قاضي سليمان ڀان
بدين
سومرن جو نسب نامو
ڀان ۽ ڀاٽ سنڌ جي نسب نامي جي نسبت سان اهم آهن.
ڀانن جو ڪم ئي آهي شجرا ياد ڪرڻ ۽ لکي رکڻ. جن
قبيلن جا شجرا ڀان ياد ڪندا. انهن طرفان سندن
روزگار جو به ذمو هوندو آهي.
سنڌ جي نسب نامن جي حوالي سان سومرن جي حسب نسب تي
گهڻو بحث ٿيل آهي، هيءُ معاملو هن وقت به متضاد
آهي. ڪجهه محقق ’سومرن‘ کي پرمار راجپوت نسل مان
ته ڪجهه عرب نسل مان سمجهن ٿا. سنڌ جي نامور محقق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سومرن کي عرب نسل مان لکيو
آهي. قاضي سليمان ڀان پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. قاضي
صاحب جي هن قلمي نسخن جو پتو اسان کي انڊومينٽ فنڊ
طرفان ڇپايل ڪتاب نسب نامه سنڌ جي مهاڳ جي صفحه
نمبر 10 تان پيو. هيءُ نسخو محترم معمور يوسفاڻي
صاحب جي لئبرري ۾ موجود آهي جيڪو ليکڪَ قاضي
سليمان ڀان پاڻ معمور صاحب کي تحفه طور ڏنو هئو.
هتي اسين ان نسخي جي سومرن جي نسب نامه واري مواد
جو حصو پيش ڪري رهيا آهيون. هيءُ نسخو معمور
يوسفاڻي صاحب جي لئبرري مان اسان کي معمور صاحب جي
هونهار فرزند محترم ڪرم
الله يوسفاڻي کان عنايت ٿيو. اداره ’مهراڻ‘ سندس
شڪريو ادا ڪري ٿو (ايڊيٽر)
اسان جي وڏن جي لکيل نسب نامي موجب سومرا عرب نسل
مان ۽ علوي آهن ۽ حضرت عليؓ جي فرزند محمد حنيف جو
اولاد آهن. شجري جون ابتدائي ڪڙيون هن طرح ملن
ٿيون. ابن سومار بن سومره بن امير ساهو بن امير
صاحبدين بن امير جعفر بن محمد عرف احمد بن محمد
حنيف بن حضرت علي. هيءُ شجرو ابن سومار کان مٿي
ڀانن جي دفترن ۾ آهي. هي دفتر سنڌ ۾ صرف ڀان ئي
پڙهي سگهندا آهن ۽ هن تحرير جي خط کي لاڙي موڏو خط
چئبو آهي. هيء شجرو جيڪو صرف ڀان ئي پڙهي سگهندا
آهن ڪنهن به جاءِ تي ابن سومار کان مٿي درج ٿيل نه
آهي سواءِ ڀانن جي پوٿين جي.
ڪي تاريخدان سومرا قوم کي ’پرمار‘ مان لکن ٿا پر
ڪوبه ثبوت ڪونه ٿا ڏين. جڏهن علاءُالدين خلجي يا
سندس سپهه سالار، دودي سومري کان سڱ گهريو ته دودي
سومري ڀاڳ يعني ڀان فقير کي گهرائي پُڇا ڪرائي ته
اسان سومرن اڳي ڪنهن ٻي ذات ۾ سڱ ڪڏهن ڏنو آهي؟
ڀاڳ فقير چيو ته اسان جي دفترن ۾ لکيل آهي ته
سومرن ڪڏهن به پنهنجي ذات کانسواءِ ٻي ڪنهن کي سڱ
ناهي ڏنو. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته دودي پنهنجي
وڏن جي ريتين رسمن جو ڀانن کان ٿي پڇيو. ڇاڪاڻ ته
ڀان شجرن جي علم ۽ وڏن جي ريتن رسمن کان واقف هئا.
ڀان اڳ ۾ اهي شجرا پنهنجي مخصوص خط ۾ لکندا هئا.
ڀانن کان ئي دودي سومري کي معلوم ٿيو ته هن کان اڳ
۾ ڪنهن سومري پنهنجي ذات کان ٻاهر سڱ ناهي ڏنو ته
آئون وري ڪيئن ڏيان ۽ پنهنجي ڪُرَ کي ٽِڪو ڪيئن
لايان. پوءِ ان ڀان جي ڳالهه مڃي. دودي سومري جنگ
جي تياري ڪئي ۽ پنهنجيون سامون يعني سومرن جون
عورتون ابڙي سمي ڏانهن روانيون ڪيون. ان سومرين
عورتن سان گڏ ڀان ويو هئو ۽ جنهن جڳهه تي اُهي
عورتون يعني سامون زمين قبول ڪيون، اتي 14- ڦڳڻ تي
ميلو لڳندو آهي ۽ ديڳيون اڄ به خيرات ڪندا آهن. اڄ
به انهن ديڳين ۾ پهرين ڏوئي ڀان فقير وجهندو آهي ۽
پوءِ ماڻهن کي ڀت وڌي ڏيندا آهن.
هن وقت به لاڙ جي پَٽ ۾ سومرا ’ڀانن‘ کي ڏاڏو چئي
سڏيندا آهن. هن رتبي سان ڀانن کانپوءِ ڪنهن اديب
يا مورخ جو واسطو ناهي رهيو. ان ڪري ڪنهن ليکڪ کي
ڀانن کانسواءِ هِن ’سومرن جي نسب نامي‘ جي خبر نه
آهي. هيءَ نسب ’موڏو لاڙائي خط‘ ۾ لکيل آهي جنهن
کي صرف وڏي ڄمار جو ڀان پڙهي سگهندو ۽ پنهنجي
اولاد ۾ به سرف ان کي سيکاريندو جنهن کي هو لائق
سمجهندو. هاڻي هن نسب نامي کي اهو ئي رد ڪري جيڪو
اهو ’موڏو لاڙائي خط‘ لکي پڙهي ڄاڻي ۽ ابن سومار
کان مٿي جون پيڙهيون ملائي ڏي.
اسانجا جيڪي اديب سومرن کي راجپوت نسل مان ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن وٽ نه ابن سومار کان مٿي
پيڙهيون مڪمل آهن ۽ نه وري وٽن ڪا ڀانن جي لکيل
روايت به آهي. جيئن ته ڀان ئي خانداني طور هن
روايت جا امين آهن، ان ڪري ’ڀانن‘ جو ئي هيءَ نسب
نامو تصديق ٿيل آهي. جيئن ته سومرن کانسواءِ ڀانن
وٽ ٻين نسلن جا به نسب ناما موجود آهن ۾ ان ڪري هن
فن کي ڪنهن لحاظ کان معاشي ڪرت به چئجي ته بجا
ٿيندو. هن معاشي ڪرت سان ئي ڀانن جو روزگار منسلڪ
آهي ان ڪري ئي هو ڪنهن کي سيکاريندا ئي نه آهن.
هن نسب نامي کي اهو شخص رد ڪري جنهن کي اها خبر
هجي ته اگر سومرا پرمار هئا ته سلطان محمود غزنوي
کان اڳ ۾ ڪهڙي پرمار راجا جي حڪومت هئي. ساڳي وقت
کيس راجپوتن جي رسمن رواجن جي به پوري خبر هجي.
پوءِ ويهي ڏسي ته پرمار راجپوتن ۽ سومرن جي رسمن
رواجن ۾ ڪيڏو فرق آهي. انهيءَ فرق جي هوندي سومرا
پرمار نسل ڪيئن ٿيندا، هن نسب نامي جي اڻڄاڻائي
سبب ئي سنڌ جي نسب نامن ۾ مغالطا پيدا ٿيا آهن. هڪ
ليکڪ ڪنهن جو نسل غلط لکيو ٻئي ان جي ڪتاب تان
حوالو کڻي انهيءَ مغالطي کي اڳتي وڌايو. ائين
مغالطا وڌندي وڌندي سچ محسوس ٿيڻ لڳا آهن.
ڀانن پنهنجي نسب نامي ۾ سومرا عرب نسل لکيا آهن.
ڀانن جو حوالو ئي قديم آهي ۽ نسل در نسل لکت ۾
آهي. هاڻي اُهي ڪيئن صحيح ٿيا جيڪي چون ٿا ته
اڳيئين دور جي ماڻهن اهي نالا پرمارن مان تبديل
ڪري عربي نالا لکيا.
اگر سماٽ جي نسل کي ڏسون ته انهن ته انهن جا قديم
نالا انهن جي نسب نامي مان ڀانن تبديل ناهن ڪيا ته
سومرن جا نالا تبديل ڪرڻ سان ڀانن کي ڇا ملندو.
مثال طور سمن جي نالن ۾ راجا اجيئه پال- راجا
ڀاڳرت، راجا رام، ڌروت، ڀوڄراج وغيره کي ته ڀانن
تبديل نه ڪيو آهي.
سومرن کي جن پرمار لکيو آهي انهن مان ڪن وري
انگريز- ٽاڊ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن کي سڀ ڳالهيون
راجپوتن جي درٻار مان معلوم ٿيون آهن. هونئن به
ٽاڊ صاحب راجپوتن جي ڳالهين کي نظريه ضرورت سمجهي
قبول ڪيو آهي.
پرمارن جون 35 نکون آهن. (1) ڀوڄراج، (2) جگڏي (3)
سرطان (4) رام (5) گنگداس (6) ڏلها (7) نرا (8)
نٻا (9) ڪيلهڻ (10) ڪيتا (11) ڏوڏا (12) پارمل
(13) ساڏور (14) ورڻ (15) سائوند (16) ڪرن (17)
ڀڄٻڙ (18) ورجانگ (19) اوڏا (20) ساکلا (21) گونگا
(22) ڳيلهڙا (23) آسڪن (24) پونر (25) بيڏا (26)
سنگراسي (27) ٻاڻ (28) ڀاڻ پوٽا. (29) اکا (30)
ويرسين (31) لهندا (32) بجيرا (33) سونگل (34) بجا
(35) ساک.
پرمارن جون اهي 35 نکون آهن. هن ساکن يا نکن ۾ ڪٿي
سومرن جو ذڪرئي ڪونهي.
سومرن جي نسل ۾ به پنهنجا ڪڙم ۽ نکون آهن. انهن جا
نالا هي آهن. (1) ڪياسي (2) حمير (3) حمون (4)
طائي (5) سنڪرپيا (6) خفيف (7) مَتو (8) جيئي پوٽا
(9) ساجن (10) مرڪندا (11) چنيسر (12) جکرا (13)
عمراڻي (14) سهسيا (15) ڀيان (16) مرزاڻي (17)
گاگن (18) مناهي (19) عيسا (20) ساهو (21) ونهيان
(22) ڇُٽا (23) گبر (24) گورجاڻي.
پهرين ڳالهه ته سومرن جا پاڙا پرمار راجپوتن کان
ٿورو گهٽ آهن. ٻي ڳالهه ته هي نسل جيڪڏهن پرمار
راجپوتن جي هڪ نک هجي ها ته باقي پرمارن جون 34
نکون بچن ها ته انهن مان وري ڪيتريون نکون نڪرن
ها. اهڙي طرح ته راجپوتن جون نکون هزار کن هجن ها.
اها ڳالهه به هڪ ثبوت آهي ته سومرا پرمار راجپوتن
مان نه آهن.
سومرن جي هنن نکن ۾ سواءِ ٽي- چار نج سنڌي نالن جي
باقي سڀ عربي سماج جا نالا آهن. ڇاڪاڻ ابن سومار
به مسلمان هئو ۽ سندس اڳيان پويان سڀ مسلمان هئا
ان ڪري سندن نالا به عرب مسلمانن واري سماج مان
آهن.
پرمار راجپوت پنهنجي وڏن جا نال اڪثر واپس ڪونه
ورائين ۽ ايندڙ نسلن ۾ اهي نالا وري ڪونه ملندا.
سومرا ان جي برعڪس نج اسلامي طريقي سان نالا واپس
ورائين، جيئن ڀونگر پهرين، ٻيون، ٽيون، عمر
پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، لڳ ڀڳ دودو، خفيف ۽
ٻيا نالا به ائين نمبرن سان واپس ٿيا آهن. اهو به
وڏو ثبوت آهي ته سومرا پرمار راجپوت نسل مان نه
آهن.
هتي ڪجهه اهڙا سنڌي نج نالا به آهن، جيڪي خواهه
مخواه به ’هندو‘ نسل جا سمجهيا وڃن ٿا. پر آهن
ڪونه، اهو ئي سبب آهي جو عرب نسل جي ماڻهن خاص طرح
سندن اُهي نالا پنهنجي اولاد تي رکيا. جيئن کٿڙ
شاهه، کٽڻ شاهه، ٻلهڻ شاهه وغيره. ايئن سومرن ۾ به
ڀونگر، ڏونگر، چنيسر، کينئرو، ڀيئن اصلي سنڌي نالا
آهن.
اڃان هڪ ٻي به حقيقت آهي ته سومرا پرمار هجن ها
ته، پرمارن جا ڀاٽ ’ڏان‘ وٺڻ لاءِ سومرن ۾ به ائين
اچن ها جيئن پرمارن جي ٻين نکن ۾ وڃن ٿا. جيڪي
پرمارن جون نکون هن وقت مسلمان آهن انهن وٽ به
اُهي ڀاٽ ۽ ڀان ڏان (دان) وٺڻ لاءِ وڃن ٿا. پر
سومرن جي ڪنهن به پاڙي ۾ نٿا وڃن.
سومرا عرب نسل آهن، انهيء ڪري قديم سنڌين وارا
چارڻ هن نسل ۾ نه آهن. اِهو سنڌ جو خواهه سنڌ ۾
رهندڙ راجپوت نسل وارن جو مخصوص رواج آهي. پرمار
راجپوت ۽ سومرن (عرب نسل) کانسواءِ سنڌ ۾ اصلي
رهاڪن جو هڪ وڏو ۽ اهم نسل ’سما‘ آهي. سما بحيثيت
ذات جي به موجود آهن ته سمن مان ٻيون ڪيتريون ئي
ذاتيون ٺهيون آهن. رسمن مان وجود وٺندڙ هنن ٻين
ذاتين کي گڏي هڪ نسل ’سماٽ‘ چئجي ٿو. جڏهن اسين
سماٽ چئون ٿا ته ان نسل ۾ ’سمون‘ به شامل ڪريون
ٿا. ڪن محققن سما ۽ سومرا ٻئي سنڌ جا قديمي ’راڄ‘
رهيا آهن. حالانڪ سومرا قديم راڄ نه آهن پر
عربستان کان آيا آهن. جڏهن ته سما يا سماٽ قديمي
نسل آهي. پر ڪنهن به طرح سومرا سماٽ جي نسل مان نه
آهن.
هي سڀ ڳالهيون ۽ دليل اِهو ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا
ته سومرا عرب نسل مان آهن نه ڪِ پرمارن مان آهن.
|