سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :9

جارج بشپيرو

ولي رام ولڀ

اسپتال

جڏهن ايمبولينس وارا انهيءَ پوڙهي کي وٺي آيا ته اسان تاش کيڏي رهيا هئاسين. سندس مٿي تي هڪ نشان هو. هنن کيس ڪنهن کنڀ جئن سولائي سان منهنجي ڀرواري بستري تي ليٽايو. پوڙهو ايترو هوش ۾ هو جو هن سڀن کي صاف ۽ سالم صورت ۾ پنهنجي واقفيت ڏني. مان ساڻس هٿ ملائيندي ڏڪي ويو هوس. ڊيوٽي ڊاڪٽر انهيءَ پوڙهي کان جڏهن سندس بيماريءَ جي باري ۾ پڇيو، ته هو رڳو ڀڻڪيو، ”منهنجو پير سُڄي پيو آهي.“

ڊاڪٽر ڪمبل مٿي کڻي پوڙهي جي واڱڻائي اڇين پينڊين کي ڇهيو. پوءِ هن سندس بلڊ پريشر ڏٺو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. پوڙهي پاڻي گهريو. مان ڀرسان هئس، مون کي کيس گلاس ڏيڻو پيو. پوءِ هن اُلٽي به ڪئي.

ڊاڪٽر ۽نرس گڏجي هن لاءِ اءنفيوزن جو انتظام ڪيو. نرس انهيءَ پوڙهي جا ڪپڙا لاٿا ۽ هڪ پُسيل ڪپڙو هوريان هوريان سندس سموري جسم تي گهمائڻ لڳي. هو چمڙي ۽ هڏين جو هڪ پڃرو هو. پوءِ به مونکي اهو پوڙهو خوبصورت لڳي رهيو هو.

رات جو هن جي ساهه کڄڻ جو آواز اچي رهيو هو. دروازي جي مٿان لڳل بلب جي روشنيءَ ۾ انهيءَ اسٽينڊ ۾ اُبتي ٽنگيل پلاسٽڪ جي ٿيلهي کي ڏسندو رهيس، جنهن ۾ ڀريل پاڻيٺ ڦڙو ڦڙو ٿي گڏ ٿيندي پئي ويئي. جڏهن اها ٿورو رهجي ويئي ٿي ته مون نرس کي سڏ لاءِ گهنٽي جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو ٿي. نرس اچي نئين ٿيلهي لڳائي ٿي ۽ مهنجو ٿور مڃي هلي وڃي ٿي.

صبح تائين مون ٽي ڀيرا گهنٽي وجھائي هئي.

لڳ ڀڳ سمورو ڏينهن مون ڪاريڊور ۾ ئي گذاريو هو. جڏهن پوڙهي اُلٽي ڪرڻ شروع ڪئي ته اسان سندس اڳيان چلمچي رکي. سائو سائو ڪجهه پاڻيٺ جهڙو مادوسندس وات مان ٻاهر نڪرڻ لڳو.

”هن سال مون کي ٻه ڀيرا هتي آندو اٿن.“ پوڙهو ڀڻڪيو، ”۽ ٻئي ڀيرا مون سوچيو ته مان هاڻي واپس گهر وڃي نه سگهندس.“

اسان چپ چاپ تاش کيڏيندا رهياسين.

اٺين وڳي کان ڪجهه دير پوءِ پوڙهي جي وات مان گهٽيل خراهٽ جو آواز نڪرڻ لڳو، مون نرس کي سڏڻ لاءِ گهنٽي دٻائي. نرس آئي۽ واپس موٽي ويئي. ٻيهر يوٽي ڊاڪٽر کي وٺي واپس آئي. هن ڊگهي ۽ مضبوط شخص پوڙهي جا هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتا.

”ڪهڙي تڪليف آهي توکي، مونکي ٻڌائي سگهين ٿو؟“ هن نرم لهجي ۾ پڇيو.

”منهنجو ساهه ٿو گهٽجي.“ پوڙهي ڀڻ ڀڻ ڪئي.

ڊاڪٽر ۽ نرس گڏجي هڪ وڏو آڪسيجن ماسڪ کڻي آيا ۽ پوڙهي جي منهن تي چاڙهي ڇڏيائون. نرس سرنج ۾ ڪا دوا ڀري. وچ ۾ پوڙهو ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندو رهيو، ”منهنجو ساهه ٿو گهٽجي.“

”هاڻي کيس، تون اها ڏيئي سگهين ٿي.“ ڊاڪٽر چيو.

نرس پوڙهي جي ٻانهن ۾ سئي ٽُنبي ڇڏي.

پوڙهو ساهه کڻڻ لاءِ ڦٿڪيو. ”منهنجو ساهه ٿو گهٽجي“ هن چيو ۽ وري ڦٿڪڻ لڳو.

مان تيزيءَ سان ٻاهر ڪاريڊور ۾ نڪري آيس. منهنجي پويان ڪمري جا ٻيا مريض به هئا.

”اُف! ڪيڏي ڀوائتي ڳالهه آهي.“ مان هڪ عجيب ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائي ويس.

نرس باٿ روم مان وڏو سفيد پردو منهنجي ڪمري ۾ کڻي ويئي. ڊريسنگ گائون پاتل ڪاريڊور ۾ چهل قدمي ڪندڙ عورتون اندرين هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ واجهائڻ لڳيون.

”آڌي رات کان اڳ اهي لاش کڻي وڃڻ واري ٽرالي نه گهرائيندا.“ منجهانئن هڪ ڄڻي سڀڪجهه  ڄاڻندي چيو، ”اهو ئي فائدو آهي. جيڪڏهن هو اچي به وڃي ٿوته کيس قبرستان ته انهيءَ وقت تائين نه کڻي ويندا.“

مان ڀرسان ئي بيٺو رهيس. پوڙهي جو جسم بستري تي پيو هو، واڱڻائي اڇيرڙو، سندس منهن تان آڪسيجن ماسڪ لاٿو پئي ويو.

”مون فيصلو ڪيو ته جيستائين سندس لاش پيو هوندو، مان واپس نه ويندس.“ اسان سگريٽ ڇڪيندي ڪاريڊور ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهياسين. لڳ ڀڳ ساڍي نوين وڳي هڪ پوڙهي نرس ڊيوٽيءَ تي آئي.

”اوهان سمهڻ جي ڪوشش ڇونٿا ڪريو؟“ هن پڇيو.

”اسان کي ننڊ نٿي اچي.“ اسان وراڻيو. نرس پنهنجي جسم کي ٿورو لوڏو ڏنو ۽ اڳيان وڌي ويئي.

ٻيا هوريان هوريان منهنجي ڀرواري ڪمري م واپس هليا ويا ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.

ڪاريڊور ۾ رڳو اسان ٻه رهجي وياسين. ساڍي يارهين کان پوءِ فضا ڳنڀير ٿي ويئي. اسان هيڏانهن کان هوڏانهن چڪر ڏيڻ لڳاسين. مارٽن کي صبح جو اينيما ڪيو وڃڻ وارو هو، جنهن کان هو ڊڄي رهيو هو، ڇو ته اڄ ڪالهه اينيما وٺڻ سان سندس پيٽ ۾ خوفناڪ سُور اُڀرڻ لڳو هو. هونئن کيس ٻي ڪا پريشاني نه هئي. هو پوريءَ طرح ٺيڪ هو، سواءِ انهيءَ جي ته سندس وزن ڪجهه گهٽجي ويو هو. لڳ ڀڳ ڏهه ڪلو.

آڌي رات ڌاري ڏاڪڻ تي اسان کي پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ آئي

”کيس وٺيو پيا اچن.“

اڇو لباس ۽ اڇي ٽوپي پائي اسپتال جا ملازم ٽرالي کي ڌڪي کڻي اچي رهيا هئا. انهيءَ وقت تائين مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اهي مرده جسمن کي به ڍوئيندا هوندا. اسان هڪ ڦرندڙ دروازي مان نڪتاسين ۽ تيستائين بيٺا رهياسين جيستائين ٽراليءَ جي واپس اچڻ جو آواز نه ٻڌوسين. پوءِ اها ڦرندڙ دروازي وٽ بيٺي. لاش ڍوئيندڙن دروازي کي ڌڪو ڏنو، جنهن سان لڳي اسان بيٺا هئاسين.

”واپس پنهنجي وارڊ ۾ هليا وڃو،“ هن چيو، ”هي زناني ويم وارڊ آهي.“

”بس هڪ منٽ ۾،“ مون چيو.

مارٽن ڪجهه ڊنل لڳي رهيو هو ۽ چپ هو.

”هلو، هلو،“ انهيءَ شخص منهنجي ٻانهن جهليندي چيو. مون ڇڪ ڏيئي پنهنجي ٻانهن ڇڏائي ورتي.

”مان اوهان ٻنهي جي شڪايت وڏي ڊاڪٽر سان ڪندس“ چئي هو انهيءَ ڦرندڙ دروازي کان ٻاهر هليو ويو.

ٽرالي وري کسڪڻ لڳي ۽ دير تائين اسان انهيءَ جي ڦيتن جي ”چون چون“ ٻڌندا رهياسين. ڪجهه دير وڌيڪ اسان اتي بيٺا رهياسين، پوءِ جنرل وارڊ ڏانهن موٽي آياسين ڪمري ۾ چانڊوڪي اندر تائين ڦهليل هئي. انهيءَ پوڙهي جي کٽ تان بسترو هٽائي ڇڏيو هائون. تارون ۽ اسپرنگ انهيءَ کٽ جي هڏين جئن لڳي رهيا هئا.

اسان بسترن ۾ پئجي وياسين. مان بستري تي پٺي ڀرائي ليٽيو رهيس. بعد ۾ اٿي وري ٻاهر ڪاريڊور ۾ هليو ويس. مون نرس کان ننڊ جون ڪجهه گوريون گهريون. هن ڪنهن دوا جا ڪجهه ڦڙا ڏنا، جيڪي مان پي ويس. نرس ننڍي نيٽي گول مٽول ڇوڪري هئي. هڪ عجيب معافي گهرڻ واري لهجي ۾ هوءَ کلي ۽ کلندي کلندي، پر ڪجهه هٻڪندي چيئاين، ”منهنجو پهريون موت!“

هوءَ نرسن جي ڪمري مان ٻاهر هلي ويئي. ٽيبل تي ميڊيڪل رپورٽون وکريون پيون هيون. مون چاهيو ته مان انهن مان پنهنجي رپورٽ ڳولي ڪڍان پر اوچتو مون کي ڊپ ورائي ويو. جيڪڏهن مان پنهنجي پاڻ کي چڱيءَ طرح وس ۾ نه رکي سگهيس ته اها بيماري بيشڪ موتمار ٿي سگهي ٿي. مان ٻاهر ڪاريڊور ۾ نڪري آيس، سمهڻ جا ڪپڙا پاتل ڪي عورتون بينچ تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيون هيون ڪنهن ٻئي مريض جي باري ۾، جا گذريل چئن ڏينهن کان سندن ڪمري ۾ مرڻينگ پيئي هئي ۽ جنهن کي برداشت ڪرڻ سندن وس کان ٻاهر هو. ڪاريڊور جي آخري ڇيڙي تي وکريل وارن وارو هڪ شخص پنهنجي پتلون ۽ ان جي اڳ وارن بٽڻن سان کيڏي رهيو هو. اوچتو هڪ ڪمري مان نرس نڪتي ۽ انهيءَ شخص کي واپس وڃڻ لاءِ چيائين. هن ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪئي ۽ اتي ئي بيٺو رهيو ۽ وري پنهنجي پتلون ۽ ان جي بٽڻن جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندو رهيو. پوءِ ڪافي صاف آواز ۾ چيائين: ”مان گهر وڃي رهيو آهيان، قاتلو!“

پر انهيءَ کان پوءِ به بي تعلق صورت ۾ بڪندو رهيو.

نرس پنهنجو پاڻ کي هڪ جهٽڪو ڏنو ۽ منهنجي ڀرسان اچي کلندي چوڻ لڳي: ”هي هر رات ائين ڪندو آهي.“

مان ٽين وڳي تائين ڪاريڊور ۾ سگريٽ ڦوڪيندو رهيس. عورتن جي وارڊ مان ٽي عورتون هڪ عورت کي سهارو ڏينديون وٺي اچي رهيون هيون. سندس پير سڄيل هئا، هونئن هوءَ ڪافي ڪمزور عورت هئي، اها به مرڻ واري هئي. انهن کيس هڪ ٻي بينچ تي ويهاري ڇڏيو. ٻوٽيل ٻوٽيل اکين سان اها عورت ٻاهر نهاري رهي هئي، شايد چنڊ ڏانهن ڏسي رهي هئي. هڪٻئي کي سهارو ڏيندي ٻه ماڻهو سگريٽ پيڻ واري هنڌ تي بيٺا هئا. لڳو ٿي ته انهن باٿ روم وڃڻ چاهيو ٿي پر رستي ۾ ئي ڀلجي ويا هئا. هڪ ڪمزور ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي اڙيل هو ته هي آفريڪا آهي ۽ هتي ڏينهون ڏينهن گرمي وڌندي وڃي رهي آهي. هڪ بزرگ بيحد آڪڙجي اڪيلو ئي شطرنج کيڏي رهيو هو نرس ڏاڍي تيزيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ڪري رهي هئي، پر کيس ايتري واندڪائي نه هئي جو هوءَ انهن چُرندڙ پرندڙ پاڇن جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. هوءَ بيڊپين ۽ سُئي جي ٽري هٿ ۾ کڻي گهمي رهي هئي، هر منٽ هڪ گهنٽيءَ جو آواز کيس ٻئي ڪمري ۾ سڏي رهيو هو. مون کي مٿس رشڪ ٿيڻ لڳو. ڊيوٽي تي لڳل اهو نوجوان ڊاڪٽر پنهنجي ڪمري مان ڪئين ڀيرا ٻاهر نڪتو. هو به ننڊ جي هلڪن جهوٽن ۾ سُستي وچان هلي رهيو هو. پر ڪاريڊور ۾ چهل قدمي ڪندڙ مريضن لاءِ وٽس ڪجهه نه هو. هڪ ڀيرو ڪاريڊور جي پرئين ڇيڙي تي مون کي هو به انهن مرندڙ مريضن مان هڪ لڳو.

ڪمرن جا دروازا کليل هئا. چانڊوڪي توڙي دروازن جي مٿان ٽنگيل، هيمشه ٻرندڙ بلبن جي روشنيءَ ۾ مون پهريون گهمرو ڌيان سان ڏٺو ته وڏن ڪمرن ۾ بيهوش جسمن ۾ دوا، خون وغيره چاڙهڻ لاءِ بسترن جي قطار لڳل آهي. مون کي هيستائين اسپتال ۾ آئي ٻه هفتا ٿي چڪا هئا پر مون انهن ڳالهين تي اڳ ۾ غور نه ڪيو هو.

ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هر شيءِ ماٺ ۾ هئي، ۽ مان اسپتال جي ڪاريڊور ۾ ماٺ ئي ماٺ ۾ گهمندو رهيس. ڏيڍ وڳي انهيءَ هڪ پبلڪ ٽيليفون جي اڳيان لڳل قطار ۾ مان به بيهي رهيس. چوڪيدار جي ڪمري جي اڳيان منهنجي اڳ واري بينچ تي اهو راتو ڪو ملازم پنهنجي سموري اڇي لباس ۽ اڇي ٽوپي ۾ ويهي مون کي گهوري رهيو هو. مان انهيءَ وڏي بجلي- گهڙي ڏانهن ڏسندو رهيس. ٻي وڳي کان آرام جو وقت هوندو آهي ۽ انهيءَ وقت فون ڪرڻ منع آهي. ٻن ۾ پنجن منٽن تي منهنجي اڳيان بيٺل عورت فون تي ڳالهائي رهي هئي. مان هڪ پير تي بيهي، گهڙي رڳو اڇا- شڪتي سان روڪڻ چاهي رهيو هئس. ٻن ۾ ٻه منٽ هئا جڏهن اها عورت ٻاهر نڪتي، مان بوٿ ۾ گهڙيس ۽ ٺڪاءُ سان دروازو بند ڪيم.

مون وٽ ڏيڍ منٽ هو.

مون ٿڌي دماغ سان سوچڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر هن دنيا ۾ هن وقت مان ڪنهن سان ڳالهائي سگهان ٿو.

ڊينس وهٽلي

مترجم: غلام نبي ميمڻ

گمنام سمنڊ

هڪ زبردست ۽ خوفناڪ موج پنهنجي پوري قوت سان اچي جهاز سان ٽڪري. جهاز سڄو پينگهي وانگر لڏي ويو ۽ نهايت تيزيءَ سان خطرناڪ نموني مٿي اٿي ويو. گهڙي پلڪ ته انهيءَ موج جي چوٽيءَ تي ائين بيٺو رهيو، ڄڻ ته ڪو هوا ۾ بيٺل هجي. انهيءَ کان پوءِ جڏهن هيٺ لٿو ته اڳيون حصو سڄو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ هر گهڙيءَ اُنهي کان اونهون... اڃان به اونهون هيٺ وڃڻ لڳو. پويون حصو سڄو فضا ۾ اُڀو ٿي ويو. مٿئين طبقي جي هال ۾ صوفن ۽ ڪرسين تي ويٺل مسافرن کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڪنهن لفٽ جي بريڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ اها تمام تيزيءَ سان هيٺ پئي ڪري.

”جافلبورگ“، هڪڙو ننڍڙو تجارتي جهاز هو. ست ڏينهن اڳ ۾ ڪيپ ٽائون جي بندر تان جڏهن غرب الهند جي ٻيٽن ۽ ڏکڻ آمريڪا روانو ٿيو ته موسم نهايت خوشگوار هئي، پر چوٿين ڏينهن اچي طوفان لڳو. گذريل چوويهن ڪلاڪن کان مسافرن کي پنهنجي سر جي لڳل هئي. هر چند منٽن بعد هڪ پربت جيڏي لهر گج اڏائيندي اچي جهاز سان ٿي ٽڪرائي ۽ پوءِ ٽپ ڏئي طبقي ۾ اندر پهچي ٿي وئي ۽ ٿوري دير لاءِ سڄو طبقو ٻڏي ٿي ويو. جنهن ڏينهن جو اهو ذڪر آهي، انهيءَ شام جو لهرن جهاز جي اڳيان لڳل ڌاتوءَ جي چادر ڀڃي ڇڏي هئي ۽هاڻي انهيءَ مان جهاز جي هيٺين طبقي ۾ پاڻي وڃي رهيو هو. ملاح پنهنجا سر تريءَ تي رکي جهاز کي سنڀالڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيا هئا. چند ڪلاڪن کان پوءِ مسافر به پمپ هلائڻ ۽ پاڻي ڪڍڻ جي ڪم ۾ سندن مدد ڪري رهيا هئا.

رات جي وقت طوفان ۾ زبردست اضافو ٿي ويو: طوفاني لهرن جي دٻاءُ پوڻ سبب جهاز جو هڪ هڪ تختو چيچٽ ڪري رهيو هو. لهرون گهڙيءَ گهڙيءَ جهاز کي فضا ۾ ڪڏائي رهيون هيون ۽ جهاز وري اچي ٿي ٻوٿ  ڀر پاڻيءَ ۾ ڪريو. ۽ ان وقت ائين ٿي محسوس ٿيو ته هاڻي جهاز وڃي سمنڊ جي تر تي بيهندو. ڪپتان جي حڪم تي روشنيءَ جا راڪيٽ به اڇلائي رهيا هئا ۽ وائرليس تي آپرٽر مدد لاءِ سگنل موڪلڻ ۾ مصروف هو. پر انهن ڪوششن مان ڪو مفيد نتيجو نڪرڻ جي اميد نظر نه ٿي آئي، ڇو ته سمنڊ جو اهو علائقو عام تجارتي جهازن جي رستي کان تمام پري هو ۽ اتي اتفاق سان ڪو جهاز ايندو هو.

اڌ رات جي قريب ڪپتان هال ۾ آيو. سندس خيال هو ته پريشان ۽ خوفزده مسافرن سان گهڙي کن ڳالهيون ڪري کين تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. سڀئي مسافر بي انتها اُٻاڻڪا ۽ هراسيل هئا. ڪنهن جي وات مان به ڳالهائڻ نه نڪتو. خاموش ويٺل ويران ۽ اُداس نظرن سان ڪپتان ڏي چتائي نهاريندا رهيا. ٿوري دير کان پوءِ ڪپتان واپس وڃڻ لاءِ مڙيو. بلڪل انهيءَ مهل هڪڙي وڏي ۽ هيبتناڪ لهر جهاز سان اچي ٽڪري. هوا ۽ ڇولين جي گوڙ کانسواءِ هڪ ٻي به گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي. تختا به چنگهڻ لڳا ۽ انهن جو آواز گوڙ ۾ بدلجي ويو. دروازن جا طاق پاڻ ۾ اچي ٽڪريا ۽ جهاز هڪ جهٽڪي سان کٻي طرف جهُڪي ويو. اهو جهٽڪو ايڏو ته شديد ۽ جهڪاءُ ايڏو ته خطرناڪ هو جو ڪپتان جا ڏاڪڻ جي جهنگلي مان هٿ نڪري ويا ۽ هو سڌو هال جي وچ ۾ اونڌو ٿي ٻوٿ ڀر فرش تي وڃي ڪريو. مسافر به هڪٻئي جي مٿان وڃي پيا. خوف ۽ هراس سبب سندن منهن لهي ويا، اکيون ڦاٽي ويون ۽ خون خشڪ ٿي وين.

ياالله خير، اڌڙوٽ عمر جي هڪڙي اسيپيني عورت رڙ ڪئي. ”هاڻي ته جهاز ٻُڏي ٿو. اسان سڀ غرق ٿي وينداسين.“

ڪرنل ڪارڊن جي هڪڙي ٽنگ ڌڪ بيڪار ڪري ڇڏي هئي. هن پنهنجي صحتمند ٽنگ صوفي جي ٻانهن تي رکندي، ٻنهي هٿن سان ان جي ٽيڪ کي پڪڙيو ته جيئن لوڏن لمن کان محفوظ رهي. سندس ڀرسان سندس ئي هڪڙي نوجوان ڌيءَ مِس يونيٽي ڪارڊن ويٺي هئي. خوف کان سندس ڏاڍي خراب حالت هئي. پر هوءَ پنهنجي جذبات تي قبضو ڪري خاموش ويٺي هئي.

بسيل سٿرلينڊ ۽ ويدراس ڪپتان کي فرش تان اٿاريو. هو ٿڙندو، ٿاٻرندو ٻاهر ويو ۽ صورتحال جو اندازو لڳائڻ لاءِ انجڻ واري ڪمري ڏانهن ويو. اتي جوهن ليويا ۽ فرسٽ ۽ ٿرڊ آفيسر موجود هئا. ڪپتان کي ڏسي هڪدم ان ڏانهن وڌيا. اڳئين حصي ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب جهاز خطرناڪ حد تائين هڪ طرف جهڪي ويو هو ۽ پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ بيڪار ٿي ويا هئا. جهاز هاڻي ڪنهن به وقت غرق ٿي سگهيو ٿي. ڪپتان مجبوراً حڪم ڏنو ته حفاطتي ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاٿيون وڃن.

جهاز جو سائرن (گهگهو) مختر وقفن کان پو3 لڳاتار وڄي رهيو هيو. گهگهوءَ جو وڄڻ هڪ غمناڪ پڪار هئي. شايد ڪو ويجهو جهاز لنگهندو هجي ۽ آواز ٻڌي مدد لاءِ اچي پهچي. پر سڀ بيسود. گگهه اونداهيءَ ۾ هوا جي سوسٽ ۽ لهرن جي شور کان سواءِ ٻيو ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو. خوفزده ۽ هراسيل مسافر هٿن ۽ گوڏن ڀر هلندي، تختن ۽ رسين جو سهارو وٺي عرشي تائين پهچي ويا، جتي حفاظتي ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاهي رهيا هئا. فرسٽ آفيسر رڙيون ڪري هدايتون ڏئي رهيو هو. نيم جان ۽ روئندڙ عورتن کي بي جان ٻورين وانگر کڻي هڪ ٻيڙيءَ ۾ لاٿو ويو. برلياڪ کي به انهيءَ ۾ سوار ٿيڻو هو، پر عين انهيءَ وقت، جڏهن فرسٽ آفيسر ان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ سڏ ڪيو ته هو زوريءَ پوئتي هٽي ويو. هو محسوس ڪري رهيو هو ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ خطري کان خالي نه آهي. کيس رکي رکي هڪ ملاح دوست جي ڳالهه ياد اچي رهي هئي ته ڪڏهن به حفاظتي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. اهي هميشه موت جو ڦندو ثابت ٿينديون آهن. برلياڪ اڃان انهن ئي ويچارن ۾ بيٺو هو ته چند ملاحن اچي کيس ٻانهن کان ورتو ۽ کيس زبردستي ڇڪڻ لڳا. هومزاحمت ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ ٻي زبردست لهر جهاز ڏانهن وڌندي نظر آئي. انهيءَ جي سطح تي اڇي گجي ائين پئي نظر آئي جيئن جبل جي چوٽيءَ تي برف ڄميل هجي. ملاحن برلياڪ کي هڪدم ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جهاز جي رسين کي چنبڙي پيا.

جهاز جي ٽڪرائڻ کانپوءِ پاڻيءَ جي ديوار ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. هاڻي اتي بيهڻ خطري کان خالي نه هو. فرسٽ آفيسر برلياڪ کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهڻ جو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو. هڪڙي ديواني ۽ احمق مسافر خاطر ٻين ماڻهن جون جانيون خطري ۾ وجهڻ هڪ بيوقوفي هئي. هن رڙ ڪري ٻيڙيءَ جون رسيون کولڻ جو حڪم ڏنو. ملاحن هڪدم انهيءَ جي تعميل ڪئي. ٻيڙي هاڻي مڇريل سمنڊ جي سيني مٿان ترڻ لڳي. برلياڪ عرشي جي جهنگلي کي پڪڙي، ٻيڙيءَ کي نظرن کان اوجهل ٿيندي ڏسي رهيو هو. اوچتو ئي اوچتو هڪڙي لهر ٻيڙيءَ جي ڀرسان منهن ڪڍيو، ۽ آهستي آهستي بلند ٿيڻ لڳي. پوءِ اها تيزيءَ سان اڳتي وڌي. ٻيڙيءَ کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي اچي جهاز جي پاسي ۾ سٽيائين. ٻيڙي پرزا پرزا ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار سڀئي مسافر سمنڊ ۾ وڃي ڪريا. اها واردات اهڙي ته افسوسناڪ هئي، جو ويچارا دانهن به ڪري نه سگهيا. لهر ڀڳل ٻيڙيءَ جا تختا کڻي واپس وڃي رهي هئي ته برلياڪ کي پاڻيءَ جي سطح تي هڪ حسين چهرو نظر آيو. ان جا ٻئي هٿ مٿي هئا، جيئن مدد لاءِ سڏي رهيو هجي. ڏسندي ئي ڏسندي اهي سڀ غرق ٿي ويا. هاڻي اتي نه ٻيڙي هئي ۽ نه وري انهيءَ ۾ وهڻ وارا.

اهو دل دهلائيندڙ منطر ڏسي برلياڪ ڏڪي ويو. اکيون بند ڪري ڪا گهڙي کن ته جهنگلي کي چنبڙيو بيٺو رهيو. پوءِ ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻئي طرف وڃڻ لڳو. سندس سڄو جسم سرديءَ سبب سڪي پيو هو. هو فرانسي فوج ۾ ڪپتان هو. ڪافي وقت کان وٺي مڊغاسڪر ۾ خدمت انجام ڏئي رهيو هو ۽ هاڻي پنهنجي وطن واپس وڃي رهيو هو. اوچتو ئي اوچتو کيس پنهنجي مشن گن ياد اچي وئي. اها هن پاڻ ايجاد ڪئي هئي. هن کي يقين هوته اها ايجاد دنيا ۾ ڪافي مشهور ٿيندي. پر هاڻي ته اها به جهاز سان گڏ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندي. .......... افسوس، صد افسوس ........ ڪاش! سفر تي رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ اها گن مشين فوجي حڪام جي حوالي ڪريان ها....... اوچتو ئي اوچتو هو ڪنهن سان وڃي ٽڪريو. ڇرڪ ڀري ڏٺائين ته اهو ٿرڊ آفيسر هو، جيڪو پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪجهه مسافر ٻيڙيءَ ۾ وهاري رهيو هو. برلياڪ کي به گهلي ٻيڙيءَ ۾ پهچايو ويو. هڪدم رسيون کولي ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. بلڪل انهيءَ وقت ”جافلبورگ“ موج جي ٽڪر سبب لڏي ويو ۽ کاٻي کان ساڄي طرف ڦري ويو. مسافرن ساهه کڻڻ روڪي ڇڏيو ۽ دل ئي دل ۾ ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي سلامتيءَ جون دعائون گهرڻ لڳا. ملاحن هڪدم ونجهه سنڀاليو ۽ ٻيڙيءَ جو رخ بدلائي، جهاز کان پري وڃڻ جي جدوجهد شروع ڪري ڏنائون. هر گهڙيءَ اهوئي محسوس ٿي رهيو هو ته لڏندڙ لمندڙ جهاز اجهو ٿو اونڌو ٿي اچي ٻيڙيءَ جي مٿان ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com