سملي ۾ رهندي هڪڙي آرتوار سملي واري منظر ۾ گهڻي
ئي ياتري ۽ پريمي اچي پلٽيا. انهن اميرن ۽ فقيرن ۾
ڪوچ بهار جي مها راڻي به هئي. ڇا نه هو سندس تاب ۽
آب ۽ ڇا هئي سندس دل. ڀڳت صاحب محبت جي مستيءَ ۾
اهڙا ته لَنولين ٿي ويا جو کين خبر ئي نه رهي ته
سندن آواز ڪنهن جي ڪَنَنَ ۾ راز ٻڌائي سندس دل کي
فرش تان عرش تائين پرواز ڪرڻ جي طاقت بخشي منجهس
لياقت پيدا ڪندو ٿو رهي. ڀڳت صاحب ڪوي ته نه هئا
مگر منجهن ڪويءَ جي ڪلاڪاري ۽ ڪرڻا ضرور هئي. هو
راڳي نه هئا مگر وڏو ڀاڳي هئا، جن جو لاڳ هو
لاهوتن جي لوري! هنن آخر وارو ڀڄن ميران ٻائي جو
اهڙي ته دل جي درد مان الايو جو مهاراڻي ميڻ
وانگيان ڀڄن جي تابش تي پگهرجي پئي. ڀڄن به ته
پورن پريتم جي ارپنتا سان پُرهو ۽ اڄ به اُن جي
لفظن مان سندس چَت جي چک ٿي ملي:
ميري راتا جي مئن تو گوبند ڪي گن گانا،
راتا ني ڀيڄا زهر پيالا مئن امبرت ڪر پي جانا،
دٻيا ۾ ڪالا نانگ جو ليڄا، مئن سالگرام ڪر جانا،
ميران ٻائي پريم ديواني، مئن تو سانوريا ڪو
پانا.
راڻيءَ جو اهو ڀڄڻ ٻڌو ته هن جو هردو ميڻ ٿي پيو.
ان بعد ميران جو آدرش اڳيان رکي ننگر ننگر ۾، ڳلي
ڳلي ۾ ”سانوريا ڪو پانا“ جو سنهيو پهچايو، ميران
به ته پريم ديواني هئي. ڪُوچ بهار جي راڻيءَ به
بهار بدن جي کي ڪُوچ ڪرائي ويراڳ ۾ وک وڌائي، گيت
کي ميت بڻائي پنهنجي گذاري گذاري.
پرارٿنا صرف ”سانوريا ڪو پانا“ نه آهي، مگر سانوري
کي سڀ صورت ۾ سهي ڪرڻ به سيکاري ٿي. پرارٿنا نه
صرف دک دور ٿي ڪري مگر دل کي ديدار سان ڀرپور ٿي
ڪري. پرانٿا آهي دل جي گفتگو. جڏهن جانب ويجهو ٿو
وسهڻ ۾ اچي تڏهن انسان پنهنجي دل جي ويرن اڳيانس
ورنن ٿو ڪري ڀڄن، ڪيرتن به ويرن جو ورنن آهي.
ڀڳتن جي جيوت جو ڌاڳو پرارٿنا ۾ ٻڌل ٿو ٿئي. ڪا به
ڳالهه اچي ٿيندي، ڪا به مُونجهه اچي منهن ڏيندي ته
هو عام رواجي انسان وانگيان وائڙا ٿي نه ويندا،
مگر انهيءَ مُونجهه جو سونهون سمجهي مشڪلات کڻي
ويندا پنهنجي دلبر وٽ ۽ ان کان رستي جي رهبري
گهرندا.
ڀڳت روپچند جي جيوت پرارٿنا سان شروع ٿيندي هئي،
جنهن جو اثر سندس ڏينهن جي ڪم ڪار تي خاصو پورو
هو. زندگي ئي نه آهي جيڪڏهن پرارٿنا جي جوت اُن ۾
جڳائي نٿي وڃي. جڏهين اها جوت جهلڪ ٿي ڪڍي ته جيو
جو سنٻنڌ سنسار جو جڙيو پيو آهي سو وڍي ٿي ڪڍي ۽
کيس سچ جو سورج ڏيکاري سچو وهنوار ٿي سيکاري.
ڀڳت روپچند رواجي طرح پروار جي پورائي لاءِ نوڪري
ڪندا هئا. پرارٿنا ، اُپاسنا، ڪيرتن ڪندي ڪندي کين
انهيءَ خيال اچي کنيو ته ڇو نه هاڻ سچي صاحب جي
چاڪري ڪجي. هنن پنهنجي آفيس جي عملدار کي لکي
موڪليو ته مهيني گذرڻ بعد هو آفيس جو ڪم وڌيڪ سمي
لاءِ سنڀاري نه سگهندا. گهر وارين کي ته سدا
روزمرهه جي وڌيءُ کٽي، هاج گهرج، هار وير، خوشي غم
جي موقعن لاءِ پورت جي پڪي رستي جو خيال رهندو
آهي. اُنهيءَ ويچاري کين گهڻو ئي سمجهايو مگر عشق
اڳيان اٽڪل ڪهڙي ٿي کيپ کٽي سگهي؟ دوستن ۽ مترن
کين دليل ڏنا، ويچار پيش ڪيا ته اڄ ڪالهه جي وقت ۾
سُکئي کي ڪو سهي ڪونه. بُکئي کي ڪو ڏي ڪونه: اوهان
ٺهيل روزگار ڇڏي کوهه تي فراسي وڇائي وهندا، ته
اُن مان اُپراس ڪهڙو ٿيندو ۽ ڪارج سَڌِ وري ڪهڙو
ٿي سگهندو؟ انهن مڙني جي دليلن جي رد ڪد ڪندي هنن
کين چيو ته پکين پسن کي روز ڪير ٿو پهچائي؟ ڀڳوان
پاڻهي ڏيندو. اسان ماڻهو جي نوڪري ٿا ڪريون ته
مزوري ٿو ڏئي، پر جي اُنهيءَ مالڪ جي چاڪري ڪجي،
ته ڇا اوهان جي مزوري ڏيڻ کان انڪاري ٿيندو؟
”ايمرسن آمريڪا جي اديب فيلسوف چيو آهي ته “
جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي خدمت ٿا ڪريو ۽ اوهان کي
اجورو پورو نٿو پلئه پوي ته ماٺ ۾ رهو. جيترو دير
سان اوهان کي مزوري ملندي اوتروئي وياج مٿان وياج
اوهان کي ملندو.
گڏيل وياج مٿان گڏيل وياج هن خزانچيءَ جو اگهه
آهي“.
ڀڳت کي ته ڀڳوان هو مگر گهر جي آدمن کي صرف مهيني
سِرِ مهيني پگهار ملڻ جي اون ۽ انتظار هئي. کين
ڪهڙي ڪل ته ڀڳت جن عاشقن وانگيان سڀ سهارا ترڪ صرف
سندس سونهن جو سهڪار ڪيو اهي ۽ ان جو سهارو ورتو
آهي. زندگيءَ جي اعليٰ سڙڪ تي ايڏو ته رومان آهي
جو جوان دل وارو هميشہ دلبر جي ديدار جو پيو آسرو
رکندو. هو هردم نئين جوانيءَ جو رنگ ۽ ڍنگ پيو اُن
۾ ڌاريندو. توڪل سندس ترهو آهي. پڪو دلو اٿس ته به
واهه جي ڪچو اٿس ته واهه! واهه!! ٻنهي ۾ هو ڏسندو
هڪ حق کي چوندو. اکين پيو جيئن سچل چيو آهي.
ميڏڙي دل وچ يار- پٽ ديان پينگهان پايان وو
1. آپي جهوٽي، آپ جهوٽاوي، ڏيندا لوڙي لک هزار.
2. مئن تي دلبر جهوٽا ڏنڙا، ڪيتا سهليان سينگار.
3. جهوٽي اُتي يار سڄڻ دي، هوڻ خبردار.
4. پير جهوٽي تي محڪم ڌرهڻا، رهڻا بي اختيار.
5. ساري جهوٽي
سچو سهي ڪر، ٿيوين آپ ڪـنون بــيزار.
ٻار وانگيان دنيا کي ڇڏي هو امڙ جي گود ۾ وهڻ جو
ڪانکي ٿي پيو. ان جي ڇاتيءَ تي ليٽڻ لاءِ ڪابه
قرباني ٿوري آهي مگر عمر رسيدهه انسان جنهن تي
جهان جون جوابداريون به جهجهون آهن اُهو انهيءَ
جنجل کان پاڻ آجو ڪري اُن امڙ تي آڌار رکي اُهو
ويساهه ڌاران ٿي نٿي سگهي. ڪُلُ اٽڪلون آسرا ۽
آڌار ڇڏي جو انسان اڏو اَڏي امڙ جي اُرهه ۾ اُن کي
لُڪون ۽ جهولا، طعنا ۽ تنڪا ڇا ڪندا. جنهن سمورا
بار پنهنجا هن جي حوالي کڻي ڪيا تنهن کي فرض، قرض
يار غرض جي ڪهڙي ڳڻتي ٿي سگهندي. پرارٿنا ڪرڻ سولي
ڪينهين. پاڻ پاسي ڪري سمورو ساج ۽ ڪاج وس ۽ پاسي
جو ان جي ٿو ڪري سوئي پرارٿنا جو ڦل پائي ٿو.
پاڻي اُن کي کڻي ٿو جو رڳن. عضون جي ڇڪتاڻ ڇڏي بي
سَتوتي وهڪ تي ٿو اڇلائي: ان کي ئي امڙ پنهنجي
ڇاتي سان لائي تاريندي اُڪاريندي ٿي هلي.
جَن قدم قرب جو کنيو آهي تن کي تاب ۽ تنوار تون جي
ٿي رهي. ”هاڻ“ جي حقيقت ۽ هڳاءُ جي کين ٿوري گهڻي
سُڌ رهي ٿي مگر ڪالهه سڀاڻي جو اون منجهن مشڪل ٿي
معلوم ٿئي.
پرارٿنا آهي پاڻ ايشور کي ارپڻ. پنهنجي سموري
سگهه، ستا، سمجهه سوجهرو ”ڪي ڪين“ ۽ گم ڪري هوت جي
حوالي ٿي بيهڻ آهي. خالي جڏهين جيو ٿي ٿو بيهي ته
هو کيس ڀَرڻ کان ڪين ٿو گسي. ڪن جو چوڻ آهي ته
جڏهين انسان ايشور اڳيان بي جان ڪئنوسس وانگيان ٿي
ٿو بيهي ته ڪلاڪار پنهنجي ڪلا منجهس اوتي کيس حسين
بنائي ٿو ڇڏي.
ٻي حقيقت هن ريت هڪ ڪتاب ۾ پيش ڪئي وئي آهي ته
هڪڙي عورت زندگيءَ جي زبر زور ڪري زبون ٿي رهي
هئي. هُن ڪنهن نامياري طبيب سان صلاح ڪئي جنهن
کانئس پڇيو، ”امڙ تون ڪرستان آهين؟“ تعجب ۾ پوڙهي
پئجي وئي. ٿوريءَ دير کان پوي چوڻ لڳي ته ”ڇو
تڏهين مان ڪرستان ڪين آهيان ڪئن؟“ مائي تڏهين به
کيس پڪ ڏيارڻ لاءِ ڌرمي ڪتاب مان برزبان ٽڪرن
پويان ٽڪرا پڙهي ٻڌايا.
طيب ايهي ٻڌندو ڪنڌ ڌوڻيندو ويو. چيائنس ڙي امڙ
ايهي وچن جي نه تون واچيندي ٿي رهين تن مان ته نه
رب ۽ رب جو راضپو ٿي لهين. ڪرستان ٿيڻ جي معنيٰ
آهي ته ٻار وارو ويساهه توکي پنهنجي پرماتما ۽ هجي
جو تون سدائي ائين سمجهين ته هڪڙو حاڪم سدا رنگ
سنگ تنهنجو ساٿي آهي. هو توکي گهري ٿو. ڪڏهين
تنهنجو مٺو نٿو چاهي. ڪڏهين به توکي ڊاهي نٿو مگر
سدا پيو ٺاهي. سنواري ۽ سينگاري.
ايترو ايمان تو ۾ هئڻ گهرجي جو هوند هرهڪ اڻپورائي
لاءِ هن کان پرارٿنا ڪري. اُها سگهه سوجهرو ستا
حاصل ڪري سگهين جا سڀ ڪنهن سور جو علاج ٿي پئي.
ايهو ايمان ته:
”هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهين“
قائم رکڻ سولو ڪينهين. طبيب تڏهين کيس چيو ته ڪنهن
ايڪانت واريءَ جاءِ تي وڃي صرف پرماتما جو ويچار
ڪندي رهه. هوءَ صلاح ملندي ئي شهر مان لڏي سمنڊ جي
ڪناري تي وڃي ويٺي. روز بروز هوءَ نيلو آسمان
ويڪرو سمنڊ ڏسندي رهي. پهرين ته سندس اکيون ويجهن
ننڍڙن پهاڙڻ تائين پهچي پوئتي موٽنديون هيون مگر
آهستي آهستي هوءَ کين سمنڊ جي ويرن ۽ اُفق ۽ شفق
جي نوراني نظارن ڏانهن گهليندي منجهن مهران جي
بيحد ويڪر سمائيندي رهي تان جو کيس ائين ٿيڻ لڳو
ته ڄڻڪ سمنڊ جي اننت ويڪر ۽ گهرائي سندس اندر جي
گهرائپ کي گهلڻ جو ڪنديون پئي رهيون. صاف سيلاني
هوائون سندس من گهڙت مانارن کي گهلي زمين ۾ کڻي
ويون. آهستي آهستي ايشور جي انت احساسن سندس اندر
۾ اٿڻ لڳو. هوءَ ائين ڀانئڻ لڳي ته ايشور اهڙو
عميق آهي جهڙو مهاساگر ۽ سندس ٻاجهه رحم به اهڙا
ئي عميق ۽ وسيع آهن. انهيءَ ريت سندس رڳون وري وري
طاقت ٿيندي رهيون.
عام طرح انسان کي انهيءَ نموني جي رهت سان پهت آهي
ئي ڪن. سندن يقين آهي صرف عقل جي اٽڪل ۽ چال
بازيءَ تي. هو ته ويسهه نه پاڻ ۾ رکي ڄاڻن ۽ نه
ويسهه جي وادي پڇاڻن.
ڀڳت روپچند جي گهر واري پنهنجي ڌڻيءَ کي نوڪري
ڇڏيندو پسي سُسي وئي. هُن سمجهيو ته دروازو روزيءَ
جو آفيس ۽ اُن جو صاحب هو ۽ اُن کي جي بند ٿيڻ ڪري
روزمرهه جي کاڌ خوراڪ جو بلو ڀيڻي ٿي سگهندو ئي
ڪين. هوءَ ڀتار سان گڏجي مانيجر وٽ وئي جنهن ڀڳت
کي گهڻو ئي باز آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، مگر هو هڪ تي
ٿي بيٺو. انگريز آخر ۾ ائين به چيس ته آفيس ۾ وقتي
پيو منهن ڏيکارج ۽ پگهار پيو کڻج. ڪم بنان پگهار
کڻڻ ڀڳت کي واجب نظر نه آيو.
عام آدمي ته بئنڪ ۾ جمع ڪيل ڌراوت تي بانور ڪري
وهندا آهن مگر هن سائينءَ جي نوڪر اُها ڏئي سري
ڪرشن ۽ ڪرست جي پيروي ڪئي. سري ڪرشن گيتا ۾ چيو
آهي ”هي ارجن! جو منش ميڙئي آسرا ڇڏي منهنجي شرن
وڄي ٿو تنهن جي مان رکيا ڪريان ٿو. ”سوال آهي ته
اسان مان ڪيترا آهن جي شاهه جي فرمودي موجب“ سڀ
ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي“ ٿا ڪن. حضرت عيسيٰ به
ته چيو آهي ته ”جيڪي اوهان وٽ آهي سو ڏئي منهنجي
پُٺِ وٺو“. ڀڳت عمل جو پڪو ۽ ايمان جو پختو هو.
پرارٿنا گهڻي ئي انسان ڪن ٿا مگر اُن ۾ ڪا زندگي
هجي ئي ڪين ٿي. هو لوڪا چال مونا موڙي، اکين ۾ آب
آئي ارداس ڪن ٿا مگر ان جي موٽ ۾ ماٺ ئي ماٺ، چُپ
ئي چپ ٿا لهن. پرارٿنا ۾ درد هجي، انهيءَ درد ۾
روح جي گهري گهرج جي گهرائي هجي، انهيءَ گهرائي ۾
انتظاري هجي، انهيءَ انتظاري ۾ اميد هجي ته اوس
جواب ان جو ايندو ۽ شاهن جو شاهه گهرج مهر مان
پوري ڪندو، نه ته پرارٿنا صرف فرض جي پورائي ۾
پورجي ويندي.
پرماتما جي پورن رٿا پٽاندر سڀ ڪا چيز پنهنجي
پوريءَ جاءِ تي آهي. پرماتما رٿ پورن ۽ مڪمل آهي.
سڀ ڳالهه لاءِ ٺيڪ وقت ۽ ٺيڪ جا آهي پرارٿنا دوران
ئي انسان پرماتما جي سازي ۾ آڻي ٿو سگهي ۽ پاڻ کي
ان جي پورن رٿا جي گرهڻ ڪرڻ جو لائق بنائي ٿو
سگهي. انسان پاڻ ۽ پنهنجا سمورا ڪاج سندس حوالي
ڪري ۽ پاڻ کي سندس رهبري هيٺ ڌري پاڻ کي پورن وقت
جاءِ جي خيال جي پورائي جو اوزار بنائي ٿو سگهي.
پاڻ کي ايشور جي پورن انتظام ۾ رکڻ ڪري انسان کي
ائين وسهڻ جو وسيلو هٿ ٿو اچي وڃي جو هو ڪڏهن به
ائين نه ٿو سمجهي ته ساڻس ڪو ظلم يا انياءُ ٿيو
اهي. جئن لڳاتار انسان ائين ڪندو رهندو تيئن کيس
وڌيڪ آنند، سوڀ ۽ سندرتا حاصل ٿيندي رهندي.
جڏهين اهڙي ڄاڻ حاصل ٿي ته حالتن، هلت، وقت ۽ ديش،
سبب ۾ ڪاڻ ڪانه نظر ايندي. مگر عقل سان بازي کڻي
نه سگهبي مگر ويسهه ۽ محبت سان.
پرارٿنا بابت مٿي ڪُڇ ذڪر ڪري آيا آهيون، اگرچه
اهو اڌورو ۽ اڻپورو آهي. پرارٿنا ڪيترن ئي نمونن
جي ٿي ٿئي. پهرين ته انسان چپن چورڻ سان پنهنجي
مالڪ سان ٿو اوراڻو اوري. تنهن کان پوءِ هو مَن جا
مڻڪا ٿو سوري، جنهن بابت ائين به چيو ويو آهي ته
ور ور تار ڇڄيو پوي ته پرارٿنا ڪندڙ وائڙو ٿيو وڃي
۽ ڪڏهين ڪڏهين نراس ٿيو پوي. اهڙي حالت اسان کي
سنت ڪبير جي زندگيءَ جو نقطو ياد رکڻ گهرجي. سنت
ويٺي ڪپڙي جي آڏواڻي تي ڪم ڪيو. تاڃيءَ جون تارون
ٽٽي ٿي پيس. شخص هڪڙو جو ويجهو ويٺو هوس تنهن پڇيس
ڇا ٿا ڪريو؟ جواب ۾ چيائينس ته ڀڳت تارون ٿو
ڳنڍيان.
جڏهين من جي پرارٿنا مڪمل ٿي ٿئي تڏهين دل جي
پرارٿنا ٿي شروع ٿئي، جنهن ۾ اکرن جي ضرورت ٿئي ئي
ڪين ٿي. انهيءَ طريقي لاءِ شاهه صاحب پڻ فرمايو
آهي:
هل هنيئن سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار
قاصدياڻي ڪار، ڪـــين رساڻي ڪيچ ڏي.
انهيءَ کان مٿي آهي روح جي پرارٿنا . اها اهڙي ته
مقدار ۽ مقناطيسي تيزي جي ٿي ٿئي جو ڪندڙ ڪڏهين به
ڪوئجي نٿو مگر محبوب تي موهجي سڀ ڪي ان مان حاصل
ڪرڻ جي همٿ ۽ حوصلو رکي محڪم ۽ مستقل ٿو رهي.
اها پرارٿنا جيو پنهنجي جانب ڏانهن ڏورانهن پنڌ تي
رهندڙ نٿو پيش ڪري مگر اها محبت جي چمڪ سان ڪندڙ
جي قادر جي (قلب) ۾ گهڙيو ٿي وڃي ۽ فائل تي يقين
جي تاڙي ٿي چاڙهي، اهو زندهه ويسهه آهي، اسان ۾
عام طرح اهو بي جان ويساهه آهي جو انهيءَ اميد ۾
بيٺو ٿو رهي. محبت ۽ زندهه ويساهه جو ميل ڌڻيءَ جي
مدد جو در يڪدم ٿو کولي. اسان کي هن يا هن نموني ۾
مدد ملي نه مگر اڳتي هلي اسان کي معلوم ٿو ٿئي ته
مدد جنهن نموني ۾ اسانکي ملي آهي اُها ئي دائمي
دلبري ڪندي ۽ اسان کي ڪارگر ٿيندي.
جڏهين انهيءَ حد انسان رسي ٿو ته هو پنهنجي لاءِ
ڪي گهري ئي ڪين ٿو مگر کيس اها ئي آرزو ٿي رهي ته
محبت مان سڀ ڪي سندس سپرد ڪرڻ سان سارو سائين ٿو
سندس جهوليءَ پوي. ڀڳت روپچند به اهڙن ڀڳتن مان
هو، جي چوندا رهيا:
مونکي حياتي جي نمعتن لاءِ جفاڪشي ڪرڻ جو ضرور
ڪونهي. مونکي اڳواڻ آگاهه ٿيڻ جي ڪا ڪاڻ ڪانهي ته
ڪئن ڀلائي منهنجي مون وٽ ايندي ۽ ڪهڙي رستي منهنجن
خواهشن کي روپ ڏيندي. مون کي صرف اٽل ايمان جي
ضرورت آهي ته جڏهين مان مڪمل طرح سموري حياتي جي
معاملن مٿان حڪومت جون واڳون هن جي هٿن ۾ سونپيان
ٿو ته اونَ ڇا جي؟ ارمان ڇا جو؟ انديشو ڇا جو؟ وسو
ڇا جي؟ هو مون ۾ ڪم ڪري ٿو، منهنجي لاءِ ڪم ڪري
ٿو، منهنجي دوران ڪم ڪري ٿو. مون وٽ اُهو ڪي ٿو
آڻي جو منهنجي ڀلائي، بهتري ۽ ڪماليت لاءِ ڪارگر
آهي. هردم سان مان اهو ئي چوندو رهندس. مالڪ!
سموري سطلنت سرير، دل، من ۽ روح مٿان آهي ئي
تنهنجي پوءِ اَهنجي ڇا جي سهنجي ڇا جي؟ سٺي ڇا جي
مٺي ڇا جي؟ ”جو تد ڀاوي سائي ڀلي ڪار“.
ظفر حسن ڊائري
19- جون 1991ع
اڄ اوچتو خبر پئي ته هڪ جهونو اسڪولي دوست حيدر
علي لغاري گذاري ويو، بلڪ کيس گذاري پنج ڇهه مهينا
به ٿي ويا پر مون کي اڄ خبر پئي. هڪ جهوني دوست جي
موت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ته ٿيو پر وڌيڪ ڏک ان ڪري ٿيو
جو هڪ ته پنج ڇهه مهينا گذري ويا سندس موت کي ۽
ٻيو ته اسين ڪافي وقت کان بلڪ ڪافي سالن کان هڪ
ٻئي سان مليا به نه هئاسون.
مون هتي اهو ڪونهي لکيو ته آئون هن سان ڪافي وقت
کان نه مليو هوس يعني منهنجي اها سستي يا گهٽتائي
هئي جو آئون هلي ڪري ساڻس ويجهڙائيءَ ۾ ملڻ نه ويو
هوس. مون اهو به ڪونهي لکيو ته هو مون سان ملڻ ۾
سستي يا گهٽتائي ڪري ويو هو بلڪ مون اهو لکيو آهي
ته ڪافي وقت کان اسين هڪ ٻئي سان نه مليا هئاسون
يعني اسان ٻنهي تي هڪ جيتري ميار هئي ٻنهي هڪ ٻئي
سان ملڻ ۾ ڍرائي ڪئي ۽ اهڙي طرح سان ڪافي وقت کان
ملي نه سگهيا هئاسون.
ننڍي هوندي جا دوست، ننڍي هوندي جا هم ڪلاسي، ننڍي
هوندي جا پاڙيسري، بلڪ ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جا
دوست يا مختلف نوڪرين ۾ هڪ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ دوست،
انهن سڀني مان گهٽ، بلڪ تمام گهٽ اهڙا هوندا آهن،
جن سان اهڙي دوستي ٿي ويندي آهي، جو مختلف نوڪرين
۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ، شادي ٿيڻ کان پوءِ، ٻارن ٻچن
ٿيڻ کان پوءِ تان جو پوڙهي ٿي وڃڻ کان پوءِ به
دوستي هلندي رهندي آهي ۽ هڪ ٻئي سان ملبو رهبو
آهي. نه ته گهڻا اهڙا دوست هوندا آهن جن سان واٽ
ويندي ملبو رهبو آهي، يا ڪنهن فنڪشن ۾ يا ڪنهن
آفيس ۾ ڪم سانگي ويندي ملاقات ٿي ويندي آهي، باقي
ماڻهو هاسيڪار ملڻ لاءِ، انهن پراڻن يارن ۽ ساٿين
سان انهن جي گهرن تي هلي وڃي يا آفيس ۾ هلي وڃي ان
جو وقت ڏکيو ملندو آهي.
جيتوڻيڪ آئون چوان ٿو ته اسان کي اهڙن جهونن
واقفڪارن، هم ڪلاسين، دوستن ۽ بزرگن سان هلي وڃي،
ملاقات ڪرڻ کپي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته خط پٽ به لکڻ گهرجي
۽ خاص طرح اهي جهونا دوست جي ساڳئي شهر ۾ رهندا
هجن انهن سان ملاقات باقاعدگيءَ سان يعني سال ۾ هڪ
ٻه ڀيرا ته ڪرڻ ئي کپي ۽ جڏهن ماڻهو ٻئي شهر ۾ وڃي
پراڻي دوست کي ڳولي ملاقات ڪرڻ کپي بلڪ پراڻن
دوستن جون ائڊريسون ۽ فون نمبر باقاعدي ڊائري ۾
الڳ لکي رکجڻ گهرجن ۽ جيئن ئي موقعو ملي ته ان سان
ٻه ٽي گهڙيون ڪچهري ڪرڻ کپي.
ننڍپڻ جي دوستي گهڻو ڪري محبت واري هوندي آهي ۽ هن
مفادپرست زماني ۾ به بي غرض هوندي آهي ۽ جهونن
يارن ۽ ساٿين ۽ واقفڪارن سان ملي دل کي ڏاڍو آٿت
ملندو آهي. پراڻن دوستن سان ملي پراڻيون يادون
تازيون ٿي وينديون ماضي جيترو جاڳندو حال بڻجي
سامهون اچي بيهندو آهي. پراڻن ساٿين سان ملي ٻين
پراڻن دوستن جو ذڪر ٿيندو آهي، پراڻن استادن جو
ذڪر ٿيندو آهي، پراڻن واقعن جو ذڪر ٿيندو آهي.
انهن پراڻين ڳالهين کي ورجائڻ سان انسان جي دل ۾
پراڻا جذبا ۽ عجيب بيان نه ڪري سگهجڻ جهڙا احساس
جاڳي اٿندا آهن. ۽ انهن پراڻن ساروڻين جي مهابي
اسان کي پنهنجا پراڻا گهر، پراڻا پاڙا، پراڻا شهر
اکين آڏو ڦرڻ لڳندا آهن. ۽ اسين ان دور ۾ پهچي
ويندا آهيون جنهن دور جا واسطيدار ملندا آهن ۽
ائين لڳندو آهي اسين وري ٻار ٿي ويا هجون، ننڍا ٿي
ويا هجون، نوجوان ٿي ويا هجون ۽ اسان انهن دورن ۾
ئي هجون ۽ ائين سالن جا سال پٺتي هليا ويندا آهيون
۽ آئون ته اهو محسوس ڪندو آهيان ڄڻڪ انهيءَ زماني
کي ياد ڪرڻ سان امان ۽ بابا جيئرا ٿي ويا هجن ۽
آئون ڄڻ انهن سان ڪچهري ڪري رهيو هجان. چاچن ۽
مامن سان ملندو هجان پُڦين، ماسين کان آسيس وٺندو
هجان.
پراڻن يارن سان الائي ڪٿان جون ڳالهيون نڪرندي
پونديون آهن ۽ دل چوندي آهي انهيءَ زماني ۾ ويٺا
هجون ۽ آئون سوچڻ ٿو لڳان هن وٺ وٺان جي زماني ۾
پراڻن ۽ جهونن دوستن ۽ بزرگن سان ملي جيڪو لطف
حاصل ٿئي ٿو اهو اڻمُلهيو ٿئي ٿو، پر اسان کي
احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي ته حياتيءَ جا اهڙا سچا پچا
۽ قيمتي لطف اهڙا سستا ۽ سولا به ملي سگهن ٿا. مون
کي انگريزيءَ جي هيءَ چوڻي ڏاڍي وڻندي آهي
The Best things in life are Free
ته دنيا جون بهترين شيون مفت ۾ ملن ٿيون بس اوهان
جي نظر اهڙي هجڻ کپي ته دنيا جا بهترين مزا اهيئي
آهن، يعني بي غرض ۽ بي مطلب محبت، پيارن پيارن
ماڻهن سان ملاقات، پنهنجن پراڻن پاڙي وارن سان
ملاقات، پنهنجي پيءَ جي دوستن سان ملاقات، امڙ جن
سان اٿندي ويهندي هئي انهن سان ملاقات، پراڻن
استادن سان ملاقات، پنهنجن پري پري جي مائٽن سان
ملاقت پنهنجن آفيسن وارن سان ملاقات، جن سان گڏجي
ڪنهن زباني ۾ نوڪري ڪئي هئي سون.
ڪاش، اسان پنهنجي مطلب جي تعلقات ۽ غرض ڀريل
ملاقاتن کان هٽي، خالص ۽ نج پريت سان ونڊيل
ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪريون پوءِ ڏسو ته اسين ڪيترو
نه ٿا ماڻيون! اڄ الائي ڪهڙيون ڳالهيون ياد اچي
ويون! اڄ خبر پئي ته منهنجو پيارو هم ڪلاسي نور
محمد هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهندڙ حيدر علي لغاري هي
جهان ڇڏي ويو! ڪافي سالن کان نه مليا هئاسون،
حيدرآباد ۾ ڦليليءَ واري علائقي ۾ رهندو هو ۽ آئون
حيدرآباد کان ٻاهر ڄام شوري ۾ رهندو آهيان، ايترو
پري نه هئاسون جو ملي نه سگهون. بس ٿورو ڏوهه
منهنجو هو جو هاسيڪار هن وٽ هلي نه ويس ۽ ٿورو
ڏوهه هن جو هو جو هو هاسيڪار مون وٽ لنگهي نه آيو،
پر جڏهن به ڪٿي اوچتو ملياسون ته ڏاڍي پاٻوهه سان،
پريت سان، ڀاڪر پائي ڏاڍي گرم جوشيءَ سان ملياسون،
اسان جي ملاقات ۾ سالن جا سال وٿي پئجي ويندي هئي
پر جڏهين به ملياسون ته ائين لڳندو هو، ته ڪي وڏي
عمر جا ٻارن ٻچن وارا نه پر خود ٻه ٻار اسڪولي
شاگرد دوست ملي رهيا هجون.
پر اڄ آئون سوچيان پيو. هو هاسيڪار اچي، پنڌ ڪري
خاص طرح مون سان ملڻ نه آيو اهو هن جو ڏوهه بيشڪ
هو پر منهنجو وڌيڪ هو. جو آئون به هاسيڪار پنڌ ڪري
خاص ان جي گهر هن سان ڪڏهين ملڻ نه ويس. هن مون
سان نه ملي ٿورو ڪجهه وڃايو هوندو، پر مون هن سان
نه ملي گهڻو ڪجهه وڃايو آهي. هو ته هي جهان ئي ڇڏي
سڀ ڏکي ڏوراپا ۽ ميارون لاهي سڀ ليکا پورا ڪري
ويو، پر آئون ته اڃا جيئرو آهيان ۽ سدائين حيدر
عليءَ سان ڪيل ملاقاتون ياد ڪري ۽ رهيل ملاقاتون
سوچي پڇتائيندو رهندس ۽ منهنجي ساروڻين جي بنديءَ
۾ اهو نقصان سدائين جو رهندو ۽ ڪڏهين پورو نه ڪري
سگهندس ۽ مرهيات حيدر علي ويندي ويندي به مون تي
ٿورو ڪري ويو ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا جذبا جاڳائي ويو.
ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءُ منهنجو جِندَڙو،
جَنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نه پسان جوءِ ۾.
هڪ يادگار تصوير
”پريس ڪلب حيدرآباد“، 1987ع ۾ منعقد ٿيل ”سنڌي
ادبي سنگت
ايوارڊ“ جي جلسي ۾ مرحوم فقير محمد لاشاري، شيخ
اياز کان ايوارڊ وصول ڪري رهيو آهي.
(فوٽو ط- ع)
تـــبــصـــرا
عبدالقيوم صائب
ادب ۽ روايتون
ڪتاب جو نالو: ادب ۽ روايتون
ليکڪ: قاضي خادم
سائيز ۽ صفحا: ڊيمي- 166
قيمت: 60 روپيا
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد سنڌ
قاضي خادم، سنڌي علمي ۽ ادبي دنيا جو ڄاتل سڃاتل
نالو آهي. ”ادب ۽ روايتون“ هن جي مضمونن جو مجموعو
آهي، جنهن ۾ ٻاويهه مختلف مضمون آهن، جيڪي اڳ ۾
مختلف سنڌي رسالن ۾ ڇاپجي چڪا آهن، جن کي سهيڙي هن
مجموعي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن پاڻ هن
مجموعي جو تعارف، هن ريت ڪرايو آهي.
”هن مجموعي ۾ مختلف علمي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل
22- تحقيقي مضمون شامل آهن.“
انهن مان ادب ۽ تاريخ سان لڳ لاڳاپو، تنقيد ۽
تخليق ادب ۽ جنسيات، داستان جو فن، ڊراما، ناول،
ادب ۽ مختلف صنفن جي فن ۽ تنقيد بابت مضمون آهن،
جن ۾ ڪيترن اهم سوالن جا جواب ڏنل آهن. ان کان
سواءِ سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ جي ارتقا تي مضمون آهي،
جنهن سان گڏ سنڌي ادب جي اهم ڪهاڻيڪارن، شيخ اياز،
نجم عباسي، ۽ ڪارو رنگ، بلو دادا، پشو پاشا، چار
ڪهاڻيون، چار ڪردار، مضمونن ۾ سنڌي ادب جي اهم
ڪهاڻين جو اڀياس ڏنو ويو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي
اهم ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو خاڪو، سندس ئي لکڻين
جي آڌار تي ڏنل آهي سچل سرمست جي ڪلام جو ٽن مختلف
اندازن سان تحقيقي جائزو پڻ هنن مضمونن، سچل سرمست
جي ڪلام ۾ جديد فڪر سچل جو تاريخ ساز ڪردار ۽ سچل
جي ڪلام ۾ موجوديت، ۾ ڏنو ويو آهي.
”هن مجموعي ۾ سنڌي جيون ڪهاڻيءَ جي باري ۾ پڻ ٽي
مضمون ڏنل آهن. جيون ڪهاڻيءَ جو فن، سنڌي جيون
ڪهاڻي جي ارتقا ۽ سنڌي جيون خاڪن جي ارتقا. هنن
مضمونن ۾ سنڌي جيون ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين ۽ خاڪن جي
فن ۽ ارتقائي چڱي طرح بحث ڪيل آهي.“
هن مجموعي جي پڙهڻ مان سُڌ پوي ٿي ته قاضي خادم جي
ذهن ۾ اها ڳالهه صاف ۽ چٽي آهي ته ڏند ڪٿا، لوڪ
ڪهاڻي، داستان، قصو ڪهاڻي، حڪايت پيرابل
(Parable)
۽ رومان چئجي ڇاکي ۽ انهن ۾ ڪهڙو لڳ لاڳاپو توڙي
نازڪ فرق آهي. هو اهو به ڄاڻي ٿو ته مضمون ۽ مقالي
۾ ڪهڙو فرق آهي، رجعت پسندي يا روايت پرستي ۽
حقيقت پسندي ڇا کي ٿو چئجي. هن ادب، اديب ۽ شاعري
بابت جيڪي محسوس ڪيو آهي سو پنهنجي مضمون ۾ مناسب
هنڌن تي ڏيئي ڇڏيو آهي. هن ناول نگار ۽ ڪهاڻي نويس
بابت پڻ پنهنجو رايو ڏنو آهي. هن نقاد ۽ تنقيد کي
به ڪونه وساريو آهي.
قاضي خادم پنهنجي مضمونن، ڪارو رنگ، پشو پاشا جو
ڪردار بلو دادا ۽ چار ڪهاڻيون، چار ڪردار، ۾ سنڌي
ادب ۾ ڪردار جي موضوع کي کڻي سهڻي نموني ۾ نڀايو
آهي. انهن مضمونن پڙهڻ مان اها ڳالهه صاف ٿي پوي
ته ڪردار ڪهڙي ڪهڙي قسم جا ٿيندا آهن. انهن جو
آئنده پنهنجي ادب توڙي ٻئي ڪنهن ڌارئي ادب تي ڪهڙو
اثر پوندو آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ لاءِ
انگريزي ادب مان به مثال ڏيئي پنهنجي نقطئه گاهه
کي صاف ڪيو آهي.
هن ادب ۽ روايتون، ادبي لاڙا، ادب جو سماجي ڪارج،
ادب جو تاريخ سان لڳ لاڳاپو توڙي ادب ۽ جنسيات
وارن مضمونن ۾ ادب جي وصف کي نهايت صاف ڪري ڇڏيو
آهي. نه رڳو ايترو پر روايت، لاڙي، سماجي ڪارج،
تاريخ ۽ جنسيات بابت پڻ پنهنجي خيالن جو چوکو
اظهار ڪيو آهي. هن جا مضمون تنقيد يا تخليق،
داستان جو فن، جديد ڊراما، ناول ۽ سنڌي مختصر
ڪهاڻيءَ جي اوسر به هن جي اڀياس ۽ ڄاڻ جي ساک ڀرين
ٿا.
هن ڪهاڻي کيتر ۾ شيخ اياز ۽ نجم عباسيءَ جي ڪيل
خدمتن کي جوڳي اهميت ڏني آهي، جيڪڏهجن اسان ۾ اها
روش رهي ته پوءِ اسين پنهنجي اديبن جو قدر ڪرڻ
واري روايت کي نه رڳو قائم رکي سگهنداسين پر پرک ۽
پرجهه واري معيار کي به اڳتي وٺي وڃي سگهنداسين.
هن ڪتاب ۾ هيترين سارين خوبين سان گڏ ڪي اهڙيون
ڳالهيون به آهن جو ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. مثال
طور:
صفح 74 تي پشو پاشا، ربانيءَ جي ڪهاڻي ڪري لکي وئي
آهي ته وري صفحه 92 تي اهائي ڪهاڻي جمال ابڙي جي
ڪري پيش ڪئي وئي آهي. جا ڳالهه ٻئي ڇاپي ۾ صاف ڪري
ڇڏڻ گهرجي. اها سڀڪنهن کي خبر آهي ته اها ڪهاڻي
جمال ابڙي جي آهي.
صفح 66 تي استان دال ۽ بالزاڪ جي نقطئه نگاهه بابت
مونجهارو آهي. خبر ئي نٿي پوي ته لکندڙ ٽالسٽاءِ ۽
استان دال جي ڀيٽ ڪرڻ ٿو گهري يا ٽالسٽاءِ ۽
بالزاڪ جي!
صفحئه 13 تي ”ڀلا ڄاڻ، هن غلام، سندو سوال سڻج
تون“ واري مناجات ميان سرفراز ڪلهوڙي جي ڪري
ڄاڻايل آهي. ان جو هيل تائين ڪوبه پڪو پختو ثبوت
ڪونه ٿو ملي ته اها مناجات سرفراز جي آهي بلڪ ائين
صاف لکجي ته اها مناجات سرفراز سان منسوب ٿيل آهي.
ازانسواءِ اسان جي اديبن ۽ اشاعتي ادارن کي گهرجي
ته جڏهن سنڌي انگ موجود آهن ته پوءِ اهي ئي ڪتابن
آڻڻ گهرجن. سنڌي ڪتابن انگن لکڻ واري بدعت کي ختم
ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو ته ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ پروفن پڙهڻ
تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.
الائي ڇو، هن ڪتاب پڙهندي منهنجو ڌيان جنهن ڳالهه
ڏانهن گهڻو ڇڪجي ويو آهي سا مناسب سمجهيم ته ٻين
جي آڏو به پيش ڪري ڇڏيان. اها هيءَ آهي ته:
”سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ فائينل جي امتحان ۽ ٽريننگ ڪاليج
واري ٽن سالن واري تعليم جيڪا ڪجهه اڳ ڏني ويندي
هئي تنهن کي وري جاري ڪجي. البت ان سان گڏ
پڙهائيءَ جي ڏس ۾ هن دؤر جي گهرجن آهر نصاب پڙهايو
وڃي ته جيئن اسان جو پرائمري سکيا ورتل ماستر جيڪو
ٻهراڙيءَ جي اسڪول جي ڪرنگهي جو هڏو آهي، سو اُتي
به، موجوده دور جي گهرجن آهر تعليم ڏيئي سگهي.
ٽريننگ ڪاليج وارن ٽن سالن ۾ نصاب ان ريت پڙهايو
وڃي جو پهرئين سال ۾ انٽر آرٽس، ٻئي سال ۾ بي اي ۽
آنرس ۽ نئين سال ۾ ايم جهڙو نصاب ترتيب ڏئي پڙهايو
وڃي. جي ائين ٿيو ته اهي پرائمري ماستر، سنڌي ادب
جي ترقيءَ ۾ وڏو رول ادا ڪري سگهندا. |