ساءَ تنهنجي جي گھَڙي
جيتري آهي مِٺي
اوتري آهي ڪَڙي!
زلف تنهنجا اڄ صنوبر وانگيان
ٿا هوائن ۾ لُڏن،
هِير ۾ تُنهنجي معطّر آرزو
روح کي وَر وَر ڏِيَن،
تون ڪٿي آهين؟ ڪڏهن کان آنءُ ڳوليان ٿو پيو
جي پوي ٿو ڪو دَهو، تو لاءِ ڦوليان ٿو پيو
سانجھ ٿي آ، سِجُّ سَر ۾ ٿو لَهي
سارَ تنهنجي ٿي اچي،
ڪيترائي ڀيرا مليا آهيون اسان؟
ڪيترائي ڀيرا اڃان
ڪا نئين صورت وٺِي،
اوچتو ٻيهار گڏجاڻي ٿِئي.
ڪيئن چئجي سارَ ٿي ساڻِي ٿئي،
يا ڏسي رستو وَٺون،
مُنهن ورائي شَڪَّ سان
وَر ڪٿي؟ ڪنهن ڌنڌ ۾ رستو وڃي ٿو دور دور
پر ڏٺو آهي ضرور
هيءُ چهرو هيءُ نُور
سِجُّ جئن سانجِهيءَ سَمئه سَر ۾ لهي،
يا پرندو ڪو ڪَهي،
۽ افق ۾ دور غائب ٿي وڃي،
ايترو وڇڙي وڃي،
جو سدائين لاءِ هو وسري وڃي!
رابيل جيان چهري واري!
ڇو دير ڪري تون آئي آن؟
مون پنهنجي رُتِّ ڪئي پُوري
۽ ڪيئي سانوڻ مينهن ڏٺا،
ڪيڏا نه جھُڙالا ڏينهن ڏٺا!
جِن منجھ جھِمِي
مون لاءِ نِمِي
ٽاري ٽاري،
رابيل جيان چهري واري!
هاڻي ته سرُء جي موسم آ
ٿِي ڪيڏي اَڀري واءُ گھُلي،
دل ڪونه ڇُلي
ٿي ڇولين سان،
ڪنهن وقت سُريلين ٻولين سان
جي ڪينجھر مان
مون ڪالهه ٻُڌيون-
ڪيڏانهن ويون
ايڏيون نوريون؟
هاڻي ته رڳو تِن جون کاريون
جي گذري ويئون سي ياريون
ڪنهن وقت ملن ٿيون مياڻيءَ ۾،
۽ پاڻيءَ ۾
پڙلاءُ نه آ، ڪيڏانهن وَيُون؟
ٿي ڪنڌيءَ تي چمڪي واري،
رابيل جيان چهري واري!
ٿو جڏهن در تي سندم کڙڪو ٿئي
ڄڻ دل گواهي ٿي ڏئي
”هيءَ آنهه تون“
۽ دريءَ جي ٻاهران جي پاٽِ تي
ڪو ئي ڪبوتر ٿو اچي
۽ چهنب سان چوڳو چُڳي،
ٿي دل چوي
تون ڇو نه ٿي مون کي ڇَڏِين؟
پيئي سَڏِين
”هيءَ آنهه تون“!
ڪَنَّ منهنجا
سَڏَّ تنهنجي لئه ڪَنائن ٿا پيا،
۽ اکيون
ڄڻ مون رکيون
تنهن راهه تي
اڄ پير تُنهنجا پنڌ ۾ هوندا جِتي!
ڏَسُ تنهنجو
سِجَّ کي
يا چنڊ کي ڪو ئي نه آ
مون پڇيا سڀ کان پَتا
نانهه ڪو پيرو ڏٺو تنهنجو هوا،
رهگذر تي ڪيترا
آدمي ٿو مان ڏسان
ڄڻ شَڪَّ سان،
۽ پو چوان
”هِي آنهه تون“!
”هُو آنهه تون“.
”او اها ناهين، پريان هُو آنهه تون“
”۽ اڃا هُو آنهه تون“
ٿورڙو اڳتي وڌان.
”هو آنهه تون“
ڇا نه مون تو لاءِ چهرا ڳوليا!
ڪيترا انبوه تو لئه ڦولِيا!
تون ائين گم ٿي وئينءَ،
جئن شفق ۾ سج وَڃي،
ڀل نه ڪو مون کي مَڃي
تون فقط روُيا هُئينءَ
جي نه روُيا، ڇا هُئينءَ؟
تون اگر منهنجي هجين
زندگيءَ جي ساز تي
مان اُهي نغما ٻُڌايان جي نه ڪنهن ڳاتا هجن
تون اگر منهنجي هجين
ڏينهن جو سورج مُکي
سِجَّ بدران تو طرف نظرون کڻي، ساڳا
انهيءَ جي نينهن جا ناتا هجن.
ڇو ته منهنجي شاعري
سُونهن تنهنجي ۾ ٻَري
سِجَّ جئن، توکي اُجاري، نيڻ سڀ تو لاءِ
ئي آتا هجن
ڏينهن مڌ ماتا هجن
تون اگر منهنجي هجين
زندگيءَ جي راز تي
مان اُهي نڪتا ٻڌايان جي نه ڪنهن ڄاتا هُجن
پيارُ پورائي ڏِئي
هر ڳالهه کي
تو سوا جيڪا اڌوري ٿي رهي،
تون جڏهن آهين ته پوري ٿي رهي
تون نه ڄاڻين ٿي ته منهنجي چاندني
تو رڳو مون کي جدائي ئي ڏني.
بيوفائي ئي ڏني
پو به مان ڳايان پيو
ڪيترا اسرار سُلجھايان پيو،
تون اگر منهنجي هجين...
هي ماڻهو جي انسان اڃا
ٿيا ڪونه آهن.
هي ماڻهو جي حيوان اڃا،
لُٽ مار ڪري ايئن موٽن
خونخوار جئين چيتا موٽن،
نَهن تن جا اڄ اڳ کان به وڏا،
اڳ جيئن اکين ڏي اُڀرن ٿا؟
جنهن وقت به ڏِس تنهن وقت هَڏا،
هو چس منجھاران چُوپن ٿا،
الله! اِهي اشرف آهن؟
هي ظالم ۽ جاهل ناهن؟
اشرف ته اُهي اخلاقُ سندءِ جي پيدا ڪَن
انبوه اُٿي ڇا ٿا چاهن
هو توڙ ڦوڙ ۽ هڙتالون!
۽ سِر تان مائُن جون شالون
ڇو لاهن ٿا؟
ڇو ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهن ٿا
۽ ڪيڏا ڪوڙ بدوڙ چئي
هُو باهن ٿا
هر ويريءَ تي،
۽ ڪاريءَ رات انڌيريءَ تي
ايمان رکي پَڙ پائن ٿا،
پو چوڌاري واجھائن ٿا
ڪٿ باهه ڏئي ڪَن روشنيون؟
هو جايون روز عبادت جون
ٿا ايڏيءَ آگ حوالي ڪَن
جئن شعلا تِن جا عرش پُڄن!
الله! انهن کي ساڃهه ڏي
ٿو تن کي پنهنجو موتُ سَڏي
پر ان کان اڳ هي باهه وڏي
هر پاڙي کي وچڙائن ٿا،
۽ ڪيڏا مَچَّ مچائن ٿا
جي صدين لئه ٻجھندا نه ڪڏهن!
هو ڇا نه ڪڏهن
ڪنهن مسجد، دير، ڪليسا کي
تنهنجيءَ ساريءَ دنيا کي
هڪ تنهنجو ئي جلوو سمجھي،
اپنائيندا،
يا جت ڪٿ توکي ٻيو سمجھي
تو ۾ اَمجِهي
هڪ ٻئي جو خون وهائيندا؟
قابيل جيان
ٻي کي هابيل بڻائيندا؟
الله! انهن کي ساڃهه ڏي
جئن رنگ شفق جو سورج کي
جرڪائي ٿو،
۽ هر شيءِ ۾ جھلڪائي ٿو،
۽ اندر جي اوجر ٿي ٿو،
هي سورج هونءَ ته ٻاهر آ
پر هي به حقيقت آهي جا
ويڃائي اڳ ۾ آهي ڪنهن،
۽ هيءُ چيو در در تنهن
هڪ سورج ماڻهوءَ اندر آ
دن رات ٻجھي ٿو جو نه ڪڏهن،
۽ روشنيون ڦهلائي ٿو
۽ سَچَّ سڄو سمجھائي ٿو.
ور ور وڃن ٿا ڇانئبا
ڪارا ڪڪر
مون لاءِ پر
آ راهه ٽانڊاڻي جيان
ڪوئي اُها
مون کان ڇُپائي ٿو سگھي؟
مون کان سندم رستو ڀُلائي ٿو سگھي؟
اَشرفي گل جي مٿان
ڏِس ته پوپٽڙا اُڏامن ٿا پيا،
۽ شفق- جھُل جي مٿان
ڏُنڌ ڏي ڪَرها اُڏامن ٿا پيا.
ڏِس ته هَر شيءِ ڪئن نه اُڏري ٿي وڃي!
موت ڏي هَڪلي وڃي!
هو نعري باز مري ويا سڀ
سارا آواز مري ويا سڀ
جن ڪالهه غريبيءَ آڙ وتي
۽ اهڙيءَ بي بيءَ آڙ وتي
جنهن لاءِ تئي تي مانيءَ لئه
۽ بک ۾ ڪُک جي ڪانيءَ لئه
هُو ڪونه اَٽو،
جنهن لاءِ لٽو
ٿي آندو ڪاريءَ رات رڳو،
جنهن لاءِ اَجھو
آڪاس هُيو.
ڪنهن ڄاتو ٿي راڪاسَ هُيا؟
هو جن جا نعرا آسَ هُيا
جا آس نه، جَر تي ڦوٽو هئي،
ڪيڏو نه تصور کوٽو هئي!
اڄ تن جا نعرا رَدِّيءَ ۾
هن صدّيءَ ۾
تنهن جاءِ ڪٻاڙي وڪڻن ڀا
جنهن جاءِ لٻاڙون لڳنديون هيون
۽ ماڻهوءَ جي ويساه مٿان
ڪلهه تڳنديون هُيون.
سو شاعر ڪهڙو شاعر آ
جو آگ ڏِئي پيٽرول مٿان
جئن ڌرتي ۽ آڪاس جلي
۽ شعلا نڪرن ٻوليءَ مان؟
شاعر ته سدائين بَرکا ها
جا ٿر بر ورسائيندي هئي،
ٿوهر ۾ ڳاڙها ڦول ڏسي،
جا گيت نوان ڳائيندي هئي!
هو هَٿَّ دعا جا کڻندا ها
جئن ٻائوريون ۽ روهيڙا
سوَ چنڊ ستارا ٿي چمڪن،
۽ واريءَ تي چوڌار وَليون،
جَهر جھر جھمڪن
سي شعر ته رحمت وانگر ها
تو جن مان رحمت ٺاهي آ!
تون ڇا لئه باهه لڳائين ٿو
جا هر ڪنهن لاءِ تباهي آ؟
جا گھڙي توکان سوا گذري وئي
سا اَجائي وئي فنا جي ٻَکَّ ۾،
زندگيءَ جي جَکَّ ۾
جيترو گھاريون اٿم
پيار تُنهنجو
اوترو ساريو اٿم.
تون متان سمجھين ته آن وسري وَئي!
شاخ کان وسري گلاب
ايءُ ممڪن ئي نه آهي!
حام کان وسري شراب
ايءُ ممڪن ئي نه آهي!
تو جيان ڪو ئي به خواب
ٻيو وري اچڻو نه آهي،
تون هئين توڙي سراب
مان ته هان ڀٽڪي ٿَڪو
زندگانيءَ ڀر اڃو
ٿو وڃان تو پوئتان
۽ ٿيو مايوس ناهيان، مان اڃان!
نهرو جھڙو نينهن تنهنجو آ حقيقت وانگيان!
ٻُڪَّ ۾ مُنهن کي جھَلي
ڪالهه تنهنجو پيارُ مون پيتو پئي
چَپَّ منهنجا اڄ به منهنجي لَپَّ جي مون کي،
گواهي ٿا ڏين،
اُڃَّ تُنهنجي آ اڳي جئن، ٻي ترائيءَ تي ٻُجھن
ايءُ ممڪن ئي نه آهي
تون ته آهين هڪ جواب
جو سوين منهنجا سوال
حل ڪري ٿو!
اُڃ ۾ مون لاءِ اوجل جَل ڪري ٿو
دستياب،
۽ اچي ٿو هي خيال
تون ڪٿي مون ۾ ته ناهين؟
آنءُ توکي رُڃَّ ۾ ڳوليان پيو،
جُڳ جگانتر ٿي ويا، جو اُڃَّ ۾ ڦوليان پيو
تون ڪٿي مون ۾ ته ناهين؟
تون ڪٿي مون ۾ ته ناهين؟
دل اڃا ساٿُ ڏي
دهڪندي رَهه اَڃان
رُتِّ رابيل جي
مَهڪندي رَهه اڃان
جيئن ڪوئي پکي
چمڪندي رهه اڃان
سِجُّ اُڀري جڏهن
ٻَهڪندي رهه اڃان
دهڪندي رَهه اڃان دهڪندي رهه اڃان!
شيخ اياز
هن وقت ڪاري رات ۾، برسات ۾،
ٻـاهر نه تون در کان
نِڪر!
ٻاهر گهٽا گهنگهور آ، آ چنڊ اُن جي گهات ۾،
ٻـاهر نه تون در کان
نِڪر!
ترساءِ تيسين روشني، لُنءَ جا لُکائي لات ۾،
ٻـاهر نه تون در کان
نِڪر!
اونده ٽَري ويندي ڪڏهن، آ باک اُن جي ماتِ ۾،
ٻـاهر نه تون در کان
نِڪر!
فن ۽ تجزيو:
�
اعليٰ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب
”طالب الموليٰ“ پنهنجي مختلف النوع علمي، ادبي،
قومي، تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ جا شهرت-
دوام حاصل ڪئي آهي، اها ئي سندن تعارف لاءِ ڪافي
آهي. سندن محبوب ۽ جامع صفات شخصيت ۽ فن، ڪنهن به
رسمي تعارف جا محتاج ناهن.
�
سندن شعر و شاعري، سنڌي ادب ۾ جو مقام حاصل ڪيو
آهي، اهو ائين نظرانداز ڪرڻ جهڙو ناهي.
�
ذوق جماليات جي لطيف کان لطيف
خيالات، واردات، ڪيفيات ۽ حسيات جي عڪاسي ۽
ترجماني جا حضرت طالب الموليٰ جي ڪلام ۾ موجود
آهي، ان جو مثال نٿو ملي سگهي. نه فقط پاڻ ڪلاسيڪي
اصناف، دوهي، بيت، ڪافي ۽ وائيءَ کي نئين سر اوجر
ڏيئي، ان جي پراڻن قدرن ۽ پراڻن معيارن ۾ جديد فن
۽ جديد ماحول جي اثرات کي سموهيو اٿن، پر ان سان
گڏ، تغزل جي صنف ۾ به پنهنجي جدت افڪار ۽ جدت فن
سان استادانه اضافو ڪيو اٿن. سندن ڪلام جو مجموعي
تاثر، ذوق جماليات جي تشڪيل به آهي، ته انسان جي
اخلاقي قدرن جي تڪميل به آهي؛ سندن ڪلام ۾ زبان جي
سلاست ۽ روانيءَ سان گڏ، بيان جي رنگيني ۽ شيريني
به آهي. اهل دل ۽ اهل نظر لاءِ خيال آفريني ۽ نڪته
طرازي به آهي. زباندانن لاءِ سنڌي زبان جي لغوي
صحت ۽ درست استعمال لاءِ نادر مثال به آهي، ۽
منجهس خيالات جي افاديت سان گڏ، محاورات ۽
اصطلاحات جو وافر ذخيرو به موجود آهي.
�
شاعري سندن فڪر ۽ فن، ذوقِ
جماليات ۽ روحاني واردات مان ائين وهڪرا ڪري نڪتي
آهي، جيئن پهاڙ مان ڌارا! ان طرح، بقول علامه قاضي
مرحوم جي ته ”شاعري اها آهي، جا ڳائي سگهجي ۽ ڳائي
وڃي.“ ان معيار موجب طالب الموليٰ جو ڪلام نغمه
ريز، سريلو، اثرائتو ۽ دلڪش آهي.
�
جديد دور ۾، شاعريءَ جي اها به
وصف بيان ڪئي وئي آهي ته ”شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي
ته اها ساده دل عوام جي خيالات ۽ جذبات جي ترجماني
به ڪري، ۽ ان سان گڏ انهن جي ذهني ۽ قلبي طلبن ۽
تقاضائن کي به ڇيڙي.“- ان خيال سان به طالب
الموليٰ جو فن عوامي چئي سگهجي ٿو.
(مهراڻ شاعر نمبر ص 2، 3)
شاعري
نياز همايوني
سِينڍ ۾ مارئي
اڻ ٿيڻي مان ٿيڻي ٿي پئي، ٿيڻي مان اَڻ ٿيڻي ٿي
ڳهڻي جيڪا ڳالهه ڳڻي هئي، سا ته نه ليکي لَهڻي ٿي
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀَرڻي، ڪهڙي ڪرڻي، ڀرڻي ٿي
”آدم بُو“ چئي هر ڪو ويٺو، ثابت پنهنجو صِلو ڪري
آهي ڪو جو سج لٿي کان پوءِ اٿي ڪو بِلو ڪري
واٽن مان ڪا واٽ ڏسي، جا واٽهڙوءَ جو ڀلو ڪري
ڌرتيءَ کان جو ڌڪجي نڪتو، نانگ نِسورو بڻجي ٿو
پاڻ وڻائڻ ڪارڻ پهريان، ڏاڍو ڀورو بڻجي ٿو
آخر سڀ جو جاني دشمن، اهڙو ڳورو بڻجي ٿو
هوريان کڻ تون پير اوپياري! دهڪي تي دل ڌڙڪي ٿي
چوڌاري شاهينگ ڇتا، اڄ اک اک ڄڻ رُڪ رڙڪي ٿي
هونءَ ته دنيا ڪپهون ڪونئري، ڪُڇّ ته وڄ جان ڪڙڪي
ٿي
مسڪينن جي غم ۾ ويهي، ڪاڳر ڪارا ڪرين پيو
ڪنگ جئان هڪ ٽنگ تي بيهي، تن جي ڳڻتيءَ ڳرين پيو
جڏهن ڏسين ٿو چوکو مال ته، نانگ جئان ٿو ورين پيو
ڀت بنياد تي ويندي آهي، اوهان به ساڳيو روپ رکيو
ٻاهر هڪڙي اندر ٻي، بس اهڙو ئي ٻهروپ رکيو
اوهان جي آڏو شوڪارا ڄڻ بُت اڳيان ڪنهن ڌوپ رکيو
يار اَجيدٽڻ! جڏهن ٿئي دل، هيڪانديءَ دل وارن سان
پوءِ جدائي ڪهڙي آهي، ڪر نه پچار پيارن سان
ياري آهه مُحابي سانگي، ياري ناهه ميارن سان
ڀيچ پٽائي ملڪ مٺائي، سنڌڙيءَ جي ڪار سار لهيج!
سهڻا سائين! ڀال ڀلائي اهڙي ورندي وار لهيج!
جن پارن کان پرتي آهيون، پرکي سيئي پار لهيج!
سچل سچل ڪردي ڪردي- آپي سچل ٿيسان مئين
مين رانجھن دي راجھن ميڏا، کيڙا گھول گھتيسان مئين
جنهن تڙ
رانجهو منجھيان چاري، تنهن تڙ باغ بڻيسان مئين
مَن ڪر تون ميدان فريدڻ! دَڙا دِڪيون سڀ ڊاهي ڇڏ!
دوزخ ڀيڙو ٿيندين ڪين، دليل هي دل تان لاهي ڇڏ!
اهڙي پارين پنهنجو رستو پاڻ ئي پيارا ٺاهي ڇڏ!
چلتي چڪّي ڏسندي ڏسندي، ديا ڪبيراروءِ ميان!
اُٿلي ٻن پُڙن جي وچ ۾، ثابت رهيو نه ڪوءِ ميان!
پاڻ ته هڪڙي پُڙ ۾ پورا، کٽبي ڪهڙي گوءِ ميان!
تسلي هڪل ڪئي ته ڪبيرا، ڪِلّيءَ سان چِت لاءِ هلي،
ٻنهي پُڙن جي وچ ۾ پاڻ ئي ثابت ٿي ديکاءِ هلي
يار نياز اها ٽل سولي، تون ڀي مَشق پچاءِ هلي
ميرو درد نه جاڻي ڪوئي، ميران وٺي پار ڪڍي
ماڻهو پورا مٿي کنهڻ ۾، ڪير اَٽي مان وار ڪڍي
هر ڪو لانگڙ لاءِ ٿي وڻ جان، ڏار منجھان پيوڏار
ڪڍي
هٿراڌي ماحول ۾ هرڪو، ڪِرت ڪري هٿراڌي هو!!
چُڪڙي چاڙهي ويٺو پاڻ پڏائي هراپراڌي هو!!
آکي باهو حق باهو، اڃ اسان به چُپڙي ساڌي هو!!
ڪلر منجھان ڪي ورڻو ناهي، سعدي هيئن سمجھائي ٿو
هن ۾ ٻِجّ ڇٽڻ ئي اجايو، جو هي ڪجھ نه اپائي ٿو
چوندا ناهن، ”ڪلر ڪئي توڪانه“ اهو ورجائي ٿو
هيڏا هاڃا تڏهن به ڪنهن جي مَن ۾ ڪو ڀَو، ڀولو
ناهه
ياد رکج رولاڪ ته ڪنهن کان ماڳ ڇڏائڻ سولو ناهه
پنهنجي اوڙڪ اوکي ڪئي تو، ٻي کي الڪو اولو ناهه
هي ڙي مامل! مار گدڙي جي زال ته ٻائيتال کُٽي
ڄمي نه ڪوئي وياءُ گدڙ جو، ائين سڄو جنجال کُٽي
وري ڪروڌ نه پيدا ٿي ڪو، وري نه ڀاڳ ۽ ڀال کُٽي
اچو ته ويهي پاڻ ئي پنهنجا پڌرا سڀ پرڪار ڪجن
پنهنجا عيب ثواب ته ڏسجن، ڇو ٿا ٻي تي وار ڪجن
اهڙيون جُٺيون ڪري ڪي هلڪا، پنهنجي دل جا بار ڪجن
ماڻهن کي جو مسيج ڏنو ٿي پٿر سو اڄ کڻون هلي
پهريان پنهنجو مٿو ڦاڙي، پوءِ ٻين کي هڻون هلي
اهڙيءَ ريت نياء ڪري، نياء جون کنڌيون کڻون هلي
سچ کان لوڪ لنوائي ٿو، ۽ ڪوڙ پٺيان ٿو هِيس ڪري
نيڪيءَ بدلي بديءَ تي هر ڪو هڪ ٻي سان ٿو رِيس ڪري
يار ”نياز“ هي دنياداري، ڪيڏا ويٺي ڪِيس ڪري
جوهر بروهي
جيجل امان
ڪَنَ ڪن ٻُري ٻولي سندءِ
قربن ڀري لولي سندءِ.
سارنگ سک چولي سندءِ.
مهراڻ جئن ڇولي سندءِ.
جيجل امان!
رشتو سندءِ آ واهه جو
ڀنڊار تون ويساهه جو
صحرا ۾ سک وڻراهه جو
تون چنڊ آهين چاهه جو.
جيجل امان!
پينگھي ۾ منهنجي آس تون
هر سوچ جو احساس تون
منهنجو اَجهو آساس تون
دل، ڀونءِ جو آڪاس تون.
جيجل امان!
تون اولڙو پرڀات جو
تو وٽ سنيهو ڏات جو،
۽ آجڪو اثبات جو
تُرهو سمورو تات جو.
جيجل امان!
آسا، ڏهر، ڪلياڻ آن
هر ٻاٽ ۾ چانڊاڻ آن
ڪل جڳ اندر سُرهاڻ آن
تخليق جو اُهڃاڻ آن
جيجل امان!
انسانيت جو نُور تون
هر پاپ کان وهلُور تون
دوئي دغا کان دُور تون
سانڍي رکين ٿي سُور تون
جيجل امان!
تنهنجي هٿن ۾ گُل سدا
هر ويل ۾ شامل دعا،
تنهنجو تقدس واهه وا
هر حال ۾ پالين ٻچا.
جيجل امان!
آ تنهنجو رشتو ساک جو
پيغام آهين باک جو
ايوب لِئي وڻ ڊاک جو
تون گيت آن لڄ لاک جو
جيجل امان!
نور محمد سومرو
نظم
ڪلهه مون کي تنهنجي ياد آئي
ان کي ٻهر ڪڍي
گھر جو دروازو بند ڪري
اجرڪ اوڍي سمهي پيس
پر هوا
يا، تنهنجي ياد
ڪڙو لوڏيندي رهي
ڪڙو لوڏيندي رهي. |