انور ”فگار“ هَڪڙو
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه
محترم نياز همايوني جي سهڙيل دريا خان جي ڪلام جو
جائزو
محترم سائين نياز همايوني صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
محترم ۽ قابل، احترام هستي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
لاءِ سندس ڪيل خدمتون تاريخ ۾ سونهري اکرن سان
لکيون وينديون. پاڻ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ
آهي. منهنجو ساڻس گهڻي عرصي ادبي کان نياز منديءَ
جو رستو آهي. هڪ ڏينهن آءٌ ساڻس جاءِ تي ملڻ لاءِ
ويس، ته کيس علمي، ادبي مصروفيت ۾ ڏسي حيرت وٺي
ويئي، اهو شخص جنهن لاءِ سڀ ڪنهن ٿي چيو ته: ”هاڻ
لکڻ، پڙهڻ کان بس ڪري ويٺو آهي.“ تنهن کي پنهنجي
گهر جي هڪڙي ڪمري ۾ مختلف ڪتابن ۽ مسودن جي گهيري
۾ ڏسي محسوس ڪيم، ته پاڻ گهڻو وقت علمي، ادبي ۽
تحقيقي مصروفيت ۾ گذاريندو رهي ٿو. واقعي ڳالهه به
اهڙي هئي.
مون ان وقت ڏٺو ته وٽس چار پنج مسودا موجود هئا،
جن مان ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ سنڌي ترجمي لاءِ،
اردو منظوم ترجمي لاءِ ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، سنڌ
جي عشقيه شاعري ”اَڪ پچي ٿيا آنار“ پنهنجي سوانح
عمري ۽ سنجيده مزاحيه شاعري وغيره.
مسودن جي حوالن لاءِ جيڪي ڪتاب نظر آيا، تن ۾ تصوف
۽ تاريخ سان تعلق رکندڙ سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪتاب
سندس اوسي پاسي پکڙيا پيا هئا. ايتري ۾ منهنجي
منظر وڃي سندس تازي ترتيب ڏنل ڪتاب ”آءُ ڪانگا ڪر
ڳالهه“ تي پيئي. ڪتاب کڻي کولي ڏٺم ته ان ۾ تصوف
تي تاريخي ۽ تحقيقي مهاڳ پڙهندي، پڪ ٿي، ته ڪنهن
به ڪتاب جي ترتيب يا ترجمي لاءِ وڏي محنت ۽ جاکوڙ
ڪرڻي پوي ٿي، جنهن لاءِ لکندڙ کي پنهنجي پر ۾ گوشي
نشيني جي حد تائين رهي، پاڻ پتوڙڻو پوي ٿو.
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه اتر سنڌ جي مشهور صوفي خاندان
۽ ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار روحل فقير جي درويش پُٽ دريا
خان جو سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ڪلام ترتيب ڏياري تازو
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“
پاران شايع ڪيو ويو آهي. اهو ڪلام جيڪڏهن پنهنجي
جاءِ تي نج سون آهي، ته محترم نياز همايوني جو ان
تي لکيل مهاڳ سون تي سهاڳو ثابت ٿئي ٿو، جنهن ۾
تصوف جي تاريخ ۽ تحريڪ تي نهايت سهڻي ۽ سيبائتي
نموني سٺو مواد آهي.
ڪتاب ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ۾ تصوف جي تحريڪ جو
آغاز يوناني تاريخ جي سمجهاڻي ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن
مشهور فلسفي فيساغورث 500ق. م (فيساغورث اٽليءَ ۾
هڪ درسگاهه قائم ڪيو هو، جنهن ۾ شاگردن کي ٻين
علمن سان گڏ حڪومت ڪرڻ جي سکيا به ڏني ويندي هئي.)
۾ اشراق نالي ان کي اجاگر ڪيو هو ۽ هڪ ٻئي پٺيان
اتان جي مدبرن ان کي تحريڪ جي صورت ۾ اڳتي وڌايو،
تان جو ان جو پرثو اچي ايشيا تي پيو.
ماڻهن جو لاڙو، جيئن تصوف ڏانهن وڌندو ويو، تيئن
مذهبي طبقي جي مخالف منهن ڪڍندي ويئي، آخرڪار
بادشاهت پنهنجي زور تي لهي آئي، جڏهن اهي ٻئي تصوف
کي ختم ڪرڻ کان ناڪام رهجي ويا ته مصلحت جي واٽ
ورتائون، جنهن تي امام غزالي ۽ اڪبر بادشاهه پڻ
هلندي نظر آيا.
امام غزالي تصوف کي طريقت ۽ شريعت جي ميلاپ جو روپ
ڏيئي، اعتدال جي رنگ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انتها
پسندي وارو نُڪتو انهي راهه تي رڪاوٽ بڻجي پيو،
جنهن ڪري تصوف ۾ وڌيڪ سختي رونما ٿي ۽ ملامتي
طريقي عروج پاتو پوءِ ته هر ڪنهن کي هار مڃڻي
پيئي، پر بادشاهت کي تصوف کان وڌيڪ خطرو محسوس
ٿيو. ان ڪري هن اڳو پوءِ جبر ۽ تشد سان ان کي زير
ڪري پاڻ کي مٿي آڻڻ جا جتن ڪيا، پر ان جو ڪوبه
چارو نه چليو.
تصوف جي وڏي ۾ وڏي خاصيت ۽ خوبي اها آهي، ته هي
انسان کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڏياري انسان
دوستي جي بنياد تي کائنس سڀ مسئلا حل ڪرائڻ چاهي
ٿو. جيئن چيل آهي، ته:
اٿي جاڳ جائي، پوئي ڪـل ڪائي،
جاڳڻ ري جاليندي، سورن ۾ سدائي.
(دريا خان)
تصوف جو ڇٽ سنڌ تي عرصئه دراز کان جهُليل آهي،
جنهن صاف ۽ شفاف فضا ۾ هتان جا صوفي ۽ ساڌو ساهه
کڻندا رهيا آهن. انهن درويشن ۾ روحل فقير، ڪلهوڙن
جي دؤر ۾ اک کولي، ان وقت ميان يار محمد ڪلهوڙي،
شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي مغل بادشاهت وٽان ورثي ۾
مليل جاگيرداري نظام جو سنڌ ۾ بنياد رکيو، روحل
فقير پاڻ ڪجهه وقت غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ ملازم به
رهيو. ان عرصي دوران هو دنياداريءَ جو مشاهدو ڪندو
رهيو. آخرڪار سڀڪجهه ڇڏي تارڪ بڻجي، وڃي گوشي
نشيني اختيار ڪيائين ۽ بني نوع انسان جي دک درد جو
درمان ڪرڻ لڳو:-
ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين اُڀتا پير،
هڪ هندو ٻيو مسلمان ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
سا ڪندي ڪاڏي پير، جا سُتي ڪعبت الله
۾. (روحل
فقير)
درويش پُٽ دريا خان پنهنجي شاعريءَ وسيلي انساني
زندگي جا دک درد جنهن سوز سان ورجايا آهن. تن جي
جهلڪ اجهو هن ريت آهي:-
ماري، مارن جي مذڪور عمر، آءٌ اڪنڊي آهيان.
سرتين سنگهارن جا پلپل پون پور عمر.
خود شناسي پهريون ڏاڪو آهي، جنهن کان پوءِ خدا
شناسيءَ جي منزل نصيب ٿي ٿئي. ان ڪري دريا خان
انهن ڏانهن اشارو ٿو ڪري:
پاڻ وڃائي پاڻ سڃاتم، ٻيو ڄاتم سو ڄاڻ ويو.
محترم نياز همايوني صاحب ڪتاب ”آءُ ڪانگا ڪر
ڳالهه“ تي جيڪا محنت ڪئي آهي، تنهن لاءِ جس لهڻي.
اهو سندس وڏو ادبي ڪارنامو آهي. ڪتاب جي مواد مهيا
ڪرڻ ۾ وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان ڪم ورتو ويو آهي. هن ۾
فقيرن جون تصويرون، شجرا ۽ دريا خان کان علاوه
روحل فقير، مراد فقير ۽ خاندان جي ٻين فقيرن جا
ڪلام پڻ نموني طور ڏنا آهن. پڇاڙيءَ ۾ درگاهه جي
معتقد ۽ مشهور فقير صوفي جلال فقير سان گڏ هڪ هندو
مريد ٿانورداس شڪارپوري جو ڪلام به ڏنو ويو آهي.
ڪتاب ۾ اها پڻ وضاحت ڏني ويئي آهي ته دريا خان
ڪنڊڙي واري کان سواءِ هڪ ٻيو دريا خان (هنڱورجن
وارو) به هو، جنهن جو ڪلام به ڏنو ويو آهي، جيئن
خبر پوي ته ٻنهي فقيرن جي ڪلام ۾ خاص فرق موجود
آهي.
ڪتاب جي منڍ ۾ سنڌ جي سڄاڻ اديب ۽ شاعر سائين
امداد حسيني صاحب سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، جا ٻه
اکر به نهايت وڻندڙ ۽ وسن جهڙا آهن. ڪتاب جي ڇپائي
اهڙي ته معياري آهي، جو ان جي قيمت سٺ روپيا ڪا
اهيمت نه ٿي رکي. ڪتاب پورن ٻن سون صفحن تي مشتمل
آهي.
تابش بخاري- دادو
رپورٽ
نامياري شاعر بشير سيتائي جي شعري مجموعي ”ڏات نه
ٿيندي مات“ جي مهورتي تقريب رپورٽ
دادوءَ لاءِ مشهور آهي ”دادو جادو آهي“ ان جو
اندازو اهو شخص آسانيءَ سان ڪندو جنهن هڪ دفعو به
دادوءَ جو ماحول اکين سان پسيو هجي. دادوءَ کي
ڪهڙي ڪهڙي پهلوءَ سان ڏسجي هر پهلو تي هڪ وڏو ڪتاب
لکي سگهجي ٿو. دادو هر دور ۾ علمي، ادبي تاريخي
سماجي مرڪز رهيو آهي هن وقت به ادب ۽ ثقافت جي
حوالي سان ڪيتريون ئي تنظيمون پاڻ موکينديون رهن
ٿيون.
سماجي تنظيمن ۾ سگا (سنڌ گريجوٽ ايسوسئيشن) ينگ
سٽيزن ويلفئر ايسوسئيشن، سوا ڪا (سنڌ ويلفئر اينڊ
ڪلچرل ايسوسئيشن) ۽ ادبي تنظيمن ۾ سنڌي ادبي سنگت
دادو، بزم غالب دادو، استاد بخاري ادبي سنگت دادو،
استاد بخاري ميوزيڪل ڪلب، ۽ سنڌ جي مايا ناز شاعر
شهيد احمد خان آصف جي نالي سان ادبي تنظيم بزم آصف
مصراڻي قابل ذڪر آهن. جن دادوءَ ۾ ڪيترائي ادبي
ميڙ مچايا آهن.
تازو 26- مارچ 1993ع تي سنڌ جي نامياري شاعر بشير
سيتائي جي ڪتاب ”ڏات نه ٿيندي مات“ جي مهورت جو
پروگرام به بزم آصف مصراڻي طرفان رٿيو ويو. هي
پروگرام پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ رات جو 8 وڳي
کان شروع ٿيو. ان جون ٽي نشستون هيون.
1. مقالا
2. مشاعرو
3. راڳ رهاڻ
تقريب جي صدارت سنڌ جي مشهور شاعر نواز رڪڻائي
ڪئي. مهمان خاص ناميارو شاعر جوهر بروهي ۽ اعزازي
مهمان ۾ مشهور
نقاد امير بخاري ۽ نصير سارنگ هئا.
ڪتاب جي مهورت جي رسم استاد بخاريءَ جي فرزند
ڊاڪٽر الطاف بخاريءَ ادا ڪئي. نوجوان شاعر علي
دوست عاجز ڪارروائي هلائي. تقريب جي شروعاتي تلاوت
ڪلام پاڪ سان ٿي. تلاوت محمد صالح پنهور ڪئي.
سڀ کان پهريون مقالو پڙهڻ لاءِ ڊگري ڪاليج دادو جي
ليڪچرار اقبال پنهور کي سڏيو ويو. اقبال صاحب ڪتاب
جي مختلف صنفن جي وضاحت ڪئي ۽ شاعر جي تخليق کي
داد ڏنو. هن چيو ته بشير صاحب انسانيت جو آواز ۽
ماروئڙن مزدورن ۽ هارين جو شاعر آهي بعد ۾ مون کي
ڪتاب تي مقالو پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ اهڙي طرح رجب
آزاد سولنگي ڀنڊ به ڪتاب تي پنهنجي راءِ ڏني.
اعزازي مهمان نصير سارنگ کي اسٽيج تي ڳالهائڻ جي
دعوت ڏني ويئي. هن چيو ته سنڌي ادب ۾ تنقيد کي اهم
مقام حاصل آهي. تنقيد رڳو اوڻاين ظاهر ڪرڻ جو نالو
نه پر تنقيد هو شيءِ جي چڱيءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو
نالو آهي. هن چيو ته ارتقائي سفر ۾ اسان کي زندهه
هجڻ جو ثبوت ڏيڻو آهي. اهڙي طرح امير بخاري چيو ته
بشير جي شاعريءَ ۾ پختگيءَ سان گڏ سماج جو سمورو
دک درد موجود آهي.
هاڻي خاص مهمان سنڌ جي مشهور شاعر جوهر بروهيءَ کي
بشير صاحب تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو. بروهي صاحب
چيو ته ڌرتيءَ جي دک درد کي شاعري جو روپ ڏيڻ نه
رڳو ادب جي خدمت آهي، بلڪ عبادت پڻ آهي بشير ان ڏس
۾ ڀليءَ ڀت ڪامياب ويو آهي. ڪتاب جي مهورت ڪار
استاد بخاريءَ جي فرزند ڊاڪٽر سيد الطاف بخاريءَ
پنهنجي مختصر تقرير ۾ چيو ته: بشير سنڌي ادب جي
سونهن آهي هن جي شاعريءَ ۾ ساڻيهه جي سڪ سمايل
آهي. سنڌ جي شاعرن هميشہ قوم کي قومي شعور ڏنو آهي
سنڌ هميشہ پيڙائن مان گذري آهي. دُکي انسانيت کي
شاعرن ئي حوصلو ۽ ولولو بخشيو آهي.
دادوءَ جي ٻئي نوجوان شاعر اديب ۽ مقالا نگار رجب
آزاد سولنگي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته بشير غزل ۽ نظم
جي صنف جو سٺو شاعر آهي. هن جي غزلن ۾ روحانيت سان
گڏ دک ۽ درد سمايل آهي.
اهڙي طرح پيرل پرديسي. منصور سيتائي مجبور سيتائي
مهمان ۾ بزم آصف مصراڻي جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته:
شاعر سماج جو اولڙو آهي. شاعريءَ لاءِ سماج جو
مطالعو ضروري آهي. هن چيو ته شاعر قوم جو ضمير
هوندو آهي.
مشاعري ۾ دادو کان سواءِ ٻاهرين شاعرن پڻ پنهنجو
تازو ڪلام ٻڌايو انهن شاعرن ۾ دانشن ملاح، عاشق
دادوي، دلبر جمالي اسلم آسي، اختر لڪياري، دکي
داؤد، همدرد سنڌي، صالح پنهور، ڊاڪٽر اشرف، آصف
مصراڻي، پيرل پرديسي سيتائي، مشهور ميمڻ، مجبور
ميمڻ، محمد عثمان بيخود. منصور سيتائي، علي دوست
عاجز، صدف حسيني، قمرالدين قمر سمون، غلام محمد
دُر منگي، غلام مصطفيٰ صائب ميمڻ ذڪر جوڳا آهن.
آخر ۾ تقريب جي صدر جهوني اديب شاعر جناب نواز
رڪڻائي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته: بشير کي مون
ڪيترن ئي سالن کان ٻڌو ۽ پڙهيو آهي. هن جيڪي لکيو
آهي سماج ڏانهن ذميوار ٿي لکيو آهي، هن شهرت لاءِ
نه پرديس واسين کي شعور ڏيڻ لاءِ لکيو آهي. نواز
صاحب پنهنجو شعر به پيش ڪيو راڳ رهاڻ جي ڪمپئرنگ
منهنجي پُکي پيئي.
راڳ رهاڻ جي شاندار رچاءُ ۽ سٽاءُ ۾ مقامي موسيقار
بخشل شهاڻيءَ جو اهم ڪردار رهيو ۽ هن سنگيت جي
محفل ۾ استاد بخاري، بشير سيتائي، تابش بخاري
مقصود بيوس، پيرل پرديسي، تبسم ۽ ٻين جديد شاعرن
جو هيٺين فنڪارن اعجاز منگي، ذوالفقار ٿهيم. زاهد
علي شهاڻي، نذير احمد ڀٽو، سندر سنڌي آصف سخيراڻي
سرور سخيراڻي، قادر سنڌي، حسين بخش سخيراڻي ۽ سنڌ
جو نامياري فنڪار منظور سخيراڻي ڳايو، هن محفل کي
ٻڌڻ لاءِ سامعين رات جو اٽڪل 3 وڳي راڳ جي رس مان
چس وٺندا رهيا.
پروگرام لاءِ آيل اديبن ۽ شاعرن جي مانيءَ جو
بندوبست بزم آصف مصراڻي طرفان ڪيل هو. شال اهڙيون
روح پرور ادبي محفلون سڄي سنڌ ۾ قائم دائم هجن.
يادگار خط
مانوارا سائين ڄاموٽ حاجي خان سنڌي!
السلام عليڪم: روزانو هلال پاڪستان ڪراچي 25-8-87ع
۾ اوهان جو شايع ٿيل مضمون ”سنڌي سماٽ قبيلا“ نظر
مان گذريو. جنهن جي اڀياس کان پوءِ مون اهو ضرور
ڄاتو ته توهان کي خط لکان. اوهان جهن محنت ۽ جاکوڙ
سان مقالو لکيو آهي پوءِ ان جو بنياد ڪهڙي به
نظرئي تي هجي، اها ٻي ڳالهه آهي ليڪن لکندڙ جي
ورتل ڪوشش کي ان جو سلو ملڻ ضروري آهي. سماٽ قوم
جي احساس ڪمتري کي توهان چڱي ريت واضح ڪيو آهي.
سماٽ قوم جو اصل نسل بڻ بڻياد ڪٿان شروع ٿئي ٿو.
ان تي اڃا اونداهي جا پردا پيل آهن. ان جا بنيادي
سبب ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا هئا! اها ڳالهه نهايت تحقيق
طلب آهي. ٻين سببن سان گڏ توهان جيڪو ٻين قومن
جهڙوڪ عرب، پٺاڻ، مغل، بلوچ جي تسلط جو ذڪر ڪيو
آهي. ٻين سببن سان گڏ توهان جيڪو ٻين قومن جهڙوڪ
عرب، پٺاڻ، مغل، بلوچ جي تسلط جو ذڪر ڪيو آهي. اهو
پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي. ان جي تاريخي اسبابن کي
بيان ڪرڻ ضروري هو. هونئن به هي ڳالهه مڃيل آهي ته
مغلوب قوم هميشہ غالب قوم جي اثر کي قبول ڪري ٿي.
ليڪن اوهان جي تحقيق ۽ تاريخ جي ڄاڻ هميشه انهي
روايتي ڪليه کي بيان ڪيو آهي ۽ انهن مفروضن تي
قومن جي تاريخ کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ ٻي
ڳالهه ته ڌنڌن ۽ سماج جي پيداواري وسيلن جي بنياد
تي ڪم ڪرڻ ڪري، انهن ڌنڌن جي بنياد تي قومن جا اهي
حصا ذاتين ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اڄ ڪيترن کي ان جي خبر
نه آهي ته اسان جو بڻ بڻياد ۽ قومي تشخص ڪهڙو آهي؟
سومرن کان پڇبو ته هو پاڻ کي ”علوي“ ٻڌائيندا سمن
کان پڇبو ته هو پاڻ کي ”جادم“ جو اولاد ٻڌائيندا ۽
چوندا ته جادم عرب هو. ليڪن انهن ڪڏهن هن ڳالهه تي
سوچيو آهي ته جادم جيڪڏهن عرب هو ته پوءِ سندس پٽن
جا نالا هسبت، گجپت، ڀوپت، ڀلو ڀاڳيرت، ڪيئن ٿيا ۽
وري سمن کان پڇيو ته سومرا سماٽ آهن يا نه؟ ته
چوندا ته سومرو سماٽ ڪونه آهي، راجپوت آهي. خير
مَڃوسون ليڪن ”سومراءِ“ سمه جي جي شاخ وٽن ڪهڙي
آهي، سميجا آهن يا جوڻيجا يا ابڙا آهن وغيره ڪوبه
جواب ڪونه ٿو ملي.
سومرن جو عرب هئڻ تاريخ مان ڪٿان ثابت ڪونه ٿو
ٿئي. سومرا خود سنڌي اصل نسل ۽ سماٽ قوم جو حصو
آهن، جنهن لاءِ ڪافي تاريخي شهادتون آهن. هي هڪ
طويل بحث آهي. افسوس جو اڄڪلهه سماٽ قوم جي سلسلي
۾ جيڪي ميڙ ٿين ٿا، انهن تي وڏيري قسم جي ماڻهن جو
هٿ آهي. جيڪي محض پنهنجي برتري لاءِ چار پئسا خرچ
ڪريو دهل وڄائين ٿا. سنڌ جي قومن ۾ سميري، ميد ۽
دراوڙ اهم قومون آهن. خير ڪڏهين ملاقات ٿي ته
ويچارن جي ڏي وٺ ڪبي. باقي محترم الهرکيو ٻٽ
”سماٽ“ ڪتابڙو لکي سماٽ قوم جي سلسلي ۾ تمام
گهڻيون غلط ڳالهيون ڪيون آهن، جن کي مستند نٿو چئي
سگهجي ۽ سندن ڪتاب قابل اعتبار نه آهي. توهان
پنهنجي مقالي ۾ جنهن تاثر کي ٽوڙڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ته فخر جي نسبت کان پاسو ڪجي. سماٽ
قوم پنهنجي اصل نسل ۽ بڻ بڻياد تي ويچاري، اهو
لائق تحسين آهي. شال اسان جي سماٽ قوم کي ڪا ساڃهه
نصيب ٿئي ۽ هو عربيت ۽ بلوچيت جي خول مان، جنهن
سان هروڀرو پيچ اٽڪايو اچي. ان کان پاڻ کي آجو
ڪري. منهنجي خط جي لفظن ۾ ڪا، نه وڻندڙ ڳالهه هجي
ته ان کي درگذر ڪندا. والسلام، اوهان جو پنهنجو
محمد حسين ڪاشف
پوسٽ چمبڙ، وايا ٽنڊوالهيار
خط
ڪافي عرصي کان ٽماهي مهراڻ جا پرچا پڙهندو پيو
اچان. جنهن وقت کان اوهان هن سنڌ جي عظيم اداري جي
چارج سنڀالي آهي ۽ ۽ پنهنجي اداري مان پنهنجي
پياري رسالي کي جنهن محبت ۽ محنت سان سنواريندا
پيا اچو، سا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن کان اڳ به
مهراڻ وٺندو هوس ۽ لکندو هوس پر هن دفعي واري
مهراڻ ته رڪارڊ ئي ٽوڙڻ ڇڏيو. ڀلا رسالو ائين ڇو
نه نڪري، جتي توهان جهڙا پارکو ۽ ڄاڻو هجن ته پوءِ
اتي اهڙي ئي موٽ جي اميد بنا ڪنهن سوچ ويچار جي
ڪري سگهجي ٿي. هن دفعي جي ڪجهه شاعري، غزل ۽ وايون
موڪليان پيو.
آصف مٺياڻوي،
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
زرعي ترقياتي بئنڪ ڀريا ضلع نوشهروفيروز.
توهان جو ڏنل مهراڻ مليو. ان لاءِ لک قرب. وعدي
موجب نئين ڪهاڻي لکي نه سگهيس پر اڳ ۾ لکيل ڪهاڻي
حاضر آهي، جيڪڏهن وڻي ته مهراڻ ۾ هلائجو شايد
فرمائشي ڪهاڻيڪار نه آهيان ان ڪري لکي نه سگهيس.
ڪوشش جاري آهي. جيئن ٿي مڪمل ٿي، توهان کي ضرور
اماڻيندس.
حبيب الله شاهه
235/C
يونٽ نمبر 2 لطيف آباد حيدرآباد سنڌ
”مهراڻ“ هٿن ۾ آهي، سٽ سٽ ڪٺي ڪرڻ ۾ اوهان جي محنت
کان لنوائڻ منافقيءَ جي علامت ٿيندي. خطن ۾ مهراڻ
۾ ڇپيل مراد تي ٽيڪا ٽپڻي نظر نه آئي سواءِ هڪ اڌ
خط جي، اميد ته خطن ڏانهن ان ڳالهه جو ڌيان
ڏيندئو. ڪهاڻي/ شاعري ۾ ترجمو ڪونهي. خبر ناهي ڇو؟
مون نظم/ ڪهاڻي ترجمو ڪري اماڻيا هئا. خبر ناهي
انهن جو ڇا ٿيو؟ اڇا ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندڙ ليکڪن جي
اعزازي ڪاپي ڪئي اٿو ڇا؟ مون کي ته نه هيل ملي، نه
ئي اڳي.
آدرش
216/10، گهگهراڻي اسٽريٽ، شڪارپور
مهراڻ 4/1992ع ورتم ڪجهه پڙهيو به اٿم. سرسري راءِ
حاضر آهي. پرچي ۾ شاعري ڪافي سٺي آهي. مثلاً اقبال
رند، مظهر لغاري، توهان (خاص طور، ڪير ڄاڻي) ۽ نظم
(مون کان ئي ماچيس پني)، پارس عباسي، سعيد ميمڻ،
آدرش وغيره. مقصود گل، ميمڻ غلام نبي غازي، طارق
رشيد ۽ سرور نواز ٻگهيو جي شاعري غير متاثر ڪن
هئي. ڪجهه مواد پراڻو هو. مثلاً آدرش جون ڪهاڻيون
۽ نظم، وسيم سومري جون وايون، مقصود گل جي اياز کي
ڀيٽا ۽ سعيد ميمڻ جا ڪجهه پنجڪڙا. اهو مواد مختلف
اخبارن، رسالن ۾ اڳي ئي ڇپيل آهي. پيسٽنگ وقت
پراڻو مواد ڪڍي وٺندا ڪريو. حسن درس ۽ اعجاز منگي
جي شاعري به شايع ڪريو. بيدل مسرور نثري نظم خلاف
منظوم گند ڪيو آهي. نثري ڀاڱو اڃا ڪونه پڙهيو
اٿم.
بادل
پوسٽ آفيس پٿورو
ضلع ميرپورخاص
السلام عليڪم: بعد خيريت ته مهراڻ جي تازي شماري
موڪلڻ لاءِ وڏي وڏي مهرباني. ان اسان گڏ خوشيءَ جي
ڳالهه اها آهي ته هاڻي مهراڻ جي ذميواري
توهان جي بلي آهي ۽ توهان پنهنجي تجربي ۽ ادبي
خدمتن جي حوالي سان اميد ته مهراڻ کي نئين نموني
سان جلوه افروز ڪندا ۽ روايتي طريقي کان هٽي هڪ
نئين انداز ۾ پيش ڪندا ۽ سمورن دوستن ۽ پڙهندڙن جي
توقع جي عين مطابق هڪ معياري انداز ۾ جاري ۽ ساري
رکندا.
هن اداري طرفان به مهراڻ گهرايو ويندو آهي ۽ ان جي
3/1992ع واري ڪاپي ڪانه پهتل آهي. جنهن کي جلدي
روانو ڪندا ته مهرباني، باقي سڀ خير. توهان جو
پنهنجو
حيدر سنڌي،
اسلام آباد.
گذارش ته سورهين فيبروريءَ تي ڄام شوري ۾ اوهان
جنهن پاٻوهه ۽ پنهنجائپ مان مون سان پيش آيؤ. تنهن
خلوص لاءِ اوهان جو احساس مند رهندس. اوهان جو اهو
ورتاءُ ۽ ڪچهريون منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن.
اوهان جي حڪم موجب نياز همايوني جي ترتيب ڏنل
درياءَ خان جي ڪلام ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ جو جائزو
هن سان گڏ موڪلي رهيو آهيان. باقي کيئلداس ”فاني“
جو ڪلام ۽ ماهوار ”سنڌو“ تي هڪ مقالو لکي ترت
موڪليندس.
انور فگار هڪڙو
حق موجود. گذارش ته اڄ توهان سان مِلڻ لاءِ آيو
هوس. پر ملاقات نه ٿي سگهي. هڪ غزل اڪبر جسڪاڻي وٽ
ڇڏيو وڃان ٿو. اميد ته ايندڙ اشاعت ۾ ڇپبو
مهرباني. اصل ملڻ جو مقصد هو ته مون درياهي لفظ گڏ
ڪيا آهن جيڪي لغت ۾ ڪونه آيل آهن (چند جزوي لفظن
جي). ٻه سؤ صفحن جو ڪتاب ڇپائڻ کان لاچار آهيان.
چاهيان ٿو ته مهراڻ جهڙي سنڌيءَ جي مهان رسالي ۾
اچي. ائين منهنجي محنت جو ته قدري بلو ٿي پوندو ۽
سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو واڌارو ٿيندو.
نواز رڪڻاڻي،
آفيس سيڪريٽري
استاد بخاري اڪيڊمي، غريب آباد محله، دادو
مهراڻ 4/ 1992ع پهتو. انهي ڏينهن پڙهي اُڃَ
اُجهايم. اوهان اسان کي مناسب نمائندگي ڏني. ان
لاءِ قرب ٿورا. رسالي ۾ حبيب الله شاهه ۽ آشا جي
ڪهاڻين ”زرد زرد“ ۽ ”چُڀڪو“ بيحد متاثر ڪيو. حبيب
الله شاهه صاحب جن جي ڪهاڻي ”قومي سياسي سورمن“ جي
پت وائکي ڪري وڌي آهي. اهو ئي سبب آ، جو سياستڪارن
هينئر پنهنجي تقريرن ۾ اديبن خلاف محاذ کڙو ڪيو آ
ته سنڌي دانشور اديب پنهنجي مقالن، تحريرن ۾
نوجوانن کي مايوسي وارو مواد ڏين پيا هاڻ جڏهن
انهن جي ڪرتوتن کي، معاشري جي حقيقتن کي اديب
ايمانداريءَ سان پنهنجي عوام آڏو آڻين پيا، ته هنن
پنهنجي سياسي ناڪامي جو انتقام وٺڻ لاءِ اديبن
خلاف پروپئگنڊا مچائي ڏني آهي. جڏهن ته انهن قومي
سياست جو ماحول جنهن حد تائين ذلت واري مقام تائين
پهچايو، اهي ئي حالتون قومي سياست جي تباهي
بربادي، ماٺار ۽ ڪارڪنن جي بيزاري، مايوسي جو ڪارڻ
بڻيو اٿن. پر اسان وٽ هميشہ کان ائين ٿيو آ، جو
”مينهن“ پنهنجي ڪارنهن کي ڪڏهن نه ڏٺو آهي جنهن
ڪري ڳئون کي چوندي آهي ته ”هل ڙي پُڇ ڪاري“! وڏي
ڳالهه اها ته جن ڪارڪن سندن ئي تنظيمن مان مايوس
ٿي لکڻ کي پنهنجي جذبات جو اظهار بڻايو آهي، سي
سندن پول پڌرا پيا ڪن. هاڻ اهي حادثاتي طور پيدا
ٿيل ليکڪ جيڪڏهن سندن پت وائکي ڪن ٿا، ته سمورن
اديبن جو ڪهڙو ڏوهه؟ انهن وقتي ليکڪن کي اديبن
واري زمري ۾ شمار ڪري سڀني اديبن خلاف تقريرن
ليڪچرن ۾ پروپئگنڊا جو محاذ کڙو ڪرڻ ڪهڙي قسم جي
سياست آهي؟ بهرحال ادب زندگي چٽي ٿو. جيڪڏهن
پنهنجن ڪرتوتن تي غلاف چاڙهبا ته پوءِ ادب جو مقصد
وڃي ڇا رهندو؟ انهيءَ ڪري هن دفعي محترم حبيب الله
شاهه جي ڪهاڻي ”زرد زرد“ مهراڻ 1-2/1992ع پرچي ۾
فاروق سولنگي جي ڪهاڻي ”ڀاڙي جو دوست“ سندن
بدبودار ڪردار ۽ ڪوجهي چهري تي زوردار چماٽ آهي.
مون ان سلسلي ۾ هڪ مضمون بعنوان ”سنڌ جي قومي
ڪارڪنن کي دانشور اديبن مايوس ڪيو آ، يا
سياستدانن؟“ جي حوالي سان اخبارن ۾ مقالو اُماڻيو
آهي پڙهي ڪن ٺري ويندن....!
يادگار خطن وارو سلسلو به قابل تعريف آهي. انهيءَ
سان خبر پوندي ۽ اندازو ٿيندو ته اديبن جو پاڻ ۾
ڪيترو گهرو لاڳاپو ماضي ۽ حال ۾ رهيو آهي ۽ ڪيترو
ڏور هوندي به روحاني طور هڪ ٻئي سان ويجها رهيا
آهن. مون وٽ به ڪافي اهڙا يادگار خط آهن جن جو
انتخاب ڪرڻ به ڏکيو آهي. چند خط اماڻي رهيو آهيان
جيڪي اوهان کي مناسب لڳن ته هلائيندا. انهن خطن ۾
ادبي سماجي طور ڪجهه انهن منهنجي همت افزائي ۽
اصلاح ڪئي آ ته ڪجهه به نشاندهي ڪئي آهي. ڇو ته
ادب سکڻ ۽ سيکارڻ جو درس ڏئي ٿو. ايندڙ شماري ۾
منهنجو تحقيقي مقالو ”سنڌ جي قديم قبيلن بابت
مورخن ۽ محققن جي ٽوڙ ڦوڙ“ ضرور اچڻ گهرجي ڇو ته
اهو وقت جي ضرورت بڻجي ويو آهي. نه ته مون کي ٻين
رسالن، خصوصاً سنڌ دوست ڊائجسٽ جي ايڊيٽر اهڙو
دلچسپ موضوع هلائڻ لاءِ چيو آهي. جيئن ته مون اهو
مهراڻ ۾ ڇپيل مقالي جي موٽ ۾ لکيو آهي سو انِ لاءِ
ئي مخصوص ڪيو آ.... ادبي تقريبن جا فوٽو ۽ رپورٽون
ڏيڻ وارو عمل به ادب ۾ اتساهه پيدا ڪندو. اسان جي
سنگت جو تازو ممتاز ميراڻي جي، ايم اي سنڌي ادب
فرسٽ ڪلاس ماڻڻ واري حوصلي افزا مڃتا طور هڪ تقريب
۾ کيس ڀيٽا ڏني ويئي. اهو عمل علم ادب لاءِ هڪ
نئون اتساهه پيدا ڪندڙ آهي ۽ اسان جي سنگت هڪ نئين
روايت جو آغاز ڪيو آ. فقط خادم الادب.
ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي
نائب مرتب سنڌ سدا بهار پبليڪيشن ڪنڌ ڪوٽ
توهان چيو ته ”مون سڏيو توکي سدائين آهي سائين
سائين“ تنهنجو غزل، غير موزون هو تنهنڪري نه
ڇپيوسين“ توهان ”آهي“ لفظ تي اعتراض ڏيکاريو. جڏهن
ته ”آهي“ لفظ ”آهه“ به استعمال ٿيو آ، ته ”اُهي“
به ٿيو آ ۽ صرف ”آ“ به مستعمل رهيو آ. علم عروض جي
قاعدي مطابق حرف علتيه حذف ڪرڻ جائزو آهن ۽ تقطيح
جو سڄو مدار صوتيات تي آهي. انهيءَ ڪري الف مَدَ
(ٻيو الف) حذف ڪرڻ جائز آهي ۽ ”هي“ جو ”ي“ به حذف
جائز آهي، منع احتياط جي حد تائين ايستائين آهي
جنهن مفهوم ضايع نه ٿِي وڃي:
تقطيعَ هن ريت ٿيندي:
مون سڏيو تو- کي سدائين، آهي سائين، سائين
فاعــــلاتن فَـــــعَــــــلاتـــــن
فـــــَعَــــــــلا فــعــلن
مُون سڏو تو که سدائين آههِ سائين سائين.
رسالي مهراڻ ۾ ڏٺو آ ته جن کي ساڪن متحرڪ جي مذڪر
مونث جي خبر ڪانهي، يا مورڳو مشاهدو ئي ڪونهي، تن
لاءِ به پورو صفحو سيڙايو ويو آهي. مثال مهراڻ
4/1992ع صفحو 42 ۾ پارس عباسي جا هائيڪا، جن کي
توهان ٽيڙو به سڏيو ٿا.
ملاحظ فرمايو،
بوندن جي جهرمر
مينهن، واچ بي ساختو
واري جي ڪِر ڪِر.
بوندن جي جهرمِر نه پر ڪڻ ڪڻ ٿيندي آ، جِهرمِر
تارن جي روشنيءَ جي ٿيندي آ، يا کڻي چئجي ته بلبن
جي جهِرمِر لڳي پئي هئي، سا به روشني ٿِي.
ٻي سِٽ ۾ مينهن، واچ بي ساختو. مينهن کي ڪاما، جدا
ڪري، واچ جي ساختو کي الڳ رکيو ويو آ. گرامر ۾
واچَ مونث آهي، جنهن لاءِ بي ساختِي چوڻ گهرجي.
ڇو ته اصل لفظ پارسي، بي ساخته آهي. سنڌيءَ ۾ ان
کي واءُ ڏئي بي ساختو ڪبو، ۽ مونث لاءِ ”ي“ ڏئي بي
ساختي ڪبو:
ڪائي جهلَ نه پَلَ
چنچل ڀنڀورين ڪئي
گلڙن سان کينچل،
سبحان الله! ڇا ڀنڀوري ۽ ڇا گل جو واسطو؟ ڪيڏي نه
مشاهدي جي ڪمي آهي؟ ڀنڀوريون هميشه لوڙهن ڍَنگرن
ڪکن ڪانن تي ويهنديون پاڻ ۾ کينچل ڪنديون آهن.
سندن گذران مَڇَر هوندا آهن، پارس عباسي کي ڪهڙي
خبر ته گلن تي صرف پوپَٽ رانديون رونديون ڪندا آهن
۽ ڀؤنرا رسُ چُوسيندا آهن ٽيون ٽيڙو:
گوري جي گهونگهٽ
ريشم جهڙي پوتيءَ تي
پشمي پشمي پَٽ.
هڪڙو ته ”پشمي پشمي پَٽُ“ ٿيو. ٻيو ڪهڙو پُٽ
ٿيندو؟ جنهن لاءِ تشبيهه طور آندو ويو:
ساڳئي صفحي تي پارس جو گيتُ به آهي، جنهن ۾ ٿلههُ
اول به آخر به، ٻه دفعا ورجايل آهي ۽ گيت جا صرف
ٻه مصرع آهن، پر ڀرپوُر گيتُ ڪيئن ڏسڻ ۾ اچي، اهو
ته آڊيٽ واري جو ڪمال آهي. جو ٿلهه جو ورجاءُ ڪري
ٻه ڀيرا ڇپي، ڇڏجي، جيئن گيت رونق ڪري بيهي، ۽
قيمتي پيج سندس ئي نالي رهي، علاوه انهيءَ جي، ساز
برفت ۽ بشير سيتائيءَ جا ٽي ٽي غزلَ واڌو قطعات
ڏنا ويا آهن. ڪن لاءِ ته ارڙهن اوڻيهه صفحا به
سيڙايا ويا آهن توهان پاڻ به پاڻ لاءِ چار صفحا
مخصوص ڪيا آهن ڇا اِها ٻه اکيائي ناهي؟
هوڏانهن اداريه ۾ لکو ٿا ته ”سنڌي ادبي بورڊ ڪنهن
به گروهه جو محتحمل نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اَنا،
ذاتي مفاد، نانيءَ ڪُنڙي جهڙيون برايون انهيءَ
هڪڙي برائيءَ مان جنم وٺن ٿيون. هڪڙي لمحي لاءِ
اسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻي پوندي. ۽
انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻو پوندو ته ڪٿي اسين به
انهن روايتن کي جنم ته نه پيا ڏيون؟ جن کي اسين
پاڻ وڏي واڪي نِنديون ٿا،“ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته
سائين! اسان اهڙي بي واجبي کي ڇا سمجهون؟
ادبي سياست، ذاتي مفاد، انا يا نانِيءَ ويڙهو:؟
چيو مُرجهائجڻ کان پوءِ گُلن پنهنجي مُقدر کي
ٽِڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبُو ئِي اَجائِي وئي.
مدهوش جوهي
السلام عليڪم: عرض ته اوهان صاحبن جو موڪليل ڪتاب
”سکر جي تاريخ“ بروهي صاحب خميس ڏينهن کڻي آيو.
اوهان ڀائرن جا لک لائق.
ادا سائين، ڪتاب ۾ هيٺين بزرگن جو احوال لکيل نه
آهي جو مسودي ۾ لکيل هو. (1) ڀائي وسڻرام (2) پارو
شاهه (3) ماستر نبڀراءِ. اهي بزرگ روهڙي شهر جا
ويٺل هئا ۽ بيدل فقير جا طالب هئا. اڃا به ڪي
ڳالهيون رهيل آهن. مثلاً مولوي عبدالحق، مولوي
عبدالڪريم انصاري. هي بزرگ 1939ع مسجد منزل گاهه
واري واقعي ۾ گرفتار به ٿيو هو. کيس شڪارپور روڊ
تي سلطان هوٽل لڳ هڪ وڏو ڪتابن جو دڪان پڻ هو ۽
ٻيا ڪي بزرگ رهيل آهن. اڃا مان تاريخ پوري طرح
ڪونه پڙهي آهي. الله نور صاحب سکر جو باشندو نه
آهي. هي صاحب اصل نواب شاهه ضلع جي ڪنهن ڳوٺ جو
رهندڙ آهي. نوڪري سانگي سکر ۾ رهندو هو. شيدائي
صاحب جي ڀائٽين سان دوستي هئس. پاڻ به پڙهيل
نوجوان ۽ غير شادي شده هو. علامه شيدائي صاحب کي
هڪ جوان نياڻي پڻ هئي، جا کيس عقد ۾ ڏنائون. ميان
الله نور هڪ ذهين پڙهيل ۽ عالمن جي صحبتن ۾ ويهندڙ
شخص آهي. کيس وڏي ٻوجهه آهي. پر سکر جي اصل
رهواسين کان ايترو واقف ڪونهي.
بهر ڪيف جيڪڏهن اوهان کي مٿين بزرگن جو احوال
گهرجي ته آئون موڪلي ڏيندس. هن خط رستي اطلاع
ڏيندا. جيئن ٻي ايڊيشن ۾ ان جو پورائو ڪيو وڃي.
حاجي الله جڙيو انصاري سکر
ٽماهي مهراڻ جو نئون پرچو 4/1992ع بازار مان خريد
ڪيم. سچ پڇيو ته مهراڻ جو ڪافي انتظار رهي ٿو.
مهرباني ڪري مهراڻ کي وقت تي شايع ڪندا. توهان جي
دور ۾ مهراڻ حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. انهيءَ تي
اوهان کي سوين مبارڪون.
ٻيو هڪ عرض ته سنڌي مرثيو، سنڌي ادب عاليه جي هڪ
لازوال صنف سُخن آهي، بدقسمتي سان ان تي سنڌي ادب
۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. مهرباني ڪري ڪجهه تحقيقي
مقالا، سنڌي مرثيه گو شاعرن جهڙوڪ سيد ثابت علي
شاهه، مير حسن علي ٽالپر تي لکرائي. مهراڻ شايع
ڪرائيندا. جيئن سنڌي ادب ۾ ان صنف سخن ۾ گهٽ شايع
ٿيل مواد جو ازالو ڪري سگهجي. ان کان علاوه سنڌ جي
قديم آثارن بابت ڪو سلسلو شروع ڪندا. ڇاڪاڻ جو
اسان جا آثار قديم ڏينهون ڏينهن زوال پذير آهن. ان
کان اڳ جو اسان سمورو قيمتي ورثو وڃائي ويهون، گهٽ
۾ گهٽ ڪجهه رڪارڊ ته انهن جو موجود هجي، ٻيو سڀ
خير والسلام
سيد اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
اوهان صاحبن جو خط اٽڪل 14 تاريخ تي پهتو. اوهان
جيڪي سوال خط ذريعي پڇيا آهن؛ انهن جا جواب هن خط
۾ مختصر نموني لکيا اٿم. مان سمجهان ٿو ته سنڌي ۽
بروهي قومن جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪيتريون مشترڪ
ڳالهيون آهن. جن تي قلم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. ٻئي
زبانون ۽ قومون تاريخ کان اڳ واري زبانن ۽ قومن
جون باقيات آهن ۽ تاريخ واري دور ۾ ٻنهي جا لاڳاپا
اڪثر ويجها ۽ دوستاڻا رهيا آهن. انهن کي قلمبند
ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ٻئي مقالي بابت به پنهنجي عالمانه سوچ ۽ فڪر لکي
موڪليندا ته خبر پوي. انشاء لله هاڻي جلد ٻنهي
زبانن جي هڪ جهڙاين بابت لکندس. اوهان جو پنهنجو
سنڌي ٻوليءَ جو فدائي
نذير احمد ”شاڪر“ بروهي
اوهان جو خط پهتل آهي. هڪ مقالو موڪليان ٿو. ان
سان گڏ فوٽو به آهن. جيڪڏهن فوٽن سان گڏ مقالو
ڇپيندا، ته ڏاڍو سٺو ٿيندو: ٻي پرچي لاءِ ٻيو
مقالو به ڪجهه وقت کان پوءِ اوهان ڏانهن موڪلي
ڏيندس. والسلام اوهان جو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ڳچ عرصي کان ٽماهي مهراڻ کان قلمي سلسلو ڪٽيل رهيو
آهي، ڪجهه پنهنجي سستي ۽ ڪجهه مصروفيت جي ڪري،
اوهان جي اچڻ سان ”مهراڻ“ جو مان مٿاهون ٿيو آهي ۽
اڃا به مٿاهين ٿيڻ جي جي اميد آهي. مهراڻ قديم ۽
جديد ليکڪن جي مشترڪ ميراث آهي. ان ڪري ان جو
توازن برقرار رکڻ ضروري آهي. امتيازي سلوڪ سبب
ادبي حلقن ۾ وري ڄوٻول پيدا ٿيندو. آئون سمجهان ٿو
ته اوهان قديم ۽ جديد ادب مان صحتمند لکڻيون شايع
ڪري مهراڻ کي مقبولِ عام بڻائيندا ۽ ”هڪ هٽي“ واري
لاڙي جي مزاحمت ڪندا. هونئن به مهراڻ جي ايڊيٽري
مکڻ جي شيخ پچائڻي آهي. ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي
ماڻهن کي راضي ڪرڻ اوکو ڪم آهي.
بشير سيتائي،
شاهه آباد محلو، دادو
حسيني سائين السلام عليڪم:
مخدوم صاحب جي لاڏاڻي تي تعزيتي تاثرات خدمت ۾
موڪلي رهيو آهيان. اشاعت جي قابل هجن ته شامل ڪرڻ
فرمائيندا. اميد ته توهان هر طرح خوش خرم هوندا.
نياز مند
عنايت زنگيجو
سڪ سندا سلام قبول پون. هن وقت توهان جي مهراڻ سان
رهاڻ ڪري رهيو آهيان. سچ ساهه ۾ سانڍڻ جوڳي آهي.
پڙهندي پڙهندي توهان کي مبارڪون ڏيڻ تي دل ٿي، سو
اهڙي ڪاوش لاءِ سچ پچ توهان جي سڄي ٽيم کيرون
لهڻيون. سموري هند، سنڌ ۾ هيءَ رسالو پنهنجي مٽ
پاڻ آهي، ڇو جو خاص ڪري مون جهڙن لاءِ جن سنڌيءَ ۾
اڃا چڱو سفر طئه ڪرڻو آهي. تن لاءِ ته اها مخزن
خزاني مثل آهي. مان هروقت اهڙين مخزنن جي تلاش ۾
رهندو آهيان جنهن سان، اسان کي صحيح سنڌي سکڻ لاءِ
ملي. پر هن ۾ ته مواد به ڪافي اوچو ميسر آهي. ڇا
چوان ٻيو ان جي تعريف ۾. اهو ٿو چئي سگهان. شل اها
مخزن ”مهراڻ“ مثل اڳتي وڌندي ويجهندي رهي ۽ سنڌي
ادب جا باغ سرسبز ڪندي رهي. آمين.
ٻيو هن خاڪسار جو نماڻو عرض آهي ته هن خط سان هڪ
نظم به موڪلي رهيو آهيان. جي جاءِ ڏيڻ جوڳي سمجهو
ته حوصله افزائي ٿيندي. هونئن مان هڪ ساهت پريمي
کان وڌيڪ حيثيت نه ٿو رکان. گذريل ڇهن سالن ۾
جيتري سنڌي سکي سگھيو آهيان اها توهان جي سامهون
آهي. ڪا غلطي هجي ته ٻار سمجھي چُڪ ڏانهن ڌيان
ڇڪائيندا. منهنجو ننڍڙو تعارف. هن خط پٺيان ڏنل
آهي. بس اهو سمجھندا ته مون تمام اميد وچان اهو خط
لکيو آهي. اميد جي قدر قيمت توهان سمجھندا هوندا ۽
آئون به سمجھان ٿو. وڌيڪ توهان جي آسيس جو طلبگار.
قرب مان
موهن هٿاڻي |