گذارش
سچل اڪيڊميءَ جو قيام
”سچل نئشنل سيمينار“، خيرپور ميرس جي موقعي تي،
اختتامي اجلاس کي خطاب ڪندي، سنڌ جي گورنر
ليفٽيننٽ جنرل ايس.ايم. عباسي سچل اڪيڊميءَ جي
قيام جي خوشبخري ٻڌائي. گورنر صاحب جي مٿينءَ
پڌرائي تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ تهذيبي،
تعليمي ۽ صحافتي حلقن سان گڏ سچل جي طالبن ۽ سنڌ
جي هر عام رهواسي خوشي ۽ مسرت جو اظهار ڪيو آهي ۽
ان کي سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ جي ڏس ۾ نيڪ فال
قرار ڏنو آهي. اسان، هن موقعي تي گورنر موصوف جي
مٿئين اعلان جو خير مقدم ڪندي مبارڪباد پيش ٿا
ڪريون.
سچل سرمست، سنڌ جي اعليٰ آدرشي پيغام جوعلمبردار
آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سندس مرتبو ۽ رتبو
نهايت مٿانهون آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ادب
جو آفتاب آهي ته بلاشبه حضرت سچل سرمست ماهتاب مثل
آهي. سنڌي ادب ۽ ٻولي جو صحيح معنيٰ ۾ شان ۽ شرف،
شاهه، سچل ۽ ٻيا انيڪ صوفي شاعر آهن، جن پنهنجي
ڪلام ۽ پيغام وسيلي انسانذات کي عظيم سبق ڏنو آهي.
جيستائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي افڪار ۽ پيغام
جي تشهير ۽ اشاعت جو تعلق آهي،ان لاءِ ”شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي“ نالي ادارو
ڪافي ورهين کان سرگرم عمل آهي، پر حضرت سچل بابت
تحقيقي ۽ علمي اداري جي قيام جي جا ضرورت هئي، ان
کي سنڌ جي ادبي حلقن ۽ سچل سائينءَ جي طالبن گهڻي
عرصي کان وٺي پئي بيان ڪيو آهي. سچل سائينءَ جي
ميلي جي موقعي تي. هر سال، ادبي ڪانفرنس ۾ انهيءَ
تقاضا کي ورجايو ويندو هو. خوشقسمتيءَ سان گذريل
مارچ مهيني ۾ خيرپور ميرس ۾ منعقد ڪيل ”سچل نئشنل
سيمينار“ دوران، اهل سنڌ جي انهيءَ پراڻي تقاضا ۽
خواهش جي تڪميل ٿي، ۽ ان تاريخي فيصلي ڪرڻ جو شرف
سنڌ جي ادب نواز گورنر جنرل عباسي صاحب کي حاصل
ٿيو آهي. گورنر صاحب پنهنجي خطاب ۾”سچل اڪيڊمي“ جي
قيام جو اعلان ڪندي، ان لاءِ سالانه پنج لک رپين
جي مالي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪرڻ فرمايو آهي. موصوف
اها اميد ظاهر ڪئي ته اڪيڊمي وسيلي سچل سائينءَ
جهڙي عظيم المرتبت صوفي شاعر جي لافاني پيغام جي
هاڻي مناسب ۽ گهربل اشاعت ٿي سگهندي.
سچل اڪيڊميءَ جي قيام لاءِ سنڌ جي علم دوست وزير
تعليم ۽ ثقافت جناب جسٽس سيد غوث علي شاهه (جيڪو
صاحب خيرپور ميرس جي رهواسي هئڻ جي ناتي سان سچل
سرمست يادگار ڪميٽي جو پڻ قديم ۽ سرگرم ڪارڪن رهيو
آهي)، سکر ڊويزن جي لائق ڪمشنر جناب سيد محب الله
شاهه صاحب، خيرپور ميرس جي ڊپٽي ڪمشنر جناب غلام
محمد ميمڻ ۽ سنڌ جي نامور دانشمند جناب تنوير
عباسي، خاص طرح سان، تمام گهڻي ڪوشش ورتي هئي، جي
مبارڪباد جا مستحق آهن. سندن مخلصانه ڪاوشن کي
الحمدلله سهڻو نتيجو حاصل ٿيو آهي.
سچل اڪيڊميءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان سلسلي ۾ سچل
نئشنل سيمينار ۾ تقريرن ۽ خطبن ۾ مذڪور اداري جي
پروگرام ۽ سرگرمين لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارگر، مثبت
۽ تعميري تجويزون، ارادا ۽ خواهشون بيان ڪيون ويون
آهن ۽ ان جي آخري نشست ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل
دانشمندن ۽ عالمن پڻ ڪيئي سهڻيون تجويزون ڏنيون
آهن.
اسان کي اميد آهي ته سچل اڪيڊمي، سچل سائينءَ جي
پيغام کي شايان شان طريقي سان اجاگر ڪري پنهنجي
مقصدن جي حاصلات ۾ ڪامياب ثابت ٿيندي.
- نفيس احمد شيخ
شاعري
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
قطعات
1
جنهن زبان ۾ ماءُ پنهنجي ٻار کي لولي ڏئي،
جنهن زبان ۾ پيءُ پڻ هر دم مخاطب ٿو ٿئي،
تنهن زبان سان ئي حفاظت ٿي ٿئي تهذيب جي،
سا زبان ئي تا قيامت طالب الموليٰ چئي.
2
هرڪو ڀڄي پري ٿو ٿئي مشڪالت ۾،
ڪهڙي اميد رکجي ڀلا ڪنهن جي ذات ۾،
خود مطلبي جهانَ کي ويڙهي وٺي وئي،
سڀڪو لڳو پيو آهي پنهنجي ئي تات ۾.
3
پريشان حال پنهنجو ڇو ڀلا ڪنهن کي ٻڌايان مان،
حقيقت در حقيقت پيو جڏهن پاڻان لڪايان مان،
زماني سان نڀائڻ طالب الموليٰ ته ڳالهه ئي ٻي،
اڃا تائين پنهنجي پاڻ سان ٿو مس نڀايان مان.
4
عام سان غدار جڪيو ٿو ٿئي،
قوم جي اک ۾ سدا سو ٿو ٿئي،
عاقبت ٿيندي انهيءَ جي بد ترين،
ملڪ دشمن جي پٺيان جو ٿو ٿئي.
5
محبت ۾ فرحت نه هيڏي نه هوڏهن،
جدائي جي طاقت نه هيڏهن نه هوڏهن،
نه دنيا ڏي دل ۽ نه عقبيٰ جي خواهش،
اسان جي محبت نه هيڏهن نه هوڏهن.
6
نه جنهن ۾ درد سا دل، دل نه آهي،
محبت جي اها قابل نه آهي،
جتي پهچي وري اڳتي ٿو هلجي،
حقيقت ۾ اها منزل نه آهي.
7
اول ته ڪو گذر ۽ بسر جو علاج ڪر،
پو چشم جو علاج، بصر جو علاج ڪر،
ڇا عيب جوئي ڪنهن جي به عيب عظيم ناهه،
ٻي ڏي نه ڏس تون پنهنجي نظر جو علاج ڪر.
8
دستور هي عجيب آ ڪون و مڪان ۾،
ان کي ادا ڪريان ٿو مان ننڍڙي بيان ۾،
يعني جو هن جهان ۾ سڏجي ٿو يار موت،
تنهن کي چون تولد ٿا مهن جهان ۾.
9
ڪڏهن ٿا پيادا ٿين شهسوار،
ڪڏهن ٿا پيادا ٿين شهسوار،
ڪڏهن ٿا گداگر ٿين شهر يار،
ڪڏهن ٿا گداگر ٿين شهر يار.
10
پورو عمل ڪجي هميشہ دل جي ڳالهه تي،
ڀڙڪي سدا اٿڻ کپي باطل جي ڳالهه تي،
عاقل انهيءَ کي چئبو جو خاموش ٿي رهي،
نادان، بيوقوف ۽ جاهل جي ڳالهه تي.
11
تنهنجي ادا ۽ حسن ادا تي سلام آهه،
تنهنجي جمالِ هوشريا تي سلام آهه،
تون تر هٽئين نه يار مان دم پل نه ڪي مڙيس،
تنهنجي جفا ۽ منهنجي وفا تي سلام آهه.
12
ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾،
محبوب آيو ويٺو هو ڏاڍي حجاب ۾،
ڪيڏا وڻيا نه ڪاڪلِ پيچان صنم جا اڄ،
هر هر ڪريا ٿي رخ تي، هئا پيچ و تاب ۾.
مخدوم زاده محمد امين فهيم
غزل
حاصل جڏهن به عشق جي منزل ڪئي اٿئون،
مخلوق پنهنجي عزم جي قائل ڪئي اٿئون.
فرصت جي وقت ۾ به ميسر نه ٿيو سڪون،
هر وقت ويهي مشق مسائل ڪئي اٿئون.
گردابَ پنهنجي جان ۾ جايون ڏئي ڇڏيون،
قربان جڏهن کان قربت ساحل ڪئي اٿئون.
خونِ جگر جو خوف نه مقتل جو ڊپ هيو،
منزل وڃي به ڪوچئه قاتل ڪئي اٿئون.
آخر لبن تي مهر خموشي ڪيائون ثبت،
آهُن جي ذمه دار وڃي دل ڪئي اٿئون.
فڪر، جهان ڇڏي وڃي ويٺاسين ڪُنڊ ۾،
مدت کان پوءِ اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.
ڪنهن کي قصور وار سڏيون، ڪنهن سان ضد ڪيون،
دل پنهنجي، پنهنجو پاڻ ئي گهائل ڪئي اٿئون.
تاريخ آ گواهه ته حالات ڇا رهيا،
قوت جڏهن به قوم جي زائل ڪئي اٿئون.
همت کان ڪم وٺون ته ڪو مشڪل ته حل ٿئي،
حالت اجايو رحم جي قابل ڪئي اٿئون.
پنهنجو ته ڪنهن نه زڪر تغافل ڪيو ”فهيم“،
غيبت سدائين نقص، وسائل ڪئي اٿئون.
ڊاڪٽر اسدالله شاه ”بيخود“ (مرحوم)
نظم
اک ڦڙڪي پئي، دل ڌڙڪي پئي
هٿ ڇُٽڪن پيا، روح ڦٿڪي پيو
ڪانگ ويٺو مُنيءَ تي لنوي لاتيون
ٻهر نڪتو آهيان، ڪنهن نه پٺيان سڏيو
هڪ گدڙ منهنجي آڏو ٽپي راه ويو
جيئڻيي ڪارڙو ٿو ڪري ٻوليون
يار ايندو اوس، يار ايندو اوس.
قطعا
رڻن ۾ يار رولي وئين اسان کي
سموري عمر گذري ڄڻ اجائي
تلاشن ۾ ئي پوڙها ٿي وياسون
”الا اي اَهوئي وحشي کُجائي“
(حافظ)
وساري قول پنهنجا يار ويٺين
مناسب هئن نه آهي يبوفائي
مون کي پنهنجو تون سمجهين يا نه سمجهين
”مرا باتست چندين آشنائي“
(حافظ)
”فيض“ بخشاپوري
پر ڪيف نگاهن ۾ اسرار نظر آيا،
خوابده مقدر ڀي بيدار نظر آيا.
ميخانه عرفان ۾ ميخوار نظر آيا،
مدهوشي و مستي ۾ هشيار نظر آيا.
هر محفلِ خوبان ۾ انبوه رقيبان هو،
آغوشِ گل و لاله ۾ خار نظر آيا.
تابندگي رخ کان تابنده رخِ خوبان،
خورشيد جي صورت ۾ رخسار نظر آيا.
هر مست مقيد هو خمِ ڪاڪلِ پيچان ۾،
زنجير جي صورت ۾ سڀ وار نظر آيا.
هن چشمِ فسونگر جي ابرو جي اشاري سان،
آئينه ڀي سرگرمِ گفتار نظر آيا.
ڇا حسن و شباب آهي ڇا شوخي و تاب آهي،
والله قيامت جا آثار نظر آيا.
هر برگِ گل ولاله کي رشڪ لبِ نازڪ،
اي جنتِ رخ حيران گلزار نظر آيا.
انسان جي فطرت ۾ زاهد نه تن آساني،
گردون تي فرشته سڀ بيڪار نظر آيا.
منظور نگاران کي عشاق جي خونريزي،
هٿيار جي صورت ۾ سينگار نظر آيا.
تيرن جي رهي بارش ناگاه نهاريم جو،
اي ”فيض“ ڪمين گہ ۾ سڀ يار نظر آيا.
”سيلم“ ڳاڙهوي
تنهنجي ملڻ جي شوق ۾ دنيا ڇڏي ڏنم!
عشرت جي زندگيءَ جي تمنا ڇڏي ڏنم!
ڪيئي نظر نواز نظارا ڏسي وڌيس،
پر زيب پر فريب تماشا ڇڏي ڏنم!
روڪيو ٿي رهگذار ۾ رنگين رڪاوٽن،
گذري ويس، تمام ڪرشما ڇڏي ڏنم!
پيرن هٿن سان، چسم سان پنبڻن سان پنڌ پيس،
”ڇوڇو“ ڇڏيم جهان جي، ”ڇاڇا“ ڇڏي ڏنم!
سيني ۾ سانڍي سُور ۽ دل ۾ سمائي درد،
آرام عيش، چاهه ۽ چسڪا ڇڏي ڏنم!
آريءَ جي ڪاڻ، هوت جي خاطر، پنهونءَ جي لاءِ،
ڀنڀور جا ڀرم ۽ ٽڪاڻا ڇڏي ڏنم!
حالت رهي ٿي پوه جي سر جي مٿان ”سليم“،
خود چيٽ ۾ بسنت جا ناتا ڇڏي ڏنم!
ذوالفقار راشدي
بيت
جهوري ويا هئا جيءَ کي گوندر، گوڙ، گهليون،
ويڙهي ويون سُرت کي وَڻَ – ويڙهيءَ وليون،
تو کان ڄڻ ته مليون، سَڌون نيون ساهه کي.
*
ڪڍي مير مونجهه جو، شيشو ڪيئه شفاف،
ڌوئي، سڄڻ، صاف، ڪيئه سندم سوچ کي.
*
نئين ڪا سَٽ سُرت کي، نئين نئين برهه باهه،
لاهي ويندي آهه، اِئين زنگ ذهن تان.
*
ڪو ريئه ڪِٺُ قلب مان، ڪارنهن رهي ڪونه،
هاڻي سَگهو، سيبتو، سَرهو گهاريان ڇو نه،
پِرين، سوڌي سونُ، ڪيئه مَٺي روح کي.
*
تَڙجي ويا تَنَ مان، ورهه پراڻا روڳ،
ٽِڙيا ٽانگر بُت ۾، نوان ڦولاريا ڦوڳ،
هوندا ٻين سان ڀوڳ، تو سان سڀڪجهه ساڀيان.
*
ڏاتر پنهنجي ڏات کي جيئاريو ٿي جيئن،
سرهائي، سرهاڻ سان واسيو اٿئي تيئن،
مرڻ تائين هينئن، رهيو اچج روح ۾.
*
هاڻي مونجهه نه لونجهه ٻي، سپنا تنهنجا سچ،
ڪهڙيون ڀريان بيت ۾، ڳالهيون آهن ڳچ،
ٻُڌڻ ويجهو اچ، متان مَن ملور ٿئي.
*
نڪي ساهس سوچ جو، نڪو ڏاهپ – ڏتُ،
نڪا ڏات، نه ڏانءُ ڪو، نڪا سگهه، نه سَتُ،
سڄڻ، ڏيج مهت، مان نه اگلي آهيان.
*
سارو رائو رُڃ جو، سڄو ڪوڙو رنڱ،
توسان ڪهڙو سڱ، توسان ڪهڙي مائٽي.
*
ڪهڙي ڪوڙي مائٽي، ساڀيان ڀي ڄڻ خواب،
دوکا بڻيا ديد لئه، سارا راڳ رباب،
ڪوڙا سُڏڪا سِينڌ جا، ڪوڙا اکڙين آب،
کوٽا سنگ سراب، هرڪو آهي هيڪلو.
*
هرڪو آهي هيڪلو، هر ڪنهن جي من ڪچ،
ڳالهه اءهائي ايتري، سون جهڙو سچ،
مور ڀلي جان نَچُ، پير پَسي پوءِ روئندين.
*
پير پسي پوءِ روئندين، ڀَلُ ٻڌي ڏس پڳ،
ڪانهي رعايت روهه ۾، اوکا سارا دڳ،
ٿيندءِ پير ڦلوڪڻا، ڏکندءِ پئي رَڳ رَڳ،
ويندا ڏسي وڳ، متان ڀُلين، بانورا.
*
ڪونهي بانور، ڀول، ڄاڻان انت پريت جو،
جيڪو ڪُني منجهه آ، پوندو پاٽ ۾ سو،
ڪندو ڪشالا ڪيترا، ڪنهن جي خاطر ڪو،
سڀڪي سمجهان ٿو، پوءِ به هڪڙو آسرو!
*
هيءُ به هڪڙو آسرو، پيارو جهڙو ساهه،
هونءَ ته فاني هرڪوئي، سدا ته رهڻو ناهه،
پوءِ به گهُربو آهه، ڪارڻ جيون جهاڳ لئه.
دوها
جي تون ماڻهن جهڙو ماڻهو، ٻيا به ته آهن ماڻهو،
ڪهڙي صفتين تو ئي موهيو، سا منهن ويهه ته ڄاڻئون.
ويجهو ويهه، ته تنهنجي ديهه ۾ ڳوليان هيءُ اسرار،
تو۾ ڪهڙو جوهر هو، جنهن وري بڻايم ٻار.
مون ته ٻُڌو آ: تنهنجي مُک ۾ اهڙي آهي ڏيا،
جيڪي تنهنجي آڏو آيا، ساڄا ڪونه ويا.
اڄ سوڌو تون چندرما جي روپ سندو مانڊاڻ،
لڱ لڱ منهنجو کنڊر کنڊر، ڀڳ – ٽُٽ جو اهڃاڻ.
تنهنجا سواس سڳنڌي هوندا، تون سارو سرهاڻ،
صندل جهڙي سُرهي قربت هيل ته مون سان ماڻ.
رات ته سرها سپنا ڳوليون، ڇپر- کٽ تي آءُ،
او زهره، اڄ اُڀ تان اُلهي، ڀونءَ سان ڪر سرچاءُ.
سندرتا جي کاڻ، بدن جي ٻوٽي ٻوٽي هيرو،
مون ۾ سگهه سهڻ جي ڪانهي، ٿورو ويهه وٿيرو.
ڪائي مهڪ ۽ گرمي من ۾، اوٻاري نه ڪو جوش،
ساري ايٽيڪيٽ ڀُلائي وڃان وڃائي هوش.
لکي سگهان مان جيڪر تنهنجي ايڏي گهڻي تعريف،
ماڻهن پنهنجي معبودن جي جيڏي ڪئي تو صيف.
آسروندن جون ارداسون، سگهين نه سڀ اگهائي،
جذبا جيڪي قيد ڪيا ٿي، اُهي ته ڏي موٽائي.
-
ڪهڙي ڪُهڙ ۾ ڦاٿو آهيان، ڪنڊا ڪنڊا ڪنڌ،
اڳ ئي پير پٿون ها منهنجا، پٿر جو هو هنڌ.
ولهه وسي ٿي واٽن تي ۽ چوڌاري هيءُ ڪوهيڙو
ڏسي به سگهندين- ڪيئن ڪريان ٿو، تنهنجي اچڻ جو
اوسيئڙو
آءٌ بکارن وانگر ويٺو، واتن تي واجهايان ٿو،
ڪنهن جي اچڻ جي راهه نهاريان، ڪنهن کي ڪونه ٻڌايان
ٿو.
نيلاميءَ ۾ نانءُ ڳڻايم، هَڙَ ۾ سُٽ جو هڪڙو ڦورو،
يوسف ڪين خريديم ليڪن، وري به پنهنجي سڪ تي ٿورو.
جيسين اُڌمان اُلا آلا نڀا بڻجي ٻرندا رهندا،
هي لمحا جي تو وٽ گهاريم، دل تان مور نه لهندا.
جيڪو تنهنجي قربن مان اڄ پائي وڃان ٿو پيار،
دل جو آٿت بڻجي رهندم، ساجن سڀ ڄمار.
اڻمٽ، املهه ساروڻيون، سڪ، ساءُ مليو هڪوار،
ڪيو حياتي نيبهه، ايندس ٻيهر تنهنجي دوار.
سوچان ٿو ته الائي ڪڏهن، وري ملون ڪنهن واٽ،
پوءِ به نراشا کان ته سٺي آ آس جي اُڃ، اُساٽ.
مان هڪڙو ريتين جو قيدي، رسم- رَسي ۾ باند،
شال اندر جي سونهن، لطافت وڃي نه ٿي وڻواند.
توکان وڌ ٻيو ڪهڙو حاذق، ڪهڙو تَنَ طبيب،
جيڪو من جا موڙهٽ لاهي، ڄاڻي حُب حبيب.
تنهنجي ذهن جا گهٽيون ۽ رستا رُلون پيا اڄ- رات،
ڀانئيان، من ڪنهن ڀت مان نڪري، ڇرڪائين، چئي
”هات“!
رات اڄوڪي اسرارن ۽ الهامن جي کاڻ،
جيڪو جاڳ جي ڀاڳ ۾ ڪونهي، سو سپني ۾ ماڻ.
رات اڄوڪي، جيتر جيئندم، هردم رهندي ياد،
جيسين اُڌمان مري نه ويندا، هوندي يار سان راند.
”چُڻ ڀُڻ“ کان چپ جهرڪين ڪئي آ، ڪوماڻل سڀ ڪانگ،
هيءُ ڪهڙو آ پرهه، پيارا، ڏنگي وَيَس ڄڻ نانگ.
سرمائي سرمائي ماڻڪ، ڪنول ڪٽورا نيڻ،
مائٽ منهنجي سپنن جا ۽ منهنجي سرت جا سيڻ.
ڪير اجايا اُڌمان پالي، پرت وڃي وڻواند،
ڪيسين دل کي آٿت ڏيندي، ڪا ٻاراڻي راند.
رامچندر جيان روح ريجهائي ڪيئن هٿراڌو ٽولُ،
ڦِڙتيون گهِڙتيون، ڦند جنهين وٽ، ٻول نه ڪوئي قول.
هن سَر ۾ ڪو پکي نه ٻولي، پسان نه ڪوئي کنڀُ،
هنجهه هِنئين جا، پاڻ پلي ڇڏ، روءُ نه تنهن لئه
رنڀُ،
ساري سڪ، هي سونهن، حياتي مانڊي جو مانڊاڻ،
جنهن ۾ جرڦل جهڙا جذبا، پل پل رتوڇاڻ.
پوءِ به ساهه ۾ سانڀيهءِ ڇا لئه لُڇ پُڇ، لنجهڻ،
لات؟
باک ڦُٽيءَ جو پرو نه ڪوئي، اڃا ته ڪاري رات.
موڙها، تنهنجي ملڪ ۾ آهي پرت جو ڪال مهانگ،
کوٽا ماڻهو کوڙ گهمن ٿا سڪ جو اوڍي سانگ.
ڪهڙا پالين پور، ڪو يسر، ڄڻ ڳاڙها شهتوت،
سياڻو ٿيءُ، تڙي ڪڍ تن مان، نينهن جا چريا ڀوت.
اشرافن ڪٿ شهرت ماڻي سگهي نه آهي مورُ،
هرگز ڀانءِ شريف نه جيڪو هجي گهڻو مشهورُ،
مان ڏاڍن کان ڏَڍُ نه سنبران، ڏنڀ ڏنائون کوڙَ،
مليم نه مڻيادار ڪو اهڙو ٻڌيَم سر تي موڙ. |