سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:5 

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

راڄو ڳوٺ- سال

 

 

چوڏهين صديءَ جا ست عالم سونڊا ۾

ٺٽي ضلعي جو مشهور شهر ’سونڊا‘ هيءُ ننڍڙو شهر جهرڪن کان چند ميلن جي پنڌ تي نيشنل هاءِ.وي جي اوڀر ڏکڻ ڪُنڊ تي گهڻي حد تائين پنهنجي پراڻي ساخت سان آباد آهي. 1969ع ۾ جڏهن آءٌ هن شهر کي ڏسڻ ويس ته گهڻي حد تائين مٽي ۽ سِرن جا گهر ڇتين تي هوا جي لاءِ بازيگر عجيب وڻندڙ ڏيک ڏيئي رهيا هئا، رستي جي پاسي ۾ هڪ وڏو پراڻو قديم ۽ تاريخي قبرستان آهي جنهن جي باري ۾ به ڪافي روايتون تاريخ جي ڪتابن ۾ ملن ٿيون. هڪ روايت موجب هتي سلطان محمود غزنوي جي فوج جا سپاهي پڻ دفن آهن. جيتوڻيڪ وڏي تشريح ۽ تفصيل ته نه آهي، پر روايتون ضرور آهن. شهر جي هيٺين پاسي سنڌو درياء آهي گڏوگڏ وڏو ٻيلو پڻ آهي، شهر ۾ مختلف برادريون رهنديون آهن، پر جن جو آءٌ تذڪرو ڪرڻ چاهيان ٿو انهن جو تعلق قاضي فاروقي برادريءَ سان آهي، جيڪا هتي جي قديم علمي ۽ ادبي برادري آهي. هن برادري جا ڪافي علمي ماڻهو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هن وقت به رهن ٿا ۽ مناسب عهدن تي فائز آهن، ٻهراڙي جا ماڻهو گهڻي حد تائين علم جي روشيءَ کان محروم رهن ٿا. ڇو ته هنن کي اها سهوليت سندن ننڍن ڳوٺن ۾ نه ملي سگهي آهي، ان جي باوجود ڪن ڳوٺن مان ڪي وڏا آفيسر ۽ علمي ماڻهو پيدا ٿيا آهن، يقيناً اها ڳالهه قابلِ حيرت ته ضرور آهي ته اهڙن ڳوٺن مان آفيسر يا اهلِ علم ماڻهو ڪيئن نڪتا، گهڻي غور ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي ته ان ڳوٺ يا برادريءَ ۾ پوئين عهد ۾ ضرور ڪونه ڪو عالم هو جنهن جي تعليم ۽ ٻاريل شمع، پوکيل وڻ اڳتي هلي اِهو ثمر ڏنو، اهو تجربو گهڻي حد تائين منهنجو صحيح نڪتو. ڪيترا اهڙا مثال ملن ٿا، اهائي ساڳي حالت سونڊا شهر جي خاص طور تي قاضي برادريءَ جي رهي آهي، 1973ع ڌاري جڏهن آءٌ ڪراچيءَ ۾ رهندو هئس ته هڪ ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچيءَ ۾ قاضي صاحب هو ڪراچيءَ جي قديم علائقي گاڏي کاتي ۾ رهندو هو، خبر پئي ته هيءُ سونڊا شهر جو رهاڪو ۽ مولانا عبدالحڪيم جو پٽ هو سندس والد کڏي جي مدرسي مان فارغ ٿيل هو. اهڙيطرح هن وقت به هڪ جج جيڪو حيدرآباد ۾ رهندو آهي ان جو تعلق سونڊا جي قاضي خاندان سان آهي. اسدالله قاضي اڪائونٽ آفيسر ٽريزري ڪراچي سونڊا شهر جو هو يا اسسٽنٽ رجسٽرار هاءِ ڪورٽ ۾ سونڊا جو هو، موجوده هڪ مختيارڪار قاضي حمودالرحمٰن ڪراچي جو تعلق به ساڳئي گهر سان آهي. اهي چند نالا ته مون کي اچن ٿا، ممڪن آهي ته ٻيا به ڪيترا آفيسر هجن، جن جو تعلق سونڊا سان هجي. هاڻي اچون ٿا مختصر تحقيق تي. تاريخ جي ورقن کي اُٿلائڻ سان گڏ سرزمين تي وڃي مختصر معلومات حاصل ڪئي ته صرف گذريل صديءَ ۾ يعني چوڏهين صديءَ ۾ هتي وڏا عالم، علم ۽ معرفت جا صاحب پيدا ٿيا، جيئن مون شروع ۾ لکيو ته ٻهراڙي جي ڪنهن ننڍي شهر ۾ موجده وقت ۾ آفيسر نظر اچن ته پڪ سمجهو هنن جي پٺيان ڪا عالمن ۽ عارفن جي تربيت هئي.

تحفته الڪرام جي هڪ روايت مطابق هن شهر جو بنياد ڄام تماچيءَ وڌو هو. جڏهن ته شهر جو اصل نالو ’سونڊر‘ هو پوءِ حرف ”ر“ جي تخفيف سان سونڊا ٿيو، ڪن روايتن ۾ اچي ٿو، جيڪي تحفـﺔ الطاهرين وغيره ۾ آهن ته پاسي واري جبل جي ٽڪري تي سمن واري عهد ۾ هڪ بزرگ رهندوهو جيڪو سُر سونڊر جي راڳ تي ڏاڍو محو ٿي ويندو هو ۽ خوشيءَ مان محتاجن جون حاجتون پوريون ڪندو ۽ عام ماڻهن تي مهربانيون ڪندو هو. انڪري عام ماڻهن جي زبان تي اهو نالو عام ٿيڻ لڳو، يعني سونڊر. پوءِ نوريءَ جي ڪري ڄام تماچي جي صاحبيءَ ۾ هن شهر کي شاهي پذيرائي ملي ته ڄام تماچيءَ به ساڳيو نالو رکيو، جيڪو ماڻهن جي زبان تي هو. ڪلهوڙن جي عهد تائين هن شهر جي وڏي علمي هاڪ هئي ۽ ديني درسگاهه هئا، جتي طالب پنهنجي علم ۽ فيض جي اُڃ اُجهائيندا هئا.

مذڪوره خانداني بزرگن جي مزارن تي سونڊا ۾ ليکڪ ڊاڪٽر محمد اشرف سمون ۽

ڪائونسلر وڏيرو جمعون ترڪ.

(مولانا ابراهيم جوناڳڙهي جي مزار جو ڪتبو نمايان آهي).

هتي جا مخدوم، قريشي بزرگ وڏا صاحب فيض و معرفت هئا، جيڪي علي ثاني شيرازي جا فيض يافته هئا. صاحب تحفته الڪرام مير علي شير قانع هتي جي مشهور عالم مُلا بايزيد بن ملاّ آري جو تذڪرو ڪيو آهي، ٻئي وڏا صاحبِ فيض عالم هئا، سندن قبرون اڄ تائين نشان زده ۽ ڄاتل سڃاتل آهن. اسٽاپ کي ويجهو هڪ قبر آهي جنهن تي ان زماني جي هڪ ڇتري ٺهيل آهي، عام ائين  چيو ويندو آهي ته اها ڇتري جنهن قبر جي مٿان آهي اُهو ملا باعدو يعني ملا بايزيد بن ملا آري آهي. جڏهن ته پيءُ ۽ پٽ جي قبر پاسي ۾ آهي. ڇتريءَ هيٺيان خاندان جي ڪنهن ٻئي فرد جي قبر آهي اها روايت مولوي قاضي هارون صاحب ٻڌائي، جيڪو قاضي فاروقي آهي ۽ سونڊا ۾ هڪ مدرسي جو مهتمم آهي.

قبرستان تمام وڏو ۽ قديم آهي، قبرن تي وڏا وڏا چٽسالي وارا پٿر رکيل آهن، جيئن چوڪنڊيءَ واري قبرستان تي آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق ته اهي سمن جي عهد جا سپهه سالار لاشاري قبيلي جا هئا، جيڪي وڏا جنگجو هئا، سمن حاڪمن جي ساڄي ٻانهن هئا. جيڪي ارغونن سان وڙهندي جنگ ۾ ماريا ويا. آثارِ قديمه جي طرفان ڪتبا ۽ نوادرات به محفوظ ۽ موجود آهن. اوڀر پاسي جبل آهي جنهن جي باري ۾ آيو آهي ته ان جاءِ تي هندن جو وڏو تيرٿ هو جنهن جو ڪوبه هن وقت نشان اهڃاڻ نه آهي، روايتن مطابق پاسي ۾ قديم هيمون ڪوٽ جو به زڪر اچي ٿو پر ڪو نشان نه آهي.

جبل جي ٽڪريءَ تي پراڻي زماني جي عيدگاهه ٺهيل آهي جتي پوري علائقي جي عيد نماز ادا ڪئي ويندي آهي. ڪلهوڙن جي عهد کان پوءِ هيءُ شهر نه صرف ويران رهيو، پر ڪنهن علمي، ادبي ۽ روحاني شخصيت جو به ڏس پتو نٿو پوي. چوڏهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ هن شهر کي وڃايل بخت مليو، جيڪو عموماً گهڻو گهٽ مِلندو آهي، شهر سان واڳيل ۽ وابسته هڪ ئي فيملي جا ست وڏا عالم جن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ’سونڊا‘ سان نسبت رهي، سڀ جا سڀ دارالعلوم ديوبند (انڊيا) جا فاضل ۽ فارغ التحصيل هئا. سڀني جون دوره حديث جون سَندون سونڊا جي مدرسي جي ان قديم هجري ۾ آويزان ۽ زينت بنيل آهن جن تي اڪابرين ديوبند جا دستخط موجود آهن.

گهڻا سال اڳ راقم الحروف جو وڃڻ ٿيو جتي هن فيملي جي هڪ بزرگ فرد حافظ محمد موسيٰ صاحب مون کي نه صرف اهو حجرو ڏيکاريو جنهن ۾ حديث جون اُهي سَندون آويزان هيون بلڪ ٻڌايائين ته شيخ الهند مولانا محمود الحسن هن ڪمري ۾ رهي چڪا آهن. جيڪو مسجد شريف سان متصل آهي. ۽ پاڻ مدرسي کي هڪ روپيه چندو به برڪت خاطر عنايت ڪيائون، مولانا محمود الحسن دارالعلوم ديوبند جا شيخ الحديث تحريڪ آزاديءَ جا عظيم رهنما ۽ اسير مالٽا جي حوالي سان مشرق و مغرب ۾ مشهور آهن. مولانا عبيدالله سنڌي نه صرف سندن شاگرد هو پر ’تحريڪ ريشمي رومال‘ ۾ خاص طور تي ڪابل ۽ روس جو دورو به سندن ئي مشوري سان ڪيو، بلڪه ائين چئجي ته اسير مالٽا جا سياسي جانشين هئا. مولانا محمودالحسن سان گڏ سونڊا جي سفر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مفتي ڪفايت الله به گڏ هئا، مولانا محمودالحسن سنڌ ۾ صرف چئن جاين تي سڪونت ڪئي، ڪراچي کڏو مدرسو، سونڊا، پير آف جهنڊو ۽ امروٽ شريف. غرض اهو ته سونڊا کي ٻيهر علمي ۽ روحاني عروج مولانا محمد ابراهيم جوناڳڙهيءَ جي آمد سان ٿيو نه ته جيڪي علمي شهر اجڙيا انهن کي وري ٻيهر عروج نصيب نه ٿيو.

مولانا ابراهيم جوناڳڙهي مدفون سونڊا جي ولادت 1275هه ۽ وفات 1345هه آهي، پاڻ شاهه رفيع الدين عثماني جا خليفا هئا، شاهه صاحب دارالعلوم ديوبند جو نائب مهتمم هو.

شاهه عبدالغني نقشبندي مجددي جا پاڻ خليفا هئا جڏهن ته دارالعلوم ديوبند جو مفتي عزيزالرحمٰن به شاهه عبدالغنيؒ جو خليفو هو، ڄڻ مولانا محمد ابراهيم جوناڳڙهي ۽ مفتي عزيزالرحمٰن ٻئي هڪ ئي مرشد جا خليفا هئا. راقم الحروف کي خود مفتي عزيزالرحمٰن جا لکيل خط سونڊا مدرسي جي انتظاميه ڏيکاريا، جن ۾ مدرسه دارالعلوم جي لاءِ مالي معاونت جي درخواست پڻ ٿيل هئي.

مولانا محمود الحسنؒ اسير مالٽا جي سونڊا اچڻ جو سبب به شايد اهو ٿو لڳي ته حضرت مولانا ابراهيم جوناڳڙهي جي مستقل رهائش گڏوگڏ قديم رفاقت. مولانا جوناڳڙهي جي پهرئين گهرواريءَ جي وفات کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ آيا، پهرئين زال مان کيس ٻه پٽ ٽي نياڻيون ٿيون، ان زماني ۾ سونڊا جو هڪ قاضي ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، جنهن جو نالو قاضي عبدالڪريم هو قاضي عبدالڪريم کي پنج پٽ هئا، جن جا نالا هن طرح هئا، احمد، محمود، حامد، محمد ۽ عبدالله.

جوناڳڙهيؒ سندس ٻن نياڻين جو رشتو ان قاضي عبدالڪريم جي ٻن پٽن يعني احمد ۽ حامد کي ڏنو. مولانا ابراهيم پنهنجي ناٺي احمد کي ديوبند دارالعلوم موڪليو، جنهن جي سَند فراغت جو سال 1313هه مطابق 1894ع آهي هيءَ سَند هن وقت به مدرسي جي هال ۾ آويزان آهي. ان وقت مولانا احمد سان گڏ مولانا انور شاهه ڪشميري محدث دابيل ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري گڏ فارغ التحصيل ٿيا، سندن قبر به سونڊا جي قديمي قبرستان ۾ والد سان گڏ ڪتبي سان موجود آهي.

هتي ضمناً اهو تذڪرو ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته سنڌ جي اوائل سيد فيملي يعني امير علي شاهه ڄاموٽ سابق ميمبر قومي اسيمبلي، غلام قادر شاهه ڄاموٽ، (ناٺي سردار ممتاز ڀٽو مرحوم) ۽ مرحوم آفتاب شاهه ڄاموٽ، مرحوم جي والده ماجده مولانا احمد صديق بن مولانا محمد ابراهيم جوناڳڙهي جي نياڻي هئي. مولانا احمد صديق جي وفات لاهور ۾ ٿي، شايد ايوب خان جو دور هو. ان وقت فلمي دنيا جي وڏي اهميت هئي ۽ وڏو ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هو جو فلمي ايڪٽر هجي. مٽيارين جي سيد ڄاموٽ فيمليءَ ۾ ايس گل ڄاموٽ اصل نالو فضل علي شاهه فلمي دنيا جو وڏو ايڪٽر ۽ فلمساز هو. لاهور ۾ رهندو هو پر جيئن ته مذڪوره سيدن جو سوٽ هو، مولانا محمد صديق، امير علي شاهه ۽ سندس برادرن جو نانو هو، جيڪو لاهور ۾ ترسيل هو وفات ڪري ويو. ان زماني ۾ جناب ايس گل ڄاموٽ جي مدد سان انور شاهه ڄاموٽ لاش جهاز  ۾ کڻائي ڪراچي آيو ۽ کيس سونڊا جي قبرستان ۾ سندس والد مولانا محمد ابراهيم جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. مولانا ابراهيم جوناڳڙهي ٺٽي اچڻ کان پوءِ ٻي شادي ڪئي جيڪو حاجي روشن جي گهران ڪئي، مولانا ابراهيمؒ پنهنجي سهري يعني حاجي روشن کي ديوبند موڪليو، جيڪو 10 سال دارالعلوم ديوبند ۾ رهي، سَند الفراغ وٺي فارغ التحصيل ٿي آيو. ان جي سَند به مدرسه سونڊا جي حجره ۾ آويزان آهي، جنهن تي شيخ الحديث محمود الحسن جو دستخط بنده محمود سان آهي، حاجي روشن مڪي ۾ مدفون آهي، حاجي اسدالله سان به ملاقات جو شرف حاصل هو.

حاجي روشن جو فرزند مولانا عبدالعزيز دهليءَ جي مدرسي ”مدرسه عبدالرب“ مان فارغ التحصيل ٿيو ان جي سَند به مدرسو سونڊا جي حجره ۾ آويزان آهي.

مولانا محمد ابراهيمؒ جي ٻي گهرواريءَ مان مولانا عبدالله ٿيو، جيڪو سنڌ مدرسـﺔ الاسلام ۾ استاد هو، ۽ ڪراچيءَ ۾ رام سواميءَ کي ويجهو رهندو هو، سندس اولاد اڄ به اتي رهائش پذير آهي، اهو دابيل ۾ پڙهيو ڪجهه عرصو دارالعلوم ديوبند ۾ به پڙهيو، پر فارغ التحصيل دابيل مان ٿيو کيس ٻنهي مدرسن جون سَندون مليل هيون، سندس فرزند اسدالله قاضي اسان جو به دوست رهيو آهي تاحال حيات آهي ۽ وڏن جي يادگار آهي.

”الطاف ربانيه“ مولانا عبدالله جو مرتب ڪيل ڪتاب آهي. جيڪو دارالعلوم ڪراچيءَ جي لائبريري ۾ موجود آهي، ڪنهن طالب العلم ان جو عڪس راقم الحروف کي ڏنو هو، جيڪو مون مرحوم آفتاب شاهه ڄاموٽ کي ڏنو.

جڏهن ته مولانا احمد قاضيءَ جو فرزند مولانا عبدالڪريم سنڌ جي مدرسن ۾ يعني لاڙ ۾ تعليم حاصل ڪئي، والد مرحوم مولوي عبدالله سمون سان گڏ اڪ مگسيءَ ۽ ٻني ۾ به پڙهيو، پوءِ دوره حديث دارالعلوم ديوبند مان ڪيائين ۽ سموري عمر دين جي تبليغ ۽ توحيد جي تدريس پنهنجي علائقي ۾ ڪيائون، سندس سَند تي مولانا حسين احمد مدنيؒ جو دستخط آهي اها سَند سونڊا جي مدرسي ۽ حجري ۾ موجود آهي.

هنن بزرگن عالمن ۽ صالحن جون قبرون سونڊا جي قديم قبرستان ۾ گڏ آهن، خادم کي فاتحه خوانيءَ جو به شرف حاصل رهيو آهي. جڏهن ته راقم کي مولانا عبدالڪريمؒ سان شرف ملاقات جو به موقعو مليو. سونڊا شهر ۾ هڪ قديم مسجد پڻ هئي جيڪا هاڻي مختلف مرحلن سان تعمير ٿيندي پئي اچي، جنهن تي هڪ ٽائل تي هيءُ ڪتبو لڳل آهي، فارسيءَ ۾ لفظ ”خود گفت“ تحرير آهن، اسان جي بزرگ حافظ محمد موسيٰ قاضي صاحب جو چوڻ آهي ته ابجد جي حساب سان انهن لفظن جو انگ 1110هه بيهي ٿو، جنهن مان معلوم ٿيو ته اهو شاهجهان مغل بادشاهه جو زمانو آهي عين ممڪن آهي ته ان جي تعمير به مغل حاڪم جي حڪم تي ٿي هجي،  ڇو ته ان زماني ضلعي ٺٽي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي ۽ سَند جو ”دارالخلافت“ هو.

ڪوشش ڪيم ته هنن چند بزرگن عالمن جي باري ۾ ڪجهه معلومات معلوم ۽ محفوظ ٿي وڃي انهن تي بزرگن جو الحمدلله اڄ تائين فيض جاري و ساري آهي، ڇو ته ڪافي عالم سنڌ جي مختلف مدرسن مان پڙهي فارغ التحصيل ٿيا آهن، جن ۾ مولوي احمد سومرو صاحب جون ڪوششون ۽ ڪاوشون لائق تحسين ۽ تعريف آهن، گڏوگڏ حافط محمد موسيٰ قاضي صاحب جي روحاني تربيت پڻ سندن شامل حال رهي. جيئن ته مون مٿي ذڪر ڪيو ته حافظ محمد موسيٰ صاحب به ان خاندان سان تعلق رکي ٿو سائين جي عمر صديءَ کي ويجهو آهي سندن روايت مطابق ته سنڌ جا صرف ٻه عالم سڀ کان اول دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي آيا، انهن کان پهريائين ڪير نه ويو هو، هڪ مولانا عبيدالله سنڌي 1308هه ۽ ٻيو احمد بخاري سنه 1318.

14 صديءَ ۾ سونڊا سان نسبت ٿيل 4 عالم سڳورا دارالعلوم ديوبند ۽ دهليءَ جا فارغ التحصيل.

1. مولانا محمد ابراهيم جوناڳڙهي    فاضل ديوبند

2. مولانا احمد صديق قاضي         فاضل ديوبند

3. مولانا عبدالله مصنف لطائف ربانيه فاضل ديوبند

          ڊابيل

4. مولانا محمد روشن نسبت سونڊا (مدفون مڪه پاڪ)

فاضل ديوبند

5. مولانا عبدالعزيز نسبت سونڊا، دهلي فراغت

فاضل ديوبند

6. مولانا عبدالڪريم قاضي مدفون سونڊا

فاضل ديوبند

7. مولانا عبدالحڪيم فاضل مظهرالعلوم کڏو

8. نيز سيد غلام علي شاهه، مولوي طاهر جاکرو ۽ مولوي سليمان جاکرو به سونڊا جا عالم ٿي گذريا آهن.

مددي ڪتاب:

1-                  تحفته الڪرام، فارسي

2-                تحفته الطاهرين.

3-                سنڌ جا اسلامي درسگاهه

4-                خانداني روايت محترم حافظ محمد موسيٰ، محترم مولانا محمد هارون قاضي.

5-                 ڊاڪٽر محمد اشرف سمون- ذاتي تحقيق

6-                غلام قادرشاهه ڄاموٽ ۽ آفتاب شاهه ڄاموٽ، ملاقات و انٽرويو، خانداني روايات

ڪريم بخش خالد/محمد عثمان عباسي

 

 

 

 

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

 

ادبي اڪابرن جو ذڪر ڪندي اسانکي انهن جي علم ۽ ڏاهپ جو تجزيو ڪرڻو پوندو ڇو ته اڪابر جي لغوي معنيٰ ۾ نه پر اصلاحي معنيٰ ۾ ئي انهن جي حياتيءَ ۽ آثارن جو مطالعو مراد آهي. جيئن ته مون شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ.آءِ قاضي، حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻي، مولوي دين محمد وفائي، پير حسام الدين راشدي ۽ شمس العلماء ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽي سنڌي ادب جا ست ستارا (گرهه هئا)، کي ذهن ۾ رکيو. انهن صاحبن جو ادبي اڪابرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي سنڌي ادب جا محسن هئا ۽ انهن جي روشني ۽ اندر ۾ پيهي وڃڻ وارو ۽ اثر ڪندڙ ڪردار رهيو آهي، علم ۽ ڏاهپ جي اعتبار کان اڄ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو تذڪرو ئي منهنجي موضوع جو عنوان آهي. ڇو ته هيءُ بزرگ گفتگو ۽ ڪردار، عقل ۽ دانائي، قديم ۽ جديد علمن کان واقفيت جي ڪري قداور شخصيت آهي. پاڻ فلسفي، تاريخ، ادب، دينيات ۽ منطق وغيره کان چڱي طرح واقفڪار هئا. انکانسواء هن پنهنجي علمي، عقلي، فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن جي زور تي انهن علمن جي سرحدن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو انفرادي ڪردار ادا ڪيو. فڪري بلندي ۽ گهرائي، نظر جي ڪشادگي ۽ وزنائتي ڳالهه ڪرڻ، ان جي علمي ۽ عمليءَ جي نرالي سڃاڻپ هئي. ڪنهن علم سان حقيقي تعلق هن شخص جي علمي ڪارنامن ۾ ملي سگهي ٿو، جنهن جو ان علم جي ترقي ۽ روشنيءَ ۾ دخل هجي. انڪري فڪري ۽ دليل بازيءَ جي حد کي پهچڻ ۽ موقعي مهل واري سهڻي گفتگو نهايت ضروري آهي ۽ اها ئي ان شخص جي دانشوريءَ ڏاهپ جي صحيح علامت به هئي.

سنڌي زبان جي قدامت جي باري ۾ ضروري طور تي ڪجهه به نه نٿو چئي سگهجي ڇو ته موئن جو دڙي مان هٿ آيل مهرون (Tablets) جن تي مختلف شڪليون اُڪريل آهن، اڃا تائين (رمز واري لکت (Decipher) نه پڙهجي سگهي آهي، پر تهذيبي ۽ ثقافتي آثارن ۽ روايتن جي بنياد تي دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي زبان هن خطي جي پنهنجي زبان آهي ۽ علم السان جي اصولن جي مطابق هيستائين ڪيترن ئي ٻاهرين اثرن مثال جي طور تي آريائي، منگولي، يوناني، ايراني، عربي ۽ انگريزيءَ جي ڪري انجي صورت ۽ لفظن جي ذخيري ۾ تبديليون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا آهن، پر ان جو ثقافتي مزاج اهو ئي رهيو آهي، جيڪو اڄ کان هزارين سال اڳ هو.

هر قوم جو تشخص ماڻهن جون تهذيبي روايتون ۽ ثقافتي مواد سان پرکيو ويندو آهي، جيڪو ادب جي مختلف صنفن مان ظاهر ٿيندو آهي، نثر ۽ نظم ٻنهي شعبن ۾ سنڌي زبان جا شاهڪار ملن ٿا، جن جي لکتي تاريخ ڇهه سؤ سال پراڻي آهي ۽ هيءُ ثقافتي ورثو ماڻهن جي فڪري هيڪڙائي ۽ گڏيل سماجي روايتن جي مخبري ڪري ٿو. قاضي قاضن جي ڪلام ۽ ساهن پال (گجرات) جي حاجي نوشه جي ”گنج“ ۾ شراڪت فڪر جو ڪيتريون جايون ڏسڻ ۾ اچڻ ۽ هي روايتون سچل سرمست تائين لڳاتار هلنديون پئي آيون آهن. اسلام جي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي عوام دل جي سچائيءَ سان گڏ اسلامي تعليم کي پنهنجي روزاني حياتيءَ جي لاءِ رهنما ٺاهيو. سج، چنڊ، تارا، باهه، پاڻي، جانورن ۽ مورتين جي پوڄا ختم ڪري هڪ اڪيلي الله جي عبادت کي پنهنجو طريقو ٺاهيو. سنڌي زبان تي عربي زبان جو اثر ٿيو، جنهن سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. ان کانپوءِ سومرن ۽ سمن جي دور ۾ مذهب جو پرچار ادب جي ذريعي به ٿيو. ڏهين صدي هجريءَ ۾ مدرسن جي لاء جدا عمارتون تعمير ٿيون ۽ ائين اسلامي دنيا جي عالمن فاضلن، اديبن ۽ شاعرن جو سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيو، جيڪي سنڌ جي لاءِ سٺو سؤڻ ثابت ٿيو. ٺٽي علمي مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي ۽ سنڌي عالمن جي عالمانه شهرت کي عرب ۽ عجم ۾ روشني ۽ رونق حاصل ٿي.

سنڌ ۾ فارسي زبان جو، اثر ته گهڻو قديم آهي پر سرڪاري زبان جي حيثيت سان اُها سما دور حڪومت ۾ ئي رائج ٿي چڪي هئي، پر سورهين صدي عيسويءَ ۾ ارغون ۽ ترخان خاندانن جي دور اقتدار ۾ فارسيءَ کي تمام گهڻي ترقي حاصل ٿي. فارسيءَ درٻاري حيثيت اختيار ڪئي هئي. ان کانپوءِ مغليه دور جي نوابن جي عملداريءَ ۾ فارسي علم ۽ ادب جو هر جاءِ تي ذڪر ٿيڻ لڳو. ان دور جي اسڪولن مدرسن ۽ دانشورن جو احوال تذڪرو مقالات الشعراء ۽ ضميمو مقالات الشعراء مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو ترتيب سان ميرعلي شيرقانع (وفات سنه 1203هه) ۽ مخدوم محمدابراهيم ٺٽوي (وفات سنه (1317) جي تاليف آهن ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جي محققانه تاليف کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ سنه 1957ع ۾ شايع ڪيو پر ان دور ۾ عوام جي روزمره زبان سنڌي هئي ۽ صوفي شاعرن جي ڪلام کي فارسي رسم الخط ۾ لکيو ويندو هو. جيئن ته شاهه ڪريم جو ڪلام انجي ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ ڏنو ويو آهي.

مغلن جي دور حڪومت جي آخري اڌ صديءَ ۾ شاهه عبداللطيف سنڌي زبان ۽ ادب کي نئون موڙ عطا ڪيو، ان فطرت جو مطالعو، ماحول ۽ منظرن جي عڪاسي ڪئي. نوان موضوع ۽ لوڪ داستانن جي ڪردارن کي علامتن جي روپ ۾ بيان ڪيو. هن جن روايتن جو بنياد وڌو اهو پويان ايندڙ شاعرن ۽ اديبن جي لاءِ رهنماعيءَ جو سبب ٺهيا. ٽالپرن جي دور ۾ انهن ئي روايتن کي اڳتي وڌايو ويو، پر فارسي عروض جي طرز ۾ به شاعري ٿيڻ لڳي. مرثيه جي صنف کي واڌارو حاصل ٿيو، دهلي، لکنو ۽ ڏکڻ هندستان جي علمي ۽ مذهبي رجحان اثرانداز ٿيڻ لڳا.

اڻويهين صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهي ۾ انگريزن حڪومت سنڀالي ۽ ڇهين ڏهي ۾ سنڌي زبان جو موجوده عربي رسم الخط طئه ڪيو. انگريزي دور حڪومت ۾ سنڌ جي عوام جو جديد علمن سان واسطو پيو، ماڻهن ۾ قومي جذبو پيدا ٿيو. دنيا جي سياسي، اقتصادي، معاشرتي حالتن جي تبديلين جو برصغير جي ٻين علائقن وانگر سنڌ تي به اثر ٿيو. انگريزي ۽ ٻين زبانن جي نصابي ۽ تفريحي شاهڪارن جا ترجما ٿيا. صوفي شاعرن جو ڪلام ۽ مذهبي ڪتاب مشينن تي ڇپجي شايع ٿيڻ شروع ٿيا.

مان معذرت گهران ٿو ته صدين جي ادبي روايتن کي چند گهڙين ۾ بيان ڪرڻ تي مجبور آهيان. ان ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ عمربن محمد دائود پوٽو 25 مارچ 1896ع تي دادو ضلع جي هڪ ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ اک کولي. سندن تعلق اڳئين رياست بهاولپور جي حڪمران دائودپوٽي خاندان سان هو. سندن ڏاڏو عبدالمطلب هڪ خوشحال آبادگار هو، پر ان جي وفات کانپوءِ هن خاندان تي مصيبتن جو جبل ٽٽي پيو، انهن جو زمينون ۽ مال هندو واپاري سيٺ کڻي ويا، جنهن جي ڪري انهن کي پهريان پوکي راهي ۽ بعد ۾ ڊکاڻڪي جي طور تي روزگار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پئي، پر الله تعاليٰ هن ننڍڙي ٻار جي قسمت ۾ دين ۽ دنيا جي عظمت ۽ علم جي حاصلات ۽ خدمت جو ڪم لکيل هئو. غريبيءَ ۽ محتاجيءَ جي ان پُرآشوب دور ۾ ڇهن سالن جي عمر ۾ دائودپوٽي صاحب هڪ سنڌي اسڪول ۾ تعليم جي شروعات ڪئي. الله تعاليٰ ان کي هوشيار ذهن ۽ موزون طبيعت وارو، عزم جو پختو حوصلو عطا ڪيو هو. ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن هن هوشيار ڳوٺاڻي ٻار ۾ دستور جي خلاف ذهانت ۽ روشن مستقبل جا آثار ڏٺا ۽ هنجي امداد ڪئي. هن ٽلٽيءَ کان لاڙڪاڻي مدرسي ۽ بعد ۾ نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي 1915ع ۾ دائودپوٽي صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتان 1917ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي، شاگرديءَ دوران هن سدائين پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ ۾ ته سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ ”سنڌ ايگزيبيشن پرائز“ حاصل ڪيو. اعليٰ تعليم جي لاءِ 1917ع ۾ هن ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1921ع ۾ بي.اي (آنرز) ۽ 1923ع ۾ ايم.اي نمايان حيثيت سان پاس ڪئي ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي ڪري هنکي ”چانسيلر ميڊل“ مليو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ رهائش دوران هن پنهنجو پاڻ کي محنت ۽ پورهئي جو عادي ڪري ڇڏيو. هو جونيئر شاگردن کي ٽيوشن ڏيڻ کانسواءِ هاسٽل جون کٽون واڻيندو هو ۽ هر قسم جي محنت ڪرڻ لاءِ سدائين تيار رهندو هو ته جيئن عزت نفس برقرار رهي ۽ ڪنهن جي سامهون هٿ ڊگهيڙڻو نه پوي.

ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ هن کي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ ئي عربيءَ ۽ سنڌيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ 1926ع تي کيس اسسٽيٽ اسڪالرشپ ڏئي ڪيمبرج يونيورسٽي لنڊن ۾ تحقيقي مطالعي جو ڪم حوالي ڪيو ويو. ان دوران دنيا جي وڏن وڏن مشهور عالمن ۽ محققن مثلاً پروفيسر اي.جي برائون، پروفيسر اي اي بيون، پروفيسر آر، اي نڪلسن وغيره جي سامهون ادب سان ويهي شاگرديءَ جو موقعو مليو ۽ انهن جي خيالن ۽ تحقيق جي طريقي مان فائدو حاصل ڪيو. اتي ئي هن پروفيسر ڪوئيلو ڪوچ سان ارسطوءَ جي گفتگو تشبيهن جي قاعدن تي، پروفيسر رچرڊس هينوي ۽ اي.ايم فاسٽر جون عالمانه تقريرون ٻڌيون، انهن کانسواءِ پروفيسر ايس.ڊي مارگو لوٿ، پروفيسر ٽي.ڊبليو.آرنالڊ، پروفيسر ايف.ڪرنيڪو، پروفيسر وينسنڪ ۽ ٻيا مشهور مستشرقين (مشرقي ٻولي ۽ علمن تي عبور رکندڙن) سان ويجهڙائي رهي. دائودپوٽي صاحب جي تحقيقي مقالي جو عنوان هئو ”فارسي شاعريء جي ترقيءَ تي عربي شاعريءَ جو اثر“ جيڪو 1934ع ۾ شايع ٿيو ۽ علوم شرقيه (اوڀر جي عالمن) جي ڪيترن ئي ماهرن مثلاً آڪسفورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر ڊيوهرسٽ پنهنجي پسندگيءَ جو اظهار ڪيو. پروفيسر برائون پنهنجي ڪلاسڪ نيف ”تاريخ ادبيات ايران“ ۾ جنهن خواهش جو اظهار ڪيو هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي ان کي پورو ڪندي واضح ۽ مضبوط دليل سان ثابت ڪري ڇڏيو ته فارسي شاعري تخيل ۽ بيان انداز ۾ عربي شاعريءَ کان متاثر ٿي آهي ۽ فارسي شاعرن جا استاد عربيءءَ جا اهي شاعر آهن، جن جي انهن پيروي ڪئي آهي ۽ شاگرديءَ جو اقرار ڪيو آهي. جيئن انوريء امراء القيس کي نذرانو عقيدت پيش ڪندي اقرار ڪيو آهي.

پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو سيپٽمبر 1927ع تي ڪراچيءَ واپس آيو ته انکي سنڌ مدرسة الاسلام جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو. ڪنهن کي وهم گمان به نه هئو ته مدرسي جو هڪ هوشيار شاگرد هڪ ڏينهن پنهنجي ”مادر علمي“ جي خدمت تي اهڙي طرح مقرر ڪيو ويندو. ڊاڪٽر دائود پوٽو ٽن سالن تائين مدرسي جو پرنسپل رهيو ۽ ان دوران تدريسي ۽ انتظامي ماحول جي اصلاح ڪئي. شاگردن جي دلداري کانسواءِ انهن جي رهنمائي ڪندو هو. ٽن سالن جي سخت محنت خدمتن کانپوءِ پاڻ بمبئيءَ ۾ نئين قائم ٿيل سر اسماعيل ڪاليج ۾ عربيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو جتي نون سالن تائين نهايت سخت محنت ۽ خلوص سان عربيءَ جي واڌاري ۾ مشغول رهيو.

1939ع ۾ کين کي صوبي سنڌ جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن (D.p.I) مقرر ڪيو ويو. جتان هن آڪٽوبر 1950ع ۾ رٽائرمينٽ ڪيو. انکانپوء هنکي 5 سالن جي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ان وقت ۾ هڪ سال جو واڌارو ڪري کين کي اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪيو ويو. 3 آڪٽوبر 1956ع تي ڊاڪٽر صاحب نوڪريءَ کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ادبي ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.

اعليٰ تعليمي ادارن جو قائم ڪرڻ:

ڊاڪٽر دائودپوٽي نه فقط پرائمري تعليم کي لازمي قرار ڏنو، پر زميندارن جي ٻارن کي تعليم مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ 1942ع ۾ خاص انتظام ڪيو ڇو ته ان طبقي ۾ علم دوستيءَ جي نالي جي ڪا به شيءِ نه هئي. ان کانسواء 1939ع ۾ تعليم بالغان جو بندوبست ڪيو. ثانوي تعليم جي واڌاري جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪرڻ سان گڏ هن سنڌ مدرسة الاسلام جي حدن ۾ سنڌ مسلم ڪاليج کي عملي جامو پارائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي.

بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جو الحاق ٽٽڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ جدا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو ويو. هندن جي سخت مخالفت جي باوجود 1947ع تي هيءُ اسڪيم منظور ڪئي ويئي. ڊاڪٽر داؤد پوٽي ان تعلق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اهائي اميد هئي ته هنکي وائيس چانسلر چونڊيو ويندو، پر ان وقت جي وزير تعليم سان اڻوڻندڙ تعلق جي ڪري فال ڪڻو پروفيسر اي- بي اي حليم جو نڪتو. جنهن کي علي ڳڙهه کان آڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو، پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قائم ٿيڻ ڪري ان سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعليٰ منصب ڇڏيو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وي.سي ٿيڻ کي اهميت ڏني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ.آءِ. قاضي جي مقرري عمل ۾ آئي

تحقيقي ڪارناما:

ڊاڪٽر دائود پوٽو فقط علم جو ئي موتي نه هو. اهو قلم جو به ڌڻي هو. سنڌي علم ۽ ادب جي حوالي سان هُو اعليٰ حيثيت وارو هو. انجي هيءءَ حيثيت فقط هڪ طرف تي مشتمل نه هئي پر ڪيترن ئي طرفن تي حاوي آهي، ان جي نگاهه نهايت گهري هئي. ان جو هڪ ڪارنامو هيءُ آهي ته هن سنڌي زبان جي تهذيبي ۽ ثقافتي تشخص جي حفاظت جي لاءِ جدوجهد ڪئي، انجي گنجائش ۾ واڌرو ڪيو ۽ صحتمند ادبي روايتن کي وڌايو. ان جو جيڪو ڪجهه ادبي ورثو اسانکي ورثي ۾ مليو آهي، اهو هڪ قيمتي سرمايو آهي ۽ ايندڙ دور ۾ به انجي اهميت گهٽ نه ٿيندي.

سندن تحقيقاتي ڪمن جي فهرست ڊگهي آهي (ضميمو الف) انڪري ڪن خاص ڪارنامن جي مختصر ذڪر ڪرڻ تي ڪفايت ڪريان ٿو، جن جو تعلق سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ سان آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جو مجموعي ڪلام ”رسالو“ سنڌي زبان جو ڪلاسيڪ آهي. انجا تقريباً 50 نسخا مسودي طور ۽ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن. سنڌي زبان جي هرهڪ عالم جي هيءُ ڪوشش رهي آهي ته ”رسالي“ جو صحيح ۽ مستند ايڊيشن مرتب ڪري. ان تعلق ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جو مرتب ڪيل ”رسالو“ ٽن جلدن تي مشتمل 1931- 1923ع دوران شايع ٿيو. هن عظيم ڪارنامي ۾ دائود پوٽي پنهنجي استاد گربخشاڻي سان گڏ رهيو. دائود پوٽي صاحب جي تعاون جو اعتراف ۾ ذيلي طور تي رسالي جي ٽنهي جلدن جي ديباچن ۾ ڪيو ويو آهي، پر بعد جي واقعن هي ثابت ڪري ڇڏيو ته ٽئين جلد جي اشاعت (1930ع) کانپوءِ پروفيسر گربخشاڻي سترهن (17) سال جيئرو رهيو. پر رسالي جو چوٿون جلد شايع نه ڪري سگهيو. ڇو ته انکي ڊاڪٽر دائود پوٽي جو تعاون نه رهيو هو. بهرحال دائودپوٽي صاحب پنهنجون تحقيقي سرگرميون جاري رکيون ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي چوڻ مطابق هن اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي قديم ذخيرن کي گڏ ڪيو ۽ تحقيق سان شايع ڪيو.

1932ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”سرها گل“ شايع ٿيو، جنهن ۾ تمهيد، ترجمو ۽ تعليقات (واسطا) شامل آهن. شعرن جي هن گلدستي ۾ اخلاقي، اصلاحي، قومي ۽ نعتيه ڪلام شامل آهي ۽ ڪن گمنام شاعرن جو احوال ۽ ڪلام پهريون دفعو مليو آهي. ان ڪتاب جي تمهيد وجداني انداز ۾ لکي ويئي آهي، جيڪا نهايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي زبان تي ايتري ئي ڄاڻ آهي جيترو عربي ۽ فارسي لکت تي عبور حاصل آهي.

1934ع ۾ هن ”منهاج العاشقين“ (فارسي) جو ترجمو ڪيو ۽ ضروري درستگين کانپوء شايع ڪيو. مولوي غلام محمد خانزئيء هي ڪتاب شاهه عبداللطيف جي هڪ معتقد (اعتقاد رکندڙ) طور لکيو هو، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي يا انجي تقليد ۾ بيت چيا ويا. ٻئي سنڌي ابيات ۾ ڪيل لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ قاعدن جي باري ۾ سلوڪ جي روشنيءَ جي باري ۾ تشبيهه جي طور تي معنيٰ سمجهائي ويئي آهي. موضوع خواهه معنيٰ جي لحاظ کان هيءُ رسالو سنڌ ۾ سلوڪ ۽ تصوف جي فڪر ۽ فلسفي جي روايت جو نشان آهي ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ اسلامي تصوف جي رنگ کي چٽو ڪري ٿو.

1937ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ (فارسي) جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو. ان سبب ڪري سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت تقريباً پنج سؤ سالن کان اڳ تائين وڃي پهچي ٿي. انکانسواءِ ملفوظات ۾ سنڌ جي بنيادي شاعريءَ جي پهرين صوفي شاعر قاضي قادن جا به ڪجهه بيت منظر تي عام آيا، جنهن سان سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن جو ڏهين صديءَ هجري ۾ تحريري ثبوت مليو. ”ابيات سنڌي“ ۾ نقشبندي مڪتبي فڪر جي هڪ نهايت معتبر ۽ اعليٰ دعوت ڏيندڙ خواجه محمد زمان جي شاعري آهي جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو ۽ سلوڪ جي رستي جو هڪ روشن ستارو هئو. ڊاڪٽر دائودپوٽي انهن بيتن کي شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي عربي تحرير ڪيل مان نهايت سخت محنت سان مرتب ڪيو ۽ 1939ع ۾ شرح سان گڏ انکي شايع ڪيو. هي ابيات تصوف جي اعليٰ روايتن جا ذميواري قبول ڪندڙ آهن ۽ سنڌي بنيادي شاعريءَ ۾ انهن کي خاص مقام هاصل آهي.

1940ع ۾ ڊاڪٽر صاحب بمبئي يونيورسٽيءَ جي نصاب جي طور تي ”سنڌي نثر ۽ نظم جي چونڊ“ مرتب ڪيو، جيڪو انجي ادبي تحقيقي ۽ صحتمند فڪر جي شاهدي ڏئي ٿو. نصابي ڪتابن جي سلسلي ۾ 1944ع ۾ سنڌي نظم ۽ 1948ع ۾ ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم“ (ٽن حصن ۾) شايع ٿيو.

ملازمت پوري ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي نئين سرتيار ڪيو جنهن کي هن 1951- 1950ع ۾ قائم ڪيو هو. هن ئي سوسائٽيء جي انتظام هيٺ هن ڪي پراڻا سنڌي ڪتاب ٻيهر شايع ڪيا، جن ۾ ”گل خندان“ به شامل هو. اسان ڄاڻون ٿا ته هيءُ اردو جو مشهور ڪتاب آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ ۾ لکيو آهي ته مولود ۽ معجزن سان گڏ مونکي ڪافيون ۽ ڪهاڻيون ٻڌڻ جو گهڻو شوق هو. شروعاتي اسڪول جي دور ۾ ئي گل خندان، اميرحمزو، ممتاز دمساز، الف ليليٰ، چار درويش، گل بڪاولي ۽ خورشيد جهڙا ڪتاب پڙهي چڪو هئو. هي هلندڙ صديءَ جي پهرين ڏهي جي ڳالهه آهي، هن هڪ مثال مان جتي هي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ اردو جو رواج پراڻو آهي اتي هي حڪم به چٽو آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽو اردوءَ جو دشمن نه هو. جيئن ته ”مولوي عبدالحق، پير حسام الدين خط و ڪتابت“ ۾ جيڪا ”قومي زبان“ جي خاص نمبر 1964ع ۾ شايع ٿي آهي. مولوي صاحب تاثر ڏيڻ جي بي ڍنگي ڪوشش ڪئي آهي. الله ٽنهي مرحومن کي پنهنجي رحمتن سان نوازي ۽ جنت نصيب ڪري. 1957ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ ”ڪلام گرهوڙي“ شايع ڪيو جيڪو ”حقيقت محمدي“ جي تشريح ۾ تصوف جو بي مثال ڪتاب آهي. انڪري ڊاڪٽر صاحب مصر مان خاص ٽائپ به ٺهرائي هئي. ڊاڪٽر صاحب عربي مخطوطي مان انهن شعرن کي نقل ڪيو آهي ۽ اصلاح ۽ مرتب ڪرڻ ۾ پنهنجي ايماني جوش ۽ ادبي صلاحتين جو مظاهرو ڪيو آهي.

پنهنجي ڪهاڻي:

هيءَ آتم ڪهاڻي سوانح عمري ڊاڪٽر صاحب جي ٻارائپ کان وٺي بي.اي پاس ڪرڻ تائين جي حالات تي مشتمل آهي. اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي قسطوار لکي هئي، جيڪا سندن وفات کانپوءِ ڪتابي صورت ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي يونيورسٽيءَ 1959ع ۾ شايع ڪئي.

سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻي تي نهايت گهٽ توجهه ڏنو ويو آهي. دائودپوٽي صاحب هن ڪتاب ۾ ڄڻ پنهنجو اعمال نامو پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي سوانح حيات ۾ آزادي هند جي شروعاتي تحريڪ، پهرين عالمي جنگ، خلافت تحريڪ وغيره جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ان ۾ وڌيڪ سرهائي پيدا ٿي ويئي آهي. مواد ۽ ترتيب جي خوبي کانسواءِ بيان ڪرڻ جو طريقو به معياري آهي، سنڌي ۽ فارسي شعرن جي موزون استعمال لکت ۾ عجيب قسم جي تازگي ۽ چاشني ميٺاج پيدا ڪيو آهي. زبان جي سادگيءَ جي باوجود ان ۾ غضب جي دل کي موهڻ واري روانگي آهي جيڪڏهن هيءَ سوانح حيات مڪمل هجي هان ته برطانوي دور ۾ مسلمانن جي تعليم جي تاريخ، صوبي سنڌ ۾ جدوجهد آزادي جون حالتون ۽ لساني، ادبي ۽ ثقافتي تحريڪن جو تفصيل قلمبند ٿي وڃي هان.

مضمون ۽ مقالا:

ماهوار ”سنڌو“ ”نئين زندگي“ ۽ روزانه ”الوحيد“ ۾ سندن مضمون، مقالا ۽ تنقيدون شايع ٿيون. پاڻ مشرقي اوڀر جي لسانيت خاص ڪري عربي ۽ فارسيءءَ جو ماهر هئڻ سان گڏ انگريزي ۽ سنڌيءَ جا اعليٰ اديب ۽ مضمون نويس هئا. جرمني، فرينچ، سنسڪرت، ترڪي ۽ روسي زبانون به لکي پڙهي سگهندا هئا. سندن چاليهه سنڌي مقالن جو مجموعو جنهن ۾ گهڻائي مقالا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ آهن ۽ يارنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب بابت آهن. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد طرفان 1978ع ۾ شايع ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جا ڪجهه ڪتاب مسودن جي صورت ۾ آهن، جنهن ۾ ”شاهه جو رسالو“، ابن سينا جي تصنيف ”ڪتاب النجات“ جو سنڌي ترجمو، ابن خلدون جي تاريخ جي ”مقدمه“ جو اڻپورو انگريزي ۽ مڪمل سنڌي ترجمون ۽ ”ميين عيسيٰ جو ڪلام“ خاص آهن.

سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ آزاديءَ کان اڳ سنڌ حڪومت هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي هئي، جيڪا آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان نئين چارٽر، توسيعي پروگرام ۽ گهڻي سرڪاري مالي امداد سان اڄ تائين اشاعت، ادب جي سرگرمين ۾ مشغول آهي. انهن ڏينهن ۾ ادارن جي قائم ڪرڻ ۽ مضبوطي جٽاء ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي اهم ڪردار ادا ڪيو. انکانسواء هن 57- 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ادارت جا فرائض به سنڀاليا هئا.

سياسي بيداري ۾ ادب جو سرگرم ڪردار رهيو آهي، ادب به انهن تحريڪن کان متاثر ٿيو. 1939ع ۾ سنگهٽن تحريڪ جي اثر هيٺ برطانوي هندستان ۾ اردو، هندي تنازعي شدت اختيار ڪئي ته سنڌي ۾ به اردو جي تائيد ۾ زوردار تحريڪ شروع ٿي. آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي اجلاس ۾ اردوءَ جي حمايت ۾ قرارداد منظور ٿي ۽ ائين تحريڪ پاڪستان حوالي سان سنڌي ۽ اردو جا گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا.

ان ئي تحريڪ جي اثر هيٺ سنڌ ۾ عربي رسم الخط ۽ زيرن زبرن جي استعمال تي هندن مخالفت جو طوفان مچايو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪتاب ”ابيات سنڌي“ تي هندو اديبن ۽ اخبارن اعتراض ڪيا. هندو اعتراض ڪندڙن ۾ ڄيٺمل پرسرام، رام پنجواڻي، ٽي- ايل- پنواني، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ لعلچند امرڏنومل اڳيان اڳيان هئا.

ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي زبان جي عربي رسم الخط جي تحفظ جي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ڇو ته هي سنڌي مسلمانن جي قومي تشخص جي نشانين مان هئي ۽ انجي ختم ٿي وڃڻ سان يا انکي سنسڪرت حرفن جي ملاوت يا رسم الخط جي تبديليءَ سان اسان جو قديم ادب جيڪو اڪثر ديني معاملن جي وضاحت تي مشتمل هو. فائديمند نه پيو رهي سگهي. ايندڙ نسلن جي لاء ان جي حيثيت فقط تبرڪ يا آثار قديمه جهڙي رهجي وڃي. جيئن ته هڪ طرف برطانوي هندستان جي ٻين صوبن هندي، اردو لساني تنازعي ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺي اردو جي حفاظت ڪئي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪوششن سان علامه اسدالله ٽکڙائي، حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻي، مولانا حاجي دين محمد وفائي، حڪيم مولوي حاجي عبدالڪريم چشتيءَ عربي/ فارسي حرفن جي املا (ٻوليءَ جو رسم الخط) ۽ عربي رسم الخط جي مخالفت ۾ پيش ڪيا ويا، اعتراضن جي خاموش ٿيندڙ ۽ مدلل جواب ڏنا ۽ آخرڪار هي طوفان ٿمجي ويو. ان فقري ۾ سنڌي روزانه ”الوحيد“ ۽ اردو روزنامه ”حيات“ ڪراچي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.

مجلس تاريخ سنڌ:

آزاديءَ کانپوءِ سنڌ مان هندن جي لڏي وڃڻ جي ڪري سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي (مجلس تاريخ سنڌ) جون سرگرميون جهڪيون ٿي ويون هيون. ڊاڪٽر صاحب مجلس کي نئين سر زنده ڪيو ۽ تاريخي ليڪچرن جو انتظام ڪيو، پر پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي قائم ٿيڻ جي ڪري هڪ ئي شهر ۾ قومي مجلس تاريخ جي مقابلي ۾ صوبائي مجلس تاريخ سڏڪا ڀريندي هميشه جي لاءِ دفن ٿي ويئي. پوءِ به ڊاڪٽر دائود پوٽو تاريخ سنڌ جي تحقيق ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ جيڪو ڪم سرانجام ڏنو هو انجو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

سنڌ جي تاريخ جي ماخذن جي سلسلي ۾ ڪوبه معتبر ڪتاب شايع نه ٿيو ۽ جيڪي ڪتاب مختلف ادارن طرفان شايع ٿيا اهي حڪايتن ۽ روايتن تي مشتمل هئا. يا انهن ۾ شوق مزو اڻلڀ هئو. عربن جي حملي کان اڳ جون حالتون تمام ٿوريون مختلف ڪتابن ۾ کنڊڙيل هيون. داڪٽر دائود پوٽي ان اهم ڪم ڏانهن توجهه ڏنو. اڪبر جي دور جي هڪ امير، مير محمد معصوم شاهه بکري جي فارسي تاليف ”تاريخ سنڌ“ جيڪا عرصي کان موجود نه هئي. ڊاڪٽر صاحب ان جو هڪ نئون ايڊيشن 1938ع ۾ شايع ڪرايو ۽ پنهنجي طرفان تمهيد، حاشي، تعليقات، استدرڪات (سمجهاڻيون) ۽ فهرست جو واڌارو ڪيو، جيڪو نهايت محنت طلب ۽ تاريخي بصيرت (ڏاهپ) جو ڪم هئو. ان تاريخ سنڌ بابت هڪ ٻئي فارسي ڪتاب ”فتح نامه سنڌ“ عرف ”چچ نامو“ کي به اهڙي طرح نظرثاني کانپوءِ 1939ع ۾ شايع ڪيو.

ڪتاب جي متن جي صحت جي سلسلي ۾ هن پٽنه ۽ ڪلڪتي جو سفر ڪيو. مولانا ابوالڪلام آزاد هي ڪتاب ڏسي، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي علمي لياقت ۽ تاريخي تحقيق ۾ مهارت جو داد ڏنو هو.

لاهور ۾ رهائش دوران ڊاڪٽر صاحب ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو عربي ۽ فارسيءَ ۾ پنهنجي عالمانه تقريرن سان دانشورن ۾ اعليٰ مقام پيدا ڪيو. سندن دوستن جي حلقي ۾ مولوي محمد شفيع، مولانا غلام رسول مهر، مولانا عبدالمجيد سالڪ، شمس العلماء احسان الله خان، تاجور نجيب آبادي جهڙا مشهور علماء هئا. علامه تاجور سان ته دائود پوٽي صاحب جون ڊگهيون ڪچهريون رهيون ڇو ته ٻئي عربي تعليم جي واڌاري جا جوشيلا مبلغ هئا.

اسلامي زندگيءَ جو خاڪو قرآن مجيد ۾ گڏ ڪيل آهي، جيڪو عربي زبان ۾ آهي. هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ عربي زبان جي واڌاري جو خاص بندوبست ڪيو، سنڌ جي ناظم منتظم تعليم جي حيثيت سان اعليٰ ثانوي جماعتن ۾ عربيءَ کي لازمي مضمون جي طور تي رائج ڪيو. عربي يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي جيڪا لاڀائتي ته نه ٿي سگهي، پر هاڻي به جامعه عربيه هاءءِ اسڪول حيدرآباد جي صورت ۾ هن جدوجهد جا آثار اڃا آهن.

1955ع ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ حج جو فرض ادا ڪيو. انکانسواء هن دمشق، بيروت، يروشلم ۽ مصر جو سفر ڪيو. واپسيءَ تي بغداد، ڪربلا، نجف ۽ بحرين ۾ به ترسيو.

ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي پياري عمر جا 62 سال علمي ادبي ڪاوشن ۾ گذاريا. پاڻ سنڌي ادب جي اڪابرن مان هئا ۽ سندن علمي فضيلت ۽ ادبي عظمت ٻاهرين ملڪن ۾ به مڃي ويئي انکانسواءِ پاڻ اسلامي علمن ۽ فنن جي سلسلي ۾ به مضبوط نقش ۽ يادگار ڇڏيا آهن.

پاڻ 10- جمادالاول 1378هه مطابق 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪئي ۽ ڀٽ شاهه تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيرن ۾ سندن آرام گاهه ٺهي.

ضميمو الف- علامه دائود پوٽي جون تصنيفون:

شايع ٿيل ڪتاب:

1.          طيبات سعدي، متن، تعليقات ۽ انگريزي ترجمون 1923ع.

2.         شاهه جو رسالو، پروفيسر گربخشاڻي سان گڏ (ٽن جلدن ۾) 31- 1923ع.

3.         مرشدالمبتدي، حصو پهريون ۽ ٻيو 31- 1929ع.

4.         سرها گل، تمهيد، ترجمو ۽ تعليقات (سنڌي) 1932ع.

5.         مجموعه النشروالنظم- (عربي) 1932ع.

6.         روائع بوستان منتخبات، تمهيد، تعليقات سان گڏ ترجمون. 1934ع

7.         عيار دانش ابوالفضل 1934ع

8.                   سياست نامه نظام الملڪ اشاعت جي تاريخ ناهي

9.         نفحات حافظ، منتخبات تمهيد سوڌو. اشاعت جي تاريخ ناهي.

10.     منهاج العاشقين. 1934ع.

11.      عربي شاعريءَ جو فارسي شاعري تي اثر. (انگريزي) 1934ع.

12.     چونڊ نثر ۽ فارسي نظم- (بمبئي يونيورسٽي جي لاءِ 1936ع

13.     بيان العارفين 1937ع.

14.     سروي آف ماس ايجوڪيشن. (انگريزي)  1937ع.

15.     قطعات ابن يمين، منتخبات، تمهيد، حاشي تعليقات سان گڏ ترجمون. 1938ع.

16.     سفرنامون ناصر خسرو، تمهيد، تعليقات ۽ ترجمون. 1938ع.

17.     روشنائي نامه ۽ ناصر خسرو.       1938ع

18.     تاريخ معصومي (فارسي) تمهيد، حاشي، تعليقات، سمجهاڻيون ۽ فهرست. 1938ع

19.     تاريخ چچ نامو- (فارسي) 1939ع.

20.    ابيات سنڌي (شرح سان گڏ) 1939ع

21.     سنڌي نثر و نظم جي چونڊ- (بمبئي يونيورسٽيءَ جي لاءِ 1940ع

22.    سنڌي نظم. 1944ع.

23.    چونڊ سنڌي نثر ونظم 1948ع.

24.    مدارج قرآئت العربيه. (ٽن جلدن ۾) 1950ع

25.    حمزه الاصفحاني جي تاريخ جي هڪ باب جو ترجمو (انگريزي) اشاعت جي تاريخ ناهي.

26.    آغاز فارسي. (چئن جلدن ۾) 1951ع

27.    دروس العربيه (چئن جلدن ۾) 1953ع.

28.    ڪلام گرهوڙي، تمهيد ۽ تعليقات وغيره 1376هه 1954ع.

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org