انهيءَ وچ ۾ ٻيڙيءَ جي چوڌاري سونڍيون ئي سونڍيون
هيون. اهي نانگ وانگر لهرا هڻي ٻيڙيءَ کي پڪڙڻ جي
ڪوشش ڪري رهيون هيون. ”اُف يا خدا!“ جهاز تي موجود
هر شخص کان دانهن نڪري وئي. ”هي ته خوفناڪ آڪٽوپس
آهي.“ جو هن پستول کڻڻ لاءِ تيزيءَ سان پنهنجي
ڪيبن ڏانهن ڀڳو.
ايتري ۾ هڪڙي سونڍ آهستي آهستي ويدراس طرف وڌي رهي
هئي. هن يڪدم کيسي مان پستول ڪڍيو ۽ انهيءَ جون
سڀئي گوليون ان سونڍ تي هلايون. اها سونڍ ڦٿڪندي
پوئتي هٽي ۽ پاڻيءَ ۾ غائب ٿي ويئي. بسيل عرشي تي
بيٺو هو، گهڙي پلڪ لاءِ ته خوف سندس ذهن مايوس ڪري
ڇڏيو هو. پوءِ ڇرڪ ڀري رسي ڏانهن ڀڳو. رسو کڻي
هڪڙو ڇيڙو ٻيڙيءَ ڏانهن ڦٽو ڪيائين، جنهن کي لارگر
يڪدم کڻي پڪڙيو. بسيل دانهن ڪئي، ”انهيءَ کي
ٻيڙيءَ جي پٺئين هُڪ سان ٻَڌ.“
رسو جهاز جي هڪ لوهي چرخيءَ سان ٻڌل هو. بسيل ان
چرخيءَ کي اگهميو ته ٻيڙي آهستي آهستي سمنڊ جي سطح
تان کڄڻ لڳي. آڪٽوپس ٻيڙيءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي
ڇڏيو هو. اوچتو ئي اوچتو هڪ ٽيهه فوٽ ڊگهي سونڍ
فضا ۾ لهرائڻ لڳي ۽ پوءِ جوهن جي ٽنگن ڏانهن وڌڻ
لڳي. هو ٽپ ڏيئي هڪ طرف ٿي بيٺو. برلياڪ انهيءَ
آبي آفت جي سڄي اک جو نشانو ورتو ۽ هڪدم فائر
ڪيائين. گولي ٺيڪ نشاني تي لڳي. ان جي اک نڪري
پئي. آڪٽوپس بيتاب ٿي سونڍ کي ڦيرايو ۽ برلياڪ کي
مهلت ڏيڻ بنان، ان جون ٽنگون پنهنجي آهني گرفت م
ورتائين. تنهن هوندي به برلياڪ پنهنجا هوش ۽ حواس
قائم رکيا. هڪڙي هٿ سان جهنگلي کي مضبوطيءَ سان
پڪڙيائين ۽ ٻئي هٿ سان آڪٽوپس جي ٻي اک جو نشانو
وٺي، پستول جون سڀئي گوليون هڪٻئي پٺيان ان جي جسم
۾ هڻي ڪڍيائين. آڪٽوپس جي گرفت آهستي آهستي ڍري
ٿيڻ لڳي. ان جون سونڍون وحشتناڪ انداز ۾ تڙپڻ
لڳيون ۽ پوءِ هڪ زبردست آواز سان اهو ”سامونڊي
شيطان“ پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريو ۽ گاهه جي ٿلهي تهه
هيٺان غائب ٿي ويو.
وليم جي دردناڪ موت انهن کي ڏاڍو غمناڪ ڪري ڇڏيو
هو. ڪنهن کي ٻيو دفعو هيٺ لهي پنکي سان ويڙهيل
گاهه کي ڪٽڻ جي همٿ ئي نه ٿي. اهو سامونڊي ٻيلو
جهاز کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي نهايت پراسرار انداز ۾
هڪ نامعلوم منزل طرف آهستي آهستي گهلجي رهيو هو.
هڪڙي ڏينهن هو صبح جي وقت اٿيا ته ڏٺائون ته پري
کان خشڪي جا آثار نطر آيا. پهرين ته انهن کي
پنهنجي اکين تي به اعتبار نٿي آيو، پر پوءِ جيئن
جيئن اڳتي وڌندا ويا ته اچي آثار واضح ٿيندا ويا.
مغرب طرف چند ميلن جي مفاصلي تي ٽي ننڍا ننڍا
ويران ۽ غيرآباد ٻيٽ هئا. ويجهي ۾ ويجهو ٻيٽ پنجن
ميلن جي مفاصلي تي هو. جافلبورگ جو رخ به اوڏانهن
هو. جوهن دوربين اکين تي لڳائي بيٺو هو. ڏٺائين ته
ٻيٽ جي ويجهو ڪا شيءِ چرپر ڪندي نظر آئي. غور سان
ڏٺائين ته گاهه جي سطح تي بيشمار ڪارا ڪارا نقطا
نچي رهيا آهن. اهي هڪ گلي جي صورت ۾ گاهه جي مٿان
نچندا ڪڏندا ٻئي ٻيٽ طرف وڌي رهيا هئا. هن سمجهيو
ته اهي هن علائقي جا عجيب و غريب سامونڊي جانور
آهن.
انهيءَ مجموعي جي اڳيان ٻه – ٽي جانور يا نقا
هڪٻئي سان ڳنڍيل گاهه جي سطح تي ٽپا ڏيندا وڃي
رهيا هئا. باقي ٻيو سڄو ڌڻ انهن جي پٺيان هو.
ڏسندي ئي ڏسندي انهن اڳين ٽن جانورن ۾ ڪشمڪش شروع
ٿي وئي. انهن جون بانس جهڙيون ٽنگون پاڻ ۾ وچڙي
پيون ۽ کاٻي هٿ وارو جانور گاهه جي مٿان ڪري پيو.
وچون سندن ساٿي ٽئين کان جدا ٿي ويو ۽ جهاز طرف
وڌڻ لڳو. اک- ڇنڀ ۾ اهو سڄو ئي ڌڻ انهيءَ جي پٺيان
لڳي پيو. جوهن دانهن ڪئي، ”هوشيار! سڀ جانور هينئر
جهاز ڏانهن اچي رهيا آهن. ضرور ڪنهن شرارت لاءِ
آماده آهن.“ جهاز تي اٺ بندوقون هيون. هڪدم
ورهايون ويون. جوهن، برلياڪ ۽ ويدراس وٽ پنهنجا
پستول هئا.
هاڻي اهي جانور اڌ کان وڌيڪ مفاصلو طئه ڪري چڪا
هئا. انهن جو اڳواڻ سڄي ڌڻ کان اٽڪل هڪ سو گز اڳتي
هو. انهن جو هلڻ ۽ ٽپا ڏيڻ عجيب منظر پيش ڪري رهيو
هو. هر جانور هوا ۾ پندرهن ويهه فوٽ مٿي ٽپو ڏئي
ٽنگون لوڏي لوڏي آهستي آهستي هيٺ لهي پيو. گاهه جي
سطح تي پهچندي وري هوا ۾ ٽپو ڏئي پيو. اها عجيب
مخلوق هاڻي جهاز کان هڪ ميل جي مفاصلي تي اچي
پهتي. اهو ڏسي برلياڪ کان عجب مان دانهن نڪري وئي،
”ياخدا امن! هي جانور نه، پر انسان آهن،“
”ڇا ٿو چوين؟“ بسيل عجب مان پڇيو ۽ دوربين سندس
هٿن مان کسي ورتي. برلياڪ پنهنجي منهن تيزيءَ سان
ڳالهائيندو رهيو.
”اسان جن کي انهن جو مٿو پيا سمجهو، اهو مٿو نه پر
وڏا وڏا ڦوڪڻا آهن، جي ڏورين سان سندن ڪلهن جي
پٺيان ٻڌل آهن. پرن ۽ ٽنگن سان به ڦوڪڻا ٻڌي ڇڏيا
اٿن ۽ هٿن ۾ ڊگهيون ڊگهيون لٺيون اٿن.“
بسيل گهڙي کن لاءِ ته دوربين اکين تي چاڙهيو خاموش
بيٺو رهيو، پوءِ دوربين برلياڪ کي ڏيندي چيائين.
”خدا جو قسم، تون صحيح ٿو چوين هو ته برابر انسان
آهن، پر يقين ئي نٿو اچي. ڦوڪڻن ۾ شايد انهن گئس
ڀري ڇڏي آهي ۽ آڪٽوپس کان بچڻ لاءِ هو ائين ٺينگ
ٽپا ڏيئ گاهه تي هلي رهيا آهن.“
ٿوري دير ۾ اهو هجوم ويجهو اچي ويو. انهن جا
خودخال به صاف نطر اچڻ لڳا. سڀني جي اڳيان ننڍي قد
جي هڪ سفيد فام عورت هئي. باقي ٻيا سڀ ڪارا حبشي
هئا. جو هن ۽ سندس ٻين ساٿين يڪدم اندازو لڳايو ته
اهي سڀ حبشي انهيءَ ڇوڪريءَ جي پٺيان آهن ۽ ان کي
پڪڙڻ چاهين ٿا. هو ان کي سندن چنبي کان بچائڻ لاءِ
تيار ٿي ويا. هاڻي اها ڇوڪري جهاز کان سٺ والن جي
مفاصلي تي هئي. هڪڙو ديوَ جهڙو حبشي صرف ڏهه گز
پوئتي ان جي پٺيان اچي رهيو هو. جوهن پنهنجي بندوق
سنڀالي ۽ ان جي مٿي سان ٻڌل ڦوڪڻي جو نشانو ورتو.
هڪڙي ڌماڪي سان ڦوڪڻو ڦاٽي پيو. حبشي پاڻ سنڀالي
نه سگهيو ۽ گاهه جي تهه مٿان قدم رکڻ جي بجاءِ ٻوٿ
ڀر وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو. پويان اچڻ وارا وائڙا ٿي
بيهي رهيا. پوءِ انهن يڪدم دانهون ۽ رڙيون ڪندي
جهاز تي حملو ڪري ڏنو. عرشي تي بيٺل ماڻهن هڪ ئي
وقت فائر ڪيا ۽ ڪيترائي حبشي ٿيڙ کائيندا وڃي
ڪريا. ٻيا انهن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ بدستور
اڳتي وڌندا رهيا. انهن پنهنجن پيٽين ۾ قديم طرز جا
هٿيار سنڀالي رکيا هئا.
جهاز جي ويجهو پهچي ڇوڪريءَ آخري دفعو هوا ۾ ٽپو
ڏنو ۽ پوءِ آهستي آهستي عرشي تي لهڻ لڳي. برلياڪ
تيزيءَ سان ان ڏانهن وڌيو ايتري ۾ چند حبشي به
عرشي تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن جلدي جلدي
پنهنجي ٽنگن مان بانس کوليو ۽ ڇوڪريءَ تي حملو
ڪيو. برلياڪ پاسو ورائي سڀ کان پهرين اڳئين حبشيءَ
کي نشانو بڻايو. هو دانهن ڪري هڪ طرف ڪري پيو. ٽي
چار حبشي جوهن ۽ بسيل ماري وڌا. حبشي انهيءَ غير
متوقع صورتحال کان پريشان ٿي ويا ۽ وٺي ڀڳا. ڪيترا
ته ڀڄندي سمنڊ ۾ ٻڏي مري ويا. باقي جيڪي بچيا هئا،
اهي گاهه جي سطح تي ٽپا ڏيندا پري هليا ويا. ويندي
ويندي ڪٿي ڪٿي بيهي جهاز وارن کي مڪون ڏيکاريندا
پئي ويا.
انهيءَ جهيڙي ۾ نَوَ حبشي مري ويا ۽ ٻه زخمي ٿي
پيا. زخمين جي ملم پٽي ڪري ڪيبن ۾ بند ڪيو ويو.
ڇوڪري سخت هراسيل هئي. ڪجهه حواس ٺيڪ ٿيس ته
پنهنجو داستان ٻڌايائين. سندس نالو يونيتا هو. ٻه
سئو سال اڳ سندس وڏن جو جهاز انهيءَ گاهه جي ٻيلي
۾ ڦاسي پيو هو ۽ انهيءَ کان پوءِ هن ٻيٽ جي ڪناري
سان اچي لڳو هو. انهيءَ وقت کان وٺي اهي ماڻهو اتي
آباد آهن.
”تنهنجو پيڇو ڪرڻ وارا حبشي به هن ئي ٻيٽ تي رهڻ
وارا آهن؟“ مِس ڪارڊن کانئس پڇيو.
يونيتا چيو، ”نه، اهي ٻئي ٻيٽ تي رهندا آهن، جيڪو
هتان مغرب طرف آهي. اهي هتان جا قديم ترين باشندا
آهن. گهڻو وقت اڳ ۾ غلامن سان ڀريل جهاز هتي اچي
ڦاٿو هو. ڪافي وقت تائين انهن جو پتو پئجي نه
سگهيو. هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو حملو ڪيائون-
گهرن ۽ پوکن کي باهه ڏنائون ۽ ڪيترين ئي عورتن کي
پڪڙي کڻي ويا. انهيءَ وقت کان وٺي هر چوٿين يا
پنجين سال حملو ڪندا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن عورت کي
کڻي ويندا آهن. اسان جي ماڻهن ڪيترائي دفعا جوابي
ڪارروائي ڪئي آهي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن.
گاهه جي هيٺان آڪٽوپس ۽ ٻيا بيشمار زهريلا آبي
جانور آهن، انهن جي ڪري ترڻ يا ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪرڻ
خطري کان خالي نه آهي. حبشين جي ٻيٽ تي قدرتي گئس
لڌي آهي؛ هو انهيءَ سان ڦوڪڻا ڀريندا آهن.“
ڳالهيون ختم ٿيون ته يونيتا واپسيءَ لاءِ اسرار
ڪرڻ لڳي. ان کي اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه هو. برلياڪ،
بسيل ۽ ڪارن ڪاب ان سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
مري ويل حبشين جا ڦوڪڻا انهن جي ڪلهن سان ٻڌا ويا.
پهرين انهن کي هوا ۾ ٽپ ڏيڻ ۽ پنهنجو توازن قائم
رکڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿي، پر پوءِ ٿوري مشق ڪرڻ کان
پوءِ جلد ئي وڏا ۽ اطمينان بخش ٽپ ڏيڻ لڳا.
مغرب کان ٿورو وقت اڳ ۾ هو ٻيٽ ڏانهن روانا ٿي
ويا. خيال هو ته چانڊوڪي رات هوندي، انهيءَ ڪري
آسانيءَ سان ٻن-ٽن ڪلاڪن ۾ يونيتا جي ٻيٽ تي پهچي
وينداسين، پر سندن خيال صحيح ثابت نه ٿيو. سج لٿو
ته اوچتوئي اوچتو گهاٽو ڌنڌ ڇانئجي ويو. برلياڪ
پوئتي مڙي ڏٺو ته جهاز ڌنڌ جي پردي ۾ گم ٿي چڪو
هو. مجبوراً اڳتي ئي اڳتي وڌندا رهيا.
رکي رکي انهن کي خيال ٿي آيو ته ڀلجي پياسون، ته
سڄي رات ٽپا ڏيندي گذارڻي پوندي يا وري ڪنهن
سامونڊي بلا جو لقمو بنجي وينداسين. انهن کي
پنهنجي بيوقوفيءَ تي افسوس ٿيڻ لڳو. افسوس! ٻه-ٽي
ڪلاڪ اڳ ۾ نڪرون ها، يا وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير
اچون ها. اوچتو ئي اوچتو سامهون گاهه تي هڪ دڙو
نظر آيو. هن سڏ ڪري ساٿين کي خبردار ڪيو ۽ انهيءَ
دڙي طرف وڌڻ لڳو. ٿوري دير کانپوءِ چارئي ڄڻا هڪ
پٿريلي ڪناري تي بيٺا هئا. انهن سڪون جو ساهه
کنيو. ڌنڌ ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ مناسب هو ته اتي ئي رات
بسر ڪري، صبح جو وري سفر شروع ڪيو وڃي. يونيتا
ٻڌايو ته هتي خونخوار ۽ ديون جيڏا وڏا ڪيڪڙا رهندا
آهن، پر برلياڪ نه مڃيو. هو ڪنهن مناسب جڳهه جي
تلاش ۾ اڳتي وڌيا. ٿوري پنڌ تي کين هڪڙو غار نظر
آيو۽ اهي سڀ ان ۾ اندر هليا ويا.
رات نهايت ڊيڄاريندڙ ۽ خاموش هئي. ڪوشش جي باوجود
انهن کي ننڊ نه آئي. آڌي رات جو اوچتو ئي اوچتو
فضا ۾ ڌپ... ڌپ جو آواز گونجڻ لڳو. اهي ڪنُ ڏيئي
ٻڌڻ لڳا. آواز ڪناري جي ڀرسان اچي رهيو هو. اهي
اکيون ڦاڙي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، پر ڌنڌ تمام
گهاٽو ٿي ويو هو، کين ڪجهه به نظر نه آيو. برلياڪ
۽ بسيل بندوقون سنڀاليون ۽ يونيتا هڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي
وئي.
ڌپ... ڌپ... آواز وري اچڻ لڳو ۽ پوءِ ائين محسوس
ٿيو ته ڪا شيءِ ترڪندي، مرڪندي پئي اچي. وري
پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جو زوردار آواز آيو- شڙاپ- گهڙي کن
خاموشي طاري رهي. هو ڪنائيندا رهيا. وري ڌپ ڌپ جو
آواز يڪدم بند ٿي ويو ۽ انجي بجاءِ ڪنهن وزني شيءَ
جي پٿرن تي گهلجڻ ۽ گَسڻ جو آواز اچڻ لڳو.
برلياڪ، ڪارنڪاب جي پٺيان ڀڳو، پر پوءِ يڪدم بيهي
رهيو. ڪناري واري طرف کان ڪا نامعلوم بلا تيزيءَ
سان ڊڪندي پئي آئي. برلياڪ ڊپ کان غار جي ڀت ۾
چنبڙي پيو ۽ اها بلا اک ڇنڀ ۾ غار جي اڳيان رڙهندي
هلي وئي. ڌنڌيل چانڊوڪيءَ ۾ ان جا خد و خال ڏاڍا
خوفناڪ نظر اچي رهيا هئا. پنج فوٽ ڊگهو، پنج فوٽ
اوچو بيڊولو جسم، ٽينس جي بال جيڏيون وڏيون ۽
خوفناڪ اکيون ۽ مٿي تي ٻه وڏا سنڱ. ان کي ڏسي
برلياڪ ۽ بسيل جا ته هواس ئي ختم ٿي ويا.
ڪارنڪاب جي پٺيان ويندي بلا جو خوفناڪ ڌپ- ڌپ جو
آوز هر گهڙيءَ پري هلندو ٿي ويو. اوچتو ئي اوچتو
هڪ دل ڏاريندڙ دانهن ٻيٽ جي خاموشيءَ کي ختم ڪري
ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ ٻي ۽ پوءَ ٽين دانهن ٿي.
انهيءَ کان پوءِ وري خاموشي ڇانئجي وئي. ٿوري دير
کان پوءِ هلڪي غراهٽ ٻڌڻ ۾ آئي. برلياڪ هڪ سپاهي
هو ۽ سڄي زندگي خطرن سان منهن ڏيندي گذاري هئائين،
پر اڄ جيڪو خوف جو نئون تجربو هو، اهڙي خوف سان هن
جو ڪڏهن به واسطو نه پيو هو. جيئن تيئن ڪري رات
گذاريائون. صبح جو جڏهن سوجهرو ٿيو، هو غار مان
نڪتا ۽ روانا ٿيا.
ڪناري جي ويجهو بسيل کي هڪڙو رت ڀريل انساني هٿ
نظر آيو. ان جي ڀرسان هڪڙي چَڪيل ۽ پَٽيل ٽَنگ پئي
هئي- اهي ٻئي عضوا ڪارنڪاب جا هئا. چند قدمن تي ان
جو ڌڙ پيو هو. ان جي هڏن ۾ ڪٿي ڪٿي گوشت باقي بچيل
هو ۽ کوپڙي غائب هئي.
يونيتا جي ٻيٽ ۾ سندن وڏي آجيان ڪئي وئي. ٻيٽ وارا
يونيتا کي روئي پٽي ويٺا هئا، انکي جيئرو ڏسي بيحد
خوش ٿيا. برلياڪ ۽ بسيل ٽپهريءَ ڌاري واپس ورڻ جي
اجازت گهري، پر يونيتا جي چاچي ڊيرل کين روڪي
ڇڏيو.
هارلم پنهنجي ناڪام بغاوت کان پوءِ خاموشي اختيار
ڪئي هئي. هو ۽ ان جا ساٿي جوهن جو هر حڪم بنان
ڪنهن چون چرا جي بجاءِ آڻي رهيا هئا. پر اها
خاموشي ۽ اطاعت عارضي هئي. هو ڪنهن ٻئي مناسب
موقعي جي تلاش ۾ هو. سفيد فام باشندن جي خلاف سندس
دل ۾ سخت نفرت هئي. يونيتا جي واتون ان کي حبشين
جي شيطاني ٻيٽ جي خبر پئي ته هو وري سرگرم عمل ٿي
ويو.
جوهن صبح جو سوير اٿيو ته هارنسيءَ ان کي ٻڌايو ته
هارلم غائب ٿي ويو آهي. هو پاڻ سان گڏ زخمي حبشين
کي به وٺي ويو هو. جوهن ڏاڍو پريشان ٿي ويو. انکي
يقين هو ته هارلم حبشين سان گڏجي ضرور ڪو نئون
ٻارڻ ٻاريندو.
برلياڪ ۽ بسيل کي ٻئي ڏينهن به انهيءَ ٻيٽ تي رهڻو
پيو. هو اڃان روانا ٿيڻ وارا هئا ته ڪارا ڪارا ڪڪر
ڇانئجي ويا. مجبوراً سفر ملتوي ڪيائون. ٽئين ڏينهن
روانا ٿيا ته ڊيرل به انهن سان گڏجي پيو. هن جوهن
سان ملي سندس شڪريو ادا ڪرڻ چاهيو ٿي. ڦوڪڻن ۽
بانس جي مدد سان گاهه تي ٽپندا ڪڏندا جڏهن جهاز تي
پهتا، تڏهن دنگ رهجي ويا. جهاز تي عجيب افراتفري
جو منظر نظر آيو. جتي ڪٿي رت جا دٻا هئا ۽ حبشين ۽
ملاحن جا لاش ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هو غم ۽ غصي ۾
چريا ٿي پيا. هڪ هڪ ڪري سڀئي ڪئبنون ڏٺائون، مگر
مس ڪارڊن ۽ سينولڊا زنده يا مئل کين ڪٿي به نظر نه
آيون. انجن روم ۾ لارگر، هانسي ۽ ويدراس جا لاش
پيا هئا. جوهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه پيو. هو ڊوڙندا
ڪپتان جي ڪيبن ۾ ويا. دروازي ۾ قدم رکندي ئي وائڙا
ٿي بيهي رهيا. رنج ۽ حيرت کان کانئن رڙ نڪري وئي.
سامهون برٿ تي جوهن بنان سرت جي پيو هو. ان جو سڄو
جسم منهن کان سواءِ هڪ اڇي چادر سان ڍڪيل هو ۽ مٿي
تي پٽيون ٻڌل هيون.
بورچيخاني ۾ هڪڙي پاسي ۾ ليفو لڪو ويٺو هو. بسيل
پاڻي کڻڻ لاءِ اندر ويو ته ان کي ڏٺائين هن کيس
ساري ماجرا ٻڌائي. هن چيو، ”ٻيٽ جي حبشين صبح جو
سويل جهاز تي حملو ڪيو. هارلم انهن سان گڏ هو.
جوهن کي مٿي ۾ هڪڙو ڀالو لڳو، هو تڙندو ٿاٻڙندو
چند تختن جي اوٽ ۾ وڃي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. مان
خوف کان بورچيخاني جي چمني ۾ لڪي ويس. اڌ ڪلاڪ جي
خونريزيءَ کان پوءِ حبشي هليا ويا. پوءِ ٻاهر نڪتس
۽ ڏٺم ته مس ڪارڊن ۽ سينولڊا کي به پاڻ سان وٺيو
پيا وڃن. بيهوش پيل جوهن کي کڻي بستري تي سمهاريم
۽ ان جي ملم پٽي ڪيم.“
بسيل دوائن جي پيتي مان هڪڙي ننڍڙي شيشي ڪڍي،
پاڻيءَ جي گلاس ۾ ان مان چند قطرا وجهي جوهن کي
وات ۾ وڌا. پندرهن منٽن کان پوءِ هن اکيون پٽيون.
هاڻي هو مٿي کي هٿ ڏئي سوچڻ ويهي رهيا ته عورتن کي
حبشين جي چنبي مان ڪيئن آزاد ڪرائجي. آخر فيصلو
ڪيائون ته ڊيرل جي ماڻهن سان گڏجي ٻيٽ تي اوچتو
حملو ڪجي. ڊيرل مري ويل حبشين جا چاليهه ڦوڪڻا ۽
بندوقون کنيون ۽ ٻيٽ جو رخ ڪيائون. برلياڪ پنهنجي
مشين گن جا پرزا ڳنڍڻ شروع ڪيا.
تياري مڪمل ٿي وئي ته هو شيطاني ٻيٽ ڏانهن روانا
ٿي ويا. ليفو به انهن سان گڏ هو. ڪناري تي لهي
دٻيل پيرن سان اڳتي وڌيا. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هڪ
کليل ميدان تي پهتا. مغرب طرف کان نغارن ۽ انساني
رڙين جو مليل جليل آواز اچي رهيو هو. جلد ئي هو هڪ
بستيءَ جي ويجهو پهچي ويا. سامهون هڪڙي ٽڪري هئي،
انهيءَ تي چڙهي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائون. بستي جو
منظر صاف نظر اچي رهيو هو. ساڄي هٿ تي جهوپڙين جي
هڪڙي ڊگهي قطار هئي. ٿورو پرڀرو هڪڙي اڌ پڪي عمارت
هئي. جهوپڙين کان ڪافي مفاصلي تي هڪڙو وڏو ميدان
هو جنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن بيشمار ڪارا ڪارا پاڇا
ناچ ڪري رهيا هئا. هارلم به ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن
سان گڏ زمين تي پلٿي ماري ويٺو هو ۽ ناچ ڏسي رهيو
هو. جوهن جو رت ٽهڪڻ لڳو. هو بندوق کڻي هارلم کي
نشانو بڻائڻ وارو هو ته برلياڪ کيس روڪي ورتو ۽
چيائين، ”جلد بازي ٺيڪ نه آهي. پهرين عورتن کي
تلاش ڪرڻ ضروري آهي. منهنجو خيال آهي ته اهي
انهيءَ پختي عمارت جي اندر قيد هونديون. ڇو ته
ٻيون عورتون اتي پهرو ڏئي رهيون آهن.“ جوهن ۽ بسيل
اونڏانهن ويا.
نغارن ۽ حبشين جي وحشت انگيز رڙين جي گوڙ ۾ ٻئي
ڄڻا سولائي سان انهيءَ پختي عمارت تائين پهچي ويا.
پهريدار عورتن ڪافي مزاحمت ڪئي، پر انهن کي هڪدم
ختم ڪيو ويو. برلياڪ جو خيال صحيح نڪتو. مس ڪارڊن
۽ سينولڊا ڪمري ۾ هڪ ٿنڀي سان ٻڌل هيون. بسيل ۽
جوهن جلدي جلدي انهن کي کوليو ۽ سڀ ٽڪريءَ ڏانهن
ڀڄڻ لڳا. اڃان ٿورڙو پنڌ مس ڪيائون ته انهن کي ڪن
حبشين ڏسي ورتو. انهن جي دانهن ڪرڻ تي سڀ ماڻهو
اٿي کڙا ٿيا ۽ سندن پٺيان پيا. برلياڪ پنهنجي مشين
گن کنيو تيار بيٺو هو.انهيءَ حبشين مٿان گولين جو
مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو. انهيءَ وچ ۾ جوهن ۽
بسيل لڪندا ڀڇندا ٽڪريءَ تي پهچي ويا. عورتن کي
هڪڙي وڏي چوٽيءَ جي اوٽ ۾ ويهاري پاڻ بندوقون
هلائڻ لڳا.
چانڊوڪي رات ۾ هيٺ حبشين جي سڄي فوج نظر اچي رهي
هئي. هو رڙيون ۽ دانهون ڪندا ٽڪريءَ تي چڙهڻ جي
ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر گولين جي برسات سندن رستو
روڪي ڇڏيو. ايتري ۾ بيشمار حبشي موت جو شڪار بنجي
ويا. سڄو ميدان لاشن سان ڀرجي ويو، تنهن هوندي به
سندن جوش ڪونه گهٽيو. اٽڪل اڌ رات جو اوچتو ئي
اوچتو جهوپڙين ۾ اچي باهه لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي
سڀئي جهوپڙيون باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويون ۽ ڀسم ٿي
ويون.
جنگ کان پوءِ هو ڊيرل جي ٻيٽ تي آيا. حبشين جو
خاتمو ٿي وڃڻ کان پوءِ ڊيرل ۽ سندس ماڻهن جي هڪ
وڏي پريشاني ختم ٿي وئي هئي. ڪيترن ڏينهن تائين
فتح جو جشن ملهائيندا رهيا.
هڪڙي ڏينهن صبح جو اٿيا ته جوهن سمنڊ جو صاف ۽
شفاف پاڻي ڏسي حيرت ۽ خوشي مان وٺي رڙ ڪئي. پري
پري تائين انهيءَ گهاه جو تاندورو به نظر نه ٿي
آيو. ڊيرل ٻڌايو ته ”زير آب پهاڙين جي چوٽين مان
ڪڏهن ڪڏهن تيل جا چشما ٽهڪندا ڦاٽي پوندا آهن. اهو
تيل مڇين ۽ ٻين سامونڊي جانورن کي ختم ڪري ڇڏيندو
آهي. ايتري قدر جو گاهه به ڦاٽي پوندو آهي ۽ ختم
ٿي ويندو آهي. جو هن جو منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو.
هن جذبات جي شدت کان لرزندڙ آواز ۾ چيو، ”اسان اڄ
رات هتان هليا هلنداسون.“
حميد سنڌي
جي قيام مڙن
ڪڍيا جي ڪُلال، سي پسي خال خوش ٿئي،
پاڻيءَ چِٽَ پُسائيا، ڌاءُ نه جهلي ڌمال،
سپڪ ڀانيا سهڻيءَ، جوڀن جي جمال،
آڪي جا احوال، مَعلوم ٿيا مهراڻ ۾.
منهنجا سائين، ڪو وقت ته مون به سهڻيءَ وانگر جوش
جوانيءَ ۾ گذاريو. خبر تڏهن پئي جڏهن ڪچي دلي ڀُرڻ
شروع ڪيو، رنگ روغن لهڻ لڳو ۽ زندگيءَ جي ڪُن ۾
غوطا کائڻ لڳس. تڏهن مون هٿ پير هنيو ۽ ڪنهن ڪک پن
جو وقتي سهارو وٺي مون سوچڻ شروع ڪيو ته اءنهيءَ
ڪُن مان ڪيئن نڪرجي ۽ حياتيءَ کي لوڙهي ڇڏڻ بدران
سجايو ڪجي. مون پنهنجي مَنَ کي ڦولهڻ شروع ڪيو ۽
وليم ورڊس ورٿ جي چوڻي مطابق ته: ”اندر جي اک سان
پسو ته خوشي ماڻيندو.“ مون به اکيون بند ڪري پسڻ
شروع ڪيو. ڇا ڏسان ته هڪڙو ننڍڙو ٻار آهي، جو پٽي
کنيو گهيڙ تان لهي ٿو ۽ ڊوڙندواچي. هڪ کجي آهي،
تنهن کي ڀاڪر پائي ٿو ۽ انکي چُمندو اُچاري ٿو،
”منهنجي مٺي دربان! تنهنجي ڪتل به مِٺي، ته تون به
مِٺي آهين.“
هو اڳتي وڌي مُلان اسڪول جي در تي پهچي ٿو ته هڪ
نينگر ڪوهرن جو ڇٻو کنيو بيٺو آهي ۽ هوڪو پيو ڏئي
”هل، ڪوسا ڪوهر- هل، ٽڪي ۾ ٻاٽي.“ هو ننڍو ٻار هُن
کي چئي ٿو، ”مولو، مون وٽ هڪ پيسو آهي، سڀاڻي ٽَڪو
ٿيندو، پوءِ مونکي ٽڪي ۾ ٻاٽي ڏيندين؟“ مولو کيس
عجيب نظرن سان ڏسي ٿو.
ٻارڙو گهٽيون گهيڙ لتاڙيندو ٽاڪ منجهند ماڻيندو
گهر موٽي ٿو. هڪ وڏي حاويلي آهي، جنهن ۾ ڪٽنب سٿيل
آهي، تن سان اچي رهاڻيون ڪري ٿو ۽ ننڍڙي هرڻ سان
کيڏي ٿو ۽ سندس اکين کي چُمي ٿو، جيڪي ساڻس
ڳالهائڻ جي ڪن ٿيون. پوءِ هو لِڪ چوريءَ گهٽيءَ ۾
اِٽِي- ڏَڪر راند ڪرڻ اچي ٿو. هن کان وڏڙا ٻار
اِٽِي- ڏڪر راند پيا ڪن ۽ هو سندن نعرو ٻڌي خوش
ٿئي ٿو: ”ڌوپار“ ۽ شمعدان جي شيشن جو ٽڙڪو ٿئي ٿو
۽ سڀ ڀڄي وڃن ٿا. هو اڪيلو اُن شمعدان ۽ حاويليءَ
مان نڪرندڙ بزرگ کي تڪيندو رهي ٿو، جيڪو ٻين کي
ڇڏي اچي سندس ڪَن جهلي ٿو ۽ ٿڦو ٺوڪي ٿو. هو خاموش
آهي. اِئين هو ٻارڙو هڪ مست کي ڏسي ٿو، جيڪو ڦاٽل
چولو پائي گهٽيءَ ۾ ڊوڙون پائي ٿو ۽ ”ڀيڄ مولا، هڻ
ڪو گوڏي جيڏو“ جا نعرا هڻي ٿر ۽ هاڻ ٻار خوش ٿئي
ٿو ۽ ڊوڙ پائي حاويليءَ ۾ وڃي، اِهوئي نعرو هڻي
ٿو، ”ڀيڄ مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“ پُڦيون ۽ ماسيون
سندس معصوميت تي قربان وڃن ٿيون ۽ هو نعرا هڻندو
رهي ٿو. گهڙي ڪانه گذري ٿي ته ابر اُهاءُ ڪري ٿو،
آگم آءُ ڪري ٿو، جهڙ ڦڙ بهاروين ٿي وڃن ٿيون. هيءُ
پنهنجين سوٽن ماساتن سان گڏ مينهن جهلي ٿو ۽ نعرو
هڻندو رهي ٿو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ سندس انگ
انگ بهارين ۾ آهي ۽ مينهن به ائين وسي ٿو ڄڻ اڳ نه
اُٺو آهي نه اُٺيو. ائين ڪير بزرگ کيس ڪن کان جهلي
ورانڊي ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ نڙ سان ڪُٽي ٿو، هو حيران
آهي ۽ درد جي پيڙا کان سندس اکيون آگمجيو اچن ٿين۽
جهڙڦڙ جي بهاري لايو ڏين. کيس ڪير پيار سان اندر
وٺي وڃي ٿو. هوءَ سندس وڏي ڀيڻ آهي. هوءَ جيڪا
سندس ڳوڙها اُگهي ٿي ۽ سمهارڻ جي ڪري ٿي، هو سمهي
نه ٿو. پوءِ کيس ڀيڻس هڪ بادشاهه جي ڳالهه، جيڪو
چمڙا پوش ڪري، ماڻهن جا دک درد معلوم ڪندو هو، دک
دور ڪندو هو ۽ سندس بهادر شهزادي جي ڪهاڻي ٻڌائي
ٿي، جيڪو ڏک ڏاکڙا سهي، ڏاڍ ڏمر جو مقابلو ڪندو،
انعام طور هڪ سهڻي شهزادي حاصل ڪري ٿو.
هو هاڻي وڏو ٿيندو وڃي ٿو، سندس تصور ۾ اُهو ئي
شهزادو ۽ شهزادي وڃي رهن ٿا. هو ڪئين ئي ڪچا رنگ،
پڪا رنگ سمجهي، ڀنڀلندو اڳتي وڌي ٿو. سندس هٿ
سهاري لاءِ گهڙي جي ڳولا ڪن ٿا ۽ هر ويلي سندس هٿ
۾ ڪچو گهڙو اچي ٿو ۽ مئي متي مهراڻ ۾ وجهڻ سان اُن
جا چٽ رنگ لهن ٿا، ڪچو گهڙو ڀُري پوي ٿو ۽ هو
ترندو تڙڳندو نڪري ٿو. وري ٻيو گهڙو کڻي ٿو. اِئين
سندس تلاش جاري آهي. نه هُن شهزادي ماڻي آهي ۽ نه
پڪو گهڙو. مون سڃاتو ته سائين اُهو مان آهيان، مان
پاڻ.
منهنجي اندر جي اک جيڪي ڏٺو، ان مان لاڀ پرايم.
ڇاڪاڻ ته سوچيم ته شهزادو بڻجي دک پرايو اٿم ۽ نه
وري ڪا شهزادي ماڻي اٿم، سو هاڻ ڇو نه ٻيو ڪجهه
بڻجان. مون اُن ڪهاڻيءَ کي اُٿلايو پٿلايو، جيڪا
ڀيڻ ٻڌائي هيم. ان ۾ هڪ ڪردار اهم هو، جيڪو وسري
ويو هو، اُهو هو بادشاهه جو ڪردار، جيڪو چمڙا پوش
ڪري، ماڻهن جا دک درد معلوم ڪندو هو. مون آهستي
آهستي پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ شروع ڪيو ۽ مان اُن
ڪُن مان نڪري آيس. بادشاهه حاڪم ٿيندو اهي ۽ مان
پنهنجي مَن جو حاڪم هوس، سو اِهي ڪُن مون کي ڇا
ڪندا. ڏٺم ته ڪُن مون کان ڪوهه پري هو. پوءِ
سائين! مون چمڙا پوش ڪري اندر جي بادشاهه کي
لڪائي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ماڻهو سمجهيو ۽ سندن
دک درد معلوم ڪيا ۽ جيڪي مون کان ٿي سگهيو ٿي سو
مون ڪيو ٿي. پنهنجي پاڻ کي ساڻن ويجهو ڪرڻ لاءِ
پهريائين ته کين پنهنجو ماضي ٻڌايم، ”دربان“ ڪيئن
منڊليون مچايون، ميهاڻي مست ڪيئن جهڙ ڦڙ جون
بهاريون ڪيون، مولو ڪُهرن واري ٽڪي ۾ ٻاٽي ڇو نه
ڏني، ”ڌوپار“ جو ڪردار هاڻ”ڌوپار“ چوندي شعمدان ڇو
نه ٿو ڀڃي ۽ سندس اِٽي ظالم جو دون ڇو وڃي مٿي ٿي
۽ هرڻيءَ جي اکين ۾ صدين جون صدائون ڪيئن آهن.
اهڙيون ڪيئي ڳالهيون، جيڪي منهنجي اندر جي اک
ڏٺيون هيون ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ”روح
رهاڻ، کي جنم وٺڻو پوي ٿو. جشن ٿين ٿا ۽ سڀني
ماڻهن جو آواز منهنجي آواز جو پڙاڏو ٿي گونجي اٿي
ٿو. منهنجي اندر واري چمڙا پوش بادشاهن جي رڳ رڳ
ٺري ٿي ۽ مان اُن ويلي سمجهان ٿوته هاڻ منهنجي
هيءَ حياتي سڦل ۽ سجائي آهي ۽ مان شهزادي ۽
شهزاديءَ جي تصور کي ويجهو آڻڻ نه ٿو ڏيان ۽ مون
پاڻ کي اڄ تائين چمڙا پوش بادشاهه سمجهيو اهي،
جيڪو ماڻهن جا دک درد معلوم ڪري، هڏ ڏوکي هجڻ جي
دعويٰ ڪري ٿو. اڄ جڏهن اُن ماضي کي ڏسي ۽ پنهنجي
عملي زندگي کي ڏسان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته ڪنهن ڳالهه
جي محرومي جو احساس ٿئيم ٿو. ڪاڏي وئي اها ماڻهن
جي هڏ ڏوکي هجڻ جي دعويٰ؟ ڪاڏي ويئي اها ”روح
رهاڻ“؟ ڪاڏي ويا آهي جشن؟ ڪاڏي ويون اهي سنگت جون
ڪچهريون ۽ منڊليون؟ تڏهن سوچيم ۽ خبر پيم ته هاڻ
بادشاهه پوڙهو ٿي چڪو آهي. جي ها! بادشاهه پوڙهو،
نٻل ۽ ڪمزور ٿي چڪو آهي، جنهن کي سندس وارثن تخت
تان لاهي، قيد ڪري ڇڏيو آهي. سندس پير پيڪڙن ۾ ۽
هٿن ۾ هٿڪڙول آهن ۽ هو انهن پنهنجن ماڻهن لاءِ
عملي طرح ڪجهه نه ٿوڪري سگهي. صرف سندس اندر جي اک
کليل آهي، جنهن سان جيڪي هو ڏسي ٿو، اڄ به بيان
ڪري ٿو. سندس وارث هن ايندڙ وهي جا نمائندا آهن،
عملي طور جيڪي ڪجهه کين ڪرڻو آهي، پنهنجي لاءِ ۽
پنهنجن ماڻهن لاءِ اُهو ڪن پيا، جي کائن پُڳو ته
هن ماضيءَ جي بادشاهه کي آزاد ڪري، سندس تجربي مان
فائدو وٺي سگهن ٿا.
منهنجا سائين! ”ويريون“ اُنهيءَ من جي بادشاهه جو
نذرانو آهي، جنهن جا هٿ خالي، جهريل جيءُ هڪ قيد ۾
آهي. جيسين سسيءَ ۾ ساهه اٿس، بيان جاري رهندو ۽
اڄ اُن بيان ٻُڌڻ لاءِ جيڪي پنهنجا مڙيا آهن، تن
جا ٿورا نه لاهڻ جا آهن ۽ نه لهي سگهندا. اُن
بادشاهه وٽ ڏيڻ لاءِ ڪي به ڪينهي، سواءِ هنن لفظن
جي:
جي قيام مڙن ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پري سڄن، واڏايون وصال جون.
(شاهه)
مقالا
قريشي حامد علي خانائي
وينجهرو
سنڌ جو هڪ قديم تاريخي شهر
سنڌ جا قديم آثار ٻڌائن ٿا ته هيءُ علائقو قديم
زماني کان وٺي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو. سنڌ جا
ڪيترائي قديم ڳوٺ، واهڻ، بستيون ۽ شهر سنڌو درياهه
جي ڪناري تي آباد هئا. انهن ڳوٺن ۽ شهرن کي اڪثر
اڳئين زماني ۾ قلعا ۽ ڪوٽ ڏنل هئا. سنڌو درياهه جي
رخ بدلائڻ ۽ زماني جي سياسي انقلابن ۽ ڦيرين
گهيرين ڪري اهي ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي واريءَ جي دڙن ۽ ڀڙن
جي صورت ۾ معدوم ٿي ويا، ايتريقدر جو انهن جي نالن
۽ جاءِ و قوع جو به هن وقت پورو پتو ڪونه ٿو پوي.
اڄ انهن قديم تاريخي ڳوٺن ۽ شهرن جا صرف نالا
تذڪرن ۾ يادگار طور وڃي رهيا آهن. قديم زماني ۾
انهن شهرن ۽ بستين کي واپاري ۽ سياسي طرح وڏي شهرت
حاصل هئي. دراصل اهي اسان جي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن،
بهادريءَ ۽ دليريءَ جا واضح نشان آهن، جن جي رهاڪن
وقت جي جابر حاڪمن، اميرن ۽ عملدارن سان ٽڪر کاڌو
هو. |