سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:9 

امداد حُسيني

 

 

 

 

دوست!

هڪ اُماوس ۽ مٿان جُهڙ به جهُڙن جهڙو جُهڙ

رات ڪيڏي نه ڊگهي ڪِٺ ۽ ڪاري هئي دوست

چنڊ تارو نه ڪو ڏِيئو ۽ نه ڪو ٽانڊاڻو

رات مَس ڪُپڙي جيان اُونٿري ڪنهن ٻار پني تي کڻي هاري هئي دوست

مون مگر آخري سگريٽ دُکائڻ ڪارڻ

ٻاٽَ ۾ آخري تيلي به ته ٻاري هئي دوست

اُن سمئِه اِيءَ سچائي ٿي اُجاگر مون تي

جِند پياري هئي، پر سِنڌ به پياري هئي دوست

۽ تڏهن پِرهه پکيئڙن جي مِٺي لات ٻُڌم

ٻانگ مسجد ۾ ملي، سنک وڳا مندر ۾

ٻارَ سنڀرڻ لڳا اسڪول جي لئه گهر گهر ۾

پهرِيان هورِيان، پوءِ چِٽا ٿيا آواز

اي پُڇئي پوءِ گِهٽيءَ ۾ ويون گهُلنديون هِيرُون

۽ چِٽيون ٿي ويون در جون ۽ درين جون سيرُون!

غزل

لٿي ڄاڻ آهي وري ڪن ڄَٽن تي،

رسو ٿا ڀڃن ڪِنءَ نه ويهي وَٽن تي.

پروڪي پيڻ لاءِ آيا متارا،

سنجهي کان ئي ويٺا مٿو ڏئي مَٽن تي.

وڪامي وِيا لڙڪ مِٽيءَ جي مُل تي،

خريدار آهن نه هوڪا هٽن تي.

اسين بتڪدي ۾ ۽ هُو مئڪدي ۾،

ڪڏهن ڇَٽ پَٽن تي، ڪڏهن پَٽ ڇَٽن تي.

ڪُويڄ آئِيا ويڄَ جو رُوپ ڌاري،

وري لُوڻ ٻُرڪي وڃن ٿا ڦَٽن تي.

سڀاڻي سندن سا نه آئِي نه آئي،

گذاري ڇڏيسين حياتي ڏَٽن تي.

اکين مان اچي، روح تائين لهي وڃ،

نه وڃ مُحب منهنجن پُراڻن لَٽن تي.

پَٻين تي متان چاڙهجو شاعرن کي،

نه هيرائجو ٻار هرگز چَٽن تي.

ڪهاڙي اُها، ڳن اُهو، هٿ اُهيئي،

اسان جو سڄو زور جهيڙن جهٽن تي.

سخي سُورما جن وڏي واڪ ڳايا،

سلام آهه ”امداد“ ڀانن ڀَٽن تي!

غزل

شهر ڪراچيءَ کي وهنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي،

منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي.

منهنجون پنهنجون هنجون هارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي،

دل تان دُک جي ڌوڙ ڌئارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي.

پَرُ ته وسندي مينهَن ڀنا هئاسين ٻئي سنڌو ساگر تي،

وسريل ڪائي سارَ ڏيارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي.

ڀرجي ڀرجي گرجي بادل برسيا، تِرُ به نه سي ترسيا،

ويدن جا اشلوڪ اُچارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي.

مور ٽهوڪيو ڪوول ڪُوڪي تاڙي تاڙو تاڙَ ڪئي،

ٺاري ٻارڻ ٻاري ٺارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي.

پاڻ به رَونشي ڪوڏي ٻارن ساڻ ملي ٿي ٻار ٿئي،

ڪاغذ جي ڪِنءَ ٻيڙيءَ تارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي.

 

نياز پنهور

 

 

 

 

غزل

 

ڪير ڳائيندو ڏکن جا گيتَ اڄ،

پنهنجي سانول پنهنجي مَن جا گيتَ اڄ.

چؤطرف ٿي روشنيون آهن ويون،

ڪير ٻڌندو اونڌاهين جا گيتَ اڄ.

منهنجي ڌرتي منهنجي مٺڙي ماءُ آهي،

مان ته لکندس پنهنجي وطن جا گيتَ اڄ.

منهنجي شعرن ۾ گل و بلبل نه آ،

مان ته چوندس هر دلين جا گيتَ اڄ.

آسمان واري تي آخر ڇا لکان،

مان لکان پيو زمين وارن جا گيتَ اڄ.

هر ڪنهن دل تي نقش ٿي جيڪي وڃن،

سيئي لکبا روشنين جا گيتَ اڄ.

ڳوٺ وارن کي وڃي ڏسي اچو،

نياز پيو لکي انهن جا گيتَ اڄ.

 

غزل

 

تنهنجي يادن جا سڄڻ هت سلسلا جيڪي به ها،

روز پئي وڌندا ويا، اڳ فاصلا جيڪي به ها.

مون نه ڄاتو راهه ويندي مان ويندس ڦُرجي پرين،

سڀ جا سڀ رهزن ٿيا گڏ، رهنما جيڪي به ها.

هر گهڙي هاڻي هتي ٿا لڙڪ اکڙين مان ڳڙن،

سڀ جا سڀ ڀُلجي وئين ڇو واعدا جيڪي به ها.

دم جدا توکان رهڻ هت ڪين ٿو مون کان پڄي،

مان ٿو ٽوڙيان جڳ سان، منهنجا واسطا جيڪي به ها.

آرزوءَ ۽ اُميدؤ هاڻي ڇا ٿا اڄ پُڇو،

هن جا ها ڪوڙا سمورا، آسرا جيڪي به ها.

اڄ وري روئي پيا، ساجن سواءِ تنهنجي هتي،

تنهنجا ڳاتل گيت پيارا، دادلا جيڪي به ها.

 

دوها

توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ سانئڻ سارا سکڻا گيتَ،

هڪڙي دل آ جيڪا تنهنجي پنهنجي آهي ميتَ.

توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ سانئڻ پيار ڀريا سڀ ٻول،

مان ته تنهنجو مڱتو آهيان منهنجي خالي جهولَ.

توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ سانئڻ چنڊ ڀريل هر رات،

آءُ ته گڏجي گهاريون ساجن جيسين ٿئي پرڀات.

توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ سانئڻ جذبا نينهن ڀريا،

آءُ هلي تون ڳايون گڏجي، منهنجا گيت چريا.

مون وٽ خوشيون، مون وٽ چاهت مون وٽ ڪهڙا نوٽ،

مان ته خالي سکڻو ماڻهو دولت تي مان چوٽَ.

 

تون جي ايندين چاهت جا هت ڪيئي چُرندا چنگَ،

تون جي ايندين جيونٰ جا سڀ وسري ويندا ڏنگَ.

تون جو ايندين ٻهڪي پوندو منهنجو هيءُ جيون،

تون جي ايندين مُرڪي پوندو مرجهايل جوڀن.

جڏهن به ايندين تُنهنجي لاءِ کليل دل جو دَرُ،

جڏهن به چاهين هليو اچجان تنهنجو پنهنجو گهرُ.

تون ته دل جو مالڪ آهين، تون ڇا جو مهمان،

تون جي منهنجي در تي ايندين ڀائيندس احسان.

 

بيخود بلوچ

 

 

 

 

 

غزل

 

وڏو طوفان آ، ڏيئو جلايو آ،

جهان حيران آ، ڏيئو جلايو آ.

ڏسان ٿو جوتِ جو مان هرطرف يارو،

وڏو فُقدان آ، ڏيئو جلايو آ.

هوا جي طرف کان جنگ جو ٿيو توڙي،

چِٽو اعلان آ، ڏيئو جلايو آ.

غريباڻي جهُڳيءَ جو ڀاڳُ جاڳيو آ،

پرين مهمان آ، ڏيئو جلايو آ.

اسان جي زندگيءَ جي بابَ جو ”بيخود“،

اِهو عنوان آ، ڏيئو جلايو آ.

 

غزل

 

تون آهين اڄ به تنها ڇو؟ چيو هو رات چنڊ مون کي،

ڀلا ڇو ناهه تنهنجو ڪو؟ چيو هو رات چنڊ مون کي.

اڪيلو مون جيان آهين، انهيءَ جي لاءِ ٿو پڇجي،

وڍيل آهين وڇوڙي جو، چيو هو رات چنڊ مون کي.

لُڙڪ ٿي چاندني منهنجا، زمين تي هارجي پيا ٿئي،

درد کان ڌار ناهي ڪو، چيو هو رات چنڊ مون کي.

گگن تان آءٌ سڀني جو حشر ڏسندو رهيو آهيان،

کنيو ڪنهن ساهه ڪٿ سُک جو؟ چيو هو رات چنڊ مون کي.

ڪِري ٿي چاندني مسجد، ڪليسا توڙي مندر تي،

رکان ڪِٿ فرق مذهب جو؟ چيو هو رات چنڊ مون کي.

هوا آهي، ڪڪر آهن، قلم کَڻ جاڳُ اي ”بيخود“،

غزل تازو لکي وٺ ڪو، چيو هو رات چنڊ مون کي.

 

غزل

چيو روئي ائين دلبر، اِها دُوري آ مجبوري،

لڳن ٿا دل ۾ ڄڻ خنجر، اِها دُوري آ مجبوري.

 

ٻُڌان ٿو جي غزل ڪوئي اڪيلائي ۾، ڪمري ۾،

اچين ٿو ياد تون هر هر، اِها دُوري آ مجبوري.

 

ٻَٻُرَ هيٺان ڪئي سين جا ڪچهري ياد ايندي آ،

اچن ٿا ياد سڀ منظر، اِها دُوري آ مجبوري.

 

اڳي ڪو ٻيو زمانو هو، زمانو سو سُهانو هو،

اڳي اڄ جيان نه ها چڪر، اِها دُوري آ مجبوري.

 

سدا موسم به هڪ ناهي، سمجهه اِن ڳالهه کي ”بيخود“،

وري ملبو وڏي دل ڪر، اِها دُوري آ مجبوري.

 

جبار ”تاثير“ سومرو

 

 

 

 

 

غزل

انڌيري ۾ شمع ٻرڻ آ لڳي.

اميدن جي ٻيڙي ترڻ آ لڳي.

سنڌوءَ جي وڏي وهڪريکي ڏسي،

ملاحن جي روزي وڌڻ آ لڳي.

 

وسيِ وڏ ڦڙي ڪئي آ ٿڌڪار ٿر ۾،

مُرڪَ مُکَ تي مارُن وڌڻ آ لڳي.

 

ڪارونجهر تان مورن ٽهوڪا ٻُڌي،

اُتي ٿر جي ناري نچڻ آ لڳي

 

ويا ڏک ڏولاوا وريو واءُ سُک جو،

سڄي سنڌ خوش ٿي کلڻ  آ لڳي.

 

عنايت ٿي حاصل آ رب پاڪ کان،

اُلجهن ختم ٿي وڃڻ آ لڳي

 

خوشحال سنڌڙيءَ تي مضمون ويهي،

اديبا اسان جي لکڻ آ لڳي.

 

ڀٽائيءَ جي دعائن سان ”تاثير“ هاڻي،

خوشي قوم پنهنجي ڏسڻ آ لڳي.

 

غزل

ٻڌو ٿم ته نورِ نظر ٿو اچي

سينگاريان ٿو گهر کي هُوگهر ٿو اچي

مٺا مورَ ماڻهون دنيا ۾ گهڻا!

سڀن کان مٺو معتبر ٿو اچي

 

خيالن ۾ گم ٿيس اکيون بند ٿي ويون،

پرين پو به مونکي نظر ٿو اچي.

گهڙيون چار ، هفتا، مهينا به ڇو ؟

رهڻ لئه هتي عُمرِ ڀَر ٿو اچي.

 

تتيءَ دل مٿان ڪا جي ٿڌڪار ٿئي،

وسڻ لئه ٻاجهارو ڪڪر ٿو اچي

پراڻو ڳانڍاپو جُڙيل آهه جنهن سان،

جسم جان ڇا ڄڻ جگر ٿو اچي

 

وڌي فڪر ويو آ اڃا ڪونه پهتو !

نه ڪو هاڻي دل کي صبر ٿو اچي.

کنيو بيٺو آهيان گلابن جو تحفو

سو ”تاثير“ جيان پُرِ اثر ٿو اچي

 

غزل

 

جڏهن کان ڪيو آ ڇني تو جدا

منهنجا درد ڄاڻي ٿو منهنجو خدا

هيلن وسيلن سان حاصل ڪري

توسان پيار ڪيو هو مون بي انتها.

عمر قيد جي ڀي سزا گهٽ ته ناهي !

ملي آهي توکان ڀي ساڳي سزا

 

برُو ڪونه آهيان ۽ سمجهين به ٿو !

پو ڇا لاءِ ٿيو آن تون ايڏو خفا.

ڏسي حال هيڻا ٿو هرڪو ئي ڇِرڪي ،

مگر ڇا ڪيان جيڪا رب جي رضا.

ڀلي ڪر ستم منهنجي جهولي وڏي آ

ڪندين ڪيسين تائين پيو جورو جفا

 

حسن و جوانيءَ تي مغرور آهين

انهن کي نه هوندي آ هرگز بقا

محبت کي ”تاثير“ سمجهي عبادت،

تڏهن فرض اهڙونه ٿيو آ قضا

امين ڀٽو

غزل

وار ويڙهي وار ڇوڙي ٿي پئي،

ماري وجهندي ڪَرَ جو موڙي ٿي پئي.

دل ڪٿي آهي اوهان جي دلربا،

دل اڪيلي سر ڇو لوڙي ٿي پئي.

خواب ۾ آرس ڀڃي ٿي اوچتو،

ٻانهن ڪنهن جي ۽ مروڙي ٿي پئي.

ڦوهه جوڀن مان ڦٽا ليمان اٿس،

نينهن ۾ ڇوري نپوڙي ٿي پئي.

ڪيتري لذت هئي نئين نينهن جي،

سور مان ۽ چپ ڀڪوڙي ٿي پئي.

غزل

دل جي هر حد ٽپي وئي هوندي،

عشق جو هو قد ٽپي وئي هوندي.

شهر سڀ سونهن ۾ هو ٻوڙيندي،

قاضي احمد ٽپي وئي هوندي.

هي سسئي آ چري پنهون پويان،

پيار جا پد ٽپي وئي هوندي.

هن بدن جي جوان ٿي جئن رُت،

سونهن سرحد ٽپي وئي هوندي.

ڀاڪرن ۾ ”امين“ هو ايندي،

پيش و مــــــد ٽپي وئي هوندي.

غزل

مٿو پٿر تي جي هڻبو ته ڇا ٿيندو،

هٿن تي باهه کي  کڻبو ته ڇا ٿيندو.

رُکي تي ئي ڪري ڇڏبو گذارو بس،

گرهه ملندو ته جي سڻڀو ته ڇا ٿيندو.

زماني جي اکين ۾ ڇو رهون آخر،

اوهان کي ئي نه پر وڻبو ته ڇا ٿيندو.

خزائن سان رکي ياري ٽڙڻ سکجي،

بهارن ۾ پيو ڇڻبو ته ڇا ٿيندو.

ائين گمنام گهاريوسين حياتي کي،

”امين“ ڪاٿي نه ئي ڳڻبو ته ڇا ٿيندو.

 

 

 

 

 

 

غزل

 

مينهن ۾ سڀ نينگريون ڀِڄنديون رهيون،

گلبدن ۽ گل پريون ڀِڄنديون رهيون.

هڪڙي ناري هئي ڇٽيءَ جي اوٽ ۾،

روڊ سان ٻيون ڪيتريون ڀِڄنديون رهيون.

چيلهه سان چوٽن ڪيون پئي رانديون،

ڇاتيون پر موڪريون ڀِڄنديون رهيون.

مست ماڻهن جي نظر هو قيد ڪيو،

گل الڳ ۽ ٽوڪريون ڀِڄنديون رهيون.

گيلري جــــا گــــــل سڀئي اُجــــــرا ٿيا،

۽ وري گهر جون دريون ڀِڄنديون رهيون.

غزل

بارش دري هوا ۽ منظرَ ٻڏا اکين ۾،

تنهنجي نهار جهڙا ڪي گهر ٻڏا اکين ۾.

آهي ته ڇا الائي تُنهنجي حسين نظر ۾،

ڪي هيل ئي ٻڏا ها ڪي پَرُ ٻڏا اکين ۾.

مرڪي ڏٺو تو ماڙي جي ڪنڊ جي شهر تان،

پياسا هئا پروڪا سڀ ٿَر ٻڏا اکين ۾.

آيا جي تُنهنجي ويجهو ساوا سلوڪ ٿي،

پيا ڇنڊيا تو وار آلا پو بَرَ ٻڏا اکين ۾.

پنهنجي حسن جون وتيون ويٺي پرين پياريئه،

ناچيز هن ”امين“ جا شب ڀَرَ ٻڏا اکين ۾.

 

غلام محمد ڀٽي

وائي

تو سواءِ ڪهڙي ڪيان مان عيد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

رڳي رستا ويرانين جو ڏيک ڏين ٿا،

مون کُپائي ڇڏي آ پنهنجي دڳن ۾ ديد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

وقت بدليو آ، يا تون بدلجي ويو آهين،

ڇو اهڙو ٿي پيو آهين نويد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

ڪنهن کي ڀاڪر پائي ملان مان،

خوشيون کسي ورتيون تو، آهن فريد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو،

ڏاڍا تون اسان کي ڏک ڏنا اٿئي،

ويتر وساري ويٺو آهين يار، وحيد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

تون بن اداس اداس گذاريان ٿو پيو،

ڇا ڇا ڇا مان ڪيان هائي خريد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

محبت مزو، خوشيون رهيون ئي ناهن،

تنهن باوجود، سڪان، ڳوليان توکي ٿو، رشيد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

منهنجي اڱڻ تي ڪڏهن ايندين ”اتي“،

پوريون آسون باسون اميدون ڪندين مريد،

تون پرين اچين ئي ڪونه ٿو.

غزل

تو لاءِ گهر سڄو سجايو آهي،

آجيان لاءِ نيڻن کي وڇايو آهي.

روز روز گهمين ٿو، دشمنن سان،

لوڪ سارو مون تي کلايو آهي.

ڪيڏين، بندشن، رنجشن باوجود،

هر گهڙي توکي مون پرچايو آهي.

صرف ئي صرف تنهنجي خاطر مان،

ساري جڳ سان اڄ ڦٽايو آهي.

آڌي رات تنهنجون يادون تڙپائن ٿيون،

ڀٽي غلام محمد چين پنهنجو وڃايو آهي.

 

 

غزل

 

دنيا ۾ دهشتگردن جو فتنو فساد جاڳي ٿو،

ماڻهون مارڻ لاءِ عزرائيل توڙي جلاد جاڳي ٿو.

ڪڏهن وڌندڙ انتها پسندي جو خاتمو ٿيندو،

هتڙي هر روز ڌرين ۾ تڪراري تضاد جاڳي ٿو.

ڪڏهن به گڏ پاڻ ۾ هلي نٿيون سگهن پر،

وقتي طور قومن ۾ شعوري اتحاد جاڳي ٿو.

ڪير ڪنهن سان ڪيئن گهاري ٿو پيو هتڙي،

هر ڪنهن جي من ۾ پنهنجو مفاد جاڳي ٿو.

سڀ رخ ڏسي تخليقي گهرائي جا يارو،

ڪڏهن ته اصلاحي تنقيد ڪرڻ لاءِ نقاد جاڳي ٿو.

جڏهن بهتر کان بهتر تخليق ارپيون ٿا ”ڀٽي“،

تڏهن کان مان مرتبو ڏيارڻ لاءِ داد جاڳي ٿو.

گيت

توسان جڏهن کان پيار ڪيو آ،

توسان اندر جو اظهار ڪيو آ.

جڏهن تون رسي ويندو آهين،

ڏنڀ جدائي جا ڄڻ ڏيندو آهين،

توکي ڳچي جو مون هارڪيو آ،

تو ۾ جيئڻ جون آسون رکان ٿو،

پيرن، فقيرن تي وڃي باسون رکان ٿو،

پاڻ لاءِ ڪيڏو ڄڻ آزار ڪيو آ.

ڪوڙيون سڀ ڳالهيون سهون ٿا،

اميدن تنهنجن تي پورو لهون ٿا،

توکي نيڻن جو مون ٺار ڪيو آ.

هر پل تولاءِ سڪان ٿو،

رستن تي رڪان جهڪان ٿو،

توتي سدائين اعتبار ڪيو آ.

”ڀٽي“ غلام محمد ٿو توکي چاهي،

تو سواءِ ڪجهه ڀي ناهي،

دردن جو مٿان تو، وار ڪيو آ،

تو سان جڏهن کان پيار ڪيو آ.

 

آصف اصغر ڀنڊ

غزل

چنگ وڄي ٿو ڏس ڌيري ڌيري،

رنگ لڳي ٿو ڏس ڌيري ڌيري.

ٻج ڇٽڻ سان ائين جلدي ڪاٿي!

سنگ ڦٽي ٿو ڏس ڌيري ڌيري.

هوش صبر وارو هِن جيون ۾ هر،

جنگ کٽي ٿو ڏس ڌيري ڌيري.

لوهه ته ڇا هِت ماڻهن کي ڀي،

زنگ لڳي ٿو ڏس ڌيري ڌيري.

دل نه لڳي جت آخر اُت ماڻهو،

تنگ ٿئي ٿو ڏس ڌيري ڌيري.

غزل

ڏکايل جيئڙو جڳ ۾ کِلائي جيئون ٿا،

اُجهايل ڏيئڙو مَن جو جلائي جيئون ٿا.

هجي موسم کڻي ڪهڙي به يارو! اسان لئه،

اسان هر مُند کي مرڪي ملهائي جيئون ٿا.

ٽٽل آ توڙي جو سُر تال هن زندگيءَ جو،

تڏهن ڀي وقت جو سَرگم وَڄائي جيئون ٿا.

سدا هِن پُرخار ساري انا جي نگر ۾،

تمنا جي دڳن تي گل سجائي جيئون ٿا.

غزل

گيڙو رنگ رتل محفل ۾ ڳولجو،

صوفين ساٿ متل منڊل ۾ ڳولجو.

فطرت نِت آ اسان جي سادگي پسند،

ريشم پَٽَ متان مخمل ۾ ڳولجو.

خوشبوء سوچ اسان جي مَن اسان کان پوءِ،

هر دم مُشڪ عنبر صَندَل ۾ ڳولجو.

ڀَر ۾ شاهه سچل جي ٿا رهون گهڻو،

گهٽ دنيا جي سدا دنگل ۾ ڳولجو.

غزل

جوڳين جهڙو آ ڪو جوڳ اندر ۾،

روحاني آهي ڪو روڳ اندر ۾.

 

ڇو ۽ ڇا لئه آهي ڪو نه ٿو ڄاڻان،

اڻڄاتل آ ڄڻ ڪو سوڳ اندر ۾.

 

آهي تن من ۾ تحليل فقيري،

ناهي دولابن جو دوڳ اندر ۾.

 

ويراڳين سان گڏ ويراڳ سفر تي،

پاتو حق جو آ پِريوڳ اندر ۾.

 

هِي نيڻين مينهوڳي يار! اصل ۾،

ڪنهن جهوراڻي جو آ جهوڳ اندر ۾.

 

غزل

هوائن ۾ هُڳاءُ آ،

صدائن ۾ هڳاءُ آ.

 

تنهنجي آئي پرين عجب،

فضائن ۾ هڳاءُ آ.

هلو سڀ سان وفا ڪندا،

وفائن ۾ هڳاءُ آ.

دِلين ۾ ٿِي دعا رهو!،

دعائن ۾ هڳاءُ آ.

ازل کان الفتن سندي،

ڪٿائن ۾ هڳاءُ آ.

 

علي منصور

غزل

 

سوچِ، اکڙين جا موتي ٿي رولين چري،

ڳوٺ تنهنجي ۾ واپس به ايندس وري.

هاڻِ ڳوڙهن جون ڳالهيون وساري به ڇڏ،

پنهنجي مُک تي سجاءِ مرڪ جي ڪا ذري.

پنهنجي مرضيءَ سان توکان اجازت وٺي،

تنهنجو فطرت تراشو بدن مرمري.

منهنجي سوچن جا انگڙا به مهڪي پيا،

ياد تنهنجي جڏهن آهه کولي دري.

ڪاشِ پرديس ۾ مون کان وسري وڃين،

پر اها ٿي لڳي ڳالهه ڏاڍي ڳري.

اُڃ رُڃَ آ سفر، ڪا ڪڪرَ ڇانوَ ڪر،

نه ته پياسو هي منصور ويندو مري.

غزل

ڀلايون ٿيون بڻجن ڳچيء منجهه ڳارا،

بڻيا لوڪ جا يار لهجا ڪسارا.

دلين جي ندين مان به اڏري ٿي واري،

اکين جا ابابيل آهن اُڃارا.

ٿي حاوي وئي ڏيهه تي آهه نفرت،

هڻي پئي هنبوڇيون وڄائي نغارا.

اسان جو ته مقصد پرينءَ وٽ پُڄَڻ آ،

ڏکيا ڀل ڪري ڏيهه چاهت جا چارا.

جَڏو جيءُ پنهنجو بڻائج نه شاعر،

زماني کي جذبا ڏئي وڃ سگهارا.

جي منصور تنهنجو سمنڊ آهي سينو،

سمونڊن جا ڳولهي نه سگهبا ڪنارا.


 

ابراهيم ملاح

وائي

 

ويـــــڙهـــي ســــــور ويا،

ايندين ڪهڙي پار کان؟

آهن تنهنجي درد ۾،

جذبا چور ٿيا.

ايندين ڪهڙي پار کان؟

روح رڙي ٿو رات ڀر،

تنهنجا پور پيا،

ايندين ڪهڙي پار کان؟

نيڻ ٽڪيل ها راهه ۾،

ڪيئي سج لٿا،

ايندي ڪهڙي پار کان؟

آيا واءُ اُتر پرين،

ٻيرن ٻور ڪيا،

ايندين ڪهڙي پار کان؟

 

غزل

ڪيتريون حسرتون ويون رهجي،

خواب جان چاهتون ويون رهجي.

ڌار تو کان جڏهن ٿيا آهيون،

هرطرف ساعتون ويون رهجي.

تنهنجون ئي هن پرين لڳايل هي،

پاڻ تي تهمتون ويون رهجي.

بار هلڪو ٿئي ٿو روئڻ سان،

روز هي عادتون ويون رهجي.

تو پڄاڻان نه زندگي ساڳي،

درد جون حالتون ويون رهجي.

 

فقير ڪرم علي اِسراڻ

بيت

رام به تون رحمان به تون، ڀاڳ به تون ڀَڳوان به تون،

روح به تون نُور به تون، عشق به تون ايمان به تون،

هَر شيءِ پُڪاري تونهين تون، فَثَم وَجهُه اللهِ ڪُل شان به تون.

 

نَنگِي توتي نَنگُ آ، تون بيشڪ بي مِثال،

عيبن ڀَرِي آهيان، تون لَڄ رکجانءِ لڄپال،

توبهه ڪَيَم دَرَ تُنهنجي، ڏِڄ معافي پَناهه مَهپال،

ڏِسي ههڙو مُنهنجو حال، متان مُنهڙو مَٽِئين.

 

اَلا راڻو راتِ هَليو ويو، مون سان وَڏِي جاڙَ ڪَري،

ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان، ناهي سَاهان سُهڻو پَري،

آهيان آسَروَند عَجيب ۾، مَنَ موٽي پيرَ ڀَري،

جيڏيون سَرتيون ڪانَه سَري، جيئن وَري تيئن وَرائي ڏِيومِ.

 

تون راز وڏو هَمراز آهين، تُنهنجي عظمت کي اَلله ڄاڻي،

ڪَهيو ڪُن قادر فَيَڪُون ٿئين، پڻ حيدر صفدر شاهه ڄاڻي،

تون نُور سَراپا سُهڻا نبيصه، منهنجو مُرشد مُحمّد پَناههرح ڄاڻي،

تُنهنجو شان بلند اوپيارا پِرين، توکي آدمعليہ السلام صَفي الله ڄاڻي.

 

صدقي نَبِيءَصه جي هَر شَيءِ، آئِي آ حال ۾،

پوءِ ڀِي چَوين اُهو ناهي، تُنهنجي خيال ۾.

 

يَا علي چوان ٿو آئون، ڀَائُون ڪاوڙ ڪَرڻ ڇڏي ڏي،

هُو آ منهنجو محبوب، تون سمجهائڻ ڇڏي ڏي،

علي جو ذِڪر عبادت آ، ٿو فرمائي رَسُولُ اللهصه،

ايترو ته ڏَرُ خُدا کان، جو حَقُ لِڪائڻ ڇڏي ڏي.

 

جي تون اُمَتي سڏائين ٿو رسولصه جو، ته دِل ۾ غم رک حَسين جو سَدا،

صِرف سَتاءِ نه مخلوق کي ڪِٿي ڀُلجي،

اُهي هَرجاءِ ٿيندا حامي تنهنجا اي اَدا. راههِ خُدا قربان ٿيو،

فَرزند علي حُسَين، نيزي تي سَر اِمام جو،

 

 

 

 

 

ته به قُرآن پڙهيو حُسَينعليہ السلام، سَيد ٿِيا شهيد،

اِهو اَرمانُ آ فقير، کان ڪَربلا آئِي صَدا،

يا غازي يَا حُسَينعليہ السلام، مُشڪل ترين وقت آ،

نَوازش نَظر ڪَريو ڪا، يَا غوث صمداني.

 

مَزو ناهي مُلڪ ۾، ڪافي لائق ويا لَڏي،

مُجرم آزاد موجون ماڻي، مَظلوم وَڃِي پيو کَڏي،

حِرص وارو حلال ۾، حرام پيو ٿو گَڏي،

ڪرم هَلُ ته هلون تَڏي، مِٺڙي مُحمّد مِير جي.

 

جڏهن حُسن سُهڻي مُرسلصه سندو، ڏٺو چوڏهينءَ جي ماهتاب،

حيران ٿيو مستان ٿيو، جَهڪو ٿِيُس جَوهر تاب،

نَمِي چُمِي چيائين سُبحان الله، واهه هاشميصه حضرت مآب.

 

نُورِي هُجي يا نَارِي هُجي، فقير هجي يا اَمير هجي،

بَحر هجي يا صَحرا هجي، مسجد هجي يا مندر هجي،

عربي هجي يا عجمي هجي، شمس تبريز هجي يا شِوِ مهراج هجي،

سَڀ ۾ اُهو ئي آ موجود، حق موجود سدا موجود!

 

ڪوثر هالائي

 

نظم

سنڌ منهنجي آ تنهنجي ڇاجي؟

سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي ڪڏهن تو،

امرت ڌارا ڪو نه سڏيو آ.

ڌرتيءَ جي راهن رستن کي،

چنڊ جا چارا ڪو نه سڏيو آ،

سنڌ منهنجي آ تنهنجي ڇا جي؟

سنڌ امڙ جا گيت بهارون،

جنهن جون ساه سرير ۾ سارون.

ريتن رسمن جي رنگيني.

سنڌي ماڻهو من موچارا،

ڀاڳن وارا ڪو نه سڏيو آ،

سنڌ منهنجي آ تنهنجي ڇاجي؟

ٻُڌئي نه شاه سچل ۽ سامي،

جن جا بيت اچن ٿا اُڏامي،

جن جون آهن جيءَ ۾ جايون،

اک اوتارا ڪو نه سڏيو آ،

سنڌ منهنجي آ تنهنجي ڇا جي؟

هن ٻوليءَ جو جوڙ نه ڪوئي،

جيڪو اُچاري موڙ نه ڪوئي،

سنڌڙيءَ جو آڪاس ڏسي تو.

نينهن نظارا ڪو نه سڏيو آهي،

سنڌ منهنجي آ تنهنجي ڇاجي؟

سنڌ سدائين منهنجي رهندي،

سنڌ سدائين منهنجي رهندي.

 

سجاد گل ڀنڊ

 

غزل

 

لڙڪ هي ڳل مٿان صنم تنهنجا،

ماڪ ڄڻ ڪا گلاب تي آهي.

مان هان مئخواري سڄڻ ساقي،

شوق منهنجو شراب تي آهي.

زندگي مون ڏني هميشه کان،

هن قلم ۽ ڪتاب تي آهي.

چنڊ ڪڪرين پٺيان پرين چهرو،

بيٺو ظاهر نقاب تي آهي.

ننڊ ڪهڙي نه آ سڄڻ جنهن ۾،

ناز ٿيندو خواب تي آهي.

 

غزل

تنهنجي زلفن جو قيد خانو آ،

مون لئه اعليٰ هي آستانو آ.

چار اکيون جڏهن پون اٽڪي،

ڪو بچڻ جو نه ٿيو بهانو آ.

عيد تي يار جو وڌو ڀاڪر،

خاڪ ڇا لئه ٿيو زمانو آ.

گيت ڳائي سجاد ٿو تنهنجا،

ٻيو نه بهتر ڪوئي ترانو آ.

 

ميرزا دبير

حمد

 

حمد ڪَر رب پاڪ جو آهي جو ربُّ العالمين،

آهي رحمٰن الرّحيم ۽ آهي مالڪ يوم الدين.

 

جيڪو پالڻهار آهي جمله مخلوقات جو،

سو خدائي لم يزل ٿيو لاريب رزاق متين.

 

جو اڙين جو آسرو بي واهه جي واهر ٿيّو،

سو خدائي پاڪ آهي مالڪٖ ملڪٖ مبين.

 

ٿي صدا صبح و مسا هر مومن ديندار جي،

نَعبُد دل سان چون، دل سان چون ٿا نَستَعِين.

 

يا الٰهي ڪر ڪرم مون تي بَحقِ مصطفيٰ،

مرتضيٰ جي واسطي، و ز آل طاهرين.

 

ڪِينَ هرگز ٿي پريشان تون هڪڙي لمحي لئي ’دبير‘،

توکي روزي ڏيندو رب، والله خيرالرازقين.

 

فقير عثمان کوسو

 

غزل

 

ڏسان ڪنهن تي ظلم ٿيندي ڪڇان ڪجهه نه ڀلا ڇالاءِ،

هجي منهنجي قلم هٿ ۾ لکان ڪجهه نه ڀلا ڇالاءِ.

 

رهيو آهيان اونداهين ۾ سدائين بس ويرانين ۾،

سهي صدما زماني جا چوان ڪجان نه ڀلا ڇالاءِ.

 

خدايا ڏيهه تنهنجي ۾ رهيو احساس ڪو ناهي،

سُتا ڪنهنجا ٻچا بک تي لڇان ڪجهه نه ڀلا ڇالاءِ.

 

زنده لاشن مثل جڳ ۾ جيئان ڪيئن مان ٻڌائي ڪو،

ڪري بند هي ڇڏيان اکيون ڏسان ڪجهه نه ڀلا ڇالاءِ.

 

پري ناهي ”کوسا“ منزل، اچي عثمان پهتو آ،

ڪري ڪوئي مون کي سڏڙا ٻڌان ڪجهه نه ڀلا ڇالاءِ.

 

مڱريو مستقيم بازيدپوري

 

 

 

 

بيت

 

هاڃا ٿيا هيل جيءَ ۾ لڳيون جهيرون،

وقت جون ويرون، وڪوڙي ويون وجود کي.

 

وڪوڙي ويا وجود کي زلفن جا زنجير،

اکڙين جا اسير آجا آهن ازل کان.

 

ائين مَ مار پکين ڪنوارا احساس،

آهي ڪا آس، آديسين اندر ۾.

 

آڌيءَ اُٿيا ڪيترا سانگا سِرن لاهي،

آديسين کي ناهي، آرام اندرسين.

 

پاتئي ٿي ليئا، ڪنهن کي پسڻ لاءِ،

آس جا ڏيئا، آڌيءَ ٻاريئي اڱڻ ۾.

 

آڌيءَ ٻاريم اڱڻ ۾ آس جا ڏيئا،

سڄڻن جا سنيها، آيا ناهن اڃا مون.

 

اکيون آهن اُڀ ۾ سڄڻ ُنهنجي سار،

الاءِ ڪڏهن يار، ايندي اڱڻ منهنجي.

 

لڳن ٿا مون، واسينگن جيان تنهنجا وار،

سڄڻ نه تون، سنوار تن کي صبح جو.

 

 

غزل

 

دل جي ڳالهه دل ۾ ئي، دٻائي ڇڏيم،

ها درد ته پنهنجو ئي، وڌائي ڇڏيم.

 

سُرڪي نه ملي ڪٿ به سکن جي هائي،

سينو سورن ساڻ ته سهائي ڇڏيم.

 

مليا صدما، سوچن ڪئي خودڪشي،

جذبن جو هاءِ قتل ڪرائي ڇڏيم.

 

سوچن جي ساگر ۾ دل ته وئي ٻڏي،

رهيل هوش به پنهنجو وڃائي ڇڏيم.

 

اکين جي اڱڻن تي سجائي سپنا،

ديپ دل ۾ ڪوئي اڄ جلائي ڇڏيم.

 

تو جي پنهنجو نه ڪيو ته ڇا ٿيو پرين،

پاڻ کي ته تُنهنجو ئي سڏائي ڇڏيم.

 

ڏوهه ڏجي ڪهڙو مَستن ”مُستقيم“،

رستو گهر جو ڀي ها ڀُلائي ڇڏيم.

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ افساني کي مختصر ڪهاڻي چيو ويو، پر خاص وصف ڪنهن به مقرر نه ڪئي. مختصر هجڻ ۽ هڪ خيال تي منحصر هجڻ وغيره جهڙا لفظ ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا، بلڪه اوائلي تنقيدي ڪتاب اردوءَ جي نقادن جي لکڻين جا لڳ ڀڳ ترجما آهن.  غلام محمد شهواڻي جو ”ادبي اصول“ به ڊاڪٽر سلام سنديلويءَ وانگر هڊسن جي ”اين انٽروڊڪشن ٽو انگلش لٽريچر“ جو هوبهو ترجمو آهي، جنهن ۾ فڪشن يعني ناول ۽ افساني لاءِ مرڪزي خيال، پلاٽ، ڪهاڻي، ڪردار ۽ ڊائلاگ (ڊرامن جي صورت ۾) لازمي قرار ڏنو ويو. اهي خيال يونان جي علمي دؤر جي وصفن سان مطابقت رکن ٿا، جن ۾ ٽن ايڪاين تي گهڻو زور ڏنو ويندو هو، ان ڪري جو ڪنهن مختصر ڪهاڻيءَ ۾ زمان، مڪان، ۽ فڪر جي ايڪائي (Unity) جو وڏو حصو هوندو آهي، جنهن ۾ علامه آءِ.آءِ قاضي Unity of  Vision شامل ڪري، ان کي نئون رخ ڏئي ڇڏيو، ليڪن جديد زندگيءَ جي تيز رفتاري سان بدلجندڙ قدرن انهن کي پوئتي ڇڏي ڏنو، بلڪه ويهين صديءَ ۾ ته ادب عوامي حلقي ۾ اچي ويو ۽ ادب ۾ ڪارج جو هجڻ لازمي بنجي ويو، صرف دل خوش ڪرڻ ۽ تفريح ڪرڻ وارو دؤر هليو ويو. هاڻ ادب اميرن کان ڦري غريبن  جي جهوپڙين تي پهچي ويو، جنهن لاءِ افسانو يا مختصر ڪهاڻي اظهار جو نهايت ڪارائتو ذريعو بڻي.

قاضي خادم

       ڪتاب: ’محبوب ڳولي ڏس‘

پيش لفظ، ص 14 تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org