سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي

 

 

 

 

(جواهر القرآن)

      ]مترجم: علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ[

 

فقير هدايت علي نجفي تارڪ جي والد جو نالو فقيرالهداد عرف تراب علي تونيو ۽ سندس ماءُ جو نالو دريا خاتون هو. پاڻ پنهنجي والده ماجده جي رحلت واري تاريخ هنن لفظن مان ڪڍي آهي. (ماده تاريخ رحلت مسمات دريا خاتون مادر شاعر دريا خاتون بدين) سندس ولادت 25 محرم الحرام 1312هه/ 29 جولاءِ 1894ع تي ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي والده کان پرايائين. فارسيءَ جي تعليم مدرسه دارالعلوم کنڊو (تعلقو وارهه) ۾ مولانا عبدالعزيز شاهه خارانيءَ کان ورتائين، بعد ۾ مشهور عالم مولانا حبيب الله وٽان حديث جي تعليم ورتائين. ظاهري علمن جي تحصيل کانپوءِ مخدوم صفي الله شاهه سجاده نشين درگاهه شاهه نصير الدين (نوشهروفيروز) کان روحاني فيض حاصل ڪري مرشد جي صحبت ۾ رهي، سلوڪ جي راهه جون سڀئي منزلون طئي ڪيائين. فقير صاحب سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ شعر چيو آهي. شعر تي وڏو درڪ رکندو هو. شاعريءَ ۾ ديوان تارڪ (سنڌي) ۽ ديوان تارڪ (اردوءَ) سميت ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيائين. ان کان علاوه نثر ۾ به ترجمو ۽ طبعزاد ڪتاب لکيائين. سندس ڪتابن جو ڪاٿو ٻن سَون جي لڳ ڀڳ شمار ڪيو وڃي ٿو. ايترن سارن ڪتابن مان صرف ٻائيتاليهه ڪتاب سندس شاگرد سيد اظهر گيلانيءَ جي قائم ڪيل علامه تارڪ لئبرريءَ ۾ موجود ۽ محفوظ آهن. انهن مسودن جي فهرست، ديوان تارڪ سنڌي (1989ع) ۽ علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو سنڌي ڪلام (2012ع) ۾ ڏسي سگهجي ٿي. باقي سندس ٻيا مسودا گُم آهن. ڪيترن ئي ڪتابن جون ٻه ٻه ڪاپيون پڻ لکيون اٿس. مٿين مسودن کان علاوه ڪجهه ڪتابن جا نالا مون پنهنجي مضمون ۾ درج ڪيا آهن. اهو مضمون ٽماهي”مهراڻ“ جي 1/2015ع جي پرچي ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

علامه موسيقيءَ جو به ماهر هو. موسيقيءَ ۾ سندس استاد آغا فيض گويه امرتسري هو. سندس وفات جي تاريخ علامه هن طرح لکي آهي:

دريغا حڪم سي امر قضا کي،

مرا استاد موسيقي کان خوشخو،

مسيحا کا تها دم الحان اس کا،

که جيتا مرده دل تها جس سي يڪسو.

برائي سال رحلت اس کي تارک،

ڪَها هاتف ني آغا فيض دلجو. (1934ع)

علامه تارڪ جي وفات جي تاريخ ڊاڪٽر نوازعلي شوق پنهنجي ڪتاب/ٿيسز ۾ 18 محرم الحرام 1358هه برابر 9- مارچ 1939ع لکي آهي. جڏهن ته سندس وفات جي تاريخ 17- محرم الحرام 1358هه چئي وڃي ٿي. والله اعلم بالصواب:

 

جواهرالقرآن جو تعارف:

جواهرالقرآن اصل ۾ مولانا رفيع الدين جو ترجمو ڪيل آهي. هيءُ قرآن شريف جي چند آيتن جو ترجمو آهي. مولانا رفيع الدين جو ترجمو ڪيل علامه تارڪ کي قلمي نسخو هٿ آيو يا ڇاپي نسخو، ان جي وضاحت ڪا نه ڪئي اٿائين. اهو به نه لکيائين ته هيءُ ڪهڙي ٻوليءَ (عربي يا فارسي) ۾ هو. مون کي هيءُ مسودو همت علي تنئي جي معرفت ميان علي نواز تنئي کان 15- اپريل 2009ع برابر 18- ربيع الثاني  1430هه تي ڪجهه ڏينهن لاءِ مليو ۽ هن جي فوٽو ڪاپي وٺي اصل مسودو ميان علي نواز کي 27 مئي 2009ع مطابق جمادي الثاني 1430هه تي واپس ڪيم.

جواهر القرآن جي سائيز ڊيگهه 5-8 انچ ۽ ويڪر 5-6 انچ آهي. هيءُ جواهرالقرآن، قرآن شريف جي چند آيتن جو ترجمو بلڪ ترجمي تان ترجمو آهي. علامه تارڪ هن جو سنڌي ترجمو تاريخ 3- رمضان المبارڪ 1349هه/23 جنوري 1931ع جمعه وقت ظهر موسم سياري ۾ لکي پورو ڪيو. هيءُ سمورو مواد 193 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ پنهنجي نوعيت جو هڪ نرالو ترجمو آهي. 21 صفحن کان ويندي 193 صفحن تائين قرآن شريف جي مختلف 84 سورتن سورة الفاتحہ، سورة البقره، سورة آل عمران، سورة النساء، سورة المائده، سورة الانعام، سورة الاعراف، سورة الانفال، سورة التوبہ، سورة اليونس، سورة الهود، سورة اليوسف، سورة الرعد، سورة الابراهيم، سورة الحجر، سورة النحل، سورة بني اسرائيل، سورة الڪهف، سورة المريم، سورة طٰہٰ، سورة الانبياء، سورة الحج، سورة المومنون، سورة النور، سورة الفرقان، سورة الشعراء، سورة النمل، سورة القصص، سورة العنڪبوت، سورة الروم، سورة القمان، سورة السجده، سورة الاحزاب، سورة السبا، سورة الفاطر، سورة يٰس، سورة الصافات، سورة ص، سورة الزمر، سورة المومن، سورة حٰم سجده، سورة الشوريٰ، سورة الزخرف، سورة الدخان، سورة الجاثيہ، سورة الاحقاف، سورة محمد، سورة الفتح، سورة ق، سورة الذاريٰت، سورة الطور، سورة القمر، سورة الواقعة، سورة الحديد، سورة المجادلة، سورة الحشر، سورة الممتحنة، سورة الجمعة، سورة المنٰفقون، سورة التغابن، سورة الطلاق، سورة التحريم، سورة الملڪ، سورة ن والقلم، سورة الحاقہ، سورة النوح، سورة الجن، سورة الزمل، سورة الدهر، سورة البروج، سورة الاعليٰ، سورة القدر، سورة النصر ۽ سورة الاخلاص جو سنڌي ترجمو آهي. انهن سورتن مان مختلف آيتون ورتيون ويون آهن. هن کان اڳين ويهن صفحن تي علامه تارڪ جواهرالقرآن جي سمجهاڻي قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ سمجهائي آهي.

هيءُ هڪ وظيفن جو مجموعو آهي. مولانا رفيع الدين کي جيڪي دعائيه آيتون پنهنجي سمجهه ۾ آيون آهن، انهن کي يڪجاء ڪري مٿس جواهرالقرآن نالو رکيائين. هيءُ دعائيه جواهرالقرآن جمعي کان پڙهڻ شروع ڪري، خميس تي پورو ڪري دعا گهري ته انشاءالله سندس نيڪ مراد پوري ٿيندي. جيئن قرآن مجيد ۾ آهي ته اُدعوني اَستجِب لڪم يعني: ”دعا گهرو مون کان قبول ڪندس“. اوهان لاءِ هن مان ظاهر ٿيو ته ٻانهي تي دعا گهرڻ فرض آهي. باقي قبول ڪرڻ الله تعاليٰ جي ذمي آهي ڇو ته الله تعاليٰ ئي آهي جيڪو ٻانهي کي سڌي رستي تي هلڻ جي تلقين ۽ هدايت ڪري ٿو، سا به قرآن پاڪ جي روشنيءَ ۾. قرآن پاڪ مسلمانن لاءِ وسيلو ۽ راهِه نجات آهي. جيئن الله پاڪ جو ارشاد آهي: وَاعتصموا بحبلِ الله جَميعاً وَّالاتفرقُوا- يعني: ”الله جي رَسيءَ کي مضبوط پڪڙيو ۽ ٽولا ٽولا نه ٿيو.“ اها رَسي ڪهڙي آهي، ان مان مراد قرآن پاڪ آهي. اهوئي قرآن پاڪ آهي، جنهن جي پڙهڻ ۽ تلاوت سان دل کي سڪون ۽ روح کي راحت ملي ٿي، جيئن علامه تارڪ لکي ٿو ته:

”افضل العبادات تلاوت ڪلام الاهي آهي، جنهن جو ايمان جنهن قدر قوي هوندو، تنهن قدر ان کي هن ڪلام پاڪ جي پڙهڻ جو شوق هوندو، جي اهل دل آهن، انهن تي روشن آهي ته تلاوت ڪلام الله جي ۾ ڄڻ ٻانهو پنهنجي آقا سان همڪلاميءَ جو مزو پائي ٿو. آئيني ايمان جي کي چٽو ڪرڻ لاءِ تلاوت قرآن جي کان وڌيڪ ڪوئي صيقل ناهي.“ (ص3)

اهو ظاهر آهي ته قرآن مجيد کي الله جل شانہُ انسانن لاءِ روشني ۽ هدايت ڪري نازل ڪيو آهي ته جيئن انسان هن جامع ڪتاب جي تلاوت ڪري فائدو حاصل ڪن ۽ مَن جون مرادون ماڻين. قرآن شريف کي دعائن جو آئينو سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته هن کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪتاب افضل ۽ اڪمل نه آهي. قرآن پاڪ اهو ڪتاب آهي، جيڪو ماڻهو قرآن کان هدايت جي واٽ گهرندو ته قرآن شريف ان کي بهتر کان بهتر سڌو رستو ٻڌائيندو. قرآن پاڪ ۾ زندگي گذارڻ جا طور طريقا به چٽيءَ طرح ۽ کولي کولي بيان ڪيا ويا آهن ۽ هر طريقو آسانيءَ سان سمجهايو ويو آهي. قرآن شريف ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون آهن جيڪي دعا ۽ وظيفي طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون.

جيئن علامه تارڪ لکي ٿو:

”هيءُ ڪتاب قدس انتساب حرزجان اهل ايمان نالي جواهرالقرآن سڀ ادعيه مقدس جو انتخاب آهي جو ڪلام الٰهيءَ ۾ نازل ٿيون آهن، هن کان اڳي هيءُ ڪتاب ڪيترا ڀيرا معرضِ طبع ۾ اچي رهيو آهي. مگر هن ڀيري عالي جناب مُعليٰ القاب فخرِ زمن حاجي الحرمين شريفين حاجي محمد حسن صاحب قوم تونيه قريشي علوي پنهنجي اهتمام سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. خداوند ڪريم هن کي وسيلو ثواب جو بڻائي ۽ مقبول ڪري آمين.“ (ص 4-5)

هيءُ دعائن جو مقدس انتخاب ۽ لاجواب آهي ۽ علامه تارڪ جي قلم مان حاجي محمد حسن لکرائي پڌرو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب جواهرالقرآن علامه تارڪ جي هٿ لکيل قلمي نسخو آهي جيڪو ڪنهن به پريس مان نه ڇپيو آهي ۽ اڄ تائين قلمي صورت ۾ رهندو آيو آهي.

جيئن مشهور آهي ته يٰس شريف قرآن پاڪ جي دل آهي، تيئن وري دعا کي عبادت جو مغز چيو ويو آهي ڇو ته خدا تعاليٰ جي ئي موڪليل قرآن جي دعائيه آيتن جو سهارو وٺڻ هر مومن مسلمان مرد توڻي عورت تي فرض آهي. خدا تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو آهي: ”صرف منهنجي ئي عبادت ڪريو ۽ مون کان ئي دعا گهرو.“ خدا تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪرڻ وڏو گناهه آهي ۽ اهو مشرڪ ٿيو پوي، جيڪو خدا سان ڪنهن کي شريڪ ڪري. خدا تعاليٰ هر شيء کان پاڪ ۽ هڪ آهي. ان جو ڪو به شريڪ نه آهي، تنهنڪري هر مومن ۽ مسلمان مرد توڻي عورت، عبادت ڪري ته خدا کي حاضر ناظرڄاڻي ان کي سجدو ڪري. اهڙيءَ ريت دعا به خدا کان گهري. خدا تعاليٰ ئي دعائون ٻڌندڙ، عرض اگهائيندڙ ۽ قبول ڪندڙ آهي. الله تعاليٰ اڳيان نماز ۾ عاجزي ۽ انڪساري ڪري. هٺ ۽ وڏائي يا غرور جي ويجهو نه وڃي، اهو خدا پاڪ کي ڪڏهن به پسند نه آهي. جيڪو غرور ۽ تڪبر ڪندو ته اهو اونڌي مُنهن وڃي ڪرندو ۽ ڪا به هدايت نه لهندو ۽ خدا پاڪ ان کي ڪو به سَنئون رستو نه وٺائيندو، ان کي اتي موڪليندو، جتان نڪري ئي نه سگهندو. تنهنڪري ٻانهي کي اهو گهرجي ته هو بارگاهِ ايزديءَ ۾ نياز نوڙت، عجز ۽ انڪساريءَ جو گس وٺي ۽ الله پاڪ جي عبادت کان غافل نه رهي. اهو  به فرمايو ويو آهي ته جيڪو به خدا پاڪ جي عبادت کان غافل رهيو، اهو هرگز سڌو رستو نه لهندو. جيئن عام آهي ته ”جودم غافل، سودم ڪافر“. تنهنڪري ٻانهي تي اهو لازم آهي ته غفلت ۾ نه پوي، جيئن ”جن غفلت وارن کي خدا جي بندگيءَ جي توفيق ناهي، اُن کي درجي انسانيت کان ردي ڄاڻڻ گهرجي.“ (ص 03)

خدا پاڪ کي ياد ڪرڻ سان ئي دلين کي سڪون ۽ روحن کي راحت ملي ٿي. هر ڪنهن مسلمان کي اها خبر آهي ته افضل عبادت قرآن پاڪ جي تلاوت آهي. ڇو ته قرآن مجيد ئي عبادت جو محور ۽ مرڪز آهي. هر مومن مسلمان تي فرض آهي ته قرآن شريف جي دل جي حضور سان تلاوت ڪري ۽ قرآن پاڪ ٺاهي ٺاهي خوش الحان سان پڙهي. قرآن پاڪ پڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪري. اگر تڪڙ ڪندو ته پنهنجي مقصد تان هٽي ويندو. ڪهڙي به عبادت ڪجي ۽ ڪنهن به طرح ڪجي، ان کي دعا کان سواءِ گهٽ ڄاتو ويو آهي. هر مسلمان ۽ متقي قرآن پڙهڻ کان پوءِ دعا ضرور گهرندو آهي. اهڙيءَ طرح نماز کان پوءِ به دعا گهري ويندي آهي. تنهنڪري دعا کي افضل عبادت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. دعا جي لاءِ به علامه تارڪ نهايت سٺو لکيو آهي ۽ مختصر پر جامع لکيو آهي. هڪ قول آهي ته ”الدّعآءُ هُوَالعبادهُ“ يعني دعا عبادت آهي. الله تعاليٰ جو سمورو ڪلام (قرآن پاڪ) دعائن جو مُنڍ ۽ نچوڙ آهي. جنهن به قرآن پاڪ کي پنهنجو ڪيو. تنهن هر مطلب حاصل ڪيو. جنهن قرآن شريف کي ڇڏيو، تنهن نسورو ناحق لڌو. هرهڪ شيء قرآن پاڪ ۾ بيان ڪئي وئي آهي. اهڙي ڪا به چيز نه آهي، جيڪا قرآن پاڪ ۾ نه هجي. مومن ۽ مسلمان لاءِ قرآن شريف ڇوٽڪارو ۽ شفا آهي. جواهرالقرآن جي جوڙڻ جي باري ۾ علامه تارڪ لکي ٿو:

”ڪائي دعا وارثِ برڪات ۽ حسنات جي ۽ هٽائيندڙ بلّيات ۽ مضّرات جي ڀلي ڪلام ربانيءَ کان نه ٿي ٿي سگهي. خصوصاً آيات تحميد ۽ استغفار  ۽ تسبيح ۽ توڪّل ۽ سلام ۽ تهليل ۽ دعا جي سڀ مطلب جي لاءِ اڪسير آهن ۽ بي سامان جي لاءِ تدبير. جيڪڏهن انهن کي جواهرالقرآن چئجي ته بجا آهي يا اسرار الفرقان نالو رکجي ته روا آهي. اوصاف انهن جا احاديث ۾ بيشمار ۽ سون ڪتابن ۾ لکڻ دشوار.“ (ص 9)

جواهرالقرآن جي پڙهڻ جو طريقو علامه تارڪ کولي بيان ڪيو آهي ته ڪٿان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي. جيڪو به هن تي عمل ڪندو ته اهو پنهنجي مراد کي لهندو. جواهرالقرآن ۾ ٻه واقعا هڪ محمد پٽ اسامه جو ۽ ٻيو سلطان ابوالقاسم محمود سبڪتگين جو بيان هيٺ آڻي ٿو. انهن جو حل به هنن وظيفن جي ورد ڪرڻ سان پورو ٿيو آهي. ”ڄاڻڻ گهرجي ته هي وظيفا بجاءِ خود هڪ وظيفو آهي.“ (ص 14) هيءُ وظيفو مڪمل پابنديءَ سان پڙهڻ گهرجي. اگر ڪنهن وچ ۾ ڪا وِٿي وڌي ۽ وظيفو ڇڏي ڏنو ته وري ان کي نئين سِر جمعي ڏينهن کان پڙهڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت ست ئي ڏينهن وظيفي ۾ مشغول رهي. بعد ۾ دعا گهري ته انشاء الله تعاليٰ سندس من جون نيڪ مرادون پوريون ٿينديون. جنهن به هن وظيفي کان مدد ورتي، تنهن پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو به هِت ڄاڻايو ويو آهي ته هن وظيفي تي اڪتفا نه ڪجي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڇڏي نه ڏجي. ڇو ته قرآن پاڪ ڪل آهي ۽ هيءُ وظيفو جز آهي. سموري قرآن پاڪ جي تلاوت جو ثواب هن وظيفي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ افضل آهي.

ترجمي ۾ ڪم آندل ٻولي:

تارڪ نجفي کي عربي ۽ فارسي ٻولين تي وڏي دسترس ۽ مهارت هئي. ان سان گڏوگڏ سنڌي ۽ اردو وغيره ٻولين تي به کيس عبور ۽ درڪ حاصل هو. مٿس مذهبي تعليم جو نهايت اثر غالب هو. ان ڪري سندس تحريرن تي پڻ عربي ۽ فارسي زبانن جو رنگ حاوي نظر اچي ٿو، پر تنهن هوندي به ترجمي ۾ صاف، نج سنڌي الفاظ، اصطلاح ۽ محاوره استعمال هيٺ آندا اٿائين.

علامه نجفي انگريزن جي وچ واري دور ۾ ٿي گذريو آهي. ان دور جي ٻوليءَ ۾ جواهرالقرآن جي آيتن جو ترجمو ڪيو اٿس. پاڻ سنڌ جي اتر واري حصي سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري اُترادي لهجو ترجمي ۾ ملي ٿو. مجموعي طور هيءُ ترجمو، سنڌي ۽ اسلامي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هيءُ ترجمو اڄ تائين شايع نه ٿيو آهي. هن جي فوٽوڪاپي هن بندي وٽ محفوظ آهي. علامه جي استعمال ڪيل ٻوليءَ مان صاف واضح ٿو ٿئي ته علامه نهايت محنت کان ڪم ورتو آهي ۽ ترجمو ڪرڻ وقت اصل عربي عبارت جي مفهوم کي ڪنهن به طرح فرق محسوس ڪرڻ نه ڏنو آهي. علامه جي انهيءَ ترجمي جي ڪجهه آيتن جو ترجمو مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:

”۽ اسان پاڪائي بيان ڪندا آهيون، ساڻ ساراهه تنهنجي جي ۽ پاڪائي بيان ڪندا آهيون واسطي تنهنجي، چيا۽ تحقيق مان ڄاڻان ٿو جو نٿا ڄاڻو توهان- اي ماڻهئا جو ايمان آندو اٿو خرچ ڪيو پاڪيزه مان جو ڪجهه ڪمايو توهان ۽ ان چيز مان جو ڪڍيو آهي اسان اوهان جي لاءِ، زمين مان ۽ نه قصد ڪيو پليد جو ان مون جو خرچ ڪيو ان کي ۽ ناهي توهان وٺڻ وارا ان جي مگر هي جو اکيون ٻوٽيو توهان انجي منجهه ۽ ڄاڻو هي جو تحقيق جو الله بي پرواهه آهي ساراهيو ويو ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪيو توهان پوءِ تحقيق واسطي الله جي آهي جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجهه منجهه زمين جي آهي ۽ آهي الله بي پرواهه ۽ ساراهه ڪيو ويو.“ (ص 22)

علامه تارڪ پنهنجي عبارت ۾ سنڌي تلفظ لاءِ عربي صورتخطي وانگر ڪيترائي لفظ استعمال ڪيا آهن. جهڙوڪ: چيا۽، ڪيا۽، ايستا۽، سب، ڪَنان، سدائي، جڏه، آنداءٌ، وسارياءٌ وغيره.

اهڙيءَ ريت فقير تارڪ جو هيءُ ترجمو سنڌي لفظن سان ۽ محاورن سان ٽمٽار نظر اچي ٿو.

تجزيو:

علامه تارڪ جو هيءُ ترجمو هن وقت تائين قلمي صورت ۾ هو، ليڪن مون کي هن جي ڇپائڻ جو خيال تڏهن آيو، جڏهن مون هن جو غور سان مطالعو ڪيو. ڇو ته هيءُ مون ناچيز ۽ ناقص کي سال 2009ع ۾ مليو، ليڪن جڏهن کان منهنجي هٿن تائين پهتو، تڏهن کان اهو شوق دامنگير رهندو آيو ته هيءُ انمول ۽ لاجواب مسودو اشاعت هيٺ اچڻ گهرجي.

سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي هٿ وس آهي، ڇو ته الله جل شانہُ ڪارساز آهي، انسان جو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي ۽ پورو ڪرڻ خداپاڪ جي ذمي آهي. هيءُ جواهرالقرآن علامه تارڪ خط ڪوفيءَ ۾ لکيو آهي. هن مان ظاهر آهي ته پاڻ رسم الخط جي مختلف نمونن يا لکڻين کان واقف هو. علامه تارڪ جو ڪيل هيءُ ترجمو، اسلامي ۽ ديني ادب ۾ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. اهڙي ئي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو بهترين ترجمو تصور ڪيو ويندو. هن جي سنڌي عبارت نهايت دلڪش، جاذب ۽ پراثر آهي. ڪيترن ئي ترجمن جي ڀيٽ ۾ علامه صاحب جو ترجمو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو.

ڊاڪٽر محمد ادريس السندي

 

 

 

 

سنڌ جي ماڳن ۽ شهرن بابت سنڌيء ۾ لکيل

            ڪتابن جو سرسري جائزو

 

ڳوٺن، شهرن، وستين ۽ واھڻن، جي تاريخ لکڻ ڪا نئين ڳالھ ڪانه آهي، هر دور ۾ هر ملڪ جي با ذوق رهواسين، پنهنجي پنهنجي شهر/علائقي جي تاريخ ترتيب پئي ڏني آهي. ظاهر آهي ته ڪم هڪڙا ڪندا آهن، ان مان لاڀ ٻيا به پرائيندا آهن. ڪن کي ته ان وقت ئي اهڙن ڪتابن لکڻ تي مڃتا ملي، ڪن جي لکتين کي ان وقت لا يعني نه سمجهيو ويو، پر بعد ۾ انهن کي مانُ مليو.

دنيا ۾ ٿي دستور اڪثر اهو،

ڪبو ياد مردن کي ويندي کانپوءِ.

          مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي تاريخ تي ته سوين، بلڪه هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن، ڇوته اهي مسلمانن لاءِ مقدس شهر آهن، بيت المقدس بابت لکيل ڪتابن جو تعداد به ڪو گهٽ ڪين آهي، جيڪو مڪہ ۽ مدينہ کانپوءِ مسلمانن لاءِ مقدس حيثيت رکي ٿو، اهڙن ڪتابن جو ذڪر اسين ڪونه ڪنداسين، ڇو ته اهي عام ملن ٿا يا ملي سگهن ٿا، يا انهن جي معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي.

          هت اسان تمهيد طور چند مشهور اسلامي شهرن جو ذڪر ڪنداسون، جن جي تاريخ ۽ اتان جي مشهور شخصيتن جي تذڪري ۾ ڪتاب لکيا ويا آهن:

دمشق:

          دمشق جي تاريخ ۽ دمشق جي شخصيات بابت، حافظ ابن عساڪر دمشقي (ت: 571ھ) ”تاريخ دمشق“ نالي عظيم ڪتاب لکيو، جيڪو 80 جلدن ۾ راقم الحروف وٽ به موجود آهي، سندس فرزند ابو محمد القاسم (ت: 600ھ) ان جو ذيل لکيو. ابن منظور مصري (ت: 711ھ) ان جو اختصار ڪيو، جيڪو 29 جلدن ۾ ڇپيو آهي.

بغداد:

جنهن جي تاريخ ”تاريخ بغداد“ جي نالي سان حافظ خطيب بغدادي (ت: 463ھ) ترتيب ڏني، 14جلدن ۾ ڇپيل عام ملي ٿي، علامه سمعانيء (ت:562ھ) ان جي ذيل لکيو هو، ان ذيل جو ذيل وري علامه دبيثيء (ت: 637) جوڙيو، علامه ابن النجار (ت:643ھ) به ”تاريخ بغداد“ جو ذيل لکيو هو، جيڪو اڄ ڪلھ ”تاريخ بغداد“ سان گڏ ڇپيل ملي ٿو.

حمص:

شام ملڪ جي انهيء شهر بابت ”تاريخ الحمصيين“ نالي هڪ ڪتاب، ابو بڪر احمد بن محمد بن عيسى البغدادي (ت: 257ھ) لکيو هو.

قرطبه:

مؤرخ ابو مروان حيّان بن خلف القرطبي (ت: 469ھ) ”تاريخ فقهاء قرطبه“ نالي هڪ ڪتاب، قرطبه جي فقيهن بابت تاليف ڪيو هو.

غرناطه:

مشهور مؤرخ ۽ اديب لسان الدين ابن الخطيب (ت: 776ھ) غرناطه بابت جڳ مشهور ڪتاب ”الاحاطة باخبار غرناطة“ تصنيف ڪيو، جنهن جو اردو ترجمو به شايع ٿيو آهي.

بلنسية:

امام ابوعبدالله محمد بن الخلف الصدفي البلنسي (ت: 509ھ) (جيڪو ابن علقمه جي لقب سان مشهور ٿيو) ”تاريخ بلنسية“ ترتيب ڏنو.

قيروان:

ابوالعرب محمد بن احمد بن تميم الافريقي القيرواني (ت: 333ھ) ”تاريخ قيروان“ لکيو، جيڪو ”طبقات علماء افريقية وتونس“ نالي سان شايع ٿيو آهي. شيخ دباغ  عبدالرحمٰن بن محمد (ت: 696ھ) قيروان جي شخصيتن بابت ڪتاب تحرير ڪيو، جنهن جو نالو رکيائين: ”معالم الايمان في معرفة اهل القيروان“.

بجاية.

علامه ابن الحاج، محمد بن محمد العبدري الفارسي (ت: 737ھ) ”تاريخ بجاية“ لکيو.

تلمسان:

علامه ابومريم الشريف التلمساني محمد بن محمد (ت: 1014ھ) تلمسان جي علماء ۽ اولياء جي تذڪري ۾”البستان في ذڪر العلماء والاولياء بتلمسان“ تصنيف ڪيو.

فاس:

شيخ ابوالعباس ابن القاضي المڪناسي احمد بن محمد (ت: 1025ھ) فاس جي علماء ۽ مشهور شخصيتن بابت ڪتاب ترتيب ڏنو، نالو رکيائين”جذوة الاقتباس في ذڪر من حل من الاعلام مدينة فاس“ ۽ شيخ ابن ابي زرع علي بن محمد (ت: بعد 726ھ) ”روض القرطاس في اخبار المغرب وتاريخ مدينة فاس“ نالي ڪتاب جوڙيو. تازو سال ڏيڍ اڳ، جناب ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب جن، مراڪش مان مون لاءِ هڪ ڪتاب 5 جلدن تي مشتمل خريد ڪري آندو، جنهن جو نالو آهي: ”سلوة الانفاس و محادثة الاڪياس بمن اقبر من العلماء والصلحاء بفاس“. (مؤلف: محمد جعفر الڪتاني. (ت:1345)

موصل:

حافظ ابو زڪريا يزيد بن محمد الازدي الموصلي (ت: 334ھ) موصل شهر جي محدثن بابت ڪتاب تاليف فرمايو، نالو رکيائينس:”طبقات المحدثين من اهل الموصل“ ۽ حافظ ابن الجعابي محمد بن عمر (ت: 355ھ) ”تاريخ الموصل“ تحرير فرمايو.

حران:

عزّ الملڪ محمد بن ابي القاسم المسبحي الڪراني (ت:420ھ) ”تاريخ حران“ نالي ڪتاب لکيو.

رقة:

مؤرخ ابو علي محمد بن سعيد بن عبدالرحمٰن القشيري ”تاريخ الرقة“ جوڙيو.

همدان:

علامه عمران بن محمد الهمداني ”ڪتاب طبقات اهل همدان“ ترتيب ڏنو ۽ ”الفردوس بماثور الخطاب“ جي مؤلف شيرويه بن شهر دار ديلمي (ت: 509ھ) ”طبقات الهمدانيين“ لکيو.

قزوين:

حافظ ابويعلي خليل بن عبدالله القزويني (ت: 446ھ) ”تاريخ قزوين“ لکيو ۽ امام فقيه ابو القاسم عبدالڪريم بن محمد الرافعي الشافعي (ت:623ھ) ”التدوين في اخبار قزوين“ ترتيب ڏنو.

جرجان:

”تاريخ جرجان“ جي نالي سان ڪيترن ئي مؤرخن ڪتاب لکيا آهن، جن مان ٻه مشهور آهن:

1.                   حافظ ابو القاسم حمزه بن يوسف الجرجاني (ت:427ھ)

2.                 ابو الحسن علي بن محمد بن عبدالله الجرجاني (ت:468ھ)

نيشاپور:

امام حاڪم نيشاپوري، ابوعبدالله محمد بن عبدالله (ت: 405ھ)، ”تاريخ نيسابور“ نالي نهايت ضخيم ڪتاب لکيو، جيڪو هن وقت ناپيد آهي، ان جو اختصار خليفه نيشاپوري احمد بن محمد بن حسن بن احمد، فارسي ۾ ترتيب ڏنو هو، جيڪو راقم الحروف وٽ به موجود آهي، البته حافظ ابو الحسن عبدالغافر بن اسماعيل نيشاپوريء، امام حاڪم نيشاپوري جي مٿين ڪتاب جو ذيل ”السياق لتاريخ نيسابور“ جوڙيو هو، جيڪو مطبوع آهي.

مرو:

مرو نالي ٻه شهر خراسان جي علائقي ۾ مشهور آهن:

1. مرو الروذ

2. مرو الشاهجان

مرو شاهجان جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، مثلاً:

1.                   التاريخ في رجال المحدثين بمرو، حافظ فراهيناني مروزي محمد بن علي (ت: 247ھ)

2.                 اخبار مرو. حافظ ابو الحسن احمد بن سيار مروزي (ت:268ھ)

3.                 تاريخ المراوزة. ابو رجاء محمد بن حمدويه السنجابي (ت: 306ھ)

4.                 تاريخ مرو. شيخ عبدالڪريم سمعاني(صاحب الانساب) (ت:562ھ)

سمرقند:

حافظ ابو سعد عبدالرحمٰن بن محمد الادريسي (ت:405ھ) ”تاريخ سمرقند“ لکيو، حافظ ابو العباس مستغفري جعفر بن محمد (ت:432ھ) به انهيءَ نالي سان ڪتاب جوڙيو، پر وڌيڪ شهرت ماڻي،”القند في علماء سمرقند“ جيڪو مشهور حنفي فقيه ابو حفص عمر بن محمد النسفي (ت:537ھ) حافظ ادريسي جي مذڪور ڪتاب جي ذيل طور لکيو.

شيراز:

حافظ ابو عبدالله محمد بن عبدالعزيز الشيرازي القصّار ”طبقات اهل شيراز“ ترتيب ڏنو، حافظ ابو القاسم هبة الله بن عبدالوارث الشيرازي (ت: 486ھ) ”تاريخ شيراز“ لکيو، معين الدين ابو القاسم شيرازي (ت:بعد از 791ھ) شيراز جي مزارت بابت ”شد الازارفي حطّ الاوزار عن زوّار المزار“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن جو فارسي ترجمو ”هزار مزار شيراز“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي.

هرات :

ستين هجري جي اوائل ۾ علامه سيف بن محمد يعقوب الهروي ”تاريخ نامه هرات“ تحرير فرمايو، شيخ عبدالرحمٰن فامي هروي (ت:549ھ) ”تاريخ هرات“ لکيو. ”مزارات هرات“ نالي فارسي ڪتاب به ان ڏس ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.

اصبهان:

محدث ابو الشيخ عبدالله بن محمد الاصبهاني (ت:369ھ) ”طبقات المحدثين باصبهان“ تاليف ڪيو، حافظ ابو نعيم اصبهاني (ت:430ھ) ”ذڪر اخبار اصبهان“ ترتيب ڏنو ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ”نصف جهان في تعريف الاصفهان“ محمد مهدي بن محمد رضا الاصفهاني جو لکيل شهرت رکي ٿو.

اسوان:

مصر جي هن شهر بابت مؤرخ ابوالحسن احمد بن علي بن زبير الغساني (ت:563ھ) ”تاريخ اسوان“ لکيو.

سبته :

مغرب اقصي جي هن شهر جي تاريخ، قاضي عياض، صاحبِ ”شفاء“ (ت:544ھ) تيار ڪئي، جنهن جو نالو رکيائين ”الفنون الستة في تاريخ سبتة“

بلخ :

شيخ الاسلام صفي الدين ابو بڪر عبدالله بن عمر بلخي (ت: بعد از 610ھ) بلخ جي تاريخ ۾ ”فضائل بلخ“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن جو اصل عربي ته اڻلڀ آهي، پر ان جو فارسي ترجمو عبدالله بن محمد بن بلخي (ت:بعد از 676ھ) ڪيو، جيڪوعبدالحي حبيبي جي تحقيق سان ڇپيو آهي.

سنڌ جي ماڳن بابت لکيل ڪتاب:

سنڌ وارا به ان ميدان ۾ پوئتي رهڻ وارا ڪين هئا، انهن به پنهنجي پياري سنڌ جي وستين، واهڻن، شهرن، ضلعن، علائقن، ريگستانن، جبلن، قلعن، دريائن، وهڪرن ۽ ڍنڍن بابت ڪتاب لکي، سنڌ جي هر هڪ ماڳ ۽ شهرن کي نمايان ڪيو. انهي سلسلي ۾ سنڌ جي ماڳن بابت لکيل هيٺيان ڪتاب اسان جي تاريخي ۽ جغرافيائي ڄاڻ جو اهڃاڻ آهن. ياد رهي ته هن مقالي ۾ مون ان سلسلي جا 2015ع جي آخر تائين شايع ٿيندڙ سنڌي ڪتاب ڄاڻايا آهن، جيڪي راقم الحروف جي لائبريري ۾ محفوظ آهن، سواء چند ڪتابن جي، جن جي ڄاڻ ٻين اديبن کان حاصل ڪئي، جيڪي ٿورا آهن، مون هتي هر انهيءَ ڪتاب کي درج ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جي ڪنهن به شهر يا ڳوٺ يا ضلعي يا علائقي يا وهڪري درياء يا ڍنڍ يا قلعي جي نالي سان ڇپيو آهي، چاهي منجهس انهيءَ جي تاريخ ۽ جاگرافي ڏني وئي هجي، يا انهيءَ جي ڪنهن خاص پهلو تي لکيو ويو هجي، مثال طور: لاڙ تي لکيل ڪتابن اندر مون ”لاڙ جا جهنگلي ڪوئا ۽ انهن جي روڪڻ جا اُپاءُ“ نالي ڪتاب به داخل ڪيو آهي، حالانڪه اهو لاڙ جي مستقل تاريخ ناهي. ان هڪ مثال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. البت اهي ڪتاب جيڪي ڪنهن شهر جي نالي سان، صرف هڪ شخصيت بابت لکيا ويا آهن، سي مون درج نه ڪيا آهن. جهڙوڪ: ”ناري جو نواب“، ”هنڱورجا جو هيرو“ وغيره.

مون اڻڇپيل ڪتابن کان احتراز ڪيو آهي، اهو هڪ ڌار موضوع آهي، مون پهريائين سنڌيءَ سان گڏ اردو ڪتاب به شامل ڪيا هئا (جنهن جو شاهد هن مقالي جو اصلي مسودو آهي) پر پوءِ سوچيم ته ان سان مقالو ڊگهو ٿي ويندو ۽ اردو يا انگريزي ۾ لکيل ڪتابن بابت هڪ مستقل مقالو ترتيب ڏنو ويندو، انشاء الله. ورنه ته رڳو ڪراچي بابت ئي اردو ڪتاب جيڪي مون وٽ آهن، يا مون ڏٺا آهن، (جن کي مون پهريائين درج به ڪيو هو) تن جو تعداد هڪ سؤ جي اندر آهي.

اها دعويٰ ته ڪونه ٿو ڪريان ته هن موضوع تي ڇپيل سڀني سنڌي ڪتابن جو مون احاطو ڪيو آهي (ڇو ته سنڌي ڪتاب هڪ سمنڊ وانگر آهن، جنهن جو ڪو انت ناهي) پر پوءِ به وسئون ڪين گهٽايو آهي، حال پريان نال طور پيش ڪيو آهي، بلڪه ائين جيڪر چوان ته مون هن موضوع جو دروازو کوليو آهي، جنهن تي ٻيا سنڌي ليکڪ به طبع آزمائي ڪري، نيون شيون آڻي سگهندا. احبابن کي اپيل آهي ته جيڪڏهن وٽن ڪنهن اهڙي ڪتاب جي ڄاڻ آهي، جيڪو هن موضوع سان لاڳاپيل آهي، پر هن مقالي ۾ درج ناهي، ته مون کي اطلاع ڏين، جئين آئنده اضافو ڪري سگهجي.

مون هن مقالي ۾ 457 ڪتابن ۽ ڪتابچن جو ذڪر ڪيو آهي. جن کي مون 6 ڪيٽيگرين ۾ ورهايو آهي:

1.             سنڌ جي شهرن بابت جامع ڪتاب

2.           سنڌ جي علائقن، ضلعن ۽ ضلعن جي شهرن ۽ ڳوٺن بابت لکيل ڪتاب

3.           سنڌ جي جبلن بابت لکيل ڪتاب

4.           سنڌ جي دريائن ۽ درياء جي ڪناري آبادين، وهڪرن ۽ ڍنڍن بابت لکيل ڪتاب

5.            سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن بابت لکيل ڪتاب

6.           متفرقات

سنڌ جي شهرن بابت جامع ڪتاب

1.             قديم سنڌ، ان جا مشهور ۽ ماڻهو: مرزا قليچ بيگ، بلوٽسڪي پريس،حيدرآباد 1925. ۽ ان کان پوءِ 1966ع، 1990ع، 1999ع 2002ع، 2005ع ۽ 2014ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو.

2.           سنڌ جا جهونا شهر- عبدالرحمن علي محمد سومرو هيڊ ماستر پرائمري اسڪول دولت پور، ضلع نوابشاه. امين ڪتاب گهر. حيدرآباد 1968ع.

3.           سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ- ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2005ع.

4.           سنڌ جا پراڻا شهر- مولائي شيدائي، سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي، سکر/خيرپور 1983ع.

5.            سنڌ جا شهر- مرتب: عبد الجليل سومرو، نديم بڪ اسٽال، حيدرآباد، 87-1986ع.

6.           سنڌ جا ڪجھ اهم شهر- اميد علي سٺيو، (ٽنڊو محمد خان) ناشر: پاڻ مؤلف 2013ع.

7.           سنڌ جون رياستون ۽ شهر- تحقيق ۽ تحرير: حافظ عبدالستار ڪوريجو، روپاهي ڪوريجا پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2011ع.

8.           سنڌڙي تنهنجا شهر ۽ ڳوٺ وسن- مرتب: غلام رسول خاموش، مددگار: گنگارام جي راٺوڙ، سنڌ مهراڻو آرٽ سينٽر آفيس، نئون ڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر (سال لکيل ناهي)

9.           ماهوار ڪينجهر. منهنجو ڳوٺ نمبر-1، پرچو 74 سيپٽمبر 2001ع، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد.

10.    ماهوار ڪينجهر، منهنجو ڳوٺ نمبر-2، پرچو 86 سيپٽمبر 2002ع، سنڌ ساهت گهر،حيدرآباد.

سنڌ جي علائقن، ضلعن ۽ ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن بابت لکيل ڪتاب

ضلعو ڪشمور: (هڪ ڪتاب)

1.             ڪشمور ضلعي جي تاريخ- ارڏو اترادي، نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي 2013ع،

ضلعو جيڪب آباد: (14 ڪتاب)

2.           خان ڳڙھ کان جيڪب آباد تائين- عبدالڪريم گدائي، ميونسپل جيڪب آباد 1965ع.

3.           مشاهير جيڪب آباد- عبدالرزاق پٽ عبدالوهاب قريشي، دفتر هفتيوار ”البرق“ جيڪب آباد 1973ع.

4.           جيڪب آباد تاريخي نظر ۾- ڪالو خان اياز، ضلع ترقياتي ايسوسيئيشن، جيڪب آباد 1978ع.

5.            جيڪب آباد قديم ۽ جديد (جيڪب آباد مخزن 1984ع) ايڊيٽر: غلام نبي سڌايو (سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو) ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل، جيڪب آباد 1984ع.

6.           جيڪب آباد ۽ وقت جون ويرون (جيڪب آباد مخزن 1985ع) ايڊيٽر: غلام نبي سڌايو (سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو) ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل جيڪب آباد 1985ع.

7.           حقيقت جو هار (جيڪب آباد مخزن 1987ع) ايڊيٽر: غلام نبي سڌايو، (سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو) ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل جيڪب آباد 1987ع.

8.           پيغام محبت (جيڪب آباد مخزن 1988ع) ايڊيٽر: غلام نبي سڌايو، (سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو) ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل جيڪب آباد 1988ع.

9.           ڪاروان جمهوريت (جيڪب آباد مخزن 1989ع) ايڊيٽر: غلام نبي سڌايو، (سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو).

10.    جيڪب آباد جي ثقافتي سرهاڻ (جيڪب آباد مخزن 1993ع) ايڊيٽر: غلام نبي سڌايو، (سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو) ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل جيڪب آباد 1993ع.

11.      دشت بيدار جيڪب آباد جلد ٽيون بڙديڪا- پروفيسر آغا محمد اسماعيل پٺاڻ،سيد بوڪ لينڊ جيڪب آباد 1999ع.

12.    مٺڙا مارو (ضلع جيڪب آباد جي نامور شخصيتن جو مختصر تعارف) ڊاڪٽر محمد خادم بروهي، کيرٿر پبليڪيشن جيڪب آباد، 2002ع.

13.    جيڪب آباد ۽ جان جيڪب- مرتب: غلام نبي سڌايو، ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، جيڪب آباد 2012ع.

14.    جيڪب آباد جي عوامي نمائندن جو جائزو، 1937ع کان 2013ع تائين، عبدالسميع سومرو، ڪميونٽي ڊولپمنٽ فاؤنڊيشن (C,D,F) جيڪب آباد 2013ع.

15.     جاگرافي ضلع جيڪب آباد، محمد صالح شاھ، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، 1962ع، 1968ع، ۽ مسلم بوڪ ڊپو سکر 1964ع ۽ 1966ع.

ضلعو شڪارپور: (19 ڪتاب)

1.             شڪارپور صدين کان (2 مئي 1985ع تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شڪارپور بابت مختلف موضوعن تي پڙهيل تحقيقي مقالن جو مجموعو) مرتب: ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، ناشر: شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور 1988ع.

2.           شڪارپور سونهن جو شهر (شڪارپور جي تاريخ، ثقافت، علم ۽ ادب بابت لکيل اهڙن مقالن جو مجموعو، جيڪي پراڻين اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا) مرتب: خليل مورياڻي، ناشر: شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور 1996ع.

3.           شڪارپور ماضي، حال (جشن شڪارپور 1982ع ۽ جشن شڪارپور 1983ع جي موقعن تي ڪوٺايل سيمينارن ۾ پڙهيل چونڊ مقالن جو مجموعو) مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ناشر: پبليڪيشن ڪاميٽي، جشن شڪارپور، 1984ع.

4.           سهڻو شهر شڪارپور- حبيب الله مولا بخش ڀٽو، ڇاپو پهريون 1982ع ۾ سگا شڪارپور طرفان، ڇاپو ٻيو 1988ع ۾ حبيب پبليڪيشن شڪارپور طرفان، ڇاپو ٽيون 1995ع ۾ حبيب پبليڪيشن شڪارپور طرفان ڇپيو.

5.            شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق (شڪارپور سان لاڳاپيل مختلف تحقيقي مقالن جو مجموعو) مرتب: خليل مورياڻي، ناشر: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع.

6.           شڪارپور هڪ اڀياس- نقش ناياب منگي، ناشر: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع.

7.           شڪارپور جي صحافتي تاريخ- ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ناشر: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع.

8.           شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو- ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ناشر: انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي 2009ع.

9.           جشن شڪار پور 1982ع (مقالات) مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ناشر: مجلس انتظاميه جشن شڪارپور 1982ع.

10.    جشن شڪارپور 1983ع (مقالات) ناشر: مجلس انتظاميه، جشن شڪارپور 1983ع.

11.      شڪارپور سيمينار 1985ع (مقالات) مرتب: نقش ناياب منگي، ناشر: شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، شڪارپور 1985ع.

12.    سنڌي ثقافت (سنڌي ثقافت تي شڪارپور جي شاعرن جي شاعري) مرتب: وفا منظور چوهاڻ، مهراڻ ادبي سنگت، شڪارپور 2010ع.

13.    سارو ڏيک سمونڊ (شعراء شڪارپور جي ٻوڏ بابت شاعري) مرتب: وفا منظور چوهاڻ، مهراڻ ادبي سنگت، شڪارپور 2010ع.

14.    شهرن جي شهزادي شڪارپور- منٺار معرفاڻي، ناشر: شڪارپور ريسرچ ادبي فورم، شڪارپور 1999ع

15.     شڪارپور جي ٻولي- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 1993ع.

16.    چڪ جا چندن هار، آزاد بخاري. پوپٽ پبليڪيشن هائوس خيرپور 2014ع (جنهن ۾ چڪ شهر (ضلع شڪارپور جا عالم، عشاق ۽ سنت، استاد، اديب ۽ شاعر، سياسي ورڪر ۽ سماجي سڌارڪ، فنڪار ۽ اداڪار ذڪر ڪيا ويا آهن).

17.    چڪ نامه ج1 (چڪ شهر جي تاريخ) وزير علي ولد محمد اسماعيل عرف ملو، سومرو، جڙيا پور، چڪ، ناشر: پاڻ مؤلف 2008ع.

18.    تذڪره مشاهير ڳڙي ياسين- حاجي عبدالحميد سومرو ومرزا پوري، ناشر: پاڻ مؤلف، 2004ع.

19.    جاگرافي تعلقو شڪارپور. ماستر نور احمد نور، مسلم بوڪ ڊيپو سکر، دفعو ٻيو 55-1956ع.

ضلعو سکر: (24 ڪتاب)

1.             سکر سونهارو- پرسرام مسند- هن جو پهريون ڇاپو 1940ع ۾ ڇپيو، جيڪو منهنجي لائبريري ۾ موجود هو، پر ڪير کڻي ويو. ان جو عڪس 1987ع ۾ سنڌي ساهتيه منڊل ڪراچي طرفان ڇپيو.

2.           تاريخ سکر- رحيمداد مولائي شيدائي،سنڌي ادبي بورڊ 1992ع.

3.           تذڪره پوراني سادات سکر- ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سکر 2001ع.

4.           من جي مالها (سکر، بکر ۽ روهڙي جي مفيد معلومات) مولانا عبدالوهاب چاچڙ، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سکر 2001ع.

5.            سکر تاريخ ۽ سماج (سکر نيشنل سيمينار 2001 جي موقعي تي ٿيل مطالعو) ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سکر 2001ع.

6.           سکر ڏسڻي (سکر، بکر ۽ روهڙي متعلق ڇپيل مواد) ڊاڪٽر عبدالواحد اِنڍڙ، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر 2001ع.

7.           سکر، بکر ۽ روهڙي (تاريخي مطالعو) مصنف: پير علي محمد راشدي، مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي،سکر 2001ع.

8.           سکر جون يادگيريون- سيد محبوب علي شاه بخاري، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سکر 2001ع.

9.           ضلع حڪومت سکر (بنيادي 4 سال،تعارف ۽ جائزو) سرور سميجو، سکر فڪري فورم 2005ع.

10.    بکر جي بزرگن جو سياست ۾ حصو- الله جڙيو انصاري، ايم-اي. ناشر: منصور احمد انصاري، واري تڙ، نزد جيئل شاه جو ڪوٽ، سکرنئون 1981ع، (ڪتاب جي منڍ ۾ ڄاڻايل آهي ته مؤلف موصوف ”تاريخ روهڙي“ ۽ ”مرآة البکر“ نالي ڪتاب به لکيا آهن، محمد ادريس السندي)

11.      بکر جي تاريخي عظمت (تحقيقي مقالو)، ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، ناشر: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد 2014ع.

12.    روهڙيء جا راڻا (روهڙي جي هندو سنتن جو تذڪرو) جي- ڪي- پراپڪاري، ٻالڪ شيوا منڊلي، هندو ڌرم شالا، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو 1977ع.

13.    تذڪره شعراء روهڙي- پروفيسر گل محمد گلاڻي، ناشر: پاڻ مؤلف، 1978ع.

14.    تذڪره شعراء سکر- ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر 1965ع.

15.     روهڙيءَ جا روشن ستارا (روهڙيءَ جا مشهور عالم، اديب ۽ شاعر) ڊاڪٽر هدايت پريم، پوپٽ پبلشنگ هاؤس- سنڌ ٻالڪ سنگت، خيرپور 2011ع.

16.    تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي- ڊاڪٽر قريشي حامد علي خاناڻي، ساهتي ادبي اڪيڊمي نوابشاه 1998ع.

17.    روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون- عبدالحسين شاھ موسيٰ، موج وحدت پبليڪيشن، روهڙي، 2013ع، (هن ڪتاب ۾ روهڙي جي عزاداري جي تاريخ لکي وئي آهي.)

18.    سدا سرها گل (شاه شهيد جي سلسلي جا روهڙي جا شاعر) ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، مقدمه ۽ ترتيب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر 2001ع.

19.    پنو عاقل ماضي حال، تاريخ ۽ تحقيق- پروفيسر سرور سيف، سنڌي ادبي سنگت پنو عاقل ۽ مهراڻ سائنس پبليڪيشن ڪراچي 2003ع.

20.  سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ- رحيمداد خان مولائي شيدائي، مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر 2007ع.

21.    ائٽلس جاگرافي سکر ضلع، محمد داؤد مهر، سپروائزر ڊسٽرڪٽ سڪول بورڊ، سکر، چوئٿرام خوشيرام وناڻي سپروائزر ڊسٽرڪٽ سڪول بورڊ، سکر ۽ هرچند سنگھ جي پرسواڻي، ٿڌا سنگھ بڪ سيلرز، شڪارپور 1932ع.

22.  جاگرافي سکر. عباسي محمد عالم، مسلم بلڪ ڊيپو، دفعو ٻيو 52-1953 ۽ دفعو چوٿون 1955ع.

23.  جاگرافي ضلعو سکر، محمد علي مهر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد. مخلتف ڇاپا: 1962ع-1961ع ۽ 1963ع.

24.  جاگرافي تعلقو روهڙي (مؤلف لکيل ناهي) عجائب اسٽور سکر 1974ع.

25.   جاگرافي تعلقو پنو عاقل، الهڏنو خان شيخ، عباسي محمد عالم ۽ اِنڍڙ محمد حسن مشتاق، مسلم بڪ ڊپو، سکر، ڇاپو ٽيون (سال لکيل ناهي)

ضلعو گهوٽڪي: (6 ڪتاب)

1.             گهوٽڪي جا گهوٽ- مولوي عبدالحق لنڊ، شريعت پبليڪيشن سکر 2004ع.

2.           ماٿيلي، اٻاوڙي جي ٻولي- پروفيسر شيخ محمد فاضل، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد/ڪراچي 1992ع.

3.           تذڪره جيلاني سادات ميرپور ماٿيلو (ميرپور جي تاريخ، جيلاني سيدن جي سياسي، سماجي، ديني خدمتن ۽ همعصر بزرگن جا احوال، سهيڙيندڙ: ڪريم بخش چنا، ميرپور ماٿيلو، ناشر: هاؤس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو، 2007ع.

4.           خطبات جيلاني مع تذڪره اولياء لوء صاحبان گهوٽڪي شريف- چراغ المشائخ پير سيد شاهد علي شاه جيلاني، اقراء پبليڪيشن ڪراچي 2009ع.

5.            خانقاھ ڀرڇونڊيء جي تاريخ. (سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ.ڊي لاءِ پيش ڪيل مقالو) ڊاڪٽر الهه وسايو سومرو. حافظ الملت اڪيڊمي خانقاھ عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف، ڏهرڪي، ضلع گهوٽڪي 2015ع.

6.           تعلقو اٻاوڙو، محمد عالم عباسي. (سنڌ جو پهريون استاد) مسلم بڪ ڊپو، سکر، دفعو ٽيون 68-1969ع.

ضلعو لاڙڪاڻو: (26 ڪتاب)

1.             لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو(لاڙڪاڻي جي تاريخ ۽ ثقافت بابت مقالن جو مجموعو) مرتب: گل محمد گاد ۽ محمد افضل عباسي، ناشر: ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو 1984ع.

2.           چانڊڪا (ڊائريڪٽري آف لاڙڪاڻه) مرتب: احمد خان ڪمال، معاون غلام سرور صديقي 1976ع.

3.           لاڙڪاڻو صدين کان (مقالن جو مجموعو) مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 1995ع.

4.           لاڙڪاڻو امر شخصيتون- عبدالستار ڀٽي، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي ڪراچي، 2000ع.

5.            لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال- ليکڪ: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ترتيب: بدر ڌامرهو، موهن جو دڙو پبليڪيشن ايجنسي لاڙڪاڻو 2001ع.

6.           لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾ (مقالن جو مجموعو) مرتب: محمد يوسف شيخ، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 2002ع.

7.           لاڙڪاڻو، تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو (مقالن جو مجموعو) مرتب: احسان دانش، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2005ع.

8.           منهنجو لاڙڪاڻو (تحقيقي مضمون، مقالا ۽ آٿم ڪٿا) جيئل اوڏ، اُتم پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2014ع.

9.           ويل نه وسريام (ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن تي لکيل مقالا ۽ مضمون) مرتب:احسان دانش، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2006ع.

10.    لاڙڪاڻو، ليڊرن جي ڌرتي- عبدالستار ڀٽي، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي، لاڙڪاڻو 1998ع.

11.      لاڙڪاڻو تاريخ جي روشنيءَ ۾- رضوان گل، آرڪائيوز شعبو آرٽس ڪونسل آف پاڪستان، لاڙڪاڻو 2014ع.

12.    چانڊڪو (تاريخ) حصو ٻيو، مصنف محمد صديق مجاهد واره. ڇپائيندڙ: حافظ خير محمد چانڊيو، واره 1976ع.(نوٽ ان جو پهريون جلد مون کي ڪٿي ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، البت اهو پهريون جلد 1963ع ۾ ڇپيو هو، بعد ۾ ساڳيو ڪتاب (ٻئي حصا) هڪ ئي جلد ۾ 1998ع ۾، چانڊڪا اڪيڊمي آف ليٽرس لاڙڪاڻو وارن ڇاپيو.

13.    لاڙڪاڻي ضلعي جون اهم شخصيتون، نظام عباسي، اڳواڻ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو 1991ع.

14.    ڏات ڏيئا ٻاريا. (لاڙڪاڻي ضلعي سان لاڳاپيل چونڊ 14 شاعرن جون ڪوتائون). مرتب: رياضت ٻرڙو، ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو، 2010ع.

15.     روشنيءَ جون ريکاؤون (ڳيريلي سان لاڳاپيل چونڊ 17 شاعرن جون ڪوتاؤن) مرتب: حبدار سولنگي ۽ ياسين چانڊيو، پوپٽ پبليڪيشن هاؤس، خيرپور سنڌ 2014ع.

16.    باڊھ بوند بهار- بيدار جعفري، علم وادب پبليڪيشن، باڊه، ضلع لاڙڪاڻو 1992ع.

17.    رتوديرو، مختصر تاريخ- مقصود گل، سنڌڙي ڪتابي سلسلو، رتوديرو 2002ع.

18.    عقيدت جا ڳوڙها (رتي ديري جي شاعرن جو ڪلام) مرتب: ملهار سنڌي، سنڌي ادبي سنگت، شاخ رتو ديرو، ضلع لاڙڪاڻو 2009ع.

19.    نئون ديرو، نوان ۽ پراڻا ورق- مرتب: قمر الدين قاضي، نئون ديرو هسٽاريڪل سوسائٽي 2001ع.

20.  نئون ديرو دل وارن جو ديرو- عاشق منگي، نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي 2012ع.

21.    جن سين لنئون لاڳي. (مٽيء جي ماڻهن جا خاڪا) اقرار پيرزادو. امبر پبليڪيشنز، ڪراچي 2015ع. (هن ڪتاب ۾ ٻلهڙيجيءَ جي شخصيتن جا خاڪا ڏنا ويا آهن.)

22.  موهن جو دڙو، پراچين سڀيتا، نئين تهذيب جي دائري ۾- (مقالن جو مجموعو) سهيڙيندڙ: خليل مورياڻي.

23.  مهين جو دڙو- (مضمونن جو مجموعو) انور پيرزادو، ناشر: پاڻ مؤلف، گلشن حديد،ڪراچي 2009ع.

24.  سنڌوسڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو- احسان دانش، سنڌي ادبي بورڊ 2012ع.

25.   موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون- ايس ايم پونيڪر، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2014ع.

26.  جاگرافي ضلع لاڙڪاڻو، مڱريو غلام حسين اسسٽنٽ ماستر گورنمينٽ مين اسڪول سکر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد (پاڪستان ايڊيشن: 56-1956ع)

27.  نئين جاگرافي تعلقو لاڙڪاڻو، بي اي عزيز اديب فاضل، ماڊرن بوڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو 1975ع.

ضلعو قنبر- شهداد ڪوٽ ايٽ قنبر: (11 ڪتاب)

1.             قنبر، شهداد ڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾) تحقيق ترتيب ۽ تاليف: دين محمد ڪلهوڙو. ڇپائيندڙ: ڀائو درمحمد ٻرڙو، چيئرمين: قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2011ع.

2.           ضلعي قنبر، شهداد ڪوٽ جو مختصر سياسي جائزو- ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، مؤلف ڇاپيو 2007ع.

3.           شهداد ڪوٽ جو علمي جائزو- سيد گل محمد شاه بخاري، مجاهد پبليڪيشنز شهداد ڪوٽ 1992ع.

4.           شهداد ڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر ج1 (شهداد ڪوٽ سب ڊويزن سان مستقل يا عارضي تعلق رکندڙ عالمن، اديبن، صحافين ۽ شاعرن جو احوال) سيد گل محمد شاه بخاري، شهداد ڪوٽ علمي ادبي تنظيم 2000ع.

5.            ڪارڪردگي رپورٽ تعلقه ڪائونسل شهدادڪوٽ ضلع شهداد ڪوٽ، سال 2001،2005ع، پاران: جناب حاجي سردار علي جروار تعلقه ناظم شهداد ڪوٽ 2005ع.

6.           شاداب شهداد ڪوٽ- ليکڪ: محمد اسلم شيخ، اسلم شيخ اڪيڊمي شهداد ڪوٽ 1992ع.

7.           شهدادڪوٽ ضلعو ڇو؟- سيد گل محمد شاه بخاري، (قنبر جي رهواسي محترم امداد علي قادري جي لکيل هڪ مضمون ”قنبر يا شهداد ڪوٽ“ جو جواب، جيڪو هن قنبر ضلعو هجڻ جي تائيد ۾ لکيو هو) مؤلف پاڻ 2005ع ۾ شايع ڪيو.

8.           ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا (حصو پهريون) يونين ڪائونسل ڌڱاڻو مهيسر ۽ ان جي پاڙيسري ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي تاريخ، مصنف: فقير منظور علي مهيسر حسيني، ناشر: مؤلف پاڻ.

9.           قنبر هڪ اڀياس- ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو، ناشر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر 2006ع.

10.    قنبر تعلقو، مختصر ڄاڻ سڃاڻ- دين محمد ڪلهوڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر 2006ع.

11.      گڏيل گل گلاب جا (سگهڙ تعلقه سجاول جوڻيجو ۽ تعلقه ميرو خان) مرتب: فقير منظور علي مهيسر، ڳوٺ ڌڱاڻو خان مهيسر، تعلقه سجاول، ضلع قنبر، شهدادڪوٽ، ناشر: پاڻ مؤلف 2013ع.

12.    سولي جاگرافي تعلقو شهدادڪوٽ، قربان علي نقشبندي، دفعو چوٿون (پاڪستان ايڊيشن) 63-1962ع، ڇپائيندڙ: نور محمد، محمد عثمان، ڪاٺياواڙ بڪ سٽور، بندر روڊ، لاڙڪاڻو.

ضلعو خيرپورميرس: (16 ڪتاب)

1.             خيرپور رياست- مرزا قليچ بيگ، ڇاپو ٽيون، روشني پبلڪشن ڪنڊيارو 2007ع.

2.           تاريخ هڱورجا، شخصيات جي آئيني ۾- مير محمد مقبول سومرو، ناشر: محمدي لائبريري، سومرا اسٽريٽ، هڱورجا، ضلع خيرپور ميرس، 1993ع.

3.           سوڀي ديري جا ڏات ڌڻي، تحقيقي جائزو- مؤلف: خاوند ڏنو لاڙڪ، ناشر: سنڌي ادبي سنگت، شاخ سوڀو ديرو، ضلع خيرپور ميرس، 2009ع.

4.           تاريخ رپڙي- ڊاڪٽر مصطفى حسين ڪلهوڙو ٽاڳڙائي. ناشر: رپڙي ادبي اڪيڊمي سنڌ 2011ع.

5.            سرجڻهار (خيرپور ضلعي جي ويهن نامور شاعرن جي چونڊ شاعري)، مرتب: ڪوثر ٻرڙو، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپورميرس 2013ع.

6.           ضلعي خيرپور جا سگهڙ (حال حيات) مرتب: سگهڙ عبدالرحمن مهيسر، سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم، ضلع خيرپورميرس 2003ع.

7.           خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو- ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سنڌالاجي 1994ع.

8.           تذڪره مخاديم کهڙا- مخدوم الله بخش عاصي، ترجمو: مخدوم غلام محمد، سچل چيئر شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2006ع.

9.           تذڪره مخاديم کهڙا شريف- مخدوم الله بخش، سنواريندڙ: پروفيسر مخدوم شبير احمد ابن مخدوم امير احمد، گلشن پبليڪيشن ضلع حيدرآباد/لاڙڪاڻو 2005ع.

10.    درازن جا درويش- عطا محمد خان،محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان ڪراچي 1957ع.

11.      جاگرافي ضلعو خيرپور، عبدالله ايم سومرو، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 1961ع.

12.    رهبر سماجي اڀياس ضلع خيرپور (مؤلف لکيل ناهي) انوار برادرس بڪ سليرز، حيدرآباد 1982ع.

13.    جاگرافي تعلقو خيرپور، حاجي غلام حسين ميمڻ، ماسٽر جي بڪ اسٽال، خيرپور 88-1987ع.

14.    جاگرافي تعلقو ڪوٽڏيجي، حاجي غلام حسين ميمڻ، ماسٽر جي بڪ اسٽال، خيرپور 86-1985ع.

15.     جاگرافي تعلقه گمبٽ، حاجي غلام حسين ميمڻ، ماسٽر جي بڪ اسٽال، خيرپور 82-1981ع.

16.    جاگرافي تعلقو ميرواھ، حاجي غلام حسين ميمڻ، ماسٽر جي بڪ اسٽال، خيرپور 83-1982ع.

ضلعو نوشهروفيروز: (22 ڪتاب)

1.             نوشهروفيروز سب ڊويزن هڪ نظر ۾- لکيل ۽ تيار ڪيل: مسٽر عبدالحسين ميمڻ، ڊيولپمينٽ آفيسر بنيادي جمهوريت ائٽ مورو، شايع ڪندڙ: جناب نادر علي ڀٽي، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ چيئرمين تحصيل ڪائونسل مورو 1963ع.

2.           ضلع نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾- (ضلع نوشهروفيروز سيمينار 2007ع ۾ ساهتي پرڳڻي بابت پيش ڪيل تاريخي مقالن جو مجموعو) مرتب: اسلم عباسي، ناشر: نوشهروفيروز سيمينار ڪاميٽي 2007ع.

3.           ساهتيءَ جا سرواڻ- مرتب: جمال الدين مؤمن، ناشر: مؤمن پبليڪيشن جتوئي نوان 1987ع.

4.           مورو ناهي ٿورو- محمد مٺل ڪمالاڻي، ڇپائيندڙ: مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو 1988ع.

5.            مورو تاريخ ۽ ثقافت (مورو هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سيمينار 2010ع ۾ پيش ڪيل تاريخي مقالن جو مجموعو) مرتب: اسلم عباسي، ناشر: سنڌ رويو پبليڪيشنز ڪراچي ۽ مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو 2011ع.

6.           مورو ۽ خيرپور جو ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب جي فروغ ۾ حصو (تقابلي مطالعو) مصنف: رحيمه سيال، ناشر: سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2006ع. (شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل ايم.فل جو مقالو)

7.           پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾،شهر ۽ شخصيتون- مصنف: زاهد سومرو، ناشر: سپ پبليڪيشن نواب شاه سنڌ 2010ع.

8.           ٺارو شاه 9 ڪلو ميٽر (تاريخي دستاويز) مصنف: علي رضا قاضي، ناشر: علي ڪمپيوٽر ۽ پبلشرز، ٺارو شاه، ضلع نوشهروفيروز 2012ع.

9.           ڪوٽڙي محمد ڪبير جو مختصر تاريخي جائزو- مرتب: گل شير بلوچ، ناشر: گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 1990ع.

10.    ڪوٽڙي محمد ڪبير جو صديقي خاندان- تحقيق ۽ ترتيب: ممتاز علي ڏنگراچ. ڇپائيندڙ: ميان غوث محمد گوهر سجاده نشين درگاه محمد ڪبير ۽ درگاه سخي الهيار، ڪوٽڙي محمد ڪبير، نوشهروفيروز 2008ع.

11.      ڪوٽڙي محمد ڪبير جو تاريخي پس منظر- درگاهي خان چنا، الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير 2010ع.

12.    سانگي هن ساڻيھ جا، اتحاد جي بستي ”ٺٽ“ (ٺٽ ڳوراهو نزد مٺياڻي، نوشهروفيروز جي تاريخ) مصنف: علي مراد ڳوراهو، ناشر: پاڻ (سال لکيل ناهي)

13.    اچو ته مٺياڻي گهمون- مصنف: غلام محمد ايس پنهور. ناشر: پاڻ،ڳوٺ غلام محمد پنهور، تعلقو نوشهروفيروز، پوسٽ دليپوٽا، وايا ٺارو شاه

14.    ساهتيءَ جا استاد- جمال الدين مؤمن خاصخيلي، مؤمن پبلڪشن جتوئي نوان 2003ع.

15.     ڪنڊياري جا قربدار (ڪنڊيارو جا سگهڙ ۽ انهن جي سگهڙ شاعري) مرتب: حسين بخش رڏ، ڇاپيندڙ: سگهڙ حاجن فقير سولنگي ۽ آچر سولنگي ڪنڊيارو 2007ع.

16.    طلوع آفتاب (مورو جي عزاداري جي تاريخ) سيد علي بخش شاه، ناشر: پاڻ مؤلف 2005ع.

17.    نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو نوشهروفيروز (مؤلف لکيل ناهي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 52-1953ع.

18.    نئين جاگرافي تعلقو نوشهروفيروز، بي اي ”عزيز“ اديب فاضل، ميمڻ بڪ اسٽور، نوشهروفيروز.

19.    نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو ڪنڊيارو، ماستر عبدالخالق، رٽائرڊ ماستر، چاچڪ، تعلقو ڪنڊيارو، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 1963-1969ع.

20.  نئين جاگرافي تعلقو ڪنڊيارو (مؤلف لکيل ناهي) قائم دائم ڪتبخانو، ڪنڊيارو، (سال کيل ناهي).

21.    ساهتي سماجي اڀياس يا جاگرافي تعلقو ڪنڊيارو، سکيو خان چنا، نظر ثاني: استاد گل محمد وگهيو، روپ چند بڪ اسٽور، ڪنڊيارو. سال لکيل ناهي)

22.  نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو مورو، صوفي گل محمد آزاد، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو پهريون: 1967ع.

23.  رفيق رنگين جاگرافي تعلقو مورو، محمد اسماعيل بن واصف، رفيق ڪتاب گهر، شاهي بازار، حيدرآباد: 1968ع.

ضلعو بينظير آباد : (17 ڪتاب)

1.             ضلع نوابشاه تاريخي شهر ۽ شخصيتون- ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ناشر: ڊسٽرڪٽ نوابشاه ڪلچرل سوسائٽي، نوابشاه سنڌ 1987ع. (ياد رهي ته هيءُ ڪتاب ان وقت ڇپيو هو، جڏهن ضلع نوشهروفيروز به ضلع نوابشاھ ۾ شامل هو. انڪري ضلع نوشهروفيروز سان وابسته تاريخ به ان ۾ اچيو وڃي ٿي.)

2.           تاريخ ضلع نوابشاه- پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ناشر: سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو، ضلع نوشهروفيروز 2001ع.

3.           پنهوارن پچار  (نوابشاه ضلعي جو تاريخي پس منظر ۽ تعارف. اوليائن، درگاهن، تاريخي ماڳن، مڪانن، ڳوٺن، شهرن، سياسي خاندانن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ ڏات ڌڻين جو احوال) ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ناشر: يونين ڪائونسل پير ذاڪري سڪرنڊ 2008ع.

4.           نوابشاه کان شهيد بينظير آباد تائين- هڪ صدي جو سفر (2011ع-1912ع) ليکڪ: خادم حسين چانڊيو.ناشر: سوساله جشن ضلع شهيد بينظير آباد سنڌ 2013ع.

5.            ضلع شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾- مرتب: مير محمد پيرزادو، ناشر: سو ساله جشن ضلع شهيد بينظيرآباد آرگنائزنگ ڪاميٽي، سنڌي ادبي ڪانفرنس، سڪرنڊ سنڌ 2013ع.

6.           ضلع نوابشاه جي سياسي گروپن جو تجزيو (ڪتابچو) پاران: ويلفيئر ايسوسيئيشن نواب شاه 1988ع.

7.           سپنا ساڳي مند جا (نواب شاھ جي شاعرن جو تعارف، ڪلام) سهيڙيندڙ: وسيم سومرو، بخشل باغي. سپ پبلشرز، نواب شاھ 2002ع.

8.           ساڻيھ جا سينگار (ضلعي شهيد بينظير آباد/نوابشاھ جا مڻيادار ماڻهو). خادم حسين چانڊيو. بلاول انسٽي ٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاھ 2015ع.

9.           تاريخ سڪرنڊ، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري. غلام نبي رند، ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن، سڪرنڊ 2015ع.

10.    جاگرافي ضلعو نوابشاھ، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، پهريون ڀيرو 1961ع.

11.      جاگرافي ضلعو نوابشاھ، جميل احمد ميمڻ، پاران: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد، ڇپائيندڙ: ڪتاب ايجنسي، حيدرآباد، دفعو پهريون 1972ع.

12.    سولي جاگرافي ضلع نوابشاھ، ظفر عباسي، روپچند جنرل اسٽور ۽ بڪ سليرز، چمن بازار ڪنڊيارو، ضلع نوابشاھ، (سال لکيل ناهي).

13.    نئين ائٽليس جاگرافي تعلقو نوابشاھ، ح-ر ميمڻ، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، 1967ع.

14.    جاگرافي تعلقو نوابشاھ، بي اي عزيز ڀٽي، اديب فاضل، ڪمال بڪ ڊيپو، نواب شاھ، دفعو پهريون 1980ع.

15.     ائٽليس جاگرافي تعلقو سڪرنڊ (مؤلف لکيل ناهي) آر.ايڇ احمد حيدرآباد، (سال لکيل ناهي).

ضلعو دادو: (27 ڪتاب)

1.             دادو سنڌ جي دل- نواز رڪڻائي، شمس پبليڪيشنز مورو 2004ع.

2.           دادو ضلعو جاگرافي ۽ تاريخ جي آئيني ۾ (ڀاڱو 2) تاج محمد صحرائي، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ، قاضي پاڙو، حيدرآباد 1992ع.

3.           دادو منهنجون يادون- ڌڻي بخش مگسي، سهيڙيندڙ؛ ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، ڇپائيندڙ: مسز نجم النساء مگسي ۽ مسز شمس النساء مگسي، ڇپيندڙ: ڪاپو پبليڪيشن ڪراچي 2005ع.

4.           سنڌ گزيٽيئر ضلع دادو- مترجم: غلام محمد ارباب خان بلو، پاڪستان هيريٽج پرزرويشن اينڊ پروموشن سوسائٽي، حيدرآباد 2006ع.

5.            دادو ضلعي جا اولياء- سيد اسلام احمد شاه، مؤمن پبليڪيشن جتوئي نوان، ضلع نواب شاه 1984ع.

6.           دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال- محمد عرس اظهر سولنگي، ڇپائيندڙ: محترم خير محمد سولنگي، ڊائريڪٽر نيشنل هاء وي اٿارٽي، پاڪسان. اهتمام: سرجڻهار پبليڪيشن دادو، 2006ع.

7.           سيتا جا سدا بهار ماڻهو(سيتا وليج ۽ سيتا روڊ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو تذڪرو) بلوچ صحبت علي، سرجڻهار پبليڪيشن، شاه آباد محله، دادو 2004ع.

8.           دادو ضلعو، هڪ اڀياس- (علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تذڪرو) محمد عرس اظهر سولنگي، ايڊيٽر ۽ مقدمو: دين محمد ڪلهوڙو، سنڌي ادبي بورڊ 2013ع.

9.           جوڳيئڙا جهان ۾ (مشاهير دادو) محمد امين مگسي، علامه آءِ.آءِ قاضي اڪيڊمي، ميهڙ 1997ع.

10.    ڏاها ڏات ڌڻي (دادو ضلعي جي عالمن، اديبن ۽ شاعر جي ڊائريڪٽري) بشير سيتائي، سرجڻهار پبليڪيشن دادو 2004ع.

11.      خدا آباد جي سياسي،سماجي ۽ معاشي حيثيت- ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، تاريخي ثقافتي يادگار ڪاميٽي، خانپور ضلع دادو 1997ع.

12.    تخت گاه خدا آباد (ڪلهوڙا دور حڪومت جو معاشي ۽ سماجي تجزيو) چونڊ ۽ ترتيب: نظير احمد ڀنڊ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي 2004ع.

13.    ميهڙ جون ديني درسگاهون، حضرت قبله مفتي ڪريم بخش رحمة الله عليہ، مدرسه عربيه اڪبريه دارالقرآن ميهڙ، دادو2015ع.

14.    ميهڙ جي ديروي خاندان جون علمي ۽ ديني خدمتون، حبيب الله ڏيرو حبيب حضوري، پاران: علامه آءِ.آءِ.قاضي اڪيڊمي، ميهڙ 2015ع.

15.     ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ، علمي ادبي ۽ ثقافتي حيثيت- نياز وگهيو، سرجڻهار پبليڪيشن، شاه آباد محله، دادو 2013ع.

16.    ڳوٺ دوآٻو ۽ اميناڻي شريف پنهنجي قدامت ۽ ثقافت جي آئيني ۾. نياز وگهيو، سرجڻهار پبليڪيشن، دادو 2015ع.

17.    سنڌ جو اتر ڪاڇو، عرف: چانڊڪو ڪاڇو- تحقيق ۽ تاليف: حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو، ڇپائيندڙ: شفاخانه حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو، شهر ماڏو، ضلع دادو، سنڌ 2000ع.

18.    ڪاڇو هڪ اڀياس- عزيز ڪنگراڻي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2009ع.

19.    پاٽ پراڻي جي اڳوڻي تاريخ (اصل فارسي تان ترجمو ڪيل) مترجم: محمد روشن صديقي پاٽائي، طالب العلم مدرسه اسلاميه دارالفيض سونو جتوئي، ناشر: مدرسه اسلاميه دار الفيض سونو جتوئي 1356ھ

20.  تاريخ باب الاسلام سنڌ- ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (هيءُ ڪتاب درحقيقت پاٽ ۽ پاٽ جي بزرگن جي تاريخ آهي) حبيب صديقي اڪيڊمي بيت العزة، سنڌ يونيورسٽي هاؤسنگ سوسائٽي، ڄام شورو 1996ع.

21.    جاگرافي ضلعو دادو، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ، حيدرآباد 1961ع.

22.  جاگرافي ضلعو دادو، احمد خان آصف ۽ پير علي محمد اظهر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 1968 ۽ نواراني ڪتب خانو، شاهي بازار، حيدرآباد، پهريون دفعو 1964ع ۽ ٻيو دفعو 1966ع.

23.  سولي جاگرافي تعلقو دادو، حافظ محمد احسن، ناشر: آدم جي ابا سومار، مالڪ غازي اسلام ڪتب خانو، شاهي بازار، دادو، دفعو ٽيون 1965ع.

24.  نئين ائٽليس جاگرافي تعلقو دادو (مصنف لکيل ناهي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو 1965ع.

25.   ائٽليس جاگرافي تعلقو ميهڙ، محمد صديق محمد صالح چنا، هيڊ ماستر اسڪول، ڪولي کوکر، ميهڙ ۽ ساڪن سنڌي ٻٽڙا تعلقو: ڪڪڙ، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو پهريون 1955ع.

26.  جاگرافي تعلقو ميهڙ (مؤلف لکيل ناهي). آر.ايڇ احمد، حيدرآباد (سال لکيل ناهي).

27.  خداآباد جي سياسي سماجي ۽ معاشي حيثيت، ليکڪ: ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، ڇپائيندڙ: ميان امير بخش ڪلهوڙو،  چيئرمن ميان نصير محمد ميان يارمحمد ڪلهوڙو، تاريخي ثقافتي يادگار ڪميٽي خانپور، ضلعو دادو، 1997ع.

ضلعو ڄام شورو: (12 ڪتاب)

1.             سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾- نياز وگهيو، سرجڻهار پبليڪيشن دادو 2011ع.

2.           سيوهڻ صدين کان- خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، مراد پبليڪيشن، سيوهڻ شريف 2009ع.

3.           سيوهڻ جون ادبي شخصيتون- مير حاجن مير، سچائي اشاعت گهر، دڙو 2014ع.

4.           سيوستان کان سيوهڻ تائين. مرتب ۽ مصنف: قاضي آفتاب رضا مغل. اداره شهباز، حيدرچوڪ، حيدرآباد 2015ع.

5.            انساب مشائخ سيوستان- مؤلف: مخدوم حسن الله پاٽائي. سنڌيڪار: مخدوم علي گوهر صديقي، مقدمو: مخدوم سليم الله صديقي، (اصل ڪتاب فارسي ۾ آهي، ڪتاب ۾ ٻه ڪالم رکيا ويا آهن، هڪ ڪالم فارسي جو ۽ ٻيو سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 2008ع.

6.           تذڪره مشائخ سيوستان- عبدالغفور بن حيدر سيوستاني، بتصحيح: سيد حسام الدين راشدي، معرفي: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، مترجم: نياز همايوني (اصل ڪتاب فارسي آهي، ڪتاب ۾ پهريائين فارسي متن ڏنل آهي ۽ آخر ۾ ان جو سنڌي ترجمو) ناشر: ڪميٽي جشن لعل شهباز، ضلع حڪومت ڄام شورو 2010ع.

7.           ريلائي پير- مؤلف: مسٽر علي محمد خان سيال، امام آباد، مورو. ڇپائيندڙ: پير علي محمد ”اظهر“ سجاده نشين درگاه پير رکيل صديقي قريشي ريلائي، (تعلقو دادو، ضلع دادو) 1954 (ريلائي پير، سيوهڻ لڳ قديم دور ۾ موجود هڪ ڳوٺ ”ريل“ ڏانهن منسوب آهي، محمد ادريس السندي)

8.           لڪياري جا لال (پاڳارن پيرن جون روحاني، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتون) مفتي عبدالرزاق مهراڻ سڪندري، حر هسٽاريڪل سوسائٽي، سانگهڙ 2007ع. (نوٽ: لڪياري، لڪعلوي جي بگڙيل صورت آهي، جئين مٽياري اصل ۾ متعلوي هو، پاڳارا خاندان جو مؤسس، سيد علي بن عباس، لڪي (ضلع سيوهڻ) ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، انڪري انهن ڏانهن منسوب ٿي لڪ علي ۽ پوءِ لڪلعلوي ۽ بعد ۾ لڪياري اچارجڻ لڳو)

9.           سولي جاگرافي تعلقو سيوهڻ، حافظ محمد احسن چنا، غازي اسلام ڪتب خانو، شاهي بازار، دادو، دفعو ٻيو 1964ع.

10.    نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو سيوهڻ (مؤلف لکيل ناهي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد (سال لکيل ناهي)

11.      امين جاگرافي تعلقو ڪوٽڙي، محمد قاسم هيڊ ماستر پرائمري اسڪول نانگو لائين، ڪوٽڙي، امين ڪتاب گهر، حيدرآباد، دفعو پهريون 1968ع.

12.    نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو ڪوٽڙي، صوفي گل محمد آزاد، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٻيو 1967ع.

ضلعو سانگهڙ: (24 ڪتاب)

1.             سانگهڙ (سانگهڙ جي ثقافت، تاريخ، آثار، ادب، صحافت وغيره بابت خاص مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) مرتب: عبدالله ورياه، ناشر: سانگهڙ ثقافتي ميلا ڪاميٽي 1984ع.

2.           سانگهڙ صدين کان: (سانگهڙ ثقافتي ميلي 1984ع جي سانگهڙ سيمنار ۾ پڙهيل مقالا) مرتب: عبدالله ورياهه، ناشر: سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي 1992ع.

3.           سجاڳ سانگهڙ (جنهن ۾ ضلع سانگهڙ جي تاريخي آثار، مقبرن، علمي مرڪزن، خاندانن شخصيتن، قومي تعمير جي کاتن، ادارن جي بيان سان گڏ چارٽن ذريعي ضلع سانگهڙ جي تاريخ نمايان ڪئي وئي آهي) ناشر: سانگهڙ ڊيولپمنٽ ائسوسيئيٽس 1972ع.

4.           سانگهڙ جي سرهاڻ (جنهن ۾ ٻئي سانگهڙ ثقافتي ميلي 1992ع ۾ سانگهڙ جي تاريخ ۽ ثقافت بابت پڙهيل مقالن کي گڏ ڪيو ويو آهي) ايڊيٽر: الهورايو بهڻ 1992ع.

5.            سانگهڙ جا سٻاجهڙا، ج:1 (جنهن ۾ سانگهڙ جي مشهور شخصيت الحاج غلام قادر ناريجو جي شخصيت تي مقالي کان علاوه سردار محمد بخش ناريجو جا ڪجھ مضمون ۽ ان جو انٽرويو ۽ آل پاڪستان ناريجا ويلفيئر ايسوسيئٽس سانگهڙ جا بائلاز بيان ڪيا ويا آهن) مصنف: الحاج سردار محمد بخش ناريجو، ناشر: پاڻ 1983ع.

6.           سانگهڙ جا سٻاجهڙا ج:2 (جنهن ۾ سانگهڙ جا سٻاجهڙا ج1 مٿان اخبارن ۾ ٿيل تبصرا، سردار محمد بخش ناريجو جا زراعت وغيره بابت مضمون ڏنل آهن) مصنف: الحاج سردار محمد بخش ناريجو، ناشر: پاڻ مؤلف 1983ع. (نوٽ: ٻنهي جلدن جا مندرجات ڪتاب جي جاذب نظر عنوان سان ٺهڪندڙ ناهن)

7.           پاڻي ڙي پاڻي، سانگهڙ جي ٻوڏ جي ڪهاڻي. مرتب: منظور ملاح، سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ 2011ع.

8.           سانگهڙ جا سرجڻهار (جنهن ۾ ضلعي سانگهڙ جي سنڌي ادبي سنگت جي مختلف شاخن: سانگهڙ، جهول، نئون آباد، ڪنڊيارِي، کپرو، تڳوسر ۽ هڱورنو جي تنظيمن جو بيان آهي) سهيڙيندڙ ۽ ناشر: سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ 1996ع.

9.           سووينيئر سهڻي ميهار ميلو، 1985ع. پاران: سهڻي ميهار ميلا ڪاميٽي شهدادپور 1985ع.

10.    دور حاضر ۾ کپري جا شاعر (تعلقي کپري جي شاعرن جي سوانح ۽ چونڊ ڪلام) استاد حڪيم امام بخش مڱريو، منٺار فقير راڄڙ اڪيڊمي، کاڻي راڄڙ، کپرو 2015ع.

11.      منصوره/برهمڻ آباد (منصوره سيمنار 1983ع ۾ پڙهيل تحقيقي مقالا) مرتب: عبدالله خان ورياه، ناشر: سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي،ٽنڊو آدم 1993ع،هي ڪتاب 2 دفعا ڇپيو.

12.    اسان جو ڳوٺ جعفر خان لغاري- مصنف: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ناشر: علي محمد خان بلوچ، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلع سانگهڙ 1998ع.

13.    جهول جڳن کان، مرتب: مسڪين محمد وارث خاصخيلي، نوٽ: هي ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي ميگزين حيدرآباد جي خاص شماري طور ڇپيو. ڪڙي نمبر 16، سال 2001ع. جنهن ۾ جهول/سانگھڙ جي جاگرافي، تاريخي پس منظر،پسگردائي، رهندڙ ذاتيون، بزرگ عالم ۽ ناميارا خاندان وغيره جو بيان آهي.

14.    جاگرافي ضلعو سانگهڙ، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1961ع ٻيو: 1968ع ۽ پنجون 1966ع.

15.     رهبر سماجي اڀياس، جاگرافي ضلع سانگهڙ، هدايت علي ناريجو، شعيب ڪتاب گهر، حيدرآباد 81-1980ع.

16.    نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ ۽ کپرو، صوفي گل محمد آزاد، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٻيو: 1967ع.

17.    آسان جاگرافي تعلقو کپرو، الف، ع شيخ، مهراڻ بڪ ڊيپو، شاهي بازار کپرو (سال لکيل ناهي).

18.    جاگرافي تعلقو کپرو، عبدالرسول شيخ، محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد، ڇاپو چوٿون (سال لکيل ناهي).

19.    جاگرافي تعلقو شهداد پور، جان محمد علي بخش قريشي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، پهريون دفعو 1950ع، ٻيو دفعو به ڇپيو، جيڪو منهنجي سامهون آهي، پر ان تي سال لکيل ناهي.

20.  جاگرافي تعلقو شهدادپور، محمد اسماعيل بن واصف، امين ڪتاب گهر، حيدرآباد 1966ع.

21.    جاگرافي تعلقو شهداد پور (مؤلف لکيل ناهي) محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد 1965ع.

22.  نئين جاگرافي تعلقو سنجهورو، سومرو ”حسام“ ٻنوي، امين پيپر مارٽ، حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1966ع.

23.  جاگرافي تعلقو سنجهورو، آر.ايڇ ميمڻ، آر.ايڇ احمد ، حيدرآباد، دفعو پهريون 1967ع.

24.  سنڌڙي جا سرجڻهار: سهيڙيندڙ اڪبر ايس. مڱريو، ص 80، سال 2013ع، ناشر گرهوڙي ادبي فورم هڱورڻو تعلقو سنڌڙي.

ضلعو مٽياري : (15 ڪتاب)

1.             تاريخ مٽياري- مصنف: مقصود احمد قاضي، ناشر: علمي ادبي اشاعت گهر، مٽياري 2006ع.

2.           تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن مٽياري،ضلعو مٽياري (ڪتابچو بابت چار ساله ڪارڪردگي رپورٽ سال 2005ع کان 2009ع تائين، ناشر: تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن مٽياري، ضلع مٽياري 2010ع.

3.           ضلعي حڪومت مٽياري 4 ساله ڪارڪردگي- ايڊيٽر: ناظران ناز، ناشر: ضلعي حڪومت مٽياري 2009ع.

4.           نسبنامه ساداتان متعلوي، بفرمائش: سيد مٺن شاھ، ڪاتب: حافظ محمد هارون ٽکڙائي، سنڌي ادبي بورڊ 1991ع. (ياد رهي ته مٽياري، متعلويءَ جي بگڙيل صورت آهي)

5.            رهنما (تذڪره سخي پوٽه، هاشمي پوٽه سادات مٽياري) سيد پير ارشاد علي شاه هاشمي، هاشمي پبليڪيشن مٽياري 2008ع.

6.           تاريخ کيبرائي ميمڻ (کيبر ۾ رهندڙ ميمڻ گهراڻن جي تاريخ) نظير احمد ميمڻ، ميمڻ پبليڪيشن مٽياري 2011ع.

7.           هالڪنڊي- ناشر: سروري پبليڪيشن هالا سنڌ 1982ع، هن ۾ هالا بابت صرف هڪ مضمون عبدالله ورياه جو لکيل آهي، بقايا مواد ڪهاڻين ۽ شاعري تي مشتمل آهي.

8.           ٽائون ڪميٽي هالا جي ٽي ساله ڪارڪردگي- مرتب: قاضي عبدالحق انصاري، ناشر: ٽائون ڪميٽي هالا 1990ع.

9.           هالا جا رنگ هزار (هالا متعلق لکڻين جو مجموعو) سهيڙيندڙ: محمد حبيب سنائي، ناشر: مٽياري ڪتاب دوست پروگرام 2009ع.

10.    هالا هيرڻ کاڻ (هالا تعلقي جي اديبن ۽ شاعرن جو سنڌي ادب جي واڌاري ۾ ڪردار)

11.      يونين ڪائونسل اڏيرو لعل وليج جي هڪ سال جي ڪارڪردگي. سهيڙيندڙ: سيد فرمان علي شاھ. امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد 2002ع.

12.    تذڪره مخدومان هالا (1790-1944ع) مخدوم جميل الزمان، طالب المولى اڪيڊمي، هالا 2001ع.

13.    تاريخ درگاه شريف هالا- قاضي غلام محمد قريشي، اداره وڪتبخانه قاضي غلام محمد قريشي، پراڻا هالا سنڌ 2006ع.

14.    تذڪره مشاهير هالا. سهيڙيندڙ: خادم حسين علوي. طالب المولي اڪيڊمي، هالا. 2015ع.

15.     جاگرافي تعلقو هالا (مؤلف لکيل ناهي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٻيو 1969ع.

16.    جاگرافي تعلقو هالا، بي اي ”عزيز“ اديب فاضل، ميمڻ بڪ اسٽور، ڪڪا جامع مسجد هالا نوان 1976ع.

ضلعو حيدرآباد: (15 ڪتاب)

1.             حيدرآباد ڊويزن شاهراه ترقي تي (حيدرآباد ڊويزن جي تعليمي صنعتي ۽ زرعي ترقي جو مختصر جائزو) محڪمه تعلقات عامه، مغربي پاڪستان 1958ع.

2.           حيدرآباد ڊويزن ترقي جي شاهراه تي، 1960ع، ناشر: ڊائريڪٽر آف انفارميشن، مغربي پاڪستان، سدرن ريجن، حيدرآباد.

3.           حيدرآباد شهر ٽالپرن جي دور ۾ (پي ايڇ.ڊي لاءِ لکيل تحقيقي مقالي جو پهريون ڀاڱو) مصنف: ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، ناشر: امداد علي مرزا ٽنڊو آغا، حيدرآباد 1987ع.

4.           حيدرآباد جي تاريخ (حيدرآباد بابت لکيل تحقيقي مقالن جو مجموعو) سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار: حسين بادشاهه، ناشر: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2003ع.

5.            حيدرآباد- ليکڪ (اردو ۾) عشرت علي خان، سنڌيڪار: آڪاش سنتورائي ۽ عنبرين هيسباڻي، اردو ايڊيشن 2 دفعا، 2002ع ۽ 2006ع ۾ ۽ سنڌي ايڊيشن 2009ع ۾ ڇپيو. ناشر: ادراڪ پبليڪيشنز لطيف آباد.

6.           حيدر آباد جو اڳيون اوج (تاريخ، رسمون، رواج، سچا واقعا ۽ حڪايتون) پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ناشر: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع.

7.           حيدرآباد جي مختصر تاريخ- مرتب: نور محمد ڀٽو، ناشر: سج پبليڪيشن حيدرآباد 2010ع.

8.           حيدرآباد شهر تاريخ جي آئيني ۾ (حصو پهريون) مصنف: محمد وارث عباسي، ناشر: اين.اي جان فائونڊيشن،حيدرآباد 2014ع.

9.           حيدرآباد ڊويزن جو ترقياتي جائزو- مرتب: نياز احمد، ڪمشنر حيدرآباد.

10.    حيدرآباد جون مختصر عزاداريون- زوار عبدالستار درس، عزادار رابطه ڪاميٽي حيدرآباد 2013ع.

11.      يادون: منهنجو ڳوٺ ۽ پسگردائي، استاد سيد حاجي الھ ڏنو شاھ بن مهر شاھ، مرتب: قلندر شاھ لڪياري (رائلو مياڻ ڄام شورو) ڇپائيندڙ: فرزندان گرامي سيد حاجي الھ ڏنو شاھ، ڳوٺ موري منگر، تعلقو حيدرآباد.

12.    جاگرافي ضلعو حيدرآباد، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، ٻيو ڀيرو 1961ع.

13.    نئين جاگرافي ضلعو حيدرآباد، سيد محمد صالح شاھ، عجائب اسٽور، سکر، ايڊيشن پهريون 1968ع.

14.    جاگرافي تعلقو حيدرآباد، جان محمد علي بخش قريشي، اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپڪٽر هالا، سب ڊويزن حيدرآباد پاڪ، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو چوٿون 58-1957ع، ۽ دفعو يارهون سال 1970ع.

15.     رفيق رنگين جاگرافي تعلقو حيدرآباد، محمد اسماعيل بن واصف، رفيق ڪتاب گهر، شاهي بازار حيدرآباد، دفعو پهريون 1968ع.

ضلعو ٽنڊو الهيار: (8 ڪتاب)

1.             الهيار جو ٽنڊو، مرتب محمد صديق پاٽولي، (هن ڪتاب جي ڄاڻ ٽنڊو الهيار جي مشهور سگهڙ خليل کوسي ڏني)

2.           شعراء ٽنڊوالهيار، سهيڙيندڙ: ارمان گل اوڏ، غلام رسول نهڙيو، ضلعي انتظاميه ٽنڊوالهيار 2014ع.

3.           ٿڌا وڻ ولهار جا-عبدالڪريم لغاري، انجمن اشاعت العلوم، مسڻ وڏي 1984ع.

4.           محبت پائي من ۾ (تاريخ ٽنڊو سومرو) ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ ”عادل“ لاڙڪاڻوي، ڇپائيندڙ: محترمه وحيده نظاماڻي، محترمه فرح جبين نظاماڻي، محترمه شاهده نظاماڻي، محترمه رخسانه نظاماڻي 1995ع.

5.            پکا ۽ پنهوار-  ترتيب: فهيم فدا شورو، انجمن مشعل راھ، مسڻ وڏي، ٽنڊوالهيار 2013ع (مسڻ وڏي جي ماڳن، مڪانن، سماجي، فلاحي، تعليمي ادارن سان گڏ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو سرسري تعارف.)

6.           تاريخ نصرپور- ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي. سهيڙيندڙ: بشير احمد هيسباڻي، ناشر: ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽج ريسرچ، حيدرآباد 2014ع.

7.           نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو ٽنڊوالهيار، گل محمد آزاد صوفي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، دفعو پهريون 1950ع.

8.           جاگرافي تعلقو ٽنڊوالهيار، محمد اسماعيل بن واصف، امين ڪتاب گهر، دفعو پهريون 1967ع.

ضلعوٽنڊو محمد خان: (7 ڪتاب)

1.             ٽنڊي محمد خان جو تاريخي ۽ ترقياتي سفر- مخمور مهيري، مخمور بزم ادب، ٽنڊو محمد خان 2009ع.

2.           ٽنڊو محمد خان جو تاريخي ۽ ترقياتي سفر جو تنقيدي جائزو- حڪيم محمد يوسف کتري، لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان، لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان 2011ع. (مٿيئن ڪتاب تي تنقيد)

3.           تاريخ بلڙي شاه عبدالڪريم ۽ شاه ڪريم جو ڪلام( الف ب وار) ميمڻ عبدالخالق ناز، ڪوڪ پبليڪيشن، بلڙي شاه ڪريم،سنڌ 2003ع.

4.           تذڪره شعراء ٽکڙ- اسدالله اسد ٽکڙائي، سنڌي ادبي بورڊ، پهريو ڇاپو 1959ع.

5.            نورائي شريف جا نوراني اولياء- آنسه سيده شاه مائي جيلاني بنت سيد پير علي قاسم شاه جيلاني قادري، ناشر: محترمه آپا مختار سومرو، وائس پرنسپال عاصم هاير سيڪنڊري اسڪول، ٽنڊو محمد خان 2001ع.

6.           نئين جاگرافي تعلقو ٽنڊو محمد خان، هدايت علي باريجو، شعيب ڪتاب گهر، ڇوٽڪي گهٽي، حيدرآباد، ڇاپو پهريون 81-1980ع.

7.           جاگرافي تعلقو (گوني) ٽنڊو محمد خان، عبدالرسول شيخ ٽکڙائي، محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد، (سال لکيل ناهي).

ضلعو ميرپورخاص : (12 ڪتاب)

1.             تاريخ سنڌ، اميران ميرپورخاص- حاجي مير محمد بخش ٽالپر، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1982ع.

2.           ميرپورخاص جو تاريخي سفر، ٻه سؤ ساله جشن ميرپورخاص (1806-2006ع) (مقالن جو مجموعو) ترتيب ۽ تدوين: لياقت علي جوڻيجو، ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ميرپورخاص 2008ع.

3.           تاريخ ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرگڙي ۽ ان کي آباد ڪندڙ بزرگ شخصيتن جي سوانح حيات- مصنفين: ٻڌ پري گوسوامي،حبيب الله بلوچ، عبدالرحمٰن ڀرڳڙي، ڇپائيندڙ: حبيب الله بلوچ 1979ع.

4.           ڊگهڙيء جي تاريخ، اڪرم قنبراڻي، ڪارونجهر پبليڪيشن، جهڏو 2015ع.

5.            ٽنڊو جان محمد تاريخ جي آئيني ۾- زاهد ڪنڀار، سرهاڻ ادبي سنگت،ٽنڊو جان محمد 2010ع.

6.           منهنجو شهر (ٽنڊوجان محمد) محمد حسين
”زاهد“ ڪنڀار سهڪاري انڊلٺ ويلفيئر ايسوسيئيشن، ٽنڊو جان محمد، ضلع ميرپورخاص 1996ع.

7.           سڄڻ ۽ ساڻيھ، (تعلقي ڊگهڙي جي نامور شخصيتن جو تعارف) محمد حسن ”زاهد“ ڪنڀار، سال لکيل ناهي ۽ نه اشاعتي ادارو.

8.           جاگرافي تعلقو ميرپورخاص، محمد اسماعيل بن واصف، امين ڪتاب گهر، حيدرآباد 1966ع.

9.           جاگرافي تعلقو ميرپورخاص ۽ سامارو، ماستر گل محمد آزاد صوفي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو پهريون 55-1956ع، دفعو ٻيو 61-1960، وري 1967ع.

10.    جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد، گل محمد آزاد صوفي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٻيو 54-1955ع.

11.      جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد، محمد اسماعيل بن واصف، امين ڪتاب گهرحيدرآباد، دفعو پهريون 1966ع ۽ رفيق ڪتاب گهر حيدرآباد، 1968ع، رفيق نيئن جاگرافي تعلقو جيمس آباد ۽ ڊگهڙي جي نالي سان.

12.    نئين جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد، هدايت علي باريچو، شعيب ڪتاب گهر، حيدرآباد، ڇاپو پهريون 81-1980ع.

ضلعو عمرڪوٽ : (8 ڪتاب)

1.             عمرڪوٽ ايامن کان (عمرڪوٽ سيمينار 2010ع ۾ پڙهيل مقالا) مرتب: اڪبر لغاري، ضلعي حڪومت عمرڪوٽ سنڌ 2010ع.

2.           ڪوي عمرڪوٽ جا (عمرڪوٽ جي شاعرن جا پروفائيل ۽ شاعري) مرتب: اڪبر لغاري، ضلعي حڪومت، عمرڪوٽ 2010ع.

3.           امرڪوٽ سنڌ جو اتهاس- تيجسنگھ سولگي، پهريون ڇاپو 1934ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد/لاڙڪاڻو طرفان ڇپيو.

4.           امرڪوٽ سنڌ جو اتهاس (صدين جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ سماجيات بابت) اصل ليکڪ: تيجسنگھ، ايڊيٽنگ: ضياء الحسن شاهه، سامي ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي عمرڪوٽ 2003ع.

5.            مهراڻي جا مور (ضلعي عمرڪوٽ جو علمي ۽ ادبي جائزو) معمور يوسفاڻي، ضلعي حڪومت عمرڪوٽ سنڌ 2010ع.

6.           کوکروپار، خدشا ۽ اميدون (ڊائلاگ فار چينج) مرتب: ساجد چنا، اداره استحڪام شرڪتي ترقي (S,P,O) حيدرآباد 2006ع.

7.           سولي جاگرافي تعلقو عمرڪوٽ، محمد موسي ڪمال خان انڙ، ساجن ڳوٺ بهادر انڙ، اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر فار گرلس اسڪولس، ٿرپارڪر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 57-1956ع.

8.           جاگرافي تعلقو عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو، ماستر گل محمد آزاد صوفي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد (سال لکيل ناهي).

ضلعو ٿرپارڪر: (43 ڪتاب)

1.             ٿر (ٿر سيمينار 1992ع جي موقعي تي پڙهيل مقالن جو مجموعو) سهيڙيندڙ: عبدالقادر منگي، ٿر پبليڪيشن مٺي، ضلعو ٿر، 1993ع، ٻيو ڇاپو سنڌيڪا ڪراچي پاران 1996ع ۾ ۽ ٽيو ڇاپو پوپٽ پبليڪيشنگ هاؤس، خيرپور طرفان 2013ع ۾ ڇپيو.

2.           ٿر ۽ ٿرپارڪر جو احوال – ايس.اين.رئڪس، مترجم: ڊاڪٽر نواز علي شوق. ٿر سيمينار 1992ع جي موقعي تي شايع ڪيو ويو. ناشر: ٿر سيمينار 1992ع مٺي. ان جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2005ع ۾ ڇپيو.

3.           ٿر سڪ جو سفر- غلام مجدد (بابا سائين) پير سرهندي، مٽياري، شعبه اشاعت حضرت آغا صاحب اڪيڊمي، مٽياري 2006ع.

4.           پراڻو پارڪر- منگها رام ملڪاڻي، سنڌي ادبي بورڊ. پهريون ڇاپو 1966ع، ٻيو ڇاپو 1975،ٽيون ڇاپو 1988ع ۽ چوٿون ڇاپو 1998ع ۾ ڇپيو.

5.            ٿر هڪ تشريحي ببليوگرافي- اشرف علي سمون، محترم بلاول پبليڪيشن اسلام ڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر 2004ع.

6.           ٿر جو مشهور ڳوٺ، سونهن ڀريو سوندر- حافظ عبد القيوم مهر، سڪندريه اڪيڊمي، مدرسه صبغة الاسلام، سوندر. ٿر 2006ع.

7.           ٿرپارڪر جا لوهاڻا- وشنداس وڪيل، اسلام ڪوٽ، ڇپائيندڙ: پاڻ مؤلف 2012ع.

8.           اسلام ڪوٽ جي تاريخ- وشنداس نهالچند پٻاڻي وڪيل، ناشر: پاڻ مؤلف 2014ع.

9.           تاريخ ريگستان ج1- رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڇاپو 1956، ٻيو ڇاپو 1977ع.

10.    تاريخ ريگستان ج 2- رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو 1975.

11.      سير ريگستان- محمد اسماعيل عرساڻي، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو: 1976، ۽ آر.ايڇ احمد حيدرآباد، پهريون ڇاپو: 1951، ٻيو ڇاپو: 1952، پنجون ڇاپو 1964، ڇهون ڇاپو: 1965، ستون ڇاپو: 1970ع.

12.    ڪجلا سر تي شام (ٿر پارڪر جو سئر) پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2014ع.

13.    ڏيپلي تعلقي جي تاريخ- محمد عثمان اديب. سهيڙيندڙ: غلام محمد ميجر، عثمان اديب يادگار اڪيڊمي، لالچند باغ ميرپورخاص 2000ع.

14.    سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو- سعيده شفيق ميمڻ. ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر شفيق الرحمٰن ميمڻ (حيدرآباد) 2007ع.

15.     اٺا مينهن ملير (جشن سنڌ صدين کان ميرپورخاص جي ڪارگزاري ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو تعارف، (مقالات) مرتب: ناشاد، ناشر: نور احمد شاه ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ميرپورخاص 1975ع.

16.    ڪلجڳ جا ڪاپڙي، عرف ٿر جا سنت ۽ ساڌو- شرمانند لعل پرڀو لعل ”نندن“ ساڪن ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر، ڇپائيندڙ: پاڻ مؤلف 1973ع.

17.    ٿرپارڪر جا سياستدان- وشنداس وڪيل، اسلام ڪوٽ، ٿرپارڪر، ناشر: پاڻ مؤلف 2012ع.

18.    ٿر جا ڪولهي، وشنداس وڪيل، اسلام ڪوٽ، ناشر: پاڻ مؤلف 2015ع.

19.    صحراءِ ٿر پارڪر ڪيئن آباد ٿيندو؟ ڀورو مل ڪولهي وڪيل مٺي، ناشر: پاڻ مؤلف، سن 2002ع.

20.  سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ- ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي. پهريون دفعو 1924ع ۾ خود مؤلف، حيدرآباد مان ڇاپيو، 1990ع ۽ 2003ع ۾ گلشن پبليڪيشن ڇپرايو.

21.    مهيشوري جاتي ٿرپارڪر سنڌ پاڪستان (ٿر ۾ وسندڙ مهيشوري خاندان جي ڊائريڪٽري) سهيڙيندڙ: ڀرت لعل، جيسارام، راموڻي مٺي، ناشر: مهيشوري ينگ ايسوسئيشن، حيدرآباد 1978ع.

22.  ٿر وڏو وستار (سنڌ جي سائي ريگستاني ”ٿر“ جي مختلف طبعي ڀاڱن جي ورتن، فطرتي سونهن، ٿري ماڻهن جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ٿر جي تاريخ بابت زندگي جي مختلف دورن ۾ چيل مقفى ڏوهيڙن تي ٻڌل مجموعو) حاجي محمد حاجن دل، نياز احمد دل، ميموريل پبليڪيشن، مک نئون ڪوٽ روڊ، مٺي، ضلعو ٿرپارڪر سنڌ 2014ع.

23.  ٿر جي لساني جاگرافي ۽ لهجا (مضمون ۽ مقالا) سهيڙيندڙ: زاهد اوٺو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2014ع.

24.  ٿر جي ٻولي- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو/هدايت پريم، سڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ 1994ع.

25.   مارئي جي ديس ۾ تعليمي قافلو- ظفر لهٻڙ پياروي، پيارو اسٽيشن، دادو، ناشر: مؤلف پان 2010ع.

26.  ونگي جا ڄام (ارباب خاندان ۽ نهڙين جو حسب نسب) انور علي نهڙيو، سانياسر، ڇپائيندڙ پاڻ مؤلف 2005ع.

27.  ڏوٿي انهن ڏيھ جا (ٿر جو سير) انور ڏنگڙائي، سنڌي ادبي سنگت، شاخ بگي تعلقو ڏوڪري 1994ع.

28.  ٿرين جون آهون ۽ دانهون (Demands of Thar) ياداشت نامو بخدمت ليفٽيننٽ جنرل رخمان خل گورنر آف سنڌ. گهنشام- بي- مهتا ميڊيڪل اسٽوڊنٽ، ڇاڇرو. سال لکيل ناهي.

29.  لطيف جا ٿر تان ڀيرا (ٿرپارڪر ۾ لطيف جو سير ۽ سفر) معمور يوسفاڻي، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2001ع.

30.  ٿر جا ٻوٽا، گاھ ۽ وليون، ڀاڱون پهريون. ترتيب: ڊاڪٽر غلام رسول سميجو، ٿرديپ ڳوٺاڻِ ترقياتي رٿا، مٺي، ٿرپارڪر سنڌ 2005ع.

31.    ٿرجا ٻوٽا، گاھ ۽ وليون، ڀاڱو ٻيون، ترتيب: ڊاڪٽر غلام رسول سميجو، ٿرديپ ڳوٺاڻِ ترقياتي رٿا، مٺي، ٿرپارڪر، سنڌ 2006ع.

32.  ٿر جون چونڊ لوڪ ڪهاڻيون- عثمان اديب، هالار پبلشرز حيدرآباد 1991ع.

33.  موسمي تبديليون ۽ ٿر واسي- حميد ڏيپلائي، ناشر: ٿرديپ 2003ع.

34.  پارڪري ٻولي رئي ڍڪشنرئي- پونم پاسڪل ۽ رڄٽ هوئيل، لينڳويج پروجيڪٽ ڪيٿلڪ ڍايوسيس آف حيدرآباد 2002ع.

35.   پارڪر (سياحن لاءِ ڄاڻ) منگها رام اوجها، ناشر: IRADO، قاسم آباد حيدرآباد.

36.  جاگرافي ضلع ٿرپارڪر، جان محمد علي بخش قريشي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٽيون 58-1959ع.

37.  جاگرافي ضلعو ٿرپارڪر، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو پهريون 1961ع.

38.  جاگرافي ضلع ٿرپارڪر (مؤلف لکيل ناهي) مسلم بڪ ڊيپو سکر، دفعو پهريون 1968ع.

39.  نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو ننگرپارڪر، ايم موهن لال سروپچند گرڙو صاحب پاڪستان، پرائمري ماستر اسڪولس ان ٿرپارڪر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٻيو 1963ع، دفعو ٽيون 1966ع.

40.  ائٽلس جاگرافي تعلقو ڏيپلو ۽ مٺي، گل محمد آزاد صوفي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، (سال لکيل ناهي)

41.    جاگرافي تعلقو مٺي ۽ ڏيپلو، اي نور محمد شيخ ٽکڙائي، محمد يوسف اينڊ برادرس، شاهي بازار، حيدرآباد، دفعو ٽيون 69-1968ع، وري 70-1969ع.

42.  ٿر پارڪر جا ميگهواڙ: ليکڪ: وشنداس نهالچند وڪيل اسلام ڪوٽ، ڇپائيندڙ: وشنداس نهالچند وڪيل، اسلام ڪوٽ، سال 2015ع

43.  ٿر، خوشحال ڌرتي بدحال ماڻهو، سهيڙيندڙ: ذوالفقار هاليپوٽو، ڇپائيندڙ: ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٿرپارڪر، 2014ع.

لاڙ: (13 ڪتاب)

1.             لاڙ جا ڏينهن، لاڙ جون راتيون- مشتاق باگاڻي، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 1983ع.

2.           لاڙ صدين کان- (مقالا) مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، لاڙ سيمينار ادبي اڪيڊمي بدين 2001ع.

3.           اسين ماڻهو لاڙ جا (لاڙ/بدين ۽ ان جي شخصيتن متعلق مقالا ۽ ضلعي حڪومت بدين جي ڪارگذاري) ايڊيٽر: عبدالرزاق درس، پاران: ضلع ڪائونسل ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ بدين 2007ع.

4.           لاڙ جا ماڳ مڪان- محمد سومار شيخ، سنڌي ادبي بورڊ 2006ع.

5.            لاڙ جو سير- الله بچايو يار محمد سمون، سنڌي ادبي بورڊ ،ڇاپو پهريون 1971ع، ڇاپو ٻيون 1976ع.

6.           لاڙ جو مطالعو- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادبي بورڊ 1991ع.

7.           لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- خواجه غلام علي الانا، سنڌالاجي 1977ع.

8.           لاڙ ثقافتي ميلو 1991 (سوينئر ۽ مقالات جو مجموعو) ناشر: محمد اشرف سيال، چيئرمين سووينئر ڪاميٽي، لاڙ ثقافتي ميلو 1991ع.

9.           تاريخ شعراء لاڙ، ڀاڱو پهريون- محمد سومار الهبچايو شيخ، بدين، ناشر: مؤلف پاڻ، سال لکيل ناهي.

10.    تاريخ شعراء لاڙ، حصو ٻيو- مرتب: محمد هاشم ٽالپر خادم، ادبي محفل بدين 1970ع.

11.      لاڙاين جون لاتيون- حاجي عنايت الله زنگيجو، هيڊ ماسٽر ڪنري، ضلع ٿرپارڪر، ناشر پاڻ مؤلف 1970ع.

12.    لاڙ جا جهنگلي ڪوئا ۽ انهن جي روڪڻ جا اپاء- مسٽر امان الله خان مڪي، اسسٽنٽ انٿامالاجسٽ، حيدرآباد، ”نئين کيتي“ پبليڪيشن صدر، حيدرآباد 1957ع.

13.    لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا- محمد سومار شيخ، تنظيم فڪر ونظر سنڌ، سکر 1986ع.

ضلعو بدين : (32 ڪتاب)

1.             بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ- محمد سومار شيخ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين پهريون ڇاپو 1975، ٻيون ڇاپو 1984ع.

2.           واھ ڙي ٻلو تنهنجي ملھ، حصو اول- حڪيم شاهنواز شائق، رحيمي پبليڪيشن 1080ع، بدين (مٿين ڪتاب تي تنقيدي جائزو)

3.           بدين (ثقافتي ميلي 1976ع ۾ پڙهيل مقالا) مرتب: محمد سومار شيخ، مهراڻ آرٽس ڪونسل، لطيف آباد حيدرآباد 1979ع.

4.           بدين ضلعي جو تعارف (مقالات جو مجموعو)، مرتب: محمد سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين 1980ع.

5.            بدين ضلعي جو مطالعو (مقالات جو مجموعو) مرتب: محمد سومار شيخ، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين 1982ع.

6.           بدين ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين- محمد سومار شيخ، طرفان: ضلع ڪائونسل بدين، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين 1983ع.

7.           بدين ضلعي جا مشاهير- محمد سومار شيخ، تنظيم فڪر ونظر سنڌ، شاخ بدين 1985ع.

8.           وهڻائي- مرتب محمد سومار شيخ ۽ صديق مرهم ملاح، مقبول پبليڪيشن غريب آباد ،بدين 1979، (هي ڪتابچو مقبول پبليڪيشن پاران پهرئين اشاعت آهي، ان ۾ وهڻائي (هڪ ڳوٺ) بابت مضمون صرف 3 صفحن تي مشتمل آهي)

9.           واھ بديڻا تنهنجا ڀاڳ- سهيڙيندڙ: محمد سومار شيخ ۽ محمد صديق مرهم ملاح، مقبول پبليڪيشن غريب آباد بدين 1980ع، ان اداري پاران هي ٻي اشاعت آهي، پر ان ۾ بدين بابت ڪو به تاريخي مضمون ناهي، البت واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ جي عنوان سان، خواجه فرمان علي جعفري جو هڪ ڊگهو نظم شامل ضرور آهي.

10.    مختصر تاريخ گولاڙچي- مصنف: مولانا حافظ محمد رمضان مهيري بلوچ، انجمن اشاعت الاسلام بجاري شريف، تعلقه گولاڙچي، پوسٽ کورواه، ضلع بدين 2004ع.

11.      تلهار تاريخ جي آئيني ۾- مرتب: ناصر بلوچ، طرفان: ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي تلهار 2014ع.

12.    تلهار جي تاريخ- عبد الشڪور ايم کتري. ناشر: آصف علي کتري، تلهار 2015ع.

13.    ڪڙيو گهنور جو تاريخي پس منظر، دلشاد چاوڙو هيرو چاوڙو پبليڪيشن ڪڙيو گهنور 2015ع.

14.    چنڊ چٽاڻون ۽ پاٻوھ (پنگريو ۽ چمبڙ) سليم العارف، محمد حسين ڪاشف ادبي اڪيڊمي، چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار 2013ع.

15.     تاريخ ماتلي (ماتلي جي تاريخ، ماتلي ۾ رهندڙ ذاتين، خاندانن ۽ شخصيتن جو ذڪر) رمضان ”دلدار“ چڍڙ، ڇيڙ پبليڪيشن اياز منزل ماتلي 2009ع.

16.    لڳي جيءَ ۾ جهوري (ماتلي جي اديبن جي زندگي جو مختصر احوال ۽ سندن ادب مان انتخاب) عبدالجبار قاسم نظاماڻي، نظاماڻي پبليڪيشن ماتلي 2005ع.

17.    بدين- شاعر اديب سگهڙ ۽ راڳي- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمنٽ، يونٽ بدين (سال لکيل ناهي). ساڳيو ڪتاب ضلعي ادبي اڪيڊمي بدين طرفان به شايع ٿيو، پر ان تي به سال لکيل ناهي.

18.    روپا ماڙي- محمد سومار شيخ، جيلاني پبليڪيشن بدين 1971ع.

19.    بدين ميگزين، شمارو 1،ضلعي حڪومت بدين 2005ع.

20.  برٽش پيٽروليم ۽ بدين واسين جو حق ملڪيت- ذوالفقار هاليپوٽو، فورم فار ڪانفلڪٽ رزوليشن (F,C,R) پبليڪيشن حيدرآباد 2006ع.

21.    لواريءَ جا لال- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪراچي ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪميٽي 1934ع، ۽ ٽيون ايڊيشن: لواري شريف ادبي اڪيڊمي 1987ع.

22.  لنواريءَ جا لال، ڀاڱو ٻيو- محمد پناھ محمد سليمان ڦرڙو، ناشر: مئنيجنگ ڪاميٽي جماعت لواري شريف 1983ع.

23.  جنين ڏٺو پرينءَ کي (هي ڪتاب پراڻي لنواري شريف جي بزرگن جي تاريخ ۾ لکيل آهي) تحقيق ۽ ترتيب: جوڻيجو سائين بخش قبولائي، سڳنڌ پبليڪيشن ڏوڪري، لاڙڪاڻو 1999ع.

24.  بدين ضلعي ۾ ماحولياتي آلودگي جي ورچڙهيل جيوت (سبب، اثر ۽ حل) هڪ سماجي تحقيق: تحقيق ڪندڙ ادارو: ڊولپمنٽ اينڊ مئنجنگ نيٽ ورڪ (دامن) بدين، معاونت: اداره استحڪام شرڪتي ترقي(ايس پي او) سال لکيل ناهي.

25.   بدين جي سماجي ترقياتي تنظيمن جو تعارفي سيمينار (رپورٽ) ناشر: سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآپريٽو آرگنائيزيشن، بابلي هاؤس، شهدادپور 1994ع.

26.  نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو بدين، محمد صديق گلاب خان مسافر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 52-1953ع.

27.  نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو بدين، صوفي گل محمد آزاد، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، 1967ع.

28.  جاگرافي تعلقو بدين، مولوي عبدالله جوڻيجو، محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد دفعو ٻيو 1968ع.

29.  ائٽلس جاگرافي تعلقو ٽنڊو باگو، محمد صديق گلاب خان مسافر، آر.ايڇ احمد حيدرآباد 52-1953ع.

30.  نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو ٽنڊو باگو، محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد (مؤلف ۽ سال لکيل ناهي)

31.    جاگرافي تعلقو ماتلي، حاجي جان محمد قريشي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد دفعو ٻيو 1967ع.

32.  جاگرافي تعلقو ديرو محبت (ڪنهن وقت تعلقي ماتلي کي تعلقو ديرو محبت چوندا هئا) ماستر سڪندر علي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد دفعو پهريون 1955ع.

ضلعو ٺٽو: (20 ڪتاب)

1.             ٺٽو، ماضي، حال ۽ مستقبل- تحرير: اعجاز الحق قدوسي، نظر ثاني: نصير الدين هاشمي، سنڌ اطلاعات کاتو ڪراچي 1976ع.

2.           ٺٽو ضلعو هڪ نظر ۾- ترتيب ۽ پيشڪش: محمد صديق پاٽولي، اطلاعات آفيسر ضلع ٺٽو، ناشر: خود مؤلف 1985ع.

3.           ٺٽو صدين کان- رسول بخش تميمي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2003ع.

4.           ننگر ٺٽو، جنهن جيئن ڏٺو، (مقالات) مرتب: قادر بخش ڀٽو وڪيل، قادر بخش ڀٽو ٽرسٽ ٺٽو 2000ع.

5.            ننگر ٺٽو هڪ مطالعو (مقالات) مرتب: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2010ع.

6.           ڀنڀور ۽ ديبل (ڀنڀور نيشنل سيمينار 1983 ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو) سهيڙيندڙ: عبدالقادر منگي، ناشر: غالب منصور 1986ع. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ٿر پبليڪيشن، مٺي طرفان 1993ع ۾ شايع ٿيو، ٽيون ڇاپو ثقافت کاتو حڪومت سنڌ طرفان 2012ع ۾ پڌرو ٿيو.

7.           ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾- عبدالرشيد گبول، ننگر ادبي گهر ٺٽو 2010ع.

8.           ميرپورساڪرو جي تاريخ- عبدالرشيد گبول، ننگر ادبي گهر ٺٽو، 2009ع.

9.           ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو- عبدالرشيد گبول، ننگر ادبي گهر، ٺٽو 2010ع.

10.    مڪلي نامو- مصنف: مير علي شير قانع، تصحيح ۽ حاشيا: پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو 1967ع، ٻيو ڇاپو 1994ع.

11.      مڪلي، سنڌ ۾ اسلامي ثقافت جو هڪ مرڪز- پروفيسر ڊاڪٽر اينيمري شمل، مترجم: ڊاڪٽر نواز علي شوق، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي 2000ع.

12.    مڪلي ٽڪري جو سير- پروفيسر محبوب علي چنا، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ 1987ع.

13.    جديد مڪلي نامه، مڪلي جي شهر خموشان جا مشهور اولياء- محمد طفيل ٺٽوي، دربار سيد عبدالله شاه اصحابي، مڪلي ٺٽو 2005ع.

14.    قديم ٺٽي جا محلا ۽ اولياء- مفتي ابو السراج محمد طفيل احمد ٺٽوي، مڪتبه صاحبزاده سراج احمد، دربار سيد عبدالله شاه اصحابي،ٺٽو 1995ع.

15.     ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار- ڊاڪٽر احمد حسن داني، مترجم:عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ 2004ع.

16.    ٺٽي جا ڪاتب- محمد عبدالغفور، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ 2004ع.

17.    تذڪرة الصالحين عرف ٺٽي جا مشهور اولياء- مصنف: ابو السراج محمد طفيل احمد ٺٽوي، ڊسٽرڪٽ خطيب ٺٽو، مڪتبه صاحبزاده سراج احمد، دربار سيد عبدالله شاه اصحابي، مڪلي، ٺٽو 1995ع.

18.    مڪلي ۽ ٺٽي جا تاريخي ماڳ- مفتي ابو السراج محمد طفيل احمد ٺٽوي، ڊسٽرڪٽ خطيب اوقاف ٺٽه، اصحابي ڪتاب گهر، دربار سيد عبدالله شاهه اصحابي، مڪلي ٺٽو 1994ع.

19.    جاگرافي ضلع ٺٽو، حاجي محمد طالب ميمڻ ۽ محمد قاسم ميمڻ، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، دفعو پهريون 1968ع.

20.  ائٽلس جاگرافي تعلقو ٺٽو (نقشن ۽ تصويرن سان) محمد عرس صوفي جهمپير، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، دفعو ٽيون 1964ع.

ضلعو سجاول: (7 ڪتاب)

1.             تاريخ سجاول 1800ع- 1984ع- عزيز جعفراڻي، محمد بن قاسم لائبريري سجاول 1986ع.

2.           سجاول جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ، 1800ع کان 2008ع تائين- عزيز جعفراڻي، محمد بن قاسم لائبريري، سجاول سنڌ 2009ع.

3.           تاريخ جاتي- رسول بخش تميمي، مغلڀين ادبي سوسائٽي جاتي، 1987ع.

4.           تاريخ جاتي جا نوان ورق- تحقيق ۽ ترتيب: عزيز جعفراڻي، محمد بن قاسم لائبريري، سجاول ضلع ٺٽو 2003ع.

5.            ماڃر، ڪڪرالي ۽کاري جي ٻولي- حافظ حبيب سنڌي، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ 1994ع.

6.           شاھبندر جا خواجا (اسماعيلي) تاريخ جي آئيني ۾، مصنف: خواجا بخش علي، ينگ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن، حسين آباد، جاتي 2003ع.

7.           ميران پور جا مير(درگاه جهوڪ شريف جو تواريخي احوال) صوفي فقير امداد الله لغاري صوفي شاه عنايت شهيد اڪيڊمي جهوڪ شريف/سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز 2007ع.

ضلعو ڪراچي: (11 ڪتاب)

1.             ڪراچي، بهادر مورڙي جو شهر- حنيف رضا، سنڌيڪار: سوز سمون، پبليشر: مظهر يوسف ڪراچي (سال لکيل ناهي)

2.           روشنين جو شهر ڪراچي- نصرت حسين ابڙو، مڪتبه: اسحاقيه جهونا مارڪيٽ ڪراچي 1985ع.

3.           ڪلاچي جي ڪن کان ڪراچي تائين (مائي ڪلاچي جي بستي کان وٺي مشرق جي راڻي بڻجڻ تائين ڪراچيءَ ڇا ڏٺو، ڇا سٺو، ڇا پسيو؟) ليکڪ: احسان حليم، سنڌيڪار: پروفيسر زاهد علي مگسي. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2002ع.

4.           ڪراچي جا اديب ۽ شاعر (ڪراچي ڄاون سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي زندگي جو مختصر احوال ۽ سندن چونڊ تخليقون) مرتب: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ناشر: سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ. سهڪار: ايڪشن اينڊ انٽرنيشنل پاڪستان 2007ع.

5.            ڪراچي سنڌ جي مارئي- گل حسن ڪلمتي، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، 2007ع، ان ڪتاب جو ٻيو سڌاريل ۽ وڌايل ۽ تصويرن سان سينگاريل ايڊيشن آرٽ پيپر تي 2014ع ۾ ڇپيو.

6.           هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي- گل حسن ڪلمتي، ساريڪا پبليڪيشن ڪراچي 1998ع.

7.           ملير جي ڪهاڻي- گل حسن ڪلمتي، شرڪت گاه وومين ريسورس سينٽر ڪراچي 2009ع.

8.           ڪراچي جا لافاني ڪردار ڀاڱو 1- گل حسن ڪلمتي، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي 2010ع.

9.           فري پورٽ ڪراچي، گوادر- سيد محمد امين شاه راشدي، مڪتبة البديع اڪيڊمي وٽرسٽ، پاڪستان 1998ع.

10.    ڪراچي ۽ سنڌ- اقبال ترين، جئي سنڌ نوجوان محاذ جو ڪتاب نمبر 4 (سال لکيل ناهي)

11.      ڪراچي شهر ۾ گاڏين جي چوري، ثناء الله عباسي، مترجم: رشيد مڱريو. ترتيب ۽ سهيڙيندڙ: ستار وسطڙو، وير پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 2006ع.

3- ڏونگر/جبل (7 ڪتاب)

1.             کير ٿر جو سفر- ڀاڱو پهريون (ارضيات،جاگرافي، ثقافتي ماڳ، جهنگلي جيوت ۽ نباتات) بدر ابڙو، سنڌي ادبي بورڊ 2010ع.

2.                                   ڪوهستان جو سير (ڪراچي، ٺٽو، ٿاڻو بولا خان ۽ رني ڪوٽ) بدر ابڙو، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ 2009ع.

3.                                   شڪار ڪوهستان- الحاج حڪيم الله بخش شاه بخاري (ٽنڊو محمد خان) مرتب: فدا سرهيه، ناشر خود شاه صاحب 1987ع.

4.                                   ڏاڙهياڙي جبل جو سير- مرزا قليچ بيگ، پهريون دفعو 1900ع ۾ پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور طرفان ۽ ٻيون دفعو 2012ع، مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو پاران ڇپيو.

5.                                    گورک سنڌ جو حسين تفريحي ماڳ- اشتياق انصاري، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2009ع.

6.                                   نئين سنڌ جو نئون شهر گورک- مخلص سنڌي، ڌرتي پبليڪيشن حيدرآباد 2015ع.

7.                                   کير ٿر ۾ چٽسالي، ٻڌيه جو سفر- بدر ابڙو. قديم نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ 2011ع.

4- درياء، وهڪرا، ڍنڍون ۽ ڍورا (16 ڪتاب)

1.             سنڌوءَ جو سفر 1989ع- بدر ابڙو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1994ع.

2.           سنڌوءَ جو سفر 1831ع- اليگزنڊيرنس /عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 1995ع.

3.           سنڌ جو مهراڻ- راورٽي/عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 1995ع.

4.           سنڌؤ جي سفر ڪهاڻي، لداخ کان شاه بندر تائين- رضا علي عابدي/گل حسن ڪلمتي، سنڌ پبلشنگ هاؤس ڪراچي 1999ع.

5.            سنڌوءَ جو موھ- جنرل سرجارج ميڪمن/عطا محمد ڀنڀرو، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد 2002ع.

6.           جت سنڌو ۾ سمنڊ وهي ٿو (سنڌ جي ڍنڍن،ڍورن، آبي گذرگاهن، وڻراهن، ريگستانن ۽ انهن ۾ وسندڙ مخلوق جو مشاهداتي مطالعو) امر لغاري، موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي، لاڙڪاڻو 2003ع.

7.           سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر- مائيڪل جينسن/ميري ميولا، گنٽراربن/عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا 2005ع.

8.           سنڌ جون ڍنڍون- عزيز رانجهاڻي، ڪويتا حيدرآباد 2011ع.

9.           دادلو درياھ- فقير الھ بچايو لغاري، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نواب شاھ 2011ع.

10.    سنڌو جا قديم وهڪرا (تحقيق) پروفيسر شير خان سيلرو، سنگهار پبليڪيشن شهداد ڪوٽ 2013ع.

11.      ناري جي ڪناري (ناري جو ماحول ۽ فانا فلورا جي صورتحال) امر لغاري، المهراڻ فاؤنڊيشن، سانگهڙ 2008ع.

12.    حمل ڍنڍ- ذوالفقار راڄپر، ارٿ لورس سوسائٽي، لاڙڪاڻو 2005ع.

13.    پراڻ جا پير- زاهد ڪنڀار، سرهاڻ ادبي سنگت، ٽنڊو جان محمد 2012ع.

14.    وٺا پٽ پراڻ جا (شاعرن جو تذڪرو) مير اصغر حسين اصغر، صائم اڪيڊمي ٽنڊو جان محمد 1979ع.

15.     منڇر گورک گاج دنيا- بدر ابڙو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2011ع.

16.    سنڌؤ جون سلطنتون – ايلائيس البينا/مظفر بخاري، نيرون بڪس ڪراچي 2013ع.

5- ڪوٽ ۽ قلعا (4 ڪتاب)

1.             سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا- اشتياق انصاري، سنڌيڪا ڪراچي 1994ع.

2.           سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا 2- اشتياق انصاري، سنڌيڪا ڪراچي 2011ع.

3.           دنيا جي قديم عجائبات مان هڪ عجوبو: رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ- حافظ عبدالستار ڪوريجو، روپاهي ڪوريجا پبليڪيشن، لاڙڪاڻو 2007ع.

4.           رني ڪوٽ (تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر ۾) بدر ابڙو، سنگم پبليڪيشن، ڪراچي 1989ع.

6- متفرقات (7 ڪتاب)

1.             سنڌ ۾ هندن جا تاريخي ۽ مذهبي ورثا (مندر منڊليون، درٻار، ڌرمشالا، گئوشالا، مساڻ، آشرم ۽ ٻيون عبادت گاهون) سهيڙيندڙ ڪشور ڪمار، ڪنگ پريسٽ، پرنٽرز ڪراچي 2014ع.

2.           سنڌ اندر قديم آثارن وارا ماڳ- تنوير جوڻيجو، آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد 1986ع.

3.           سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ، گريگوري، پوسيل/عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ 2015ع.

4.           سنڌ جو قديم ورثو (دڙا، ڀڙا ۽ ماڳ مڪان) مرتب: آزاد قاضي، جي.ايم.سيد فاؤنڊيشن ڪراچي 2006ع.

5.            اتر سنڌ ۾ سم ۽ ڪلر جي خاتمي جون رٿائون- چيف انجينئر (واٽر) واپڊا سکر، ناشر: پاڪستان واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي 1984ع.

6.           اترادي ٻولي- ڊاڪٽر هدايت پريم، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو 1995ع.

7.           اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون- انجينئر عبدالوهاب سهتو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2006ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org