سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :25

فَمَن يَّعمَل مِثقَالَ ذَرَّةٍ خَيراً يَّره. وَمَن يَّعمَل مِثقَالَ ذَرَّةٍ شَرَّايَّرَه“ ۽ جيڪو به عمل هن جهان ۾ ڪندءُ بُرو يا ڀلو پوءِ توڙي اُهو ڪيترو به مقدار ننڍڙو يا ٿورڙو کڻي ڇونه هجي ته ان جو ثواب يا عذاب اوهان کي قيامت ڏينهن ضررو ملندو.

مٿئين مضمون مان هر عقلمند انسان، اُهو توڙي مسلمان هجي يا غيرمسلم تنهن کي ظاهر ٿيندو ته ڀلو ڇا آهي ۽ برو ڇا آهي جنهن کي ذهن ۾ رکي کيس هن جهان جي حياتيءَ ۾ پنهنجو عمل ۽ ڪردار سنوارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپي، جيئن ته الله تعاليٰ پنهنجي آخري ڪتاب قرآن شريف ۾ ٻڌائي  ڇڏيو آهي ته هي جهان دارالعمل آهي جتي جهڙي طرح زمين ۾ ٻج ڇٽي پوکبي آهي يا وڻ پوکبو آهي پوءَ انهن جو ان يا ميوو لاباري جي موسم اچڻ جي وقت لڻي ۽ پٽي کڻبو آهي تهڙي طرح قيامت يا حساب ڪتاب جي ڏهاڙي (جيڪو لاشڪ ٿيڻو ۽ اچڻو آهي) ۾ الله تعاليٰ هن دنيا ۾ ڪيل ڪمن ۽ فعلن، نيڪين ۽ بدين جو حساب ڪندو پنهنجي بيهاريل انصاف جي تارازيءَ جي وسيلي سان تور ڪري. پوءِ جنهن جا چڱا ڪم بُرن کان ڳرا يا گهڻا هوندا ان کي بهشت ۾ داخل ڪيو ويندو جتي هميشگي واري حياتي ۽ عيش آرام هوندس پر ان جي ابتڙ سندس بُرا عمل زياده ٿيا ته سڙڻ جي جاءِ يعني دوزخ ۾ وڌو ويندس جنهن مان کيس ڪڏهن به نه ڪڍيو ويندو سواءِ انهن جي جن الله تعاليٰ جي وحدانيت جي خلاف نه ڪڏهن شرڪ يا عمل ڪـيو هـونـدو يـا جـن جـا بُـرا عـمـل ايڏا گهڻا نه هوندا جو ڪنهن نه ڪنهن مهل مالڪ پاڪ جي فضل ۽ اسانجي رسول صلي الله عليہ وسلم جـن جـي شفاعـت جي برڪت سان ٻاهر ڪڍيا ويندا باقين لاءِ ابـدًا ابـدا يا هم فيها خلٰدون جي واعدي موجب هميشہ جهنم ۾ رهـڻ لکيل هجڻ موجب منجهس ئي رهندا ۽ ڪڏهن به ڪونه نڪرندا.

جيئن فرمان الاهي آهي ته ”اَلَا بِذِ کرِالله تَطمَئِنُّ القُلُوبُ“ فقط الله تعاليٰ جي ذڪر يا ياد ڪرڻ سان ئي انسان جي دل کي قرار ۽ اطمينان حاصل ٿئي ٿو تنهنڪري سڀني نيڪين سان گڏ الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل عبادتن ۽ فرضن جي ادائگيءَ وارا ڪم جهڙوڪ نماز، روزا، حج، زڪوات، ۽ اقرار توحيد يا هيڪڙائي الله پاڪ جي ٻين سڀني دنياوي فرضن سان گڏ مقرر وقتن تي ادا ڪيا وڃن نماز واسطي. حڪم الاهي آهي ته ”اِنَّ الصَّلٰوةَ کَانَت عَلَي المُؤمِنِينَ کِتٰباً مَّوقُوتاً“ تحقيق مؤمنن واسطي مقرر وقتن تي نماز جو پڙهڻ فرض ڪيو ويو آهي زڪوات واسطي حڪم باري تعاليٰ آهي ته: ”وَ اَقِيمُوا الصَّلٰوةَ وَ آتُوا الزَّکٰوةَ وَ ارکَعُوا مَعَ الرَّاکِعِينَ“ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪوات ۽ رڪوع ڪيو رڪوع ڪندڙن سان (نماز جماعت سان گڏجي پڙهو). ”کُتِبَ عَلَيکُمُ الصِيَامُ کَمَا کُتِبَ عَلَي الَّذِينَ مِن قَبلکُم“ اوهان تي به روزا اهڙي طرح فرض ڪيا ويا آهن جهڙي طرح اوهان کان اڳئين امتن تي فرض ڪيا ويا هئا.

وَ اتُوا الحَجَّ وَ العُمرَةَ الله“ ۽ الله تعاليٰ واسطي حج ۽ عمرو پورو يا ادا ڪيو تنهنڪري واجب آهي ته ايمان وارا انسان مالڪ جي حڪمن جي پيروي ڪندي سندس مقرر ٿيل فرض مقرر وقتن، ڏينهن يا مهينن ۾ پورا ڪندا رهن ته هن دنيا ۽ آخرت جي سهڻي نتيجي جا حقدار ٿين ۽ جنهن مقصد لاءِ هن جهان ۾ انسان کي پيدا ڪيو ويو آهي سو حاصل ڪن:-

وَمَا عَلَينَا اِلاَّالَبلاَغ

تعليمات قرآني جي روشنيءَ ۾ اسانجي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن پنهنجي مبارڪ زندگي هن جهان جي گذاري ۽ پاڻ خطبه حجة الوداع جي ذريعي پنهنجي خوش نصيب امت کي هدايت فرمائي ويا ته مان اوهان وٽ ڪتاب الله (قـرآن مجيد) ۽ پنهنجي سنت ڇڏي وڃان ٿو ان لاءِ ته اوهان انهن جي روشني ۾ پنهنجيون حياتيون سنواريو ۽ گذاريو ۽ ائين ڪرڻ سان اوهان ڪڏهن به بد راهه ۽ گمراهه نه ٿيندءُ سـندن پاڪ زنـدگي جنهن بابت قرآن پاڪ شاهدي ٿو ڏئي ته:

اِنَّکَ لَعَليٰ خُلقٍ عَظِيمٍ“ سچ پچ ته تون وڏي اخلاق وارو آهين.

لَقَد کَانَ لَکُم فِي رَسُولِ الله اُسوَة حَسَنَة“ ته بيشڪ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي پاڪ حياتي اوهان واسطي سهڻو نمونو آهي.

وَمَا اَرسَلنٰکَ اِلاَّرَحمَةَّ لِلعَالَمِينَ“، اسان توکي جملي جهانن واسطي رحمت بڻائي موڪليو آهي.

لَقَد جَاءَ کُم رَسُول مِن اَنفُسکُم عَزِيز عَلَيہِ مَا عَنِتُّم حَرِيص عَلَيکُم بِالمُؤمِنِينَ رَئوف رَّحِيم“ بيشڪ اسان اوهان منجهان ئي اوهان ڏي پنهنجو رسول صلي الله عليہ وسلم موڪليو آهي جيڪو ان ڳالهه تي ناخوش ٿئي ٿو جو اوهان کي ڪا ڏکيائي پهچي ۽ کيس ايهوئي فڪر هوندو آهي (ته اوهان صراط المستقيم جي رستي تي عمل ڪيو ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لهو) ۽ اُهو مؤمنن تي مهربان ۽ مشفق آهي.

لَقَد مَنَّ الله عَلَي المُؤمِنِينَ اِذ بَعَثَ فِيهِم رَسُولاً مِنَ اَنفُسِهِم يَتِلُوا عَلَيهمِ آيٰتِہ وَ يُزَکِيهِم وَ يُعَلِمَّهُمُ الکِتٰبَ وَالحِکمَةَ“ الله تعاليٰ مؤمنن ڏانهن سندن جنس منجهان رسول صلي الله عليہ وسلم موڪلي مٿن احسان ڪيو آهي، اهو رسول صلي الله عليه وسلم کين الله تعاليٰ جون آيتون پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين الله جو ڪتاب ۽ دانائي جي ڄاڻ ڏيئي ٿو يا سيکاري ٿو.

اهڙين سهڻين سندن ۽ لقبن سان الله پاڪ وٽان نوازيل نبي پاڪ صلي الله عليہ وسلم جڏهن غار حِرا مان وحي الاهي جا سبق وٺي پنهنجي قوم ڏانهن پيغام الاهي کڻي آيو تنهن وقت سندن ساک احترام ايهو هو جو هرهڪ مڪه شريف جو باشندو کين امين يا سچو امانتدار جي باوقار نالي سان سڏيندو هيو. پاڻ پنهنجي قوم جي طرح طرح جي براين ۽ نالائقين تي ڏک ڪندا هئا ۽ گهرندا هئا ته اهي چڱائي واري سنئين رستي تي هلن، اهل مڪه جيتوڻيڪ حضرت اسماعيل ۽ حضرت ابراهيم عليهم الصلوات والسلام جن جي نسل مان هئا ۽ وٽن دين اسلام جو وڏي ۾ وڏو نشان ڪعبة الله شريف موجوده بيٺل هيو جنهن جا هو مجاور هئا پر بيت الله شريف جي پاڪائي يا حُرمت جو ڪوبه خيال ڪونه ڪندا هئا، ايتري قدر جو اگهاڙا ٿي ڪري طواف ڪندا هئا، سيٽيون ۽ تاڙيون اتي بيهي وڄائيندا هئا ۽ بيت الله شريف جي اندر ۽ آس پاس يا مٿانئس 360 بت جدا جدا نالن وارا ننڍا ۽ وڏا رکي سندن پوڄا پيا ڪندا هئا ۽ انهن بتن جي واسطي نذر نياز خيراتون پيا ڪندا هئا. حضور صلي الله عليہ وسلم جن کي حڪم الاهي ٿيو ته

فَاصدَعِ بِمَاتُؤمَرُ وَاعرِض عَنِ المُشرِکِينَ“ الله تعاليٰ جا حڪم کولي ڪري ٻڌاءِ ۽ مشرڪن کان منهن موڙ.

وَ اَنذِر عَشِيرَتَکَ الاَقرَبِينَ“ ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن کي ڊيڄار (الله تعاليٰ کان ۽ قيامت جي حساب ڪتاب کان) پاڻ سڳورن ايهي حڪم ٻڌي مڪي شريف جي ماڻهن، جيڪي گهڻو ڪري سندن هم قوم قريش هئا تن کي عموماً ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن کي خاص ڪري هڪ جاءِ تي جمع ڪيو ۽ کانئن پڇيو ته توهان کي مونتي ڪيتري قدر اعتبار آهي سڀني چيو ته اوهان بلڪل سچا ۽ ايماندار ۽ امانتدار آهيو تنهن ڪري اسان کي اوهان تي پورو ڀروسو آهي ته سچ چوندؤ، پاڻ سڳورن فرمايو ته آءٌ الله جو نبي صلعم آهيان. جنهن حيثيت ۾ اوهان کي الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل پيغام هدايتن وارا ٻڌائيندو رهندس سو ڪن لائي ٻڌو ته آءٌ ڇا ٿو چوان، جي آءٌ اوهان کي چوان ته ادا ڀائرو جبل جي ٻئي پاسي کان اوهان جو دشمن وڏو لشڪر سنڀرايو اوهان تي حملي ڪرڻ واسطي پيو اچي ۽ ان جي مقابلي جي تياري ڪريو ته اعتبار ڪندؤ، سڀني چيو ته هائو، پاڻ سڳورن فرمايو ته ٻڌو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته هن دنيا ۾ جيڪي عمل ڪندؤ تن جو مان قيامت جي ڏهاڙي حساب وٺندس، بُرن عملن وارن کي دوزخ ۾ وجهبو جتي باهه ۽ عذاب هوندو ۽ سٺن فعلن وارن کي جنت جي باغن ۾ هميشه واسطي رهائبو، تنهنڪري اوهان پڻ برايون ڇڏيو ۽ نيڪيون ڪريو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو ڇو ته مان اوهانجو پنهنجو آهيان ۽ سچو سڄڻ پڻ. اوهان پهريائين بتن جي پوڄا بند ڪيو ڇو ته انهن جي ڪابه حيثيت يا حقيقت ڪانه آهي ايهي اوهان پنهنجن هٿن سان گهڙيا آهن جن کي مٿانئن ويٺل مک کي اٿارڻ يا هٽائڻ جي به طاقت ڪانهي، اوهان جيڪي نذرانا ۽ طعام بتن تي رکو ٿا انهن جي کين ڪا ڪل ڪانهي پوءِ اهڙي فضول ڌنڌي ۾ ڇوٿا پئو اوهان سڀني جهانن جو خلقڻهار ۽ پالڻهار جيڪو اڪيلو ئي عبادت جي لائق آهي اُن جي بندگي ڪريو، جنهن لاءِ ئي اوهان کي پيدا ڪيو اٿس. مڪي شريف جا مشرڪ قريشن جن جي نس نس ۾ شرڪ ويٺل هيو سي مڇرجي حضور جن جي ڪوٺايل ڪانفرنس مان هڪ هڪ ٿي هليا ويا ته اسان پنهـنجن 360 خدائن کي ڇڏي هن ڪالهوڪي ڇوڪري جي چــوڻ تـي هڪـڙي خـدا کـي جـنهن جو ڪو پتوئي ڪونهي ته ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي ڪونه پوڄينداسون، پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪـري وري حضـور صــلي الله عــليہ وسلم جن وٽ حاضر ٿيا ۽ چيائونس ته جيڪڏهن (نعوذب الله) تـوکي ڪو دماغ جو خلل ٿيو آهي يا ڪنهن جن ڀوت جـو اثـر ٿـيو اٿيئي ته تنهنجو علاج ڪرايون، سردار ٿيڻ جو شوق هجيئي ته اسان توکي پنهنجو سردار بڻايون، پيسي پائي جي گهرج هـجيـئي تـه اهـا بـه پوري ڪريون ڪا سهڻي عورت، کپيئي ته اها توکي پرڻايون.

باقي پنهنجن خدائن (بتن) جن کي اسانجا ابا ڏاڏا پڻ پوڄيندا ڏٺا اٿئون تن کي ڪونه ڇڏينداسون، جيڪڏهن تون اسانجن خدائن جي بابت اسان کي ڪجهه نه چوندين ته به تنهنجي ساک پت ۽ عزت اسان وٽ ساڳي رهندي پر جي پنهنجي تبليغ وحدانيت خدائي کان پاڻ کي نه جهليندين ته پوءِ تون اسانجو دشمن ۽ اسان تنهنجا دشمن ٿينداسين، جيستائين بيبي خديجه الڪبرايٰ رضي الله عنها حضور جن جي سڳوري گهر واري ۽ سندن چاچو ابو طالب حيات هئا تيستائين مشرڪن حضور جن سان زيادتي ڪرڻ جي جُرائت ڪانه ٿي ڪئي پر جڏهن ان زوجه محترم ۽ سندن سرپرست چاچي انتقال فرمايو تڏهن کُلم کلا حضور جن سان باقائده ويڙهه شروع ڪري ڏنائون. بيت الله شريف ۾ کين ۽ ٻين مسلمانن کي نماز پڙهڻ کان جهلڻ لڳا، پر جيڪڏهن هو پرواهه نه ڪري نماز اتي پڙهڻ لڳا ٿي ته زور سان سيٽيون، رڙيون ۽ تاڙيون يا گاريون ڪڍي سندن نماز ۾ خلل پئي وجهڻ لڳا. نيٺ زبردستي ڪري مسلمان نمازين کي روڪڻ لڳا ۽ جيڪي ڪمزور ۽ بي پهچ هئا تن کي مارڪٽ ڪرڻ لڳا، حضور جن صلي الله عليہ وسلم ايها صورتحال ڏسي پاڻ ۽ مسلمانن کي بيت الله شريف ۾ نماز پڙهڻ کان جهليو ۽ ڪنهن ٻي جڳهه جي اندر نماز پڙهڻ لڳا، تانجو جڏهن حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ مسلمان ٿيو تڏهن ان بيت الله شريف ۾ بيهي آذان چئي ۽ اعلان ڪيائين ته هن الله تعاليٰ جي گهر ۾ اسانکي نماز پڙهڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي، بهرحال حضور جن ۽ مسلمانن سان مشرڪن قطع تعلقات ۽ موالات (يعني ڏي وٺ کان روڪ) ڪئي جنهن تي مجبور ٿي حضور جن ڪن مسلمانن کي آفريقه جي ملڪ حبشه (اڄ جي ايٿوپيا) ڏي خط هجرت ڪرائي موڪليو، ۽ ڪي مدينه منوره ڏانهن ويا، بعد ۾ جڏهن الله تعاليٰ جو حڪم ٿيو تڏهن حضور جن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ کي ساڻ ڪري پاڻ به مدينه شريف ڏي هجرت فرمائي ويا ۽ باقي ڏهاڙا حياتي پاڪ جا اتي گذاريائون.

مدينه منوره جي رهائش واري زماني ۾ حضور صلعم جن جـي، تبلـيغ دين جي اثر هيٺ عربستان جي جدا جدا عـلائقن جا ماڻهو مسلمان ٿيندا ويا ۽ ان وچ ۾ مشرڪين مڪه مسلمانــن سـان بـدر اُحـد ۽ خـنـدق جـون جنگيون ڪيون ۽ ناڪام ٿي موٽيا ۽ مسلمانن جي فتحــن جــو اثــر ٻــين بــچيل عربستان جي ماڻهن تي پڻ ٿيو جيڪي مسلمان ٿيڻ لڳا، حضور صلعم جن پوءِ حبشه وارن مهاجرن کي واپس مــدينه مـــنور گهــرايو ۽ رُوم، ايران ۽ ٻين ملڪن جــي بادشاهـن ڏانـــهن خط لکـي انهن کي ۽ سندن قوم وارن کي اسلام قبول ڪــرڻ جــون دعـــوتون موڪلڻ فرمايائون جڏهن اسلامي حڪومت مضــبوط ۽ مستحڪم ٿي تڏهن حضور صلعم جــن حــج ڪــرڻ واســطي مڪي شريف ويا، انهيءَ وچ ۾ مڪي جي مستحڪم ٿي تــڏهن حضور صلعم جن حج ڪرڻ واسطي مڪي شريــف هئا يا مسلمان ٿيا هئا، جڏهن اسلامي لشڪر جيڪو ڪيترن هــزارن ۾ هــيو مــڪي شريف پهتو تڏهن حضور جن صلي الله عليہ وسلم اعلان ڪرڻ فرمايو ته اسان سڀني مڪي شريف جي شهرين کـــي معاف ڪريون ٿا ۽ جيڪو انهن مان بيت الله شريف جي احــاطــي ۾ داخل ٿيندو تنهن کي امان ڏني ويندي اهڙي طرح حضور صلعم ۽ سندن ساٿين کي مالڪ پاڪ جلشانہُ پنهنـــجي واعدي مطابق سوڀ ڏني ۽ ڪعبة الله شريف آزاد ڪرايو ويو جنهن ۾ جيڪي به بت رکيل هئا تن سڀني کي حضور جن صلعم ۽ سندن اصحابن سڳورن ڀڃي ٻاهر ڦٽي ڪرايو ۽ ايهو اعلان ڪيو ويو ته:

وَ قُل جَاءَ الحَقُّ وَ زَهَقَ البَاطِلُ، اِنَّ البَاطِلَ کَانَ زَهُوقاً“ حق (سچ) آيو ۽ باطل (کوٽ يا ڪوڙ) ناس ٿيو ۽ سچ ته کوٽ آهي ئي ناس ٿيڻ جي لائق حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي حياتي پاڪ جي زماني ۾ مديني شريف جي  آس پاس رهندڙ يهودين جيڪي پنهنجي زهريلي پروپيگنڊا ۽ ڇيڙڇاڙ وسيلي اسلام ۽ مسلمانن جي مخالفت پيا ڪندا هئا تن کي اسلامي لشڪر حضور جن جي سربراهيءَ هيٺ يا بعد ۾ حضرت علي رضه جن جي سرواڻي هيٺ شڪست ڏيئي ان پاڪ سر زمين تان تڙائي ڪڍيو، ان کان علاوه ٻين علائقن تي پڻ اسلامي لشڪر ڪافرن تي فتحون حاصل ڪيون ۽ اسلام هڪ مضبوط قوت ٿي اڀريو، پوءِ الله تعاليٰ حضور صلي الله عليہ وسلم جن ۽ مسلمانن کي خوشخبري طور فرمايو ته ”اِنّ الدِينَ عِندَاللهِ الاِسَلامُ“ سچ ته الله تعاليٰ وٽ پسنديده فقط اسلام ئي آهي.

اَليَومَ اَکمَلتُ لَکُم دِينکُم وَ اتَمَمتُ عَلَيکُم نِعمَتِي وَ رَضِيتُ لَکُمُ الاسَلامَ دِيناً“ اڄ اوهان جي واسطي دين ڪامل ڪيو ويو ۽ اوهان تي اسان پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ اوهان جو اسلام تي هجڻ يا مسلمان ٿيڻ الله تعاليٰ کي پسند آيو ۽ اُهو ان تي راضي ٿيو.

حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي پاڪ زندگي قرآن پاڪ ۾ جيڪي حڪم انسانن کي صاف سٿري حياتي گذارڻ بابت مليل آهن تن جو عڪسي نمونو هئي، مثلاً ”وَلاَتُبَذّر تَبِذيراً“ اجايو بي جاءِ خرچ نه ڪريو حضور جن پاڻ فرمايو آهي ته مان غريب آهيان ۽ ان تي مون کي فخر آهي پاڻ سڳورن ڪڏهن به پاڻ وٽ ڪجهه ميڙي جمع ڪري ڪونه رکيو جيتوڻيڪ مختلف علائقن مان فتحن ڪرڻ وقت غنيمت جو مال چڱو خاصو خذمت اقدس ۾ ايندو هو پر اهو سمورو ئي ورهائي ڇڏيندا هئا ۽ پنهنجي يا اهل بيت سڳورن واسطي جزوي سامان رکندا هئا. سندن گهرُجون ٿورڙيون هونديون هيون تنهنڪري هر ڏکيائي برداشت ڪري ويندا هئا ايتري قدر جو ڪن ڪن وقتن تي پاڻ سڳورن، اهل بيت پاڪن ۽ اصحابن سڳورن بک سبب پنهنجن پيٽن سان پٿر ٻڌي وقت ڪاٽيو ۽ ڪپڙن نه هجڻ سبب ڪن وقت تي پاڻ سڳورن ۽ سندن اهل بيت هڪ چادر منجهان واري واري تي اوڍي نمازون ادا ڪيون ۽ ساڳي ريت اصحابن سڳورن پڻ عمل ڪيو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن اڪثر ڪري روزي سان هوندا هئا پر اصحابن سڳورن کي فرمائيندا هئا ته اوهان مون جهڙو ڪوبه عمل نه ڪري سگهندا ڇو ته مون کي الله تعاليٰ روزي هوندي به اها قوت ڏيندو آهي برداشت ڪرڻ جي جو بک، اڃ، ۽ ڪمزوري محسوس ڪونه ڪندو آهيان، وري ڪڏهن ڪڏهن رمضان شريف جا ته سمورا روزا فرض طور ڪڏهن به نه گسائيندا هئا) نفلي روزا به رکندا هئا ته جيئن اصحابي ۽ عام مسلمان سندن سنت مبارڪ سمجهي ٻارهوئي روزا نه رکندا رهن، جنهن سبب هڪ ته ڪمزور ٿي ويندا ٻيو پنهنجا ڌنڌا ۽ ڪم سنڀالي نه سگهندا، يا جهاد ڪري نه سگهندا.

ساڳي طرح حضور جن صلعم هوڏانهن سارو ڏينهن تبليغ دين، عبادتن، حڪومتي معاملن يا پنهنجي خانگي ڪمن ڪارين ۾ رڌل هئا ته وري الله تعاليٰ جي حڪمن موجب ته ”يٰا يُّهَا لمُزَّمِلُ. قُمِ الَّيلَ قَلِيلاً. نِصفَہ اَوِانقُص مِنہُ قَلِيلاً. اَو زِد عَلِيہ وَرَتَلِ القُراٰنَ تَرتِيلاً“ اي چادر اوڍيل (محمد صلي الله عليہ وسلم) رات جو اُٿ (۽ عبادت ڪر) رات جو پورو اڌ حصو يا ان کان ٿورو گهٽ يا ان کان ٿورو وڌيڪ بيهه ۽ قرآن پاڪ جهلي جهلي ٺاهي ٺاهي تلاوت ڪر“ ان رعايت ملڻ کان اڳ ته حضور جن ساري ساري رات نماز پڙهندا هئا جنهن سبب سندن مبارڪ پير سُڄي پوندا هئا اهو عمل سندن ان خدائي حڪم هيٺ هيو جنهن ۾ کين چيو ويو هيو ته ”فَتَهَجَّد بِہ نَافِلَةُ لَّکَ عَسيٰ اَن يَّبعَثَکَ رَبُّکَ مَقَاماً مَّحمُودًا“ جنهن جو مقصد هيو ته تون رات جو تهجد جا نفل پڙهه جنهن جي سبب توکي مقام محمود حاصل ٿيندو.

حج به اسلامي فرض منجهان هڪڙو فرض يا رڪن آهي حضور جن پاڻ ايهو فريضو پنهنجن اصحابن سڳورن سميت ادا ڪــرڻ فــرمـايـو جــيڪو سندن وفات کان ٿورو اڳ ۾ هيو جيڪو حجته الوداع جــي نالــي سـان مـشهور آهي جنهن ۾ قرآن پاڪ جي حڪمن کي مختصر طور تي ارشاد فرمايائون.

زڪوات به هڪ فرض ڪيل اسلامي رڪن آهي جيڪو صرف صاحبِ نصاف مالدار مسلمانن کي سال ۾ هڪ دفعو هڪ سؤ روپيه يا چاليهون حصو بچيل پيسن، زيورن وغيره جي ماليت جو ڏيڻو آهي اهڙي طرح ڍورن، ڍڳن، ٻڪرين، رڍن، اٺن ۽ جانورن جي پڻ شرعي حساب مطابق زڪوات ڏيڻي آهي، حضور جن صلعم سراپا خير ۽ سخاوت جا سرچشمه هئا جنهن مطابق سندن هٿن مبارڪن مان هر مسڪين مسلمان امداد وٺي سيراب ٿيندو هيو، حضور جن وٽ ڪنهن به وقت پيسو يا مال جمع ٿيل ڪونه هوندو هيو. پر وقتي طور تي جڏهن به جيڪي به وٽن هوندو هيو سو ڏيئي ڇڏيندا هئا، تان جو ڪنهن موقعي تي منافقن پروپيگنڊا جو شوشو ڇوڙيو ته جنگ کان پوءِ جيڪو مال غنيمت جو اچي ٿو ان تي فقط مجاهدن جن جنگ لڙي آهي تن جو حق آهي ۽ صرف انهن کي ئي ڏنو وڃي جنهن تي حضور جن الله تعاليٰ کان دعا گهرڻ فرمائي ته ايهو فتنو ڪيئن ٽاريون ڇو ته ڪيترا مسڪين مسلمان اهڙا هيا جيڪي يا ته پوڙها، بيمار ۽ ڪمزور هيا يا ته دين جو علم سکڻ وارا نو مسلم هيا تن جي امداد حضور جن پاڻ ڪرڻ فرمائيندا هئا، الله تعاليٰ حڪم صادر فرمايو ته ”وَ اعلَمُوا اَنَّمَا غَنِمتُم مِنَّ شَيءِ فَاَنَّ لله خُمُسَہ وَ لِلرَّسُولِ وَلِذِي القُربيٰ وَاليَتَاميٰ وَ المَسَاکِينِ وَ ابنِ السَّبِيلِ“ اي مسلمانو سمجهي ڇڏيو ته مال غنيمت جي پنجين حصي تي الله جلشانہ، رسول صلي الله عليہ وسلم سندن ويجهن عزيزن يتيمن مسڪينن ۽ مسافرن جو حق آهي اهڙي طرح منافقن جو کڙو ڪيل فتنو دفع ٿي ويو. جهاد في سبيل الله بابت قرآن پاڪ جي ٻن وڏين سورتن انفال ۽ التوبہ يا ٻين سورتن ۾ تاڪيدي فرمان الاهي آهي ته الله تعاليٰ جي توحيد جي حڪمن جي تعميل ڪرائڻ واسطي ڪافرن ۽ منافقن سان تيستائين جنگ ڪريو جيستائين فتنو ۽ فساد ختم ٿئي ۽ الله تعاليٰ جي حاڪيمت قائم ڪئي وڃي، حضور جن صلعم اهڙين اسلامي جنگين ۾ پنهنجي زندگي ۾ اڪثر پنهنجي سر اسلامي لشڪرن جي سرواڻي خود ڪرڻ فرمائي پر عمر جي آخري حصي ۾ پاڻ شامل ٿي نه سگهيا هئا بلڪ پنهنجي پاران حضرت علي رضي الله عنه حضرت اُسامه رضي الله عنہ جهڙن جرنيلن کي اهڙي قيادت سونپي هيائون تان جو پورو جزيره العرب الله پاڪ جي حاڪميت ۽ اسلام جي عظمت جو ماڳ بڻجي ويو.

حضور صلي الله عليہ وسلم جن جو هر لفظ جيڪو پنهنجي مبارڪ زبان مان چوندا هئا سو الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل پيغامن جي ترجماني هوندو هو جنهن لاءِ قرآن پاڪ شاهدي ٿو ڏئي ته ”اِن هُو اِلَّا وَحي يُّوحيٰ“ يعني ته هو (رسول صلعم) جيڪي چوي ٿو سو نسورو الله تعاليٰ جو موڪليل پيغام يا وحي آهي.

جنهن بابت ڪنهن کي به شڪ شبهي ڪرڻ جو مجال نه هجڻ کپي فارسي زبان ۾ حضرت مولانا رومي عليه الرّحمة ان سلسلي ۾ فرمايو ته ”گُفته اي او گفته اي الله بُود گرچه ازحُلقوم عبدالله بُودَ“.

سندس (رسول صلعم) جو ڳالهائڻ يا گفتو جيتوڻيڪ هڪ الله تعاليٰ جي ٻانهي جي نڙيءَ مان نڪتل هيو پر در حقيقت الله تعاليٰ جوئي ڪلام يا وحي الاهي هيو.“

قرآن پاڪ وحي الاهي جي ذريعي حضرت جبرائيل عليه السّلام يا روحالامين فرشتن جي مهندار جي هٿارون حضور صلعم جن جي خدمت اقدس ۾ لاٿو ويو جنهن ۾ جيڪي به فرض مسلمانن جي واسطي مقرر ڪيا ويا تن جو ڪوبه تفصيل ڪونه موڪليو ويو هيو، تنهنڪري حضور جن  صلعم حضرت جبرائيل عليه السلام جي ڏسيل طريقن سان انهن فرضن جي ادائگي بابت عمل پاڻ ڪري ٻين مسلمانن کي ڏيکاريو ۽ سيکاريو جيڪو سنت طريقو سڏجي ٿو. مثلاً نماز ڪيئن پڙهجي، ڪهڙي وقت ڪيتريون رڪعتون فرض، سنتون يا نفل پڙهجن، طهارت يا پاڪائي ڪهڙي طرح ڪجي، وضو ڪيئن ڪجي، نمازن ۾ نيتون ڪيئن ٻڌجن، ثنا ڪيئن پڙهجي، رڪوع قومو، جلسو، سجدو التحيات ۽ نمازون پوري ٿيڻ تي سلام ڦيرڻ وقت ڇا پڙهجي وغيره ايهو ســڀ ڪـجـهه الله تـبارڪ و تعاليٰ جي حڪمن موجب حضرت جبريل عليہ السلام حضور جن کي خود ڪري ڏيکاريو ۽ سيکاريو، ساڳي طرح روزو، حج زڪوات يا ٻيا شرعي رڪن ڪهڙي ريت ادا ڪجن سو سـڀ حضور جن پاڻ وحي الاهي جي روشني ۾ ڪري ڏيکاريو جيڪو سندن اصحابن سڳورن ڏٺو، سکيو ۽ ڪيو پوءِ پنهنجي شاگردن تابعين کي سيکاريائون جن وري بعد ۾ ايندڙن کي سيکاريو جيڪو سلسلو قيامت قائم ٿيڻ تائين هلندو رهندو جنهن لاءِ حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته ”اَلعُلَمَاءُ وَرَثَةُ الاَنِبِيَاءُ“ عالم ۽ ڄاڻو دين اسلام جي علم جا نبين عليهم السّلام جانشين يا وارث آهن جنهن ڪري ايها جوابداري انهن جي مٿان پوي ٿي ته قرآن پاڪ ۽ احاديث رسول صلعم جا نقطا ۽ حڪم امت محمدي کي ٻڌائين ۽ کولي سمجهائين جهڙي طرح نبي ڪريم صلي الله وسلم پاڻ سمجهائيندا هئا ڇو ته ”لا نبي مِن بعدي“ حضور صلي الله عليہ وسلم جن کان پوءِ ڪوبه نبي يا رسول الله تعاليٰ جو ڪونه اچڻو آهي، ۽ ان صورتحال ۾ امت جو فرض آهي ته رسول پاڪ صلعم جن جي ڏسيل ديني طريقن جيڪي سندن حديثن ۽ روايتن ۾ درج ٿيل آهن تي عمل ڪن جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ حڪم الاهي آهي ته:

وَمَن يُّطِعِ الرَّسُول فَقَد اَطَاعَ الله“ جنهن رسول الله صلعم جن جي پيروي ڪئي تنهن جهڙوڪ الله تعاليٰ جي تابعداري ڪئي.

وَاطِيعُوالله وَاَطِيعُو الرَّسُول“ ۽ تابعداري ڪيو الله جلشانہ جي ۽ سندس رسول صلعم جي.

وَمَا آتا کُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاکُم عَنہُ فَانتَهُوا“ ۽ جيڪي رسول صلي الله عليه وسلم اوهان کي (علم، ڄاڻ، حڪم ۽ هدايتون) ڏيڻ فرمائي سي وٺو (۽ مٿن عمل ڪريو) يا پاڻ کي روڪيو.

رسول صلي الله عليه وسلم جن جي پاڪ حياتي بابت اسان کي سندن پاڪ هدايتن ۽ روايتن سان ڀريل حديثن مان ڄاڻ ملي ٿي جيڪي وري قرآن پاڪ جو تفسير يا عڪس آهن، تنهنڪري اسانکي قرآن شريف سان گڏ حديث شريفن جو پڻ مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ عملي حياتي گذارڻ کپي ته جيئن اسان جي مقصد تخليق جي سلسلي ۾ اسان کي صحيح ڄاڻ اچي ۽ اسان نيڪيءَ جي رسي تي هلي ۽ براين کان بچي هن دارالعمل دنيا مان ڪامياب ٿي ٻئي جهان ڏي وڃون ۽ مالڪ جلشانہ جي رضامندي حاصل ڪري انعام جا حقدار ٿيون جيڪو آهي بهشت يا جنت جيڪا نيڪ بخت بندن واسطي الله تعاليٰ جوڙي ڇڏي آهي دعا ڪريو ته اسان پنهنجي اشرفالانبياء (عليهم السّلام) رسول ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا اُهي امتي سڏائڻ جي لائق ٿيون جن بابت حضور صلعم جن فرمايو آهي ته قيامت ڏينهن منهنجي امت سڀني نبين عليهم السّلام جي امتن کان زياده تعداد ۾ هوندي ۽ عملن ۽ نيڪين ۾ پڻ انهن کان بهتر جنهن تي مان فخر ڪندس ۽ سندس شفاعت جا حقدار ٿيون جنهن جي طفيلي اسان جنت ۾ حضور جن ۽ سندن نيڪ سيرت اصحاب اولياء، علماء ۽ صالح بندگان خدا سان گڏ هجون آمين برحمتک يا ارحم الراحمين.

جهامنداس ڀاٽيا

            پرارٿنا- 2

رابندر ناٿ ٽئگور چوي ٿو ته دُک ۽ گهرجون کڻي اسان ايشور اڳيان ارداس ڪيون ٿا، مگر سُک ۽ سمپدي کڻي سائينءَ اڳيان سوغات نٿا رکون. پنهنجي جيوت اُن جي آگيا ۾ نٿا هلايون. جيوت جي حاصلات اُن کي نٿا ارپڻ ڪريون.

محبت اهڙي ته عجيب املهه سگهه آهي جا سڀ سنسار کي رنگ ۾ رڱي ٿي ڇڏي. محبت ۾ جا صحبت ٿي ڪجي تنهن مان رنگت ٿي روح تي چڙهي. محبت مان ئي جيو سڀ سرهائي سان سهسائي ٿو. پرارٿنا به محبوب سان صحبت ۾ ويهي ساڻس ورونهن ڪرڻ آهي. پرارٿنا آهي اورڻا اورڻ. ان سان جنهن جيهو جاني آهي ڪونه جهان ۾. پرارٿنا آهي لاثانيءَ جي لاري لڳڻ، پناري پوڻ پرين جي.

پرارٿنا وارو سدا سکي سرهو پيو ٿيندو؛ سُور ۾ ساجن جو نُور پيو پسندو ۽ هسيون پيو هسندو. گُل مٿون پوندس ته به، ڪندو شڪرانا. تتي واري مٿون وجهندس ته، چوندو شڪرانو. هو سدائين پيو ڀائيندو ته ويس ۾ به جو والي ٿو وَسي تنهنجي هٿ وس آهي سڀ ڪي: هو پيو سمجهندو ته مان بهترين ته ڳولي نه سگهندس مگر بهترين مون کي ڳولي سگهندو، اهڙو انسان ٿورو ڳائيندو، ٿورو کائيندو ۽ ٿورو سمهندو. هو ائين پيو وِسهندو ته ڏينهن پرائو آهي ۽ رات پنهنجي آهي. پرارٿنا جي ڪرڻ ڪري جيوَ ۾ جوت ٿي جاڳي. پرارٿنا جي پوڙي پوڙي مان پرسنتا، پرڦلتا ۽ پرٻلنا ٿي پيدا ٿئي، مگر ڪو هجي بانڪو بهادر جو هو ميءِ تياڳي جاڳي ۽ شيدا ٿئي.

ڀڳت روپچند جي جيوت صرف نام جي لام لڳل نه هئي. دنيا جي دکن ۽ دردن ۾ سندن دل ڀڳل مگر سندن هردوهري پريم ۾ ڀڳل هو. سندن ڪهڻي ۾ ڪرائنتي ۽ ڪرڻي ۾ شانتي هئي.

پرارٿنا وارو انسان قدرت جو قائل ۽ جوڙيندڙ ڏانهن مائل ۽ ان ۾ محو رهندو ايندو. قدرت جا نظارا به اُن لاءِ سائين جامندر ۽ اوتارا آهن، جت هو ڪڪرن ۽ پهاڙن ۾، ندين ۽ آبشارن ۾، بجليءَ ۽ گجگوڙن ۾ پيو پسندو لقاءُ لاهوتي. ڀڳت صاحب نه سنگت سان هڪ دفعي ياتراتي نڪتا. مها پرشن جي مٿي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي هو سملي مندر ۾ اچي وارد ٿيا. هماليا پربت جي اوچائي ڏسي سندن دل ۾ ايشور جي اپا سوڀيا جو امنگ اٿندو هو. ۽ وقتن تي پاڻ نه جهلي سگهڻ واري جذبي هيٺ جهولندا جهومندا، گيت ڳائيندا هئا. ڀڳت صاحب جي جيءَ ۾ جمال جانيءَ جو کپي ويو. نوراني نظاري ۾ هنن پسارو پرين جو پسي. دنيا جي ديدار تي هسي ڳنڍي ٻهڳڻي سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com