ثابت ٿيو ته سنڌي طب هندي، يوناني، اسلامي،
ڪروموپيٿي (جا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، پر ڪن صورتن ۾
ايلوپيٿي ۾ موجود آهي) وغيره جو بهترين مرڪب هئي،
جنهن ۾ پوءِ ايلوپيٿي، هوميوپيٿي ۽ اڪيوپنڪچر قسم
جا طريقهء علاج رائج ٿيا.
حوالا
(1) سنڌ جي طب جي تاريخ. قلمي نسخو: مقالو
لکيل مولائي شيدائي.
(2) ”مئن جو دڙو“ قديم ترين تهذيب جو مرڪز. از:
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، نئين زندگي سيپٽمبر 1968ع، صفحو
12.
(3) ديوتائون ڪي سرزمين.
(4) الوحيد ڪراچي، سنڌ آزاد نمبر 15 جون 1936ع
صفحو 130.
(5) ”موهن جو دڙو“ از: محمد صلاح عقيلي، نئين
زندگي سيپٽمبر 1951ع صفحو 17.
(6) ساڳيو حوالو نمبر (2).
(7) ساڳيو حوالو نمبر (2).
(8) تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز، اولهه پاڪستان، از:
قمرالدين ديره دوني، نئين زندگي، جولاءِ 1965ع.
(9) الف – وادي سنڌ ڪي تهذيب، از: محمد ادريس
صديقي، محڪمه آثار قديمه پاڪستان.
ب- سڳايو حوالو نمبر 1.
ج- الوحيد سنڌ آزاد نمبر 15 جون 1936ع
صفحو 10.
د- قديم سنڏ، ڀيرومل.
(10) سنڌ جي طب ۽ سائنس جا تاريخي بنياد، از:
حڪيم نياز حسين همايوني. ماهوار نئين زندگي ڪراچي،
مارچ 1975ع.
(11) وادي سنڌ ڪي تهذيب، محمد ادريس صديقي، صفحو
176.
(12) سنڌي زبان ۾ دراوڙي لفظ از: ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي. مهراڻ جنوري – فيبروري 1973ع صفحو 176.
(13) WT. Blanford- Geology of Western Sind
from “Memoirs of Geological Survey”.
(14) History of India by Sir Hery Sharp. P.13.
(15) قديم سنڌ: ڀيرومل صفحو 51.
(16) The Indus Civilization: By Sir Mortimer
Wheeler P. -110.
(17) History & reconstruction of Tibb. ByL
Mirza Ali Ahmad Mughal.
۽ پڻ
Archaelogical Survey of India (Antiquities of
Sind) By: Henry Cousens.
انيس انصاري
شڪارپور، جيئن
مون ڏٺي
شڪارپور سان منهنجو نينهن ڪو نئون نه آهي. اهو
ناتو اڄ کان وٺي اڌ صدي اڳ تائين ڦهليل آهي.
شڪارپور جو اوج به ڏٺم ته تباهي به اکين آڏو آهي ۽
ان جي نئين سر اسرڻ جو مشاهدو پڻ ماڻي رهيو آهيان.
شڪارپور جي قدامت ۽ تاريخ لکڻ ڪم آهي ڄاڻن جو،
البت پنجاهه سال اڳ شڪارپور جيئن مون ڏٺي، تنهن جو
بيان هيٺ ڏيان ٿو.
شڪارپور کي يا ته ڪهن جي نظر لڳي يا ڪنهن ڪار
زباني پِٽ پاراتو ڏئي هن سوڀياوان سندريءَ جي
سونهن ۽ سکا کي ختم ڪري ڇڏيو. شڪارپور اڳين
شڪارپور نه آهي، هيءُ آهي سندس پاڇو!
ننڍڙي هوندي وڏڙن سان اڪثر پيو هتي اچڻ ٿيندو هو.
سڙڪون ۽ رستا اڃان ايترا ڪونه اُسريا هئا. اچ وڃ
جو مکيه ذريعو ريل گاڏي هئي. ريل به ان وقت ريل
هئي، صاف ۽ سٿري. سندس انجڻيون ڪيڏي جاهه ۽ جلال
واريون هيون ان زماني ۾. ڪاريون ڪاريون ڪٺ، راڪاس
وانگر گوڙ ۽ گجڪار ڪنديون، وات مان دونهن جا ڪڪر
ڪڍنديون، دلين سان گڏ پليٽ فارم ڏڪائينديون اچي
اسٽيشن تي بيهنديون هيون. ان وقت جون اسٽيشنون به
صاف ۽ سٿريون هونديون هيون. هر اسٽيشن تي فانوسن
جي قطار هوندي هئي، جن تي ان وقت جي تقاضا موجب
سنڌي، هندي، گرمکي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ اسٽيشن جو
نالو لکيل هوندو هو. گهڻو ڪري هر هڪ اسٽيشن تي
پاڻيءَ جو بندوبست هوندو هو. هندن لاءِ جدا ۽
مسلمانن لاءِ جدا.
ٻارن کي ته هونءَ ئي ايندو آ لَڏَ مان مزو، پتو
پوندو هو ته شڪارپور جا سانباها آهن ته دليون
خوشيءَ ۾ ڀرجي وينديون هيون. اڄ ته شڪارپور کان
لاڙڪاڻو آهي ٻه ٻرانگهون. ويگن يا بس ڪلاڪ سوا ۾
وڃي اتي پهچائيندي، پر ان زماني ۾ ريل جي ذريعي ٽي
ساڍا ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. هر ٻي اسٽيشن تي ريل
جي انجڻ کي پاڻي پيئڻو پوندو هو ۽ وري جي رڪ
اسٽيشن تي ڪراس نه هوندو هو ته ڪلاڪ ٻيو به اتي
ويهڻو پوندو هو.
رڪ اسٽيشن به ان زماني ۾ رڪ هوندي هئي. جنگشن
اسٽيشن هئي، جتان ريلون سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي
وينديون هيون. رڪن کي به نظر نهوڙي نيو!
ان زماني ۾ ريل ۾ چئن قسمن جا دٻا لڳندا هئا:
فرسٽ، سيڪنڊ، انٽر ۽ ٿرڊ، فرسٽ ۾ ڪو ڪو چڙهندو هو،
چڙهندا هئا ته انگريز يا ڪي امير ماڻهو. سيڪنڊ
ڪلاس ۾ ڪامورا ۽ وڏا زميندار ويهندا هئا، انٽر هو
وچولي طبقي لاءِ ۽ ٿرڊ ۾ ويهندا هئا عام ماڻهو.
وڏين اسٽيشن تي وري هر ڪلاس لاءِ جدا جدا ويٽنگ
روم هوندا هئا.
لاڙڪاڻي مان ريل هلي ته اکيون رڪ پسڻ لاءِ آتيون
هونديون هيون. گاڏي پليٽ فارم تي پهتي ته ڀانت
ڀانت جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا: ڪباب روٽي گرم،
روهڙيءَ جو پلو، هندوپاڻي، مسلمان پاڻي، مطلب ته
هر قسم جو وکر هو ۽ هر قسم جو هوڪو. ماڻهن جي ڀيڙ
به اهڙي جو ڪلهو ڪلهي سان پيو گسي. ٻارن جي لاءِ
به هتي ڪافي دلچسپيءَ جو سامان هوندو هو. اهي هئا
مٽيءَ جا رانديڪا. مٽيءَ جي قيمت ئي ڇا؟ ٽڪي ۾
رانديڪو ملي پوندو هو. رانديڪن ۾ مٽيءَ جا ٺهيل
مٺو ۽ مور، هاٿي ۽ گهوڙا ۽ پيسن گڏ ڪرڻ جا ڀنڊارا
عام جام پيا هوندا هئا. ان کان سواءِ سلطان ڪوٽ جي
طرف جا ٺهيل آبخورا ۽ شڪارپور جون چلڪڻيون گهگهيون
به ماڻهو خريد ڪري گهر کڻي ويندا هئا. وڏا گاڏيءَ
مان لهڻ ئي نه ڏيندا هئا، پر مطلوب شيءَ گاڏيءَ ۾
ئي ويٺي ملندي هئي. رانديڪو مليو، گويا قارون جو
خزانو هٿ آيو!
مٺائي ته هونءَ ئي شڪارپور جي مشهور هئي، پر
مٺائيءَ مان ٺهيل انب، صوف، ڏاڙهون ۽ ڪيلي جون
ڦريون رڪ اسٽيشن تي آني آني ملنديون هيون. وات ۾
وجهه ته ڪيوڙي جي خوشبوءَ سان دل کلي پوندي هئي.
رڪ مان گاڏي هلي ته اکيون وري شڪارپور لاءِ
آسائتيون هونديون هيون. شڪارپور جي پليٽ فارم تان
لهي، دروازي مان ٻاهر نڪتاسين مس ته ڏاڍي سر ۾
هڪڙو هاٿي درجو، آهي ڪو لکي در جو، هلندو ڪو هزاري
در، ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو. اهي ٽانگي وارا هوندا
هئا، جي سوارين کي پيا سڏيندا هئا. اسان وري واجهه
وجهندا هئاسين ڇڪڙن لاءِ. ان زماني ۾ ٽانگن سان گڏ
ٻه – ٽي ڇڪڙا به اسٽيشن تي موجود هوندا هئا. ڇڪڙو
هڪ قسم جو ڍڪيل گاڏو هو، جنهن ۾ سوزوڪي وانگر
ڊيگهه ۾ ٻه ويهڻ لاءِ تختا هوندا هئا، جنهن ۾ ڇهه
کن ماڻهو ويهي سگهندا هئا. ڇڪڙي جو در پٺئين پاسي
هوندو هو ۽ دريون پاسن ۾.
ڇڪڙي کي ڏاند هلائيندا هئا. ڇڪڙي هلائڻ وارو اڳيان
ويهندو هو، جنهن جي نظر ڇڪڙي ۾ اندر پئجي نه
سگهندي هئي. ڇڪڙو ڏاڍو آهستي هلندو هو، پر کيس
پرده دار ماڻهو زياده پسند ڪندا هئا. ڇڪڙو هاڻي
ميوزم ۾ رکڻ لاءِ به ملڻ محال آهي.
ان ڏينهن ۾ شڪارپور به شڪارپور هئي. ملڪان ملڪ
مشهور. سندس واپاري پري پري تائين ڦهليل هئا. سندن
هنڊيون پيون هلنديون هيون. ڪمائيندا ٻاهر هئا ۽
کائيندا هئا شڪارپور ۾.
کائين به شڪارپوري ۽ پهرين به شڪارپوري! کائڻ ۽
کارائڻ جا شوقين هئا. انهن ڏينهن ۾ جيڪو گوشت
ملندو هو، ان لاءِ ائين کڻي چئجي ته ٻاڦ تي تيار
ٿيندو هو ته بيجا نه ٿيندو. کير ميٽ جهڙو گهاٽو
هوندو هو. ڪاڙهه ته سير کير تان ڍڳ ملائي ملي
پوندي هئي. ڏهيءَ مٿان آڱر ملائيءَ جو تهه چڙهيل
هوندو هو. هتان جي مٺائي ۽ آچار ته مشهور هئا ئي
پر هتان جا ڀڳڙا اهڙا نرم ۽ نازڪ هئا، جو چپن سان
ڀرڪندا هئا. مطلب ته هر چيز سوادي ۽ لذيذ هئي.
کاءُ ته مزو پيو اچي. اڄ نه اهي ڏوٿي ئي رهيا آهن
۽ نه وري اهي ڏينهن ۽ نه وري اهو ڏٿ ئي رهيو آهي
ڏيهه ۾.
لٽين ڪپڙين شڪارپوري پري کان پير پاڻ ڏسيندو. هندو
پهريندا هئا سفيد ململ جي سنهي ڌوتي، انگ تي هوندو
هون انگرکو ۽ مٿي تي ڳاڙهي پڳڙي. پير ۾ پائيندا
هئا چيڪاٽن وارو پمپ شو. مسلمان به پهرڻ جا شوقين
هئا. وڏن پاچن واري سفيد سلوار، چڪن يا ململ جو
ڊگهو ۽ سنهو چولو، ڪلهن تي ٽوال ۽ هٿ ۾ هوندو هون
وڃڻو.
شڪارپور جو دُن ۽ نَڪ وري هو لکي در. جنهن لکي در
نه ڏٺو تنهن شڪارپور ئي نه ڏٺي. شام ٿي ته
شڪارپوريءَ جي ڊوڙ لکي در تائين. سڀ رستا لکي در
تان ٿا ڦٽن. لکيدر هئو به لکيدر! هر قسم جي وٿ هتي
هڪي حاضر هوندي هئي. هتي هوٽلن جا مالڪ به اڪثر
هندو هوندا هئا، پر ڇا چئجي ان وقت جي صفائي ۽
سٺائي! ان وقت نه هوندي هئي ڪوڪاڪولا ۽ نه وري
سيون اپ، مقامي پاڻي هوندو هو چڌي وارين بوتلن ۾.
گلاب روز، لمليٽ (ليمونيڊ)، اسٽانبري (اسٽرابيري)،
موتيو ۽ ومٽو ان وقت شوق سان پيئبو هو. مٺي بوتل
آنڪيءَ ۾ ملندي هئي ۽ کاري ٽڪي ۾، پيءُ ته ڪنن مان
دونهان ڪڍي ڇڏي. پيٽ جي سور لاءِ وري سنڍ پيل بوتل
جهنجهريٽ (جنجريٽ) پيتو ويندو هو.
ان وقت جا چاپ ڪباب، قيما ڪنڊا به کائڻ وٽان هوندا
هئا، اهي به وري لکيدر جا! ماڻهو آڱريون چٽي اٿندا
هئا.
بادامين ۽ ڦوٽن پيل برف ۾ ٿڌيون ٿيل کير جون
بوتلون به لکيدر تي جام ملنديون هيون، پيءُ ته روح
ٺاري ڇڏين. وري جي کير مٿان وڃي کاءُ موتيءَ جي
ڪلفي ته فرحت اچي ويندي هئي. سئنيما جي سامهون روڊ
جي ٻي طرف موتيءَ جو ڪلفيءَ جو دڪان هو، وڏن مٽن
۾، جن جي چوڌاري ڳاڙهو ڪپڙو ويڙهيل هوندو هو، پيون
هودنيون هيون ڪلفيون برف جي تهن ۾ سفيد ڪپڙا ۽ وڏي
سفيد پڳ ٻڌل موتي مَٽن مان ويندو هو ڪلفين مٿان
ڪلفيون ڪڍندو. کائڻ وارن جا به ميڙ متل هوندا هئا.
شام ٿي ته هندو ۽ مسلمان پنڌ، ٽانگن ۽ چوچاڪين
بيگن (وڪٽوريا) تي اچي لکيدر تي ڳاهٽ ٿيندا هئا.
هتي وري گلن وارن جو مڪو متل هوندو هو. ٽه لڙهي
رابيل جي ڪنڍيءَ جي قيمت هئي ٽڪو. وڙ نه وڪامين ته
ٽڪي ٽي ڪنڍيون به پيا ڏيندا هئا. گلاب، ٽانگر ۽
ٻين گلن جون ڪنڍيون به جام ملنديون هيون. شوقين
ماڻهو رابيل جي ڪنڍي ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا يا وري
ٻانهن ۾ ويڙهي ڇڏيندا هئا.
لکيدر کان ڍڪ بزار ڏانهن ويندي واٽ تي ايندو هو
چبوترو. هتي مٺائيءَ جا وڏا وڏا دوڪان هوندا هئا.
مٺائي به ڪهڙي؟ نجو سون! سچو گيهه ۽ سچو کير.
ماڻهو به سچا هئا. بادامين ۽ پستن جو مائو هتان جو
مشهور هو. کائڻ سان دل پئي خوش ٿيندي هئي.
هن شهر جا آچار ۽ مربا به ملڪان ملڪ مشهور هئا. هر
چيز ۽ هر قسم جو آچار مندائتو ڪمندائتو پيو ملندو
هو.
ڍڪ بازار هتان پنهنجي نوعيت جي واحد بازار آهي،
جنهنجو مثال ملڻ مشڪل آهي. ساري بازار ساڳ جي
ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي آهي.
هيءَ بازار به ان وقت اوج تي هئي. هن ئي بزار ۾
پوڪرداس ۽ سنس ڪتب فروش هو ۽ اتي ئي مسلمان ناشر
محمد عظيم ۽ سنس جو ڪتاب خانو هو.
اسٽول، اشٽول يا اسٽوئرٽ گنج هڪ ئي جاءِ جدا جدا
نالا آهن. هي وري آهي ڍڪ بازار جي ڇيڙي تي. هتي ئي
اناج منڊي ۽ سبزي منڊي آهي. اسٽول ۾ پٺاڻن جا
فالودي جا دوڪان هوندا هئا، جن کي فلوسو سڏيو
ويندو هو. وڏن وڏن پيالن ۾ فالودو وجهي، ان ۾ ڪٽيل
برف وجهي مٿس وجهندا هئا شربت جي لار. کائڻ سان
فرحت اچي ويندي هئي. اسٽول ۾ ئي گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ
آهي.
هاٿي در تي مٺائي به ملندي هئي، پر هتان جا پڪوڙا
ڏاڍا مشهور هوندا هئا، خاص طرح ڀوري رنگ جون
ڪچورڙيون، جي مانهه يا ميدي مان ٺاهيندا هئا. چڪ
هڻبو هوته ڄڻ وڃي مکڻ ۾ پوندو هو. هي پڪوڙا ۽
ڪچورڙيون ڪافي پري پري کان ماڻهو وٺڻ ايندا هئا.
اڄ جي پلازا ان وقت جي ”هري ولڀ ٽاڪيز“ هئي. ان جي
ٻاهران وڏي نالي ۽ سڙڪ جي ڪناري هاشم شيدي ڪباب
ٺاهيندو هو لوهه جي سگريءَ ۾ ٽانڊا پڄاري، ان تي
ڪباب گرم ڪندو هو. سگريءَ جي ٽن طرفن کان رکيل
هوندا هئا پيڙها ۽ پڪيون سرون. هڪ طرف ٽٻڻيءَ ۾
پڪا پڪايا ڦلڪا پيا هوندا هئا. ٽڪي هئي ڪباب جي
سيخ ۽ ٽڪي ڦلڪو. آني ۾ ڍو. غريب غربو کائي اٿندو
هو. هاشم ڪبابيءَ جي بنايل ڪباب جهڙو ڪباب مان اڄ
تائين ڪين کاڌو آهي.
شاهي باغ جي رستي تي ايندو هو ”هانڊو“، جو هاڻي
افشان سئنيما آهي. هتي هر سال وڏا وڏا گَويا ايندا
هئا. اسان جي زماني ۾ نارائڻ وياس، بڙي استاد غلام
علي خان ۽ پٽورڌن جو نالو ڪافي مشهور هو. شڪارپور
جا رهواسي پڪي راڳ جا شوقين هوندا هئا ۽ ڄاڻ به
جهجهي رکندا هئا.
شاهي باغ جي در ٻاهران وهندي آهي بيگاري،. گرمين ۾
اڪيچار ماڻهو اچي هن ۾ تڙڳندا هئا. وڏا بڙ ۽ پڪا
گهاٽ ان وقت جي ميڙاڪن جي نشاندهي ڪن ٿا.
شاهي باغ جو ان وقت اوج هو. شام ٿي نه آهي ته
ماڻهن جون بحيرون باغ ڏانهن روان دوان نظر اينديون
هيون. ڪي ماڻهو ٽانگن تي سوار هوندا هئا ته ڪي
چوچاڪين بگين تي. غريب غربو وڃڻو هٿ ۾ کنيو پنڌ ئي
پنڌ وڃي پڄندو هو شاهي باغ ۾. شاهي باغ ۾ ڀانت
ڀانت جا گل ۽ انيڪ قسمن جا وڻ هوندا هئا. ڇٻر سان
ڍڪيل ٻارا بخمل جي ڏک ڏيندا هئا، جن تي ڦوهارن مان
نڪتل بوندون موتين وانگر پيون جرڪنديون هيون.
شاهي باغ ۾ وري ميريويد پيويلين ڏسڻ وٽان آهي. ڪاٺ
جي ٺهيل گاٿڪ طرز تعمير تي ٿيل هيءَ اڏاوت ساڳ جي
ڪاٺ مان ٺهيل آهي. هي پيويلين ڪئپٽن پائٽن فلپ
ڊزائين ڪئي هئي. ان وقت شڪارپور جو ائڪٽنگ ڪليڪٽر
ميجر آر-آر واليس هو. هن عمارت جي پيڙهه جو پٿر
24- مئي 1871ع ۾ رکيو ويو هو ۽ ساڳي سال سپٽمبر
1871ع ۾ هيءَ جاءِ جڙي راس ٿي هئي. ان وقت ڪرنل سر
ڊبليو – ميريويدر سنڌ جو ڪمشنر هو. هن عمارت جي
تازي مرمت ٿي آهي، پر ان مرمت سندس اصلي سونهن
سوڀيا ناس ڪري ڇڏي آهي. هن جو فرش، جو ننڍين سهڻين
سرن سان ڊزائين تي ٺهيل هو، تنهن کي ختم ڪري، مٿس
موزيڪ لڳايو ويو آهي. هن جي نازڪ سهڻن ڪنگرن تي
بجليءَ جا وڏا گلوب هڻي، هن جي جمالياتي حسن کي
تباهه ڪيو ويو آهي. اڳي ساري عمارت جو رنگ گهرو
ناسي هو، مگر هاڻي هن جي لهواري ڇت تي جدا جدا رنگ
هڻي، سندس سونهن ختم ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به
هڪ سو ڏهه ساله هيءَ جهوني عمارت پنهنجو ڪنڌ فخر
سان مٿي کنيو بيٺي آهي.
شڪارپور جي سونهن گرمين ۾ سميٽجي وري سنڌ واهه تي
ايندي هئي. گهران ڪجهه ڏوڪڙ کڻبا هئا ۽ باقي
ضرورتون سنڌ واهه پوريون ڪندو هو. گرمين ۾ هتي اڌ
ميل ۾ بازار لڳندي هئي. جنهن ۾ هر قسم جو وکر
هميشه حاضر هوندو هو. لٽا لاهي دوڪاندار جي حوالي
ڪيا ويندا هئا. کانئس انگوڇو تنبو ڪدو مسواڙ تي
ملي ويندا هئا، پوءِ نڪري پئبو هو لاٽ تي. ريل
واري پل کان لاٽ پئي، اچي ماڇين واري پڪ سري پل وٽ
پهچبو هو. تڙڳڻ ۾ بک به ڏاڍي لڳندي هئي. ٻاهر نڪري
نانوائيءَ وٽ ماني کائي ڪجهه ڏوڪا ۽ ڪجهه انب وٺي
وري وڃبو هو لاٽ تي. سارو ڏينهن تفريح ڪري، ٽانگن
۾ چڙهي اچي لکيدر تي ليکو ڪبو هو ته هي سارو مزو
اٺين آني جي اندر هوندو هو. وري جي يارن دوستن سان
پروگرام ٺهيو ته رپئي سوا ۾ نيرن، منجهند ۽ انبن
جا ڍير ملي پوندا هئا.
سنڌ واهه سان وڻراهه به واهه جو هوندي هئي. سندس
ڪناري تي وري ڪن شوقينن بنگلا ٺهرائي ڇڏيا هئا،
جنهن ۾ شام جو وڃي آرام ڪندا هئا. هندن لاءِ مندر
۽ مسلمانن لاءِ مسجد به سنڌ واهه جي ڪپ تي ٺهيل
هئا.
هڪ هنڌ پڪ سرو زنانو گهاٽ ٺهيل هو، جنهن جي چوڌاري
پڪين سرن جون وڏيون ديوارون کڙيون ڪيل هونديون
هيون. موريون جن مان پاڻي اندر ويندو هو، تن کي
سنهيون ڄاريون لڳل هونديون هيون ته جيئن بي ستري
نه ٿئي. زناني ۽ مرداني گهاٽن جون ڏاڪڻيون سنڌ
واهه جي اڌ تائين ٺهيل هونديون هيون، جيئن وهنجڻ
وارا آرام سان پاڻيءَ ۾ وهنجي سگهن. اهي ڏاڪڻيون
اڻ تارن لاءِ غنيمت هونديون هيون، جن تي ويهي لوٽن
سان مٿي ۽ بدن تي پاڻي پيا وجهندا هئا.
اڄ ساڳي سنڌ واهه تي مِٽي پئي اڏامي. نه اهي آهن
بازارون، نه آهن اهي گهاٽ. سرن تائين ماڻهن نه
ڇڏيو! البت سنڌ جي ڪناري ان وقت جي مسجد جا منارا
دنيا جي بي ثباتيءَ جو اعلان ڪري رهيا آهن.
شڪارپور ڏاڍو سَٺو آهي ۽ شڪارپورين ساڻس گڏ.
غلام محمد لاکو
سنڌ جا قديم آثار – از هينري ڪوزنس
[The Antiquities of Sind- By: H. Cousesns]
- هڪ جائزو –
سنڌ تي انگريزن جون حريص نگاهون گهڻي وقت کان کتل
هيون، پر اڻويهين صدي شروع ٿيندي ئي ان ۾ تيزيءَ
سان واڌ آئي. کين هن خطي بابت هر قسم جي معلومات
گهربل هئي، ارضياتي، تاريخي، موسمياتي، ثقافتي،
جاگرافيائي ۽ لسانياتي. هيءَ معلومات هڪ ته کين
ڏيهي دلالن معرفت ملندي هئي ته ٻئي طرف انگريز
آفيسر، سياح، واپاري ۽ سفير رپورٽن، ڪتابن ۽ خطن
وغيره جي صورت ۾ مهيا ڪندا رهندا هئا. ميرن جي راڄ
جي خاتمي کان اڳ ئي، انگريزيءَ ۾ سنڌ بابت ڪيئي
ڪتاب لکجي چڪا هئا. |