sisyphus.‘۾ شروعات ائين ٿئي ٿي ته ائبسرڊ جو حل خودڪشي ناهي پڇاڙيءَ ۾ ائين ڏيکاريو وڃي ٿو ته انساني بغاوت آزادي ۽ جذبي جي سچائي جي خاطري ائبسرڊ سان ئي ٿئي ٿي. اخلاقي طور ائبسرڊ غير جانبدار آهي. اهو نه ڪنهن شيءِ کان روڪي ٿو ۽ نه ئي ان جي تصديق ڪري ٿو. حد کان زياده يقين جي صورتن ۽ فيلسوفانه تسڪين کي ائسبرڊ رد ڪري ڇڏي ٿو. اهو ماڻهوءَ کي قنوطيت پسند بڻائي ٿو، پر ساڳئي وقت ماڻهوءَ کي بيحد جسماني خوشيءَ جو اهل پڻ ليکي ٿو. ائبسرڊ هڪ انساني رڙ آهي.(15) جنهن ۾ غم جي رڙ کي خوشيءَ جي رڙ کان جدا ڪرڻ ناممڪن آهي. اها بلڪل انفرادي حيثيت واري آهي. اهو اخلاقي جوابدارين، سماجي ڀاڱي ڀائواري ۽ سياسي ذميوارين خلاف دليل بازي ڪري ٿو ان سموري نقطه نگاهه کان ’The outsider‘ جو ڪردار هير سان هڪ ائبسرڊسٽ هيرو آهي.

جهڙي ريت ڪامو پنهنجي صلح پسنديءَ ۾ مزاحمت لاءِ آماده جذبي جي وچ ۾ تضاد کي قبوليو آهي اهڙي ريت بعد ۾ هن ائبسرڊ جي بداخلاقي ۽ زندگي جي اخلاقي فتوائن جي وچ ۾ نهايت ڳنڀير تضاد کي به قبوليو اهي(16) ڪامو جون ٻه تصنيفون ’The myth of sisyphus‘ ۽ ”The out sider “ 1941ع ڌاري مڪمل ٿي ويون هيون. ايمي الماند جي نالي لکيل هن جا خط 44- 1943ع ڌاري ڇپيا هئا. جڏهن ڪامو ’Combat‘ جي مزاحمتي تحريڪ ۾ نهايت سرگرم هو. اهي خط هڪ جرمن دوست جي نالي هئا. امي الماند ڪو سچو پچو انسان نه هو، پر ڪامو جي ذهن جي اختراء هو. اهو هڪ اهڙو انسان آهي جنهن جو دماغ نازي ازم جي ڀڪوڙيندڙ ديوانگيءَ جي اثر هيٺ آهي. اها حقيقت ايتري اهم ڪانهي ته ڪامو پنهنجي دوست يا دوست ڏانهن خط لکيا هئا. پر اهم اها ڳالهه آهي ته اهو دوست هڪ جرمن آهي. ڪامو جو اهو خيالي جرمن دوست انٽليڪچوئل آهي. ڪامو چوي ٿو ته هو پنهنجي دوست جي انهيءَ انٽليڪچول نظريي سان گهڻي وقت تائين شامل راءِ رهيو آهي ته زندگيءَ جي ڪابه معنيٰ مقصد ناهي(16). اهو ياد رکڻ کپي ته وجوديت جو فلسفو پوءِ کڻي اهو نٽشي يا هيڊنگر جو هجي ۽ جنهن ڪامو سندس همعصر نسل کي ايڏو متاثر ڪيو هو سو فلسفو اصل ۾ جرمنيءَ ۾ ئي پيدا هو. نٽشي کي نازين پنهنجي فلسفي جو پيغمبر ڪري سمجهيو هو ۽ هيڊيگر ته نازي پارٽيءَ جو ميمبر هو.

بهرحال ايمي الماند ڏانهن لکيل خط انهيءَ ساڳئي فلسفيانه نظريي سان شروع ٿين ٿا، ته زندگي بي معنيٰ آهي. پر انهيءَ نظرئي سان جيڪا عملي راهه پيدا ڪئي وئي هئي تنهن کي ڪامو نه رڳو نفرت جوڳو پر غير منطقي پڻ ڪوٺيو آهي. جيڪڏهن خدا ناهي جيئن اهو جرمن دوست چوي ٿو ته پوءِ هر شيءِ جائز آهي ۽ ڪنهن به ڳالهه کي صحيح چئي سگهجي ٿو ۽ صحيح يا غلط کي هڪ طاقتور يا ڪمزور بدلائي سگهي ٿو. اها هڪ لايقيني ۽ لاتعلقيءَ واري ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجو وقت گلابن پوکڻ ۾ صرف ڪري يا بيمار جي سار سنڀال لهي يا يهودين کي نيست نابود ڪرڻ ۾ صرف ڪري.

ايمي ايلماند ڏانهن لکيل خط ڪاموءَ جي پهرين ڪوشش آهي ائبسرڊ فلسفي جي اخلاقي قدرن کي وڌائڻ جي اهي قدر جيڪي خدا يا تاريخ تي دارومدار نٿا رکن 15، پر انهن جو دارومدار فقط انسان سان آهي. هو هڪ اهڙي فلسفيانه ۽ اخلاقي تشخص جي ڳولا ۾ هو جنهن وسيلي اجتماعي مزاحمت واري مقصد جي پٺڀرائي ڪري سگهجي.

سوال هي آهي ته 1943ع ۽ 1944ع ۾ ڪامو جي سياسي رخ جي ڪهڙي ڪيفيت هئي؟ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته 1943ع جي پڇاڙيءَ ۾ هن جو زير زمين اخبار ’The combat‘ سان گهاٽو تعلق ٿي ويو هو 1944ع جي موسم بهار ۾ اخبار جو ايڊيٽر ڪلاڊ بارڊيٽ گرفتار ٿي ويو. ان کان پوءِ جيڪو ايڊيٽر مقرر ٿيو، اهو مزاحمت واري هلچل ۾ ڊيوٽي ادا ڪرڻ لاءِ هليو ويو پوءِ اخبار جي سڄي ذميواري جهڙوڪ ايڊيٽر جو عهدو، اخباري پنو هٿ ڪرڻ ورهاست جو بندوبست ڪرڻ وغيره جهڙا ڪم ڪامو جي ڪلهن تي اچي پيا. اها ذميواري وڏي خطري واري هئي. نازي جرمني کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1945ع تائين ڪامو اخبار کي هلائيندو رهيو. اهو ڪاموٽي هو جيڪو اخبار جي پاليسي ٺاهيندو هو. جڏهن آزادي کان پوءِ اها اخبار باقاعدي هلڻ لڳي، ته ان جي پهرئين پرچي جي ايڊيٽوريل ۾ ڪامو لکيو هو.

آزادي پهريون ڏاڪو آهي سياسي ۽ روحاني انقلاب آڻڻ لاءَ ۽ ان جي طاقت لاءِ مزاحمت واري دور جي تڪليفن ۽ اعليٰ آدرشن مان سبق حاصل ڪري انقلاب آڻڻو آهي، پر ڪميونسٽ انقلاب نه بلڪ سوشلسٽ انقلاب (17).

ڪامو سماجي انصاف، اجتماعيت، سياسي سڌارڻ ۽ سرمائيداري جي مخالف نظرين جي ڀرپور طريقي سان پٺڀرائي ڪئي. آزادي کان پوءِ اڃا ڇهه مهينا ئي مس گذريا ته ڪامو ڪميونسٽن کان پري ٿي ويو، ۽ نهايت احتياط سان سوشلسٽ پارٽي سان جوڙ جوڙڻ لڳو.

هن ڪميونسٽن کي گفتگو ڪرڻ جي آڇ ڪئي جن جي سماجي مقصدن کي ته هن مڃيو ٿي پر سندن تاريخي فلسفي ۽ سياسي سچائي کي ڪامو رد ڪري ڇڏيو هو. ڪامو اهو قبول ڪيو هو ته سوشلزم وقت جي وڏي سياسي وفاداري هئي (18).

هن مزاحمت واري ۽ لڙائي کان اڳ واري سوشلسٽ پارٽي جي آسان اميدن ۽ مقصد چوڻين ۾ فرق واضح ڪري ڇڏيو هو.

اهو بلڪل سچ آهي ته ان وقت جي سڀني سياسي پارٽين مان سوشلسٽ پارٽي ڪامو جي آدرشن کي بلڪل ويجهي هئي. مگر ڪامو کي هن پارٽيءَ جي مارڪسزم لاءِ زباني مڃتا ۽ لڙائي کان اڳ واري عملي لاڳاپي سبب ڪجهه شڪ هئا. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته آزادي کان پوءِ هڪدم ايندڙ عرصي ۾ ڪامو هڪ نئين ۽ آزاد کاٻي ڌر واري شخص جي لائين اختيار ڪئي جنهن کي مزاحمت دوران پنهنجا تجربا هئا. بعد جي واقعن ثابت ڪيو ته اها لائين سياسي تنهائي ۽ مايوسي واري لائين هئي.

ڪامو تي اڪثر اها تهمت هنئي ويندي آهي ته جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ به مبالغي واري حد تائين مزاحمت واري تحريڪ ۾ اهو يقين رکندو آيو ته پنهنجي مقصد لاءِ اهو اتحاد ۽ تشخص وارو فلسفو برقرار رکندي جڏهن ته آزادي حاصل ڪرڻ کان به اڳ مزاحمت واري تحريڪ سياسي ۽ شخصي حسدن جو شڪار بڻجي آهستي آهستي روايتي سياسي طاقتن جو کاڄ ٿي وئي(19). مزاحمت واري تحريڪ سان ڪامو جو ڄڻ روحاني لاڳاپو هو.

هن تحريڪ جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ ڪامو ٻي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان پاڻ کي ٺهڪائي نه سگهيو ۽ آهستي آهستي سياسي تنهائي ۽ مايوسيءَ ۾ هليو ويو.

REFERNCES

1.      J. Levi- Valensi(ed.), Les critiques de Notre-temps at Camus, pairs Gatnier, 1970, 42.

2.     Ibid., 11.

3.     Ibid., 29.

4.     Adele King, Camus, Edinburgh and London: Oliver & Royd, 1964-35.

5.     Ibid., 65.

6.     King, H. Jonathan, Selected Writings Abert Camus, London: Methuen, 1981.4.

7.     Ibid., 153.

8.     Henry Michel, Histoire de la Resistarice, Pairs: PUF,1950,85.

9.     Ibid., 44.

10. Ibid., 68

11.  Ibid., 115

12. Ibid., 116

13. Combat, 19 September 1944, Essais, 1374 (n).

14. Camus, ‘Homme revolte, Essais, Pairs: Gallimard, 1950  571-9.

15. Camus, Letters a un ami allemande, Pairs: Gallimard, 1945- 241.

16. Camus, Le Mythe de Sisyphe, Pairs: Gallimard, 1942, 162.

17. Camus, Actuelles I (Chroniques 1944-8), Pairs: Gallimard 1953, 385.

18. Ibid, 256.

19. Henry Frencey, L’ Engime Jean Moulin, Pairs: Laffont, 1977, 167.

SELECTED BIBLOGRAPHY

1.      Albert Camus, The outsider, London, Penguin, 1969.

2.     Albert Camus, The mythe of Sisyphus, London, Penguin, 1975.

3.     Albert Camus, Selected Essays and Note Books, London, Penguin, 1979.

4.     Alistair Hor- ne A Savage war of peace: Algeria 1954- 62 London, Macmillan, 1977.

5.     Alexander werth, France 1940- 55, London, Robert Hale, 1956.

6.     Conor Cruise O’s Brien, Camus, London Fantana (Collins) 1970.

7.     David Caute, Communismand the French Intellectuals, London, Andre Deutsch, 1964.

8.     Emett Parket. Albert Camus: the Artist in the Arena Madison University of Wis- Consin Press, 1956.

9.     Herbet lothman, Albert Camus, London, weidon, weidenfeld & Nicolson 1979.

10. John Caruik- Shank, Albert Camus and the literature of Rovot, London, Oxford University Press, 1959.

11.  Marie Granet and Henry Michel, Combat, Paris, PUF, 1957.

12. Philip williame, Politics in post- war France, London, Longmans, 1854.

غلام محمد بلو

    انسان جي تخليق جو مقصد

هن جهان جي اٿاهه جوڙجڪ بڻائڻ واري پروردگار جلشانہ پنهنجي ڪامل قدرت سان ست آسمان ۽ زمينون جوڙي منجهن سج، چنڊ تارا ۽ سيارا روشنائي، ۽ سونهن واسطي جڙيا، ۽ زمين ۾ جبل ميخن طور کوڙيا ته زمين لُڏي نه وڃي، ڌرتيءَ جي اندر پاڻيءَ جا ذخيرا ۽ ڪئين قسمن جا خزانا، جهڙوڪ سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ ٻيا ڌاتو، يا تيل گيس وغيره لڪائي رکيائين ته انسان پنهنجي گذران لاءِ محنت ڪري ڳولي منجهائن فائدا حاصل ڪن، ان کان پوءِ خلقڻهار جل جلالہ انهن مان فائدو وٺڻ وارا پيدا ڪيا جن سڀنيءَ کي علم عقل ۽ عزت ۾ اُتم انسان کي پيدا ڪرڻ جو پهه ڪرڻ فرمايائين، انسان جنهن جو لقب اشرف المخلوقات آهي تنهن جي جنس ڏسو ته ڇا آهي جڏهن ڪنهن زمين ۾ ڪجهه ڏهاڙا پاڻي بيهندو آهي پوءِ اُهو پاڻي سڪي ويندو آهي ته ڌرتيءَ ۾ موجود مِٽي سڙيل بدبوءِ دار گاري جهڙي ٿي پوندي آهي ان گاري کي رب تعاليٰ جلشانہ پنهنجي ڪامل قدرت جي هٿن سان ڳوهي بڻائي منجهس پنهنجو روح ڦوڪيو ته کڙو تڙو ٿي بيهي رهيو انساني بوتي واري مٽي ساري ڌرتيءَ جي چئني ڪنارن تان ملائڪن جي وسيلي گهرائي وئي هئي جنهن ڪري اتان جي آب هوا جو اثر سندن جسمن جي جدا جدا رنگن ۾ سمايل آهي. ڪي ڀوُرا، ڪي ڳاڙها ڪارا ۽ ڪي اڇا آهي آهن. انسان سان گڏ زمين تي جانور جيت پکي ۽ ٻيا ساهه وارا پڻ پيدا ڪيا ويا ۽ سندن گذران واسطي گهربل شيون خلقيون ويون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com