شبنم گل
حيدرآباد
شل ڪا باهه لڳئي!
ٺري ميرواھ جون مُندون به عجيب ٿين. ڏينهن
گرم ته راتيون ٿڌيون. اڄ به باھ ٿي وسي ڄڻ ته.
مٿان بجليءَ جي اچ وڃ بيزار ڪري وڌو ھو.
مھرالنساءِ جيڪڏھن بجلي نه ھوندي ته وڄڻو ھٿ ۾
ھوندس ۽ اڱڻ ۾ نم جي وڻ ھيٺان کٽ تي ليٽي الاءِ
ڇا پئي سوچيندي ھئي. شايد ڪا ماضيءَ جي ڳالھ، ڪو
پراڻو ڏک يا ڪجهه به.... ...
ماڻهوءَ جي سوچ ڪا ٿوروئي ٿي پڙهي سگهجي.
انسان جي ذهن ۾ اڻ کٽ دنيائون ٿين. ھڪ پل ۾ ھو
ماضيءَ ۾ ھوندو ته ٻئي پل مستقبل ۾. مھرالنساءِ جي
چھري جي تاثرن مان لڳندو ھو ته ھوءَ حال جي لمحن
مان غائب آھي. ھوءَ ان ڏينهن وجود وڃائي ويٺي جڏھن ابي اکيون
پوريون. ھوءَ پيءُ جي لاڏلي ھئي. لاڏلا ٻار وري
گهٽ ڪنهن سان ٺھندا آھن. پنهنجي مرضيءَ جي دنيا
ھوندي اٿن. ٻار کي لاڏ ڏيڻ کيس معذور ڪرڻ جي برابر
آھي.
مھروءَ کي ھڪ ڌيءُ بختاور ھئي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم
حاصل ڪري رھي ھئي. ھاسٽل ۾ رھندي ھئي. البت مامو
سارسنڀال لھندو ھئس. ڪڏهن
ڪڏهن
پيءُ وٽ
به
رھندي ھئي.
ھُو
پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ھيون ۽ کين ٻه ڀائر ھئا، جن مان
ھڪ ڀاءُ ڪراچيءَ ته ٻيو ڪينيڊا ۾ رھندو ھو.
سندس وڏي ڀيڻ فخرو بيواھ ھئي. کيس چار ٻار
ھئا. سندس وڏي پٽ سارنگ کي لاھور ۾ نوڪري ملي ھئي.
ڪيڏن ڪشالن سان پڙھائي ڪيائين. ننڍيون وڏيون
نوڪريون ڪري پنهنجي تعليم جو خرچ پورو ڪندو ھو ۽
گهر به ڪجھ پئسا موڪليندو ھو. ننڍي ڀاءُ
کي به لاھور ۾ پڙھائي رھيو ھو. ھن ھڪ نياڻيءَ جي
شادي ڪري ڇڏي ھئي، البته ننڍي زھرہ ميٽرڪ جي
شاگردياڻي ھئي.
مھرالنساءِ جي زندگيءَ
جو الميو اھو ھو ته ھن جي گهر واري ٻي شادي ڪري
ڇڏي ھئي، جنهن جو کيس سخت ارمان ھو.
”شڪر
ڪر اولاد اٿئي“. فخروءَ چيس.
”پٽ جو اولاد ھجي ھا جيڪر“. مھروءَ ڊگهو ساھ کنيو.
”پٽ
وري ڪھڙو تاج پارائين ٿا“. فخروءَ وراڻيو.
ڪمري مان ٻاھر مرڪندي بختاور نڪتي ڄڻ ٽاريءَ
تي ڪو گلابي گل ٽڙيو.
”امان!
منهنجي مٺڙي امڙ“، بختاور کيس پيار سان ڳراٽڙي
پاتي، پر مھروءَ کيس ڪو جواب نه ڏنو ته ھوءَ ٿوري ڪومائجي وئي.
”ھا
چئه ڇا آھي؟“ مھرو سندس خاموشيءَ
کي محسوس ڪندي پڇيس ـ
”امان
مون سان ڪراچي ھلي رھ نه ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريائين،
مامي جو گهر آھي اتي رھنداسين.“ لاڏ ڪندي بختاور
چيوـ
”ھا
ادي وڃي ڪراچي گهمي اچ نئين سنئين ٿي ايندينءَ ۽
خيال مٽبئي.“ فخروءَ صلاح ڏنس.
”نه
باھ ڏيان ڪراچيءَ کي.“ نفرت سان چيائين.
”ڪا
وائي ته سڻائي ڪڍ وات مان ڪھڙي گهڙي ڪھڙي ڪا ساعت
ڪھڙي.“ فخروءَ
لفظن جي الر ڪندي چيو.
”باھ
لڳيئي تون نه ڳالھائي وچ ۾ سڄو ڏينهن منھنجي ڪڍ
باھ ٻاري ڇڏي اٿئي.“ مھروءَ اکيون ڦوٽاريندي چيو.
فخرو سمجهي وئي ته حميد ٻي زال سان ڪراچي
۾ رهي ٿو انڪري ڪراچيءَ کان نفرت اٿس.
ٿوريءَ ڳالهه تان مھرو وڙھي پوندي ھئي،
گهر جو ماحول اداسيءَ
۾ ويڙھجي ويندو ھو، سندس تڪيو ڪلام ”شل ڪا باھ لڳئي“ کان
فخرو کي سخت چڙ ھئي. مھروءَ کي ھلندي ٿاٻو ايندو يا ڪنهن جي ھٿن مان
گلاس ڀڄندو ته رڙ ڪندي شل ڪا...
مڙس جي ڌڪاريل عورت جي اندر ۾ نفرت جو
دوزخ ٿو ٻرڻ لڳي!
پر فخروءَ جو تڪيو ڪلام ھو ”شل ڪا پاڙ
سائي ٿيئي“ انڪري سندن زندگيءَ ۾ ڏکن جي باوجود
ساوڪ ھئي. معاملا خراب ٿيندا ھئا، پر ڪو نه ڪو حل ملي پوندو ھو. شايد ھر
گهر جو ڪو نه ڪو تڪيو ڪلام ھوندو. ممڪن آھي ان ئي
حساب سان سندن حالات به.
فخروءَ
کي وڏڙن کان اھا تربيت ملي ھئي ته چڱا لفظ
ڳالهايو جيئن خير ٿئي. پر مھرانساءِ تي ان سکيا جو ڪو اثر نه ٿيو،
ھوءَ نه سَھُو ۽ ڪروڌڻ ھئي. فخرو گهڻي ڪوشش
ڪئي ته ھوءَ
زندگيءَ ڏانهن واپس وري، گهر جي ڪمن ڪارين ۾ سندس
ھٿ ونڊائي ۽ ھڪ سٺي زندگي گذاري. آخر کيس اولاد
آھي. ماءُ اولاد جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيندي آھي. ھيءَ
ڪھڙيءَ ماءُ آھي آخر؟
فخرو ھمت واري ھئي. جيستائين والدين حيات
ھئا سندن سھارو ھئي. ڀائرن ۽ ڀينرن جو خيال،
خاندان ۽ پاڙي وارن جي ڏک سک ۾ شامل، دنيا سان گڏ
دين جا فرض نڀائڻ به کيس ايندا ھئا. ھر خاندان ۾
اڻ سھپ وارا گهڻا ھوندا ته اتي فخروءَ جھڙو به
ضرور ڪو ڪردار ھوندو، جيڪو خاندان کي ڳنڍي رکڻ سان
گڏ ان جو ڏڍ به بڻبو آھي. فخروءَ کي مڙس جي ملڪيت
مان زمين جو ننڍو ٽڪر ۽ ٻه ٽي دڪان ھئا، جيڪي
ڪرائي تي ڏنل ھئس. باقي خرچ سلائي ڪري پورو ڪندي
ھئي. گهر جنهن ۾ ٻئي ڀينر رھن ٿيون سو وڏي ڀاءُ جي
نالي ھو. زمين جو ڪجهه ٽڪرو ٻئي ڀاءُ کنيو باقي
ڀينرن جي حصي ۾ ڪجھه نه آيو. ڀينرون مُروت ۾
خاموش رھنديون آھن. سو ھُو به نه ڪُڇيون. جيستائين
ڀائرن رھايو ته سندن در تي پيون ھونديوسين،
جي اٿاريائون ته يا نصيب!
وچ ۾ ڀائرن گهر کپائڻ جو مسئلو اُٿاريو هو
حالانڪ گهڻي دولت دنيا ھئن،
ٻنهي ڀينرن جي گوڙ ڪرڻ تي ڀائر وڃي چپ ٿيا. ان گهر
۾ ابي امان جي وجود جي سرھاڻ هئي. ٻاروتڻ جي ڏينهن
جي سرهائي ۽ جوانيءَ جي خوابن جي ڪشش اڃان به گهر
جي پراڻين سِرن مان ليئا پائيندي محسوس ڪنديون
هيون. ڪڏهن والدين جو بند ڪمرو کولي سندن وجود جي سرھاڻ کي محسوس
ڪري آٿت ملندي ھين. مھرو اڪثر ننڊ جاڳ ۾ بابي جي
لٺ جو آواز ٻڌندي ھئي.
ڪڏھن لڳندو ھئس
اڇن ڪپڙن ۾ ڪو پاڇو ڀر مان لنگهي ويو،
ڌيئرن جي گهرن سان جذباتي ڳانڍاپو ٿئي ٿو، باقي پٽ
ته گهرن کي فقط ملڪيت جي ساهميءَ ۾ توريندا آهن.
گهر تمام وڏو ھو پيءُ ماءُ وارا ڪمرا ۽
اوطاق بند پئي ھئي. فخروءَ جا ٻه ڪمرا ھئا. ھڪ ۾
ڌيءَ سان رھندي ھئي باقي ٻيو ڪمرو تڏھن کوليندي
ھئي، جڏهن پٽ ايندا ھئس. ھڪ ڪمرو مھرو جو ھو،
جيڪا بختاور جي ھاسٽل وڃڻ کانپوءِ سندس ڪمري ۾
اچي سمهندي ھئي. اڪثر کيس آواز ايندا ھئا.
اڪيلائيءَ کان ڀوءُ ٿيندو ھئس.
فخرو، ڀيڻ کي پيءُ ماءُ جي وفات يا مڙس
جي ٻي شاديءَ کانپوءِ روئيندي نه ڏٺو ھو. ھوءَ
کلندي به بنهه گهٽ ھئي. شروع ۾ جڏهن پيءُ گذاري
ويو ھئس ته طبيعت گهڻي خراب ٿيس ته ڊاڪٽر چيو
ھو ته ڪوشش ڪيو ته روئڻ اچيس نه ته وڌيڪ بيمار ٿي
پوندي. فخروءَ گهڻي ڪوشش ڪئي ته ھوءَ ڏکن جي حقيقت
کي قبول ڪري، پر ھن ته ذهن ۽ دل جا دروازا بند ڪري
ڇڏيا ۽ پنهنجي دنيا ۾ گم رھڻ لڳي. خاموشي ڏکن سان
مھاڏو اٽڪائڻ ۽ روئڻ انهن جي قبوليت آھي. ڏکن جي
قبوليت ۾ چڱائي آھي. ٺريءَ جا منظر وڻندڙ ھئا، ڪٿي پٽ ته ڪٿي
ڀِٽون، گهر جي چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ هئا. ڀرسان واهه
جو وڻندڙ نظارو هو. گهر ۾ بابي هٿ سان ٻوٽا ۽ وڻ
لڳايا هئا. اڱڻ جي وچ ۾ نم جو وڻ به ابي جي وجود
جيان آٿت پيو ڏيندو هو. امان ۽ بابا وڻ هيٺان پيل
کٽ تي ويھي، ڪچھري ڪندي نظر ايندا هئا، پيارا رشتا
نه رهن ته سندن پوئتي ڇڏي ويل نشانين مان آسيس پئي
ملندي آهي. ان ڪري ٻنهي ڀينرن کي اهو گهر ۽ نم جو
وڻ جان کان به وڌيڪ عزيز هئا.
ھوڏانھن بختاور کي ماسي فخروءَ مان ماءُ
جي آسيس ايندي ھئي ان تي مھرو کي ڪاوڙ لڳندي
ھئي. فخروءَ کي خبر ھئي ته بختاور کي سارنگ پسند
ڪندو ھو. ھوءَ به موقعي جي ڳولا ۾ ھئي ته سڀ گڏ
ٿين ته ھوءَ ڳالھ کي اڳتي وڌائي.
شام جو سج کجيءَ جي لامن ۾ اٽڪيو بيٺو ھو،
ھوا جي جھُوٽن تي رکي رکي ٽارين مان آزاد ٿي مڪمل
تاب سان جرڪڻ لڳندو ھو، جنھن جو ھڪ حصو تلاءَ جي
پاڻيءَ ۾ مور جيان رقص ڪرڻ لڳو، پوئين پھر جو سج
گهر جي نم جي چوٽين تي سونين والين وانگر جرڪڻ
لڳو، بختاور ماءُ جي وارن ۾ ھوريان ڦڻي ڏيئي رھي
ھئي. شايد ھن چڱي وقت کان وارن کي ڦڻي نه ڏني ھئي.
وارن ڇڏائڻ لاءِ بختاور ھلڪي سٽ ڏنس ته رڙ ڪيائين.
”شل
ڪا باھ لڳئي!“
ان وقت بختاور ماءُ جي وارن مان ھٿ ڪڍي
اندر ڪمري ۾ ھلي وئي. ھونئن ته سدائين پئي پٽون
پاراتا ٻڌندي ھئي اڄ الاءِ ڇا ٿيس جو دل ڀرجي
آيس.
”ڏائڻ
ڪنھن جاءِ جي رڳو پئي بد شد بڪي. نياڻيءَ کي ائين
چئبو آهي ڇا؟“ منھن ڦٽائي فخروءَ چيو.
ڳوٺ
جا منظر بختاور کي وڻندا ھئا ۽ اونداھيون ستارن
ڀريون راتيون جن ۾ چلوِلي
ساوڪ جي سُرھاڻ پئي سُر
وکيريندي ھئي. ان گھري رات ۾ جيتن جي جهونگار جا
سُر، رکي رکي ٽيٽيھر جي ٻولي ۽ چُلھين مان اُٿندڙ دونھين ۾ لڙاٽيل رات جي مانيءَ جو ھُڳاءَ
ذھن کي خمار ۾ ويڙھي ڇڏيندا ھئا. ڳوٺ ايندي ھئي ته
کڏ تي رکيل کٽ تي آھلجي پئي ستارن کي ڏسندي ھئي.
اباڻي ڳوٺ جا رنگ ئي الڳ ٿين، پر اھا رمز ھرڪو نه
ٿو پرکي .
اڄڪلھه
ته ماڻھن اباڻا شھر وساري ڇڏيا
.....
لھندڙ سج جا ڪرڻا ساوڪ تي جرڪڻ لڳا ته
سائو رنگ تھائين گھَرو ٿي پيو. قدمن جي آواز تي
ڇرڪي پوئتي نهارڻ سان سارنگ نظر آيس .
”سارنگ
تون؟“ حيران ٿي چيائين.
”ھاڻ
پھتو آھيان. مون کي پڪ ھئي ته مٿي سج لھڻ جو لقاءُ
ڏسندي ھوندينءَ.“
سارنگ مُرڪي چيو.
”ھا
ھن ڳوٺ جي سج لھڻ جي منظر جھڙو شايد ڪو ٻيو منظر
ھجي!“ بختاور مانَ سان وراڻيو. سندس ڳلن تي سج جا
لھندڙ ڪرڻا ڏسي کيس لڳو ھن جي ڳلن تي صوفن جا رنگ
وکري ويا ھجن ڄڻ ته. ساوڪ ھن جي ڳلن آڏو آڻ مڃي
ڇڏي. نگاھن ۾ گهڙيون امر ٿي ويون سدائينءَ لاءِ ....
محبت درد جو درمان ٿي پوي ٿي.
محبت اکين سان اکٻوٽ کيڏڻ لڳي، خاموشين جا
رنگ تکا ٿي ويا ۽ لفظ پنهنجو حسن وڃائي ويٺا.
احساس، احساس سان ائين ملڻ لڳو ڄڻ، بادل ھوائن سان
ملندا آھن. گل جي نرم پنکڙين ۾ لڪل ڪو راز ھو،
جيڪو محبت تي ھوريان ھوريان ظاھر ٿيڻ لڳو.
بختاور کي ڪراچيءَ جي وڏي اسپتال انٽرويو
لاءِ گهرايو ھو، انڪري تمام گهڻي خوش ھئي،
سڀاڻي وڃڻو ھئس. رات جو سڀ رڌڻي ۾ گڏجي ويٺا.
رڌڻي ۾ گيس سان گڏ چلھ جو انتظام پڻ ھو. ڇو ته
بجليءَ سان گڏ گيس جي لوڊ شيڊنگ ٿيڻ لڳي ھئي،
چوڌاري موڙا رکيل ھوندا ھئا، بجلي نه ھوندي ھئي ته لالٽين طلسماتي اثر پيدا ڪري ڇڏيندي
ھئي.
”ماسي!
مون جيڪي خواب ڏٺا سي پورا ٿيڻ وارا آھن. نوڪري
ملڻ کان پوءِ مان گھر وٺندس جيئن امان مون سان ھلي
ته پوءِ مان سندس سٺن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندس.
امان کي خوش رکندس.“
خواب نه ھئا پوپٽ جا رنگ ھئا، درياء جون
لھرون ھيون، آسمان ۾ اُڏامندڙ اڇن پکين جا کنڀ
ھئا. سندس ڳالھ ٻڌي فخرو مرڪي، پر مھرالنساء
خلائن ۾ ڪجهه ڳوليو ٿي.
بختاور جو جيءُ جهري پيو.
مھروءَ جي ماٺ محسوس ڪري فخرو ٿڌو ساھ ڀريو، ٻالڪپڻي ۾ مھرو زندگيءَ سان ڀرپور ٻار
هئي. ھوءَ جوانيءَ ۾ تمام گهڻي شوخ ۽ کلڻي هوندي
هئي. گهر ۾ سندس ٽھڪ پيا گونجندا هئا، شاديءَ
کانپوءِ خاموش رهڻ لڳي. ضرور ڪي مسئلا هوندا پر
گهر ۾ ڪابه ڳالهه نه ڪيائين. وقت ۽ حالتن کانئس
مرڪون ۽ ٽھڪ کسي ورتا.
ٻئي
ڏينهن بختاور جي وڃڻ کانپوءِ مھرو کيس ياد ڪري
نِير وهائڻ لڳي. خبر نه آهي ڇو هوءَ حقيقت کان
منھن موڙي پاڇن جي دنيا ۾ رهڻ لڳي آهي. فخرو سوچڻ
لڳي.
بختاور جو انٽرويو سٺو ٿيو ھو. ماما ظھير
جي گهر ڪجھه وقت رھڻ جو ارادو ھئس. ڪافي گهمي ڦري،
ماءُ،
ماسي، سارنگ لاءِ سوکڙيون ورتائين. خوابن جي ساڀيا ويجهي ھجي ته چھري جا رنگ
گل مھر جي گلن جيان مھڪڻ لڳندا آھن، سارنگ کي پائڻ
جي احساس سندس اکين ۾ انوکو سُرور اوتي ڇڏيو ھو. سرتين سان سارنگ جون
ڳالهيون ڪندي نه ٿڪبي ھئي، زندگيءَ ڏاڍو ڏکويو پر
سک به ڏنائين، ڪير ٿو چوي ته زندگي ڏکي ۽ نامھربان
آھي! ھوءَ دير تائين جاڳندي ۽ سوچيندي رھي.
ٻئي ڏينهن ٺريءَ واپس وڃڻو ھئس، سامان
پيڪ ڪري رکيائين،
سارنگ جو سوچي موسم جا رنگ ٽڙي پيا سندس مرڪن تي.
شام جو چانھن ٺاھڻ رڌڻي ۾ وئي ته الائي
ڪيئن رئي کي باھ وڪوڙي ويس، ريشمي ڪپڙا پھريل ھئس
انڪري باھ جا الا ڀڙڪي اٿيا.
”سندس ڪيھُن تي مامو مامي ڊوڙندي آيا.“
”ياحسين باھ!“ ماميءَ
رڙ ڪئي.
ماميءَ جلدي سان چادر وڌس،
فضا ۾ چمڙي سڙڻ جي باس وکري وئي.
جلدي ايمبوليس گهر ايائون. تڙتڪڙ ۾ پڻس حميد کي اطلاع ڏنائون، کيس ايمرجنسيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو، پر رات
تائين دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. ٻئي ڏينھن خوابن
جي رک گهر پھتي !
محمد علي پٺاڻ
ڪراچي
ٻه
ننڍيون ڪهاڻيون
(1) ڏک ۽ ذميواريون.....
مھمان ٿي دوست جي اوطاق ۾ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس مس، ته ڏٻرڙو ٻليءَ جو ٻچڙو
اچي پيرن ۾ پيو،
”ڌاريو ٿَئي ڇا؟“ ان تي پيارَ جو ھَٿُ ڦيريندي دوست کان پڇيم.
”نه سائين، ھڪ ٻلي ٻه اڍائي ڏينهن ٿِيا،
ڇڏي وئي ٿَسِ. جو ويم ڪنديون ھَنِ ته، ھڪ ھڪ ڪري
ماڻهن بقول، ھر کيرَ پِياڪ ٻچي کي لازمي طور ستن
گهرن يا ھنڌن تي مَٽائي سَٽائي ڇڏي ھليون وينديون
آھن. پو ءِ چوويھن ڪلاڪن ۾ ھڪ دفعو انھن کي اُتي
اُتي وڃي کيرُ پيئارڻ جي ذميواري بخوبي نڀائينديون
آهن. پر اڄ الائي ڇو سڄو ڏينهن گذري ويو آ، ھِنَ
کي کيرُ ڪو نه پياري وئي آ...“ دوست ٿوري ساھي کڻندي ڳالھ جو سلسلو جوڙيو،
”شايد انڪري صبح لاڪون مِيڪنديِ رھي آ.
اسان کوڙَ شيون ۽ کيرُ ڏنوٿَئونسِ،
نه اُھي کائي ٿي، نه پيئي ٿي، رڳو پئي ٿي دانھون
ڪري...
“
.......
رات جو ڪمري ۾ پيل ٻن کٽن تي سمھياسون، ته
ٻليءَ ٻچڙي جو مِيڪڻ آرامَ ۾ خَلَلَ جو باعث بڻيو.
دوست اُٿيو، ھَٿَ ۾ کڻي اوطاق جي پوئين پاسي ھليو
ويو.
موٽيو ته چيائين،
”اتي پيلَ پَلالَ جي ٻِنڊُنِ کان ڪُجهه
پرڀرو ڦِٽَلَ مَنھِينءَ ۾ ڇڏي آيو آھيانس. جتان
مِيڪَڻَ جو آواز سڃاڻي، ماڻس، ڏانھس ضرور ويندي...“
صبح جو اٿڻ سان منھنجي نظر ڪمري ۾ ڦيرا
پائي ڪُنڊن پاسن ۾ ڪجهه ڳوليندڙ پريشان ٻليءَ تي
پئي. تڏھن ھڪدم خيال ان جي ٻچڙي ڏانھن ويو. اکين ۽
چھري ڏانهن ڏٺومانس، ته مامتا تڙپندي نظر آئي..
وڌيڪ ڏسڻ جي ھمٿ نه ساري اوڏي مھل ڪمري
مان ٻاھر نڪري آڳر تي آيس. ھوءَ به ڪَڍَ ڪَڍَ
مايوس مُکَ ۽ دردناڪ مُنھن سان ھلي آئي. ھَٿُ کڻي
اِشارو ڪيو مانس اوطاق جي پاسي جو، ته تڪڙو ڀِتِ
تي چڙهي اوڏانھن ھَلي وئي...
........
دوست اُٿيو، ته اھا ماجرا ٻُڌائيمانس.
چيائين،
”ھَلُ
ته لانڍيءَ ۾ ماڻس کيرُ پيئاريس، ته کڻي اچئونس...“
وياسين، ته اھو
ٻچڙو
زخمي ٿيل ۽ مُئل حالت ۾ نظر آيو. ڀرسان ٻلي ويٺي ھُئي، بيحد
ئي سوڳوار روپَ ۾...
”اجايو اُڇليومانس. اندازو ئي نه ھو، ته
ھيڏو وڏو حادثو ٿي ويندو...“
دوست ڏکاري لھجي ۾ چيو...
ان غمناڪ ڪيفيت ۾ بيٺا ئي ھُئاسون، ته ٻلي
ھوريان ھوريان ھلندي اسان آڏو گذري ٿورڙي اڳتي ٿي،
ته دوست وساڻل لفظن ۾ چيو،
”شايد
ٻِئي ٻارَ ڏانھُن، ان کي کيرُ پيئارڻ پئي وڃي...!“
*****
(2)
گهَرُ ۽ وَرُ.....
”اڄ وري سوڍيءَ سان شَمون وڙھيو آ. مٿي ۾
کَٽ جو پائو ھنيو ٿَئِينسِ. رت ڳاڙيندي پھتي. ھاڻي
ھاڻي اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي آئي آھيانس.“
زال سيل فون تي ٻڌايو، ته ڪوچ ۾ ويٺي ڌرڙي نڪري
وئي.
”ھن دفعي نه ڇڏيندوسانس. سدائين مذاقون ڦٻي
ٿيون وڃنسِ. پھچان ته فرياد ڪري خون جي ڪيسَ ۾ ٿو
اڳڀرو ڪرايانس.“
”ھا، ائين ئي ڪَرِ. ويچاريءَ سُکُ ئي ڪھڙو
ورتو آ مُئي ڪاسائيءَ جي گهر ۾. ٻه وَسَنِ جھڙيون
شھزاديون ڌيئر ڄڻي ڏنيون ٿَئِينسِ. پُٽُ ھن جي
وَسَ ۾ ته ڪونهي نه، جو ڄڻي ڏئيسِ. ڊاڪٽرن به چيو
ٿَسِ ته، اِھا ڪمزوري تو ۾ آ. تڏهن به مَتِ نه ٿي
اچيسِ. ڦِري ڦِري ڏوھَ سوڍيءَ تي ئي ٿو ڏئي ۽ ھاڻي
به اھو اَئوٽو ڏئي ٻهِ ھَٿياڙيو پائو ھڻي مَرڻ
جيئڻ جي نه ڪئي ٿَئين.“
”مان ٻن ڪلاڪن ۾ پھچان ٿو. اڳيون پويون سڀ
ڪسرون ڪڍانس ٿو. سوڍيءَ جي طبيعت ڪيئن آ؟“
”مٿي جي ھڏي کي ٿوري چَٻَ آئي ٿَسِ. سورَ
جون دانهون ڪري ٿي،
پر ڊاڪٽرن خطري جھڙي ڳالهه نه ڪئي. نه ته مان ته
داخل ڪرڻ وئي ھُئيمانس.“
”ٺيڪ آ. خيال رکجانس ۽ ڌيئر به سنڀالجانسِ.
ھاڻي اھي سوڍيءَ سميت پاڻ وٽ رھنديون. انهن جي
کارائڻ ۾ مالڪ نه کُٽائيندو.“
”ائين ئي ڪر. ڇڏاءِ ويچاريءَ جي سورن مان
جِندُ. مان ھن جھڙي سٻاجهڙيءَ جو ٻيلپو ڪندي ڪڏهن
اِرھي نه ٿينديس. ڇو ته ھيءَ منهنجي نِڙانَ نه سنگتياڻي به
آهي. گهر ۾ ھونئن ئي تنهنجي امڙ جي لاڏاڻي کان
پوءِ اڪيلو پئي گذاريم. ھن ھوندي ھاڻي نه رڳو
منهنجي دل جي، پر گهر جي رونق به وڌندي. چڱو، تون
خيرَ سان پَھُچُ.“
زال فون بند ڪئي، ته مان خيالن جي جھانَ ۾
شمونءَ کي ھٿڪڙين ۾ جيل ڀيڙو ڪندي پنهنجي ھنيانوَ
جي باھِ ماريندو رھيس..
ڪوچ منزل تي رسايو ته پنڌ وڃڻ بجاءِ رڪشا
۾ چڙهي گهر پھتس.
ٻاھريون در ٽپي اندر پيرَ ڌريندي زال کي
چيم،
”سَڏُ
ڪر سوڍيءَ کي ته وڃئون ٿاڻي تي.“
”ھوءَ ته اِجهو ھاڻي وئي.“ زال وراڻيو،
”تنهنجو شمونءَ تي فرياد ڪرڻ جو ٻڌايومانس، ته بنا دير برقعو
مٿي ۾ وجهي ڌيئن کي اڳ ۾ ڪري ويندي چوندي وئي،
اُھي چريون مايون ھونديون آهن، جيڪي ايڏين معمولي
ڳالهين تي گهَرُ ۽ وَرُ ڇڏينديون ھَنِ. مان نه
ڇڏينديسِ!“ |