سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:16 

عبدالخالق راهومون

عمرڪوٽ

 

 

 

سائين معمور يوسفاڻي

(تاثراتي تحرير)

اسان ٿر ۽ ناري پٽ  وارن جو ڀلو ڀاڳ چـئجي، جو سائين محمد عمر پلي عرف معمور يوسفاڻي جھڙو نامور اديب، شاعر ۽ محقق ناري پٽ جي معزز پلي گھراڻي جي چشم و چراغ محمد يوسف پليءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. پنهنجي والد جي نالي جي نسبت سان پاڻ يوسفاڻي سڏائڻ پسند فرمايائون. کين حق سبحانه و تعالي اڻڳڻين صلاحيتن، خوبين ۽ خصلتن سان نوازيو ھو. سندن حالاتِ زندگي، بھترين ڪردار ۽ فڪر کي بيان ڪرڻ جو حق ته  ڪو برجستو اديب يا وڏو عالم ئي ادا ڪري سگھي ٿو. آئون   ساڻس گڏ گذاريل ڪجھ ساعتن جو ذڪر خير  پيش ڪرڻ  جي ڪوشش ڪندس.  ھونئن ته سائينجن سان کوڙ سارا رشتا آھن، پر ٻه رشتا انتھائي اھم آهن. ھڪ اھو ته سائيـنجن جو تعلق استاد برادري سان ھئو ۽ ٻيو سندس ناناڻا توڙي ڏاڏاڻا ٿر ڄاوا ھئا.

خانداني پس منظر: سندن خاندان جو تفصيلي شجرو خليفه محمد امين درس پلي سِگھ واري  پنھنجي تصنيف درويش درس پلي ساڱرائي ۾ بيان ڪيو  آهي. سندس چوڻ آھي ته پلي قبيلي ۽ ٻين سڀني سماٽ ذاتين جو تعلق سما ذات سان آهي. سندن  پڙ ڏاڏو فقير درويش درس پلي ساڱرائي پُٽ خليفو  ڀاڻو فقير پُٽ خليفو ڪرن فقير جو شجرو راءِ رائيـڌڻ پُٽ ڪاڪا سان ملي ٿو. ڊاڪٽر اسد جمال جي لکت موجب درويش درس پلي ساڱرائي کي پنج پٽ ھئا. سندن اولاد مان پلي ذات جا پنج پاڙا سڏيا ويا: (1) پيرج (2) سومريجا (3) حميدجا (4) صديقجا (5) ويسا.

سائين معمور مرحوم جن جو پاڙو پيرج آھي. سائين محمد عمر پلي عرف معمور يوسفاڻي پُٽ محمد يوسف پُٽ حافظ محمد ونھيل پُٽ علامه محمد ارشد پُٽ حاجي نبي بخش پُٽ علامه ڪرم الله پُٽ مينھل عرف پنجو پُٽ صحب پُٽ ستابو پُٽ شير خان پُٽ خير الدين جو شجرو ھڪ ٻه پيڙھيون مٿي خليفه درويش درس پلي ساڱرائي سان ملي ٿو ۽ ٻه ٽي پيڙھيون مٿي سندن شجرو ڄام ھالو سان ملي ٿو.

جھڙي طرح ناري پٽ ۽ ٿر ۾ رھندڙ  پلي برادريءَ جون رشتيداريون ڳوٺ متي جي تڙ ۽ وڄڙيھاڙ تعلقه ڇھوٽڻ ضلعي ٻاھڙمير راجستان جي آريسرن سان هيون اھڙي طرح اسانجي راھومان  برادريءَ جون رشتيداريون ڳوٺ ڏيڏوھر ۽ ڳوٺ ڪونرو تعلقه ڇھوٽڻ ضلع ٻاھڙمير جي سميجن سان ھيون ۽ اھي سمو پُٽ راءِ رائيـڌڻ جو اولاد آهن. ٽئين پاسي  مذڪوره سڀني ذاتين وارا گهڻي ڀاڱي غوث بھاؤلحق ذڪريا ملتاني جا عقيدت مند  آھن ۽ آڳاٽي دؤر ۾ ملتان جي پانڌيئڙن جون جماعتون ڇھوٽڻ جي ساڪن درويش راجپار درس وائوڙي جي الله لوڪ درويش خليفي مھرو فقير ساند جن سان گڏ زيارتن لاء ملتان وينديون ھيون ۽ اھي بزرگ ھر بستيءَ ۾ سماع پڻ ڪرائيندا ھئا. سماع جنهن  کي غوث عالم جي تبليغي سلسلي جي اھم ڪڙي سمجھيو ويندو ھو. ان ۾ شريڪ ٿي برگزيده شاعرن ۽ بزرگن جو سماع طور پڙھيو ويندڙ ڪلام پڙھي سماع ذريعي روحاني فيض حاصل ڪندا ھئا ۽ ان طريقي کين پاڻ ۾ جوڙي رکيو هو.

ٻاجھاري  ڌڻي تعاليٰ  جي مھرباني سان سائيـن جن جي خاندان جا سڀ بزرگ ديندار،  عالم، فاضل، حافظ ۽ ڪامل درويش ھئا. سندن دينداري ۽ وضعداري واري ماحول جي ڪري الله تعاليٰ جي  نعمتن ۽ رحمتن جي نوازش اھڙي ٿي جو سندن وڏا ڀاءُ مرحوم عبدالخالق پلي جن وقت جي ڪامل ولي حضرت مولانا محمد عثمان قرآني عليه رحمة جي مدرسي مان ڪجهه وقت تعيلم حاصل ڪري بعد ۾ جيدّ عالم مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب وٽ ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي ۾ دستاربندي ڪيائون، ان مٿان وري سون تي سوھاڳو اھو جو سندن استاد حضرت مولانا محمد عثمان قرآني صاحب جن ديوبند جي مدرسي مان فارغ التحصيل ٿي آيا ھئا ۽ سندن مدرسي مان بيشمار شاگرد فيضياب ٿيا، جن جو تعداد ھزارن ۾ ھو، ۽ سندن شاگرد جماعتن جي حوالي سان، پهرين، ٻين يا اڳتي جماعت جي نمبر سان سڃاتا ويندا هئا.

دور طالب العلمي: سائينجن جي خانداني بزرگن جو وڏو تعداد عالم، فاضل ۽ حافظ  ھجڻ ۽ ڳوٺ جي آس پاس ديني مدرسن جي موجودگيءَ واري ماحول کيس علم جو عاشق بنايو ۽ پاڻ معاشي حالتون موافق نه ھجڻ، سرڪاري اسڪول ڏورانھين ھنڌن تي ھجڻ ۽ گذر سفر لاءِ کيتي ٻاڙي کي گڏوگڏ جاري رکندي  مختلف ڏورانھن مدرسن ۽ مڪتبن مان پيرين پنڌ ڪري تعليم حاصل ڪيائون.  علماء حق ۽ ساڃاھ وندن جي صحبت، مذهبي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن جي مطالعي جي ڪري کين حڪمت، دانائي ۽ اخلاقيات جو عروج حاصل ٿيو.

10 ڊسبمبر 1985ع جو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن ھو. انھي ڏينھن تي آئون جونيـئر اسڪول ٽيچر جي مقرريءَ جو آرڊر کڻي گورنمينٽ (پراونشيئلائيزڊ) ھاءِ اسڪول عمرڪوٽ جي ھيڊ ماسٽر سائين حاجي احمد علي ميمڻ مرحوم جي آفيس ۾ دخلڪار ٿيڻ لاءِ اچي حاضر ٿيس مگر ھن موصوف 1985ع واري جنرل اليڪشن ۽ ماضيءَ ۾   B.I.S.E حيدرآباد طرفان منعقد ٿيندڙ  نائيـن ۽ ڏھين جي صرف انگلش جي پرچن دوران سندس موجودگيءَ ۾ پيش آيل اڻ سھائيندڙ واقعي کي جواز بڻائي داخلڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ فائيل واپس ڪيائيـن. موٽ ۾ مون بحث ڪندي منٿ ميڙ ڪئي پر سائيـن ڪون پئي مڃيو، انهيءَ ڪشمڪش دوران ھڪ سفيد پوش، ڊگھو ۽ سھڻي قد ڪاٺ وارو  بزرگ  شخص جنهن جا وارا گهڻي  ڀاڱي اڇا، جسم ڀريل، رنگ کليل، چپن تي ھلڪي مرڪ، آفيس ۾ داخل ٿيو. منهنجي چھري جا تاثرات ڀانپيندي ئي سائين وڏي سان مخاطب ٿي چيائين ته اھميت واري شيءِ ماڻھو جا جذبات آهن جي انھن کي مجروح ڪيو ويو ته اسانجا صدقا،  خيراتون ۽ نفلي عبادتون سڀ بيڪار وينديون، جان مال، عزت و ناموس ڪنهن ڪم ڪون ايندا. خدا جا بندا جڳ مان رڳي ڀلائي ساڻ نيندين. سائين جا جملا اڃا اڌورا ھئا ته ھيڊ ماسٽر فائيل واپس گھريو ۽ سائنس ٽيچر رميش ڪمار کي دخلڪار رپورٽ ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ھدايت ڏنائين. شايد  سائين جا اھي معني خيز جملا سندس تعارف ڪرائڻ لاء ڪافي ھئا ۽ مونکي يقين ٿي ويو ته جنهن جي ملڻ جو طلبگار ھيس ان مھربان کي اڄ ڌڻي تعالي منھنجي مدد لاء موڪلي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ڊگھي تعارف جي ضرورت محسوس ڪونه ڪيم، پر سائين جن جي حوصله افزائيءَ لاءِ کين مبارڪون ڏيندي ۽ چڱ ڀلائيءَ جو پڇندي جھيڻي آواز سان پڇي ورتائين ته ادا ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ھجي ته حجاب نه ڪجانءِ.

سندس ٻن فقرن اھڙو متاثر ڪيو جو سائين سان گڏ جيڪي ٻه چار مھينا گذاريم ان دوران سندن پيرڊ وٺڻ ۾ اڳڀرو رھيس. کيس تحقيق واري ڪم ۾ وڌيڪ  وقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رھيس ۽ ھر وقت پنهنجيون خدمتون آڇيندو رھيس.  فرصت واري وقت ۾ تاريخي قصيدن، ڳوڙھن، ڳاھن، ڏوھن، ڇندن، ڳجھارتن ۽ لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن متعلق سمجھاڻيون ٻڌڻ روز جو معمول بڻائي ڇڏيو ھيوسين. پر انهن باريڪين جي اُپٽار اھڙي ڌيمي ۽ پُرلطف انداز ۾ ڪندا ھئا جو اٻوجھ ۽ اياڻو به ڪجھ سکي ويندو ھو.

اھو چوڻ نسورو سچ آھي ته  ڪي ماڻهو پنهنجي ڪڙم، قبيلي ۽ سماج لاءِ ڀاڳوند ھوندا آهن، اھڙن املھ   ماڻهن جي صحبت ڪن نصيب وارن کي ملندي آهي ۽ اھي سڀني ساٿين لاء قيمتي سرمايو ھوندا آهن. ناري پٽ جي ھن عظيم استاد جي تعليم ۽ تربيت جو رڪارڊ مشڪل حالتن جي باوجود انتھائي شاندار ھئو. پاڻ بحيثيت پرائمري ۽  سيڪنڊري استاد، سپروائيزر پرائمري ايجوڪيشن ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)  فقط پنهنجا منصبي فرض ايمانداري، ديانتداري ۽ ذميداري سان ادا ڪيا، پر پنهنجي ايم.اي سنڌي ۽ بي ايڊ جا امتحان به امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيا. ان سان گڏو گڏ پاڻ ادب، ثقافت ۽  تحقيق جي ڪمن ۾ قابل فخر ڪردار ادا ڪيائون. وچولي طبقي سان تعلق ھجڻ باوجود پاڻ وڏا مھمان نواز ۽ دل جا وڏا سخي ھئا. ھڪ دفعي ته منهنجي روبرو پنهنجي پگھار جي سموري رقم ڏڪار جي سٽيل خاندانن ۾ ورھائي ڇڏيائون. پنهنجي غريباڻي تڏي تي بنيادي تعليم جي خواھشمند   نوجوانن، مسافر شاگردن لاء ماني ٽڪي ۽ رھائش جو اھتمام پڻ ڪشاده دلي سان ڪيو ويندو ھو. شاگردن جي رھنمائيءَ  لاءِ کين وڏو وقت پڻ ڏيندا ھئا. ان سان گڏوگڏ پنهنجي سڄي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جون ذميواريون به احسن طريقي سان نڀايائون ۽ کين  بلنديءَ تي پھچائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏيائون. سندن  موڀي پُٽ حزب الله پلي انتھائي ايماندار، فرض شناس ۽ باصلاحيت فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر ٿي رٽائر ٿيو آھي ۽ سندس سنڌي ادب تي به گھري نظر ھئي. جڏهن  ته ٻئي نمبر پُٽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو نالو سنڌ جي محنتي اديبن ۾ شمار ٿـئي ٿو. پاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج/يونيورسٽي ڄام شورو مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن وقت محمد ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج ميرپورخاص ۾ پروفيسر ۽ ايناٽومي جي ڊپارٽمينٽ جا هيڊ پڻ آهن، پاڻ دماغي امراض جي شعبي ۾ پڻ ڊپلوما حاصل ڪئي اٿن. ان سان سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف پڻ آھن. سندس ٽيون نمبر پُٽ سيف الله خالد پلي مرحوم سنڌ  جي سٺن اديبن ۽ شاعرن جي صف ۾ شامل آھي. سندس چوٿون نمبر فرزند محمد اقبال به انتھائي لائق، فائق استاد آهن. سندن ننڍا فرزند عبدالمالڪ، ڪرم الله، مولوي عبدالحميد ۽ احسان الله پڻ ادب ۽ ادبي دنيا جا نوان پڙهندڙ ۽ لکندڙ آهن.

 انڪري ايئن چوڻ بيجا نه ٿيندو ته اھڙا مثالي ڪارناما ھڪ ڪردار ساز استاد ئي سر انجام ڏئي سگھي ٿو. سائين جن رڳو تدريس ۽ تحقيق جي ڪم تائين محدود ڪونه  ھئا، پر پاڻ سڄي حياتي ماڻهن تائين تعليمي فيض پھچائڻ ۾ مصروف رھيا. سندن حيثيت ھڪ منفرد ڪردار ساز استاد جي ھئي.

پاڻ اھڙا ته فياض ۽ شفيق ھئا جو وٽن سدائين ناري پٽ ۽ ٿر جي شاگردن جا ميڙا متل ھوندا ھئا جن مان اڪثر اديب سنڌي جو امتحان پاس ڪرڻ جي سلسلي ۾ رھنمائي حاصل ڪرڻ ايندا ھئا ۽ مختصر مدت ۾ امتحان پاس ڪري نوڪري لائق بنجي ويندا ھئا.  

اگھائي سگھا ٿيا جي ويٺا وٽ ويڄن،

 تنھين طبيبن چيٺي ھوندا چڱا ڪيا.

 پاڻ لطيفيات تي تمام وڏو ڪم ڪيو اٿن. سندن تحقيق جو انداز سڀني محققن کان منفرد ھيو. 1986ع ڌاري سنڌ حڪومت ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو ۾ ٿر ميلو ملھائڻ لاء ڌار ڌار انتظام ڪيا جنهن جو مقصد ٿر ۾ وارد ٿيل ڏڪاري حالتن کي منهن  ڏيڻ ۽  منصوبابندي ڪرڻ ھو. انھيءَ موقعي تي ھفتيوار وينجهار رسالي جو اسپيشل ايڊيشن ڇپائي پڌرو ڪيو  ويو جنهن جو وڏو مقصد ڏڪاري حالتن واري ڀيانڪ صورتحال کي منظر عام تي آڻي ان جو سد باب ڪرائڻ ھو. انھيءَ موقعي  تي سائين معمور صاحب جن جو ڪردار انتھائي اھم رهيو. ميلي واري ادبي نشست ۾ سندس طرفان پيش ڪيل مقالو انتھائي جامع ۽ ڪارائتو ھو.

پاڻ جڏھن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول جا استاد  ھئا، تڏھن به سندن علمي حيثيت ھڪ ماھر تعليم جھڙي ھئي. سنڌي لغت تي ته کين دسترس حاصل ھئي. پاڻ ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي رسالي جا پارکو ۽ شارح ھئا جو سڄي رسالي جي سڀني سُرن جي اختصار کي ھڪ لڙھي ۾ پروئي، درياء کي ڪوزي ۾ بند ڪري سامعين جي نذر ڪيائون ۽ ملڪي سطح تي وڏي مڃتا ماڻيائون. سنڌي نظم ۽ نثر جا ته پاڻ بي تاج بادشاھ ھئا.  لاکيـڻي لطيف رحه جي رسالي تي جامع ۽ جاندار انداز ۾ تحقيق ڪرڻ فقط سندس ئي ڪمال ھو. ساڳيءَ طرح ٿر، ڍاٽ ۽ ناري جي علائقن سان وابسته لوڪ ادب سھيڙي ان کي  سنڌ ادبي بورڊ جي سھڪار سان ڇپائي پڌرو ڪرائڻ، ناري پٽ جي قديم تھذيب و ثقافت، پراڻ ۽ ھاڪڙي درياء جي  وھڪرن، ڪيئي جُڳ اڳي تباھ ٿيل شھرن، قديم  ڀڙن ۽ مساڻن متعلق مواد سھيڙي ڇپائي پڌرو ڪرائڻ سندس ئي ڪارناما آهن. ان لاء ائين چوڻ ۾ ڪو واڌاءُ ڪون ٿيندو ته ٿر ۽ ناري پٽ ۾  سندس حيثيت جو ڪوبه اديب يا محقق ڪونه ھو. عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ماھر  سائين علامه محمد ادريس جوڻيجو صاحب  جيڪو ماضيءَ ۾  گورنمينٽ ھاءِ اسڪول عالم پلي جو ھيڊ ماسٽر رھي چڪو آھي ۽ ھن وقت پاڻ مدرسه دارالفيوض ايم.ڊي اوريئينٽل ڊگري ڪاليج حاجي محمد عالم پلي جا پرنسپال آھن ۽ ڀوٽاڻي جي سھيڙيل رياضيءَ جي ڪتاب تي مھارت رکندڙ استاد  ڪريمداد ولد مولانا ھدايت الله راھومون جن نجي ڪچھرين ۾ اڪثر ذڪر ڪندي ٻڌائيندا ھئا ته:

ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد" جيڪا مرد استادن لاء مشهور تربيتگاه ھئي، جتي ايس-وي ۽ جي-وي جا تربيتي ڪورس ڪرايا ويندا ھئا، اُتي جا انتھائي سينـئر ۽ تجربيڪار استاد  به سائين معمور صاحب جن جي تعريف ڪندا ھئا.

مرحوم جي سڃاڻپ ھڪ عاشق رسول خاتم  النبيين ﷺ جي ھئي. پاڻ راسخ العقيده، الله تعالي جا صالح ٻانھا ۽ ايمان جي جذبي سان سرشار اديب  ھئا. تنهنڪري پاڻ نه صرف ھم خيال اديبن ۽ شاعرن سان گهڻو ميل جول رکيائون  پر اسلام کان متاثر ٿي انھن جا سعادت ڀريا نالا پنهنجن پٽن تي رکيائون.

جن ماڻهن پنهنجي ذاتي مفاد خاطر ۽ ادب کي نوان لاڙا ڏيڻ جي بهاني سنڌي ادب جو حُليو بگاڙڻ، بي راهه روي اختيار ڪرڻ ۽ مذهب ۽ عقيدت جي اصلاح جي نالي ۾ جديديت جو جيڪو چوغو پاتو، پاڻ انهن جي سخت مخالف رهيا ۽ قلمي جهاد ڪندا رهيا. لادين ماڻهن جي ۽ نه ڪڏهن دوستي رکيائون ۽ نه ڪڏهن انهن جي همت افزائي ڪيائون.

پاڻ مرحوم جان محمد جمالي سان گڏ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن (پ.ٽ.الف) جي بنيادي ميمبرن مان هئا، ايسوسئيشن جا سينئر صدر پڻ رهيا، استادن جي هن پليٽ فارم تان استادن جي حقن لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪيائون، پاڻ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي به پنهنجي سُگهڙائپ جا جوهر ۽ شاعرانه ۽ محققانه علمي موتي ونڊيائون.

پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جا ميمبر ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر پڻ رهيا. سندن پنهنجن ڪتابن کان سواءِ سندن حياتي تي مختلف اديبن جي لکيل مضمونن تي مشتمل ٻه ڪتاب: (1) بيباڪ شخصيت ۽ (2) جيڏو سجَ سُهاءُ مطالعو معمور جو جي سيريل تحت شايع ٿي چڪا آهن. هن سلسلي جو ٽيون ڪتاب زير ترتيب آهي.  پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي حصي جو ادبي ڪم ڪري لاتعداد تحقيقي مضمون ۽ مقالا ۽ 89 ڪتاب لکي 24 ڊسمبر 1993ع تي هن فاني جهان مان الوداع ڪيائون. الله پاڪ سندن دنيوي لغشون معاف فرمائي ۽ اڳئين جهان ۾ خوش ۽ آباد رکي. آمين

ثمينه ميمڻ

ڄام شورو

 

 

 

 

خان محمد پنهور هن صديءَ جو بي لوث سماج سڌارڪ

سنڌي سماج جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ توڙي تعليمي ميدان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن ۾ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو شمار انتهائي سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندڙن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور 27 جون 1949ع تي جنم ورتو، ٻالڪپڻ کان جواني تائين بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهه پٽڻ جي بغير ڪنهن ميار، بغير ڪنهن جي تنقيد ورنائڻ جي پنهنجي مشن ۾ جنبيل رهيو، صحافت ۽ سماجي ڪم سندس رڳن ۽ روح ۾ سمايل هئا. ڳوٺ کان ويندي ڪراچي پوءِ حيدرآباد واري آخري سفر جي پڄاڻي ڄام شورو ۾ ڪيائين، تعليم جو سلسلو به مسافريءَ دوران طئي ڪيائين. پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي.اي هالا ڪاليج، ايم.اي ڪراچي يونيورسٽي مان. قدرت ڊاڪٽر پنهور کي پيدا هڪ غريب گهر ۾ ڪيو هئو، پر کانئس وڏا ۽ بهترين ڪم ڪرايائين. محبت پڻ ملڪ جي ناميارن شخصيتن وٽان سکڻ جو ڏانءُ هن کي قدرت طرفان خاص عطئي طور نصيب ٿيو هئو. ڪنهن سان ڪيئن ڪاوڙ ۾ ڳالهائجي اهو هن کي آيو ئي ڪونه.

زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان پيچ اٽڪايائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، ڳوٺ کان ’عبرت‘ ۽ ’مهراڻ‘
اخبات سان وابسته رهيو، وري جڏهن تعليم سانگي حيدرآباد پهتو ته ’عبرت‘ اخبار سان لاڳاپيل رهيو، اتي ماما موجي (پير مظهرالحق) جهڙن دوستن سان ٻارڙن جي ٻاري توڙي ٻارن جي ادب لاءِ خاص طور وک وڌايائون. نوڪريءَ جي شروعات وفاقي حڪومت جي طرفان نڪرندڙ ’”نئين زندگي‘ رسالي جي جوائنٽ ايڊيٽر طور ڪيائين. مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ ان کان پوءِ شمشيرالحيدريءَ جهڙن وڏن اديبن هوندي پاڻ مڃايائين، اديبن ادب دوستن کي ’نئين زندگي‘ ۾ متعارف ڪرايائين، وري انهي کاتي ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ پهريون ريجنل انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو، ته به اها صحافت واري تنوار، شيخ اياز جي وائيس چانسلر واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي وسايائين، نوان دوست نوان ساٿي گڏجي صحافت جي شعبي کي مچايائين. انهيءَ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ميگزين، سندس ادارت ۾ نڪتا. ’سرتاج‘، ’مارئي‘،
’ٻالڪ‘، ’نئون نياپو‘، ’سنڌي پبليڪيشن‘ ۽ ’پارس‘
رسالي کي آخر تائين اولاد وانگر پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسندو ۽ ان لاءِ صلاحون ڏيندو هو، اهو ڀلي نواب شاهه ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروجيڪٽ سان هجي يا جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۽ 16 وارڊ ۾ هجي، پر اهو ئي جملو ’پارس‘ رسالي جو ڇا ٿيو ۽ مجيد پنهور جيڪو ’پارس‘ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو، ان سان هر وقت صلاح مشورو ڪندو هو. سدائين سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان رهيو ۽ انهن جي ئي پيروڪار ۽ انهن جي واٽ هلندو رهيو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني مرشد هئو، پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هو، پر ان افيشل شيخ سنڌيءَ سان جيڪا عقيدت هئي انهن جي ذڪر لاءِ ڪي لفظ مهيا ڪونه آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال جي بستري تي هوندي، سندس ڳالهائڻ واري سگهه جواب ڏيئي چڪي هئي، بيوسي ۽ بي حسيءَ واري اسان جي هن سماج ۾ اسان وائڙن وانگر ڪڏهن ڊاڪٽرن، ڪڏهن انتظاميه، ڪڏهن پاڻ کي پئي پاراتو ڏنوسين، انهي ڏينهن ۾ شايد اپريل مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، اسان آزمودي خاطر پڇندا هئاسين. ڀائو شيخ صاحب جي ورسي پئي اچي ڪارڊ توهان جي نالي سان ڇپائڻا آهن، پر اسان کي شيخ صاحب جي تاريخ چڱي طرح ياد ڪونهي، پوءِ اسان کيس ڪا ٻي تاريخ ٻڌائيندا هئاسين ڀلي کڻي ڪيڏي به غشيءَ جي حالت ۾ هجي، آهستي اکيون کولي چچريل آواز ۾ ٻڌائيندو هئو 24 مئي. سندس ان ئي حالت ۾ هڪ دفعو سندس استاد پروفيسر ذڪريا ساجد کيس ايل.ايم.سي اسپتال ڏسڻ هليو، ساڳيو ئي حال بند اکيون ”خان مين ذڪريا ساجد هون“ گهڻي ڪوشش جي باوجود جڏهن آواز ساٿ ڪو نه ڏنو ته اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي استاد جي ڀليڪار لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ائين محترم تاج جوئي وارن سان آيل ”ڪونج“ جي ايڊيٽر سرڳواسي محترم هري موٽواڻيءَ سان پڻ ملي چچريل آواز ۾ ساڻس حال احوال ورتائين. پير حسام الدين راشدي طرفان ڏنل ڪئمرا ۽ ريڊيو سڄي عمر ياد رکيائين، سائين جي.ايم.سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حاتم علوي، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين ايڇ ايم خواجه، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، هدايت بلوچ، تاجل بيوس،  منصور عالم ابڙو، سڪندرالزمان ميمڻ، رسول بخش گچيراڻي، نياز پنهور، روشن ٻگهيو، خالد شمس الحسن، خير محمد کوکر، ولي محمد روشن، ناز سنائي آخر تائين جيستائين سينسز ۾ هئا سندس حافظي تي رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان. شيخ صاحب جي آخري ڏينهنِ جو تذڪرو ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙيءَ ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪريءَ جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هو.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) جو بنياد 1972ع ۾ ڪراچي ۾ پيو، ۽ مرڪزي اڳواڻن ۾ خان محمد پنهور جو نالو سرِفهرست آهي، ۽ انهي پليٽ فارم تان سنڌ ليول تي گهڻيون عملي ڪوششون ورتائين جيڪي ساراهه جوڳيون آهن.

سنڌ ڳوٺ سڌار سنگتن جا ساٿي پراڻا دوست سڀ کيس نالن سان ياد هوندا هئا. جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي ته سڀني نوجوانن کي انتهائي ۽ محبت سان سمجهائڻ، رهنمائي ڪرڻ اهڙي نموني جو سندس ان حڪم تي باقاعدي پيروي ڪن. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جيڪا شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي قائم ڪيائون، ان جي پليٽ فارم تان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ سندس ڪم کي نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ، سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪرائڻ، سنڌي صحافت جي حوالي سان قومي ليول تي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت، سنڌي ادب، سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جي لاءِ هر وقت تڙپ، هر وقت جُستجو سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هئو، جيستائين صحت ساٿ ڏنس آخر تائين جتي به ويو هر دوست کي ڳولي ان سان مليو، بنا ميار جي ڪير سندس خيال ڪري ٿو نٿو ڪري، ڪير هن سان ملڻ آيو نه آيو، ’اهين دي او ڄاڻي سانون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي.‘ اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندا هئاسين ”ڀائو هُو ته توهان کي فون تي به ڪونه ٿا پڇن ته علامه مشرقيءَ جو مثال ڏيندو هئو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن علامه مشرقيءَ کان سندس سڀ ساٿي ۽ دوست پاسيرا ٿي ويا ته هُو انهن کي خط لکي هدايت ڪندو هو ته فلاڻا تون فلاڻون ڪم ڪري ڇڏجان، فلاڻا تون فلاڻي کي هيئن چئجان.  ڪنهن علامه صاحب کي چيو ته اهي ته هاڻي توهان کي ڇڏي ويا آهن ته جواب ڏيندو هو ته بابا انهن ڇڏيو آهي اسان ته ڪونه ڇڏيو آهي نه. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو خاص سلوگن هوندو هئو. پڙهو اڳتي وڌو، ڪنهن کان پڇندو هئو. ”بابا ڇا پڙهيو آهين ۽ چوندو هو سائين ايم.اي ڪئي آهي. هن سبجيڪٽ“ ۾، ته چوندو هوس ”بابا ايم.فل ۾ داخلا وٺ، پوءِ پي.ايڇ.ڊي ڪري اڳتي وڌو، رڙهو ٻين کي مدد ڪيو انهن کي اڳتي وڌايو“، ڊاڪٽر خان محمد پنهور سڄي زندگي صاف ۽ سٿري نموني گذاري آخر تائين بيمار هوندي ڪنهن کي ميار نه ڏنائين، پر وري به ٻين جو خيال ڪيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت هئو، صحافت ادب ۽ سماج، ساهت ۽ سڀني شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين. 27 مئي 1999ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل.ايم.سي حيدرآباد جي آءِ.سي.يو وارڊ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽ نوجوانن کي سندس رهيل مشن کي پورو ڪرڻ جي توفيق ڏئي.

’وفا‘ منظور چوهاڻ

شڪارپور

 

 

 

نقش ناياب منگي عاشقِ شڪارپور

 

شڪارپور سان محبت ڪندڙ شڪارپور جو رهاڪو حق نواز عرف امام بخش المعروف ادبي نالو نقش ناياب منگي به ادبي قد ڪاٺ ۾ تحقيق جي فيلڊ ۾ سڀني کان نمايان بيٺو آهي. نقش ناياب منگي جنهن جي قلم مان ڪيئي اهم ۽ وقتائتا مقالا اسان جي سامهون آيا آهن، جن مقالن جي هڪ پنهنجي جداگانه حيثيت آهي، نقش ناياب منگيءَ جا اهي شڪارپور تي لکيل ليک نه صرف شڪارپور سان محبت جا چٽا ثبوت به آهن پر شڪارپور بابت سندن راءِ به آهن ساڻس دِلي لڳاءُ به آهن ته شڪارپور واقعي شڪارپور هئي ۽ آهي. نقش ناياب منگي جنهن شڪارپور سان پيار ڪيو. ان جي هڪ هڪ شيءِ کي سانڍيو، سنڀاريو ۽ حفاظت ڪئي، بلڪه هن ٻين جي نظرن ۾ فالتو شين مان تحقيق ڪري راهه ڏسي ۽ شڪارپور جي تاريخ جا نوان رُخ کوليا.

نقش ناياب منگي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جو ٻيو نانءُ هو، سندن اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻيءَ ۾ شڪارپوري لهجو، طريقو پيو ظاهر ٿيندو هو. جتي به هُو هجي، شهر ۾ توڙي ٻاهر، ادبي پروگرامن توڙي نجي ڪچهرين ۾ ذڪر هميشه شڪارپور جو پيو هلندو هو. هُو ڄاڻو هو، سمجهُو هو، شڪارپور جا موضوع کولي، ان مان نيون ڳالهيون پيو ڳوليندو هو، اهوئي سبب آهي، جو سندس لکڻين ۾ پئي شڪارپور جي سار، گفتار ۽ پيار پيو ظاهر ٿيندو هو.

’شڪارپور هڪ اڀياس‘ هڪ عام ڪتاب نه آهي، پر اها شڪارپور جي تاريخ آهي، جاگرافي آهي، تپو آهي، ديهه آهي، وارڊ/يوسي آهي، تعلقو آهي، ضلعو آهي، صوبو آهي، ملڪ آهي، سندس سڄي عمر جي جمع پونجي آهي، هڙ آهي، ڳنڍ آهي، جنهن کي کولڻ سان ۽ پڙهڻ سان ان مان املهه نقطا، ڏس پتو، راهه ملي ٿي، ڪنهن کي شڪارپور جي ڄاڻ نه آهي ته شڪارپور ڇا هئي؟ ڪيئن هئي؟ انهي سوال جو جواب اسان کي سندس هن ڪتاب مان ملي ويندو.

’شڪارپور هڪ اڀياس‘ ڪتاب جنهن ۾ ڪيئي اهم مقالا اچي وڃن ٿا. ’شڪارپور ننڍي کنڊ ۾ ساڳي نالي وارا شهر‘ مضمون ۾ شڪارپور نانءُ سان اڏيل شهرن بابت تعارف، تاريخي ڇنڊڇاڻ سان گڏ هيءُ هڪ اهم معلوماتي مضمون آهي، شڪارپور دائودپوٽن واري شڪارپور پنهورن (خداآباد) واري معاملي کي حل ڪيو ويو آهي. جنهن معاملي تي تاريخدان ۽ محقق مونجهاري جو شڪار ٿيا، جن هڪڙي شڪارپور سمجهي تاريخ ۾ مونجهارا پيدا ڪيا.

’سنڌ جو اُسرندڙ شهر شڪارپور‘ ڪتاب ۾ شامل ٻيو مضمون مرليڌر آڏاواڻي جو ترجمو آهي. جنهن ۾ شڪارپور جي اهميت جي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ اهو سرسري جائزو شڪارپور جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.

’شڪارپور تي ڪيل تحقيق جو اڀياس‘
ڪيل اڀياس ۾ جنهن ۾ ڪتاب جو نالو چونڊيو ويو، هن اڀياس ۾ نقش ناياب جا قيمتي رايا، غلط حوالن جي درستگي ۽ نشاندهي ملي ٿي.

چوٿون مضمون ’راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال شڪارپور‘ بابت شامل آهي. شڪارپور جي هن فلاحي اداري جي تاريخي اهميت، افتتاحي تقريب جو احوال، اداري جي ٺهڻ، ڊونيشن، اسپتال کي هلائڻ، طريقيڪار ۽ سندس خدمت هڪ سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿي.

پنجون مضمون ’سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال‘ هڪ خيراتي اداري بابت لکيل آهي. جنهن اداري کي محنت ڪري ٺاهيو ويو هو. ان جو مقصد اهو هو ته ”خدا جي مخلوق کي فائدو رسي، هو پنهنجي اکين جي روشنيءَ سان زندگي ڀر دنيا جي سهڻن نظارن کي ڏسندا رهن ۽ خدمت خلق جي جذبي سان نروار هجن. اڄ ستم ظريفي اها آهي ته هن اداري کي وڪڻڻ ۽ رهائشي مقصدن لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن، ڏٺو وڃي ته اڄ ۽ ڪلهه جي شڪارپورين ۾ ڪيڏو فرق اچي ويو آهي. اڳين شڪارپورين ادارا ٺاهيا ۽ اڄوڪا شڪارپوري وري انهن ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ سان گڏ سندن نشان ئي ختم ڪري رهيا آهن.

ڇهون مضمون ’چيلا سنگهه سيتلداس (سي.اينڊ.ايس) ڪاليج‘ شڪارپور اپر سنڌ جو تعليمي ميدان ۾ شروعاتي ادارن ۾ مکيه ادارو آهي. جنهن تعليمي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. چيلا سنگهه سيتلداس ڪاليج تعليم جي هر فيلڊ ۾ نمايان نالو ڪمايو. هن ڪاليج جديد تعليم ڏيڻ جا سائنٽيفڪ طريقا رائج ڪيا، جنهن جا نتيجا به اسان کي سُٺا مليا، سي.اينڊ.ايس ڪاليج شڪارپور مان سٺا سٺا نالي وارا دانشور، تعليمي ماهر ۽ مشهور شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن شڪارپور جو نالو سنڌ توڙي ملڪ پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ نانءُ روشن ڪيو آهي.

نقش ناياب منگي هڪ خوددار ماڻهو هو، هن خودداريءَ ۾ پنهنجا دوست، شاگرد به ڇڏيا، پر پنهنجي خودداريءَ ۽ ماڻهپي جي اصولن کي قربان ٿيڻ نه ڏنو. پئسو، رُپيو، ڌن دولت، رقم سندن اصولن اڳيان ڪا معنيٰ، حيثيت ۽ اهميت نه رکندي هئي. نقش ناياب منگي پئسي کي صرف ضرورت سمجهي، گهر جي خرچ پَکي لاءِ استعمال ڪيو. سندس ڪچهريون غلام رسول ميمڻ جي پريس تي، هاٿيدر ايريا جي مخصوص هوٽل تي پاسيرو ٿي، ڪنهن صندل/ٽيبل تي، اقبال سوئيٽ وٽ يا پنهنجي مائٽ جي سيلون وغيره تي آيل دوستن، شاگردن ۽ پنهنجي ڪنهن مهربان، ادبي سونهي جي خدمت ڪندي نظر ايندو هو. اڪثر شاگرد بل ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته پاڻ انهن کي روڪيندا هئا ته توهان مون وٽ آيا آهيو، بل مان ادا ڪندس. هڪڙي ڀيري هڪ دوست سندن لاءِ پان وٺي آيو، پاڻ ان کي ڇڙٻ ڏيندي، ڇنڊ پٽيندي ڪاوڙ مان چيائون ته توکي ڪهڙي خبر ته مان ڪهڙو پان کائيندو آهيان، کڻ! واپس ڪر، هيءُ پان منهنجي صحت لاءِ نقصانڪار آهي.

نقش ناياب منگيءَ کي انگريزيءَ جي به سُٺي ڄاڻ هئي، سندس قلم مان انگريزيءَ مان معياري ترجما به اسان جي سامهون آيا آهن. اردو تي به سٺي دسترس رکندا هئا، حالانڪه ڪن دوستن کيس فارسي ڄاڻو لکيو آهي، پر هُو فارسي نه ڄاڻندو هو، فارسيءَ مان جيڪي هن ترجما ڪيا، سي سندس استاد آذر ناياب صديقي ۽ ٻين غلام ياسين علوي ۽ خليفه صبغت الله اديب شڪارپوريءَ کان ترجما ڪرايا.

نقش ناياب منگيءَ جي لکڻين ۾ شڪارپور جي لاءِ محبت، چاهت ۽ اُلفت جا ڪيئي انمول رنگ موجود آهن، هُو سکاري شڪارپور کي، اڄ جي ڏکاري شڪارپور کي به انهيءَ اوج واري نظر سان ڏسندي، سڀ کي اهوئي ٻڌائي رهيو آهي ته شڪارپور هر دور ۾ نمايان ۽ سونهن واري رهي آهي. شڪارپور جو شاندار ماضي آهي، حال روشن آهي ۽ مستقبل به ساڳيو آهي. بس فرق اهو آهي ته اڄ جي شڪارپورين کي پنهنجي شهر جي هر هڪ شيءِ سان محبت ڪرڻي پوندي. شڪارپور جي هر تاريخي ماڳ، جاءِ ۽ اداري کي پنهنجو ورثو سمجهي حفاظت ڪرڻي پوندي. تعليمي ادارن ۾ صرف تعليمي ماحول جوڙڻو پوندو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن اسان تعليم جي هٿيار سان شڪارپور جو نانءُ هر ميدان ۾ روشن نه ڪيون، انڪري هن چوڻيءَ کي پنهنجو مقصد بڻايون ته، ”هڪ تعليم يافته شڪارپوري شڪارپور جي ترقيءَ جو ضامن آهي.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ