سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:4 

مولوي عبدالحميد يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

حديث پاڪ جا چند راوي

حَدَّثَ (فعل ماضي) معنيٰ قول ڪيو يا ڳالهه ڪئي يا بيان ڪيو. يُحَدِث (فعل مضارع) معنيٰ چوي ٿو يا چوندو ڳالهه ڪندو. حَدِث (فعل امر) چئه، ڳالهه ڪر يا بيان ڪر. فعل نهي موجب لاتُحَدِث بيان نه ڪر، تون نه چئه.  مُحدِثُ بيان ڪندڙ، ڳالهه ڪندڙ يا قول گڏ ڪندڙ.

حديث جي لغوي معنيٰ نئين شيءِ يا ڳالهه آهي. اصطلاحي طور نبي پاڪ ﷺ جن جي قول، فعل ۽ تقرير کي حديث چئجي ٿو، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته پاڻ جيڪي فرمايائون، يا جيڪو عمل ڪيائون يا سندن سامهون ٿيندڙ عمل تي خاموشي (بمعنيٰ رضا) اختيار ڪيائون، اهو سڀ حديث جي ضمري ۾ اچي ٿو.

محدث جي اصطلاحي معنيٰ ٿيندي حديث جي روايت ۽ درايت جي لحاظ سان حديث پاڪ ۽ ان جي راوين جي ڄاڻ رکندڙ فقيهه جي اصطلاحي معنيٰ ٿيندي، قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ مان مسئلا استخراج ڪندڙ.

بنيادي طور حديث پاڪ جا مشهور ڪتاب هيٺيان آهن: (1) صحيح بخاري (2) صحيح مسلم (3) سُنن نسائي (4) سنن ابودائود (5) جامع ترمذي (6) سُنن ابن ماجه (7) موطا امام مالڪ (8) مسند احمد بن حنبل (9) سنن الدارمي (10 موطا امام محمد. هنن مشهور ۽ معتبر ڪتابن کان علاوه ٻيا به حديث پاڪ جا ڪافي ڪتاب آهن.

حقيقت هيءَ آهي ته قرآن مجيد کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ لاءِ حديث پاڪ جو مطالعو لازمي آهي، انڪري جو قرآن مجيد جامع ڪتاب آهي، حديث پاڪ ۾ ئي ان جي باريڪين کي کولي سمجهايو ويو آهي، نبوت کان وٺي چند اصحاب سڳورن پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي هر قول ۽ فعل کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو، ان کان علاوه به پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ننڍپڻ کان سندن ﷺ جن جي زندگي مبارڪ محفوظ آهي. اصحاب سڳورن پاڻ ڪريم ﷺ جن کان ڪابه ڳالهه ٻڌي يا ڪو عمل ڏٺائون ٿي ته يڪدم پنهنجي دلين ۾ محفوظ ڪري ٿي ڇڏيائون ۽ ائين ئي تواتر سان محدثين کان ٿيندو هيءُ علمي ذخيرو اسان تائين پهتو، انهن اصحاب سڳورن مان چند جو احوال ڏجي ٿو.

(1) حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه:

حضرت ابوبڪرؓ جو نالو عبدالله ۽ سندن والد جو نالو عثمان ابوقُحافه آهي. سندن ڏاڏاڻو نسب نامو هي آهي ابوبڪر عبداللهؓ بن عثمان بن عامر بن عمرو بن ڪعب بن سعد بن تميم بن مره بن ڪعب بن لُوي القريشي التميمي سندن نسب نامو ستين پيڙهيءَ ۾ حضور اڪرم ﷺ جن سان ملي ٿو. پاڻ رضي الله عنه ننڍي هوندي کان ئي نبي اڪرم ﷺ جن جا گهاٽا دوست هئا ۽ سڀ کان اول اسلام قبول ڪرڻ جي سعادت به کيس حاصل آهي، حضرت ابوبڪر صديقؓ هر غزوي ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ جن سان گڏ رهيا، پاڻ هجرت وقت نبي پاڪ ﷺ جن سان گڏ هئا، انهيءَ سفر ۾ غارِ ثور ۾ حضور ﷺ جن سان گڏ هئڻ سبب کين يار غار ڪوٺيو ويو، پاڻ حضرت بي بي عائشهؓ جا والد ۽ نبي پاڪ جن جا سُهرا پڻ هئا. سندن والدين ۽ پوٽي کي حضور ﷺ جن جي صحبت جو شرف پڻ مليو. فيل واري واقعي کان ٻه سال چار مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ سندن جنم مڪي پاڪ ۾ ٿيو ۽ جمادي الثاني 13هه جا اٺ ڏينهن باقي هئا جو اڱاري جي رات عشاء ۽ مغرب جي وچ واري وقت ۾ سندن وفات ٿي وئي. سندن وصيت مطابق گهر واريءَ اسماء بنت عميسؓ غسل ڏيڻ فرمايو ۽ خليفي ثاني عمر بن خطاب رضي الله عنه سندن جنازي نماز پڙهائي.  سندن تدفين روضي اطهر ۾ آهي. سندن خلافت جو دور ٻه سال چار مهينا رهيو. پاڻ رضي الله عنه کان 142 روايتون مِلن ٿيون.

(2) حضرت عمربن خطاب رضي الله عنه:

سندن نالو مبارڪ حضرت عمرؓ والد خطاب ۽ ڏاڏي جو نالو نوفل آهي، سندن لقب فاروق ۽ ڪنيت ابو حفص ۽ والده جو نالو فتحه آهي. پاڻؓ عدوي قريشي آهن، حضرت عمرؓ نبوت کان چاليهه سال اڳ مڪي پاڪ ۾ پيدا ٿيا. مسلمان ٿيڻ کان اڳ پاڻ نبي اڪرم ﷺ ۽ اسلام جا سخت دشمن هُئا پر اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ پوري زندگي اسلام جي خدمت ڪندي گذاريائون پاڻؓ نبوت جي ڇهين يا ستين سال پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي، اسلام قبول ڪيائون. اسلام قبول ڪرڻ وارن ۾ سندن چاليهون نمبر آهي. سندن نياڻي بيبي حفصهؓ نبي پاڪ ﷺ جن جي عقد ۾ هئي. پاڻؓ تمام وڏا بهادر ۽ سخي هُئا حضرت ابوبڪر صديقؓ کان پوءِ خلافت جو دور فاروقي آهي سندن خلافت واري دور ۾ شام، ايران، عراق، بيت المقدس ۽ مصر فتح ٿيا، ۽ ان کان علاوه به انيڪ فتحون حاصل ٿيون. زُهد ۽ قناعت جي اها حد هئي جو سندن کاڌو، بستر، لباس وغيره هر شيءِ سادي هئي. هڪ غلام ابو لُولُو مديني پاڪ ۾ 26 ذوالحج 23 هجري تي کين زهريلي خنجر سان زخمي ڪري ڇڏيو، پهرين محرم الحرام تي رسول پاڪ ﷺ جن جو هي عظيم جانثار شهيد ٿي ويو. حضرت صهيب رومي رضي الله عنه سندن جنازي نماز پڙهائي ۽ کيس روضي اطهر ۾ دفن ڪيو ويو. حضرت عمرفاروق رضي الله عنه کان 539 روايتون مِلن ٿيون.

(3) حضرت عثمان بن عفان رضي الله عنه:

سندن پورو نالو ابوعبدالله عثمان بن عفانؓ آهي. سندن والده جو نالو اُرويٰ آهي. پاڻ عام الفيل جي ڇهين سال پيدا ٿيا. پاڻ رضي الله عنه حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي هٿن مبارڪن تي دار رقم ۾ تشريف آوري کان اڳ اسلام قبول ڪيو، اسلام قبوليندڙن ۾ سندس چوٽيهون نمبر آهي، نبي اڪرم ﷺ جن جي نياڻي حضرت رُقيهؓ سندس نڪاح ۾ هئي جنگ بدر واري سال حضرت رُقيهؓ جي وفات کان پوءِ نبي اڪرم ﷺ جن جي ٻي نياڻي حضرت اُم ڪلثومؓ به سندس نڪاح ۾ آئي ان ڪري سندن لقب ”ذوالنورين“ ٿي ويو، حضرت عثمان غنيؓ جو رنگ ڳورو، قد وچولو مٿي تي گهڻا ۽ گهاٽا وار ۽ ڏاڙهي مبارڪ وڏي هئي. 24 هجري محرم الحرام ۾ کيس اسلامي سلطنت جو خليفو چونڊيو ويو. سندن خلافت جو دور ٻارهن سالن کان ڪجهه گهٽ رهيو، سندن عمر 82 سال ۽ ڪٿي 88 سال اچي ٿي. شهادت قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي ٿي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. حضرت عثمان غنيؓ تمام وڏا سخي ۽ زاهد هُئا، کانئس ٽوٽل 142 حديثون روايت آهن.

(4) حضرت علي ڪرم الله وجهه:

سندن ڪنيت ابوالحسن ۽ ابوتراب ۽ لقب حيدر آهي سندن والد محترم جو نالو ابوطالب والده جو نالو فاطمه اچي ٿو. نبي اڪرم ﷺ جن جو حقيقي سؤٽ آهي. پاڻؓ ڏهن سالن جي عمر ۾ ئي اسلام قبول ڪيائون. مڪي پاڪ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان گڏ ٿي رهيا. هجرت وقت نبي اڪرم ﷺ جن سڀ امانتون حضرت علي ڪرم الله وجهه جي حوالي ڪري ويا، حضرت عليؓ تمام وڏا بهادر، سخي، زاهد ۽ پرهيزگار انسان هئا، پاڻؓ اڪثر غزوات ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سان گڏ رهيا، حضرت عثمان غنيؓ کان پوءِ کين خلافت لاءِ منتخب ڪيو ويو، اسلامي ڀائيچاري وقت نبي اڪرم ﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه کي سندن ڀاءُ ڪوٺيو هئو. پاڻ ننڍپڻ کان وٺي ٽيهن سالن تائين حضور ﷺ جن جي خدمت ڪندا رهيا، کيس نبي ڪريم ﷺ جن جي نياڻي حضرت فاطمه رضي الله عنها سان نڪاح جو به اعزاز حاصل آهي. شُجاعت جو مثال به پاڻ ئي آهن، تبوڪ واري موقعي تي مديني پاڪ جي مڪمل ذميواري نبي ﷺ حضرت علي ڪرمه الله وجهه جي حوالي ڪئي ۽ کيس فتح خيبر جو اعزاز پڻ حاصل آهي، سن 40 هجري فجر جي نماز ۾ ابن ملجم حضرت عليؓ تي وار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڻؓ 20 رمضان المبارڪ تي شهادت جو عظيم جو رُتبو حاصل ڪيو. حضرت علي ڪرم الله وجهه کان 586 روايتون مِلن ٿيون.

(5) اُم المؤمنين حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها

سندس نالو عائشه رضي الله عنها لقب حُميره، صديقه آهي والد حضرت ابوبڪر صديقؓ ۽ والده جو نالو زينب ڪنيت امه رومانُ بنت عامر بن غويمر آهي. سندن نڪاح نبي اڪرم ﷺ جن سان ٿيو. حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها فقيهه، عالمه فصيحه ۽ فاضله هئي. قصص العرب، جنگين ۽ شعر و شاعري ۾ ماهر هئي. اڪثر روزا رکندي هئي، ۽ غلام آزاد ڪرائيندي هئي. حضرت ابو موسيٰ اشعري رضي الله عنه فرمائي ٿو ته جڏهن ڪا مشڪل سامهون ايندي هئي ته اُن جو علم ۽ حل حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها وٽان حاصل ڪندا هئاسين. سندن وفات 57 يا 58 هه ۾ 17 سترهن رمضان آچر جي رات ٿي ان وقت سندن ڄمار ٽيهٺ 63 سال هئي، کيس وصيت مطابق رات جو دفن ڪيو ويو سندس جنازي نماز جليل القدر اصحابي سڳوري حضرت ابوهريره رضي الله عنه پڙهائي، سندس قبر مبارڪ جنت البقيع ۾ آهي کائنس روايت ڪيل حديثن جو تعداد 2210 آهي.

(6) حضرت ام المؤمنين اُم سلمه رضي الله عنها

سندس نالو هند ۽ ڪنيت ام سلمهؓ آهي پاڻ قريش جي مخزوم خاندان مان هُئي. سندس شجرو هن ريت آهي. هند بنت ابي اميه سهيل بن المغيره بن عبدالله بن عمر بن مخزوم سندس والد سخي مرد هو. سندس پهريون نڪاح عبدالله بن عبدالاسد سان ٿيو جيڪو ابوسلمه جي نالي سان مشهور آهي. شروع ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ مسلمان ٿي ۽ حبشه ڏانهن هجرت به ڪيائين. غزوه اُحد ۾ سندس مڙس زخمي ٿيو ۽ جمادي الثاني سن 4 هجري ۾ وفات ڪري ويو، حضور ﷺ حضرت ام سلمهؓ کي فرمايو ته، صبر ڪر هن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪر ۽ چئو خداوند ڪريم مون کي هن کان بهتر جانشين عطا فرماءِ، حضرت عمر رضي الله عنه حضور نبي ڪريم ﷺ جن جي طرفان نڪاح جو پيغام کڻي وٽس ويا ته اُم سلمهؓ چيو ته مون ۾ چند ڳالهيون آهن (1) آئون غيور آهيان (2) صاحب عيال آهيان (3) منهنجي ڄمار وڏي آهي. حضور ﷺ انهن سڀني ڳالهين کي قبول فرمايو ۽ پوءِ حضور ﷺ ۽ اُمِ سلمهؓ جو نڪاح ٿيو. حضور ﷺ جن کي اُم سلمهؓ سان محبت هئي اُم سلمهؓ به حضور ﷺ جن جي آرام جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي ڪجهه غزون ۾ به پاڻ ڪريم ﷺ جن سان گڏ هئي. حضرت اُم سلمه رضي الله عنها کان 378 حديثون روايت آهن.

(7) حضرت ابو هريره رضي الله عنه

سندس نالو حضرت عبدالرحمٰن ابوهريره بن صخر رضي الله عنه آهي. جاهليت واري دور ۾ سندس نالو عبد شمس يا عبد عمرو هو، پر سندس ڪنيت ابوهريره وڌيڪ مشهور ٿي. حضرت ابوهريره رضي الله عنه اصل يمن جو رهاڪو هو ۽ تعلق قبيلي دوس سان هو. سندن ننڍپڻ ۾ ئي والد وفات ڪري ويو، يتيمي وارا ڏينهن گذاريندي وڃي بسره بنت غزوان جو ملازم ٿيو. خدا تعاليٰ جي مهر سان اها ئي بسره وري سندس ئي نڪاح ۾ آئي. سندن قبول اسلام ڪجهه هن طرح آهي جو طفيل بن عمرو دوسي رضي الله عنه اڳي ئي اسلام قبول ڪري چُڪا هئا. پنهنجي قبيلي جي فردن کي جن ۾ ابوهريره رضي الله عنه بن صخر هو ساڻ ڪري غزوه خيبر جي موقعي تي حضور نبي ڪريم ﷺ جن سان اچي مليا ۽ اسلام سان مشرف ٿيا. ابوهريره رضي الله عنه ان ڏينهن کان وٺي حضور ﷺ جن سان باقي سڄي حياتي گڏ رهيا. خلافت فاروقي ۾ کيس بحرين جو عامل مقرر ڪيو ويو. ماڻهو نبي ڪريم ﷺ جن کان سوال ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندا هئا پر ابوهريره رضي الله عنه جو علمي ذوق اهو هو جو پاڻ دليري سان سوال پڇندو هو، انڪري ئي حديثن جي ڪتابن ۾ سڀ کان گهڻيون روايتون کانئس ئي روايت ٿيل آهن، بلڪ حديث جي راوين ۾ تعداد جي لحاظ کان پهريون نمبر به کيس ئي حاصل آهي، ڪجهه ماڻهن سندس ڪثرتِ روايت تي اعتراض ڪيو ته جواب ڏنائين ته ”اسان جا مهاجر ڀائر بازار ۾ ڪاروبار ۾ لڳي ويندا هُئا ۽ انصار ٻني جي جانچ ۾ رهندا هُئا آئون محتاج هئس سمورو وقت رسول الله ﷺ جن جي صحبت ۾ گذاريندو هئس.“ سندس وفات سن 57هه ۾ مديني پاڪ ۾ ٿي مديني جي والي وليد سندس جنازو پڙهايو جنت البقيع ۾ مهاجرين سان گڏ دفن ڪيا ويا، حضرت ابوهريره رضي الله عنه کان 5374 حديثون روايت ٿيل آهن.

(8) حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنه

سندس نالو عبدالله ڪنيت ابوالعباس رضي الله عنه آهي والد جو نالو عباس رضي الله عنه ۽ والده جو نالو ام الفضلؓ لبابه بنت حارث آهي، جيڪا ام المؤمنين حضرت ميمونه رضي الله عنها جي ڀيڻ آهي. سندس ولادت باسعادت شعب ابي طالب ۾ ٿي هئي. هجرت وقت پاڻ پنهنجي گهرجي ڀاتين ۽ والده سان گڏ هئا ۽ ان وقت سندس ڄمار يارهن سال هئي، پاڻ پنهنجي والده ام فضلؓ سان گڏ ئي مسلمان ٿيو. وڏا اصحاب سڳورا کيس وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا خليفه ثاني حضرت عمربن خطاب رضي الله عنه کيس پنهنجي ڀر ۾ جڳهه ڏيندا هئا ۽ جَليل القدر اصحابن جي شوريٰ ۾ کيس شريڪ ڪندا هئا. نبي اڪرم ﷺ جن کيس ديني فهم ۽ هنر ۽ تفسير قرآن جي دعا ڏني هئي. ابن عباسؓ امت جو هڪ تمام وڏو عالم، فقيه، مفسر ۽ محدث آهي جڏهن ڳالهائيندو هو ته وڏو فصيح ۽ بليغ لڳندو هو. سندس وفات سنه 68 هجري ۾ ابن زبير رضي الله عنه جي زماني ۾ ٿي سندن عمر ايڪهتر سال ٿي، سندس جنازي نماز محمد بن حنيفهؒ پڙهائي، کائنس صحابهؓ ۽ تابعين رحه جو وڏو انگ روايت ڪندو آهي سندن روايتن جي تعداد 2660 آهي.

 (9) حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنه

سندس نالو عبداللهؓ ڪنيت ابوعبدالرحمٰن والد جو نالو عمرؓ بن خطاب ۽ والده جو نالو زينب بنت مظعون آهي. سندس پيدائش نبوت جي ابتدائي دور ۾ ٿي ۽ اسلامي ماحول ۾ هوش سنڀاليائين. ٻاراتڻ سبب کيس جنگ بدر ۽ اُحد ۾ شموليت نه ملي البته جنگ خندق، بيعت رضوان، فتح مڪه، غزوه حُنين محاصرة طائف، حجة الوداع، غزوه تبوڪ سميت انهن سڀني موقعن تي نبي اڪرم ﷺ جن سان گڏ رهيا، پاڻ انتهائي مدبر ۽ فتنن کان پري رهڻ وارا هئا. کيس ماڻهو سندس علم ۽ عمل جي ڪري مجمع البحرين سمجهن ٿا. پاڻ ملڪي انتظام ۽ عُهدا وٺڻ کان معذرت ڪندا هئا، کين قرآن سان تمام گهڻو شغف هو. خشيت الٰهي، عبادت ۽ رياضت، زهد ۽ تقويٰ، اختلاف اُمت کان بچڻ ۽ قرآن مجيد ۾ تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪندا هئا، کين سورة بقره جي تفسير ۽ غور ۽ فڪر ۾ چوڏهن سال لڳي ويا سندن وفات مڪي پاڪ ۾ ئي ٿي سندن روايتن جو تعداد 1630 آهي.

(10) حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه

سندس نالو اَنس ڪنيت ابوحمزه لقب خادم رسول الله ﷺ، والد جو نالو مالڪ ۽ والده اُم سليم رضي الله عنها سهله بنت ملحان انصارية آهي. پاڻ اَٺن سالن جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيائون. جڏهن ڏهن سالن جا ٿيا ته سندس والده نبي ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته هن کي پنهنجي خدمت ۾ قبول فرمايو ۽ نبي ڪريم ﷺ جن کيس پنهنجي خدمت ۾ قبول فرمايو. ڏهه سال حضرت انس رضي الله عنه نبي ڪريم ﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ رهيا سفر ۽ حضر ۾ به هر وقت گڏ رهندا هئا. بيعت رضوان، خيبر، طائف ۽ حجة الوداع جي موقعن تي به نبي ڪريم ﷺ جن سان گڏ رهيا، پاڻ وڏا عالم ۽ مدبر هئا کيس حضرت ابوبڪر صديقؓ بحرين جو عامل مقرر ڪيو هو ۽ حضرت عمرؓ پنهنجي زماني ۾ کيس تعليم ۽ تربيت لاءِ بصره ڏانهن موڪليو، فتنن جي زماني ۾ پاڻؓ گوشا نشيني اختيار ڪيائون، سندس وفات سنه 93 هجري ۾ ٿي ۽ عُمر هڪ سؤ سالن کان به وڌيڪ هئي. کائنس 1286 روايتون مِلن ٿيون

(11) حضرت ابو سعيد خدري رضي الله عنه

سندس نالو سعد رضي الله عنه ڪنيت ابوسعيد آهي ۽ والد جو نالو مالڪؓ، ڏاڏو سنان ۽ والده جو نالو اُنيسه رضي الله عنها بنت ابي حارثه آهي، سندس والدين بيعت عقبه کان پوءِ مسلمان ٿيا انهي ڪري حضرت ابو سعيد الخدري رضي الله عنه ٻاروتڻ ۾ ئي مسلمان والدين جي هنج ۾ تربيت حاصل ڪئي. غزوه اُحد کان پوءِ سڀني غزون ۾ نبي اڪرم ﷺ جن سان گڏ هئا، نبي ڪريم ﷺ جن جي وصال کان پوءِ پاڻ مديني ۾ ئي مقيم رهيا. پاڻ عهد فاروقي ۽ عهد عثماني ۾ فتويٰ ڏيندا هئا. حضرت ابوسعيد خدري رضي الله عنه وٽ هڪ وسيع حلقو هوندو هو، جڏهن ڪو کائنس فتويٰ وٺڻ ايندو هو ته ڪافي دير کانپوءِ ان جو نمبر ايندو هو ائين ئي هو پنهنجي زماني جا وڏا فقيه هُئا، حق گوئي، امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر، اتباع سنت، بردباري ۽ تحمل، سادگي بي تڪلفي ۽ يتيمن جي پرورش سندس خاص وصفون هيون. پاڻ رضي الله عنه 1175 حديثون روايت ڪيون آهن.

(12) حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنه

سندس نالو عبدالله ڪنيت ابوعبدالرحمٰن والد مسعود ۽ والده جو نالو اُم عبد بنت ودّ هو. اسلام قبول ڪندڙن ۾ سندس ڇهون نمبر آهي، هڪ دفعي نبي اڪرم ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديقؓ سان گڏ وڃي رهيا هئا گس تي عبدالله بن مسعودؓ ٻڪريون پئي چاريون حضرت ابوبڪر کائنس کير گهريو، حضرت عبدالله بن مسعودؓ وراڻيو ته هي ٻڪريون مون وٽ امانت آهن آئون کير نٿو ڏئي سگهان. حضور ﷺ جن فرمايو ته ڇا تو وٽ ڪا اهڙي ٻڪري آهي جنهن اڃان ڦرنه ڏنو هجي، ابن مسعودؓ عرض ڪيو ته هائو ۽ اها ٻڪري حاضر ڪيائين، پاڻ ڪريم ﷺ جن هٿ ڦيرايو ته ٻڪري جا ٿڻ کير سان ڀرجي ويا، حضرت ابوبڪرؓ اها ٻڪري ڏڌي ۽ حضور ﷺ، حضرت ابوبڪرؓ ۽ عبدالله جن مسعودؓ  ٽنهي کير پيتو. انهي معجزي کان پوءِ حضرت ابن مسعود مسلمان ٿيو ۽ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ رهڻ لڳو. پاڻؓ مديني طرف هجرت به ڪيائون ۽ نبي اڪرم ﷺ جن کيس مسجد نبويءَ جي ڀرسان هڪ پلاٽ رهائش لاءِ عطا ڪيو. پاڻ تمام غزوات ۾ نبي اڪرم ﷺجن سان گڏ رهيا. سنه 20هه ۾ ڪوفي جا قاضي مقرر ٿيا ۽ ڏهن سالن تائين قاضي طور خدمتون سرانجام ڏنائون. علمي ذوق به ڪمال جو هئس، پاڻؓ قرآن مجيد جا مفسر ۽ قاري هئا. پنهنجي زماني جا فقيه ۽ مجتهد هئا. حضرت شفيقؒ فرمائي ٿو ته اسين مسجد ۾ ويهي عبدالله بن مسعودؓ جو انتظار ڪندا هئاسين. سندن وفات 32 هجري ۾ ٿي. سندس جنازي نماز حضرت عثمان غنيؓ پڙهائي ۽ جنت البقيع ۾ تدفين ٿي ۽ کائنس 848 حديثون روايت آهن.

(13) حضرت جابر بن عبدالله رضي الله عنه

سندن نالو جابر والد عبداللهؓ ۽ والده جو نالو نسيبه آهي سندس ڏاڏو عمرو پنهنجي خاندان جو رئيس هو. پاڻ عُقبه ثانيه ۾ پنهنجي والد سان گڏ اسلام قبول ڪيائون، اُحد کان پوءِ تمام غزوات ۾ شامل رهيا، پاڻؓ نبي اڪرم ﷺ جن کان پوءِ حضرت ابوبڪرؓ، عمرؓ، عليؓ، ابو عُبيدهؓ، طلحهؓ، معاذ بن جبلؓ ۽ عبدالله بن اُنيسؓ کان علم حاصل ڪيائون. سندس شاگرد به ڪيترائي آهن. جن ۾ امام باقرؒ، عبدالله بن منڪدرؒ،  حسين بن محمد بن حنيفهؒ وغيره جا خاص نالا اچن ٿا. پاڻؓ 94 سالن جي ڄمار ۾ نابيني کان پوءِ وفات ڪيائون. سندس تدفين جنت البقيع ۾ ٿي، حضرت جابر بن عبدالله رضي الله عنه وٽان حديث پاڪ 540 روايتون مليون آهن.

(14) ابومحمد عبدالله بن عمرو رضي الله عنه

سندس نالو عبدالله ڪنيت ابومحمد ۽ ابوعبدالرحمٰن والده ريمله بنت مبنه آهي. مڪمل نالو ابو محمد عبدالله بن عمر وبن عاصؓ پاڻ پنهنجي والد کان اڳ مسلمان ٿيو. حضور ﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيندو هو ۽ جيڪي ڪجهه حضور ﷺ جن فرمائيندا هئا، هي ان کي فوراً قلمبند ڪندو هو، حضرت ابوهريرهؓ فرمائيندو هو ته وٽس مونکان وڌيڪ حديثون آهن ڇو جو هُو لکندو هو ۽ آئون لکندو نه هئس. حضور ﷺ جن سان گڏ غزوات ۾ شريڪ رهيو، جنگ يرموڪ ۾ حضرت عمرو بن عاصؓ قيادت وارو جهنڊو سندس هٿن ۾ ڏنو سندس درس جو حلقو وسيع هوندو هو، پنهنجي شاگردن سان محبت ڪندو هو، هو ٻئي ڏينهن روزو رکندو هو ۽ رات جو گهڻو حصو عبادت ڪندو هو. ٽن ڏينهن ۾ قرآن مجيد جو ختم ڪندو هو. سندس وفات مروان بن حڪم ۽ حضرت عبدالله بن زبيرؓ جي جنگ واري زماني ۾ ٿي انهيءَ ڪري کيس سندس ئي گهر ۾ دفن ڪيو ويو. پاڻ رضي الله عنه کان 700 حديثون روايت ٿيل آهن.

 (15) حضرت براء بن عازب رضي الله عنه

سندس نالو براء ڪنيت ابوعماره ۽ خاندان حارثة آهي والد جو نالو عازب. مامي جو نالو ابو بُردة بن نبار رضي الله عنه بدري آهي سندس مامو آغاز ۾ اسلام قبول ڪري چڪو هو، جنهن جي برڪت سان سندس خاندان ۾ اسلام پکڙيو، مسلمان ٿي مدينه منوره ۾ مصعب بن عميرؓ ۽ ابن اُم مڪتوم رضي الله عنه کان قرآن مجيد سکڻ شروع ڪيائين حضرت براءِ بدر ۾ حاضر ٿيو هو، پر ٻار هو انهيءَ ڪري حضور ﷺ جن کيس واپس روانو ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه اُحد، خندق، خيبر ۽ حُنين ۾ شرڪت ڪيائون. محاصره طائف ۽ حجةالوداع ۾ به حضور ﷺ جن سان گڏ هئا. حضرت براءؓ ٽوٽل پندرهن غزوَن ۾ شرڪت ڪئي. پاڻؓ حديثن جي روايت ڪرڻ ۾ تمام گهڻو محتاط رهندا هُئا.

حديثن ۾ احتياط جو سبب بيان ڪندي هڪ موقعي تي پاڻ رضي الله عنه فرمايو.

”جيڪي حديثون آئون بيان ڪريان ٿو ضروري ناهي ته اُهي سڀ رسول الله ﷺ جن کان ٻُڌيون هجن، اسين اُٺ چاريندا هئاسين تنهن ڪري هر وقت رسول الله ﷺ جن وٽ حاضر نٿي رهي سگهياسين.“ (مسند احمد)

تنهن هوندي به محتاط ٿي ڪري جيڪي پاڻ حديثون بيان ڪيون اٿن انهن جو تعداد 305 اچي ٿو.

(16) حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنه

سندس نالو جُندبؓ ڪنيت ابوذرؓ والد جو نالو جنادة ۽ والده جو نالو رَمَله آهي ۽ قبيلي بني غِفار سان تعلق هئس. شروع ۾ مشهور ڏاڍو مڙس هو، پر هڪدم زندگي ۾ انقلاب آيو. پاڻؓ فرمائي ٿو ته آئون اسلام کان ٽي سال پهرين نماز پڙهندو هئس. جڏهن رسول الله ﷺ جو ٻُڌائون ته پهرين پڪ وٺڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ اُنيس کي موڪليائون پوءِ پاڻ رضي الله عنه آيا ۽ حضرت عليؓ سان گڏجي حضور ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائون. حضور ﷺ  کيس سندس قوم ڏانهن تبليغ لاءِ روانو ڪيو، ابوذر رضي الله عنه پنهنجو سمورو وقت دعوت ۾ صرف ڪندا رهيا، اڌ قبيلو انهيءَ مهل مسلمان ٿيو ۽ باقي اڌ قبيلو به هجرت کان پوءِ مسلمان ٿي ويو. رسول الله ﷺ جي هجرت کان پوءِ ابوذرغِفاريؓ به هجرت ڪئي ۽ مديني ۾ رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ رهندا هُئا حضرت ابوذرؓ تمام وڏا زاهد، پرهيزگار ۽ تارڪ الدنيا انسان هئا. حضرت ابوبڪر صديقؓ جي دورِ خلافت ۾ مديني ۾ رهيا ان کان پوءِ شام ملڪ ڏانهن روانا ٿيا. سندس عقيدو هو ته مال پاڻ وٽ جمع ڪرڻ جائز نه آهي اهو مال بُکين ۽ ننگن جو حق آهي، ان ئي معاملي تي سندس اختلاف ٿيندا رهيا. حضرت عثمان غنيؓ کيس مديني ڏانهن گهرائي ورتو هو، پر بعد ۾ پاڻؓ رَبذَه طرف هليا ويا ۽ اتي ئي قيام فرمايائون. رَبذَه ۾ سندس طبيعت خراب ٿي سندس گهر واري روئڻ لڳي جو هن صحرا ۾ ڪير انتظام ڪندو. ابوذرؓ چوڻ لڳو آئون توکي خوش خبري ٻڌايان ٿو ته حضور ﷺ جن فرمايو توهان مان هڪ جو موت صحرا ۾ ٿيندو اُتي مسلمانن جي هڪ جماعت پهچندي ۽ اُها ڪفن دفن ڪندي، مون کان سواءِ جيڪي هُئا اُهي آبادي ۾ مري چُڪا آهن جيتوڻيڪ ائين ئي ٿيو، حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنه هڪ جماعت سان گڏجي آيو، جيڪو مديني کان عراق وڃي رهيو هو انهيءَ ڪري عبدالله بن مسعود رضي الله عنه سندس جنازي نماز پڙهائي پوءِ سندس تدفين به رَبذه ۾ ئي ٿي، حضرت ابوذر غِفاري رضي الله عنه کان 281 روايتون مِلن ٿيو.

مددي ڪتاب:

1.               روضته الصالحين (امام نووي جي رياض الصالحين جو اردو ترجمو شرح)، مترجم ۽ شارح مولانا محمد حسين صديقي.

2.             مشڪواة شريف (اردو شرح امام ولي الدين محمد بن عبدالله الخطيب العمري جي مشڪواة المصابيح جي)، مترجم ۽ شارح: مولانا عبدالله جاويد غازي پوري.

3.             اسدالغابه (عربي)، عزالدين بن الاثير ابي الحسن علي بن محمد الجزري رحه.

4.             تاريخِ اسلام (اردو)، اڪبر شاهه نجيب آبادي.

5.             طبقات ابن سعد (اردو)، علامه محمد سعد.

6.             انعام المنعم (اردو)، مولانا محبوب احمد صاحب.

7.             تهذيب التهذيب (عربي)، علامه ابن هجر عسقلاني رحه.

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

محرابپور

 

 

 

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو

اصطلاح جي سماجي معنى سان سلهاڙيل هجڻ سبب، ان جي اهميت بابت پڻ سوال اڀري ٿو ته ان جي ٻوليءَ ۾ ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنھن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘. (جوکيو، 2009: 106- 143)

لفظ ’اصطلاح‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ’محاوري‘ جي بدل سان به ڪم آندو ويندو آهي، هيٺ ٻنهي لفظن جي لغوي معنى سمجهڻ لاءِ انهن جو اشتقاق ڪري پيش ڪجي ٿو:

·       اصطلاح- افتِعال- اصتِلاح > اصطلاح- مصدر (صَلَحَ = هن درست ڪيو) ڪنھن لفظ يا  تشريح جي استعمال کي عام لاءِ درست ڪرڻ- ڪنھن لفظ جي مفھوم جي استعمال تي مڙني جو اتفاق هجڻ- ڪنھن لفظ کي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري عام رواجي معنى طور ٺاهي ڪم آڻڻ. (جوکيو، 2009: 106- 143)

اصطلاح لفظ جي اشتقاق مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن لفظ جي استعمال کي درست ڀانئي مڙني جو اتفاق هجڻ. ظاهر آهي ته درستگيءَ تي اتفاق جي ضرورت تڏهن پيش ايندي آهي، جڏهن اهو استعمال لغوي معنى کان هٽي ڪري رواج ۾ آندل واري معنى ۽ مفھوم رکي.  

لفظ اصطلاح بابت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لکيو آهي ته: ”اصطلاح معنى صلح ڪرڻ، ڪنھن لفظ جي ٻي معنى مقرر ڪرڻ. مثال: 1، ’پراڻو ٺڪر ڀڳو ته ڀلو ناهي‘، 2، ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنھن جو ارمان اٿم‘. پھرين مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنھنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ ورتل آهي، يعني ٺڪر جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ، ٻئي مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنھنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ نه پر رواجي معنى ۾ ورتل آهي يعني ڪوڙو الزام! واضح ٿيو ته اصطلاح جون ٻه معنائون ٿيون: ’هڪڙي مقرر ٿيل‘ جنھن کي ’لغوي يا اصلي‘ معنى چئجي ٿو ۽ ٻي رواجي جنھن کي اصطلاحي معنى چئجي ٿو. تنھن ڪري ’اصطلاح‘ جي معنى ٿي: ’رواجي معنى يا مطلب‘. مطلب ته اصطلاح هميشہ عام رواج مان ٺھندا آهن.“ (سنديلو، 1993ع : 12)

سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي جي جز واري اصطلاح جو گهاڙيٽو ’فعلي صورت‘ ۾ هجڻ وارو سنديلي صاحب وارو رايو نھايت مناسب آهي؛ ڇاڪاڻ ته سندس نظر ڪنھن جملي ۾ استعمال تي آهي، جيئن: ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو‘. جيڪڏهن جملي ۾ اصطلاح ’ٺڪر ڀڳو‘ تي نظر ڪبي ته هي لفظ گرامر موجب ته ’ماضي مطلق‘ ئي آهي، ان جي مصدر ’ٺڪر ڀڃڻ‘ ٿيندي. ان لاءِ اصطلاح جو فعلي صورت ۾ هجڻ مناسب ڄاتو ويو آهي.

حقيقت اها آهي ته ’اصطلاح‘ جي حيثيت جو پتو به ڪنھن ڳالهايل يا لکيل جملي مان ئي پوندو آهي. فرض ڪريو ته ’اک لڳڻ‘ جو اصطلاح گهٽ ۾ گهٽ ٻه معنائون رکندو آهي: ’ننڊ جو سوپو اچڻ‘ ۽ ’ڪنھن سان پيار ٿيڻ‘، جيستائين ان کي ڪنھن جملي ۾ استعمال نه ٿو ڪجي، تيستائين ’اک لڳڻ‘ جي معنى واضح نه ٿيندي. ان لاءِ ان جي درست استعمال کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي. ظاهري اصطلاح جي اڪيلي سر شڪل يقيناً ’مصدر‘ واري آهي، ليڪن ان کي هڪ جڳهه تي قيد ڪري نه ٿو سگهجي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب اصطلاح جي وضاحت بابت ڄاڻايو آهي ته: ”اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي انهيءَ کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي … ’پاڻي پاڻي ٿيڻ‘ هڪ محاورو يا اصطلاح آهي، جنھن جو مطلب آهي: ’لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ‘.“ (جيٽلي، 1996: 54)

ڊاڪٽر جيٽلي، اصطلاح ۽ محاوري کي ساڳي ڳالهه سمجهي ٿو، ان جي اهم سبب ۾ هندي/ اردو ٻوليءَ سان واهپو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’محاوري‘ جي اها مراد ناهي، جيڪا هندي يا اردوءَ ۾ ورتي وڃي ٿي.

لفظن جي ڄاڻايل حوالن جي ڇنڊ ڇاڻ آڌار اصطلاح جي وصف هيٺين ريت بيھي ٿي:

ٻوليءَ جي ڳالهايل يا لکيل بيان/ جملي جو اهڙو جز جيڪو فعلي صورت ۾ ڪنھن جملي ۾ لغوي معنى کان هٽي ڪري ٻوليءَ ۾ رواج پٽاندر يعني لغوي اعتبار کان ٻي معنى ڏئي، ان کي ’اصطلاح‘ چئجي.

ٻوليءَ ۾ جملي جي جز ’اصطلاح‘ جي دائري جي بيھڪ تي مختصر واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن مولوي احمد ملاح جي ڪتاب ’ڪليات احمد‘ مان ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو وٺي سگهجي.

ڪليات احمد مان ’دل‘ سان سلهاڙيل لفظن جو جائزو

لفظ ’دل‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسيءَ کان آيو آهي، جنھن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’هنيانءُ/ هنيون- هِردو- مَنُ‘ چيو ويندو آهي. ان کان علاوه ’خواهش- راضپو- همٿ- بھادري- خيال- ارادو- نِيَت- ڌيان وغيره ‘ وارين سماجي معنائن ۾ پڻ ڪم ايندو آهي.

ڄاڻايل لفظ، ايئن ته مولوي صاحب جي شعرن ۾ ڪافي هنڌن تي ملندو، جيڪو محاوري يا ڪنھن ترڪيب سان ڪم آندو ويو هجي، جيئن: ”دِل نِھوڙي ساڻ نيڻن، ٿو ڪَرين ڪامِڻ قَريبَ“؛ ليڪن هتي سندس شاعريءَ مان ’دل‘ سان سلهاڙيل مرڪب فعل واري صورت وارا اهڙا لفظ مقصود آهن، جيڪي اصطلاح جي صورت ۾ ڪم آندا ويا هجن.

·    دل ۾ پوَڻ:  [اصطلاح (خيال ۾ اچڻ- اندر ۾ تصور جڙڻ- ياد پوَڻ)] ”مَڪي ڏي مَرد مَنزِل ۾، دَغا آن کي پيئي دِل ۾“

·    دل ۾ داغ ٿيڻ: [اصطلاح (ساڙ ٿيڻ- اندر جلڻ- تڪليف ٿيڻ)] ”دُشمن کي دِل ۾ داغ ٿيا، اَلله اَڪبر ٿيو جَڏهن“

·    دل ۾ دغا هئڻ: [اصطلاح (بدنيتي هئڻ- اندر ۾ بغض رکڻ)] ”دَغا جِن کي دِل ۾، دُعا تِن کي ڪِهڙي؟“

·    دِل ۾ دَليلَ ڊوڙائڻ: [اصطلاح (ويچار ڪرڻ- تصور ڪرڻ- اجايا خيال پچائڻ- شَڪ ڪرڻ- وسوسي ۾ پوَڻ)] ”دوستَ، توکان دُور ٿيو، پيو دِل ۾ ڊوڙايان دَليل

·    دل ۾ ديرا اڏڻ: [اصطلاح (ڪنھن جي اندر ۾ نرم گوشا پيدا ڪرڻ- مطيع ڪرڻ- محبت ۾ گرفتار ڪرڻ- اندر تي قابض ٿيڻ)] ”اَچي دِلگير جِي دِل ۾، ويٺو دِلبر اَڏي ديرا“

·    دل ۾ ڏيڻ:  [اصطلاح (وهم پيدا ڪرڻ- ذهن ۾ وهارڻ)] ”ڌَڻي داتا دوئي ڏي شل! مَ دِل ۾“

·    دل ۾ ڪرڻ: [اصطلاح (ڏک ڪرڻ- ارمان ڪرڻ- ويچار ڪرڻ- ڪاوڙ ڪرڻ- ياد ڪرڻ- اندر ۾ هنڊائڻ- ڳجهه رکڻ- محبت سان سارڻ)] ”دِل ۾ ڳالهيون دوست سان ڪَن، ٻَھر گُنگا گودڙيا“

·    دل ۾ وجهڻ: [اصطلاح (خيال ۾ آڻڻ- تصور ۾ اچڻ- نينھن جا نشتر هڻڻ)] ”ڌَڪ لڳن دِيدن مَنجهان، دِل ۾ وِجهي دِيدار وَڍ“

·    دل ۾ وَڍَ پوَڻ: [اصطلاح (ڏکارو ٿيڻ- تڪليف ٿيڻ- اندر اڌ ٿيڻ)] ”دَرد دُکيَس جان تي، ٻيو دِل ۾ پُونس ڌار وَڍ“

·    دل ۾ ويھارِڻُ: [اصطلاح (عزت ڏيڻ- قرب ڏيڻ- پيار ڪرڻ)] ”ويھاريان کڻي هيڪ دِل ۾ ٻه دوست، ته گِدري ٻه ڦارُون وِچان هيڪ وَڍ.“

·    دل اڌ ٿيڻ:  [اصطلاح (گهڻو ڏکارو ٿيڻ- پريشان ٿيڻ)] ”اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿِي، رَحم سان رَب! ريـڙِهيـين“

·    اڌ دلو ٿيڻ:  [اصطلاح (نااميد ٿيڻ- مايوس ٿيڻ- ناڪام ٿيڻ- آس ٽٽڻ )] ”اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿِي، رَحم سان رَب! ريـڙِهيـين“

·    دل امانت رکڻ: [اصطلاح (ڪنھن جي پيار کي دل ۾ سانڍڻ- حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ- پاڻ کي ٻئي حوالي ڪرڻ)] ”سَڄي دِل سَڄڻ وَٽ اَمانت رَکيَم“

·    دل اندر ديرو ٿيڻ: [اصطلاح (اندر ۾ عڪس پيدا ٿيڻ- اندر ۾ گهر ڪري وڃڻ)] ”دَم بَدم دَرڪار دَرسن، دِل اَندر ديرو ٿِئي“

·    دل بِريانُ ٿيڻ: [اصطلاح (اندر سڙڻ- تڪليف ۾ هجڻ- طعني وغيره سان جيءُ جلڻ)] ”بِرهه دِل بِريان ڪَئي، بيمار بُت بِستر مَٿي“

·    دل بَھار ٿيڻ:       [اصطلاح (خوش ٿيڻ- سرهو ٿيڻ)] ”جِيئن تَڙين تِيئن تانگهه تو ڏي، ڌَڪ هَڻين تِيئن دِل بَھار“

·    دل ٻڌَلَ هجڻ: [اصطلاح (واعد هجڻ- اقرار هجڻ- لاڙو هجڻ)] ”دوستَ، ديکي مُنھن سَندوئي، دِل ٻَڌل ٿِي دِين سان“

·    دِل ٻَڌڻ:     [اصطلاح (همٿ ڪرڻ- جرئت ڪرڻ- دلير ٿيڻ- هائوڪار ڪرڻ- دل جو ناتو ڳنڍڻ- ٻئي سان هائوڪار ڪرڻ)] ”چَيو دِلبر ٻُڌم ٻي سان ٻَڌئي دِل، چيَم چُغلن ٻَڌي چَب چَب اَهاها.“

·    دل ڀڄڻ:    [اصطلاح (تنگ ٿي پوڻ- بيزار ٿيڻ- دلچسپي نه وٺڻ- اڪتائجي وڃڻ)] ”ڌُوڙ ۾ ڌَڙ، گڏ نه ڌوڙِي، ڏي دِلاسو دِل ڀَڳي“

·    دل ڀَرجڻ:    [اصطلاح (اطمينان حاصل ٿيڻ- ڍؤ ٿيڻ- ڏکارو ٿيڻ- ارمان ٿيڻ)] ”ڏي دِلاسو بي دِلي کي، دِل دَليلن سان ڀَري“

·    دل ڀري ڳائڻ: [اصطلاح (روئي ٻاڏائڻ- نوڙت سان آزيون نيازيون ڪرڻ- توجه سان چوَڻ)] ”جو ڌَڻيءَ جا دان ڳائي، دِل ڀَري دِلگير جِي“

·    دل تان لاهڻ:       [اصطلاح (وِسارِڻُ- ڀلائڻ- ڇڏڻ)]     ”دِل تان نه لاهِج لفظ لا، اَلله ڀَلو يا اِي ڀَلا؟“

·    دل تان لاهڻ:       [اصطلاح (وسارڻ- ياد نه ڪرڻ- نالو ئي نه وٺڻ- اهنج وسارڻ- دک درد دور ڪرڻ- ڪنھن معاملي کي ختم ڪرڻ)] ”ڏي دِلاسو دوست دِلبر! لاهِه دِل تان دُک دَليل“

·    دل تان لَھَڻُ: [اصطلاح (وسرڻ- وسري وڃڻ- ياد نه رهڻ- خيال ۾ ئي نه اچڻ)] ”دِل مَٿان ويندو لھي دِلدار، ڪو اَڄ، ڪو صُباح“

·    دل تي بار هجڻ: [اصطلاح (ڳڻتي هجڻ- وهم هجڻ- هورا کورا هجڻ- فڪر هجڻ)] ”بي قَراري، زير باري، بار دِل تي بار بار“

·    دل ٿڌي ڪرڻ: [اصطلاح (طبيعت ۾ ماٺار آڻڻ- امن ۾ رهڻ- ڪاوڙ نه ڪرڻ)] ”سُڻج ڳالهه سالِڪَ، ڪَري دِل ٿَڌي“

·    دل ٽنگڻ:   [اصطلاح (موهت ٿيڻ- لاڙو ٿيڻ- مايا سان محبت ڪرڻ- دنيا تي ساهه ڏيڻ)] ”دَمڙيءَ ڏانھن دِل ماڻهن ٽَنگي، ديک دُنيا جِي دوستَ، دورنگي“

·    دل جا داغ ميٽڻ: [اصطلاح (دک درد دور ڪرڻ- دلجوئي ڪرڻ- دلداري ڏيڻ- اندر مان غير ڪڍڻ- مزاج کي ٿڌو ڪرڻ)] ”دوستَ، مُون دَرسن پَسي، دِل جا اڳيان ميٽيا نه داغ“

·    دل جو انڌو هئڻ:    [اصطلاح (عاشق هجڻ- بيحد پيار ڪرڻ- حق ۽ ناحق جي  تميز نه هئڻ)] ”جو ڌَڻيءَ جو دَر مَٽي، دِل اُن دِيواني جِي اَنڌي“

·    دل بيھارڻ: [اصطلاح (مطمئن ٿيڻ- ذهني ٽڪاءُ ڪرڻ- راضي ٿيڻ- سڪون ٿيڻ)] ”نه بيھي دِل بيھاريان جِت، هَنجُهون هَر روز هاريان هِت“

·    دل جو دل ۾ رکڻ: [اصطلاح (ڳجهو رکڻ- ظاهر نه ڪرڻ- اندر نه اورڻ- ڪجهه نه سلڻ)] ”رَهيَن دِل جو دِل ۾ ايرادا دِلي“

·    دل جو دلمل ٿيڻ: [اصطلاح (دلين جو گڏجڻ- ڪنھن سان محبت ٿيڻ- دلي لاڙو ٿيڻ)] ”ڌَم ڌُڪڙ لاٿا، دِلي تي، دِل به دِلمل ٿِي پيئي“

·    دل جو دهلجڻ: [اصطلاح (هراسجڻ- هيسجڻ- ڊڄڻ- ڪنبڻ)] ”ويئي دِل دُشمنن دَهلي، لٿو دُنيا مَٿان ڌوڪو“

·    دل ڊهڻ:     [اصطلاح (بي همٿ ٿيڻ- سست ٿيڻ- ٿڪجي پوڻ- ڦاسڻ)] دِل ڊَهي دِلگير ٿِي، آيو دَليلن ۾ دِلو“- ”ڊَٺي دِل دِليرن، مَٿا ويا مَٿيرن“

·    دل ڦاسڻ: [اصطلاح (محبت ۾ گرفتار ٿيڻ- پيار ۾ وڪوڙجڻ- مائل ٿيڻ- موهت ٿيڻ)] ”ڀَلا ڇو دِل نه ڦاسي دوستَ، داڻو دام سانبارا“

·    دل جو موڪلائِڻ: [اصطلاح (هراسجي وڃڻ- خيالن ۾ ٻڏي وڃڻ- بيوس ٿيڻ- بي خود ٿيڻ- مرڻ هارڪو ٿيڻ- سست ٿيڻ- مرجهائڻ- پريشان ٿيڻ- حواس کسجڻ)] ”مُنھن ڏِسي مَحبُوب جو، دِل موڪلايو مُون ڪَنان“

·    دل ڇڪجڻ: [اصطلاح (سڪ لڳڻ- اڪير ٿيڻ- جهٻو کائڻ- ڇِڪ ٿيڻ)] ”دوستَ، دَرسن ڏانھن تُنھنجي، دِل ڇِڪي دائم مُدام“

·    دل ديواني هجڻ: [اصطلاح (دلي لاڙو هجڻ- عشق هجڻ- ڪنھن تي فدا ٿيڻ)] ”هِڪ ڌَڻيءَ لئي دِل دِيواني، چَئو ته ڪانيءَ مان ڪَڍن“

·    دل ڊاهڻ:    [اصطلاح (ڌيان هٽائڻ- واسطو ٽوڙڻ- سلسلو ٽوڙڻ- ايذاءُ ڏيڻ)] ” سُبحان تيري صاحِبي، دِل ڪِينَ تو دَر ڊاهِبي“

·    دل ڍاپڻ:    [اصطلاح (سيراب ٿيڻ- پُرباش ٿيڻ- قرار ٿيڻ)] ”ڍائِي نه دِل دَرشن ڏِسي، اَي شاهِه عالَم اَلوداع“

·    دل ڍارڻ:     [اصطلاح (نا اميد ٿيڻ- سست ٿيڻ- ڍرو ٿيڻ- پاڻ ڇڏڻ)] ”نه دِل ڍار دِلدار! لا تقنطُوا“

·    دل ڏيڻ:     [اصطلاح (محبت ڪرڻ- ڌيان ڏيڻ- عاشق ٿيڻ- دل ڦاسائڻ)] ”دان بَخشي دِين جو، تُون دِل ڏِيين داورَ، چِٽي“

·    دل ڌُتارِڻ:   [اصطلاح (پرڀائڻ- راضي ڪرڻ- ريجهائڻ- )] ”ڌُتاري دِل دِيوانيءَ کي، وِڌو دِلدار مَنجهه دامن“

·    دل رجهڻ:   [اصطلاح (اندر سڙڻ- تڪليف ٿيڻ- اندر ۾ اڌما اٿڻ)] ”روڪ يا رَب! رَهزنن کي، دِل رَنجاڙي ۾ رَڌي“

·    دل سان پڙهڻ: [اصطلاح (ڌيان سان پڙهڻ- شوق سان اچارڻ)] ”دِل سان پَڙهيَم دِيدار ٿيو، صَلُوا عَلَيه وَسَلِمُوا“

·    دل سان ياد ڪرڻ: [اصطلاح (محبت سان سارڻ- پيار سان ذڪر ڪرڻ)] ”کاڻي خوديءَ کي ڇَڏ کَڻي، ڪَر ياد دِل سان هِڪ ڌَڻي“

·    دل ستل هئڻ: [اصطلاح (غافل هجڻ- ڀٽڪيل هجڻ- ٿڪل ذهن هئڻ)]  ”اَي سَتر وارا، سَتر تي، دِل سُتل ٿِئي مَس سُجاڳ“

·    دِل ڦَٽِڻ:     [اصطلاح (ڪنھن کي ايذاءُ ڏيڻ- ڏکارو ڪرڻ- عشق ۾ مبتلا ڪرڻ)] ”دِل ڦَٽيَل دَر تي ڦِٽو، دِلبر دَوائون ڏي ٻيَن“

·    دِل ڦُرڻ:     [اصطلاح (محبت ۾ مبتلا ڪرڻ- ڪنھن کي اڪن شڪن ڪرڻ- محبت جي انگ ۾ ڦاسائڻ- پنھنجو ڪرڻ)] ”دِل ڦُرڻ جي لاءِ دِلبرَ، آهِه داڻو تِر دَوام“

·    دل ڦِسَڻ:    [اصطلاح (دهشت ٿيڻ- ڊپ ٿيڻ- مونجهارو ٿيڻ- ڏکارو ٿيڻ­- اندر ڇيھون ڇيھون ٿيڻ)] ”ڌار سِر ڌَڙ ڌُوڙ ۾، دَهشت ڪَنان پَئي دِل ڦِسي“

·    دل کَڻي وڃڻ: [اصطلاح (وسارِڻُ- يادگيري نه ڪرڻ- محبت ۾ مبتلا ڪرڻ- موهت ڪرڻ)] ”دوست، ڪنھن دَستُور سين، دَستن مَنجهان وئين دِل کَڻي“

·    دل کي دلاسو ڏيڻ: [اصطلاح (آٿت ڏيڻ- اهنج مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ- همراهي ڪرڻ)] ”دِل دِلاسو ڪو ڏِيين، دِلدار تُون هِڪ، ٻيو نه ڪير.“

·    دِل کي سامهون هجڻ: [اصطلاح (اکين آڏو هجڻ- سِر تي هجڻ- قريب هجڻ- عڪس هجڻ)] ”سُور دِل کي سامهان، تنھن جِي نه توکي سُڌ سَماءُ“

·    دل ڳنڍڻ:    [اصطلاح (محبت ڪرڻ- لنئون لائڻ- ناتو رکڻ)] ”لِکيا ’لام‘ هِي لَفظ لويارِيَن، ته مارُئي! ڳنڍيَئي دِل وَڃي ڌارِيَن“

·    دل لاهڻ:    [اصطلاح (همٿ هارڻ- سست ٿيڻ- آسرو پلڻ- دهشت بيھارڻ- ڊيڄارڻ)] ”ڪَمالي فَوج پَئي ڪاهي، وِڌئين دِل دُشمنن لاهي“

· دل لُڏي وڃڻ: [اصطلاح (جهٻو اچڻ- دهلجڻ- ڊڄي وڃڻ- هيسجي وڃڻ- ڳڻتي ٿيڻ)] ”دَلن جِي دِل لُڏي ڇا تي؟ سَندن ٻيڙي ٻُڏي ڇا تي؟“

· دِل لڳڻ:     [اصطلاح (محبت ٿيڻ- قرب ٿيڻ- پيار ٿيڻ- ڪنھن ڏانھن لاڙو ٿيڻ- چاهه پيدا ٿيڻ)] ”دِل لَڳي، تَھدل تَڳي، مَنزل ڀَڳي، مَحفل مَڳي“

· تھدل تڳڻ:  [اصطلاح (قرار ڪرڻ-  ڍؤ ڪرڻ)] ”دِل لَڳي، تَھدل تَڳي، مَنزل ڀَڳي، مَحفل مَڳي“

· دل لوڙهڻ:    [اصطلاح (همٿ هارڻ- سست ٿيڻ- غمگين ٿيڻ- پوئتي ڀِرڪڻ- هينئون هارڻ)] ”ته لِک دِل نه لوڙهيان، لڳن خواهه لَک“

· دل لَھَڻُ:      [اصطلاح (دل لڳڻ- پيار ٿيڻ- ويجهو ٿيڻ- ناتو ڳنڍجڻ)] ”دوستَ، ڳوليَم ديسِيون، پَر دِل لڌم دِلدار وَٽ“

· دل ميري ٿيڻ: [اصطلاح (بدنيتي ڪرڻ- اندر پليد ٿيڻ- اندر ۾ دغا رکڻ- شڪ ڪرڻ)] ”مُوافق دِل نه ٿِي ميري، مَڪر جا ڦَٽ وَهي ڇُٽندا“

· دل نرم ڪرڻ: [اصطلاح (طبيعت ۾ رحم پيدا ڪرڻ- مزاج ۾ ماٺار پيدا ڪرڻ- اندر مان ڪروڌ ڪڍڻ)] ”ڪا گُهري دِلبر! دُعا، دَرگاهه مان دِل نَرم ڪَر“

· دل لوڏڻ:     [اصطلاح (جهٻو کائڻ- دهلجي وڃڻ- پرواهه ڪرڻ- دل کي لوڏو هجڻ)] ”ڪنھن دَٻاءَ ڀَر دِل نه لوڏيان، دِلستانو، آفرين“

· دل نھوڙڻ: [اصطلاح (محبت ۾ زخمي ڪرڻ- قابو ڪرڻ- جهُوري وجهڻ- محبت ۾ گرفتار ڪرڻ- درد ۾ مبتلا ڪرڻ)] ”دِل نِھوڙي ساڻ نيڻن، ٿو ڪَرين ڪامِڻ قَريب“

· دل نِيَڻُ:      [اصطلاح (ڪنھن کي موهت ڪرڻ- محبت جي انگ  ۾ آڻڻ)] ”دِل نِھارڻ سان نِھوڙيو نِئين، نِھاريان ڪنھن طرح؟

· دل وَٺڻ:      [اصطلاح (موهڻ- ڪنھن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ- خوش ڪرڻ- ريجهائڻ- پيار ڪرڻ- محبت ۾ مبتلا ڪرڻ)] ”دِل وَٺي دِلبر! نه تُون پوءِ، ڌارِيَن جِيئن ڌار هُج“

· دل وٽان هئڻ: [اصطلاح (وڻڻ- پسند هئڻ- ڀلو لڳڻ- مرضيءَ موجب هجڻ)] ”دوستن جي ديس ۾، دَستُور سَڀڪو دِل وَٽان“

· دل وياچُ ڪرڻ: [اصطلاح (اندر سان اورڻ- اندر ۾ وندر ورونھن ڪرڻ- پاڻ سان ڳالهائڻ)] ”ڪَر دِل وِياچي ڪو ڌِيان، مَحشر اَٿئي مَھندان مِيان“

· دل هَڻڻ:      [اصطلاح (هٻڪڻ- پَھُه پچائڻ- ڳڻتي ڪرڻ- وهم ڪرڻ- خيال ڪرڻ)] ”دَم هَڻان، پڻ دِل هَڻان، دَم تي مَتان مُون دَم پُڄي“

(نوٽ: مٿيان اصطلاح ’ڪليات احمد‘ 2017، ڀاڱي پھرئين ۽ ٻئين مان ورتل آهن، جنھن کي پروفيسر ضرار رستماڻيءَ سھيڙيو آهي.)

·        حاصل مطلب/ نچوڙ

·           اصطلاح جي مراد ٻوليءَ جي ڳالهايل يا لکيل بيان/ جملي جو اهڙو جز جيڪو فعلي صورت ۾ ڪنھن جملي ۾ لغوي معنى کان هٽي ڪري ٻوليءَ ۾ رواج پٽاندر يعني لغوي اعتبار کان ٻي معنى ڏئي.

·           سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي جي جز واري اصطلاح جو گهاڙيٽو ’فعلي صورت‘ ۾ هجڻ، مناسب ڄاتو ويو آهي، جيئن: ٺڪر ڀڃڻ. جملو: هن مون تي ٺڪر ڀڳو.

·           ’اصطلاح‘ جي حيثيت جو پتو ڪنھن ڳالهايل يا لکيل جملي مان ئي پوندو آهي. فرض ڪريو ته ’اک لڳڻ‘ جو اصطلاح گهٽ ۾ گهٽ ٻه معنائون رکندو آهي: ’ننڊ جو سوپو اچڻ‘ ۽ ’ڪنھن سان پيار ٿيڻ‘، جيستائين ان کي ڪنھن جملي ۾ استعمال نه ٿو ڪجي، تيستائين ’اک لڳڻ‘ جي معنى واضح نه ٿيندي.

·           مولوي احمد ملاح بيشڪ مختلف ٻولين جو ماهر هيو، ليڪن مادري ٻوليءَ هجڻ نسبت، هن کي پنھنجي ٻوليءَ تي سٺي دسترس هئي، ان ڪارڻ سندس ڪلام مان ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جو استعمال ڏاڍو ڀلو ۽ وزندار محسوس ڪيو ويو، جيئن: دل اڌ ٿيڻ (گهڻو ڏکارو ٿيڻ- پريشان ٿيڻ) ”اَڌ دِلو ٿيو، دِل به اَڌ ٿِي، رَحم سان رَب! ريـڙِهيـين“

حوالا/ ذريعا

ü               جوکيو، الطاف حسين (2009) سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ. ايڊيٽر تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 2 (3)، 106- 143. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

ü               جيٽلي، مرليڌر (1996ع) سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

ü               سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (1993ع) اصطلاحن جي اصليت- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي ڪراچي/ لاڙڪاڻو.

مددي ڪتاب

ü               بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960- 1985) جامع سنڌي لغات {جلد 1 کان 5} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

ü               رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org