سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :15

”ڪروسر“ ان تهذيب کان متاثر ٿيندي چيو ته ”جيڪڏهن ڪو اهڙو ملڪ هن ڌرتيءَ تي آهي، جنهنجي لاءِ دعوو ڪري سگهجي ته اهو انسان ذات جو گهوارو آهي يا ڪم از ڪم شروعاتي تهذيب جو گهوارو آهي، جنهن جي تهذيب وڌندي وڌندي سڄي قديم دنيا جي تهذيب بڻجي وئي ۽ ان جو علم سڄي دنيا جو علم بڻجي ويو ته اهو ملڪ پڪ ئي پڪ سان هند/سنڌ آهي.“

ڊاڪٽر سر اقبال هڪ دفعي چيو ته ”سنڌ جو منهن اسلامي ملڪن ڏانهن آهي، پُٺي هدنستان ڏانهن ۽ مشابهت وري مصر جهڙي قديم تهذيب واري قوم سان آهي.“(4)

هاڻي جنهن ملڪ جي اوائلي حيثيت ايڏي اهم ۽ شاندار هجي، ان جي باري ۾ طب جو تصور به غير صحيح ٿي نٿو سگهي. انهيءَ راءِ جي تائيد ۾ آثار قديمه جو ٻيو ماهر مسٽر ميڪي وڏي فخر سان چئي ٿو ته: ”موهن جي دڙي جا رهاڪو هر حالت ۾ صفائي پسند ۽ حفظانِ صحت (Hygeine and Preventive Medicine) جي اصولن جا پابند هئا. هنن ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ بهتر انتظام ڪيو هو.“

هنن حوالن جي روشنيءَ ۾ ان دور جي حفظانِ صحت وارن اصولن جو جائزو وٺڻ بعد طبي نقطه نگاهن کان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو اڄڪلهه جي اصولِ صحت کان گهڻي قدر واقف هئا. الڳ غلس خانن، ترتيبوار گهٽين، اونهن کوهن، ڍڪيل نالين ۽ پڪين جاين وغيره مان معلوم ٿو ٿئي ته هتي جا تعميراتي ماهر پاڻي ۽ مٽيءَ جي ڄاڻ رکڻ سان گڏ سرد ۽ گرم موسمن جي ڪيفيت کان به چڱيءَ طرح وافق هئا. درياهه جي پاڻيءَ جي موجودگيءَ ۾ به کوهن جي ضرورت محسوس ڪرڻ ۽ انهن کي هڪ ماڙ کان ٻماڙ تائين پهچائڻ جي سرتوڙ ڪوشش ڪرڻ ۽ درياهن جي هوندي به غسلطانن جو بندوبست گهرن ۾ ڪرڻ، آخر ڪهڙي ضرورت هئي؟ زمين ۽ موسم جي ماهيت جو فن سواءِ ڪنهن باقاعده سائنسي رٿابنديءَ جي محال آهي. هنن کي خبر هئي ته کليل هوا ۾ وهنجڻ سبب ڪنهن اوچتي بيماريءَ جو حملو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي لاءِ بند جڳهه ۾ تڙ ڪرڻ بهتر آهي، ان ڪري گهرن ۾ کوهن ۽ غسلخانن جو بندوبست ڪيو ويو. جايون سڀ پَڪسَريون ۽ پڪيءَ پيڙهه واريون هيون. پٿرن مان جايون ٺاهڻ جو رواج ڪونه هو، پر اهي ناگرڪ يا شهريت (Civic) جي اصول مطابق ٺاهيون ويون هيون. هر چڱي موچاري گهر ۾ سامان رکڻ لاءِ اسٽور روم، رنڌڻي ۽ ڪاڪوس وغيره جو پڻ انتظام ڪيل هو. غلاظت جي نيڪال لاءِ ناليون ٺهيل هيون. اڏاوتن کي اهڙي نموني بيهاريو ويو هو، جو هڪ گهر جي بُوءِ ٻي گهر تائين نه پهچي. ڏاڪڻين جا نشان پڻ لڌا ويا آهن، جن مان ثابت آهي ته ماڙين اڏڻ جو رواج به هو. ناليون رستي جي سطح کان ٻه فوٽ وانهيون ٺهيل آهن ۽ انهن کي سرن ۽ پٿرن سان ڍڪيو ويو آهي، جيئن اجائي بانس به نه اُٿي ۽ مڇرن وغيره کان به بچاءُ هجي. وهنجڻ جو جيڪو تلاءُ آهي، اهو پڻ هاڻوڪي جديد طرز تي ٺهيل ڄڻ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل جو ”سئَومنگ پول“ پيو لڳي. اهو  39 فوٽ ڊگهو ۽ 23 فوٽ ويڪرو آهي. گهٽين جي ويڪر 9 فوٽن کان وٺي 34 فوٽن تائين آهي ۽ اهي اڌ ميل کن ڊگهيون آهن. سڄو شهر باقاعده مستطيل بلاڪن ۾ ورهايل آهي. رستن جي سڌائي باقاعده انجنيئرنگ جو شاهڪار معلوم ٿئي ٿي، جو ڪنهن به اڏاوت کي رستي تي بنجڻ نه ڏنو ويو آهي.

پڪيون جايون سماجي تحفظ کانسواءِ آبهوا جي اڻ وڻندڙ اثرن کان بچڻ جي نيت سان به اڏيون ويون. اها خاصيت اڄ به سنڌي گهرن جي اڏاوت ۾ جهلڪندي نظر اچي ٿي. مثلاً: ڪوٺين اڳيان دالان، پوءِ اڱڻ. هاڻي ڪو ماڻهو ڪوٺيءَ مان نڪري دالان پار ڪري اڱڻ ۾ ايندو ته ان جو بدن درجي بدرجي سخت سردي/گرمي سهائيندو ويندو. گند ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جو طريقو به اڄڪلهه جي نيڪال جي طريقن کي شرمائي ٿو. وڏي تلاءَ ۾ تازي پاڻي پهچائڻ ۽ گندي پاڻيءَ جي نڪاس وغيره جو طريقو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ ان وقت صفائي ۽ صحت جي اعليٰ اصولن تي پهتل هئي. موهن جي دڙي لاءِ جڳ مشهور مخزن “The life” لکيو آهي ته اهڙي صفائيءَ جي انتظام (Sanitary System) تي آمريڪا جو جديد ترين شهر به عمل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو.

قديم سنڌين جون اهي سڀ خوبيون ڏيکارين ٿيون ته هو مهذب ۽ متمدن هئڻ سان گڏ حفظان صحت جي سائنسي اصول ۽ اهميت کان اڄڪلهه جي تهذيب ۽ تمدن جي ماهرن وانگر پوريءَ طرح باخبر هئا. دنيا جا عالم، سائنسدان ۽ ڊاڪٽر اچرج ۾ آهن ته 5000 سال قبل مسيح جا رهاڪو ڪيڏا نه ترقي يافته هئا. تازه يونيسڪو ڪانفرنس ۾ آثار قديمه جي ماهرن ان حقيقت کي مڃيو آهي ته واديءَ مهراڻ ۾ هڪ عظيم الشان بستي هئي، جنهن جا رهاڪو رهڻ ڪرڻ، تهذيب ۽ تمدن، ڪاروبار ۽ صحت جي معاملي ۾ ڪنهن به جديد سائنسي نقطهء نطر کان گهٽ ڪونه هئا ۽ سنڌ جي هن ڀلاري زمين ئي سڄي دنيا کي عام تهذيب ۽ فراست جي روشني ڏني.

اهي مڙئي خاصيتون ته سمير يا جي مشهور شهرن ۾ به ڪونه ڏٺيون ويون آهن. ”سمير“ يا  ”سميريا“ عراق جي هڪ حصي جو نالو آهي، جيڪو انهيءَ خطي تي هڪ اهڙي قوم رکيو جنهن کي بعد ۾ ”سميري“ سڏيو ويو.اها قوم اوڀر کان خشڪي ۽ پاڻيءَ رستي عراق جي واديءَ ۾ آئي ۽ اتي جي ماڻهن کي تهذيب ۽ لکڻ پڙهڻ کان واقف ڪيائين. موهن جي دڙي جي اڏاوت ۾ مضبوطي ۽ آرام جو خيال رکيو ويو آهي، پر سمير جي شهرن ۾ رڳو نفاست ۽ نزاڪت جو اهتمام ڪيل آهي. ساڳي قسم جو خيال پروفيسر ايڇ- سائيس جو به آهي، جيڪو لکي ٿو ته هتان جي گهرن جي اڏاوت عراق جي قديم شهر ”ار“ جي گهرن جي اڏاوت کان به وڌيڪ مضبوط ۽ خوبصورت آهي.(5)

2500 سال ق-م واري دور ۾ ”اُمورو“ نالي هڪ سامي قوم عراق ۾ سميري شهنشاهيت جو خاتمو آڻي، بابل جي مشهور شهر جو بنياد وڌو1500 سال ق-م ۾ عراق جو ملڪ آريه نسل جي هڪ قوم ”مثاني“ جي قبضي هيٺ رهيو ۽ ان وقت سندن حاڪم ”دسرت“ هو.(6)

هاڻي عراق جي سميريا آثارن جي کوٽائيءَ مهل اتان موئن جي دڙي جون ٺهيل گهڻيون شيون مليون آهن. گهڻن ئي ماهرن مثلاً: پروفيسر ايڇ.سائيس ۽ مسٽر ايڇ.آر.هال جو به خيال آهي ته هتان جون لڌل شيون ۽ ڏکڻ عراق مان لڌل شيون هڪجهڙيون آهن. پوئين ماهر جو ته اهو به رايو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان اول پوک ڪرڻ جو رواج هتي پيدا ٿيو، ڇو ته هَرُ ۽ ڦيٿو سنڌ ۾ ئي ايجاد ٿيو، جتان پوءِ سميري قوم عراق ۾ رائج ڪيو.(7)

انهيءَ منجهان ٽي ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون: (1) ٻئي تهذيون ذري گهٽ همعصر آهن (واضح رهي ته سميريا تهذب کي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان اڳ دنيا جي قديم ترين ۽ سڌريل قوم سمجهيو ويندو هو). (2) ٻنهي ملڪن ۾ تجارتي تعلقات قائم هئا. (3) هتان جون ٺهيل شيون سميريا جي شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺيون هيون، جو اهي ايڏي پري ملڪ ۾ گهرايون ويون.

انهيءَ پراڻي تهذيبي مرڪز سميريا بابت ايڇ.جي. ويلز لکي ٿو ته: ”اوڀر جي ڪنهن به ملڪ مان اگر تهذيب جا ڪرڻا سميريا ۾ پهتا ته اهو ملڪ مهراڻ جي ماٿري ئي ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سميريا جي اوڀر ۾ هئڻ سان گڏ اها ڳالهه به آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن ٻي تهذيب جا آثار نٿا ملن، هي اهوئي ملڪ آهي، جنهن جو تمدن بابل، سمير، فونيقيه، مصر، يونان ۽ پوءِ روم پهتو، ڄڻ ته هي تمدن جو پهريون مرڪز هو“(8). سنڌ هر هڪ صديءَ ۾ علم، فن ۽ حڪمت جو گهوارو رهي آهي.

اٽڪل 3000 سالن کان به اڳ حضرت سلمان ڪلدانيه (بصري جي چوڏاري علائقو) وارن سان واپاري معاهدو ان مقصد جي لاءِ ئي ڪيو ته مهراڻ جي ماٿريءَ جي علائقن مان واپار جو سامان گهرائي سگهجي. سنڌو درياءُ جي بندرگاهن مان هر ٽئين سال هڪ سامونڊي ارماڙ ايراني نار جي رستي سون، چاندي، عاج، باندر ۽ جڙي ٻوٽيون کڻي ڪلدانيه ويندو هو(8). ساڳيءَ طرح ڪجهه اهڃاڻ ملن ٿا ته قديم مصر ۽ ٻين جهونين تهذيبن سان به اسان جو واپاري لاڳاپو هيو.

انهيءَ سڄي تفصيل ڏيڻ جو مقصد ٻن قسمن جو آهي. هڪ اهو ظاهر ڪيو وڃي ته ايڏي ترقي ۽ تهذيب يافته ماحول ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته طب جو ڪو وجود ئي نه هجي. حالانڪ طب جي هئڻ جا ڪي واضح اهڃاڻ موئن جي دڙي مان ملن ٿا، جن کي واضح ڪيو ويندو. پر جيڪڏهن اهي نه به ملن ها، ته به اهو اندازو لڳائڻ سولو آهي ته جهڙي ملڪ ۾ حفظانِ صحت جي اصولن (Hygeine) ۽ حتياطي طب (Preventive Medicine) جو ايڏو خيال رکيو وڃي، اهي علاج ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏيندا هوندا؟ ٻيو ته جيئن ته ظاهر آهي ته ڏورانهن ملڪن ڏانهن سنڌ جا واپاري لاڳاپا قائم هئا، تنهنڪري هتان جي ۽ انهن ملڪن جي طب جو به ضرور واڌارو ٿيو هوندو ۽ هڪٻئي جي طب کان ضرور واقفيت ۽ مدد ملي هوندي.

تعيمرات جي سڌريل ۽ صحتمند جوڙجڪ کان سواءِ موئن جي دڙي مان روزمره جي ڪتب آڻڻ جون جيڪي شيون دستياب ٿيون آهن، تن ۾ مختلف دوائون به مليون آهن، جي چاليهه کن آهن. اهي اڄ تائين ميوزيم ۾ رکيل آهن. انهن ۾ سلاجيت ڪاري، ڦاڙهي جو سڱ، توتيو، هڙتال پيلو، اکي، شنگرف (مرڪيورڪ آڪسائڊ)، نم جا پن، لوبان، گندرف وغيره شامل آهن. مٽيءَ جي ديگڙين ۾ ده شاخه/مڇيءَ جا ڪنڊا رکيل مليا آهن، جي بُک وڌائڻ لاءِ ڪم اچن ٿا ۽ جلدي طور ڪَنَ، اک ۽ ڳلي جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. سلاجيت ذيابيطس، جگر جي مريضن ۽ سنڌن جي سور لاءِ اڄ به اڪسير آهي. ڦاڙهي جو سڱ به اڄڪلهه جا ويد مٿين بيمارين ۽ نمونيا وغيره جي لاءِ نسخن ۾ ڪم آڻيندا آهن. ڪي شيون مثلاَ: هڙتال، توتيو، شنگرف وغيره طب کان علاوه صنعت جهڙوڪ رنگسازي وغيره ۾ به ڪم ايندڙ آهن. بهرحال انهن جي افاديت صنعتي توڙي طبي طور اڄ به مڃيل آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن تهذيب ۾ ”آيرويدڪ“ طريقهء علاج ابتدائي مرحلن ۾ هو. ڪي اهڙيون جايون به مليون آهن، جتي صرف اهي شيون رکيل هيون، جن مان اندازو لڳي ٿو ته اهي يا ته انهيءَ زماني جون ڪلينڪون هيون يا وري ڪن پسارين جا دڪان. ٻين کاڌي پيتي جي ٿانوَن ٿپن کان علاوه اَويون، چڪ ۽ ٺڪر جون جڙيل ڪوٺاريون به مليون آهن، جن مان چيئ سگهجي ٿو ته آڳاٽا سنڌي، جڙيون ٻوٽيون ڪوٺارن ۾ وجهي، باهه ڏئي، بيمارن جا نسخا تيار ڪندا هئا(9)

موهن جي دڙي مان جيڪي مورتيون لڌيون آهن، تن مان هڪ اهڙي به آهي، جنهن مان طب جي معلومات حاصل ٿئي ٿي. مورت ۾ هڪ وڻ سان گڏ هڪ ديويءَ جي شڪل آهي، جنهن جي ڀر ۾ هڪ پڄاري ۽ هڪ جانور جي شڪل نظر اچي ٿي، جيڪو قربانيءَ جو نشانو ليکيو وڃي ٿو. انهن جي هيٺان 7 ساهيڙيون قطار ۾ بيٺل آهن. هاڻي جادو ئي لحاظ سان ڏٺو وڃي ته وڻ واري ديوي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي ۽ سندس ست ساهيڙيون انسان جون مختلف بيماريون آهن: متعدي، مٿي جون، زنانيون، مرداڻيون، ٻاراڻيون، آسيبي ۽ زهرن جون بيماريون. اها سجاڳي صرف هتان جي ئي قوم ۾ هئي، جنهن ديويءَ جي وجود سان گڏ بيمارين جي الڳ الڳ موجودگي به ڄاڻائي آهي. ٻئي پاسي يونان جي رب الشفا اسقليبيوس واري مندر ۾ صرف انهيءَ جو ئي بت نصب ٿيل آهي، باقي بيمارين بابت ڪوبه تقسيمي نشان ڪونه ٿو ملي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يونانين شروعات ۾ ڪهڙيون بيماريون ڄاتيون هيون(10).

اهو هو انهيءَ مورت جي باري ۾ گهڻن ئي عالمن جو رايو، جيڪو هنن ڪن نشانين سبب اندازو لڳايو، پر ڪن عالمن جو وري چوڻ آهي ته اها شايد ”ماتا“ جي ديوي ”شيتلا“ ۽ انهيءَ جون ست ڀينرون آهن. بهرحال انهيءَ مورت ۽ طب جو پاڻ ۾ تعلق نظر اچي ٿو(11).

هاڻي اچو ته ڏسون ته موهن جي دڙي جا باشندا، جن کي دراوڙن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جن جي هيڏي عظيم الشان سڀيتا جي باوجود کين ”اڻ آريه“ (اڻ سڌريل) سڏيو ويو، انهن سان اسان جو تعلق ڪهڙو آهي؟ اهو هيٺين ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو:

(1) اڄڪلهه جي سنڌي ٻوليءَ جو قديم دراوڙي ٻوليءَ سان تعلق آهي ۽ گهڻائي لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا. مثلاً: ”آوي“: سنڌي ڪنڀر ٿانون پچائڻ جي بٺيءَ کي ”آوي“ چوندا آهن، جو دراوڙي لفظ آهي. موئن جي دڙي مان آويون مليون آهن، ان جي معنيٰ ته انهن کي 5000 سال ق.م. به آويون چوندا هئا ۽ هاڻي به. ”آرس“: سنڌيءَ ۾ ٿڪاوٽ، سستي ۽ ڪاهليءَ کي چيو ويندو آهي. سست ۽ ڪاهل کي ”آرسي“ چوندا آهن، هيءُ به دراوڙي لفظ آهي. ”جم“: سنڌيءَ ۾ ڏاڍي ڍَو کي جَم چئبو آهي. دراوڙي ٻولين گونڊي، ساورا، سنٿالي ۽ منڊاري وغيره ۾ جم معنيٰ آهي کاڌو. ”چنڊ“: هيءُ سنڌي لفظ سنسڪرت ”چندر“ مان نڪتل ٻڌايو وڃي ٿو، پر اهو لفظ دراصل دراوڙي ٻوليءَ مان سنسڪرت ۾ آيل آهي، ڇو ته دراوڙي زبان ۾ ساڳي معنيٰ لاءِ ”چندرن“ ڪم آيل آهي. انهيءَ لاءِ سنڌي لفظ ”چنڊ“ کي سنسڪرت لفظ ”چندر“ مان نه، پر دراوڙي لفظ ”چندرن“ مان نڪتل سمجهڻ گهرجي. ساڳي طرح لفظ ”پڙهڻ“، ”ڪنڀار“ ”ناريل“، ”سالي“، ”پيٽ“، ”ڪَهڻ“ (چوڻ)، ”آچر“ ۽ ”گهوڙو“ وغيره دراوڙي زبان مان ورتل آهن(12)

(2) قديم سنڌ جا رهاڪو، هاڻوڪن ڪولن، سنٿالين، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا، جن مان ڪن جون کوپڙيون سيوهڻ جي پريان لڌيون ويون آهن(13). 1922ع ڌاري ڪن ڪولن ۽ سنٿالين جون کوپڙيون موهن جي دڙي مان به لڌيون آهن. هي سڀ پراڻي پٿر جي دور جا رهاڪو آهن. سنڌ ۾ هاري ناري جو رڳو پوتڙو ٻڌي ڪرت ڪارڪن ٿا، اهو ڪولن جو جاري ڪيل رواج آهي. پوءِ دراوڙ نئين پٿر جي سڀيتا جو بنياد وجهندڙ آهن(14). (تاريخ برامڪ ۾ به ان جو ذڪر آيل آهي). سنڌ ۾ هاڻي جيڪي اوڏ ۽ ماڱر آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪُلَ مان آهن. شاهه ڀٽائي نوريءَ مهاڻيءَ کي هڪ بيت ۾ ماڱر سڏيو آهي:

تون سمو، آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،

پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽئين.(15)

هاڻي اسان کي ان جيئري جاڳندي حقيقت کي ڄاڻي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسان ئي اهڙي عظيم الشان ثقافت جا امانت دار آهيون ۽ ٻي ڪنهن به قوم کي اها امانت نه ملي.

هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته اسان کي ڪيئن خبر پئي ته موئن جي دڙي جي سڀيتا ايڏي قديم آهي؟ ان جو صحيح زمانو معلوم ڪرڻ لاءِ اسان جي سامهون ٻه طريقا آهن:

(1) موهن جي دڙي جي سڀيتا کي دنيا جي ٻين قديم سڀيتائن سان ڀيٽجي ۽ انهن سان تعلقات جا ثبوت ڳوليا وڃن.

(2) ايٽمي تحقيق مان مدد ورتي وڃي. مثلاً C-14 ڪاربان جي ذريعي موئن جي دڙي مان لڌل هڏن، ڪوئلن، چَمڙي، سپ ۽ ڪوڏين تي تحقيق ڪئي وڃي(16). انهن ٻنهي طريقن سان موئن جي دڙي جي عمر 3-5 هزار سال ق.م ۾ بيهي ٿي.

سنڌ جي سڄي شاندار تهذيب  سنڌو نديءَ جي مرهونِ منت آهي. اها دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي. دراصل سڀ قديم تهذيبون پنهنجن پنهنجن ندين جي بدولت ئي وجود ۾ آيون، جي سنڌ ۾ سنڌو، مصر ۾ نيل، عراق ۾ فرات ۽ ترڪستان ۾ جيحون نه هجن ها ته هوند اُهي جهونيون تهذيبون وجود ۾ ئي نه اچن ها. سنڌوءَ کي قديم زماني ۾ ”سيحون“ سڏيو ويو آهي. ويدن جي چوڏهين منڊل ۾ سنڌوءَ جي بهترين نيڪي ڪيل آهي، جا پنجهتر سلوڪن ۾ آهي. دنيا جي هر ملڪ کي قدرت وٽان ڪانه ڪا سوغات ضرور مليل هوندي آهي. هن ملڪ جي سوکڙي آهي سنڌوندي، جنهن کي مهراڻ به چيو وڃي ٿو. انهيءَ تي ئي اسان سڀني جي زندگي، پراڻي تهذيب ۽ آسودگيءَ جو دارومدار آهي. انهيءَ ئي سدا حيات درياءَ جي ڪپ تي سڀ کان اول شهري زندگيءَ جو بنياد پيو. جنهن جي اثر هيٺ ڪيئي تهذيبن جنم ورتو، جن مان اعليٰ ترين اسان جي موئن جي دڙي جي تهذيب هئي. اهي سنڌونديءَ جا ڪَپ ئي آهن، جيڪي هن ڳالهه جو ثبوت ٿا ڏين ته حضرت عيسيٰ کان ڪئين هزار سال اڳ سنڌ جي واديءَ ۾ اهڙا مشهور شهر ۽ سلطنتون آباد هيون، جن جا تجارتي ۽ سياسي تعلقات ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ مصر وغيره سان هئا. سنڌ جي زمين تاريخ جا ڪيئي دور سنڀري ۽ ان مان وهندڙ سنڌو درياءُ پنهنجي قديم تاريخ ۽ تمدن جا باب پنهنجي سيني م سانڍي رکيا آهن. دنيا جي مورخن ۽ ماهرن جون تحقيقتون سنڌو ماٿر جي قدامت، عظمت ۽ شاندار ماضيءَ جي بيانن سان ڀريل آهن. سنڌوندي هتان جي حياتيءَ جو سرچشمو آهي، پر ان جي سياسي ۽ طبي تاريخ تي پڻ اثر انداز ٿيندي رهي آهي.

موهن جو دڙو، جنهن کي ”دلمون“ به سڏيو ويو آهي، جنهن جي خدا کي ”امون“ سڏيو ويو آهي، ان جي تهذيب انسان ذات جي قديم تاريخ جو هڪ پراڻو اهڃاڻ ۽ هڪ ڏورانهون چمڪندڙ ستارو آهي. سنڌو ماٿر جي پنهنجي مستقل تهذيب ۽ ثقافت سان ئي آڳاٽي وقت کان هن برصغير کي سنڌ ۽ هند جي تقسيم سان ياد ڪيو ويو، سنڌ ۽ سنڌو تهذيب اڄڪلهه جي دنيا لاءِ توقير، عزت ۽ عظمت جا لفظ آهن. انهن لفظن پويان انهن جي عاليشان عظمت لڪل آهي. ان جي آثار قديمه جي بلند ۽ روشن مينارن تاريخ جي پراڻي دور جي اونداهن ڪارن ڪَڪَرن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي سنڌو تهذيب کي دنيا جي ڪنهن به قديم تهذيب کان سرس ٿو ڄاتو وڃي. اهي جيڪا طب هلائيندا هئا، سا تجربن ۽ مشاهدن تي ٻڌل هئي. سنڌ ۾ تهذيب ۽ تمدن جي ٻين خصوصيتن وانگر طب جي خصوصيت پڻ اهميت واري ڏٺي وڃي ٿي. هن ۾ سائنسي رجحان شروعات کان سرگرم عمل رهيو آهي، پوءِ اهو جادوئي صورت ۾ هجي يا دوا درمل جي، بهرحال ان کي مڃڻو ئي پوندو. سنڌين جي سڄي جدوجهد ۽ جستجو جادوئي جاکوڙ کان وٺي سائنسي ترقيءَ تائين انهيءَ مقصد تي مبني رهي آهي ته انهن جي ذريعي زندگيءَ جون لذتون حاصل ڪيون وڃن، مخالف قوتن ۽ مرضن تي سوڀ پاتي وڃي ۽ سڄي دنيا جي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو وڃي. خبر پئي ته ٻين علمن سان گڏ دنيا جي طب جي تاريخ به هتان ئي شروع ٿي. اچرج جي ڳالهه اها آهي جو نه رڳو مرض جي علاج ۽ دوائن جي ڄاڻ، پر مرضن کي روڪڻ جي تاريخ پڻ سنڌ سونهاريءَ جي پيداوار آهي.

موئن جي دڙي کان پوءِ ويندي عربن جي اچڻ تائين هتي آيورويدڪ حڪمت هلندي آئي، پر وچ ۾ ٻڌن جي طب جو به اثر پيو، فيثاغورث جو اثر هندستاني طب جي ذريعي پيو. سڪندراعظم جي ڪري يوناني طب، جنهن ۾ مصري طب به شامل ٿيل هئي، تنهن جو اثر سنڌ جي طب تي پيو. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ به هتي جي طب ۾ انقلاب آيا، جن جو تفصيلي ذڪر پوءِ ايندو. هتي انهن طبن جو مختصر احوال ڏبو جن جو اثر سنڌ جي طب تي لازماً پيو ۽ اڄ تائين اسان جي طب ٻهراڙين ۾ ”يوناني طب“ جي نالي سان مشهور آهي.

(1) ايورويدڪ: سنڌ ۾ واضح طور تي اول آيورويدڪ برپا ٿي، جيڪا الهامي مڃي وڃي ٿي. ائين کڻي چئجي ته ان کي وجود ۾ آڻڻ ۾ وادي سنڌ جو به وڏو تعلق آهي جيئن ته اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي، موئن جي دڙي ۾ ئي آيورويدڪ جو بنياد پئجي چڪو هو. چار مشهور ويد به سنڌونديءَ جي ڪناري تي ئي لکيا ويا هئا. آيورويدڪ جا ڪيئي مشهور ويد سرزمين سنڌ پيدا ڪيا هئا، جن ۾ اهي ويد به شامل آهن، جن عربن جي دور ۾ اوڏانهن وڃي سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو، جن جو تفصيل اڳتي ايندو. آيورويدڪ يونانين جي هتي آمد کان 500 سال اڳ جي آهي. ان جي تاريخ هزار کان ڏيڍ هزار ورهيه ق.م جي آهي. آڳاٽن مصنفن جي طبي ڪتابن ۾ فلسفي ۽ الاهيات جا مضمون به گڏ هئا. اٿرويد ۾ به ان جو بيان ملي ٿو. هندستاني طب جو ابو اتريا (Ateraya) هو. هندستاني طب ٻُڌن جي زماني ۾ چوٽ تي هئي. انهن ۾ ٻه مشهور شخصتون نگر جونا ۽ واگهه ڀٽ پيدا ٿيون، جن هندستاني طب کي چوٽيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ٿوريون ڌاتوءَ جون دوائون چرڪ ۽ سُشرت 1000 کان 500 سال ق.م تيار ڪيون، پر واگهه ڀٽ گهڻا ڌاتو دوائن جي ڪم آندا، جي ڏاڍا اهم هئا. بعد ۾ وِرنڊا 900ع ۾ چڪر پني 1044ع ۾ هڪ وڏو تعداد ڳرن ڌاتن جو دوائن ۾ داخل ڪيو. عيسوي 1300 کان 1550ع تائين ڪيميا ڏاڍي وڌي وئي. ملڪ ۾ وڏيون اسپتالون ۽ ڳوٺن ۾ دواخانا کوليا ويا. نگرجونا ۽ واگهه ڀٽ جي ڏينهن ۾ ئي اهي دواخانا ۽ اسپتالون کلڻ شروع ٿيون هيون. ساڳيو حال ٻڌن جي ڏينهن ۾ به هو. اهو علم سنڌ ۾ به آيو، ڇو ته ٻڌن جي حڪومت گهڻا سال سنڌ ۾ نه رهي هئي. هندستان جي طب وڌيڪ ان جي لاءِ نه هلي سگهي ته هندستان جي دماغ رکندڙ ماڻهن جو گهڻو لاڙو سياست، الاهيات ۽ ڌرم شاسترن جي طرف هو ۽ ذات پات جي وڇوٽيءَ طب جي ترقي ٿيڻ نه ڏني. پويَن طب جي طرف ايترو ڌيان نه ڏنو. ٻيو ته ٻاهرين حملن هتان جي ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو، جو طب ڏانهن ڌيان ڏئي سگهن. نه ته آيورويدڪ ڪنهن زماني ۾ ايڏي ترقي ڪئي هئي جو اڄڪلهه اسان ان جي باري ۾ سوچي به نٿا سگهون.

(2) يوناني: هوڏانهن يونان جي طب ۾ فيثاغورث اندازاً 600 سال ق.م جو هڪ فيلسوف هو. هن دنيا جي ٻن مشهور طبي ملڪن جو سير ڪيو، يعني مصر ۽ هندستان. انهن ٻنهي ملڪن جي طبي علم تي پنهنجو اثر وڌو. حقيقت ۾ يوناني طب جو ابو ”بقراط“ هو، جو 460 ق.م پيدا ٿيو. سڪندراعظم پنهنجي فوجن سان جڏهن هندستان تي ڪاهي آيو ته ان سان گڏ يوناني طب به گڏ آئي هئي. يونانين جون هتي جي ماڻهن سان شاديون به ٿيون، ٻنهي ڌرين جو ميل ميلاپ وڌيو، ۽ گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جون طبون به ملي ويون. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، اڄ تائين جوارش جالينوس، جو هڪ يوناني حڪيم جي نالي تي آهي، هندو پاڪ ۾ هاضمي جي خرابيءَ لاءِ استعمال پيو ٿئي. جڏهن يوناني فوجون واپس وريون ته ٻئي طبون جدا ٿي ترقي ڪرڻ لڳيون.

(3) مصري طب: هنن ۾ اول جنن ڀوتن جو نظريو هو، جو پوءِ نڪري ويو. اهو علم مذهبي پيشوائن جي هٿ ۾ رهيو، جيئن يونانين ۾ رواج هو. مصر جي جهوني طبيب ”امحوطب“ کي ماڻهو ديوتا ڪري مڃيندا هئا. هومصري بادشاهه ”زوسر“ جو وڏو وزير هو. نينڪ سکيم (Nenek Sekhma) ۽ را اوور (Ra Over) پنهنجي دور جا  ناميارا طبيب هئا. انهن وٽ ڪيميا جو سٺو علم هو. اهو ئي سبب آهي جو فرعونن (مصر جي بادشاهن) جا لاش (Mummy) اڃا تائين مسالن جي زور تي خراب نه ٿيا آهن. يونان جي فيثاغورث اتي مصر ۾ اچي ڪجهه ڳالهيون سکي يوناني طب ۾ شامل ڪيون.

(4) اسلامي طب: نائين صديءَ جي شروعات ۾ خليفي هارون الرشيد ۽ خليفي منصور جي عهد ۾ سنڌ مان ڪافي ويد گهرايا ويا، جن مختلف ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ڪيا. ان موصوع تي اڳتي هلي باب ستين ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏني ويندي. انهن طبيبن کي هو سرڪ، سسرد، بدان ۽ اسنڪر سڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح هنن يوناني طب جو به ترجمو ڪيو. آخر سڀ علم ويندي فصد ڇوڙڻ، مردن کي چيرڻ ڦاڙڻ ۽ آپريشن ڪرڻ سڄو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو، جتان فارس وارن علم پرايو. اهڙيءَ طرح اسلامي طب، يوناني، هندي، ايراني، مصري ۽ عربي طب جي ميڙ مان پيدا ٿي. عربن نين بيمارين کي پرکيو ۽ نيون دوائون ۽ علاج جا نوان اصول ڳولي لڌائون. انهن نئين طريقي سان دوائن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ”قرابادين“ (Materia Medica & Phetmacopocia) جوڙي. ان دور ۾ گهڻيون ئي تصنيفون ٿيون، جهڙوڪ ابوالحسن بن زيدالطبري: ”فردوس الحڪمت“، ابوبڪر محمد بن زڪريا رازي: ”حاوي ڪبير“، علي بن عباس: ”ڪامل الصناع“، ابو علي سينا: ”القانون“ ، ابوالقاسم زهراوي: “التصريف“ ۽ عبدالملڪ: ”التفسير“ نالي ڪتاب لکيا ۽ چڱو نالو ڪڍيائون.

ماتا ۽ ارڙيءَ تي سڀ کان پهريائين رازي (Rhazes) ڪتاب لکيو. هن جي ڪتاب ”حاوي ڪبير“ جو ترجمو ڪري يورپ جي يونيورسٽين ۾ پاڙهيو ويو. ابن سينا جو ڪتاب ”قانون“ به يورپ وارن کي ڪم آيو. جو رس پريوڊنس (Jurispurdence) جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ان مان ورتيون ويون. ابوالقاسم زهراوي اندلس (Spain) جو ويٺل عرب هو ۽ مشهور جراح هو، هن ڪيترائي سرجريءَ جا نوان اوزار ايجاد ڪيا جن جون تصويرون هن جي ڪتاب ”التصريف“ ۾ ڏنل آهن. هو سن 1102ع ۾ گذاري ويو. اهو ڪتاب يورپ ۾ سرجريءَ جو ڪتاب ڪري پاڙهيو ويندو هو(17).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com