سوچ – لوچ
’مهراڻ‘ 2/2022ع جو پرچو اوهان پڙهندڙن جي هٿن
تائين پهتو آهي، رسالن ۾ پيش ڪيل مواد جو معيار ۽
ترتيب ڪيئن آهي؟ ان بابت اوهان پڙهندڙن ۽ لکندڙن
جي صلاحن مشورن ۽ راين مان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو،
ڇو ته پڙهندڙ ئي نقاد ۽ منصف آهن، جيڪي ادب جي
صحيح ڪارج ۽ اهميت جي ڪَٿ ڪري سگهندا آهن.
سٺو ادب بهتر سماج جي جُڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو،
۽ اهڙو ادب جيڪو هر ٽهيءَ کي پڙهڻ لاءِ اُتساهي ۽
لکڻ لاءِ پڻ آماده ڪري ۽ اهڙو ادب جيڪو سماج جي
سنوار ۾ پُل جيان جوڙي مضبوط ڪري جنهن جي ڪري اسان
جو سماج ترقي يافته سماجن جي صنف ۾ ڳڻيو وڃي. اهڙي
ادب سِرجڻ جي بهرحال هر دؤر ۾ ضرورت پوي ٿي، جيڪو
سماج جي اوڻاين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري صحي دڳ
لائي ۽ سماج ۾ سجاڳيءَ سان گڏ اجتماعي سوچ پيدا
ڪري.
بورڊ آف گورنرس جو اجلاس:
تاريخ 12- اپريل 2022ع تي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي صدارت هيٺ بورڊ آف
گورنرس جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس جي شروعات ۾
مخدوم خليق الزمان ’خليق‘ لاءِ فاتح پڙهي وئي ۽
مغفرت جي دعا گهُري وئي. ان کان پوءِ اجلاس ۾
اداري جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو
وٺندي ميمبرن جي گڏيل راءِ سان بورڊ جي چيئرمين
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي اداري لاءِ ذاتي
دلچسپي ۽ بورڊ کي وقت ڏيڻ ۽ ڪيل ادبي علمي خدمتن
کي واکاڻيندي خراج تحسين پيش ڪيو، ۽ اداري جي
بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ پڻ مختلف تجويزون پيش ڪيون
۽ اداري جي ٽنهي رسالن ’مهراڻ‘، ’سرتيون‘ ۽
’گل ڦل‘ جي معيار ۽ وقت تي شايع ٿيڻ تي اطمينان جو
اظهار پڻ ڪيو.
بورڊ جي ملازمن سان چيئرمين صاحب جي گڏجاڻي:
تاريخ 12- اپريل 2022ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ بورڊ جي سڀني
ملازمن سان بورڊ جي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ تفصيلي
ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان کان پوءِ شعبن جي سربراهن
سان پڻ گڏجاڻي ڪئي ۽ ڪجهه تجويزون ۽ هدايتون پڻ
ڏنيون، ۽ ٽنهي رسالن جي ايڊيٽرن سان پڻ ملاقات ڪري
ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان رسالن جي معيار ۽ وقت تي
شايع ٿيڻ تي واکاڻ ڪئي.
پَڳهه
ڇوڙي پنڌ پيا:
سهيل فيصل ابڙو:
سنڌ
جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي مرڪز حضرت مخدوم
غوث الحق
نوحؒ جي نگري هالا نوان سان تعلق رکندڙ نوجوان
ڪمپيئر، صداڪار، شاعر، باڪمال آواز جو مالڪ،
باڪردار شخصيت ۽ تعليمدان سهيل فيصل ابڙو
12- مئي 2022ع تي 46 ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪري
ويو. سهيل ابڙو
28- فيبروري 1976ع تي ڳوٺ هالا ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ محنتي
شاگرد رهيو.
سهيل ابڙو ڪاليج جي زماني کان ئي هالا جي علمي،
ادبي ۽ سماجي اُفق
تي پنهنجي نانء جيئان جرڪندڙ ستارو بڻجي اُڀريو
۽
ايف.ايم
ريڊيو تان نشر ٿيندڙ مشهور پروگرامن
خوشبو جي سنگ سنگ، ريڊيو ڊاڪيومينٽريز توڙي
پروفائيلز پنهنجو مٽ پاڻ رهيا آهن.
انهن پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور پنهنجون خدمتون پڻ
سرانجام ڏنيون.
پاڻ ٻن ڪتابن
’غلام
سندم نالو‘ جو سهيڙيندڙ ۽
’خانا
بدوش جو خواب – گورک‘
سفرنامي جو سرجيندڙ هو.
سال 2011ع
کان وٺي سهيل ابڙو کي جگر جي بيماري ظاهر ٿي ۽ 17-
مارچ 2022 تي پاڪستان ڪڊني اينڊ لِور انسٽيٽيوٽ
لاهور ۾ ٽرانسپلانٽ
پڻ ڪرايو،
پر
55 ڏينهن اسپتال ۾ جهيڙيندي 12-
مئي 2022ع تي 46 ورهين جي ڄمار ۾ خالقِ حقيقي سان مليو.
عبدالقادر منگي:
ناليوارو
ليکڪ ۽ ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري عبدالقادر
منگي صاحب 11- اپريل 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. 26- نومبر 1947ع تي رتيديري ۾ جنم وٺندڙ
عبدالقادر منگيءَ جو اصل نالو محمد بچل هو ۽ سندس
والد جو نالو علي شير خان منگي هو. پاڻ پرائمري
تعليم ۽ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ رتيديري جي هاءِ اسڪول
مان پرائي. ۽ 1968ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان
انٽر سائنس ڪيائين ۽ ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ
پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ ڪاليج پشاور مان 1970ع ۾
ڊپلوما بي.ايس.سي
(B.s.c)
فاريسٽري پاس ڪري سنڌ ۾ رينج فاريسٽ آفيسر مقرر
ٿيو. 1978ع ۾ صوبائي سول سروس ۾ شامل ٿيڻ کان
پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سنڌ جي
مختلف شهرن کپرو، گهارو، ٽنڊوالهيار ۽ سجاول ۾
اي.سي ۽ ايس.ڊي.ايم رهيو. 1988ع ۾ 18 گريڊ ۾
لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر پڻ مقرر ٿيو.
عبدالقادر منگي صاحب جو علم ۽ ادب سان شغف ۽ سنڌ
جي تاريخ ۽ ثقافت سان محبت هئڻ ڪري تاريخي ماڳن ۽
مشاهيرن تي ڪانفرنسون ۽ سيمينار پڻ ڪرايا. سنڌ جي
شهر گهاري، ٽنڊوالهيار ۾ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
ڀنڀور، ديبل ۽ وتائي فقير تي سيمينار ڪرائي انهن
پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع پڻ ڪرايائين.
جيڪي تاريخ ۽ ثقافت جا اهم دستاويز آهن.
1992ع ۾ ٿر ۽ مٺيءَ جي نئين قائم ٿيل ضلعي ۾ ٿرين
کي سهوليتون ۽ بهتر زندگي مهيا ڪرڻ لاءِ سيمينار
ڪرايائين، ۽ انهن پڙهيل مقالن تي هڪ ڪتاب ’ٿر‘ جي
نالي سان شايع ڪرايائين، ۽ انهن خدمتن عيوض سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران 1994ع ۾
(Services to down Trodden of Thar
ايوارڊ سان نوازيو ويو. 2009ع
کان 2011ع تائين گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو
ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو.
ويجهڙائيءَ ۾ 2019ع کان 2021ع تائين سنڌي ادبي
بورڊ جو بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سندس
آخري پوسٽنگ سيڪريٽري و ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل
ويلفيئر طور ٿي، جتان 27- نومبر 2007ع تي رٽائر
ڪيائين.
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، بورڊ آف گورنرس جا
ميمبر، سيڪريٽري ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جي سمورو سٿ سهيل
فيصل ابڙو ۽ عبدالقادر منگي صاحب جي ڪُمهلي موت تي
پونيئرن سان سندن غم ۾ شريڪ آهن.
پڙهندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون:
(1)
ليکڪ مهرباني ڪري مواد جي ڪاپي پاڻ وٽ رکن، موڪليل
مواد جي واپسيءَ جي تقاضا نه ڪئي وڃي ۽ اداري
طرفان پيشگي معذرت قبول ڪئي وڃي.
(2)
ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ جيڪو به مواد موڪلجي اهو ڪنهن به
ٻي رسالي يا اخبار ۾ اشاعت لاءِ نه موڪلجي
جيستائين اداري طرفان مدلل معذرت نه پهچي.
(3)
هڪ ئي وقت ساڳيو مواد مختلف ادارن کي موڪليندڙ
معزز ليکڪن کان اداري طرفان مستقل معذرت ڪئي
ويندي.
(4)
مواد جو انتخاب ۽ اشاعت جو وقت اداري کي طئه ڪرڻ
جو اختيار رهندو، معزز ليکڪ هن سلسلي ۾ انتظار ڪن
۽ اداري سان تعاون ڪن، اسان جا مانائتا محقق
بهترين ڪهاڻيڪار ۽ سُلڇڻا شاعر ’مهراڻ‘ جي معيار
تي برقرار رکڻ جا بنيادي ذميوار آهن، ۽ سندن ڪاوشن
کي پيش ڪري اسين فخر محسوس ڪريون ٿا، اميد ته
اداري ’مهراڻ‘ سان سندن تعاون هميشه برقرار رهندو.
(5)
”مهراڻ“ جي مواد ۾ ڇپيل راين، تجزين، نتيجن ۽ علمي
فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي
هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه
سمجهڻ کپي.
(6)
پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽
روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِها خاطري ڄاڻائڻ
لازمي آهي ته اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ جي لاءِ ڪنهن
به رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.
(7)
تحقيقي مواد موڪلڻ وقت، مقالي جي اندر حوالن جا
نمبر ۽ آخر ۾ جن ڪتابن تان حوالو کنيل هجي، ان
ڪتاب جو صفحو محقق جو نالو، ڇپجڻ جو سال ۽
ڇپائيندڙ اداري جونالو ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن
حوالا ڀيٽڻ ۾ آساني ٿئي. ترجمي جي صورت ۾، جتان
مواد ترجمو ڪيو وڃي، اُن اصل لکت جي صاف فوٽو ڪاپي
ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح واضح حوالو پڻ
ڄاڻائجي، جتان اهو مواد ترجمو ڪيو ويو آهي.
(8)
ڪتاب تي تبصري ڇپائڻ لاءِ اُن ڪتاب جون ٻه عدد
ڪاپيون ايڊيٽر ’مهراڻ‘ کي موڪليون وڃن، ٻي صورت ۾
مواد ڇاپڻ کان معذرت ڪئي ويندي.
(9)
فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ پهتل مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول
ڪونه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت
پسند ڪانه ڪئي ويندي ۽ لڪيرن وارو پنو استعمال نه
ڪجي.
(10)
مانوارن شاعرن کي خاص استدعا آهي ته هڪ ئي صفحي تي
هڪ کان وڌيڪ ڪلام لکي موڪلڻ به کان پرهيز ڪندي، هر
ڪلام لاءِ الڳ ڪاغذ استعمال ڪرڻ واري مهرباني کي
هميشه قائم رکن.
(11)
مواد سمجهه ۾ ايندڙ صاف ۽ سُٺن اکرن ۾، مس سان،
A-4
سائيز ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي
ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي. فون نمبر، موبائيل نمبر
يا اي ميل هجي ته اُهو به لکجي. (نئون نڪور فوٽو
موڪلڻ نه وسارجي).
(12)
پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي، ادارو
آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻَڌل نه رهندو.
(13)
ايڊيٽر کي مواد ۾ ضروري درستين ۽ گهربل ڦيرڦار ڪرڻ
جو پورو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو
ويندو ته جيئن ليکڪ جو مخصوص اُسلوب ۽ مواد جو اصل
مفهوم قائم رهي.
(14)
نظرثاني کان سواءِ ۽ تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد
جي ڪري هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف
درستين لاءِ بنهه گهڻو وقت سيڙائڻو پوي ٿو. جيتري
قدر ٿي سگهي، پنهنجي طرفان آخري طرح پورو اطمينان
ڪجي ته مواد صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي.
(15)
اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي
يا ضرور ڇپجي.
چونڊ ۽ اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري
سمجهيو ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ
ايڊيٽر ٻَڌل نه رهندو.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
فتح محمد عرف ڦوٽو شهوڪ ولد نور محمد شهوڪ بلوچ
1932ع ڌاري ڳوٺ جمع شهوڪ لڳ کيبر تعلقه هالا، ضلع
حيدرآباد ۾ ڄائو. نور محمّد شهوڪ کي فتح محمّد کان
سواءِ ٻه فرزند محمد سومار شوڪت ۽ لئونگ شهوڪ ٿيا.
فتح محمّد کيبرن ۾ پنجين جماعت تائين تعليم ورتي،
سندس استاد صابو ميمڻ هئو، اڃا ننڍڙو هئو ته سندس
والد انتقال ڪري ويو. اُن ڪري 1935ع ۾ ڳوٺ جي ڪنهن
شخص کيس حضرت مولوي مخدوم غلام حيدر سائين ؒ جن وٽ
پيش ڪيو ۽ عرض ڪيو ته قبلا سائين! هيءُ يتيم ٻار
آهي، هِن جو سنڀاليندڙ ڪير به نه آهي. جيئن ته پاڻ
خدا ترس شخص هئا ۽ لِڪ ڇپ ۾ مستحق ماڻهن جي مدد
ڪندا رهندا هئا، اُن ڪري پاڻ فرمايائون ته هن ٻار
کي اسان وٽ ڇڏيو هِن جي پرورش اسان پاڻ ڪنداسون.
پاڻ سندس رهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ تعليم ڏيارڻ جو حڪم
ڏنائون. اٺين درجي تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ
سندس، تعليم ڏانهن دلچسپي گهٽ نظر ايندي قبلا
سائين جن کيس پنهنجن خدمتگارن ۾ شامل ڪيو. ڪجهه
عرصي کان پوءِ سندن حڪم تحت کيس حضرت مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰؒ سائين جن جي خدمتگارن ۾ شامل
ڪيو ويو. حضرت قبله طالب الموليٰ سائين جن سندس
شادي، ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ جي رهواسي محمّد عارب
بن قادر بخش نظاماڻيءَ وٽان ڪرائي جنهن مان کيس
سَتَ نياڻيون ۽ چار فرزند، مشتاق حسين شهوڪ
(ولادت: 9، ڊسمبر 1953ع)، الطاف حسين شهوڪ (ولادت:
4، جنوري 1962ع)، اشفاق حسين شهوڪ (ولادت: 15،
ڊسمبر 1975ع) ۽ امتياز حسين شهوڪ (5 سالن جي عمر ۾
4 جنوري 1981ع تي گذاري ويو) ٿيا. فتح محمّد جو
وڏو فرزند مشتاق حسين شهوڪ بينڪ آفيسر آهي. قبلا
طالب الموليٰؒ سائين جن سندس ذهانت ۽ وفاداريءَ کي
مدِ نظر رکندي ”يادِ رفتگان“ ڪتاب جي ڇپرائڻ جي
سلسلي ۾ کيس پوري سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن
وڃڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن اُتي جي شاعرن جي
زندگيءَ جي باري ۾ معلومات ۽ تصويرون وٺي اچي.
جيتوڻيڪ اُن وقت رستن روڊن ۽ سوارين جون سهولتون
به نه هيون پر پاڻ قبلا سائين جن جي حڪم جي بجا
آوريءَ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪيائين ۽ گهربل مواد ۽
تصويرون کڻي اچي قبلا سائين جن جي خدمت ۾ پيش
ڪيائين. فتح محمد شهوڪ جيترو وقت به زنده رهيو
قبلا طالب الموليٰ سائين جن وٽ،
بااخلاق ۽ وفادار ملازم ٿي رهيو ۽ زندگيءَ جو
پهريون عمرو به ساڻن گڏ 1950ع ۾ ڪيائين. پاڻ مختصر
علالت کان پوءِ 7، شوال 1428/9، نومبر 2007ع تي
رات جو 1-بجه راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ 75
ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. کيس درگاهه شريف جي
پويان دفن ڪيو ويو.
مخدوم جميل الزمان
ڪتاب ’درناياب عرف يادرفتگان‘
صفحي 23-24 تان کنيل
مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي
(1690ع –– 1761ع)
*
ايمان بالله تعاليٰ چوراسي فرضن ٿيا،
سڻي ياد رکو تن کي هينئين منجهان را.
*
هينئڙي منجهه حقير جي اچي وهم پيو،
ماڻهو مسئلا ذبح ۽ شڪار جا پڇن گهڻيرو،
ڪي لکجن تن منجهان گهڻو جي ٿورو.
*
بقا ناه بلاد کي دنيا ناه دوام،
اجل ٿو اوتون ڪري ٿي قريب قتام،
سمر سندي ساٿيا ڪرهو تات تمام،
ڊڄو ڊاءِ ڌڻي جي آگل پر علام،
ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام،
مڇڻ ويسارا وهو اڀيو منجهه اسلام،
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمّد ڄام.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
مير حسين علي خان ٽالپر
(1824ع –– 1978ع)
*
اڄ وري موسم بهار آيو،
جو چمن ۾ هو گلذار آيو.
تون اچي جڏهين ويٺين پهلو ۾،
دلِ بيتاب کي قرار آيو.
هن ڏسي منهنجي طائرِ دل کي،
ٿي چيائين سندم شڪار آيو.
انکي محفل ۾ ڪنهن چيو اي ”حسين“،
ڏس تنهنجو هو جان نثار آيو.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل
فقير غلام حيدر گودڙيو
(1802ع –– 1883ع)
ڪافي
آهي ڙي، ڪا ساهيڙي،
مونسان ڪيچ ڌڻين ڏي ڪاهي ڙي!
جيڏيون وس نه پنهنجي،
ڏور وڌي ڪنهن ڏاهي ڙي!
جنهن جي پرت پنهل سان،
ڇپر تنهن کي ڇاهي ڙي!
ٻانهي خان ٻروچ جي،
ٿيس لاڳاپا لاهي ڙي!
پنهل ته آهي پاڻ ۾،
ڌس ڏنو ڪنهن ڏاهي ڙي!
ملنديس ڄام پنهل کي،
جنهن جي نيڻن کي ننڊ ناهي ڙي!
روز رُوحي دم راهي ڙي!
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
(1861ع –– 1923ع)
ڪلام
جيڪا سورن تنهنجن منجهه ٿي سڙي،
تنهن کي ڏي دلاسو مهر ڪري.
ڏکيا ڏينهن لڳن ٿا توري،
تو ٻاجهون دل ڪين ٺري.
پهريون ناتو نينهن جو لاتو،
پوءِ ڪين پنهنجو پاڻ پري.
بي تسڪين سوالي تنهنجو،
راتيان ڏينهن ويٺو رڙي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
نواب احمد خان ”احمد“ لغاري
(1792ع – 1870ع))
ڪلام
ٿل: مومل وڏا ڀاڳ وو! جي تون اچين مينڌرا،
هي سر صدقو آهي اوهان تان،
چمان پيرين خاڪ.
سوڍا توکي سوال اهوئي،
گهمون ڪنڌين ڪاڪ.
راتو رئان رت ڦڙا،
ڄاڻي ٿو ربّ پاڪ.
عرض سڻي ”احمد“ جو،
چانگي وارج واڳ.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
حافظ حامد ٽکڙائي
(1832ع –– 1897ع)
*
دل گهريا دوست دادلا سڄڻان،
مون سري ڪين تو سوا سڄڻان،
عاشقن جي ته اصل عادت آهي،
عاجزي، عرض، التجا سڄڻان.
ڇو نه هن نظم تان نثار ڪري،
گوهر آفرين گدا سڄڻان.
*
عمر لاهه عاجز تان ظالم زنجير،
ڏي موڪل ته مارن ملان منجهه ملير،
ڳران ڳالهيون ڳڻ سنڀاليو سندن،
وسن مينهن وانگر منجهان نيڻ نير.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
قاضي محمّد بخش ”عاجز“
(وصال –– 1918ع)
ڪلام
دوستو هي درد غم ڪنهن کي چوان،
دل سندو رنج و الم ڪنهن کي چوان.
يار ٿيو اغيار سان مائل وڃي،
هاءِ يارو هي ستم ڪنهن کي چوان.
دلبرا روزِ ازل کان تو سندو،
سوز سيني ۾ اٿم ڪنهن کي چوان.
وصل ڪاتب لاءِ منهنجي لوح ۾،
سوز ڪيو آهي رقم ڪنهن کي چوان.
”عاجز“ آهي يار جو جور و جفا،
هر گهڙي ۽ دمبدم ڪنهن کي چوان.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
مرزا نادر بيگ ”نادر“
(1891ع –– 1940ع)
ڪلام
ڏيکار شڪل پنهنجي منهن تي نقاب ڪهڙو،
اڄ وصل ۾ هي دلبر آهي حجاب ڪهڙو.
قاصد هٿان وٺي خط پرزا ڪري اڏايئين،
ظالم مڪو هي مونڏي خط جو جواب ڪهڙو.
مون ڀي ڳڻي ڇڏايا سڀ داغ دل جا ساري،
چيائون ته تو ۾ مون ۾ آهي حساب ڪهڙو.
حسن ازل کان تنهنجي آهن هزار گهائل،
خورشيد آهي ڪهڙو ماهتاب ڪهڙو.
انگور جي پنن سان ”نادر“ جو لاش ڍڪجو،
ميخوار جي جنازي تي ڪيمخاب ڪهڙو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
محمد عثمان ”شائق“ ڏيپلائي
(1908ع – 1981ع)
غزل
سڻايو صبا تنهنجو پيغام مون کي،
چڪيا چاڪ، تازو ٿيو آرام مون کي.
وساريم نه وو وو سندم سانگين کي،
قضا ساڻ تابع پيو دام مون کي.
نه فردوس جون ست رڇيون آئڙن ٿيون،
لڳي زهر جنت سندو جام مون کي.
جدائي ۾ جاني گنگهر ٿا گذاريون،
اوهان ساڻ ئي سمجهه، ادغام مون کي.
صبر ’شائقا‘ سوز کي سانڍ دل ۾،
نه قادر ڪندو نيٺ ناڪام مون کي.
(ڪتاب: ’ٿرپارڪر جو ادبي جائزو‘ تان ورتل)
هري ”دلگير“
(1916ع –– 2004ع)
غزل
وڻي ٿي اڃا زندگي ڪجهه نه ڪجهه،
زماني ۾ آ دلڪشي ڪجهه نه ڪجهه.
ورهايون جي پنهنجي خوشي ڪجهه نه ڪجهه،
ته بيشڪ سا ويندي وڌي ڪجهه نه ڪجهه.
ڪو ساٿي، ڪو سائين، سڄڻ ڪو اٿم،
مڙن سان اٿم دوستي ڪجهه نه ڪجهه.
جڏهن نانهه ”دلگير“ سان دلربا،
ته هر چيز ۾ آ ڪمي ڪجهه نه ڪجهه.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
محمد عثمان پلي
(1935ع – 1969ع)
سڃاڻي سندو شان، محبوب آيا،
ٿيو پورو ارمان، محبوب آيا.
اچڻ سان عجيبن نوان رنگ لايا،
ٿيا گل گلستان، محبوب آيا.
تجليون ۽ تابان ڏسي ڏور کان،
ٿيو هرڪو حيران، محبوب آيا.
ويو ’الله اڪبر‘ جو نعرو لڳي،
ڀڳو شِرم شيطان، محبوب آيا.
ڪري پُر پنهنجي هٿن سان حَبيبن،
پياريو مون پيمان، محبوب آيا.
ڪيم عرض جيڪو عجيبن اڳيان،
اگهي ويو سو ’عثمان‘ محبوب آيا.
(تذڪره شعراء پلي، (اڻڇپيل) محمد اقبال پلي)
الهنواز رڪڻائي
(1930ع –– 2007ع)
غزل
روشنين جي لاٽ ٻرندي ٿو ڏسان،
ڄڻ ته ڪائي ٻاٽ ٻرندي ٿو ڏسان.
هُو ويو پر باهه ڪا ٻاريون ويو،
هن جي ويندي واٽ ٻرندي ٿو ڏسان.
پوهه مهيني جو دکي ڪو هير پيو،
اڄ ته ساري ماٽ ٻرندي ٿو ڏسان.
هوءِ ڪپهه ٿي آڳ جي آغوش ۾،
سونهن جا سرٻاٽ ٻرندي ٿو ڏسان.
پيار جي ٿيون واڌ ۾ سرها ٿيون،
قرب جي هر ڪاٽ ٻرندي ٿو ڏسان.
کنوڻ برساتي ڦڙن ۾ ڪيئن ملي،
هرڪا وسندڙ ڇاٽ ٻرندي ٿو ڏسان.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
قلندر شاهه لڪياري
(1935ع –– 2021ع)
غزل
صورتِ دلدار ظاهر ٿي پئي،
سونهن پر سينگار ظاهر ٿي پئي!
پلڪ تو جنهن دم هٽايا نيڻ تان،
مياڻ مان تلوار ظاهر ٿي پئي!
بلبلين ڳايو ترانو باغ ۾،
ڇير جي ڇمڪار ظاهر ٿي پئي.
ٿي نسيمِ صبح ڇيڙيو غنچه کي،
مرڪ تنهنجي يار ظاهر ٿي پئي.
واءُ جي جهونڪي تي جهولي شاخ گل،
تُنهنجي هنج رفتار ظاهر ٿي پئي.
ڪونه ٿي چاهيم ”قلندر“ اشتهار،
پر ثنا صد بار ظاهر ٿي پئي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
عبدالله ”خواب“
(1904ع –– 1981ع)
غزل
نوازي جا نظر سان ناز وارن مان به نڪري وئي،
نگاهن جي مسيحائي اشارن مان به نڪري وئي.
ڇڏيندي هئي رڱي هڪ ئي نظر جا اهلِ محفل کي،
اُها نوري نظر اڄ باده خوارن مان به نڪري وئي.
ڏٺو مون چشم ڪيف افزا جي هوشربا نگاهن کي،
اکين جي باده مستي ڄڻ خمارن مان به نڪري وئي.
گذرگاهِ حوادث کي لتاڙي اڳڀرو پهتس،
زهِه خوش قسمتي، منزل ستارن مان به نڪري وئي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
سڄڻ علي ”سڄڻ“ قبولائي
(1934ع –– 1991ع)
ڪلام
نه لڳندي زور جي ميندي نه ڪڏهن اڳ لڳي آهي،
سڄي دل ٿي نه سگهندي سا جا ڀورا ٿي ڀڳي آهي.
زياده ڏاڍ تنهنجي کان عمر آ ڏک وڇوڙي جو،
اکيون آليون اڃا آهن غمن ۾ تازگي آهي.
ٿڌي ٿر ۾ وڌو مانڌاڻ هي تو اوچتو آهي،
عمر ناهي اميري هي نڪا هي خانگي آهي.
مقابل هر مصيبت سان رهيا آهيون اسين مارو،
اڃا تائين اسان جي همتن ۾ زندگي آهي.
پڳن وارا ڌڻن وارا اجهي منهنجا سڄڻ آيا،
مون کي غيرت ۽ عصمت جي پڙهائي جن پٽي آهي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
غلام احمد ”نظامي“
(1895ع – 1950ع)
*
بلبل کي گل پيارو، گل کي چمن پيارو،
آهي، مگر اسان کي پنهنجو وطن پيارو.
*
جيڪي پوکيندين اهو لڻندي، هميشه ياد رک،
ٻاجهري پوکي ٻني ۾، ڪيئن ڪڻڪون کائيندين.
*
عمل سان انسان جي آهي عزت،
عمل
ئي ”نظامي“ جهانگير آهي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
برصغير جي اڳين عالمن مان قرآن مجيد جي سڀ کان اڳ
۾ خدمت ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ٿي، جو منصوره سنڌ
۾ قرآن حڪيم جو سنڌي ترجمو لکيو ويو. اڳتي هلي پاٽ
سنڌ جي هڪ وڏي عالم شيخ طاهر محدث تفسير مجمع
البحار عربيءَ ۾ لکيو. علامه طاهر، علامه شهاب
الدين سنڌيءَ جو شاگرد هو. هن جي ٻين استادن مان
سندس سـؤٽ شيخ معروف، علامه عثمان سيتاپوري علائقي
بکر ۽ علامه عبدالڪريم ميران بوبڪائي وڏي شهرت جا
مالڪ آهن. ٻيو تفسير مخدوم عيسيٰ جندالله سنڌي
پاٽائي جو تفسير
انوار الاسرار آهي. هن تفسير ۾ تصوف جي اسرارن ۽
نڪتن کي گهڻو آندو ويو آهي. هن جو هڪ جلد سنڌ
يونيورسٽيءَ جي مکيه لائبرريءَ ۾ آهي. شاهه حسن
ارغون جي استاد شيخ مصلح الدين سنڌي تفسير
بيضاويءَ تي هڪ بسيط حاشيو لکيو. مدارڪ تفسير
علامه نسفيءَ جو دنيا ۾ مشهور آهي. شيخ طاهر سنڌي
هن جو اختصار لکيو، جنهن جو نالو آهي خلاصـﺔ
المدارڪ. ڏهين صديءَ ۾ مخدوم نوح هالائي عليـﮧ
الرحمـﺔ قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو لکيو ۽
درميان ۾ مختصر تفسيري نوٽ لکيا. هيءُ ترجمو سنڌي
ادبي بورڊ پاران ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي. هن
جي وڏي خوبي اها آهي جو قرآن مقدس جي مقطعات جا
اسرار بيان ڪيا ويا آهن ۽ بسم الله الرحمٰن الرحيم
جيترا ڀيرا آئي آهي ان جي اڪثر مختلف معنيٰ ڪئي
ويئي آهي. ان کانسواءِ سنڌي زبان ۾ ڪئين تفسير ۽
ترجما لکيا ويا آهن. هن صديءَ ۾ تفسير بيضاويءَ تي
عربيءَ ۾ هڪ طويل حاشيو علامه استاد ڪُورائي
سنڌيءَ ۾ لکيو جو ڪارخانه تجارت ڪتب ڪراچيءَ طرفان
گهڻا ڀيرا ڇپيو آهي.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
رسالو مهراڻ 1/1981ع تان کنيل |