پــيــر مـجــّدد
مٽياري شريف
غزل
زخم جيڪي مليا حبيبن کان ڪنهن دوا سان ڇٽن نٿا
سائين،
وڻ لڳايم ڪري محبت جا ڪنهن به مد ۾ ڦٽن نٿا سائين.
مونکي ٻالڪپڻو به ياد آهي، ياد آهي پنهنجو جوڀن
بي،
عمر گذري وئي لتاڙي رڻ پنڌ پوبي کٽن نٿا سائين.
ڪي ڪٿي ڪي ڪٿي زنجيرن ۾ جابجا ڏس ٻڌا پيا آهن،
جيڪي تنهنجي نظر سان گهايل ٿيا هوش ۾ سي اچن نٿا
سائين.
سچ ته سوريءَ مٿي به مرڪي ٿو، حق اڏيءَ ٿي اچي به
ٻولي ٿو،
جيڪي ماڻهو جيئن ٿا ماڻهوءَ لئي سي ڪسڻ کان ڊڄن
نٿا سائين.
عشق جون لذتون ئي ٻيون آهن، عشق جو فلسفو جدا آهي،
هڏ بلاول جا گرچه گهاڻي ۾ پيڙهجن ٿا لڇن نٿا
سائين.
ڪفر الحاد شرڪ بدعت جيئن مولوين کي لڳي ڀلي پيو
لڳي،
تنهنجا عشق تنهنجي طوافن کان ڪو پهر بي گسن نٿا
سائين.
مون ٻڌيون هن گلن جون سرگوشيون باخدا مون ڏٺو به
آهي اهو،
تون اچين ٿو ته ماڻهو گلشن ۾ ڪنهن به گل کي پڇن
نٿا سائين.
ڪئين ڪڪر سونهن جي سمنڊ مان اُٿي تنهنجي زلفن جي
لٽ ۾ اُلجهي پيا،
اهڙا الجهيا جو هاڻي توکي ڇڏي ٻي جڳهه تي وسن نٿا
سائين.
دوست سمجهي مون جن سان ڪيو سي طرفدار تنهنجا نڪري
پيا،
ڪالهه مون لئي جي يار غار هئا هاڻي منهنجا لڳن نٿا
سائين.
ان کي منهنجي فنا چئو يا بقا هن جو جادو چئو يا
قرب چئو،
آءٌ ته هن کان رسي وڃان ٿو گهڻو خيال منهنجا رسن
نٿا سائين.
دور بدليو خيال مٽجي ويا پيار جا انتخاب مٽجي ويا،
هاڻي سهڻيون تريو وڃن ٿيون ۽ هاڻي ميهر ٻڏن نٿا
سائين.
عشق جي پروش آ خون، دل عشق جي آبياري اشق آهن،
ٻيا ته دريا سُڪي وڃن ٿا پر دل جا دريا سڪن نٿا
سائين.
اي درود و سلام جا مالڪ خاتم الانبياء منهنجا آقا،
جيڪي ڪِريا اوهانجي نظرن مان ڪنهن به ڪروٽ اٿن
نٿا سائين.
گرچه دل جي عميق موجن ۾ غم مجدد جو موجزن آهي،
پوبي بي چين دل جي ڪشتيءَ کي ڇو ڪنارا ملن نٿا
سائين.
شبير ’هاتف‘
ڪراچي
غزل
ڇڏ کڻي آنو بھانو،
ڏي اچڻ جو ڪو ھوانو،
پٺ ڏني تن کي زماني،
جن جي پٺيان
ھو زمانو.
يار
منھنجي ڀاڪرن ۾،
ھائيڙي
سپنو سھانو!!
پل جو
ميلو
پوءِ
وڇوڙو،
ايترو
پنھنجو فسانو،
سالَ جنھنجي لئي سڪياسون،
ايندي ئي ٿي
ويو
روانو.
عشق منھنجو بيمثل ھو،
حسن ۾ ھُو جي
يگانو،
عمر سان
بيشڪ
ضعيفي،
پيار
پر تازو توانو.
چنڊ تارن ۾ ڇو ڳولهيون،
دل ۾ جنھنجو آستانو،
ھِت مسلسل انتظاري،
ھُت بھانن تي بھانو.
وڄ جي ڪڙڪاٽن ۾ ڏسجي
، ڪيئن
بچي ٿو آشيانو،
اڄ ته
’ھاتف‘
ساڻ ملجي،
ھُن کي ڏسندي
ٿيو
زمانو.
غزل
دل ۾ دردن جي ڀلي
ڪيڏي
ھجي آماجگاھ،
يار
جي اُت جاءِ ھئي، اُت جاءِ رھندي، جاءِ آھ.
عمر سان
بيشڪ
اکين
۾ سوجھرو ساڳيو
نه
آهه،
پوءِ
به
راتو
ڏينھن
مسلسل
پيو
ڏسان
يارن
جي راهه.
ڪيئن
نه
ھُن سھڻي سڄڻ مونکان نگاھون
ڦيريون،
جنھن جي
نيڻن
۾ سندم ھئي آخري آرامگاهه.
ڇو وفائون طلبيون
شڪوو شڪايت
ڇو ڪريون،
جي محبت ڪئي ته
محبوبن کي سڀ آھي مباهه.
ھو وساري ٿو وساري، شل نه
ھو وسري مونکان،
عاشقن لئي عشق جي دستور ۾
ويسر
گناهه.
ھُو ھُنن جو وڙ ته
ھردم ڪج ادائي ڪج روي،
هي
اسان جو وڙ ته
يارن
سان ھميشہ
ئي نباهه.
خاڪ آهيون
خاڪ
ٿينداسين
ملي ھِن خاڪ ۾،
ڪم نه
ايندي
ڪج ڪلاھي ڪم نه
ايندو
حشم و جاهه.
ھفت اقليم
آھ مون لئي ھيءَ ڪکائين
جھوپڙي،
آئون اِن جو حاڪم آهيان
آئون اِن جو شھنشاهه.
يار
چاهيو
ٿي ته
ھُن کان
ٿيان
ھميشہ
لاءِ ڏور،
ڪيتريون
راھون رُلس ھُن ڏانھن
ويئي
ھر ڪا راهه.
پنھنجي تُڪ بنديءَ تي تڏهين
دل ٿئي ٿي باغ باغ،
ڪنھن سخندان ڪنھن سخنور ڪئي جي ٿوري واهه
واهه.
عمرٖ رفته
کي ته
واپس ڪونه
ٿو آڻي سگھي،
يارَ ’ھاتف‘
سان ملي وڃ
پيو
کڻي
جيسين
پساهه.
ادل سومرو
سکر
وائي
شاھ ڪريم جو بيت پڙھيوسي
دودي جي سپاھيءَ
جو،
جي بار کڻي ويندين،
ڌرتيءَ
کي وڻي ويندين
ٿي ڇانو گھڻي گھرجي
ھڪ ٻوٽو ھڻي ويندين
ڌرتيءَ
کي وڻي ويندين
تون پنھنجي وسيلن جو
ٿي پاڻ ڌڻي ويندين
ڌرتيءَ
کي وڻي ويندين
ھن جيجل امڙ جي
ٿي پير پڻي ويندين
ڌرتيءَ
کي وڻي ويندين
ھن دور جي مياڻيءَ
جو
سالار بڻي ويندين
ڌرتيءَ
کي وڻي ويندين
جيئن لوڪ پوي جاڳي،
ڪو نعرو ھڻي ويندين،
ڌرتيءَ
کي وڻي ويندين.
وائي
سامي سخن جو ساڌو
تخليق سان اڏاڻو
۽ ھو سکر پراڻو
ڳائي ٿو ھن جي وائي
ٻيڙيءَ
۾ ڪو مھاڻو
۽ ھو سکر پراڻو
سڏڪي جنات بلڊنگ
ھن جو ڪري پڇاڻو
۽ ھو سکر پراڻو
سنڌوءَ
جو سپنو ڏيئو
ناھي اھو اجھاڻو
۽ ھو سکر پراڻو
الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر
ميرپورخاص
نعت پاڪ
مسافر مديني جو بنجي وڃان پيو،
ديار نبيصه پاڪ، اگهجي وڃان پيو.
جي آهُن ۽ سُڏڪن سان مِٽجن مدايون،
ته لُڙڪن سان ڌوپي ۽ رڱجي وڃان پيو.
فريبي جهان جون، ڇڏي دل فريبيون،
سوالي ۽ عاجز، گدا ٿي وڃان پيو.
وسائي جو رحمت جا بادل سدائين،
ڪَڙي اُن جي قُربت ۾ ڪَڙجي وڃان پيو.
نماڻيون هي اکڙيون، وڏيون آس ونديون،
اُنهن آس وندين سان سَلجي، وڃان پيو.
اُميدن جو تُرهو، ڏسي پار پوندو،
ٿي خوش شيردل، منهنجي ڌڙڪي وڃان پيو.
وڌيل سوز دل کي، ٿا دل وارا سمجهن،
اکيون آتڙيون خوب سمجهي وڃان پيو.
اچن پاپ سڀ ياد، ٿيان جيئن اوڏو،
شفا جي رکي آس، پاپي وڃان پيو.
گهرائي ٿو الله، جنهن کي ٿو چاهي،
دُرودن، سلامن، سان عاصي وڃان پيو.
گنهگار گندو، هي ’مشتاق‘ بندو،
چوي ٿو ته سِڪ ساڻ، سڏجي وڃان پيو.
غزل
جو لهي دل جي سار، ڪونهي ڪو،
مُحب اکڙين جو ٺار، ڪونهي ڪو.
جوش، ايمان کان سواءِ ڪهڙو؟
حق مڃڻ دل تي بار، ڪونهي ڪو.
دل جي شوخي ته دل تي بار آهي،
نرم دل ۾ غبار، ڪونهي ڪو.
ٻئي جي ڪم ڪار ۾ حصو وٺجي،
دل کي جيتڻ، ڪو عار ڪونهي ڪو.
درد ٻئي جا ڏسي، پوي روئي،
اهڙو هِت اشڪبار، ڪونهي ڪو.
دل ته روئي پئي، ڏسي ڏکڙا،
غم سلي، غم گُسار، ڪونهي ڪو.
آزمائي ڏٺم، زماني کي،
”هن زماني ۾ يار، ڪونهي ڪو.“
ڪهڙو ’مشتاق‘، تنهنجو حال آهي؟
جو پُڇي بار بار، ڪونهي ڪو.
اقبال شاهين
جاتي
غزل
محبت ۾ اونها جا گهاءُ سَهي ٿي،
خبر ناهي سا دل ڇا قيمت لهي ٿي.
يقيناً جمالِ ڪشش خوب هوندو،
جو دنيا حسينن ڏي ڍوڙي ڪهي ٿي.
اها رمز سهڻا ته سرڙو گهري ٿي،
تڏهن عشق کان ساري دنيا ٽهي ٿي.
پيو چنڊ چمڪي اسان سان گڏجي،
اها جر تي تصوير ڏاڍي ٺهي ٿي.
ڏسي وڃ سا يادن جي برسات جانان،
اکين مان جاني نير جل ٿل وهي ٿي.
پڪارون ڪري ٿي برن ۽ ٿرن مان،
”هوا کي حسينن جي ڳولا رهي ٿي.“
خوشي جا ڪي لمحا ته ’شاهين‘ ماڻي،
سوين سور سيني ۾ جا دل سهي ٿي.
ترائيل
سونهن ڏسي پيار ڪيم يار ڪيم مال ڇڏي،
عشق سندي آڳ جلي داغ لڳي پاڻ پچي.
حسن مٿان ساهه ڏنم يار ڪيم مال ڇڏي،
سونهن ڏسي پيار ڪيم يار ڪيم مال ڇڏي.
زلف سندو ڏنگ لڳم يار ڪيم مال ڇڏي،
ديد ڀري عيد ٿئي يار هلي پاڻ اچي.
سونهن ڏسي پيار ڪيم يار ڪيم مال ڇڏي،
عشق سندي آڳ جلي داغ لڳي پاڻ پچي.
نياز پنهور
ڄام شورو
غزل
پنڌ ۾ آهي پهتي ناهي،
دل جو دهڪو جاري آهي.
سارو شهر ئي ڇرڪيو آهي،
شايد سچ چيو ڪنهن ڏاهي.
توسان منهنجي چاهت ايئن آ،
پياسو ڪو جئن پاڻي چاهي.
هٿ تان نانءُ مٽايو تو آ،
دل تان نانءُ نه سگهندينءَ ڊاهي.
هر هر آڏو لنگهندي آهين،
تنهنجي من ۾ آخر ڇاهي؟
غزل
غلط ڳالهه مون ڪابه ناهي ڪئي،
چيو جو به دل سو ڏنو مون چئي.
پٺيان ڇو گلائون ڪيائون شروع،
هئا دوست، سامهون ڏين ها چئي.
محبت جو عيوض محبت ڪٿي؟
رڳو درد ورتا اسان دل ڏئي.
اڳيان خالي ڪاغذ ۽ خالي پڻو،
وئي هوءَ، سڄي ڏات ميڙي وئي.
وڇوڙا ڏنائين وڄائي ’نياز!‘،
هئي بيوفا پر هئي بي ڀئي.
سرفراز راڄڙ
کپرو
گيت
ڪو واءُ وري،
ڪو واءُ وري.
پرين منهنجا ڪڏهن،
اڱڻ ايندا تڏهن،
دل منهنجي ٺري،
ڪو واءُ وري،
ڪو واءُ وري.
تنهنجي ڏسندي مٺا،
سور سڀ ها لٿا،
منهنجو من پيو ڪري،
ڪو واءُ وري،
ڪو واءُ وري.
منهنجون سڀ ئي خوشيون،
توتان گهور ٿيون،
هاڻي ٿيءُ نه پري،
ڪو واءُ وري،
ڪو واءُ وري.
وائي
واٽن تي اڄ ڪي،
ڏيئا ٻريا ڪوهه مون.
ويئڙا جيڪي مور نه وريا،
ياد به آيم سي،
ڏيئا ٻاريا ڪوهه مون.
سانجهي صبحون ڪيتريون،
لنگهي ويون پي،
ڏيئا ٻاريا ڪوهه مون.
جيڪي گذريو جيءَ تي،
اڃان پرين ڏي،
ڏيئا ٻاريا ڪوهه مون.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
ماهيا
ســـــــڄـــــــــڻ تـــــــون مَ ڇڏيـــــــج،
ٻيو جڳ وڃـــــــي ٻـَــــــن ۾
رهـــــــبـــــــر تـــــــون رسيج!
دوســـــــت جــــــــــــــو ديدار،
باغن انـــــــدر ڄـــــــڻ آئي،
موٽـــــــي مـــــــنـــــــد ملهار!
قصئه غم سڄو، مختصر ٿي چوي،
هُو جي هيڪر اڱڻ تي اچي اوچتو،
زندگي جو سجايو، سفر ٿي پوي!
ڏکـــــــندو سندئـــــــي وجـــــــود،
سورن سَڃَ ڪوهه ڪرين،
مـــــــون ۾ تـــــــون موجـــــــود!
مَتِيـــــــن جـــــــا موڙهـــــــا،
ٻڌي ڪيئن سگهندا،
گهـــــــٽ انـــــــدر گهـــــــوڙا!
سَڄڻِن سارَ سَگهو ڪيو،
ڊٺل جيئن ڪوٽ جو،
اچـــــــي بُـــــــرج اڏيـــــــو!
’مصروف‘ محمد حسن چانڊيو
ڪنري
غزل
نئين ھر
شام جا
لمحا، حسين ڪا ياد
ڏيارن ٿا،
ڏکڻ جي واءَ جا
جھوٽا، ستل جذبا اٿارن ٿا.
نه موٽئين تون اڃان تائين، سنگن تي ٻاجھريون وريون،
ٿڪل بي آس رستن ڏي، اڃايا نيڻ نھارن ٿا.
سرن تي سانوڻيون سنڀريون، وسڻ جا ويس ڪيا ڪڪرن،
اڃايا ٿر سندا ٿوھر، اڃان برسات سارن ٿا.
گلابي شام جي موسم، کڻي يادون وري آئي،
اڪيلا پيار جا پنڇي، ڀلا ات ڪيئن گذارن ٿا.
لڳي ٿو چنڊ چاھت جو، الائي ويو ڪڏهن اُلھي،
اسان جھڙا اجايو دل، لڳائي لڙڪ ھارن ٿا.
نه لفظن ۾
لڙھيون موتي نه،
شائستگي
آ لهجن ۾،
نه ڪومل قرب جون گھڙيون،
اسان سان
گڏ گھارن ٿا.
چوي
’مصروف‘
آ مصروف، خفي پنهنجي ۾
ھر ماڻهو،
ٻڏي
ڪو ڀل ٻڏي ماڻهو،
ٻڏل ٻيڙو نه تارن ٿا.
غزل
جيون سارو تنھا تنھا،
روح اڃارو تنھا تنھا،
اجڙيو باغ ۽ ڪوئل اڏري،
ٽارو ٽارو تنھا تنھا.
وڻجارا ويون ڪيڏانهن ٻيڙيون،
ھي ڪنارو تنھا تنھا.
اونھاري ۾ اچڻو ھو پر،
سڀ سيارو، تنھا تنھا،
دل کي خوب ڏنا مون دڙڪا،
ٿيو نه گذارو تنھا تنھا.
ماڻهوَ سھڻا ملڪ ڇڏي ويا،
ھاڻي نارو تنھا تنھا،
چنڊ لڪي ويو ڪڪرن ۾ آ،
تارو تارو تنھا تنھا.
محبت مٺڙي ماکي مصري،
نفرت يارو، تنھا تنھا،
ياد اھو مصروف کي آهي،
ڀاڪر پيارو تنھا تنھا.
محمد علي پٺاڻ
ڪراچي
غزل
تون ڌڪين ٿو وقت کي يا وقت ٿو توکي ڌڪي،
سوچ ڪر ۽ راز سَلِ سو، ڪير ٿو ڪنھن کي
ڌِڪي.
ڌارَ ٿي ڀي، تارَ توسان پيارَ جي آھي
ڳنڍيلَ،
ھر پَلَڪَ، توڏي پئي تو سارَ ٿيِ مونکي
ڌِڪي.
سَڌَ ڪندڙ کي ڪين مورئون عاشقيءَ جي دَڳِ
ڌِڪي،
سِرُ تِريءَ جنھن عاشقيءَ
لئه،
عشق ٿو تنهن کي ڌِڪي.
ھڪ دفعو نظرون ملائڻ، بعد پل پل پئي سدا،
نينھن واري پارَ اُن جي، دل پئي اُن کي
ڌِڪي.
ڏي غمن يا خوشين دَڳِ، وقتَ جي مرضي اُھا،
سَڀُ قَطارُنِ، آھيون جاڏي، ھَٿُ وَٺي
جنھن کي ڌِڪي.
غزل
صحبتون ھِنِ لڏپلاڻيون،
محبتون ھِن لڏپلاڻيون.
ڪلفتون ھر دل تي قابض،
الفتون ھِنِ لڏپلاڻيون.
ماڻهپي جون سڀ مثالي،
نعمتون ھِنِ لڏپلاڻيون.
رنجَ دلين ريجَ ايندي،
راحتون ھِنِ لڏپلاڻيون.
ميٺَ کي جو لوڻَ کاڌو،
حيرتون ھِنِ لڏپلاڻيون.
پيارَ جون سڀ پيارَ واريون،
شِدَتون ھِن لڏپلاڻيون.
ڪولِ ماڻهوءَ کي ڪرڻ جون،
قربتون ھِن لڏپلاڻيون.
قول پاڙي سِرَ ڏِيَڻَ جون،
سنگتون ھِنِ لڏپلاڻيون.
گهارجن جي اُنسَ سان ڪنهن،
ساعتون ھِن لڏپلاڻيون.
گلبدن جاويد
حيدرآباد
هڪ لاش جو آواز...!
هر ڏينهن هر روز
هي عورتن جا چچريل لاش
مسخ ٿيل چهرا ڳڀا ٿيل ڏيل
ڪڏهن پيڪن جي گهرن مان،
ملن ٿا ته ڪڏهن وري
ساهرن جي گهرن مان
۽ وري روڊن تي
پيل عورتن جا لاش
۽ اڪثر درياهه ۾ لڙهندڙ لاش
بس لاش ئي لاش ڏسي
ڪير نٿو ڪُڇي
ايڏي وڏي ڪيسَ تي
اڳواڻ عورت؟
هيترين سارين عورتن
جي زندگي گهائن ۾ پيڙجڻ جو
۽ بي گناهه مارڻ جو حساب
نه ٿيون وٺي سگهن؟
ڪٿي آهي سماج؟
جيڪو اسان جي قاتلن رهزنن کي
پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي!
اسان جي ناحق خون جو
حساب وٺي سرخرو ٿئي
۽ ٻين مظلوم عورتن جو
آواز بڻجي پوي!!
سلميٰ پنهور
آسٽريليا
لفظ لفظ پيڙ
شعر اٿئي يا لُڙڪ- لفظ لفظ ۾ ايڏي پيڙ!
تنهنجي چهري تي اڄ تائين، ڪانه پسي ٿم مُرڪ،
وِهُه-+ امرت جي، امرت وهه جي، سُرڪ مٿان پي سُرڪ.
لڙڪ هئا يا آس هئي ڪا، ڪانه پئي ڪا کُڙڪ،
لفظ لفظ ۾ ايڏي پيڙ- شعر اٿئي يا لُڙڪ!
ڪٽيل رستا
بنا ٻڌائي هليو وئين
تن تڙپائي هليو وئين
مُرڪ کسي ٿو لڙڪ ڏنا
روح رُلائي هليو وئين.
اَڌ پنڌ ۾ ها رستا
هَٿُ ڇڏائي هليو وئين
ساٿ ڏنو تو پل کن جو
واڳ ورائي هليو وئين
تن تڙپائي هليو وئين! |