سندس گھڻي مشهوري، هڪ سنڌي فلم ۾ ڳايل ڪلام ”ويک
مري دا چلتا، جو روز وَهيندا رستا“ سان ٿي. انهيءَ
ڪلام جي ڌُن، سنڌ ۽ بلوچستان جي عظيم موسيقار ۽
بينجو وڄائيندڙ مرحوم بلاول بيلجم جي ٺاهيل هئي.
بلاول، پنهنجي دور جو لاثاني، باضمير ۽ شاندار
فنڪار هو، جنهن کي نه رڳو پنهنجي فن جي ڄاڻ هئي،
پر اُن تي ناز ڪرڻ به سهڻي انداز ۾ ڄاڻندو هو.
هروڀرو ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ هو نه سکيو هو. هر وقت
پنهنجي فن ۾ ٻڏل، يارن سان سچار، ۽ دل وارن جو
يار. وقت جا وڏا وڏا موسيقار سندس آڏو هروڀرو
اجائي هام به نه هڻي سگھندا هئا، تنهن ڪري ساڻس
ڳالهائڻ کان ڪئو ڪندا هئا. مرحوم جي شڪل ڪوجھي ۽
ڳالهائڻ کُهرو، پر سچو، گھڻو وقت ريڊيو پاڪستان
سان وابسته رهيو. زيڊ اي بخاري ۽ اُن جا ٻولڙيا
سندس فَنَ جا سچا قدردان هئا. مرحوم بخاريءَ کان
پوءِ هن جي لاءِ ريڊيو جا دروازا ڪڏهن کلندا هئا
ته ڪڏهن بند ٿيندا هئا. فنڪارانه بيپرواهي ڪري، هن
۾ پابنديون مڙئي گھٽ ۽ وقت اهڙو آيو جو فن جي دنيا
ريڊيو به هڪ سرڪاري ۽ ڪامورڪو ادارو بڻجي ويو.
همراهه حيدرآباد مان تنگ ڇنائي ڀڳو، نيٺ سليم
گيلاني کيس لاهور سڏائي، لاهور ريڊيو تي ملازم
رکيو، ۽ اُتي ئي گذاري ويو پويان يارن ۾ محض
يادگيريون ڇڏي ويو.
حسين بخش خادم جو اهو پهريون رڪارڊ هو جنهن سندس
مشهوري ڪئي- پر فقير هو، سو اِن مشهوري تي ڪڏهن
نازُ نه ڪيائين، ۽ نه ئي واهه واهه ورتائين. دل ۾
سکڻ جو شوق، ۽ اڳتي وڌڻ جي آس، محض فقيراڻي ويس تي
ڀاڙي ويهي رهيو. اُنهيءَ دور ۾ شاهه لطيف جي ميڙي
جي موقعي تي ڳائڻ معنيٰ وڏي ڳائڻي جي سَنَدَ ۽
لطيف جو ميڙو به اُن دور ۾ سياسي ۽ سماجي ڇڪتاڻ
کان پري هو، محبت جو ميڙو، ماڻهن ۾ ميٺ ۽ ٻڌڻ وارن
۾ جَسَ ڏيڻ جا جوڀن. عالم، شاعر ۽ اديب به دل جي
حضور سان اچي اتي ڀيڙا ٿيندا هئا، نه شڪايت نه
ميار، محض محبوب جي حاضريءَ جو خيال ۽ شوق، نه هئا
باغ بنگلا، نه هيون ڪي ٻيون بندشون، کليل ميدانن ۾
نينهن جا نعرا- هر ڪنهن جو ٻول پنهنجو، پر ڳالهه
رڳو پريت جي. دوئي جو نالو نه ڪو نشان، هر هنڌ اهي
ئي محبت وارا ۽ هڪٻئي کي سَهَڻ ۽ ڀانئڻ وارا خيال
۽ پڙاڏا. مون حسين بخش خادم کي اُتي ئي وڏي خيال
سان ويهي ٻُڌو. راڻي مان ڪافي ڳائي هئائين جنهن جو
ٿلهه هو:
”منهنجي راڻل کي ڪو رحم پوي، ڏور وڃيو ڏينهن لائي“
اهو شايد 60-1961ع جو زمانو هو. نه مون کي سنڌي
راڳ جي ايتري ڄاڻ هئي نه سنڌ جي ٻهراڙين جي اُٿي
ويٺيءَ جو علم، بَس ٻين ٿي واهه واهه ڪئي، مون به
ويٺي ٻُڌو. البت سندس شخصيت دل ۾ پيهي ويئي. تان
جو استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مهر
واري نظر سان آئون لطيفي ميلي جي ثقافتي سرگرمين
جو سرگرم ڪارڪن ٿيس. منهنجي عمر ننڍي هئي ۽ فقيرن
چواڻيءَ ته مون واري شڪلڙي به ڪا موچاري هئي. اسان
جا راڳائي صوفي سرمست، مون کي ڏسندا هئا ته هڪ ٻئي
کي ٺُونٺيون هڻي، پنهنجي مجاز واري رنگ کي ڪُريزون
ڏيندا هئا. معنيٰ جي ملڪ جا اهڙا گُفتا ڪڍندا هئا،
جو مون کي سمجھ ۾ ئي نه ايندا هئا، البت سندن ديدن
جا ڍنگ ڏسي، آئون ڳاڙهو ٿي ويندو هئس، ۽ ٻولي به
کٽي ويندي هئم. سندن ٻول ٻچن ٻڌي، مون ۾ ورندي ڏيڻ
جو به حوصلو ڪين هوندو هو، بَس ڪَن ڳاڙها ڪري،
پوئين پيرين ڀڄندو هُئس. اهڙي مجاز جي ماريل ڳائڻن
جا اڳواڻ مرحوم فقير عبدالغفور ۽ حسين بخش خادم
هئا.
ٻنهي فقيرن جي ياري گھاٽي، سدائين، جو هڪٻئي کي
”پير- ڀائي“ چوندا هئا. فقيرن عبدالغفور تيز ۽
مُنهن تي ڳالهه ڀُڪائڻ وارو ۽ حسين بخش خادم وري
ميم ۽ مارئي ڳائڻ وارو، ڳالهه ٻنهي جي ساڳي. تات
اُهائي مجازي محبت واري. مون کي ياد ڪونهي ته هنن
ٻنهي ڪڏهن مون سان ڪوسو ٿي ڳالهايو هجي، سدائين
ميٺ محبت سان، دل جو حال اوريندا هئا. جڏهن مون
ٿوري گھڻي سمجھ واري واٽ تي پڳڙا ڌريا، تڏهن سندن
مقالن جو انت لڌم، ۽ جڏهن سندن ڳالهيون، سندن
مُنهن ۾ ڏيندو هئس ته کلندا هئا، لڄي نه ٿيندا
هئا. بس چوندا هئا ”هائو مرزان اهو به زمانو هو،
هاڻي ته اسان کان اهڙيون ڳالهيون ڇڏائجي ويون آهن،
بس گذري کي سلام، اڳتي لاءِ خيال.“
حسين بخش خادم، مخدوم صاحب جن جي مجلس ۾ ويهڻ ڪري،
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ شانائتو انسان بڻيو، هروڀرو نه
ڪنهن سان کونئس ڪندو هو نه ئي وري ڪنهن کي پنهنجي
کٿي کي هٿ لائڻ جي موڪل ڏيندو هو، بَس وقت سِر ۽
ضرورت آهر سنگت ساٿ ۾ ٿوري گھڻي سياست راند ڪري
وڃي پار پوندو، ۽ اُن ۾ گھڻي ڀاڱي کيس چڱيون
ڪاميابيون پلئه پئجي وينديون هيون، پر سياست اهڙي
جنهن ۾ دوستن يارن کي رنج نه رسي، مطلب راند اهڙي
رمي، جنهن ۾ لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي، نانگ
به مري ته لٺ به نه ڀڄي. ان لحاظ سان اڪثر ڳائڻن
جا ننڍا وڏا جھيڙا به، ٽياڪڙ بڻجي نبيرڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. اهي جھيڙا گھڻو ڪري، عام محفلن ۾ مليل
پئسن تي مچندا هئا ۽ اڪثر انهن جي شروعات فقير
عبدالغفور مرحوم طرفان ٿيندي هئي. راڳ جي محفلن ۾
اهو دستور آهي ته ڳائڻ وارو مليل ڪنهن محفل جي لاڳ
جو ڪو حصو ساز وڄايندڙ واري کي ڏيندو آهي. پڪواز
واري لاءِ ٻه آنا ته پيٽي (هارمونيم) واري لاءِ
چار آنا وغيره. فقير عبدالغفور مرحوم اول ته لاڳ
طور مليل اصل رقم هڻندو هو اُبداڻي ۾، پر وڄائڻ
وارن جون ان ڏس ۾ ديدون بنهه تکيون، دُهلڙيءَ تي
تار به پيا مُڪائيندا ته دل ۾ مليل رقم جو ليکو به
ويندا آهن پڪو ڪندا. فقير جا ٽوپا پنهنجا، ۽ وڄتن
جا ليکا سچا. گھڻي وٺ وٺان کان پوءِ نيٺ حسين بخش
مرحوم ڀڙڪو کائي اُٿندو هو، ۽ اکيون ڦوٽاري، ڏند
ڪرٽي، اُڀو ٿي اچي فقيرن جي مٿان پوندو هو، ۽ کيس
ڇينڀ ڪڍي، نادري حڪم سان، وڄتن کي حق وٺي ڏيندو
هو، فقير غفور جي هڙ مان چار ٽڪا گھٽ ٿيا ته بِر
ٿي بيهي رهندو هو، ۽ قصو تڏهن وڃي ٺهندو هو، جڏهن
فقير حسين بخش خادم پنهنجي حصي مان ڪي ڪڻا ڪڍي،
فقير مرحوم جي جھوليءَ ۾ وجھندو هو، تڏهن وڃي ٺاپر
ٿيندي هئي، تڏهن به مرحوم عبدالغفور جي ڀڻ ڀڻ جي
ڀنڊي گھٽبي خيرڪي هئي. اهي ڳالهيون پنهنجي ماڳ، پر
حقيقت ۾ هو ٻئي هڪ ٻئي کي گھڻو ڀائيندا به هئا ته
خيال به ڪندا هئا. ٻنهي جي پاٿاري هڪ، ۽ ڪچهريون
به ڳُجھيون ۽ سربستيون، جنهن ۾ ٻي ڪنهن کي گھڻو
ڪري شامل نه ڪندا هئا. ڇو، جنهن جي ڪَل مون کي
ڪڏهن ڪانه پئي.
حسين بخش خادم مرحوم جي عام ۾ صحيح معنيٰ ۾ گھڻي
سڃاڻپ تڏهن ٿي، جڏهن سنه 1974ع ۾ آئون ٽي وي واري
لڏي ۾ اچي شامل ٿيو هوس. ان کان اڳ شاعر جي حيثيت
۾، سندس ڪلام، ”ويهه نه وڃ منهنجا مِٺا، اڃان
توسان دل جو ڳالهيون ڪرڻيون اٿم“ محمد يوسف ڳائي،
سنڌ جي هر وسنديء واهڻ ۾ کيس مشهور ڪرائي ڇڏيو هو.
ٽي وي تي مون سان سندس ڪيئي رهاڻيون ٿيون، ۽ نيٺ
74-1975ع ڌاري ڪراچي ٽيليويزن طرفان هڪ وڏو لوڪ
ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح بلوچستان جي
مشهور لوڪ فنڪار فيض محمد بلوچ جي هٿان ڪرائي، هڪ
نئين ريت جي پيڙهه رکي وئي هئي. انهيءَ ميلي جا
چار حصا هئا، جيڪي چئن ئي صوبن جي نمائينده فنڪارن
۽ هنرمندن تي مشتمل هئا. هر صوبي جو سرواڻ ڪونه ڪو
پروڊيوسر هو، سنڌ صوبي جي آڳ واڳ منهنجي حوالي ٿي.
ٻين سان گڏ مون حسين بخش خادم کي به سڏ ڏنو ۽
اُنهن ڏينهين ڪراچيءَ جي عوام آڏو، سليمان شاهه جي
مقبوليت پنهنجي عروج تي پهتل هئي، ماڻهو بلا
اميتاز کيس ٻڌي جھمريون پائي نچندا هئا. روز شام
جو سنڌ پويلين تي کلي اسٽيج تي سمورا فنڪار واري
واري سان پنهنجو فن پيش ڪندا هئا، گھڻا ڳائڻ وارا
سليمان شاهه کان پوءِ ڳائڻ لاءِ تيار نه هوندا
هئا- پر هڪڙي شام مون فقير عبدالغفور ۽ حسين بخش
خادم کي انهيءَ تي آماده ڪيو ته هو سليمان شاهه
کان پوءِ ڳائين. ٻئي همراهه نٽ نٽاءَ ۾، پر مون
پنهنجي ڳالهه نه مٽي جو منهنجو خيال هو ته اِهي
ٻئي فقير پنهنجي رمز ۾ نئون رنگ ڪندا ۽ ماڻهن کي
ٻڌڻ ۽ نچڻ لاءِ ضرور بيهاريندا. سليمان شاهه ڏاهو
مڙس، تنهن کي جو اها سُڌ پئي ته هن به ڳائڻ ۽ نچڻ
سان اصل ويهون وڄائي ڇڏيون. ماڻهن جون هن جي ٻول
ٻول تي اصل هنڀوڇيون لڳيون پيون هيون، فقيرن جو
اهو لقاءُ ڏٺو سو اڳتي وڌڻ جي هام ئي نه پيا هڻن.
مون کي به دل ۾ ٻه ٽڪا الڪو ٿيو ته اهو رس ٽٽڻ
ڏکيو- اوچتو منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته هنن ٻنهي جي
ڪلام کي مٽائجي. سو چيومان ته ”لال ميري پت رکيو
ڀلا“ ڳايو. مڙس ڪڙي ڪڪوهه جون ٻه ٻه وٽيون پي،
جڏهن پڙ ۾ لٿا ته ڀنڀور کي ڄڻ باهه لڳي وئي. ماڻهن
۾ وجد جي ڪيفيت پيدا ٿي پئي. ڪن کي ته اصل قواليءَ
واري رنگ وارو حال پئجي ويو. هڪڙي ڪڙي جي ڪيف جي
مستي، مٿان مون واري ڀروسي جو خيال، همراهن اصل
پاڻ کي ڦٽي ڇڏيو. پنجن منٽن وارو ڪلام، سهڻن بيتن
سان سينگاري اٽڪل ڪلاڪ ۾ پورو ڪيائون. تڏهن به
ماڻهن سندن جند نه ڇڏي، پوءِ به ٻه ٽي ڪلاڪ ڪُڇي
وڃي پار پيا. تنهن ڏينهن، پهريون ڀيرو فقير حسين
بخش مون کي جَس ڏنو ۽ چيائين ”ٻيلي مرزان صاحب
اِهو تنهنجو عقل، نه ته جيڪو اسان ٿي ڳايو، تنهن ۾
اهڙا بڇڙا ٿيون ها جو راڄ ڏسن ها“. بعد ۾ هن
انگريزي اخبار اسٽار ۾ هڪ انٽرويو ڏيندي چيو هو
ته، ”اسٽيج تي ڪهڙي مهل ڇا ڳائجي ۽ ڪيئن ڳائجي اهو
مون ممتاز مرزا کان سکيو. هن مون کي اهو به
سمجھايو ته يڪتارو ڪين ملائجي، ۽ ڪهڙن ماڻهن آڏو
ڪهڙو ڪلام ڳائجي.“ اڪثر هنڌن تي مون لاءِ اهڙا اکر
چئي مون کي ڦڪو ڪندو هو. اها هئي سندس وڏ گردائي ۽
ٻئي کي شابس ڏيڻ واري خوبي، جا اسان جي اڪثر يارن
۾ بنهه نه هئڻ جي حد تائين گھٽ هوندي آهي:
هنجھ مڙيئي هنجھ، ميرو منجھن ناهه ڪي
جتي رهن سنجھ، سو سَر ڪَرين سرهو.
سنڌ جي راڳ جي سنجٽ ۾، حسين بخش خادم اڃا تڏهن
گھڻو چمڪيو، جڏهن فقير عبدالغفور جي ساٿ ۾، محترم
حميد آخوند کي اوڏو ٿيو. حميد جي غفور سان دل
جھجھي ۽ غفور به حميد جي سڳي ۾ مضبوط ٻڌل، جو سندس
انگل آرا دلي خوشي سان کڻندو ۽ پورا ڪندو هو. حسين
بخش به انهيءَ سنگ جو فقير، پر مهذب ۽ سيبتو. شروع
شروع ۾ ته حسين بخش بنهه گھٽ ڳالهائيندو هو، پر
جڏهن وِٿيون ڀريون، هڪ ٻئي جي پاڻي جو پتو پيو ته
حسين بخش به پنهنجا پکڙا پڌار ڪيا. حجت سا هو به
گھٽ ڪندو هو، پر ڳالهين ۾ ڀڙ، موقعي سان گفتگو
ڪري، ڪنهن کي مٿي ڪرڻ ته ڪنهن کي ڪيرائي پٽ ڪرڻ
سندس ڏائي هٿ جو ڪم. ڳالهه اهڙي ڍنگ سان ڪندو هو،
جو سندس ڪهيل ڪوڙ به سچو ٿي نچڻ لڳندو هو. اها ٻي
ڳالهه آهي ته فقير مرحوم خادم گھڻو ڪوڙ کي آڏو نه
ويندو هو، چرچي گھَٻي طور ڪنهن تي ڪو ڪوڙ بدوڙ
هنيائين، ته پل کن ۾ اُن جي اُجرائي به ڪري ڇڏيندو
هو، جيئن سندس دل به صاف ته اڳلي جي اجائي ارهائي
جي به انتها.
سنڌي راڳيندڙ جي حيثيت ۾ حسين بخش کي پهريون ڀيرو
حميد آخوند صاحب جرمني وٺي ويو هو. اُن کان پوءِ
وري فرانس ۽ يورپ جي ڪن مُلڪن ۾ صوفي راڳ پيش ڪرڻ
لاءِ ويو. جتي هارمونيم تي ڳائڻ بنهه ممنوع هو.
ساڻس گڏ عبدالواحد جماليءَ وارا به انهيءَ سفر ۾
شامل هئا. اُتي جي ماحول ۾ مون ٻڌو ته چڱو رنگ
لاتائين. حميد آخوند صاحب جن جي مهربانيءَ سان هڪ
ڀيرو وري مون کي آمريڪا وڃڻ جو موقعو مليو. انهيءَ
سفر ۾ اسان سان فقير حسين بخش به ساڻي هو. نيويارڪ
جي لوهه ۽ سيمنٽ واري شهر جي مکيه علائقي مين هٽن
۾، روز ويلٽ هوٽل ۾ اسان جي رهائش هئي. سڄي
پاڪستان جا فنڪار اسان سان گڏ هئا، پر اسان وارن
فقيرن جا ويس وڳا ٻين مڙني کان علحده، سهڻا پٽڪا،
شهپر ۽ سونهاريون، رستن تي ماڻهن جي پنهنجي هڻ-
وٺ، پر تڏهن به گھڙي پل، انهن همراهن کي ڏسڻ لاءِ
سيڙهي بيهي رهندا هئا. حسين بخش گھڻو ڪري، پنهنجي
ڪمري کان ٻاهر گھٽ نڪرندو هو. حميد جي اها عادت
رهي آهي ته هو پاڻ سان جيڪي همراهه کڻندو آهي
اُنهن جي پوري سار سڀنال لهندو آهي ۽ خاص ڪري مُلڪ
کان ٻاهر ته بنهه گھڻو خيال ڪندو آهي ته جيئن اسان
جا هي سادڙا ۽ سچا دوست ايئن نه ڀانئين ته سندن
سار سنڀال لهڻ وارو ڪو ڪونهي. نيويارڪ جي انهن
ڏينهن ۽ راتين ۾، حسين بخش جي غير موجودگيءَ کي
حميد محسوس ڪيو، سو هڪ ڏينهن زوريءَ کيس پيرين
پيادو نيويارڪ گھمائڻ لاءِ وٺي نڪتو. حميد هلڻ ۾
ڇُڙت ۽ فقير جو پنڌ سُست. گھڙي سوا جي پنڌ کان
پوءِ فقير صاحب چيو ته مون کان اصل هليو نه ٿو
ٿئي. حميد چيس ته ”هتي جي ماڻهن جو هلڻ ڏس، سستي
ڇڏ“. گھڙي ساعت اڳتي هلياسين ته فقير پڙ ڪڍي بيهي
رهيو. چي، ”منهنجي شگر بنهه گھٽجي وئي آهي، مون کي
ڪا مٺي شي کاراءِ؟“ حميد آئيس ڪريم وٺي ڏنس، چي،
”ٿڌ ۾ آئيس ڪريم ڪيئن کائيندس جي ٿڌجي پوندس ته
ڳائيندس ڪيئن“؟ ائين چئي، جواب ٻڌڻ سواءِ شروع ٿي
ويو. آئيس ڪريم کائڻ، کائي چَڙهه ڪيائين ته حميد
پڇيس ته ”فقير هاڻي ڪيئن ٿو ڀانئين؟“ چي، ”اي
سائين. بس هاڻي ڪا گاڏي ڪر ته هلون هوٽل تي شگر
ليول وڌي وئي آهي، ٽنگون ساڻيون ٿي پيون آهن.“
حميد چيس ته، ”هتي پنڌ ۾ مزو آهي، هي عمارتون ڏس
ڪيڏيون اوچيون آهن، رستا ڪيڏا وڏا آهن، ماڻهو ڏس
ته ڪيئن نه ڀڄ ڀڄان ۾ آهن، توکان سڏ پنڌ جو ڪونه
ٿو پڄي. ”فقير پوئتي- ڪنڌ مٿي، پٽڪي ۾ هٿ،
اُتانهيون عمارتون ڏسي، پنهنجي مُنهن پيو گاريون
ڏي ته، ”هيڏيون عمارتون مون واري پٽڪي ڪيرائڻ لاءِ
جوڙايون اٿن.“ فقير حسين بخش بيلجم ۽ لنڊن ۾ به
اسان سان گڏ هو، اُتان اسان کي ماسڪو وڃڻو هو- پر
سنڌ مان ڪن دوستن مرڪزي حڪومت ۾ پڪاريو ته حميد
آخوند هن سفر ۾ رڳو سنڌي آرٽسٽ وٺي ويو آهي، پنجاب
جو ڪو به آرٽسٽ ان ۾ شامل نه آهي، ان ڪري سنڌين کي
موٽايو، جيڪي دوست موٽيا تن ۾ حسين بخش خادم به
شامل هو.
فقير پنهنجي ڌڻين، توڙي گھر وارن کان موڪل وٺي آيو
هو ته هو مهيني سوا کان اڳ واپس وطن تي واڳ نه
وارئيندو، سو هاڻي جو سندس واپسي جو پڪو پختو
فيصلو ٿيو ته يار جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. زمانن کان
پوءِ پهريون ڀيرو مون حسين بخش کي ايئن ڳالهه
ڳالهه تي ارهو ۽ وهلور ويندي ڏٺو- ڳائڻ توڙي کلڻ
تان دل کڄي ويس. ذاتي طرح سان هن همراهه جي ايئن
واپسي نه حميد آخوند کي پسند هئي نه مون کي، پر
حالتون اهڙيون اچي بڻيون هيون جو حميد پنهنجي انا
جو مسئلو اچي بنايو، ۽ اُن ۾ منهنجي ذات جو وڏو
مسئلو هو. انهيءَ ڳالهه کي به اڳتي اڇو ڪجي، پهرين
ڳالهه ڳڻجي فقير حسين بخش جي، جو ان فيصلي کان
پوءِ، وک وک تي وهلور ۽ ويچارو. ٻين فقيرن سان
ڪُنڊن ۾ پيو ڪهاڻيون ڪهي ڪڇي، پر ڪو همراهه وڌي
اسان کان احوال وٺڻ لاءِ تيارئي نه پيو ٿئي. ايئن
ڄڻ اسين سندن ساهه جا دشمن هجون. جيڪي همراهه لنڊن
مان واپس ورڻا هئا تن ۾ حسين بخش کان سواءِ الهه
بچايو لاسي، عبدالواحد جمالي، سڄڻ فقير ۽ عثمان
فقير ماڇي شامل هئا. الهه بچايو لاسي ته نه ڪنهن
جي آئي ۾ نه وئي ۾، بس پنهنجي مُنهن گھَڙي سان پيو
گفتا ڪندو هو، ۽ ميم ۾ مارئي ڳائي، مون کي پيو
ميارون ڏيندو هو. عثمان ماڇي سنگ ۾ منهنجي ڪري
شامل ٿيو هو، پر هڪ ٻه پروگرام ڪرڻ کان پوءِ مڙس ۾
واءَ ايڏي ڀرجي وئي جو پٽين پير به نه پيو لڳس.
اصل ڏيڏر وانگر ڦوڪجي ڦوڪجي ڦاٽو ٿي. سڄڻ فقير
راڳائي فقيرن ۾ ڄڻ سياستدان، دل جو کُنڊ، ڳالهين ۾
چالاڪ ۽ تيز وقت جي سَرسي سمجھي، اُن گھلندڙ واءُ
کي منهن ڏيڻ وارو. آڳاٽي وقت کان وٺي منهنجي ساڻس
ڏيٺ ويٺ هئي. ٿلهو ٿنڀرو، گيڙو فقيراڻو پٽڪو،
سياري اونهاري ململ جو گيڙو ۽ پڻئي جي سُٿڻ، هلڻ
چلڻ ۾ پنهنجي ڏيا هڪ ڀيرو ته ماڻهو سندس ڊيل ڊول
کان ڏهڪاءُ کائي، سندس ڳالهين ۾ ڳڱاٽجي ويندو. پيو
سندس منڊيل ڪاڪ جون ڳالهيون ڪندو، پر چئن پنجن
ڪچهرين کان پوءِ سُڌ پوندي ته ٻيلي، ”اَڇي پڳ مَ
پس، اندر مڙئي اڳڙيون“ اندر جو ڪارو ڪانوَ، حضوري
هَنج تي مڙئي سرسيءَ سان سوار. ماڻهن جي مصلحتن جا
منڊَ مڙئي مَتارا، ڪٿي هيڻا ڪٿي ڏاڍا، ڪٿي ڪات ته
ڪٿي ٻَڪرو. اهي سموريون رمزون سڄڻ فقير ۾ موجود.
جھڙو نالو اٿس تهڙو جي انگ هجنس ها ته سندس ڳُڻ
ڳڻڻ کان ٻاهر هجن ها. هن همراهه جي ريت مڙني فقيرن
کان نرالي آهي. سدائين سَرسي وارن جو ساٿي، پنهنجي
فائدي لاءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ واري مان ٻه ٽڪا رسيا
ته پنهنجي پرين يار کي به ڪهائي وڃي پار پوندو.
لنڊن ۾ انهيءَ همراهه ٻين ماڻهن سان ملي، ڪيئي
دانهون پڪارون ڪيون، عادت آهر منهنجون ۽ حميد جون
سفارت خاني وارن وٽ گلائون ڪيون، پر انهيءَ هلچل ۾
اوڦٽا کاڌا ڏسي، هٻڇ سان کائي، نه رڳو ڀرجي پيو،
پر ڳَڙهه به نڪري پيس، سو اچي پَسڻ پيس ته الائجي
ڇا ٿئي، ڳوٺ واري جراح جي نشتر ۽ هتي واري ڊاڪٽر
جي هٿ ۾ ڪهڙي شفا- هڏا نه رُلائين، سو اُن به کڻي
ماٺ ڪئي. فقير حسين بخش ڏينهن اڌ ته ماٺ ۾ رهيو،
هيڏانهن هوڏانهن ٻين يارن سان ڳالهيون ٻولهيون
هلايائين ۽ نيٺ هڪڙي ڏينهن لنڊن جي لطيف شام جو،
اچي منهنجي ڪمري ۾ ويٺو. رات گذارڻ جو سَٺو ڪري
آيو هو. هونئن ته فقير حسين بخش هروڀرو ڪنهن خرچ
کان پرهيز ڪندو هو، سنگت ساٿ ۾ پيالي پاڻي جي
ڳالهه ٿيندي هئي ته سعيو ڪري ٻين کي هُشيون ڏيندو
هو، خاص ڪري زور هوندو هوس فقير عبدالواحد جمالي
تي ته ”سنُگ جو اڳواڻ آهين تون پيالي جو حيلو ڪر.“
فقير عبدالواحد جماليءَ سان به منهنجي آڳاٽي ڏيٺ
ويٺ هئي، نهايت سادو ۽ مسڪين مارو ماڻهو، ڳائڻ جو
شوق آڻي ٽي. وي. ڀيڙو ڪيس. هوڏ هئس ته هو اُن وقت
جي ٽي. وي. جي ايم. ڊي جي زمينن تي هاري آهي. اُن
جا اچي احوال ڪيائين ۽ دڙڪا ڏنائين. اسان به
پنهنجي ليکي، سو سندس دڙڪن جي دام ۾ نه آيس،
همراهه کي کُتو جواب ڏنم، ”ڏسنداسين.“ تڏهن همراهه
ورتي هيٺاهين، حالي احوالي ٿياسين، موقعو ٽاري، ٻي
واري کيس سڏايم ۽ سندس پروگرام ڪيم. انهيءَ وقت ۾
ڀٽائي جو ميڙو به اچي مٿان پيو، دعوت لاءِ چيائين،
مون کيس سڏيو ۽ جيئن ئي موقعو مليو ته کيس اڪيلي
سر ڳائڻ جو وارو ڏنم- اڪيلي ڳائڻ جي ڳالهه ڳري،
مزو نه ڪيائين جو حميد آخوند مون کي ميار ڏني ته،
”هي وري ڪهڙو ٻاڙو همراهه آندو اٿئي!“ بس، اُهو
ڏينهن وري فقير عبدالواحد جمالي کي اڪيلي سر ڳائڻ
جو وارو نه ڏنم. پوءِ ڪي سال ايئن رڳو ٽي وي تي
ملاقي ٿيندا هئاسين. بعد ۾ حميد آخوند ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز جي آڳ واڳ سنڀالي، تڏهن مختلف فنڪارن
کي ڀٽ تي سنڌي راڳ ويراڳ کي سمجھڻ ۽ فنڪارن جي ماڻ
پروڙڻ خاطر کين ٻڌڻ جو انتظام ڪيو. انهن ڏينهن
دوران، فقير حسين بخش خادم، مرحوم دوست علي فقير
جي بار ۽ سفارش تي، عبدالواحد جمالي کي اڳتي آڻي
پيش ڪيو. عبدالواحد اڪيلي سر ڳائڻ جوڳو گھٽ هو، سو
محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه جي فقيرن واري سُنگ سان
گڏجي ڳائڻ لڳو، ۽ اُن ۾ چڱو رَسُ ٿي ڪيائين. اڳ
اسان واري راڳ جي سٽاءِ ۾ جيڪو سُنگ هو، تنهن ۾
فقير عبدالغفور، مرحوم حسين بخش خادم، عنايت علي
فقير، ڍول فقير، فقير يار علي ۽ چاڪر چانڊيو وارا
شامل هوندا هئا. ان جو اڳواڻ فقير عبدالغفور مرحوم
هو، جيڪو پنهنجي ڏيا ۽ انداز سان ڏاڍو رنگ
رچائيندو هو. اسان جڏهن عبدالواحد جمالي واري سُنگ
جي رمز ۽ رنگ ڏٺو تڏهن فيصلو ڪيوسين ته انهيءَ سٿ
جي ٺاهيل سُنگ جي جاءِ تي جمالي فقير وارن جو اصلي
سُنگ سهڻو آهي، ان کي اڳتي ڪجي. اهڙيءَ طرح حميد
آخوند جي صلاح سان عبدالواحد جمالي جي اڳواڻيءَ ۾
نئون سنگ ترتيب ڏنو ويو. جنهن ۾ عبدالواحد اڳواڻ
سڄڻ فقير، مولي ڏنو فقير، نثار حسين فقير، محمد
جمن فقير ۽ محمد علي شيخ ڀرجھلا قائم ڪيا ويا.
انهيءَ سنگ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻه چار سال ته
عبدالواحد جمالي جو پير پٽ تي کتل هو، پر حميد
آخوند جي چڱائي ۽ فقيرن سان پريت اهڙي جو هنن مان
ڪن ماڻهن کي ڏيسارو وٺي ويو ۽ اُتي وڃي پنهنجي فن
کي پيش ڪيائون. بس اُهي ڏينهن اُهي شينهن، همراهه
هوا جي اصل اَهنڊ گھوڙي جو هسوار بنجي ويو. جلدئي
حميد آخوند کيس ڪو زمين جو چڱو خاصو ٽڪرو، حڪومت
کان وٺي ڏنو، ۽ مٿان پنهنجي خاص عادت آهر جنهن مهل
آيو، تنهن مهل بنا حساب ڪتاب جي چڱا خاصا ڏوڪڙ
ڏئي، همراهه کي ”فقير“ مان ڦيرائي ”وڏيرو“ ڪري
ڇڏيو. منجھس ميٺ محبت گھٽي، هوڏ وڌي، پيسي جي زور
منجھس اڃان گھڻي پيسي جي طلب پيدا ڪئي، مُڙڻ ۽
جُڙڻ واري ڪار وساري ڇڏيائين، جي ڪٿي ڪَس ڪسر ٿي
ته سانورو رنگ ٽامڻي هڻي ويندو آهي، پوءِ اکيون
ڦوٽاري پيو ڀُٽ ڀُٽ ڪندو. اڳ هو رضا تي راضي ۽ هر
ڪنهن جي حال تي هلڻ وارو، پر هاڻي هو پاڻ کي هر
لحاظ سان راڳاين جو اڳواڻ ڀانئي، اُنهن تي دڙڪا
دهمان به ڪندو آهي. هڪڙي ڀيري مرحوم حسين بخش خادم
جي موجودگيءَ ۾ مون کيس اِهو گفتو چيو ته،
”عبدالواحد تو مان فقيري وئي، هاڻي تو ۾ وڏيرائپ
اچي وئي آهي. فقيري ۽ وڏيرائپ جو پاڻ ۾ ڪهڙو
لاڳاپو!“ همراهه گھڻو ئي وهلور ٿيو، پر فقير حسين
بخش خادم پهريون ڀيرو مون سان سهمت ٿيو، تنهن به
کيس چيو، ته ”فقير ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾، جي
سنگت ڏورڻي آهي ته پوءِ ايئن مُنهن مَٽائڻ فقيري
ڦيري منجھ نامناسب آهي.“ سامهون ته حسين بخش خادم
به ايئن هو، پرپٺ ڪهڙي پٽي پڙهائيندو هون، تنهن جي
مون کي ڪڏهن ڪل نه رهي. بهرحال عبدالواحد جمالي
پنهنجي هر رنگ جي باوجود ماڻهو ته ميڻا وارو هو،
ڪڏهن مُڙڻ وارو هو، هاڻي عقل وڌيو آهي ته سوالن
جوابن جي ڦند ۾ ڦاٿل آهي، اسان وٽ ته ايئن آهي ته،
”هو پنهنجي ڄاڻي اسان پنهنجي ڪريون،. انهيءَ ۾ ئي
چڱائي آهي جو فقيرن جي دنيا پنهنجي ۽ اسان وارا
پنڌ پيچرا پنهنجا. توڙي رسائڻ ۽ نڀائڻ ضروري آهي،
گھاري وجھجي ته سُٺو، اڳلو پنهنجي ڪهڙي به ڪار
ڪري، ٻي کي مُڙي، اُنهن يارن جي سار لهڻ جڳائي
جيڪي اسان جي راڳ واري سٿ جا ڪنهن نه ڪنهن اعتبار
کان سرواڻ هجن“- اسان هنن يارن سان سدائين اِها ئي
پت پاري آهي ۽ پاريندا رهنداسين جو اسان جي من جو
ڪاڍو ڏانُهن مڙيئي سَرسُ سوايو آهي:
پليان پليو نه رهي، نرتئون نينهن نبُار
گھڙان گھوريو جندڙو، اُٽلَ مون اَپارُ
جنين مَنُ ميهارُ، هلڻ تنين حق ٿــيو.
فقيرن جي ڳالهه وچان پانڌان نڪتي، ان لاءِ جو اڪثر
حسين بخش خادم، مون واري رنگ ۾ پيالي پاڻي جو بار
ورهائيندو هو. انهن همراهن تي، پاڻ اُتي ٻه ٽڪا
لڙائڻ کان گھڻو ڪري پاسو ڪندو هو. بس سندس خو هئي
ته ”جي ماسو جُڙيئي مال ته پوڄارا پُر ٿيين.“ سو
پاڻ اِن ونڊ ۾ حصو نه وٺڻ جي باوجود، سنگت سان
ويهي مستيء واري پيالي ۾ ڪڙي قاتل واري ريجھ رهاڻ
جو اڳواڻ ٿي، تڪون ڏيئي وٽيون پيئندو هو: پر لنڊن
واري اُنهيءَ شام جو پنهنجي هڙان ڌارئي ملڪ جا
ڏوڪڙ خرچي، منهنجي پسند جو مَنڌ وٺي اچي مون ڀيڙو
ٿيو. اول اچرج لڳم، پوءِ سندس من جي مدعا معلوم
ڪري، سمجھيم ته اندر جو بار لاهڻ، منهنجو منجھُ
ڪڍڻ ۽ مٿان ميار رکڻ لاءِ اهو سعيو ڪيو اٿس. کلي
پڇيومانس، ”فقير وڏا، هيءُ ڪافر ڪيئن ۽ ڪڏهن ڪُٺو؟
ايڏي شاهه خرچي توکان ڪيئين پُڳي؟“ گھڙي پل لاءِ
مون ڏانهن ماٺ ميٺ ڪيو نهاريندو رهيو، آهستي
پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي، شهپرن تي هٿ ڦيريندي، چيائين ته،
”مرزان ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين، اِها بيدي مون پاڻ سان
پاڻهي ئي ڪئي آهي- دل گھڻي ملول هئم، سو اهو زهر
جو ڍُڪ ڀري اچي تو ڀيڙو ٿيو آهيان“. ايئن چئي ڪڙي
ڪڪوهه جي وٽي ڀري، هڪڙي ڳيت ۾ اندر ۾ اوتي ويهي
رهيو. اندر ۾ اوتيل ڪوڙاڻ جي تڪليف لٿي ته فقير
هلڪي سرور ۾ آيو، هاڻي هو شينهن شير خدا جو هو، ۽
ڪنهن به اجگر آڏو سيني ساهڻ لاءِ تيار. مون سندس
مَن جي مذڪور کي اڳي ئي سمجھي ورتو هو، پر مان هن
جو حالُ سندس واتان ٻڌڻ جو گھورو هئس، سو ماٺ ڪري
کيس ڏسندو رهيس. مون واري ماٺ مڙس کي نه وڻي، سو
ڀڙڪو کائي چيائين، ”هي ڦٽ ۽ ڦچ تنهنجي ڪري آهن، تو
کي ترسائڻ لاءِ حميد آخوند صاحب اسان کي ٿو واپس
ڪري.“ لنڊن جي هڪ ٺاهوڪي هوٽل ۽ ٿڌڙي موسم ۽ مون
کي مونجھ اچي ٿي، سو مون اُٿي، ڪمري جي دري کولي،
جتان ٿڌي هوا جو جھوٽو آيو، بند ڪوٺيءَ جي مُند ئي
مڙئي ڪجھ ٿڌو ڪيو، مون منهنجي اندر جي گُهٽ به
گھَٽ ٿيندي محسوس ڪئي، ٿوري سامت ۾ اچي چيومانس،
”نيٺ مون ڇا ڪيو؟“ فقير مون کي ورندي ڪانه ڏني،
تيزيءَ سان، پنهنجي معمول جي اُبتڙ گلاس ختم ڪري،
مون کي گھورڻ لڳو. پراڻي بلا پيٽ ۾ پئي کان پوءِ
فقير کي اچي پگھر ورايو. آواز اُڪليس ئي نه پيو.
مون سوچيو ته، ”فقير پنهنجي من ۾ الائي ڪهڙي ڪُڪِر
ڪُٺي آهي، ۽ ديڳڙ دَمي آهي، شال ٻاجھاري کي ٻاجھ
پئي ۽ هيءَ ڏکي گھڙي مون تان لهي وڃي.“ نيٺ هن هڪل
ڪري، هُڏيءَ سان مون کي چيو ته، ”تو هڪڙي جي ڪري
اسين پنج سنڌي واپس ٿا ورون. تون جي وئين ته ڪهڙي
قيام ٿيندي، تون ۽ علڻ ڪي آسمان تان لٿا آهيو
اسان جا نالا موٽڻ وارن ۾ ڪين هئا، تنهنجو ۽ علڻ
جو نالو هو، آخوند صاحب توهان ٻنهي جي ڪري اسان کي
موٽائي ٿو، سو سٺو نه آهي.“ آئون ڳالهه جي تري
تائين پهچي ويس ته اِها چور پچور ته يارن ۾ هلي
پئي ۽ سڄڻ فقير پنهنجي چالاڪيءَ سان سفارتخاني جي
ماڻهن کان سڄي ڳالهه معلوم ڪري ورتي هئي. مون کيس
سمجھايو ته ڳالهه ڪيئن آهي.
ادارهء ثقافت پاڪستان، اسلام آباد طرفان، لنڊن،
بيلجم ۽ سوويت يونين جي ثقافتي سفر تي هڪ لوڪ
موسيقارن جو جٿو وڃڻو هو. حميد آخوند انهيءَ جو
اڳواڻ هو، ۽ سندس مهربانيءَ سان آئون اِنهيءَ
طائفي جو مئنيجر مقرر ٿيس. اهو پيپلس پارٽي جي
حڪومت وارو زمانو هو ۽ خواجه شاهد حسين صاحب جھڙو
لائق ۽ ثقافت سان حُب رکڻ وارو انسان، کاتي جو
مرڪزي سيڪريٽري هو. خواجه صاحب جو حميد آخوند سان
تمام جھجي محبت وارو پير هو ۽ اڪثر معاملن تي حميد
جو ساڻس شديد اختلاف به ٿيندو هو، پر جيئن ته حميد
جو جھيڙو جائز ۽ حق تي هوندو هو، تنهنڪري اڪثر
فيصلو حميد جي ئي حق ۾ ڪندو هو. دراصل حميد جي
شروع کان وٺي اها خو رهي آهي ته سنڌ جي ثقافت،
سياحت، آثار قديمه ۽ ٻين تاريخي مسئلن تي پنهنجي
جديد انداز واري راءِ ڏيندو رهيو آهي. سندس اِهو
انداز روايتي آفيسر شاهي ۽ جي حضوري صاحبن جي حساب
واري دائري کان ٻاهر هوندو آهي. ان لحاظ کان حميد
پنهنجا دشمن گھڻا دوست گھٽ ٺاهيا. اِها دوستي يا
دشمني ڪا ٻني ٻاري واري نه هئي، فقط سوچ جي انداز
واري هئي- نئين ۽ پراڻي فڪر جي فرق تي هئي. حميد
پنهنجن روشن نظرين ۽ سنڌ جي مجموعي ثقافتي سڌاري ۽
واڌاري لاءِ واضع ۽ پختن خيالن جي ڪري، پير پوئتي
ڪرڻ واري مصلحت کان پالهو هو ۽ ٻيا صاحب رڳو
صدارتي ڪرسي تي ويٺل صاحب جي راين ۽ صلاحن تي ڪَنڌ
ڌوڻي هائوڪار ڪرڻ وارا. اڪثر اهڙين ڪُرسين تي ويٺل
محترم صاحب، پنهنجي منصب جي لحاظ سان دنيا جي
مڙني ڄاڻ جي معاملن جا ماهر هوندا آهن، يعني اِٽي
ڏڪر راند جي اصولن کان وٺي ڪنهن اعليٰ عالم اديب
شاعر جي فڪر ڪلام تي راءِ ڏيڻ تي قدرت رکڻ وارا ٿي
ويندا آهن، اُنهن کي ڪا صلاح ڏيڻ ڄڻ سج کي آرسي
ڏيکارڻ برابر، پر حميد اهڙن صاحبن جي اڪثر راين تي
نه رڳو پنهنجي راءِ ڏيندو رهيو، پر سنڌ جي ڀلائيء
خاطر اُنهن سان اختلاف به ڪندو رهيو آهي. خواجه
شاهد حسين کي حميد جي شايد اها ئي ادا وڻي وئي
هئي، جو اڪثر ثقافتي طائفن جي تياريء ۾ کانئس صلاح
ضرور وٺندو هو. لنڊن، بيلجم ۽ روس واري سفر ۾ به
حميد سان صلاح ڪيائين، جنهن ۾ هن جٿي ۾ گھڻي کان
گھڻا سنڌي فنڪار رکيا، جن ۾ محمد يوسف، علڻ فقير،
فقير عبدالواحد جمالي، سڄڻ فقير، عثمان فقير ماڇي،
الله بچايو لاسي، الله بچايو کوسو ۽ حسين بخش خادم
شامل هئا. باقي ڪي ادارهء ثقافت پاڪستان جا ناچو ۽
فنڪار هئا.
سنڌ ۾ هيءُ سياسي دور پنهنجي مخصوص نوعيت وارو هو.
پارٽي جا ڪارڪن جيڪي ”جيالا“ چوائيندا هئا، انهن
جي دماغن ۾ ايڏي هئي هوا ڀريل جو هر ڪنهن جي پٽڪي
لاهڻ ۾ ويرم نه ڪندا هئا. حميد، سنڌ جي ثقافت کاتي
مان بدلي ٿي چڪو هو، تنهن ڪري اُن جو ايڏي طائفي
جي، جنهن ۾ ٽيهه فنڪار شامل هئا، اڳواڻي ڪرڻ کين
نه وڻي. مٿان آئون به انهيءَ گروپ ۾ موجود، سو
سائين ڳالهه وڃي انبرين لڳي. اسان جي روانگي کان
هڪڙو ڏينهن اڳ محترمه بينظير ڀٽو فرانس جي سرڪاري
دوري تي رواني ٿي وئي ۽ جڏهن اسين نڪري وياسين ته
سنڌ ۾ ڄڻ باهه ٻري وئي. پارٽي جي ثقافتي فورم ۾
ٽاڪوڙو مچي ويو ته اهو ڪيئن ٿيو، سو يڪدم
درخواستون لکجي ويون. چي، ”حميد آخوند جيڪو
پاڪستان جو ثقافتي طائفو وٺي ويو آهي، تنهن ۾ گھڻي
کان گھڻا سنڌي فنڪار آهن. ممتاز مرزا هيروئن جو
سمگلر آهي، علڻ فقير آفيمي ۽ شرابي آهي، پنجاب
جھڙي وڏي صوبي جي ان طائفي ۾ ڪنهن قسم جي نمائندگي
ناهي. علڻ ۽ ممتاز مرزا کي ضرور موٽائجي ۽ پنجاب
جي فنڪارن کي پوري نمائندگي ڏني وڃي.“
اسان بيلجم مان لنڊن پهتاسين، هڪڙو ٻه شو ڪيوسين،
انگريزن توڙي اُتي موجود پاڪستانين ۽ هندستاني
مهمانن اسان جي ڪم کي تمام گھڻو پسند ڪيو، ۽ اُن
وقت جي انگلينڊ ۾ پاڪستاني سفير شهر يار خان، حميد
۽ مون کي خصوصي مبارڪون ڏنيون، اسان واري محنت جو
قدر ڪري، گھڻي ساراهه ڪئي. اسان انهيءَ ڪاميابيء
تي خوش هئاسين، جو مون حميد کي ڪنهن حد تائين ملول
۽ پريشان ڏٺو. پڇيومانس، ڳالهه لنوائي ويو. نيٺ
خبر پئي ته اسلام آباد مان ڪو ٽيليڪس آيو آهي، اُن
۾ ڪهڙا احوال آهن تنهن جي مون کي به ڪل نه پئي.
اسان کي مانچيسٽر ۽ ناٽنگھام پروگرام ڪرڻا هئا.
حميد مون کي چيو ته، ”تون وڃ، آئون لنڊن ۾ ئي
رهندس، جو ڪي خاص مسئلا صاف ڪرڻا آهن.“ مون کي
ڪنهن حد تائين ڪي پَسڻ ته پئجي ويا هئا. پر جيئن
ته حميد مون سان ان ڏس ۾ ڪو حوال نه ڪيو، تنهن ڪري
مون کي خبر ملي وئي ته ٻيا موٽن يا نه موٽن پر علڻ
۽ ممتاز ضرور واپس اچن. باقي ٽي همراهه حميد جي
مرضي سان موٽايا وڃن.
مون کي حميد جي پريشانيءَ جو احساس وڌي ويو. فون
تي ڳالهه ٿي ته چيومانس، ”روس ڏسڻ جي زمانن کان
تمنا رهي آهي، جو ٻالجتيءَ کان انهيءَ ملڪ سان
نفسياتي ۽ نظرياتي واسطو رهيو آهي، ڪوشش ڪجو ته
اسان مان ڪنهن جي موٽ نه ٿئي، پر جي اوهان بنهه
لاچار آهيو، ته پوءِ آئون ۽ علڻ موٽي وينداسين.
پاڻ کي هروڀرو پريشان نه ڪجو.“ حميد پنهنجي ڳالهه
۾ پهاڙن کان به وڌ اَڏول، سو مون کي چيائين، ”بي
اونو ٿي اتي ڪم ڪر، آئون پاڻهي ٿو اِنهيءَ معاملي
کي نبيريان“. مون به دل من هنيو، سوچيم ته حميد
کان سواءِ موٽيس ته ڏاڍي بيعزتي ۽ کل ٿيندي، پر
لاچار کي آچار ڪونهي، يار جي دل ۽ ذهن تي گھڻو بار
ناهي وجھڻو. موٽبو ته کل خوشيء سان. پر، حميد ڀلا
ڪيئن ٿو ماٺ ڪري ويهي. برطانيا ۾ پاڪستان جي سفير
کان وزارت خارجه ۽ ثقافت وارن کي فيڪس ڪرائي، علڻ
۽ منهنجي موجودگيءَ لاءِ سفارش ڪرائي، پاڻ خواجه
شاهد حسين کي فون تي کليل لفظن ۾ چيائين ته جي
ممتاز ۽ علڻ موٽيا ته پنجاب جي نون پنجن فنڪارن
سان گروپ جو اڳواڻ به نئون اُماڻيو، آئون به ممتاز
سان گڏ واپس ايندس خواجه شاهد حسين جنڊ جي ٻن پڙن
جي وچ ۾. هو مون کي به ڪي قدر سڃاڻندو هو، ۽
منهنجي ڪن صلاحيتن جي به کيس سُڌِ هئي ۽ حميد جي
ضد مان به واقف هو. پر مٿان جي تڙ ڀيڙ همراهه کي
هڻي هيڻو ڪري وڌو هو. حميد کي گھڻو ئي سمجھايائين
پر هن ڪنهن تريءَ تيل هئڻ نه ڏنس. نيٺ خواجه صاحب،
پنهنجي نوڪري داء تي لڳائي ۽ حميد کي اجازت ڏني ته
ڪي به پنج همراهه واپس موڪل، جن جو واسطو سنڌ سان
هجي. روس ۾ شوڪت علي، سائين مشتاق، مَنشا ڍولي،
تاڙي طبلي وارو ۽ سليم ناچور اوهان سان اچي شامل
ٿيندا اِهي سڄا جھُد پِٽي، حميد مون کي مٿين سڄي
داستان کان واقف ڪيو. اها سندس مون سان محبت هئي
جو مون کي ذهني ڇڪتاڻ ۾ وجھڻ کان سواءِ، پنهنجي
ڳالهه مڃائي وڃي پار پيو. ٻيا ته خير موٽڻ لاءِ
تيار ٿي ويا، پر حسين بخش ۽ عبدالواحد جمالي اصل
پڙ ڪڍي بيٺا ته اسان جا نالا نه آهن. عبدالواحد ته
ٻين کي ايئن به چيو ته ”آصف زرداري صاحب کي دانهن
ڏيندس، جو آئون نوابشاهه ضلعي جو آهيان، ۽ اسان
سندس ووٽر به آهيون.“ ۽ واقعي سنڌ پهچڻ کان پوءِ
هن اِن ڏس ۾ گھڻي ڪوشش به ڪئي، ۽ منهنجي ۽ حميد
خلاف ڪيئي ڳالهيون به هلايون، پر ورين سرين ڪي به
ڪين، ۽ اسان وڃي روس کان نڪتاسين.
انهيءَ درخواست تي نمايان صحيح علي رضا شاهاڻي جي
هئي، جيڪو مشهور لوڪ ڳائڻي روبينه حيدريءَ جو مڙس
آهي، ۽ اُن وقت ظفر اُڄڻ جو پيپلز ڪلچر فورم جو
سيڪريٽري هو، ۽ ساڻس ٻيا ڌوڙي به هئا جن ۾ فيروز
دين (هارمونيم وارو) ۽ ڪي ٻيا همراهه هُشين ڏيڻ
وارا به هئا، جن جي لاءِ ڳالهائڻ ۽ لکڻ. اِن ڪري
مناسب نٿو سمجھان جو منهنجي قلم مان اُنهن جا نالا
نڪرن سو به آئون پنهنجي لاءِ تڇ ٿو ڀانيان.
فقير حسين بخش اهو ارمان کڻي اچي مون وٽ ويٺو. کيس
ڳالهه سمجھايم، پر سمجھ لاءِ ڪي گھڙيون ائين ئي
انسان جي هٿان ڇڏائجي وينديون آهن. فقير به اهڙن
لمحن ۾ هو، سو مون به گھڻي ڊيگھه نه ڪئي جو ٻين جو
هجي يا نه هجي، حسين بخش ۽ الله بچائي لاسي جي
واپسي جو ٿورو گھڻو ارمان هئم. حسين بخش ان واقعي
کان پوءِ مون کان گھڻو ڪَٽريو، اُٿي ويٺي ڏک ڪڍندو
هو. باوجود انهيءَ جي جو حميد هنن همراهن کي
پنهنجي هڙان ايترا پائونڊ ڏنا هئا جيترا هو شايد
روس جي سفر ۾ به حاصل نه ڪن ها، انهيءَ لاءِ ته
دبئي مان هو چڱي خاصي خريداري ڪري سگھن. پر اهي
مڙئي چڱايون، سواءِ الهه بچائي لاسي جي ٻين سڀني
وساري ڇڏيون ۽ ڪراچي ۾ اچي پنهنجي مظلوميت جا
طومار ٻڌائون.
دراصل اهو دور اُهو هو، جنهن ۾ حميد آخوند ثقافت
کاتي کان ٻاهر هو ۽ اُن سان گڏ منهنجو به ثقافت
کاتي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سان تعلق ختم ٿي چڪو
هو. ثقافت کاتي جا ڪي ننڍا ڪارڪن اِن نوعيت جا هئا
جن جي مغز ۾ اها ڳالهه ويٺي هئي ته جيڪي ڳائڻ
وڄائڻ وارا توڙي لکڻ پڙهڻ وارا اسان جي لاڳاپي ۾
هئا، تن کي ٿڏي ٻاهر ڪڍجي. اسان جي ته سمورن سان
شروع کان وٺي هٿ جوڙ هئي: ۽ ٻيو ته منهنجو ٽي وي
سان واسطو به هو، سو ڪي همراهه ته ايندا هئا، پر
حسين بخش خادم اِهو پريت جو پنڌ وقتي طرح سان ختم
ڪري ڇڏيو.
اِها هڪ حقيقت آهي ته فقير عبدالغفور جي لاڏاڻي
کان پوءِ، حميد وٽ ٻه ڳائڻا گھڻو وڌي ويجھا ٿيا،
اُهي هئا علڻ فقير ۽ حسين بخش خادم. علڻ جو داستان
علحدو آهي، پر فقير حسين بخش کي حميد مان ان ڪري
ڏنو جو هو فقير عبدالغفور جو ڌوڙي ڀيچي هو. مرهيات
سان سندس راز نياز هئا، هڪڙي پٿراڻي تي ويهندا
هئا، اِها رمز حميد به ڪڏهن ڪانه وساري هئي. پر
جڏهن ماڻهو جي من ۾ ڪا ٻي مت اچي ويندي آهي ته
پوءِ هن کي پنهنجا انومان ۽ اٺسٺا جاڳندا آهن: ڪي
اوڦٽو جَرڦوٽن جھڙا جوان وري اُنهن مهربانن ۽
محسنن جون اُنهن جي واتان ڪي گلائون نِلائون ٻڌي
سرها ٿيندا آهن. فقير به اُن دور ۾ اهڙي ڦند ۾
ڦاسي پيو هو: جو اُن سال 1989ع واري ڀٽ ڌڻي جي
ميلي ۾ منهنجي زور ڀرڻ تي حميد هليو ۽ فقيرن کي
خبر به هئي ته حميد ۽ آئون ترسيل آهيون، پر اصل
کنگھيائون ڪين، ۽ فقير حسين بخش ته هڪ مهل مون کي
آمهون سامهون ڏٺو به، پر ڏسي منهن موڙي ٻي ڏس هليو
ويو. ڏاڍو ارمان ٿيم، جو هيءُ اُهو ماڻهو آهي جنهن
سان روح جون ڳالهيون هيون، ۽ هڪ سال جڏهن مرحوم
الله بخش نظاماڻي سيڪريٽري هو، تنهن مون کي ميلي
جي ڪارروائي کان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ته رات جو جڏهن
اسان راڳ واري هاسٽل ۾ پهتاسين ته فقير غفور ۽
حسين بخش سڀني ڳائڻن وڄائڻن کي سَڏي اسان جي آڏو
ويهاري سڄي رات ڳايو، ۽ واهه جو ڳايو: ۽ پنهنجو ڪن
اخباري انٽرويوز ۾ مون کي پنهنجو ڪن ڳالهين ۾
اُستاد به مڃيو هو ته ”اسٽيج تي سهڻي سٽاء سان
ڳائڻ جو انداز مون ممتاز مرزا کان سکيو، ۽ يڪتارو
ملائڻ به هن ئي مون کي سيکاريو.“ وقت جا وهڪرا
برابر ارڏا ٿيندا آهن، پر اُنهن آڏو ماڻهو ايڏو
لاچار به ٿيندو آهي، جيترو ٿوري وقت لاءِ حسين بخش
خادم به ٿيو هو.
اِهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر فن جي دنيا ۾
حسين بخش خادم وڏي محنت ڪئي ۽ پنهنجي دلي محنت سان
سنڌي راڳ جي جنسار ۾ اهم جاءِ جو مالڪ بنيو. اُن
جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اِهو هو جو هُو اسان جي سٿ ۾،
مرهيات فقير غفور جي ڇانَوَ ۾ رهيو. فقير غفور
سنڌي راڳ جي سنجٽ ۾ بڙ جي گھاٽي ڇانوَ مثل هو، هن
به حسين بخش خادم کي آڱر کان وٺي راڳ جي پڌر ۾
پيرڙا کڻايا: غفور مرهيات جو آواز جھجھو ۽ کليو ۽
حسين بخش خادم جو آواز اُن جي مقابلي ۾ ڪجھ گھٽ ۽
هيڻو، پر غفور جي وڏائي اها جو اڪثر حسين بخش جي
آواز جي ميدان ۾ لهي، هن کي ڳائڻ جو موقعو ڏيندو
هو، ۽ حسين بخش ان انداز مان فائدو وٺي، بيتن جون
بهيرون لائي ڏيندو هو. هڪ ڀيري لاهور ۾، ڊان اخبار
جي اشاعت جو افتتاح جو موقعو هو. حميد هارون، جيڪو
ڊان انگريزي جو ڪرتو ڌرتو آهي، ۽ حميد آخوند جي
سنگت جي سَڳي ۾ اچي، سنڌي راڳ ۽ ثقافت واري ميدان
۾ پيرڙا پاتا، مڙس هوشيار ۽ سکڻ جي عمل ۾ تيار،
ڀٽائي جي ميڙن تي هر سال آيو، ۽ ڳائڻن ۽ وڄتن جي
قدرداني ڪارڻ پنهنجي توڙي ٻين ادارن طرفان روڪ
انعامن جي ريت ۾، حميد آخوند جو وڏو ساٿ ڏنائين، ۽
سُٺن فنڪارن جي تمام گھڻي قدرداني ٿي. سو حميد
هارون، حميد آخوند سان صلاح ڪئي ته انهيءَ موقعي
تي لاهور ۾ سنڌي لوڪ موسيقي جو نماءُ ٿئي. اسان
اهڙن ڪمن ۾ اڳئي تيار، سو رکيوسين کڙيء تي زور،
پرل هوٽل ۾ محفل ٿي، لاهور جا نه رڳو وڏا صحافي ۽
دانشور اُن محفل ۾ موجود هئا، پر برک سياستدان ۽
راڳ جي رمز جا ماهر پڻ محفل ۾ جايون والاريو ويٺا
هئا. ٻيو ته ڪم تمام سهڻي ريت هليو، پر جڏهن غفور
جو وارو آيو، ۽ گھڙولي ڳائڻ شروع ڪيائين ته مستيءَ
۾، حسين بخش به ڪُڏ ڪاهي پيو، هيڪر ته فقير کي
جلال اچي ويو پر پوءِ پنهنجي رمز جي سَرسي ڏيکارڻ
ڪاڻ، سُر کي اُتي وڃي بيهاريائين جو حسين بخش
مرحوم ڪجھ لانجھو لڳڻ لڳو. اسان پهريون ڀيرو فقير
حسين بخش خادم کي ائين مرحوم غفور سان گڏ ڳائيندي
هيڻي حال ۾ ڏٺو. نيٺ ماٺ ڪري ويهي يڪتاري جي تند
وڄائڻ لڳو، ۽ مرهيات غفور گھڙولي ڳائي ماڻهن کي
اصل نچائي ڇڏيو. راڳ کان پوءِ فقير غفور، لهي حسين
بخش کي چيو ته، ”پيئي خبر، ٽپ ڏئي پرائي ڪم ۾ ڪاهڻ
جو اجھو اهو نتيجو اٿئي، اي جھونو ٿي ويو آهيان،
پر اڃان جان اٿم، وڃي بچئي به يڪتاري جي تند.“
يڪتارو سنڌي راڳ جو سَر موڙ ساز، جيڪو حسين بخش به
پنهنجي سهڻي رمز سان وڄائيندو هو، پر ڍول فقير جي
تند جو ته ڪو جواب ئي ڪين هو. الا ڍول به ويو.
سنه1992ع ۾ اسان جي سنڌي راڳ جا اِهي ٻه سرواڻ
راڳائي اسان کان وڇڙي ويا. ڍول جھڙو هئس نالو تهڙو
هو ڍول ڳائڻو. نج سنڌي راڳ جو سُريلو ڳالهير
ڳائڻو. يڪتاري جي تند جو شهنشاهه وڄائڻو. آواز ۽
تند جو اهڙو ميلاپ مون پنهنجي پوري ڄمار ۾ نه ٻڌو.
ڳائڻ اهڙو دل پذير ۽ من موهيندڙ جو پهرن جا پهر
ويٺو ٻڌجيس ته به دل نه ڀرجي. هڪڙي ڀيري، حميد
آخوند کي پير حسام الدين راشدي مرحوم راڳ ٻڌرائڻ
لاءِ چيو، فيصلو ڍول تي بيٺو. پير صاحب مرحوم راڳ
جي پسند ناپسند جي حساب سان کليو ڪتاب، ڪا ڳالهه
نه آئڙُيس ته اُتي ئي ڳالهه ڦهڪائي ڏيندو هو. اِها
رهاڻ ڀٽ شاهه واري ريسٽ هائوس ۾ ٿي. پير صاحب کان
سواءِ، محترم محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نواز علي
شوق، آئون ۽ ٻه چار همراهه ڪي ٻيا هئا. لڙي رات ۽
ڏکڻ جي کليل ميدانن واري هوا، ڀٽائي بادشاهه جو
ماڳ، ستارن جي جھيڻي جھڪي جوت، ۽ وڻن ساهه
سُهائيندي هوا جا پڙلاوَ، ۽ ڍول جو ”ها منهنجي
سائين، سانئر چوي ٿو“ وارا ٻول. هوا ۽ يڪتاري جي
تند ملي، هڪ ٿي ويا، ۽ ڍول جو روح مان نڪتل ورهه
واري ورلاپ جو ٿلهه ته، ”سور انهيءَ ساڙي ساڙي، هو
جي ويا هليا“ بس هر شيءَ ڄڻ پنڊ پهڻ بنجي وئي.
”الائي الا“ جي تنور روحن تي اصل سانوڻ جي جھُڙ
جيان بيهي وئي. اديب شاعر ۽ عالم ماڻهو دليون بنهه
ڀڳل، نيڻ به ڀرجي آين. اِها سار ئي نه رهي وقت
ڪيئن گذريو، آڌي رات لڙي وئي، فقير ڍول جي ڪافين ۾
ساهي واري صلاح ئي ڪين هئي. حميد ويو کيس رڪارڊ
ڪندو ۽ نيٺ فجر کان ڪو ٿورو اڳ مرحوم پير صاحب چيو
ته ”عمر سڄي راڳ ٻڌا اٿم، پر اڄ جو ڍول کي ٻڌو اٿم
ته ايئن ٿو ڀانيان ته زندگيءَ ۾ ڪي سالن سال
واڌارو ٿي ويو اٿم. ههڙو ڳائڻ ڪٿي، سڄي دنيا جھاڳي
آيو آهيان پر راڳ جي اهڙي رمز ۽ دل ٺارڻ واريون
ڪافيون ڪڏهن به نه ٻڌم. ڍول واقعي ڍول آهي.“
ڍول فقير، محبت ۽ ورهه جي وڪوڙيل يڪتاري پوٽو هو.
اصل ته مير پور خاص تعلقي جي پاٽويون شهر جو هو پر
دل جي دور تي، لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ پنهنجا پکڙا
اڏيائين، ۽ زندگي جو باقي زمانو اُتي شان مان سان
گذاريائين. منٺار فقير راڄڙ جي پٽ فقير ولي بخش
راڄڙ جو شاگرد هو، پوءِ محمد فقير کٽياڻ ۽ نواب
ولي محمد لغاري جو طالب ٿيو. راڳ ويراڳ، منٺار
فقير جي درگاهه مان پلئه پيس. پڙهيو بنهه ڪين، پر
راڳ سان لنو لاتائين ته ويو ٿي برهه جا باب پڙهندو
۽ اکر سکندو. منهنجي ساڻس ريجھ رهاڻ سنه 1960ع کان
شروع ٿي. اسان واري ڦوهه جواني ۽ هن جي ڦوهه جواني
پٽڪو گيڙو ٻڌندو هو. فقير يار محمد مري مرحوم سان
دل جون ڪهاڻيون هئس جو اهو به فقير کٽياڻ جو طالب
هو ۽ ڇير پائي، الفي ڍڪي، پيو اوتارن مڪانن تي
هلندو هو. هڪڙي ڀيري سکر ۾ ڪنهن اداري ۾ راڳ جي
محفل هئي ۽ اُستاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب جي وڏي پٽ ڊاڪٽر محمد شريف انهيءَ محفل جو
اهتمام ڪرايو هو. ڊاڪٽر شريف به راڳ جو ڪوڏيو هو ۽
اُستاد منظور علي خان کان ڪو وقت راڳ سکيو به هو،
سو راڳ جي سمجھ به هئس. اُنهن ڏينهن ۾ فقير ڍول
ڪڙو قاتل ڪڪوهه واپرائيندو هو، پر فقير يار محمد
واري ڪِشتي ۾. اُنهن ڏينهن ۾ مون کي فقيرن جي اها
رمز بنهه نه آئڙي، نه سمجھ ۾ آئي، پر جڏهن محمد
فقير کٽياڻ جي ميلي تي ويس، ۽ اُتي موکي وارا
ايامن جا سَنڌيل مَٽ کلندي ۽ فقيرن کي اُن مان ونڊ
پيئندي ڏٺم، تڏهن سُڌ پيم ته اهي ئي همراهه آهن جن
لاءِ ڀٽائي صاحب چيو آهي ته:
عاشق زهر پياڪ، وِهه ڏسيو وهسن گھڻو
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ
توڙي چڪنن
چاڪ، ته به آهه نه سَلينَ عام سين.
ڍول فقير، جنهن انداز ۾ نــج سنــڌي راڳــڻي
”لوڙائـو“
ڳائيندو هو، تهڙو ٻي ڪنهن به سنڌي راڳائي نه ڳائي.
مون کي ياد آهي ته ڪافي آڳاٽو، جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب، سنڌي راڳ جي تحقيق جي ابتدا ڪئي
هئي ته اُن وقت، سندس تعلق صوفي عزيز بلوچ سان
قائم ٿيو. صوفي عزيز بلوچ اصل نوشهري جي ڪنهن ڳوٺ
جو هو ۽ پوءِ سنڌورڪين سان، ٻالجتيءَ ۾ ئي اسپين
هليو ويو. مالڪن سان گڏ اُتي جي مشهور لوڪ موسيقي
جي انداز ”ڪانتي خوندو“ ۽ ”فليمنگ“ جي ڪن وڏن
فنڪارن جي محفل ۾ وڃڻ جو موقعو مليس. اُتي هن جيڪو
ٻڌو سو هن جي اندر ۾ ڪو ازل کان اوتيل هو. مالڪن
کي چيائين ته ”انهيءَ ٻوليءَ ۾ ته آئون ڳائي نٿو
سگھان، پر جن سُرن ۾ هي ڳائين پيا، اُهي آئون ڳائي
سگھان ٿو.“ اڳتي جو قصو ڊگھو، گھٽ ڪندي چوان ٿو ته
پوءِ ڪنهن طرح سان عزيز بلوچ- سنڌي ڀيروي ۽ لوڙائو
ڳائي، اسپين جي لوڪ موسيقي ۾ پنهنجو نالو پيدا
ڪيو، ۽ پوءِ هن اسپين ۾ نه رڳو اعليٰ گٽارسٽ (گٽار
وڄائڻ وارو) جو مقام ۾ مرتبو حاصل ڪيو، پر اُتي جي
لوڪ موسيقي ڳائيندي ايڏو نالو پيدا ڪيو جو هن کي
اسپين جا وڏا شاهي اعزاز به مليا، ۽ بعد ۾ جڏهن
سيد ميران محمد شاهه اسپين ۾ سفير ٿي ويو ته هو
پاڪستاني سفارتخاني جو ثقافتي اتاشي به مقرر ٿيو.
انهيءَ عرصي دوران هن سنڌي لوڪ موسيقي ۽ اسپين جي
لوڪ موسيقي تي، اسپيني زبان ۾ مقالو لکيو، جيڪو
انگريزي ۾ ترجمو ٿيو، ۽ ڊاڪٽر صاحب تائين پهتو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان مقالي کي پنهنجي تحقيق جي
دائري ۾ شامل ڪيو، ۽ اُن کي وڌائي ويجھائي، تاريخي
دليلن سان مڪمل ڪيو. عزيز بلوچ راڳ جو ڄاڻو ضرور
هو، پر هو تاريخي پس منظر ۽ حوالن کان بنهه بي خبر
هو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُن ڀت تي چٽ ڪڍيا، جنهن جي
فقط عزيز بلوچ اوساري کنئي هئي. انهيءَ عزيز بلوچ
بعد ۾، هڪ رڪارڊ سنڌ ڏي موڪليو. جنهن ۾ هن هڪ ڪافي
منٺار فقير جي ۽ ٻي ڪنهن ٻئي شاعر جي لوڙائو ۽
ڀيروي ۾ ڳائي، اُن جي پويان اسپيني لوڪ راڳ، انهن
ئي ٻن راڳڻين ۾ ڳايا. هن انهن نج سنڌي راڳڻين-
لوڙائو ۽ سنڌي ڀيروي جي نوٽيشن به لکي ۽ ساڻ
اسپيني لوڪ موسيقي جي نهايت مقبول ۽ مشهور راڳڻين
کي لکي ڀيٽي واضع ڪيو ته، اسپين جون اِهي ٻئي لوڪ
راڳڻيون سنڌي لوڪ موسيقيءَ جي بنيادن تي قائم
ٿيون. انهيءَ ڏس ۾ اهو رڪارڊ هن تيار ڪرايو. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ان رڪارڊ کي ٻڌڻ کان پوءِ، انهيءَ عنوان
تي هڪ محفل جو اهتمام ڪيو، جيڪا حيدرآباد جي بسنت
هال ۾ ٿي، ۽ سنڌي لوڙائو ۽ ڀيروي ڳائڻ لاءِ جيڪو
ڳائڻو چونڊيائين، اهو ”ڍول فقير“. تن ڏينهين به
اسان وارو عقل پورو سارو، پر دل ۾ مڙئي ڪا دونهين
دکيل هئي، سو جڏهن ڍول کي ٻڌم ته اصل پنهنجي انداز
۽ رنگ ۾ اصل قابو ڪري ڇڏيائين. اُهو ڏينهن اُهو
شينهن آئون، سندس راڳ جي سِڪ ۾ سدائين لاءِ
سَلهاڙجي ويس. ڪابه محفل جيڪا منهنجي معرفت ٿيندي
هئي، اُن ۾ ڍول جو هئڻ لازمي هو. انهن محفلن ۾
حسين بخش خادم وارا به هوندا هئا. فقيرن جا وات
وڏا ۽ ڳالهيون ڳوريون، هيءُ مسڪين ٿور ڳالهائو،
پنهنجي ڏوئي پنهنجي ڪُني، نه ڪنهن جي ٻن ۾ ٻارهن
۾. فقيرن سان سُنگ ۾ ويندو هو ته فقيرن غفور ۽
حسين بخش مرحوم ٺونٺيون هڻي مائڪرو فون کان هٽائي
پري ڪري ڇڏيندا هئس، موٽي اچي مون تي ميار رکندو
هو ته هروڀرو هن کشٽ ۾ مون کي ڇو ٿو ڦاسائين، جڏهن
ڳائڻ نه ڏين ته وڃڻ جو ڪهڙو سُود. مرحوم ڍول ان
ڳالهه کان وهلور ويندو هو ته ڪو ان جي مقابلي ۾
غفور ۽ حسين بخش سڄي سنگت جا دادلا، سو جھڙي تهڙي
تي 15 سندس آواز تي چڙهت ڪري. اک ئي ڪانه ٻڏندي
هئن. باوجود انهيءَ جي، جيستائين عبدالواحد جمالي
وارو سنگ نه جُڙيو هو، تيستائين ڍول فقير انهيءَ
سنگ ۾ ڳائيندو ۽ پاڻ ملهائيندو رهيو. ڍول به ويو،
سندس سموريون رمزون به ويون. افسوس اِهو جو هن نه
پنهنجو انگ ڪنهن کي سيکاريو، نه ئي ڪنهن سائين
سنواري سنڌي سُريلي کي سُمت آئي جو هن جي انداز کي
پنهنجو ڪري، يڪتاري جي توحيدي تنوار تي نج نبار
سنڌ کي ڳائي. هن سال (1992ع) جڏهين ثقافت کاتي
طرفان ٺٽي جي ننڍڙي شهر جاتيءَ ۾ راڳ جي رهاڻ ڪئي
سين ته آئون حسب معمول اسٽيج جي پوئين پاسي هئس.
اوچتو حميد آيو، ڳالهين ڪندي چيائين ته، ”ممتاز
توکي هن ڪچهريءَ ۾ ڪا کوٽ محسوس ٿي؟“ مون کان جواب
نه اُڄهيو، سنڌ جي هن سيبتي ڏاهي ۽ دل ۾ سنڌ جي
درد رکڻ واري يار چيو ته ”هيڏي محفل هلائي اٿئي،
ڪو يڪتاري وارو فنڪار ڏٺئي؟“ منهنجا طاق لڳي ويا.
واقعي اُن رات سنڌ جي سرواڻ ڳائڻن ۾، معمول جي
خلاف اسان جي مچايل محفل ۾، ڪو به يڪتاري تي اڪيلي
سر ڳائڻ وارو وڏو راڳائي هئو ئي ڪين. نه حسين بخش،
نه ڍول، نه جلال. ائين محسوس ٿيم ته ڄڻ سنڌ سُڃي
ٿي وئي. مڃان ٿو ته اڄ ڪيئي فقير يڪتارن تي ڳائين
وڄائين ٿا، پر نه ڍول جھڙي تند هڻڻ وارو رهيو آهي،
۽ نه ئي حسين بخش خادم جھڙو. اسان جي موسيقي جي
تاريخ جو ڪيڏو وڏو الميو آهي، ايندڙ پيڙهيون، اِن
رمز کي نه ڏسي سگھنديون نه سمجھي سگھنديون. آڳاٽو
پڪي راڳ جي ڳائڻ جي ڪري اِهي مڙس ڪچهرين کان پري
هئا ۽ وري جي اُنهن کي ٿورو گھڻو اڳتي وڌڻ جو
موقعو مليو ته جلد ئي سمورا پٽ پالها ٿي ويا. انهن
يڪتاري پوٽن يارن وٽ ڪي هاڻوڪي زماني جا نٽ ناز
ڪين هئا، دل ۾ عشق جي متل مچ کي کنيو، پئي زيلن
وانگر دليون سيڪيوسين. بس:
ماء کاهوڙي هليا دونهان دکائي
وئڙاَ وِسائي، ڏوٿي ڏونگر وٽِ ۾.
|