اعليٰ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ’طالب
الموليٰ‘ پنهنجي مختلف النوع علمي، ادبي، قومي،
تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ جا شهرت، دوام
حاصل ڪئي آهي، اهائي سندن تعارف لاءِ ڪافي آهي.
سندن محبوب ۽ جامع صفات شخصيت ۽ فن، ڪنهن به رسمي
تعارف جا محتاج ناهن.
جيستائين سندن فني مقام جو تعلق آهي، افسوس آهي
جو اڄ تائين ڪنهن به ناقد محقق ان متعلق علمي ۽
فني لحاظ سان تنقيدي جائزو نه ورتو آهي؛ ڪنهن به
اهل قلم، سندن فن جي خصوصيات تي بحث نه ڪيو آهي.
ورنه سندن شعرو شاعري، سنڌي ادب ۾ جو مقام حاصل
ڪيو آهي، اهو ائين نظرانداز ڪرڻ جهڙو ناهي. هن قسم
جي مختلف النوع اصناف تي مشتمل رنگين ۽ دلنشين،
فڪر انگيز ۽ رقت خيز، روان ۽ دوان، چست ۽ برمحل،
پخته ۽ شسته ڪلام اگر يورپ تائين پهچي ها ته پوءِ
هوند ڪيٽس ۽ بائرن جي جمالياتي شاعري سان مقابلي ۾
آڻجي ها. ذوق جماليات جي لطيف کان لطيف خيالات،
واردات، ڪيفيات ۽ حسيات جي عڪاسي ۽ ترجماني جا
حضرت طالب الموليٰ جي ڪلام ۾ موجود آهي، ان جو
مثال نٿو ملي سگهي. نه فقط پاڻ ڪلاسيڪي اصناف،
دوهي، بيت، ڪافي ۽ وائيءَ کي نئين سر اوجر ڏيئي،
ان جي پراڻن قدرن ۽ پراڻن معيارن ۾ جديد فن ۽ جديد
ماحول جي اثرات کي سموهيو اٿن، پر ان سان گڏ، تغزل
جي صنف ۾ به پنهنجي جدت افڪار ۽ جدت فن سان
استادانه اضافو ڪيو اٿن. سندن ڪلام جو مجموعي
تاثر، ذوق جماليات جي تشڪيل به آهي، ته انسان جي
اخلاقي قدرن جي تڪميل به آهي؛ سندن ڪلام ۾ زبان جي
سلاست ۽ روانيءَ سان گڏ، بيان جي رنگيني ۽ شيريني
به آهي. اهل دل ۽ اهل نظر لاءِ خيال آفريني ۽ نڪته
طرازي به آهي. زباندانن لاءِ سنڌي زبان جي لغوي
صحت ۽ درست استعمال لاءِ نادر مثال به آهي، ۽
منجهس خيالات جي افاديت سان گڏ، محاورات ۽
اصطلاحات جو وافر ذخيرو به موجود آهي، ۽ هڪ صاحب
ذوق ۽ شعر فهم جي اعليٰ ۽ اُچي شعري معيار جي
تسڪين لاءِ جاذب نگاهه عنصر به آهي.
مولانا غلام محمد گرامي
رسالو ’مهراڻ‘ 1/1969ع تان ورتل
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
لاڙڪاڻو
مولانا دين محمد ’وفائي‘
مشرقي ملڪ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽
پنهنجو ڪو ثاني نه ٿا رکن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي
ته تهذيب جي باک اوڀر مان ئي ڦُٽي، پر اڄ انهيءَ
جو حليو ئي بگڙي ويو آهي. ان هوندي به اڃا اهڙيون
نشانيون باقي آن جن کي ڏسي ڏندين آڱريون اچي وڃن
ٿيون. ليڪن انهيءَ رنگ برنگي رخ کان سواءِ تصوير
جو ٻيو پاسو به آهي. اونداهو ۽ عجيب!
شخصيتون مشرق ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ مغرب ۾ به جنم وٺن
ٿيون، انهن متعلق اسان اوڀر وارن جا به نظريا ٿين
ٿا، اولهه وارا به پنهنجي تنقيدي عينڪ سان شخصيتن
کي پرکين ٿا. کوپڙيون ته ساڳيون هڪجهڙيون آهن،
ليڪن مت نرالي آهي. اسان وٽ شخصيت جو عجيب نظريو
آهي. جيئري ته ڪنهن کي به جوان ڪري نه مڃيون پر
مُئي پڄاڻان پيا مڙس شير ڪري مڃيونس! هن چڪڻ مان
چڱو ڀلو چڙهي ئي ڪونه سگهي. ورلي ڪو وير لڀندو جو
هي ست ڪوٽ ٽوڙي جيئري پاڻ مڃائيندو! مولانا دين
محمد وفائي مرحوم انهن انسانن مان هڪ هو. هن نه
رڳو هڪ ميدان ۾ پاڻ مڃايو، پر زندگيءَ جي اهم شعبن
۾ پنهنجا جوهر پڻ ڏيکاريا. هُو هڪ ئي وقت ۾ عالم
به هو ته اديب به، صحافي به هو ته سياستدان به. هو
جهڙو به نظريو رکندو هو، انهيءَ نظريي سان آخري دم
تائين پڪو ۽ سچو رهيو.
هي مرد مجاهد ذري گهٽ ستانوي سال اڳ کٿي عرف نبي
آباد تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڀٽي خليفي حڪيم گل محمد
جي گهر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم شروع ئي مس ڪئي
هئي ۽ ’پندنامه عطار‘ تائين پنڌ مس ڪيو ته سندس
سونهون ۽ پيارو پيءُ هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
پوءِ فارسيءَ جي باقي تعليم پنهنجي عزيز مولوي
ميان محمد عالم وٽ پوري ڪري اچي وقت جي مشهور عالم
۽ بزرگ مولانا غلام عمر صاحب جتوئي جي حضور ۾ حاضر
ٿيو. پورا پنج سال چاهه سان سوني جتوئي جي صاحب
وٽان عربي جي تعليم حاصل ڪري، سندس ئي صلاح سان
ڪراچي روانا ٿيا.
هن عرصي دوران وفائي صاحب شعر و شاعري ۾ به دلچسپي
وٺڻ لڳو ۽ اسين سندس پهريون شعر ڪراچيءَ مان
نڪرندڙ ماهوار رسالي ’الاسلام‘
۾ شايع ٿيل ڏسون ٿا. ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ
وفائي صاحب جيلاني پيرن جي صاحبزادن جي تعليم لاءِ
راڻيپور روانو ٿي ويو. هن ئي دور ۾ پاڻ قاديانين
جي رد ۾ ’صحيفئه قادريه‘ نالي رسالو ڪڍيائون.
ٻن سالن جي عرصي پڄاڻان پاڻ راڻيپور ڇڏي اچي ٺلاه
وسايائون، جتي پير سيد حاجي
امام الدين شاهه جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ لڳا.
جمعيت العلماءِ سنڌ جي ناظم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ
ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو ۽ ٿوري عرصي کان سواءِ باقي
ڏهاڙا اتي بسر ڪيائون. وفائي مرحوم جي شخصيت ڪنهن
به تعارف جي محتاج نه آهي، هن پنهنجي زندگيءَ ۾
پنهنجي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ جهڙي نموني پاڻ پتوڙيو آهي
اها هڪ اڻٿڪ ۽ مسلسل جدوجهد آهي، اچو ته اسين سندس
سڀني رخن تي روشني وجهون.
(الف) صحافيءَ جي حيثيت ۾:
سه ماهي ’مهراڻ‘ جي سوانح نمبر 1957ع موجب:
”ڪراچيءَ جي رهائش وارو مولانا جي زندگيءَ جو حصو
خاصي اهميت رکي ٿو، خاص ڪري سنڌي صحافت، صحيح
معنيٰ ۾ انهيءَ دور ۾ ئي وجود ۾ آئي. ان وقت نه ڪي
سنڌي اخبارون ۽ رسالا گهڻي تعداد ۾ ۽ اعليٰ معيار
جا هئا، ۽ نه وري ماڻهن کي صحافت سان دلچسپي هئي.
حتيٰ ڪه پڙهيل طبقي جو به انهيءَ ڏانهن ڪو خاص
متوجه ڪونه هو. اهوئي دور هو، جڏهن مولانا صاحب
سنڌي صحافت کي سنوارڻ جو ڪم پنهنجي سر کنيو.
”1920ع ۾ جڏهن روزانه ’الوحيد‘ اخبار جاري ڪئي وئي
ته مولانا صاحب انهيءَ جو پهريون نائب ايڊيٽر ٿي
رهيو. ’صحيفئه قادريه‘ ۽ ’الحق‘ رسالا سندس محنت ۽
محبت جي رنگ ۾ رتل نظر اچن ٿا. هن صاحب 1923ع ۾ هڪ
رسالو ’توحيد‘ نالي جاري ڪيو ۽ انهيءَ کان پورا
پنج سال پوءِ پير حزب الله شاهه عرف جيئل شاه شهيد
جي سرپرستيءَ هيٺ سکر مان ’الحزب‘ هفتيوار اخبار
جاري ڪئي ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ وري اچي ’الوحيد‘ ۾
ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ۾ جڏهن ڪن اڻٽر سببن ڪري ’الوحيد‘
کي الوداع چيائون ته پوءِ شهيد الله بخش جي جاري
ڪيل ’آزاد‘ اخبار جي ايڊيٽري سنڀاليائون.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي نثر
جي تاريخ ۾ مولانا دين محمد وفائي مرحوم کي خراج
تحسين پيش ڪندي لکي ٿو ته: ”مولانا صاحب، صحافت جي
ميدان ۾، پنهنجي دور ۾، سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هن
ڏس ۾ لازوال خدمت ڪيائين. ڌن ۽ دولت کي ڪڏهن به
اهميت نه ڏنائين ۽ جڏهن به اهڙي آزمائش جو وقت آيو
ته هن لالچ کي لت هڻي پنهنجي اصولن کي بي داغ
بنائي ڇڏيو. سندس زندگيءَ جو مطالعو ڪندي اسان کي
خبر پوي ٿي ته سياست ۾ مٿس عبيدالله سنڌي، مولانا
امروٽي صاحب، الله بخش سومري، کان وٺي ابوالڪلام
آزاد ۽ مولانا شوڪت علي وغيره جن جهڙي شخصيتن جو
ڪافي اثر هو.“
(ب) ادبي خدمتون:
وفائي صاحب رڳو سياست ۽ صحافت جي قيد ۾ بند ٿي نه
رهيو، ليڪن سندس اورچ طبيعت هن کي اڃا به اڳتي وڌي
اچڻ تي مجبور ڪيو. هن جي قلم جي مس نه رڳو صحافت
جي سونهن بني، پر هن انهيءَ جي استعمال کي اڃا به
وسيع ڪري ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو هن ڪيترن ئي شخصي
ڪتبخانن ۾ ورق گرداني ڪري ڪافي ڪتاب لکيا. ’مهراڻ‘
سوانح نمبر 1957ع ۾ سندس لکيل ڪتابن جي وچور هن
ريت ملي ٿي:
1. تاريخ محمد مصطفيٰ، 2. صديق اڪبر،
3. فاروق اعظم، 4. سيرت عثمان، 5. حيدر ڪرار،
6. خاتونِ جنت، 7. غوث اعظم، 8. نو مسلم هندو
راڻيون، 9. راحت الروح تذڪره مخدوم نوح هالائي،
10. توحيد اسلام ترجمه تقويته الايمان، 11. اعتقاد
صحيح، 12. مقصد زندگي، 13. الختم علي فم الخصم،
14. لاجواب تحرير، 15. قرآني صداقت، 16. هندو ڌرم
۽ قرباني، 17. الهام الباري ترجمه تجريد البخاري
پنج جلد، 18. ترجمو فتوح الغيوب (تصوف، نامڪمل)،
19. تذڪره مشاهير سنڌ (نامڪمل)، 20. اظهار
الڪرامته في الخلافته والامامته، 21. انڪارحسين.
انهيءَ کان سواءِ ’لطف اللطيف‘ ۽ ’شاهه جي رسالي
جو مطالعو‘ پڻ سندس لکيل آهن.“
هن صاحب نه رڳو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ئي لکيا هئا، پر
ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي مضمون به
لکيا هئا، سندس مضمون نويسيءَ تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر
غلام علي الانا صاحب پنهنجي ڪتاب ’سنڌي نثر جي
تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سندس مضمون ۽ مقالا، هر
موضوع تي لکيل آهن. اسلاميات، سياسيات، اخلاقيات ۽
سماجي بهبوديءَ وارن موضوعن تي لکيل مضمون ۽ مقالا
وعظ ۽ نصيحت جهڙي اهميت رکن ٿا. مسلمانن ۾ جاڳرتا
آڻڻ لاءِ انهيءَ قسم جا ڪيترائي مقالا لکيائين.
پنهنجن مضمونن ۽ مقالن ۾ مولانا صاحب جيڪا ٻولي
ڪتب آندي آهي، سا پختي، پائيدار ۽ لغت جو ڀنڊار
آهي. هن جو هر مضمون، موزون ۽ وڻندڙ عبارت وارو ۽
سليس نثر ۾ آهي. سياسي، سماجي، ديني ۽ علمي مضمونن
۽ مقالن ۾ سندس بيان جي طرز ۽ ادائگيءَ جو حسن،
پراثر ۽ پرڪشش آهي.“
(ٻ) مذهبي خدمتون:
وفائي صاحب جي مذهبي زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ
۾ ڪيترن ئي شخصيتن جو هٿ آهي. ٻالپڻي دوران نو سال
سندس والد هن جي ڪچڙن ۽ ننڍڙن مذهبي خيالن جي
غويچن جي سرابي ڪئي ۽ انهن ۾ پنهنجو رنگ ڀريو. ان
کان پوءِ طالبعلميءَ جي زماني ۾ هو پورا پنج سال
سنڌ جي مشهور عالم ۽ بزرگ مولانا ابوالفيض غلام
عمر صاحب جتوئي سوني جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي جي نظر
هيٺ رهيا، جن جي شفقت کيس رچائي ريٽو ڪري ڇڏيو.
وفائي صاحب جن جڏهن پهريون دفعو ڪراچيءَ ۾ آيا ته
ان عرصي دوران سندس ملاقات مخدوم حسن الله
پاٽائيءَ سان ٿي جيڪو نه رڳو عالم هو پر ان کان
سواءِ عابد ۽ زاهد به هو. ظاهر آهي ته ان کان به
پنهنجي لياقت ۽ ذهانت سبب ڪجهه نه ڪجهه تاثر ورتو
هوندائون. هن ڏس ۾ سندن راڻيپور واري عرصي کي
نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان کانسواءِ ٺلاه ۾
رهندي به مولوي صاحب ڪيترين ئي علمي ۽ مذهبي
شخصيتن جي صحبت ماڻي هئي، جن مان قدوة العارفين
حضرت پير سيد محمد رشداللهؒ به هڪ هئا.
مٿي ذڪر ڪيل مذهبي شخصيتن کان متاثر ٿي، وفائي
صاحب مذهبي ميدان ۽ صحافت کي نئين راهه ۽ نئون ڊول
ڏنو، جنهن سنڌي صحافت تي دور رس اثر ڇڏيو.
هن ٻين مشغولين سان گڏوگڏ پنهنجي مذهبي پرچار کي
عام ڪرڻ لاءِ وس کان ڪين گهٽايو سندس مذهبي جذبات
جو اندازو سندس ئي تحرير (توحيد اپريل 1925ع) مان
لڳائي سگهجي ٿو، پاڻ لکن ٿا ته: ”توحيد جي جاري
ڪرڻ جو مقصد آهي ته، عام طرح سنڌ جي مسلمانن جي
اصلاح ڪجي، ۽ کين مذهبي ۽ تاريخي روايت کان واقف
ڪيو وڃي. ازانسواءِ، سنڌ جي مسلمانن ۾ تبليغ ۽
اشاعت اسلام جو جذبو پيدا ڪيو وڃي.“
وفائي صاحب، تبليغ ۽ اشاعت ڪندي تاريخ محمد
مصطفيٰ، صديق اڪبر، فاروق اعظم، سيرت عثمان حيدرِ
ڪرار ۽ ٻيا اهم ڪتاب تحرير ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف
پنهنجي مخالف فرقن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان ۾
نڪري اچي ٿو ۽ الختم علي فم الخصم (رد قادياني) ۽
انڪار حسين (رد شيع) جهڙا ڪتاب لکي ٿو.
سندس مذهبي پاليسي ۽ پروگرام جو ٽيون رخ غير اسلام
مذهبن ڏانهن مڙيل نظر اچي ٿو. انهيءَ جي تفصيلي
جائزي وٺڻ لاءِ اسين هتي مسٽر ڪريم بخش خالد جي
لکيل مضمون (پاڪستان تحريڪ جو پس منظر سنڌ ۾- نئين
زندگي آگسٽ 1971ع) جا ٻه اقتباس ڏيون ٿا.
”1923ع ۾ شڌي تحريڪ سببان لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ جا
سنجوڳي شيخ مرتد ٿيڻ تي هئا. پئنچات اڳيان هن گريه
و زاري ڪئي ته کين واپس پنهنجي ڏاڏاڻي ڌرم ۾ داخل
ڪيو وڃي. راڻيپور جي مجاهد پير حضرت ابومحمد صالح
شاهه کي خبر پئي. مولانا دين محمد ”وفائي“ حرڪت ۾
آيو. مولانا محمد صديق راڻيپوري سندس مدد لاءِ
نڪري نروار ٿيو. ’الڪاشف‘ رسالو جاري ٿيو. تبليغي
سرگرميون زور وٺي ويون ۽ انهيءَ فتني کي ٻنجو ڏنو
ويو.“
انهيءَ ڏس ۾ اسين ’مهراڻ‘ سوانح نمبر 1957ع جو
مطالعو ڪندي اهو معلوم ڪيون ٿا ته مولانا صاحب کي
1926ع ۾ انهيءَ ئي مذهبي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ لاءِ
ڪراچي کان ٻاهر رهڻو پيو، جنهنڪري ماهوار رسالو
’توحيد‘ بند ٿي ويو.
”هندن جي مذهب اسلام دشمني 1935ع ۾ نروار ٿي پئي
جڏهن نٿورام، راج پال جي انهيءَ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو، جنهن ۾ پيغمبرِ اسلام محمد مصطفيٰ ﷺ جن
جي شان ۾ گستاخي ڪئي وئي هئي. نه صرف ايترو پر
هندن مذهب اسلام خلاف هڪ منظم سازش هلائي ۽ ان
لاءِ ادبي ميدان کي استعمال ڪري ڇڏيو. ’سندري‘،
’ناٽڪ مهاراجا ڏاهر سين‘، ’تاريخ اسلام‘، ’قتل
حقيقت راءِ‘، ’وير درگاداس‘ ان ڇڪتاڻ جو نتيجو
آهن. وفائي صاحب به هن ڏس ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽
’قرآني الله ميان جي صنعت‘ جي جواب ۾ ’قرآني
صداقت‘ ۽ ’قرآني الله ميان جي تصوير‘ جي جواب ۾
’لاجواب تحرير‘ ڪتاب لکيا.“
(ڀ) وفائي صاحب جو سياسي روپ:
انگريزن جي اُرهه زورائين ۽ وعدي خلافين برصغير جي
هرهڪ محب وطن کي گهٽين ۾ نڪري اچڻ تي مجبور ڪري
ڇڏيو. ترڪي ڪافي عرصي کان مسلمانن جي اتحاد جو
مظهر رهيو ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ترڪي سلطنت
ڪمزور ساهه کڻڻ لڳي ۽ انهيءَ وقت ترڪيءَ کي ’يورپ
جو بيمار مرد‘ سڏيو ويندو هو. 1912ع ۾ بلقائي
رياستن، جن ۾ يونان به شامل هو، گڏجي ترڪيءَ تي
حملو ڪيو ۽ هن جنگ ۾ سئلونيڪا جي ايراضي ترڪن جي
هٿن مان نڪري وئي، جنهن تي برطانيه جي وزيراعظم
مسٽر لُسڪئٽ تبصرو ڪندي چيو ته: ”سئلونيڪا عيسائين
جو هڪ دروازو آهي.“ برطانيه جي هن پاليسي برصغير
جي مسلمانن جون اکيون کولي ڇڏيون. اڳتي هلي پوري
دنيا کي مهاڀاري لڙائيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. ترڪي
سلطنت هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. جنهن جي نتيجي
۾ برصغير ۾’خلافتِ تحريڪ‘ جو بنياد پيو. وفائي
صاحب هن پس منظر جو تاءُ کائي وڏو ٿيو ۽ شعوري
زندگيءَ ۾ قدم رکندي ئي پنهنجو پاڻ ملهايو. ڪنهن
تفصيل ۾ وڃڻ کانسواءِ ’جنب گذاريم جن سين‘ مان هڪ
اقتباس ڏجي ٿو:
”پهريون مهاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ، خلافتِ
تحريڪ شروع ٿي، ان ۾ هن (وفائي صاحب) شرڪت ڪئي، ان
وقت مولوي فيض الڪريم موري واري ڪن آفيسرن جي چُرچ
تي ترڪيءَ جي خليفي خلاف ۽ مڪي شريف جي فائدي ۾ هڪ
رسالو ’تحقيق الخلافته‘ لکيو. جنهن تي ڪيترن عالمن
۽ پيرن کان ڪامورن ذريعي صحيحون وٺي، ڇپائي، ان کي
عام ماڻهن ۾ ورهايو ويو. ان جي رد ۾ مولانا تاج
محمود امروٽيءَ جي نظرداري هيٺ وفائي صاحب رسالو
’اظهار الڪرامته‘ تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت
ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي ورهايو ويو.“
انهيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا
عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي شريڪ ٿيا هئا،
۽ جلد ئي پوءِ وفائي صاحب کي جميعت العلماءِ سنڌ
جو ناظم مقرر ڪيو ويو هو.
مولانا وفائي صاحب جي سياسي ڪردار ۽ خدمت کي چڱيءَ
ريت سمجهڻ لاءِ اسان کي هيٺين ٻن اقتباسن کي به
وسارڻ نه گهرجي.
سه ماهي ’مهراڻ‘ سوانح نمبر 1957ع جي صفحي 182
موجب: ”سن 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي صاحب سنڌ
۾ موٽي آيو ۽ سنڌ ۾ به عبيد الاهي تحريڪ شروع
ڪيائين. مولانا صاحب انهيءَ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن
ٿي رهيو، ايتريقدر جو سال 1943ع ۾ تحريڪ سان
والهانه محبت هئڻ سبب کيس ’الوحيد‘ سان لاڳيتن
ٽيويهن سالن جي پراڻن رشتن کي به ٽوڙڻو پيو.“
جناب جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘
جي صفحي 322-323 تي لکي ٿو ته: ”مولوي صاحب جا
مرحوم الله بخش سومري، وزيراعظم سنڌ سان دوستانا
تعلقات هئا. هن وزيراعظميءَ جي چارج وٺڻ بعد، 29
مارچ 1928ع تي، پنهنجي حڪومت جي پاليسيءَ بابت هڪ
بيان ڪڍيو هو. ان ۾ عهد ڪيو هئائين ته هو وس آهر
مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي وطن ڏي واپس آڻڻ جي
ڪوشش ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اهڙو ذڪر ڪرڻ ۽ پوءِ
مولانا جي اچڻ تي هن جو استقبال لاءِ وڃڻ، وغيره ۾
مٿس مولوي صاحب (وفائي) جي ذاتي اثر جو ڪافي دخل
هو. انهيءَ ڪري جڏهن مسلم ليگ ۽ (خانبهادر) الله
بخش جي وچ ۾ اختلاف وڌي ويا، ته هن (وفائي صاحب)
الوحيد مان استعيفا ڏئي، الله بخش وزارت طرفان
نئين جاري ڪيل اخبار ’آزاد‘ جي ايڊيٽريءَ جو ڪم
سنڀاليو.“
وفائي صاحب جي سياسي زندگيءَ جو جائزو وٺڻ کان
پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب پنهنجي نظرين ۽
اصولن جي ڀيٽ ۾ اڻ وسرندڙ ڪارناما سرانجام ڏنا.
(ت) وفائي صاحب ۽ سنڌي ٻولي:
’اعرابن جو مسئلو‘ سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ وڏي حيثيت
رکي ٿو. مرحوم علامه دائودپوٽه 1939ع ۾ تعليم کاتي
جو اعليٰ آفيسر هو. هن جي نظرداري هيٺ ان زماني ۾
سنڌي درسي ڪتاب ڇپجي رهيا هئا. اهي ڪتاب ڪراچيءَ ۾
رام پريس ۾ ڇاپيا ٿي ويا ۽ رام پريس مهاسڀائي
خيالن وارن هندو اڳواڻن جو آکاڙو هئي. ڊاڪٽر صاحب
ڪيترن لفظن تي اعرابن لڳائڻ جو اصرار ڪيو، جنهن جي
نتيجي ۾ هڪ طرف خرچ ۾ وڌيڪ تڪليف ۽ ٻئي طرف دير
سان ڪتاب ڇپڻ جو جواز وٺي، هندن جي اصرار کي مسئلو
بنائي ڇڏيو ۽ هن تي الزام هنيائون ته ڊاڪٽر صاحب
سنڌي ٻوليءَ سان هٿ چراند ڪري، کيس عربي رنگ ڏيئي
رهيو آهي. لعلچند امرڏنومل ۽ ڪاڪي ڀيرومل کانسواءِ
ٻيا هندو هڪ صف ۾ ٿي بيٺا ۽ مسئلو نازڪ صورت
اختيار ڪري ويو.
”نيٺ سنڌ سرڪار علامه آءِ.آءِ قاضي جي صدارت هيٺ
ڪميٽي مقرر ڪئي ته انهيءَ مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪري
رپورٽ پيش ڪري. انهيءَ ڪميٽيءَ تي پنج مسلمان
ميمبرن ۾ ڊاڪٽر صاحب، پير علي محمد راشدي، مسٽر
عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي ۽ شيخ
عبدالله عبد ميمبر هئا.“
1940ع ۾ جڏهن جي.ايم.سيد وزيرِتعليم ٿيو ته هن
انهيءَ وقت سنڌي علم ادب جي سڌاري لاءِ ’سنڌي ادبي
مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ قائم ڪيو، جنهن ۾ به وفائي
صاحب کي هڪ ميمبر ڪري کنيو ويو هو. هن بورڊ اڳتي
هلي سنڌي لغت ٺاهڻ جي رٿ پيش ڪئي. انهيءَ رٿ کي
پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ڇهن ميمبرن جي هڪ لغت
ڪميٽي ٺاهي ويئي. انهيءَ ڪميٽيءَ جو هڪ ميمبر
مولانا وفائي صاحب به هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار اسڪولي سنڌي ڪتابن
کي نئين سر جوڙڻ لاءِ جنوري 1949ع ۾ هڪ ڪاميٽي
ٺاهي، هن ڪاميٽيءَ ۾ به مولانا صاحب ڪم ڪيو.
آخر ۾ اسين وري اهي اکر چئي مضمون جي پڄاڻي ڪيون
ٿا ته مولانا دين محمد وفائي پنهنجي محنت پسند
طبيعت ۽ زندگيءَ جي اهم شعبن ۾ سنڌ ۽ سنڌي زبان جي
خدمت ڪرڻ ڪري هميشه هميشه اسان جي دلين ۾ آباد
رهندو.
مرحوم لاءِ اڪثر ڪري ائين سمجهيو ويندو آهي ته پاڻ
رڳو ’خلافتِ تحريڪ‘ ۽ ’جميعت العلماءُ‘
سان وابسته رهيا. اها حقيقت آهي، ليڪن ’خلافتِ
تحريڪ‘ جي خاتمي کان پوءِ پاڻ ’سنڌ محمدن
ائسوسيئيشن‘ ۾ به شريڪ ٿيا، ۽ انهيءَ ۾ ڀرپور حصو
به ورتائون. ساڳي ئي عرصي دوران ڪراچيءَ ۾ ’جميعت
المسلمين‘ نالي هڪ جماعت جو بنياد رکيائون ۽ پاڻ
انهيءَ جو پهريون صدر ٿي رهيو. هن جماعت ڪيترو وقت
ڪراچيءَ ۾ مذاڪرن ۽ مجلسن جو اهتمام ڪيو ۽ مختلف
مقررين انهيءَ جي پليٽ فارم تان پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪيو. ساڳي ئي عرصي دوران مولانا وفائي مرحوم
’جميعت العلماءُ سنڌ‘ جي اڳواڻن مان هڪ ٿي رهيو.
مولانا عبيدالله سنڌي جي سنڌ ۾ آمد کان پوءِ وفائي
مرحوم سنڌ ۾ ’اسلامڪ سوشلزم‘ نظام قائم ڪرڻ لاءِ
پاڻ پتوڙيو. جڏهن سنڌ ۾ ’مسلم ليگ‘ پير پختا ڪرڻ
لڳي ته هن بزرگ سنڌ جي ’وڏيرڪي مسلم ليگ‘ ۽ انهيءَ
جي منصوبن جي مخالفت ڪئي. سندن رسالي ’توحيد‘ جا
پرچا جيتوڻيڪ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شايع ٿيا، ليڪن
اهي ’موجوده پاڪستان‘ جو مڪمل عڪس پيش ڪن ٿا.
’توحيد‘ جا ’پاڪستان‘
۽ ’پاڪستان جي باني‘ تي لکيل ايڊيٽوريل سنڌ جي
سياسي ادب جي هڪ اڻوسرندڙ باب جي حيثيت رکن ٿا.
جڏهن پاڪستان ٺهيو ته هن بزرگ، سياست کان ئي بس
ڪري ڇڏي.
اهڙي نموني وفائي مرحوم لاءِ چيو ويندو آهي ته پاڻ
’سنڌ مدرسته الاسلام‘ ۾ استاد ٿي ڪم ڪيائون. سو به
نئين تحقيق ۽ وڌيڪ مطالعي جي روشنيءَ ۾ غلط ثابت
ٿئي ٿو. هن بزرگ سنڌ مدرسي جي مفاد ۾ ڪم ضرور ڪيو،
ليڪن ملازمت نه ڪيائون.[
حوالا:
(1)
مهرڻ سوانح عمر 1957ع
(2)
سنڌي نثر جي تاريخ: خواجه غلام علي الانا صاحب
(3)
جنب گذاريم جن سين: جي.ايم.سيد صاحب.
(4)
تواريخ پاڪستان: مترجم محمد ابراهيم جويو.
(5)
نئين زندگي ماه آگسٽ 1971ع (مضمون ڪريم بخش خالد)
عبرت 25 جولاءِ 1974ع (مضمون محمد اسماعيل
عرساڻي).
دليپ ڪوٺاري
مِٺي
سائين پمون مل عرف پرمانند ’پياسي‘
(ورهاڱي کان اڳ واري دور جو نرالو
۽ نمائندو ڪوي)
ٿر جي مڻيادار مٽيءَ مان ڪيئي هيرا لعل موتي ۽
ماڻڪ پئدا ٿيا آهن، جن جي جوت ۽ جرڪاڻ جو تيج
محسوس ڪرڻ لاءِ ماضيءَ جي مهيا ٿي سگهندڙ محفوظ
ڪاڳرن کي ڳولڻ ڦولڻ ڦولهڻ ۽ ڇنڊڻ ڇاڻڻ جي ضرورت
آهي. دڙن ۾ دٻيل ۽ ڀٽن جي ڀُورِي واريءَ مان به جڳ
موهيندڙ ڪردار جنميا آهن. ٿر جي ريگستاني خاڪ ۾ پڻ
صديون پراڻا گُڻائتا ۽ گمڀير گوهر لڪا پيا آهن؛
دير بس وارياسي خزاني جو ڌوڙ ڌاڻيو (ڌوڙ ڇاڻيو/
ڌوڙ ڌوئيو) ٿيڻ ۽ پنهنجي مٽيءَ جا سون ورنا سپوت
ڳولي لهڻ جي آهي.
سائين پَمُون مل (پرمانند) ولد آڻندرام ’پِياسِي‘
لوهاڻي جو جنم 04- اپريل 1895ع ڌاري ٿر جِي نِمُنَ
جي هُڳاءَ سان واسيل نگرِي اسلام ڪوٽ شهر ۾ ٿيو.
استاد پمون مل پرمانند ’پياسي‘ ٿر جي تدريسي تاريخ
جو هڪ اهڙو مثالي معلم رهيو آهي، جنهن کان
حياتياتي ۽ قلمي اتساهه پرائيندڙن ۾؛ ڀڳت کيمچند
آسناڻي، ڪامريڊ روچي رام وڪيل، وشنداس نهالچند
پٻاڻي وڪيل، ولي رام ولڀ، سروپچندر ’شاد‘، ۽ هري
موٽواڻي اِسلامڪوٽِي وغيره سميت سنڌ جا ڪيئي شاعر،
اديب، سماج سڌارڪ، سهيوڳي عملڪار ۽ ڪامياب پيشيور
شامل آهن. سائين پمون مل عرف پرمانند ’پياسي‘
”ساڻيهه سجاڳيءَ“ واري دور جو بيحد ڀلوڙ ۽ ٻالڪ
ذهنن تي دائمي نقش چٽيندڙ نرالو ۽ نمائنده شاعر ٿي
رهيو آهي. هُو پنهنجي عملي ۽ شخصيتي ڏِکُ ۾ هڪ
باڪِردار ناصح ۽ فطرتي جِيون جو پرچار ڪرڻ وارو
مهربان مُبلغ هو. هُو توازن ڀري شاگرد دوستيءَ جو
قائل ٽيچر هو، جنهن ۾ نصابي تعليم غير نصابي
سرگرمين جي وڻندڙ واهڻ وسيلي سان وديارٿين
(شاگردن) ۾ ورڇي به ويندي هجي، اُنهن جي لڪل
صلاحيتن کي اجاگر به ڪيو ويندو هجي ته سکيا جا
سمورا سبق رهنمائي ۽ احترام واري انداز ۾ ئي منتقل
ٿيندا هجن. استاد پمون مل ويدڪ حڪمت وسيلي اگهن جو
آڌر ٿيڻ ۽ مصيبت ماريلن جو مداوا ڪرڻ ۾ دلي
اطمينان پائيندو هو. انگريزي تعليم کي هٿي وٺرائڻ،
صحتمند جيوت سرگرمين کي عملي ڪارج طور ورتڻ، غريب
شاگردن جي مالي معاونت ڪرڻ ۽ گگدامن جي علاج
معالجي جا مرڪز کولرائڻ جهڙن بهتر سماجي ڪمن ۾ به
سائين پمون ’پياسي‘ اڳڀرو رهيو. هٿ ڇوٽ فضول خرچي،
ڏيکائي ڏيج پوت، نشي نوشي جي علتن، ناريءَ وِديا
کان ناڪار وغيره جهڙين اڻ سونهائيندڙ معاشرتي
روايتن کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ به هن عملي ۽ تحريري
صورتن ۾ ڪردار ادا ڪيو.
اُستاد احمد خان جي هن هوشيار شاگرد اِسلام ڪوٽ
مان ئي سِنڌِي فائنل جو امتحان نمايان ڪاميابيءَ
سان پاس ڪرڻ کانپوءِ؛ ٽيچرس ٽِريننگ ڪاليج
حيدرآباد مان ٽِن سالن جو تدريسي ڪورس 1917ع ۾
فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري؛ ننگرپارڪر پِرائمري اسڪول جي
هيڊماستر طور نوڪري ۾ گهڙيو ۽ 33 سالن جِي
مُلازمتي مدت ڪاميابيءَ سان پوري ڪرڻ بعد گورنمينٽ
پرائمري اسڪول اسلام ڪوٽ جي هيڊماستر واري عهدي تي
مامُور هُئڻ دوران 14- اپريل 1950ع ۾ رٽائر ٿيو.
سائين پَمُون مل عرف پرمانند لوهاڻه مِثالي اُستاد
۽ قابل منتظم هئڻ سميت، اُن عهد جا هڪ سُٺا مقامِي
شاعر پُڻ هئا. قلمي سُڃاڻپ طور پاڻ ’پِياسِي‘
جو تَخَلُص ڪم آندائُون. رٽائر ٿيڻ بعد پاڻ 1953ع
ڌاري پاڙيسري ڏيهه جي هڪ وسندي ڏِيسا لَڏي هليا
ويا ۽ اتان ئي 1991ع ۾ سنسار مان دائمي ڪوچ
ڪيائون. اولاد جي اعليٰ اِنتظامِي عهدن تي
مامُورِي، خانداني تعليمي ترقيءَ لاءِ درڪار
سَماجي رُتبي ۽ ورهاڱي بعد جي بدلجندڙ حالتن
پٽاندر پنهنجي پوئين نالي ”پرمانند (سَچِي ۽
پُورِي خُوشيءَ جو اَنند وٺندڙ پِراڻِي) ولد
آنندرام/ اَڻندرام ’پِياسِي‘“ کي تادم جاري
رکيائون. پنهنجي سنڌ (ٿر) ۾ رهجي ويل هزارين
شاگردن ۽ ادبي همعصرن لاءِ پنهنجي ساڳي نامي شناخت
پمون مل ’پياسي‘ واري ئي دلين جي پٽيءَ تي اُڪريل
ڇڏي ويا.
ڏهاڪا پوءِ ڏِيسا مان؛ سندن چونڊ سِنڌِي شعرن جو
واحد ڳُٽِڪو ’پياسِيءَ جِي پِياسُ‘ جي نالي سان
پُڻ ڇپجِي پَڌرو ٿيو هو. ڪرائون سائيز جي ان مختصر
مجموعي جي سُوڌ سنوار ڪرڻ سميت؛ اُن جو مهاڳ سنڌي
گيت جي دليون موهيندڙ شاعر هري درياڻي ’دلگير‘
تحرير ڪيو هو. سائين پمونءَ جا ڪيترائي گيت ۽ نظم
ورهاڱي کان اڳ جي مقبول سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي
زينت بڻيا هئا ۽ پوري سنڌ پرڳڻي مان مانائتي موٽ
پاتي هئائون. آئون سائينءَ جي هڪ پياري شاگرد
بزرگوار وشنداس پٻاڻي وڪيل جو دلي طور ٿورائتو
آهيان، جنهن مون کي سندس شعري ڪتاب ’پياسيءِ جي
پياس‘ سان نوازيو.
سائين پرمانند ’پياسي‘ ڪتاب جي منڍ ۾ ’ليکڪ جا ٻه
ٻول‘ وارن صفحن ۾ رقم طراز آهن ته؛ ”مون پنهنجي
اندر جي امنگن، جذبن ۽ آزمودن کي پنهنجي مٺڙي،
سپڪ، سلوڻي ۽ سوادي مادري سنڌي ٻولي، جا رڳ رڳ ۾
سمايل آهي تنهن جو لفظي لباس پهرائي شعري صورت
ڏيئي سنڌي پڙهندڙ سڄڻن، ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول جي
سنڌي وديارٿي (شاگرد) ڀائرن اڳيان هي سامگري (وکر)
تڇ سوکڙي طور ڀيٽا رکي آهي.“
استاد پرمانند ’پياسيءَ‘ جي ڪلام ۾؛ اندر اجارڻ
واري ويدانتي فڪر، ڌڻيءَ جي جوڙون جوڙجهان جي جئه
جئڪار، هستي ۽ نيستي جي ڀيد، جُز ۽ ڪُل جِي کول،
سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه اڪير، سنڌ جي ساروڻي
(ساڻيهه جي سڪ)، ننڍي کنڊ جي اتهاس جي مهان سنڌي
ڪردارن جي مڃتا، ٿر جي سانوڻي وسڪارن جي وياکياڻ،
ڏڪار جي ڏمر ڏوراپن، شاعر جي جيوت جاڳائيندڙ
نظريي، بد رسومات جي نندا، ناريءَ وِڪاس (ترقي)
واري سوچ، ڀٽائيءَ کي ڀيٽا ۽ فطرت جي سڪون سان
سرشار منظرن جي دلڪش بيان سميت انيڪ شاعراڻا مضمون
۽ موضوع ملن ٿا. پرمانند پياسيءَ جي ڪوِتا سرل،
سادي، رسيلي ۽ محبت جي مستي واري آهي. سندس اظهاري
اسلوب تجنيس حرفيءَ سان تر و تازه ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن
جي ميٺاج سان ٽٻٽار عڪاسيءَ کي عيان ڪري ٿو. سندس
شعر گوئيءَ ۾ اعليٰ درجي جو انساني فڪر به آهي ته
جيون سٻنڌي فلسفو به آهي. هن جي گيتن مان هڪڙي
گونج ڪنائي ٿي. هن جي شعرن ۾ ڪي ٿورڙا اهڙا متروڪ
سنڌي لفظ (جهڙوڪ: گنڌرو- ڳائيندڙ فرشتا، ونان/
وانو- نمونو ۽ سيلا- ڪِلن جيان ليسوٽا وغيره) به
واپرايل ملن ٿا، جن کان اڄ جون پيڙهيون متان شايد
ئي واقف هجن. پياسيءَ جي شاعراڻه ترڪيبن مان جتي
جوش ۽ جذبي جا عنصر جهلڪن ٿا، اُتي انهن ۾ ڌيرج ۽
ڌيموپڻ بارها محسوس ڪري سگهجي ٿو. سائين جو شعر
روحاني توڙي دنياوي ٻنهي قسمن جا اندر ۾ پيهي
ويندڙ پيام پهچائي ٿو ۽ جابجا ڪمال جي رواني اُن
جي سونهن کي سرس ڪري ٿي پئي.
سائين پمون مل پرمانند ’پياسيءَ‘ جي اعليٰ
شعرگوئيءَ جا ڪُجهه مُتفرقه مِثال هيٺ ڏجن ٿا:
ٻارن جي اعليٰ ذهني اوسر ڪندڙ ’شيرين شعر‘ جي
تخليقڪار ۽ سنڌي گيت کي جدت سان روشناس ڪرائڻ واري
مهان ڪوي شري ڪِشنچند ’بيوس‘ کي سائين پمون مل
پرمانند
’پِياسي‘ پنهنجي يڪ موضوعي بيتن ۾ هيئن شايان شان
خراج پيش ڪيو آهي:
شعر شيرين آ، سَلُوڻو، سُپڪ، سُندر شاندار،
بي بها ’بيوس‘ جو بيشڪ آ يگانو يادگار.
تو دکايل، رام ۽ دلگير آندا سنڌ ۾،
نقش قدمن تي هلي، تن عمل ڪيو آ پائدار.
ساهتيه سنڌيءَ ۾ آهه، آيو انيرو انقلاب،
اوٽ آئي شعر ۾ نئين ڍنگ جي نياري نبار.
هاڻي ٿورو تصور ڪيو ته 1930ع واري ڏهاڪي ۾ ٿر جي
مواصلاتي رابطن کان مورڳو ڪٽيل ننڍڙن ڳوٺ نما شهرن
ننگرپارڪر، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ وغيره ۾ تدريسي فرائض
سرانجام ڏيندڙ پرائمري اسڪول جو هڪ استاد ۽
هيڊماستر سائين پمون مل (پرمانند) ’پياسي‘ ٻارن جي
نصابي گيت ’قدرت وارا......!‘ جي مهابي؛ سنڌي ادب
۾ فن ۽ فڪر جي عظيم اٿل پٿل جا ڪهڙا نه شاندار اثر
وٺي ٿو ۽ ان جو برملا اظهار 15 بيتن جي سلسلي سان
ڪيڏي نه ڀلوڙ ۽ پختي سٽاءُ واري نوع ۾ ڪري ٿو. ۽
هُو سنڌي شاعريءَ ۾ گيت ۽ نظم جي صنفن وسيلي
گهاڙيٽي، موضوع ۽ ماحول جي زميني هيج ۽ هڳاءُ ڀري
جدت کي اولين طور متعارف ڪرائيندڙ ڪويسرن؛ هوندراج
’دُکايل‘، موتي رام پرڪاش ۽ هري درياڻي ’دِلگير‘
کي ڪيئن نه ’ساهتيه ڪرانتيءَ‘ جا مهندار ڪوٺي؛
سنڌي شعر جي نئين حُسن کي ڪيڏي نه وڏي شان ۽ مان
سان تحسين جو موجب ڪوٺي ٿو.
شيخ اياز لکيو آهي ته؛
”شاعريءَ جا روح جاڳائي نٿي،
منزل و مقصود پائي نٿي!“
يا
”شعورِ هستي جتي ڪٿي آ،
شُعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ.“
اهڙي ئي اوچي فڪر جا پيغام پرمانند (پمون مل)
پياسيءَ جي شعرن بعنوان ”شاعر ٿئين ته ڇا ٿيو؟“ ۽
”ديس لاءِ درد“ مان پڻ بخوبي پسي سگهجن ٿا:
جي جوان نه جڳايا، شاعر ٿئين ته ڇا ٿيو؟
سي شير (شعر) نان بڻايا، شاعر ٿئين ته ڇا ٿيو؟
درد پنهنجي ديس جو، دل ۾ جوانو ڌارجو،
جان جوکي ۾ وجهي، سِر جو نه سانگو سارجو.
ماءُ مصداق مٺي ٻولي سنڌيءَ سان سائين پمون
’پياسي‘ پنهنجي اٿاهه اُڪير جو اظهار هينئن ڪري
ٿو:
سنڌي زبان سونهاري، مهڻي ميٺاج واري،
پنهنجي وطن جي پياري- سا ڪيئن ڀلا وساريان؟
امڙ ڏنو اوراڻو، سيني ۾ سو سيباڻو،
نت نت مٺو ترانو، گد گد گلي گونجاريان....
سا ڪيئن ڀلا وساريان؟
لنو لنو ۾ تار لولي، ٻهه ٻهه ٻاروتي ٻولي!
جيجان ڏني ۾ جهولي، جند جان سان جهونگاريان،
سا ڪيئن ڀلا وساريان؟
انگلش، عجم، ايراني- تامل، تُرڪ، توراني،
مِصري، چيني، يوناني، سنڌي سمان نه ساريان-
سا ڪيئن ڀلا وساريان؟
روحل، عنايت واري- سهڻي ته شاهه سينگاري،
سامي، سچل سنواري، سائي سدا سنڀاريان،
سا ڪيئن ڀلا وساريان؟
آيل جو سڏا اونائي، نج سنڌي نينهن لڳائي،
پوئتي نه پير پائي، ”پياسي“ پرن هي پاڙيان-
سا ڪيئن ڀلا وساريان؟
پنهنجي جاتيءَ ۽ قوم کي ايڪي ۽ ٻڌيءَ جي سنيهي ڏيڻ
مهل هُو ”ايڪتا“ (ميلاپ) واري نظم ۾ جُز ۽ ڪُل جي
اسرار کان مدد وٺندي چوي ٿو ته:
سڄو سنسار آهي ڇا؟ اڻَن جي ميل جي بازي،
ٿين جي ڌار هڪ ٻي کان، نڪا صورت نڪا سازي!
ميگها رُت جي ڪيل مهربانين ۽ سانوڻ رُت جي سونئڻن
ثاب پوڻ کي، وارياسي ٿر جِي حسين ترين منظرڪشيءَ
سان اُستاد شاعر پَمُون پرمانند ’پياسي‘ پنهنجي هڪ
گيت ”سهڻو سارنگ آيو سينگار ڪري!“ جي سِري واري هڪ
مڌر گيت سان مِٺن ٻولن جي مالها ۾ پِروئيندي
اظهاري ٿو ته:
سهڻو سارنگ آيو سينگار ڪري!
مهڻو ويس ته ميگهه ملهار ڌري!
ڪهڙي ڪڪرن ڪارونڀار ڪئي،
گرجي گرجي گوڙ گجڪار ڪئي،
وري وڄڙين وارون وار ڪئي،
آيون آب سندا ته ڀنڊار ڀري!- سهڻو سارنگ......
ڏيتي ليتي يا ڏاجي
(Dowry) جي غريب
نارين جو استحصال ڪندڙ معاشر تي بد رسم کي ننديندي
۽ عورتن جي ترقيءَ واري سال جو حوالو ڏيندي؛ ڪوي
پمون مل ’پياسيءَ‘ جو قلم اِجهو ههڙا عزم ۽ حوصلي
ڀريا سماج ۾ تبديليءَ جي آشا پئدا ڪندڙ گيت به
سِرجي ٿو:
سال هيءُ سنسار ۾ اِسترين اُنتيءَ سَندو،
ڏهيج کي ڏاڍو ڏنڀي، پوءِ مول ميساري ڇڏيو،
همٿ، حشمت حوصلي سان، قهر هن کي ڪاٽبو،
جڳت ۾ ’پياسي‘ انهي ٻارڻ وڏو ٻاري ڇڏيو.
ڏُڪار جو ڏمر ۽ ڏولائو ٿر جي مارُو ماڻهن تي
ڪهڙيون ڪڙيون مصيبتون آڻي ٿو، ان کي ”قحط جي ڪاوڙ“
واري عنوان هيٺ پرمانند ’پياسي‘ هن ريت بيان ڪيو
آهي:
ڏمر ڏُڪر جي ڏيهه کي ڏڪايو،
سانگيئڙن جو جنهن ساهه سُڪايو!
ڪوپ قدر تي ڪڙڪيو ڀاري،
بارش پيئي نا پوري ساري!
ڌرتيءَ گاهه نا اَناج اُپايو،
سانگيئڙن جو جنهن ساهه سُڪايو!
مارئيءَ جهڙي ست سيل قائم رکڻ واري سُورميءَ کي
پنهنجي وطن جي تهذيب جو عظيم اهڃاڻ ڪوٺيندي پياسي
سائين فرمائين ٿا:
وطن ويڙهيچن سندو، تحقيق هي تفسير آهه،
مارئي ئي ملڪ جي تهذيب جي تصوير آهه.
چندرما (چنڊ) جي چاهت تي شعر سرجڻ جو سلسلو سنڌي
اساسي (ڪلاسيڪي) دورن کان وٺي جديد عهد تائين
ساڳئي شد مد، زور شور، واڪي ڌاڪي ۽ طمطراق سان
روان دوان آهي. سائين پرمانند فطرت جي چندرما سان
منسلڪ حسناڪين جا ’ڌارون ڌار درشن‘ هينئن ڪرائي
ٿو:
اوچندرما چِتائي، توڏانهن ٿو نِت نهاريان!
صورت ۽ سونهن تنهنجي، پل پل ۾ پيو پچاريان!
تارن ۾ تيج تنهنجو، وهه‘ وهه‘ وڻي اندر کي،
بس بيان ناهي اُن جو، جنهن جو حساب ساريان!..
او چندرما....
تون محبوبن لاءِ موتي!- تون جوتشين جو جوهر،
تون شانتيءَ جو سمندر، دل ۾ سدا تو ڌاريان!..
او چندرما.
’بادل جو برهه‘ واري هڪ رومانوي نظم ۾ سائين
پَمُون مل پرمانند ’پياسيءَ‘ جي تخيل جي اُڏام جِي
هڪ جهلڪ اوهين به مُلاحظه ڪريو:
بادل روئي روئي ٿيو ساڻو!
نولک تارن سان نينهن ٽوڙي،
ٿل ڏانهن ڪيو مُون ٿاڻو،
بادل روئي روئي ٿيو ساڻو..
نِڀُ سان ناتو ڪين نباهيم،
مُحبت کان ڪيم ماڻو،
پِرٿوِيءَ تي پُهچڻ کان اَڳُ ۾،
بدن سَڄو بَدلاڻو،
بادل روئي روئي ٿيو ساڻو..
موه سندِي هِيءُ مهڻي مايا،
سو نينهن سَندو نذراڻو،
سُڏڪن سان ٻوليو هي ساجن!
ٺهيل ڇڏيوم ٺِڪاڻو
بادل روئِي روئِي ٿيو ساڻو..
آخرِ ۾ اِسلام ڪوٽ (ٿر) جي ڄائي ۽ پنهنجي دور ۾
مقامي سطح تي انتهائي نمايان رهندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي وڏن شاعرن جي وساريل همعصر سرجڻهار سائين پمون
مل (پرمانند) ’پياسيءَ‘ جي هڪ گِيت ۾ ’سارنگ‘ جي
مَڌُرتا، سَرِلتا ۽ موسيقيت جي رڌم ڀَري آهنگ سان
چِٽيل منظرنامي کان محظُوظ ٿيندي؛ ساهتڪ اتهاس جي
هن نرالي ڪويءَ جي ڪلام جي مثالن کان موڪلاڻي
ڪريون ٿا:
ٿَلُ: سارنگ
سئنا سارِي آنديِم تُرت ڪري تيارِي وي،
رِم جِهم ڇڻڪارن سان سرس سُونهي سوارِي وي!
وِڄُـــــڙيُــــــون ور ور ڏئِـــــي
وَراڪـــــا،
جوٽين جـــــنـــــگ ٿيون جـــــارِي وي،
ڪـــــڙ ڪـــــڙ ڪَڙڪـــــا، ڀڙڀڙ ڀَڙڪا،
هـــــرهـــــر ڪـــــن هيڪارِي وي- سارنگ.....
سائين پَمُون مل ’پِياسِي‘ 96 سالن جي ڄمار ۾
1991ع ڌاري لاڏاڻو ڪيو. سندس پونيئرن ۾ ٻه پُٽ ۽
ٻه نياڻيون شامل رهيا آهن. هڪ پُٽ سال ڏيڍ کن اڳ
گذاري ويل ڊاڪٽر کينپار مل ’اُداسِي‘ آسناڻي ماهرِ
صحت ۽ اعليٰ طِبي مُنتظم هُجڻ سان گڏ؛ شاعِريءَ
سان به شغف رکندو هو، جنهن جا ٽي چار پُستڪ به
پَڌرا ٿيل آهن ۽ ٻيو سابقه تحصيلدار (مُختيار ڪار)
درويش وشن داس آسناڻي جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي
ٿو.
(حوالو: ’اِسلام ڪوٽ شهر جِي تاريخ‘، جوڙيندڙ:
وشنداس نهالچند پٻاڻي وڪيل) |