سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1,2- 1993ع

نفيس احمد ناشاد

هڪ دور جي پُڄاڻي

”لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا،

هٿان حبيبن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهين.“

(لطيف)

حضرت قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائين، 11 جنوري 1993ع تي پنهنجي لکين عقيدتمندن ۽ پيار ڪندڙن کي ورهه وڇوڙو ڏئي، راهه رباني رَمي ويا:

اِنا لله وَاِنّا اِلَيہِ راجِعُونَ.

قبله طالب الموليٰ سائين جي لاڏاڻي سان هڪ دور جي پُڄاڻي ٿئي ٿي. اهو هڪ اهڙو دور هو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ، ادب، ثقافت ۽ مجموعي طور تي سنڌ لاءِ انتهائي نازڪ دور هو. قبله طالب الموليٰ سائين انهيءَ سڄي دور ۾ سياسي توڙي سماجي، ادبي توڙي ثقافتي ۽ تعليمي ميدان ۾ سنڌي ماڻهن جا واهر وسيلا رهيا.

قبله طالب الموليٰ سائين جا ادبي ۽ ثقافتي ميدان ۾ به شاندار ڪارناما آهن- پوءِ اُهي ”جميعت الشعراءَ“ جا مشاعرا هجن، آل سنڌ سنڌي ادبي ڪانفرنسون هجن، ”بزم طالب الموليٰ“ جون محفلون هجن، لاکيڻي لطيف جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون هجن، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هجي، ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران هلايل سنڌي ٻولي بچايو مهم هجي، ووٽر لسٽ سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ جي هلچل هجي، ٻوليءَ وارا فساد هجن- قبله طالب الموليٰ سائين جي هڙان توڙي وڙان هر سطح تي، هرهنڌ ڀرپور شرڪت رهي.

قبله طالب الموليٰ سائين سياست ۾ رهي ڪري به، پنهنجي دامن کي سياسي آلودگيءَ کان بچائي رکيو ۽ سنڌ جي حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪيائون.

قبله طالب الموليٰ سائين تعليمي ميدان ۾ به سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي وڏن جي روايتن کي اڳتي وڌايائون. سروري اسلاميه ڪاليج ان جو ثبوت آهي.

قبله طالب الموليٰ سائين تمام ڳچ عرصو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جا چئرمن پڻ رهيا. ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ترقيءَ ۾ سندن دلچسپي شروع کان آخر تائين برقرار رهي. جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ جون آفيسون ڪراچيءَ مان کڄي حيدرآباد آيون، تڏهن پاڻ ”امين منزل“ گاڏي کاتي ۽ سول لائينز وارو بنگلو آفيسن لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حوالي ڪيائون.

حضرت قبله محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائين جي زندگيءَ جي آخري سال، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حوالي سان، هڪ اهڙي اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿي، جنهن ۾ کين گهڻو ڪجهه سهڻو پيو. ايتريقدر جو غير شاعرن به سندن شاعريءَ کي صرف ڳلن ۽ چپن جي شاعري چيو. جڏهن ته قبله طالب الموليٰ سائين جي شاعريءَ جا مختلف موضوع آهن ۽ ان جو وسيع ڪئنواس آهي. پاڻ ڪافيءَ جا پنهنجي دور جا نه رڳو وڏا شاعر آهن، بلڪ ڪافيءَ جهڙي سريلي صنف کي زنده رکڻ ۽ ان کي مقبول بڻائڻ قبله طالب الموليٰ سائين جو هڪ اهم ڪارنامو آهي. سچ ته اهو آهي ته قبله طالب الموليٰ سائين شاعريءَ ۾ هڪ مڪتب فڪر آهن ۽ سندن ذات جي ڪري ئي سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جو هڪ مضبوط مورچو رهيو آهي.

قبله طالب الموليٰ سائين ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حوالي سان پيدا ڪيل انهيءَ اڻوڻندڙ صورتحال کي انتهائي صبر ۽ تحمل سان ڏٺو ۽ سَٺو:

”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي.“

ڪنهن به انتها پسندي ۽ شدت پسنديءَ کي پنهنجي ويجهو به اچڻ نه ڏنائون، ۽ درگذر کان ڪم ورتائون، ۽ ”جيڪا نَنهن سان ڇڄي، تنهن کي ڪاتي ڪوهه لائجي“ تي عمل ڪندي، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي چئرمنيءَ تان استعيفا ڏنائون. ڪنهن به تڪرار ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ جو اهوئي هڪڙو شانائتو طريقو هو؛ ڇو ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت ڪنهن به تڪرار ۽ ٽڪراءُ جا متحمل نٿي ٿي سگهيا.

”سنڌي ادبي بورڊ“ جي چئرمنيءَ تان استعيفا ڏيڻ جي باوجود به قبله طالب الموليٰ سائين ”سنڌي ادبي بورڊ“ سان پنهنجا لاڳاپا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برقرار رکيا. ٽماهي ”مهراڻ“ لاءِ جڏهن به کانئن مواد گهريو ويو، تڏهن اگهائيءَ جي باوجود به پاڻ اسان جو عرض اگهايائون ۽ پنهنجو مواد ڏنائون.

”گل ڦل“ ۾ قبله طالب الموليٰ سائين جو انٽرويو، جيڪو سندن آخري انٽرويو پڻ آهي، ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته کين ”سنڌي ادبي بورڊ“ سان ڪيڏي نه محبت هئي. طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ۽ ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود، پاڻ انهيءَ انٽرويو لاءِ وقت ڏنائون ۽ هڪ ڊگهي سِٽنگ ڪيائون.

حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي ”سنڌي ادبي بورڊ“ سان محبت جو ڪاٿو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو، ته پاڻ پنهنجي هٿ اکرين لکيل آخري وصيت جي حاشئي تي به ”سنڌي ادبي بورڊ“ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو اٿن.

موجوده صورتحال ۾ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ ضروري آهي ته اسين ذاتي انا کي تياڳي، ذاتي مفادن کان مٿانهان ٿي، پنهنجيءَ ذات جي کوپي مان ٻاهر نڪرون، ۽ پنهنجن سچن هيرن کي سڃاڻي، جيئري ئي سندن قدر ڪريون. اهوئي هڪ سچي اديب، شاعر ۽ ليکڪ جو فرض منصبي بڻجي ٿو، ته هو موجوده انڌ، اونداهيءَ ۽ اوجهڙ ۾ واٽ جي لاٽ بڻجي، ۽ اَسونهن جو سونهون بڻجي ۽ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت کي درپيش خطرن کي ٽارڻ لاءِ انهن سان مُنهن سمهون ٿئي- ۽ ان لاءِ پهريون ۽ ڀريون شرط اهوئي آهي ته

”مُفتي منجهه ويهار، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيين.“

قبله طالب الموليٰ سائين جو هيءُ شعر به اسان کي پنهنجي اهڙي ئي فرض منصبيءَ جي ياد ڏياري ٿو:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت، طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو!

”مهراڻ“ جو ”مخدوم نمبر“

”مهراڻ، جو ايندڙ- شمارو، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي خدمتن جي مڃتا طور، ”مخدوم نمبر“ هوندو.

مخدوم صاحب جي معتقدن، دوستن احبابن توڙي عالمن ۽ اديبن کي گذارش آهي ته پنهنجا مقالا ۽ مضمون، مخدوم صاحب جون يادگار تصويرون، دستخط ۽ ٻيون دستاويز شيون جلد موڪلڻ فرمائين ته جيئن اهي وقت سر هن خاص نمبر ۾ شامل ڪري سگهجن.

- امداد حسيني

”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نئين جوڙجڪ:

اٽڪل ڏيڍ سال تائين لاوارثيءَ جي حالت ۾ رهڻ کانپوءِ، بهرحال، گذريل 9- مئي 1993ع کان، سنڌ سرڪار نئون بورڊ جوڙيو آهي، جنهن ۾ هيٺيون نامياريون شخصيتون شامل آهن:

(1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، چيئرمن، (2) جناب محمد ابراهيم جويو صاحب، (3) جناب علي مير شاهه صاحب، (4) جناب قاضي امر جليل صاحب، (5) ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب، (6) سيد ظفر حسن شاهه صاحب، (7) ڊاڪٽر درشهوار سيد صاحبه، (8) محترمه شمس عباسي صاحبه، (9) محترمه نورالهديٰ شاهه صاحبه، (10) جناب علي بخش شاهه ”ناز“ لطيفي صاحب، (11) جناب عبدالقادر جوڻيجو صاحب، (12) جناب هدايت بلوچ صاحب، (13) جناب مدد علي سنڌي صاحب، (14) جناب عبدالحميد آخوند صاحب، سيڪريٽري ثقافت کاتو، ۽ (15) جناب سيڪريٽري صاحب، تعليم کاتو.

سنڌ سرڪار، ساڳي وقت، شمشير الحيدريءَ کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي.

”مهراڻ“ جو ادارو مٿين سڀني معزز ميمبرن جي آجيان ڪندي، کين مبارڪباد پيش ڪري ٿو، ۽ اُميد ٿو رکي ته سندن ايامڪاريءَ ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ نيون ڪاميابيون ماڻيندو ۽ پنهنجن مقصدن ڏانهن اڳي کان وتري وک وڌائيندو.

هاءِ جوڳيئڙا!

17- جولاءِ، 1993ع، تي سنڌ ڌرتيءَ جا ٻه چنڊ اُجهامي ويا.

آڌيءَ ويل، هڪ پيلي ٽئڪسي لاهور کان اسلام آباد وڃي رهي هئي. ان ۾ اسان جا چار مٺڙا مسافر سوار هئا- ٻه سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، اسماعيل اڍيجو ۽ جڳديش ملاڻي؛ روزاني اخبار ”جاڳو“ ڪراچيءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو، غلام قادر پليجو؛ ۽ ...... ۽....... فقير محمد لاشاري، اسان جو امير صحافي اڳواڻ.

شهر گوجر خان لڳ، مندره ڳوٺ وٽ، اهي چار چنڊ اونداهيءَ جي راتاهي جي ور چڙهي ويا. هڪ ٽريلر جي ٽڪر سان، ٽئڪسي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي. اڍيجو ۽ فقير شهيد ٿي ويا. ويچارو ڊرائيور به ٻچڙن کان وڇڙي ويو. ملاڻو ۽ پليجو سخت ڌڪجي پيا. 31- جون جي رات جو اڍائي وڳي، جڳديش به اسلام آباد جي ”پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف سائنٽيفڪ ريسرچ“ واريءَ اسپتال ۾ دل جي بيهڻ سان دم ڏنو. ان طرح، ٽي نوجوان اسان کان وڇڙي ويا. غلام قادر پليجو هاڻي ٺيڪ آهي. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي!

تاريخ هميشه ايندڙ دؤرن ۾ لکي ويئي آهي. وقت جي حاڪمن يا اقتداري طبقي جي عتاب جي ڀؤ کان، مؤرخ پنهنجي زماني جي حالتن جو سچ لکڻ کان لنوائي، ماضيءَ جي معلومات ويهي سهيڙيندو آهي.

ماضيءَ جي تاريخ ۾ به سچ کي ڪوئلن جي کاڻ مان هيرن جيان هٿ ڪرڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن دؤر جا حاڪم يا اقتداري شخصيتون، گذريل دؤر کي رد ڪرڻ واريون هونديون آهن، تنهنڪري ان جي گلا ۽ پنهنجيءَ واکاڻ کي پسند ڪنديون آهن. هر دؤر جي تاريخ، انهيءَ ڪري، گهڻي ڀاڱي، خوشامدي افسانن سان ڀريل ڏسبي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ کي وري وري لکيو ويندو آهي- ۽ اهو سلسلو سوين هزارن سالن تائين به جاري رهندو آهي، تان جو حقيقتون هٿ اچن، يا وري وقت جي وٿيءَ ڪري بنهه وڃائجي وڃن.

پر تاريخ نويس جي ڀيٽ ۾، صحافيءَ کي حالتن جو اُهو روزنامچو مرتب ڪرڻو پوي ٿو، جنهن ۾ ماضيءَ جون نه، پر حال جون حقيقتون، اڄ جو اڄ، انهيءَ ئي وقت، انهيءَ ئي گهڙيءَ، في الفور، تڙي کڙي، بس هينئر ئي پيش ڪرڻيون پون ٿيون. ڪو صحافي ڪوڙ لکي يا سچ، ڪنهن جي گلا ڪري يا واکاڻ، پر ان لاءِ کيس وٿي ڪابه ڪانهي، مهل اها ئي آهي. داستان گوئي ڪار ڪانهي. پوءِ جيڪڏهن ڪو صحافي سچ تي سندرو ٻڌي بيهي، ته سندس اهو عمل ڏاڍو ڪٺن ۽ تاريخ نويسن جي ڪم کان گهڻو اوچو ۽ اُتم ٿيندو- ۽ اهڙي اوچي ۽ اُتم ڪم ڪندڙ صحافيءَ کي خود تاريخ نويس ”فقير محمد لاشاريءَ“ جو نالو ڏيندو.

فقير محمد لاشاري گامو سچار هو يا وتايو فقير، پر پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪا ٻاهرين مخلوق- الائي ڪهڙي گرهه تان ڳالهائيندو هو، لکندو هو، الائي ڪهڙيءَ صديءَ جو ماڻهو هو- ٻه صديون اڳ، يا ٻه صديون پوءِ جو!

- شمشير الحيدري

وييون پَٻ پَئِي، کيرون کاهوڙن جون،

آئون تَنِ ڏوٿين جو، پُڇان پير، پَهِي!

رُڃن رات رهِي، ڏُونگَر جَنِين ڏوريا.

- لطيف

سنڌيءَ جو ڏهيسر صحافي فقير محمد لاشاري جيڪو

 17- جولاءِ، 1993ع تي پنجاب جي گوجر خان شهر وٽ ڪار جي حادثي ۾ شهيد ٿي ويو.

شـــيــخ ايــاز

27- اي ”پرنس ڪامپليڪس“

نزد: ڪلفٽن پُل

ڪراچي، سنڌ

ڌيءَ سَحر،

نثر ۾ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ تي لکيل ٽي صفحا مهاڳ مان ڪجهه حصو موڪليانءِ ٿو. دراصل ان مهاڳ ۾ مون دنيا جي پوري شاعريءَ تي سرسري نظر وڌي آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ اِهو ادبي تنقيد جو پهريون ڪتاب آهي.

ان سان گڏ پنهنجي اڻ ڇپيل ڪتاب ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ مان ڪجهه آزاد نظم به اُماڻيانءِ ٿو. اهي نظم پڙهي توکي محسوس ٿيندو ته آزاد نظم، پابند نظم کان ويهه ڀيرا وڌيڪ پابند آهي، رڳو روايتي پابنديءَ مان آزاد آهي. ان ڪتاب ۾ اٽڪل پنج سئو صفحا آهن، جي مون پندرهن ڏينهن ۾ لکيا آهن، سي به رات جو ڏهين بجي کان صبح جو پنجين بجي تائين. قاضي منظر حيات جنهن اِهي نظم اُتاريا آهن، ان ڳالهه جو عيني گواهه آهي ته مون دل جي ڊاڪٽر جي مشوري کي مسترد ڪري ازلي مشيت ۾ اعتبار ڪيو ۽ بيماريءَ کانپوءِ ايترو لکيو جيترو سڄيءَ زندگيءَ ۾ نه لکيو هو. دراصل اهي نظم مون نيم غنودگيءَ جي ڪيفيت ۾ لکيا ها ۽ مون کي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڪوئي مون کان ان وقت لکرائي رهيو آهي. ڪولرج نشي جي حالت ۾ فقط هڪ نظم ”قبلائي خان“ لکيو هو ته انگريزي دنيا ان تي جهومندي آهي. ڀٽائيءَ چيو هو:

”راتڙيون جاڳن جي، سي ڪندڙي سيڻ“

ڇا مان ان معيار تي پورو اچان ٿو؟

امداد لاءِ سڪائتا سلام.

نيڪ تمنائن سان،

شيخ اياز

21- مارچ 1993ع

شيخ اياز

شاعريءَ جا فني قدر

 

(”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ تي شيخ اياز جي مهاڳ مان هڪ ٽڪر)

آڪٽوبر 1990ع ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي دعوت تي اسان پوني ويا هياسين. اسان سان گڏ هري موٽواڻي به هليو هو. گنوسامتاڻي اُتي پاڻ ئي پهچي چُڪو هو. پورو ياد نٿو اچي. پونم جي رات هئي. اسان ريٽا جي بنگلي جي ڇت تي وَڌاوڙي ۾ ويٺا هياسين.

چوڌاري باغ هيو، ڪيئي وڻ بيٺا ها، ٻوٽا هوا ۾ لُڏي رهيا ها، بنگلي جي چوڌاري جيڪي به بنگلا هيا، اُتي به ڪيئي وڻ ها، جن تي چانڊوڪي ڇانيل هئي ۽ ريٽا وِسڪيءَ جا ڍُڪ پي، پنهنجي نثري شاعري ٻُڌائي رهي هئي. اسان اڌ رات تائين ويٺا رهياسين ۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسين ۽ مان پنهنجي اندر ۾ ٽُٻيون به ڏيندو رهيس. ٻاهران ڪائنات ڪنهن اشوڪ جي وڻ وانگر ٿي لڳي، جو اونڌو لڙڪي رهيو هجي ۽ جنهن جون جَڙون آڪاس ۾ هجن ۽ پن، ٽاريون ڌرتيءَ تي. ريٽا جي نثري شاعري روحانيت جي باري ۾ هئي. جنهن ۾ ڀارت ورش جي خوشبو هئي. پر ان ۾ ابهام هو جو نه رڳو هن ديس جي وحدانيت ۾ آهي، پر هر مذهب جي وحدانيت جي تصور ۾ آهي، ڪيتري وقت کان ڪائي سوچ جا منهنجي من کي ڌونڌاڙيندي رهي هئي. وَري منهنجي من کي گرفت ۾ آڻي چُڪي هئي. پهرين جِيوُ جڏهن ڄايو هو، تڏهن اُن کي ڪنهن ڏٺو هو؟ هي رت پونءِ ته هن ڌرتيءَ جي دين آهي، پر آتما ڪٿان ٿي اچي؟ جي خدا ڌرتي ۽ آسمان پيدا ڪيا ته اهي ڪيئن ڪيا، اهو مشڪل ڪم اک ڇنڀ ۾ ڪيئن سر انجام ڏنو ويو؟ جي خلا مان ئي ساري تخليق ٿي، ته اُن تخليق لاءِ مواد ڪٿان آيو؟

مون کي ڀيرومل مهر چند جي قديم سنڌ مان رگ ويد جا ٽڪرا پئي ياد آيا. اندر، مِترا، وَرن، اگنيءَ جي باري ۾؛ ڪهڙي نه پياري شاعري هئي اُن ۾! پوءِ انهيءَ جي دَويتا ۾ اَدويتا مان هڪ خدا جو تصور اڀري ٿو، جو اُپائڻهار ۽ سِرجڻهار آهي، مشاهدي ۾ جو محدود آهي، انت ۾ لامحدود آهي ۽ مشاهدي کان بعيد آهي، هڪ ڪُنڀر آويءَ تي ٿانءُ پچائي لسائي لاهي ٿو پر ان لاءِ به هن کي ڪنهن خام مواد جي ضرورت آهي؟ پر گيت لاءِ ته ڪنهن خام مواد جي ضرورت نه آهي. ان ۾ ته شاعر پنهنجي وجود کي چَڪيءَ تي ڦيرائي ٿو ۽ هن کي پتو نه آهي ته اِها چڪي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ اهي سوال ها ازل ۽ ابد جي باري ۾، جن جو رگ ويد ۾ جواب ڏنو ويو هو ۽ جو مان ڀانيان ٿو ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي تخليق ڪيو ويو هو:

”ڏينهن ۽ رات ۾ ڪائي مشابهت نه هئي. نيستي به ڪانه هئي، هستي به ڪانه هئي، موت به ڪونه هو، زندگي جاويد به ڪانه هئي.“

شاعر پنهنجي توڙ تي پهچي ٿو، جڏهن هو ازلي حقيقت کي اظهاري ٿو ۽ چوي ٿو ته ديوتائون به پوءِ جي پيدائش آهن. هن ڪائنات جي حقيقت جو پورو بيان نه ٿو ٿي سگهي ۽ نيستي ۽ هستيءَ جي وچ ۾ تضاد جو انساني پهچ کان پري آهي، زمان ۽ مڪان جي سرحد کان دور، ڪٿي حل ٿي وڃي ٿو.

هند جي سر زمين تي اهي سوال ازلي ۽ ابدي آهن ۽ انڪري مون کي ريٽا جي روحانيت واريءَ شاعريءَ تي عجب نه آيو. مون هن ۾ ايتري نواڻ به ڪانه ڏٺي. هوءَ هري دلگير جي شاگرد هئي جو هن کي فارسي بحر وزن سان آشنائي ڏئي سگهي ها، جنهن ۾ هو خود شاعري ڪندو آهي. جي هوءَ ماترائن جي حساب سان شاعري ڪري ها ته اُها به هن جي وس کان ٻاهر نه هُئي. ماترائن جي حساب سان هند ۾ مذهبي توڙي ٻي شاعري ڪيتري نه پياري ڪئي وئي آهي! ڪرشن جي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪنهن نامعلوم سنسڪرت جي شاعر لکيو آهي:

”ماتا!“

”ڇا ڳالهه آهي؟“

”مون کي کير- ڪٽورو ڏي!“

”ڇا لاءِ؟“

”ان لاءِ ته مان پيئان.“

”هاڻي نه“

”رڳو رات جو.“

”رات ڇا ٿيندي آهي؟“

”جڏهن ڌرتي ۽ آڪاس اونداها ٿي ويندا آهن.“

اها ڳالهه ٻڌي ڪرشن پنهنجون ٻئي اکيون ٻوٽيون ۽ چيائين:

”ماتا هاڻي ته ڏيندينءَ! رات اچي وئي آهي.“

اها منظوم شاعري آهي ۽ نثري شاعري نه آهي جيئن ڪرستان روايت ۾ سليمان جو گيتن جو گيت جو نثري نظم ۾ آهي ۽ جو مان اڳتي هلي ڏيندس. هنديءَ جي ڪويءَ جئديو ۾ به اهڙي ريت ڀرپور مذهبي جذبات هئي، جنهن گيت گووند لکيو آهي، جيتوڻيڪ ٽي سال پوءِ چيتنيه جي تحريڪ به ساڳي نوعيت واري هُئي. اُن ۾ راڌا ۽ ڪرشنا جي پيار جي باري ۾ گيت آهن، اُهي نثري نظم نه آهن، پرموزون آهن. گيت گووند کان ڪيئي صديون اڳي شرنگار تلڪ لکيو ويو جو ڪاليداس سان منسوب ڪيو ويو آهي، پر محقق ان کان انڪاري آهن ته اهو ڪوئي ڪاليداس جو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ به ڪيني بُرڪاريءَ واريون تشبيهون آهن، جيئن:

”تنهنجُون اکيون ڪنول جي پتين وانگر آهن، تُنهنجو مُک ڪنول وانگر آهي، تنهنجا چپ ڪچا ڪُونپل آهن ۽ تنهنجا انگ چمپڪ جي پنن وانگر آهن. ٻڌاءِ پريتما، مون کي ٻُڌاءِ ته اپائڻهار توکي پٿر جهڙو هانءُ ڇو ڏنو آهي؟“ اُتي ڪويءَ کي من ۾ بسنت کان ڀَؤ ٿئي ٿو. ”اڳيئي مون کي پيار پيڙا ڏئي رهيو آهي ۽ منهنجو من جو ملڻ جوڳو نه آهي، آگم لاءِ پرارٿنا ڪري رهيو آهي. اُن جو ڪهڙو حال ٿيندو، جڏهن انب ٻُور سان ٻوڪجي ويندا ۽ ان جي ڦِڪي اڇاڻ اولهه جي هوا ۾ ڦُٽي پوندي؟“ هن ۾ ڪِٿي به ڪاوڙيل پيڙا نه آهي. ”تون منهنجا چپ منهنجي اِڇا کان سوا ڇو ٿو چُمين، نِر لڄا، ائين لڄ جو مِکِر ڇو ٿو ڪرين؟ هَٽُ، ڇَڏ منهنجي گهگهي جي پاند کي ڇَڏ! اِهي سَوَڳنڌ کڻي، مون کي ڀنڀلائي ڇو رهيو آهين؟ مان تنهنجو اوجاڳيل انتظار ڪڍي ٿڪجي پئي آهيان، موٽي وڃ انهيءَ ڏانهن، جنهن سان ريڌل هُئين! ماکيءَ جون مکيون اُهي ڦول ڇا ڪنديون، جي ڦِٽي ڪيا ويا آهن؟“

ستين صديءَ جي ڪويءَ ڀرتري هريءَ ۾ ڀرپور عشقيه شاعريءَ جي پهرين جهَلڪ ملي ٿي، ڪهڙي نه پُرڪشش تصوير آهي هن جي پياريءَ جي جڏهن هوءَ جهنگ ۾ چندرمان جي اُهاءَ ۾ ڀٽڪي ٿي:-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com