پيرل ”پرديسي“
ماري وڌو مقدر پنهنجي قضا کي ڳولي،
وهه جا وفا به ويڙهي ويئي جفا کي ڳولي.
نيت جو نانگ بڻجي ڪنهن واٽ سير ويهي،
ساڙي وڌو وري مون پنهنجي سزا کي ڳولي.
هي موت موت ڇاجو، آ موت موت کي ڀي،
فاني فنا ڪري، ٿم ورتو بقا کي ڳولي.
آخر وفا وفا آ، پرُ واهه ڙي مقدر،
ڳوليندي دلربا کي ورتم خدا کي ڳولي.
اُن کي ڪو تاب ڇا جو، فڪرِ عذاب ڇاجو،
جيڪو وڃي ٿو جاني جلوه نما کي ڳولي.
اي دوست! درحقيقت انسان ان کي چئجي،
جو پنهنجي ابتدا کي ۽ انتها کي ڳولي.
ڏسجي نه ٿي جهان ۾ ڪا جستجو کان پالهي،
هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارون دوا کي ڳولي.
ڪاٿي به ڪو هجي ڀل پرديسي چاهي ديسي،
دلبر ته آهي هر جاءِ ڪو دلربا کي ڳولي.
سهڻل سيتائي
هرڪو پيار کسڻ ٿو چاهي،
ڏاڍا سور ڏيڻ ٿو چاهي.
امرت رس جي پيالي ۾ ڪو،
زوري زهر وجهڻ ٿو چاهي.
ڪنهن کي هن جون نظرون ڳولن،
ڪنهن کي هو ته ڪهڻ ٿو چاهي.
سچ جي تان تي سچ ئي ڳايو،
هاڻي ڪوڙ ڊهڻ ٿو چاهي.
عرصي وارو بند پکي اڄ،
پڃري مان ته اڏڻ ٿو چاهي.
تنهنجي هٿن ۾ ”سهڻل“ سائين،
پنهنجو موت ڏسڻ ٿو چاهي.
مختار گهمرو
تو ريءَ ڪهڙي رات او سائين،
پلپل تنهنجي تات او سائين.
سپنن جو تون ساٿي آهين،
وائي تنهنجي وات او سائين.
ساري دل ٿي توکي هردم،
دم دم تنهنجي بات او سائين.
ڪوئل جهڙي پياري پياري،
مٺڙي تنهنجي لات او سائين.
جاني تو لئه جاڳي جاڳي،
ٿي ويئي پرڀات او سائين.
تو ري ساجن وسندي رهندي،
ڳوڙهن جي برسات او سائين.
تو لئه گيت لکان مان ويهي،
ڏاتر ڏيندو ڏات او سائين.
تون چوڏس چنڊ پيارا،
تو ري آ اڌ رات او سائين.
”مختار“ جڏهن تون موٽي ايندين،
مشڪل ٿيندي مات، او سائين!
مقصود گل
گيت
گلڙن ڇا گلزار ڪيا، سانوڻ سَوَ سينگار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙين مينگهه ملهار ڪيا.
پيلن گلڙن جون تسبيون ڏس ڌرتيءَ آهن پاتيون،
وار وڻن جا دور هٽائي ڪرڻا پائن جهاتيون،
موسم مست هزار ڪيا، هر هڪ ٻوٽي هار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙين مينگهه ملهار ڪيا.
موتيو مگرو مستيءَ مان ٿو جهومي جهمريون پائي،
هر هڪ لام لڏي ٿي خوشبوءَ وستين منجهه ورهائي،
هاديءَ ڇا هٻڪار ڪيا، جوڙ وڏا جنسار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙين مينگهه ملهار ڪيا.
سونهن جي راڻي سرخي لائي سير ڪرڻ لئه آئي،
جهول ڀري تنهن مشڪل عنبر جا خوشبوءِ کوڙ کنڊائي،
قرب گهڻا ڪلتار ڪيا، واليءَ وڙ سو وار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙين مينگهه ملهار ڪيا.
بادل گاج ڪري ٿا منهنجو هيکل هينئڙو ڏارن،
منهنجون اکڙيون توکي ساري ڏهه ڏهه ڳوڙها هارن،
کنوڻن ڀي کجڪار ڪيا، ويس وسڻ جا يار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙين مينگهه ملهار ڪيا.
ڪارن ڪڪرن مان ٿو جڏهن چنڊ لياڪا پائي،
ويتر مون کي مٺڙا سائين تنهنجي ياد ستائي،
اکڙين تو لئه آر ڪيا، سانوڻ جيئن وسڪار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙيون ميگهه ملهار ڪيا.
دل جي باغ ۾ آشا جا ”گل“ ڄاڻ پرين ڪوماڻا،
موٽي آ تون ماڳ تي مٺڙا محب ڇڏي ڏي ماڻا،
جهوراڻي آزار ڪيا، دردن دل تي وار ڪيا،
تو ريءَ منهنجي من جا مارو،
اکڙينمينگهه ملهار ڪيا.
سميع لنڊ
تنهنجي ياد جي وري آ وير،
لڳي رهي آ ٿڌڙي هير.
پيار جي ملندو پوءِ نه ٿيندو،
آهي ساجن ڪو دلگير.
توکان ڏور گذاريل ڏينهڙا،
جيءَ کي ڏيندا آهن جهير.
ڪيئن وساري سگهندس توکي،
من تي تنهنجي ئي تصوير.
چاهه جو چنڊ به ا ڀري پوندو،
توکي ساريو آهي سرير.
شاهد منگي
پاڻيءَ ڦوٽو
ڪُوڙ دُٻي جو جل آهي
ڪيسين رهندو
ڪيسين چنڊ ستارن جا پيو
عڪس جهٽيندو
آخر هڪ ڏينهن
سورج آڏو
مات مڃيندو
جذب ٿي ويندو ڌرتيءَ ۾.
اجنبي
آءٌ اهو ئي آهيان جنهن لئه
تنهنجيءَ دل ۾
چاهت جا طوفان سمايل
هوندا هئا
جنهن کي ڏسندي تنهنجي ڳاڙهن چپڙن تي
ٽهڪن جا گل ٽڙندا هئا
پر اڄ تون
پيار جا هڙئي حق کسي
چاهت جا سڀ ٻنڌڻ ٽوري
اجنبي ٿي وئي آهين!
راهي چنا
کولي ڇڏيا تاڪ مون در جا،
بند ٿي ويا سڀ رستا شهر جا.
مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو،
جهول پريائون ٿي پٿر جا.
تنهنجي وڇوڙي تي او سائين،
مون ته ڀريا هِن ڍُڪ زهر جا.
ماڻهون، ماڻهون ائين ٿو ڀاسي،
ڪَتبا آهن ڄڻ قبر جا.
توتي شعر لکندي لکندي،
گهنڊ به وڄي ويا سحر جا.
هن ئي گيت ٻڌڻ سان اچجو،
مهمان آهيون شايد پهر جا
مان شاعر ناهيان جادوگر،
ڪئين ڪيرايان ڪوٽ قهر جا.
سڀڪجهه پنهنجو لُٽي هي ويندا،
چور آهن پنهنجي ئي تر جا.
عابد ”نياز“ ميمڻ
وفائن جي بدلي جفائون ملن ٿيون،
اهڙيون عشق ۾ ئي سزائون ملن ٿيون.
رڳو ناز انداز ۽ شور شوخي،
فقط يار ۾ هي ادائون ملن ٿيون.
انهي سان مون دلڙي ڇو آهي لڳائي،
نه جنهن دلربا وٽ وفائون ملن ٿيون.
فقط آتشِ عشق جي درد دل جي،
ڪٿي ڪين ڪنهن وٽ دوائون ملن ٿيون.
ڀَلايون ڪيون ”نياز“ جنهن سان به آهن،
انهن جي ئي دل کان دعائون ملن ٿيون.
”منير“ سولنگي
روئي تابان کي ڏسي، زلفِ پريشان کي ڏسي،
دل وئي ايمان ويو، بس حسن جانان کي ڏسي.
هو به ساقيءَ جي نگاهن مان چُڪي چاڙهي ويو،
شور محفل ۾ متو زاهد جي ايمان کي ڏسي.
دلربا هر شيءِ وساري، تنهنجو غم رکيم عزيز،
وهم سڀ ڪافور ٿيا هن دل جي مهمان کي ڏسي.
ننڊ نيڻن مان رٺي ڄڻ ڪا اڏاڻي عرش ڪونج،
ياد تنهنجي يار آئي ابرِ باران کي ڏسي.
باغبان مون کي گلن بدران ڏنا ڪنڊا ”منير“،
هر ڪلي مشڪڻ لڳي پُر خار دامان کي ڏسي.
سيد ماڪن شاهه رضوي
هڪ شوخ ديده ور جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا،
افسوس بيخبر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
هُن کي خبر نه آهي، آهي عجب اهوئي،
هُن جي ته رهه گذر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
دل ۾ تپش رهي ٿي، بيچين جسم آهي،
هر پل انهيءَ هجر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
تنهنجي حُسن ۾ شامل، ذوقِ نظر آ منهنجو،
تنهنجي انهي فخر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
آهي سڪون دل کي، تنهنجي گلي ۾ جاني،
انهي ڪري ته در جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
نه ئي موت ڏي ٿو مُهلت، نه ئي دل کڄي ٿي توتان،
زنده هوندي قبر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
دل ٿي چوي تغافل، تنهنجي ڏسي ستمگر،
ڪهڙي ته بي قدر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
ناهيون پري اوهان کان، ڇو ٿو پري ڪرين تون،
تنهنجي گهٽي ۽ گهر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
مجبور آههِ ”ماڪن“، شاهه هت اوها لئه،
نظرون ته کڻ نظر جي، سامهون سڄڻ رهون ٿا.
انور ”فگار“ هڪڙو
هڪ راز پنهنجي دل ۾ لڪائي نٿو سگهان،
همراز کي ڀي راز ٻڌائي نٿو سگهان.
جنهن آس جي سهاري گذاريان ٿو زندگي،
تنهن آرزو کان پاند ڇڏائي نٿو سگهان.
الفت جو آب منهنجي اکين ۾ ويو گهر ڪري،
مجبور آهيان لڙڪ وهائي نٿو سگهان.
چاهت جي شمع ٻاري ڪئي آهي روشني،
افسوس! سا هٿن سان وسائي نٿو سگهان.
مدهوش ٿي وڃان ٿو جلوي اڳيان ”فگار“،
پنهنجا غزل ڀي بزم ۾ ڳائي نٿو سگهان.
”ساجد“ لعلپوري
فنا جو راز ڄاڻي جي، فنا کان اڳ فنا ٿي پيا،
حقيقت ۾ فنا ناهن اهي، آهن بقا ٿي پيا.
هميشہ ناز دنيا ۾ هو جن کي، هٺ وڏائي تي،
وڃائي هوڏ هستي سي هٺيلا شرمندا ٿي پيا.
تصور ۾ ته آهن هر گهڙي مون سان، اهي شامل،
ٿيو ڇا؟ جي زماني ۾ کڻي مون کان جدا ٿي پيا.
غلامي مون نه هڪڙي آ قبولي، دلربا جي پر،
ڏسو دربان هن جا ڪيترا شاه و گدا ٿي پيا.
رڳون قربان دنيا ۾ ٿيا، ڪي چند ئي ناهن،
شمع تي اپڦر، هزارين يار پروانه فدا ٿي پيا.
هزارين لال، موتي ٿيا هتي نروار آهن پر،
ڏسو سهڻي جي آڏو دوستو! سارا جهڪا ٿي پيا.
اميرِ شهر دنيا ۾ ٿيا، توقير جي لائق،
صرف تعذير جي لائق فقيرِ بينوا ٿي پيا.
وضو جي خونِ دل سان دوستو! ساري سگهيا ناهن،
نماز عشق جا سجدا انهن کان سڀ قضا ٿي پيا.
وفاداري سندي دعويٰ ڪندا جيڪي رهيا هردم،
مصيبت مهل ڪم آيا نه سي ئي بيوفا ٿي پيا.
وڃي ڇو؟ سِر جهڪائڻ لئه، ڪليسا، مسجد و مندر،
محبت ۾ ته سجدا هر قدم تي ئي روا ٿي پيا.
رکيو انسانيت جو ڀرم جن، ”ساجد“ زماني ۾،
حقيقت ۾ اهي انسان، موتي بي بها ٿي پيا.
محمد شريف طالب
کڻي نيڻ نرمل نهاري وڃين ها،
اسان جي اندر کي اُجاري وڃين ها.
اسان جون هيون تو ۾ وڏيون اميدون،
ڪيل قول پنهنجا تون پاري وڃين ها.
وري ڪين موٽين جي ملڻو هو توکي،
نه ڏيئي دلاسا ڌُتاري وڃين ها.
انهيءَ بي رخي کان اهي زهر بهتر،
جي پنهنجي هٿن سان پياري وڃين ها.
سدائين اسان سان ڪيون تو جدايون،
گهڙي ڪا قرب جي تون گهاري وڃين ها.
طالب ازل کان مان تنهنجو ئي آهيان،
جڏو جيءُ جاني جياري وڃين ها.
شمس صابر ڪلوڙ
گيت
سال لنگهي ويا
ورهه وري ويا،
تو بن ساعت ڪين سَري
ساجن! موٽي آءُ وري...!
ڪاٿي آهين ڪاٿي آهين؟
ساجن سائين ڪاٿي آهين؟؟
چاهت ۾ دل آهه چري
ساجن! موٽي آءُ وري ...!
ڀنورو بڻجي ڪنول ۾ ڳوليان
نير اکين جا موتي روليان
بِرها جي ڪا باهه ٻَري
ساجن! موٽي آءُ وري ...!
واهوندن جا واءُ وريا
رُت بسنتيءَ گُل کِڙيا
ڏيج پريتم پريت ذري
ساجن! موٽي آءُ وري ...!
عزيز الله ”عزيز“ بروهي
غزل
ڪر نه دل منهنجي دُکي بهرِ خدا دلدار يار،
پنهنجي هن مسڪين عاشق جي ڪڏهن لهه سار يار.
دور مان ڪيڏو رهان توکان تون ڪر پنهنجي قريب،
جي ڪندين پنهنجو ته ٿيندو خوش نصيب هي بدنصيب،
ڪونه فرقت جا کڻي ٿو مان سگهان ڪي بار بار.
منهنجو من تنهنجي ڏسڻ لئه ٿو رهي هردم اُداس،
ٿو ڪري الله ڄاڻي مون کي تنهنجو غم اُداس،
تن ۽ من ۾ ٿي وڄي تنهنجي سدائين تار يار.
تو بنا مان ڪيئن پنهنجي ساهه کي سرهو رکان،
سوچيان ٿو دل ۾ دلبر واٽ مان ڪهڙي وڃان،
نينهن تنهنجي ۾ وهن ٿا روز نيڻين نار يار.
تون چئو توکان سواءِ مان ڪيئن ٿو گهاري سگهان،
پنهنجي دل جي باهه کي مان ڪيئن ٿو ٺاري سگهان،
ڪيئن طالب هڪ رهي مطلوب کان ٿو ڌار يار.
تو ڏٺو منهنجو ڀلا ڪهڙو سڄڻ آهي قصور،
ڇو لٽي آخر ڇڏيو آ دل جو تو سارو سرور،
ڪيئن سهي تنهنجو ”عزيز“ هي تنهنجا ڪي آزار يار.
شيرل ”نيڪ“ سروري
بيوفا سان نه هاڻ پيار ڪبو،
سوچي سمجهي نئون ڪو يار ڪبو.
پنهنجي دلبر کي سيني سان لائي،
پيار ان سان ته بار بار ڪبو،
سور پنهنجي ته يار جي خاطر،
سڀ سهي قرب نامدار ڪبو.
روڪي روڪي ٿڪس ته جذبن کي،
پاڻ ان جي مٿان نثار ڪبو.
آءُ تو سان ڪيان بيان دل جو،
تو سوا ڪونه رازدار ڪبو.
حرف پنهنجي مٿان نئون آڻي،
پاڻ کي ڪين داغدار ڪبو.
مون کان ساقي جدا تون جام نه ڪر،
ورنه اکين کي اشڪبار ڪبو.
سال گذري ويا وڇوڙي ۾،
ڪيترو هن جو انتظار ڪبو.
”نيڪ“ هن کي چمي چمي چمبو،
عشق پنهنجي کي شاهڪار ڪبو.
”تاج“ هاليپوٽو
کنيائون ٿي دنيا ۾ دم ڪهڙا ڪهڙا،
انهي جا ڪبا هاڻ غم ڪهڙا ڪهڙا؟
محبت جي راهن ۾ آياسون جيئن ٿي،
سٺا سون سڄڻ جا ستم ڪهڙا ڪهڙا؟
اکين جي اشاري، ڪئين گهوٽ گهايا،
ويا برهه ۾ ٿي ڀسم ڪهڙا ڪهڙا؟
مڃي عرض آزيون، نه آيا اڱڻ تي،
عدوليا عجيبن قسم ڪهڙا ڪهڙا؟
سڄڻ کان مليا سورَ سوغات هردم،
رعايت ۾ رنج و الم ڪهڙا ڪهڙا؟
دوائن کان ڪو ڀي اثر ڪونه ٿئڙو،
رکيائون ڦَٽَن تي مَلم ڪهڙا ڪهڙا؟
اکين سان عجيبن سٽيو خوب سينو،
هنيا تِير ”تاجن“ صنم ڪهڙا ڪهڙا؟
محمد بخش ”شاد“ جوکيو
بپا طوفان ٿيو ساگر ۾ ڪنارن جو خدا حافظ،
خزان جي مستقل گهاريو بهارن جو خدا حافظ.
اشارن سان فقط يارو کٽيل جي راند مون هاري،
ڀرم هيڪر بچي باقي نظارن جو خدا حافظ.
مريضِ عشق جي ڪهڙي طبيبن کي خبر يارو،
نه ٿيو جي درد جو درمان بيمارن جو خدا حافظ.
محبت ۾ ڪندي سجدو سڄڻ کي جي ڏٺو زاهد،
چيئون ڪافر ته غم ناهي ڪفارن جو خدا حافظ.
سکن ۾ سڀڪو هو ساٿي ڏسي ڏک ويا ڇڏي پنهنجا،
سکن وارا هجن سکيا، ڏکارن جو خدا حافظ.
وري شايد ڪا بگڙي آ پنهنجي تقدير جي ڦرهي،
سهارن موڪلايو بي سهارن جو خدا حافظ.
مزو ويو آ بهارن مان قرارن ڀي ڪئي رخصت،
رٺيون جي فرحتون پو بي قرارن جو خدا حافظ.
نظر کان جام پيبو هو ته ٿيندا مست هئا مخمور،
ڇپائي ديد ساقي اڄ خمارن جو خدا حافظ.
ڪيئون جي ري خطا مجرم زمانا پوءِ پڄي پئبو،
قضا ناشاد ڪيو پو ”شاد“ پارن جو خدا حافظ.
اقبال شينو
دلربا دلبر ڌتاريون عشق وارن جون اکيون،
محب محبت ساڻ ماريون عشق وارن جون اکيون.
اڄ وصال يار خاطر ٿيون لڇن تڙپن پيون،
هجر ۾ آهن اُڃاريون عشق وارن جون اکيون.
ڪونه ٿيو ديدار دلبر جو عطا دل کي وري،
هت خيالن ۾ خماريون عشق وارن جون اکيون.
رات جاڳي ريجهه ۾ روئي ويچاريون رت ڦڙا،
ڪن عبادت ٿيون ڀلاريون عشق وارن جون اکيون.
سور صدمن سان سدائين گهاوُ ڪي گهرا ڏئي،
حسن وارن هي آزاريون عشق وارن جون اکيون.
آس اوسيئڙي اندر آهن اڀيون هي آسري،
اڄ ته واٽن تي ويچاريون عشق وارن جون اکيون.
چند منٽن لئه چرين کي پيار جي لولي ڏئي،
ڪنهن نه سوريتيون سمهاريون عشق وارن جون اکيون.
ٿي ويون بنجر بنجو آس تنهنجي ۾ مٺا،
ڪين سنبرن ٿيون بهاريون عشق وارن جون اکيون.
شينا جيئري جانٻن جو وصل ٿئي ”اقبال“ سان،
سوز ساڙيون هي سچاريون عشق وارن جون اکيون.
اصغر هالو
اچي چنڊ توتي ڪو مسڪن ڪريون،
زمين تنهنجي زرخيز گلشن ڪريون.
کڻي نيڻ نازڪ جي نرمل نهارين،
فدا توتان دلبر هي تن من ڪريون.
اٿئون ناز پنهنجي غريبي تي هردم،
ڊگهو ڪنهن جي اڳيان ڇو دامن ڪريون.
ٿيڻ پاڻ چاهيون جي انسان اگر،
فقط قلب پنهنجي کي مومن ڪريون.
اسين ديس پنهنجي سان محنت ڪري،
گلن جهڙا گلرنگ هي ڪک پن ڪريون.
خبر پوءِ پوندي سڄڻ تنهنجي سونهن جي،
اسين سامهون تنهنجي جي در پن ڪريون.
قلم سان قتل جنهن ادب کي ڪيو،
اچو زير پا اڄ سو رهزن ڪريون.
چيم پنهنجي يارن کي نامِ خدا،
اچو علم جي شمع روشن ڪريون.
اسان لئه اي ”اصغر“ فقيري چڱي آ،
نصيحت وڏن جي رڳو ڪن ڪريون. |