سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:11 

ڊاڪٽر ممتازِ ڀٽو

 

 

 

نمبر ون

 

جهڙو هن جو نالو، اهڙي ئي هوءَ خوبصورت هئي. سڪيلڌي ڌيءَ جو مائٽن نالو رکيو هو- ”قمر“.

هن جي جنم تي هن جا ماءُ پيءُ ڏاڍا خوش هئا. هوءَ هنن جي شاديءَ جي اٺن سالن کان پوءِ دنيا ۾ آئي هئي. سندس ڏاڏِي ۽ پيءُ ور ور ڪري هن کي خوشيءَ مان ڏسي رهيا هئا.

”مان هن جي پالنا ۽ تربيت اهڙي ڪنديس جو سڄو خاندان حيران ٿي ويندو.“ ماڻس هن کي هنج ۾ کڻندي چيو.

”هائو هائو ڀلي ڀلي…“ ڏاڏيءَ ٽهڪ ڏيندي چيو.

مڊل ڪلاس جي هن ڇوڪريءَ جو جنم ان دور ۾ ٿيو جڏهن ڇوڪرين جي تعليم عام نه هئي، خاص ڪري ڳوٺ ۾ رهندڙ ڇوڪرين جي البت شهرن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ڇوڪرين جو ڪجهه تعداد تعليم حاصل ڪندو هو.

قمر جي ماءُ هڪ فيصلو ڪيو، ڪجهه به ٿئي پر مان پنهنجي ڌيءُ کي اعليٰ تعليم ڏيارينديس. هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ عورت پنهنجي گهٽ وسيلن ۽ مشڪلاتن باوجود هڪ عهد ڪيو، هڪ واعدو ڪيو.

قمر جڏهن هوش سنڀاليو ته هن پنهنجي لاءِ سڀني گهرڀاتين جي محبت ۽ پيار محسوس ڪيو. هن جي ماءُ هن کي ڪپڙي مان گڏيون ٺاهي ڏيندي هئي ۽ موتين جا زيور ٺاهي هنن کي پهرائيندي هئي. قمر پنهنجي ساهيڙين سان گهر جي وڏي اڱڻ تي راند رهندي هئي. هوءَ هڪ پياري ۽ خيال رکڻ واري دوست هئي، جنهنڪري هوءَ مائٽن ۽ دوستن جو محور هئي، هر هڪ هن سان محبت ڪندو هو.

قمر جي ڏاڏي صبح سوير رڌڻي جي ٻاهران منجيءَ تي ويهي ڏڌ ولوڙيندي هئي، جنهن جو آواز هن کي سڪون ڏيندو هو. ماڻس هن جو هٿ منهن ڌوئاري کيس کٽ تي ويهاري نيرن ڪرائيندي هئي، ان کان پوءِ هر ڪو پنهنجي گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويندو هو. والد ٻني ۽ دڪان جي نظرداري ڪري هليو ويندو هو. سندن بگي هلائڻ وارو چاچو ”شمون“
بس اسٽاپ تان سواري کڻڻ ويندو هو ۽ شام جو ڏاڏيءَ کي حساب ڪتاب اچي ڏيندو هو. زندگيءَ جو وهنوار پيو هلندو رهيو.

قمر کي ڀر واري ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. سندس ٻين مائٽن ان ڳالهه کي ڪا اهميت نه ڏني، سندن خيال هو ته ٻه چار درجا پڙهي گهر ويهي رهندي.

قمر جي ماءُ قمر کي اسڪول پهچائڻ ۽ آڻڻ جي ذميواري پنهنجي مٿان کنئي. صبح جو کيس نيرن ڪرائي ٽانگي ۾ هن سان گڏ اسڪول ويندي هئي. صبح سوير جڏهن رات جي اونداهه ختم ٿيڻ لڳندي هئي، پکي پنهنجن آکيرن مان اڏامڻ شروع ڪندا هئا، مينهن جا واڙا کولي کين گاهه چاري لاءِ تيار ڪيو ويندو هو. ماڪ ڀنل ٻوٽا، چؤطرف بيٺل وڏا وڏا وڻ، ٻنين ۾ مختلف موسمن مطابق اناج جا سنگ، آخري گولائي تائين نظر ايندڙ ڌنڌ وارو آسمان هن کي قدرت جي ڪمال جو احساس ڏياريندو هو. هوءَ ماءُ کان ڪئين سوال ڪندي هئي:

امان هن وڻ جو نالو ڇا آهي؟

امان هن پکيءَ جو نالو ڇا آهي؟

امان سج ڪٿان ٿو نڪري؟

امان واهه ۾ پاڻي ڪيئن ٿو اچي؟

امان سج لهي ڪيڏانهن ويندو آهي؟

ماءُ هن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ مختلف جواب ڏيندي هئي، ٽانگو ڳوٺ جي سڌي ته ڪٿي کڙ ٻڙ رستي تان ور وڪڙ کائيندو هلندو هو، گهوڙو پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪيو اچي اسڪول جي در تي پهچندو هو.

ڪلاس ۾ هوءَ پڙهڻ ويندي هئي ته ماڻس اسڪول جي اڱڻ ۾ ويٺل هوندي هئي ۽ چاچو شمون سواري کڻڻ لاءِ ٽانگو کڻي هليو ويندو هو. موڪل جي ٽائيم تي اسڪول پهچي ويندو هو. هوءَ ماءُ سان گڏ واپس گهر ورندي هئي. شام جو اڱڻ تي ٽپ ڏيندي اسڪول ۾ رٽيل بيت زور سان چوندي هئي.

جو کير پئي سو وير ٿئي.

***

واهه ڙي تارا گول تارا.

***

ڏس هيءَ منهنجي ٻلڙي.

وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، اونهاري پٺيان سيارو، سياري پٺيان اونهارو… هاڻي هوءَ چوٿين ڪلاس ۾ هئي. ڪلاس ۾ هميشه ”پهريون نمبر“ ايندڙ صاف ڪپڙا پهريندڙ چوٽي ٿيل ۽ وڏين اکين واري قمر. خوبصورت ۽ هوشيار هئڻ ڪري ماسترياڻين ۾ مقبول قمر.

تو سان گڏ ڪير آئي آهي.

تو سان گڏ ڪير آئي آهي.

”ڏاڏي“ قمر ڪلاس فيلو جي پڇڻ تي ٻڌايو.“

”خبر ناهي.“

هن جي ماءُ اڄڪلهه هن سان گڏ اسڪول نه ايندي هئي ۽ اها ذميواري هن جي ڏاڏيءَ کنئي هئي.

ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ٽيچر کيس چيو:

”قمر تنهنجي ڏاڏي توکي سڏي ٿي، تون گهر وڃ.“

هن ڪتاب بيگ ۾ وڌا ۽ ڪلاس کان ٻاهر نڪري آئي.

”ڏاڏي ڇا ٿيو آهي؟“

”خير آ ٻچا گهر هلون ٿا.“

”ڇو ڏاڏي؟“ هن پريشانيءَ مان پڇيو.

”امان تنهنجي ماءُ جي طبعيت ٺيڪ ناهي.“

”ڏاڏي، امان کي ڇا ٿيو آ؟“

”ٻچا گهر هلون ٿا نه، الله ڪندو خير هوندو.“ ڏاڏيءَ کيس تسلي ڏني. گهوڙو ڳوٺ جي پڪن ڪچن رستن تي ڇالون هڻندو، سندن گهر پهتو، ٽپ ڏئي هيءَ ٽانگي مان لٿي، ڏاڏي به پاڻ سنڀالي لٿي. گهر ۾ داخل ٿيندي ڏٺائون ڪجهه عورتون ۽ قمر جو پيءُ گهر ۾ ويٺل هئا، قمر جي ناني به آيل هئي ۽ ڪم ڪار ۾ مشغول هئي، هن ڊوڙي نانيءَ کي ڀاڪر پائي پڇيو:

”ناني، امان ڪٿي آهي؟ امان کي ڇا ٿيو آهي؟“

ناني، کلندي هن کي آٿت ڏني: ”تنهنجي امان اتي ئي آهي ٺيڪ آهي، تون دعا ڪر.“ ٿوري دير کان پوءِ مبارڪ مبارڪ جا آواز ۽ ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيا ته قمر حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي، سندس نانيءَ ڀاڪر ۾ جهلي کيس چيو:

”قمر مبارڪ هجئي توکي ڀاءُ ڄائو آهي.“

”ڀاءُ! اهو ڪيئن؟“

”ها امان تنهنجي ماءُ کي پٽ ڄائو آهي ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجي منهن کي جهلي ٻارڙي کي حيرانگيءَ سان ڏسي رهي هئي، توکي ڀاءُ.“

هوءَ حيرانگي ۽ خوشيءَ ۾ ناني کي ڏسي رهي هئي، آخر همت ڪري ماءُ جي ڪمري ۾ پهتي گلن جهڙو هڪ ٻارڙو هن جو همشڪل ماءُ سان گڏ بستري تي ليٽيل هو. خوشيءَ ۽ حيرت ۾ هيءَ پنهنجي هٿن سان ڄڻ ته پنهنجي ئي چهري کي ڏسي رهي هئي. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون، هوءَ سوچڻ لڳي:

”مون کي ڀاءُ، صغريٰ وانگر، مون کي ڀاءُ، آمنا وانگر، مان به پنهنجي ڀاءُ جي ڀيڻ.“

هينئر هن جي ڪائنات ئي بدلجي ويئي هئي، سندس ڀاءُ سان هڪ اهڙو رشتو جُڙيو هو، جنهن جو ڪو انت نه هو. سندس ماءُ ٻار ۾ مشغول ۽ سندس ڏاڏي گهر جي ڪم ۽ نظرداري ۾ مصروف. هيءَ هاڻي چاچي شمونءَ سان اڪيلي اسڪول ويندي هئي. جيتوڻيڪ هيءَ پنهنجي ڪلاس ۾ هوشيار ۽ قابل، ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ۾ ٽائيم ڏسندي هئي ۽ موڪل جو انتظار ڪندي هئي، گهر پهچندي ڀاءُ کي هنج ۾ کڻي ويهندي هئي.

زندگيءَ جو ساڳيو وهنوار هلندو رهيو، چنڊ جهڙي چهري واري قمر ڪاري برقعي ۾ صبح جو سوير ماڪ ڀنل وڻن، ٻوٽن ۽ ٻنين جي وچ مان چاچي شمونءَ سان اسڪول ويندي هئي، واپسي ۾ ڀاءُ لاءِ گاڏي واري کان ڪڏهن ڪا کاڌي جي شيءِ ڪڏهن ڪو پلاسٽڪ جو رانديڪو وٺي ايندي هئي، گهر پهچڻ تي ڀاڻس ڊوڙي اچي چنبڙندو هو.

”ادي شيءِ، ادي رانديڪو.“

قمر هينئر سنڌي فائنل پاس ڪئي. کيس ڳوٺ ڀرسان هڪ ننڍي شهر جي اسڪول ۾ ماستري ملي. ننڍڙو ڀاءُ به هينئر اسڪول ۾ داخل ٿيو هو. اسڪول ۾ ٽيچر هئڻ ڪري کيس ٽريننگ لاءِ حيدرآباد ٽريننگ اسڪول موڪليو ويو، جتي هن ٽريننگ حاصل ڪئي. جلد ئي هن اسڪول ٽيچر جي نوڪري ڇڏي وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري رکيو. ڪاليج کان پوءِ هوءَ يونيورسٽي پهتي. هميشه فرسٽ نمبر حاصل ڪرڻ واري قمر پوزيشن حاصل ڪئي. هينئر هوءَ تعليم کاتي ۾ اهم عهدي تي فائز هئي. هينئر وڏي شخصيت جي مالڪ هئي. ڳوٺ جي ڪلچر، قدرتي نظارن، غريبن جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ گذران کان واقف هئڻ سان گڏ شهر ۽ شهري ماڻهن جي ڪلچر تعليمي ادارن جي معلومات، سياسي ۽ سماجي قدرن کان واقف… هر موضوع جي ڄاڻ هن جي اندر کي اجاري ڇڏيو هو. آفيس ۾ هن جي خوش مزاجي، اصولن جي پابنديءَ ماڻهن کي هن جو گرويده بڻائي ڇڏيو هو. هينئر هوءَ مائٽن سان گڏ شهر ۾ رهندي هئي، ڏاڏِيءَ جي انتقال کان پوءِ سندس والد به اچي شهر ۾ رهيو ۽ زمين ۽ مال جي سنڀال لاءِ ڳوٺ ايندو ويندو هو.

جهڙي پاڻ پڙهائيءَ ۾ هوشيار هئي، سندس ڀاءُ ان جي ابتڙ هو. هو مشڪل سان ڪجهه اسڪول جي تعليم حاصل ڪري سگهيو ۽ ڳوٺ جي زمين سنڀالڻ لاءِ اڪثر ڳوٺ ۾ رهندو هو. آفيس ۾ اڄ هڪ ميٽنگ ڪرڻ کانپوءِ هن جي دل جي عجيب ڪيفيت هئي. اڄ هن هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو جهڙو هن جي ذهن ۾ ڪيتري وقت کان هو خوبصورت، سريلي آواز ۽ سوبر شخصيت جو مالڪ ان جو نالو عامر هو.

هو ٻئي شهر ۾ قمر جهڙي ئي پوسٽ تي هو، جنهن جو ٽرانسفر هن آفيس ۾ ٿيو هو، پر هوءَ پنهنجي ان خيال کي مٽائي آفيس جي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي.

قمر جي وارن ۾ هينئر چاندي پئي چمڪي، هيڏانهن عامر به پنهنجي سمجهه، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جي ڪري آفيس ۾ هڪ جاءِ والاري.

هو چانهه جي بهاني ڪڏهن قمر جي آفيس ۾ ويندو هو ۽ ڪڏهن قمر کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو هو، ايئن اهي ملاقاتون محبت ۾ تبديل ٿي ويون. قمر جي چاهت انمول هئي، هوءَ عامر جي بيحد عزت ڪندي هئي ۽ هن سان محبت.... عامر هن کي پروپوز ڪيو پر کيس اهو به ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ هن جي شادي ڪرائي وئي هئي ۽ کيس ٻه ٻار به آهن ۽ سندس گهر واري ڳوٺ ۾ رهندي آهي ۽ هو شهر ۾، هن قمر کي چيو ته هو کيس شهر ۾ ئي رهائيندو جتي ڪنهن جي به ڪا مداخلت نه هوندي. اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کانپوءِ قمر جي ڪيفيت عجيب ٿي وئي. هن جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي، سندس مٿو ڀنواٽيون کائڻ لڳو، سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.

”ڇا؟“ هن سڪل نڙي کي زور ڏيندي پنهنجي لوندڙين کي هٿن سان جهلي سيٽيءَ وانگر رڙ ڪئي.

”قمر تون گهٻرائين ڇو ٿي.“ عامر هن جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليا جيڪي برف جهڙا ٿڌا هئا.

قمر جو نينهن جتي اٽڪيو هو، هن طلسم وانگر ٽٽندي ڏٺو، خيالن جو طوفان هن جي من ۾ اٿيو.

عامر ٻي شادي ڪندو.....

مون سان نه نه.... مان هن جي ٻي زال ٿينديس! نمبر ٽو، نه نه..... هن هميشه نمبر ون تي اچڻ لاءِ جاکوڙيو هو. هوءَ ڄائي ڄم کان پهريون نمبر هئي. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، آفيس ۾ اعليٰ عهدو. قمر معنيٰ نمبر ون..... هن جي طبعيت ۾ جيتوڻيڪ انڪساري ۽ ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ نه هو پر پنهنجي محنت ۽ جفاڪشي جي ڪري هوءَ پاڻ کي هميشه مٿڀرو رکندي هئي.

هن عامر سان محبت ڪئي پر هيءَ ڪڏهن به نمبر ٽو ٿيڻ لاءِ تيار نه هئي. هن سوچيو اهو ممڪن ئي ناهي ته هڪ اهڙي خاندان تي عذاب ٿي نازل ٿيان جنهن ۾ هنن جو ڪو ڏوهه ئي نه آهي.

هن ڪيترا نه سپنا ڏٺا هئا، هن عامر سان محبت ڪئي هئي، هن سوچيو، ڇا شادي ضروري آهي نه.... قمر فيصلو ڪري ورتو، ايتري قرباني ايتري بربادي نه.... قمر پنهنجي قرباني ڏني، پنهنجي محبت جي قرباني.

هن عامر کي انڪار ڪيو......

عامر جي محبت سيني ۾ سانڍي هن پنهنجو ٽرانسفر ڪرائي ڇڏيو.

والدين، ڀاءُ ۽ ڀاڄائي هن سان گڏ رهندا هئا، هوءَ به زندگي جي بيساکين تي هلندي رهي. مائٽن ڳوٺ وارو گهر ۽ ٻني ٻنهي ٻارن جي نالي ڪئي ۽ پاڻ راهه رباني ورتي. سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي ٻنيءَ جي سار سنڀال لاءِ وڃي ڳوٺ رهيا. فصلن مان ايندڙ آمدنيءَ جو اڌ حصو قمر جو هو، جنهن مان هوءَ وڌيڪ ٻني خريد ڪندي هئي ۽ ايئن ئي هن جي ٻنيءَ ۾ اضافو ٿيندو ويو. هوءَ اڪثر شهر ۾ به سستي اگهه تي پلاٽ خريد ڪندي هئي.

زندگي جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، مهينن پٺيان سال، پروموشن، ترقي، پئسو، گهر، ملڪيت، ٻاهرين ملڪن جا آفيشل دورا، ٻين ملڪن جي اقدارن جو مشاهدو، قمر گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. نوجوانيءَ جي عمر مان هيءَ هاڻي گذري چڪي هئي، جنهن جا اثر هن جي چهري ۽ صحت تي ظاهر ٿيڻ لڳا، پر اڄ به هوءَ اها ئي پروقار ۽ خوبصورت عورت هئي، سندس سونهن جو سرچاءُ هر هنڌ پکڙيل هو.

گهر ۾ هن سان گڏ هڪ پري جي مائٽياڻي زڪيه رهندي هئي. ”چاچا شمونءَ“ جو پٽ سندس ڊرائيور هو ۽ هڪ نوڪر جيڪو چوڪيداري پڻ ڪندو هو، اهو به هن جي ڳوٺ جو هو. گهر ۾ هوءَ سڄو ٽائيم لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندي هئي. هوءَ مختلف تنظيمن جي ميمبر پڻ هئي، سندس گهڻو وقت مصروفيت ۾ گذرندو هو.

ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جي بي وقت موت ڪري سندس ڀائٽيو اچي هن سان گڏ رهيو، ڳوٺن ۾ هاڻي تعليم جو اهو معيار نه هو. سڪيلڌي ڀائيٽي کي مائٽن کارائي وڏو ڪيو ۽ زمين جي سار سنڀال تي لڳائي ڇڏيو، ڀائٽيو هن جي اکين جو ڄڻ نور هو. هوءَ هن سان ڏاڍي محبت ڪندي هئي ۽ گهڻو ڀائيندي هئي.

هي پڦيءَ جي زمين جي به سار سنڀال ڪندو هو. هينئر دنيا ۾ هڪ عجيب انقلاب اچي چڪو هو، ايگريڪلچر زمين ۾ نوان ٻج، نوان ڀاڻ، زميندارن جي زمين ترقي ڪئي ۽ معاشي طور تي هو مستحڪم ٿيندا ويا. ٻنيءَ جي قيمت آسمان تي ته شهرن ۾ پلاٽن جي قيمت به آسمان تي. ايڏي دولت ڏسي قمر جو ڀائيٽو وائڙو ٿي ويو ۽ آهستي آهستي پنهنجي حصي جي زمين کپائيندو ويو، پئسو ته پاڻي وانگر هن جي هٿن مان وهي ويو. زال جا زيور، دستن جا دستا هن وٽ، باقي پئسي مان هن کي ڪجهه نه بچيو. هينئر هن وٽ صرف پڦيءَ جي زمين هئي، جنهن وچان کائي ڪجهه حصو پڦيءَ کي ڏيندو هو، حساب پڇڻ تي هو مختلف بهانا ڪري ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هو.

اڄ قمر نوڪريءَ تان رٽائر ٿي رهي هئي. سڄي زندگي پڙهائي، نوڪريءَ ۾ گذاري، هن جو سڀ خواهشون پوريون ٿيون هيون، اڄ هن جي مان ۾ تقريبون رٿيون ويون، کيس عزت ڏني وئي. هن پنهنجي متعلق ٻين جي زباني پنهنجي ڏاڍي تعريف ٻڌي کيس شيلڊز پيش ڪيون ويون. اڄ هن وٽ محسوس ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، نه خوشي هئي نه غم.

سندس پينشن مقرر ٿي ۽ ڪجهه فنڊ وغيره مليو. شهر ۾ هوءَ پنهنجي ذاتي بنگلي ۾ رهي. زڪيه، ڊرائيور، چوڪيدار ۽ سندس ڀائيٽو به گهر واري سان گڏ اچي رهيو.

آهستي آهستي سندس ڀائيٽو گهر جي وهنوار تي حاوي ٿيڻ لڳو. هيءَ به هن کي پنهنجو ٻچو سمجهي پرسڪون هوندي هئي. تعليم ۽ تربيت جي فقدان سبب ڳوٺن مان شريف ماڻهن جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري خراب ڪردار جي ماڻهو جو مڪو متل هو. ڳوٺ ۾ سندس ڀائيٽي جي به اهڙن ماڻهن سان صحبت هئي جيڪي هر ناجائز ڪم لاءِ هڪٻئي کي همٿائيندا هئا، هنن جڏهن هن جي پڦيءَ جي هيڏي وڏي ملڪيت شهر، ڳوٺ ۾ آباد ۽ زرخيز زمين جو ٻڌو ته هن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهيري ۾ آندو.

”بدر، تنهنجي پڦي ته رٽائرڊ ٿي آهي نه؟“

”ها ها.“ هن وراڻيو.

”يار ايتري ملڪيت جو ڇا ڪندي؟“

دوستن پڇيس پر هن ڪو جواب نه ڏنو.

”قبر ۾ کڻي ويندي.“ هڪ ڄڻي وات چٻو ڪندي چيو.

”بدر تو ۾ ته مردانگي ئي ڪانهي.“

”ڇو ڇا ٿيو آهي.“ بدر کانئن پڇيو:

”اڙي ضعيف عورت پٺيان پيو هلين، پنهنجي نالي ملڪيت ڪرائي سڀاڻي ڪنهن ڏٺو آهي.“ هڪ دوست کيس چيو.

بدر جو چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو. هيڏي ملڪيت جو مالڪ ٿيڻ جي خيال ۾ کڳيون هڻڻ لڳو.

سندس دوستن دلاسو ڏيندي چيو: ”ڪاغذ سڀ تيار ڪرائي پهريون سمجهائينس، جيڪڏهن سمجهه ۾ ڳالهه نه اچيس، ته سختي ڪري کيس ڊيڄار، عورت ذات آهي ڇا ڪندي، ٻڌائينس ته گهر جو خرچ مان پاڻ هلائيندس، تنهنجي خدمت چاڪري ٿيندي، تون ڪنڊ ۾ ويهي الله الله ڪر.“

جهڙي هن جي سونهن هئي، تهڙو سندس نالو هو قمر. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽيل هئي، ڪمري جي کليل دريءَ مان چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪي هن جي چهري تي ٻهڪي پئي، توڙي جو هوءَ جوانيءَ جي وهي گذاري چڪي هئي. پر اڄ به هوءَ اهڙي ئي خوبصورت ۽ پر وقار هئي.

هن جي ڪمري جي دروازي کي ڪنهن ڌڪو ڏيئي کوليو. هوءَ حيرانگيءَ ۾ اٿي ويٺي، سندس اڳيان ڀائيٽو بيٺو هو، هٿ ۾ اسٽامپ پيپر، چيلهه سان پسٽل ٻڌل. هن سخت لهجي ۾ مخاطب ٿيندي کيس چيو:

”پڦي هن تي صحي ڪر.“

هوءَ هَڪي ٻهڪي ٿي وئي، سندس چپ خشڪ ٿي ويا ۽ اکين جا تارا بيهجي ويا،

غم ۽ غصي ۾ کانئس پڇيو:

”هي ڇا آهي؟“

هن بدتميزيءَ سان وراڻيو: ”مائي هن ۾ تنهنجي ملڪيت، ٻني ۽ بنگلي جي مالڪي منهنجي حوالي ڪرڻي آهي، آخر مان ئي وارث آهيان، منهنجون به ضرورتون آهن، تون قبر ۾ پير لٽڪائي ويٺي آهين، نانگ وانگر ملڪيت تي قبضو ڪيو ويٺي آهين، ماٺ ڪري ڪاغذن تي صحي ڪر، تنهنجي گهر ۾ ساڳئي ئي خدمت چاڪري ٿيندي، ويهي ڪنڊ ۾ الله الله ڪر.“ سندس ڀائيٽي دل ۾ سوچيو، ڊڄي ويئي آهي پڦي!

هن رڙ ڪندي چيو: ”پڦي جيڪڏهن انڪار ڪيئي ته ڏاڍي خرابي ٿيندي.“

قمر سٽ ڏيئي پلنگ تان اٿي هن کي زوردار چماٽ وهائي ۽ کيس ڌڪو ڏنو ۽ ڌڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو: ”بداخلاق، بد زبان بڪواس ٿو ڪرين نڪر ڪمري مان.“ هن زور سان زڪيه کي سڏيو، زڪيه هڪي ٻڪي ٿي وئي ”جي ادي“، هن وائڙن وانگر قمر کان پڇيو.

قمر رڙ ڪري کيس چيو: ”ڊرائيور ۽ چوڪيدار کي سڏ، بدر مان توکي پوليس حوالي ڪنديس.“ غم ۽ غصي ۾ هوءَ ڳاڙهي ٿي وئي.

بدر کي اهڙي رد عمل جو خواب خيال به نه هو. ڊرائيور ۽ چوڪيدار هن کي ٻانهن مان اچي جهليو ۽ کيس ڪمري مان ڪڍيو.

قمر مسلسل ڳالهائي رهي هئي: ”ڪمبخت تون مون کي پنهنجو محتاج بڻائڻ ٿو چاهين؟ نڪري وڃي منهنجي گهر مان، هن کي منهنجي گهر مان ڪڍو.“ هن ڊرائيور ۽ چوڪيدار کي چيو: جن هن جي هٿن مان ڪاغذ وغيره کسيا جن کي قمر ڪاوڙ وچان ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

قمر هڪ محنتي ۽ Self Made عورت هئي، جنهن ڪنهن جي به حق تلفي نه ڪئي هئي، اها پاڻ سان ڪيئن ظلم پئي ڪري سگهي. ڀائيٽو ڳوٺ روانو ٿي ويو. قمر پنهنجي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل سيٽ ڪيو. هڪ اداري مان هن کي نوڪريءَ جي آفر آئي جيڪا هن جوائن ڪئي. صبح جو آفيس، شام جو گهر، مختلف فنڪشنز ۾ وڃڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ هن جو معمول هو.

هينئر هن جو ڀائيٽو ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هيءَ به ڳوٺ اچي وڃي ٿي، پنهنجي ٻنيءَ جي رکواليءَ لاءِ ڀائيٽي کي مقرر ڪيل رقم ۽ اناج وغيره ڏئي ٿي، جيڪو هينئر پنهنجي رويي تي پشيمان آهي.

قمر پنهنجي پلنگ تي ليٽيل هئي، چنڊ جي چانڊوڪي جيڪا سندس ڪمري جي دريءَ مان پئي آئي، هن جي چهري کي اڃان خوبصورت پئي ڪيو. هوءَ پنهنجي هر فيصلي تي مطمئن هئي. هن اکيون ٻوٽيون اکيون ڀنل هيون الائي ڇو؟ ڪنهن جي ياد اچي رهي هئي، اکين مان آب وهڻ لڳو، جنهن مان هڪ تصور ٺهيو، ان تصور مان هڪ تصوير نڪتي هن ڀڻڪيو ”عامر“ خوبرو عامر، هن جو پنهنجو عامر، توکي وسارڻ ڏکيو آهي. زارو زار روئندي رهي، انهيءَ لمحي هن پاڻ کي سنڀالي ورتو جهٽڪو ڏيئي پاسو ورايو ڪجهه ڳوڙها وهاڻي ۾ جذب ٿيا، ڪجهه پاڻي اکين ۾ رهجي ويو… نه نه مان جيڪي ڪجهه ڪيو صحيح ڪيو. هن جي ظرف هن کي نمبر ون تان ڪڏهن به هٽڻ نه ڏنو. ٿوري دير ۾ هوءَ اگهور ننڊ ۾ هلي وئي.

 

بهادر ٽالپر

 

 

 

 

 

پـــاڇــــا

 

 

اوچتو جڏهن ٻاهرئين دروازي جي گهنٽي وڳي ته آءٌ ڇرڪجي پيس ۽ سوچن ئي سوچن ۾ وک وک کڻندو اوڏانهن ويس ته ڏٺم هڪ شخص گلاب جي پنکڙيءَ جيان مسڪرائي ڄڻ مون کي ڪجهه چئي رهيو هو. جواب ۾ منهنجي مسڪراهٽ هن کي ڪيئن لڳي؟ ان سوال جي جواب جي کوج ۾ پوڻ بدران مون پاٻوهه مان کيس کيڪاريو!

اسان ائين ٻکين پئجي وياسين ڄڻ سالن جي ڪا وٿي اسان وچ ۾ هئي....! ڄڻ اسان جي مکا ميلي وارو سج هاڻ ئي طلوع پئي ٿيو.... جنهن ۾ رنگارنگي ڪرڻا هئا…! هونئن سج جا ڪرڻا هن کي به وڻندا هئا… ۽ مون کي به...! ان ڪري اڪثر ڪري سج جي تڙڪي تي بيهي اسان ٻئي هڪٻئي سان هم ڪلام ٿيندا هئاسون…! اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان ڪڏهن روشني ته ڪڏهن اوندهه تي به ڳالهائي وٺندا هئاسين...! جڏهن ڪنهن محبوب جي زلفن جي ڳالهه ٿيندي هئي ته انڌيري رات جو تذڪرو هوندو هو… ۽ جڏهن محبوب جي ڏندن متعلق گفتگو هوندي هئي ته ڄڻ کير ڌارا جو تذڪرو هوندو هو. انهن ڳالهين جي سگنلن وچان اَلاءِ ته ڪيئن ڪيترين ٻين ڳالهين جا سگنل چمڪي اسان جو چاهه وڌائي ويندا هئا!

هڪڙي دفعي چيو هئائين: ”ڪاش! آءٌ عورت هجان ها.... ۽ منهنجي نڪ ۾ هڪ ڦلڙي هجي ها... ۽ ڦلڙي چمڪي ها... جيڏيون سرتيون منهنجي آسپاس هجن ها...!!“ ته مون هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هو ۽ هُو شرم ٻوٽي جيان سڄو ڪومائجي ويو هو، ڄڻ هُو  پنهنجي ان ڳالهه تي پشيمان ٿيندو هجي.... کيس ڏسي آءٌ به پوءِ پشيمانيءَ ۾ ويڙهجي ويو هوس....!! آءٌ کيس ”شخص“ چوندو هوس ڇاڪاڻ ته سندس ڳالهين ۾ سندس شخصي پڻو ڪنهن ستاري جيان جرڪندو هو. مون کي هن جي مسڪراهٽ وڻندي هئي پر منهنجا ٽهڪ ڪڏهن ڪڏهن هن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويندا هئا... ۽ هُو منهنجي مُنهن ۾ تڪي هڪ وڏو سوال بڻجي ويندو هو...!! ۽ آخر تائين هُو اهو سوال سلڻ بنا خاموش ئي رهندو هو...!!

اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ٻکن مان آجا ٿياسين ته مون کي ڪجهه ڪجهه ياد اچڻ لڳو ته هُو ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون مون سان ڪندو هو ۽ مون کان وعدا وٺندو هو ته اهي ڪيئن به ڪري عملي شڪل ۾ آڻڻيون آهن.

مثلاً هن پنهنجي رهائشي ڪمري اڳيان بهار- مند ۾ هڪ ٻوٽو لڳايو هو ۽ مون لاءِ سندس حڪم هو ته آءٌ ان کي پاڻي ڏيارڻ ۽ ان جي سار- سنڀال لاءِ کيس همٿائيندو رهان.....!! هن جڏهن ٻوٽو لڳايو هو ته پاڻ ڏانهن ۽ مون ڏانهن  ڪيترو وقت ڏسندو رهيو...!! کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي رهيو هو ۽ اها ماءُ ياد اچي رهي هئس، جنهن کيس پالي تاتي وڏو ڪيو ته هوءَ پنهنجي حياتيءَ کان وڏي ٿي وئي هئي ۽ آڪاش نوڙي سندس ماءُ کي مٿي کڻي ورتو هو تڏهن کيس لڳو هو، جنهن آڪاش ۾ اسان تارا ٽمڪندي ڏسون ٿا، اهي ته انسان آهن، جيڪي موت کان مٿاهان بڻجي مسڪرائي رهيا آهن...! هن تڏهن سوچيو هو ته ڪڏهن آڪاش نِوِڙي اسان ٻنهي کي مٿي کڻي وٺندو ۽ هي  ٻوٽو نراس نراس تڪيندو رهجي ويندو هو...!! مون کيس چيو هو ٻوٽن جا نگهبان ڌرتيءَ وارا سڀئي ته آڪاش نه کڻي وٺندو....!!  آڪاش کي نِوِڙڻ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ ٻيو ته آڪاش هرهڪ لاءِ ته نه نِمندو آهي.... ڪي ڪي شخصيتون هونديون آهن، جن اڳيان آڪاش نمندو آهي ۽ ڌرتي سجدا ڪندي آهي....!! منهنجو ردِعمل ٻڌي هُو روئي پيو هو..... ۽ مون کي هيڪار لڳو هو ته هُو پنهنجي نيڻن سان نه، پنهنجي ماءُ جي نيڻن سان روئي رهيو آهي ۽ پنهنجي دل جي بارگاهه ۾ ڪا دعا گهري رهيو آهي.... دعا جنهن کي هٿ نه آهن.... دعا جنهن کي اکيون ناهن.... دعا جنهن کي پير ناهن.... پر ڪيترائي رستا آهن.... پر رستن جي دعا کي خبر ڪانهي.... دعا ڪٿان کان پنڌ ڪري ڪٿي پهچندي، ان جي سڌ کيس به ڪانهي.....!!

هن هڪ ڏينهن هڪ حادثي جي ڳالهه به ٻڌائي هئي ۽ هڪ اسڪارف پاتل عورت جي باري ۾ ڳالهائيندي، ان کي هڪ وڏو حادثو قرار ڏنو هو ۽ چيو هئائين: چنڊ اَلاءِ ڇو ان کان پوءِ منهنجو دشمن بڻجي ويو آهي....!!

هُو انهن ڏينهن هڪ رسالي ڪڍڻ لاءِ پڻ سوچي رهيو هو پر الاءِ ڇو هُو پوءِ ان مامري ۾ سُسُت پئجي ويو. مون کي سهڪار لاءِ چيو هئائين ته مون لاريب چيو هو. هُو ڳالهه اهڙي گنڀيرتا ۽ شد مد سان ڪندو هو، جنهن ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش محسوس نه ٿيندي هئي....! اهڙو شڪي طبعيت آءٌ به نه هوس جو هروڀرو کيس ڪا ڳالهه ورائي ورائي ڪرڻي پئي ها!

مون کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”آءٌ تو ڏانهن ڪهاڻي لاءِ آيو آهيان.....! رسالي لاءِ ڪهاڻي کپي....!! پهريون تعارفي پرچو مارچ ۾ شيخ اياز جي سالگرهه جي موقعي تي آڻي رهيو آهيان...!!“ اهو ٻڌي عادتاً مون کان ٽهڪ نڪري ويو ته هن جي چهري تي شرمندگيءَ واري لالاڻ ڦهلجي وئي... پوءِ پڇتاءُ مون کي به ٿيو، اهڙو هوائي توائي ٽهڪ ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي...!؟ مون کي سنجيدگي ۽ گنڀيرتا سان سندس ڳالهه جو ردعمل ڏيڻو هو، پر اَلاءِ ڇو ڪي ڪي ساعتون ماڻهوءَ جي شخصيت سان برميچجي نه اينديون آهن ۽ ماڻهو پشيمان ٿي پوندو آهي....!!

ڪو زمانو هو جڏهن هُن اڳيان ئي ڪنهن رسالي جي ايڊيٽر مون کان ڪهاڻي گهري هئي ته آءٌ زبردست گنڀيرتا ۾ گهيرجي کيس ڪهاڻي ڏيڻ جا دلاسا ڏئي رهيو هوس.... ۽ هو مون ڏانهن حيرتناڪ نگاهن سان تڪي رهيو هو... ۽ سندس اهو تڪڻ به منهنجي فوڪس ۾ هو....!! ۽ ايڊيٽر کان اٿڻ پڄاڻان هن پاڻ ئي پڇيو هو: ”تون کيس ڪهاڻي ڏيندين...؟“ مون چيو هو: ”اڄڪلهه موسم ئي اهڙي آهي جو ڪهاڻي مون وٽ اچڻ لڳي آهي.... شايد ايڊيٽر کي به اها کُڙڪ پئي آهي، پر آءٌ پڪ سان ته نه ٿو چئي سگهان ته کيس ڪا نئين ڪهاڻي ڏيندس...!!“ اهو ٻڌي هن پٺي ٺپري منهنجو حوصلو وڌايو هو ۽ چيو هو: ”اديب، ٻوليءَ جي ٻنيءَ جا وارث هوندا آهن.... تو ان ٻنيءَ ۾ پنهنجي حصي سارو ٻج وڌو آهي.... ضرور ان مان سلا اڀرندا.... ۽ ساوڪ ٿيندي....“

مون تڏهن ڌرتي جي هڪ ”ڪانڊيري“ تي ڪهاڻي لکي هئي. ”ڪانڊيرو“، نج سنڌي نالو هو. مخصوص ذهن جا ماڻهو، ان تي ڪاوڙجي پيا هئا. ”هي ڪهڙو اديب آهي....؟ هن ۾ ڪهڙو ادب آهي؟ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جو نالو ته سٺو رکي ها....!!“ مون کي اهي گفتا ڄڻ بڙڇي جيان لڳا هئا.... ۽ مون اهڙي سوچ رکندڙن کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ ”ٻٻر“ جو ڪردار تخليق ڪيو هو.....! ”ٻٻر“ به اسان جو نج سنڌي نالو هو.

مون کيس چيو: ”پيارا! تون ڏاڍو دير سان پهتو آهين، جڏهن ڪهاڻيءَ جي وڻ وارا پن زرد ٿي ڇڻڻ لڳا آهن... احساسن تي به خزان جي موسم آهي....! توکي سُڌ هوندي ته سوشل ميڊيا ڪيئن نه اسان جي اصلوڪي سماجي سائنس تي چٿر ڪري رهي آهي...! سوشل ميڊيا اسان جي پرنٽ ٿيندڙ رسالن جا پنا پري پري وکيري ڇڏيا.... انهن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپجنديون هيون...! شاعري ڇپجندي هئي...! ڪيڏو نه جوش ۽ ولولو هوندو آهي...!! ٻوليءَ جا لفظ پنن تي رقص ڪندا هئا..... هڪڙي پرچي اچڻ پڄاڻان ٻي جو انتظار ڪنهن محبوبا جيان ٿيندو هو....! هاڻ ته صفا سُڃ لڳي پئي آهي.... اهڙي سُڃ ۾ تون هڪ آواز بڻجي اڀرڻ جي ڪوشش ۾ آهين...!؟ تون سوشل ميڊيا کي هارائي ڪيئن پنهنجو رسالو هلائي سگهندين....!!؟“

هُو اهو ٻڌي اکيون ڇنڀيندي ڪجهه دير مون کي ڏسندو رهيو......!!

هن جي اکين ۾ ڪيترائي اجنبي پاڇا هئا....!! مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو: انهن پاڇن پويان هزارين پاڇا هوندا..... پر ڪو به وجود نه هوندو..... رڳو پاڇا ئي پاڇا هوندا..... رات جو جيئن وڻ ڀوتن جيان ڏسبا آهن.... پاڇا به ائين ئي هوندا آهن..... ! مون ڏانهن ڄڻ هزارين پاڇا ڊوڙندا ٿي آيا..... مون ڇرڪ ڀريو...... ۽ آءٌ فقط اتي اڪيلو بيٺل هوس....!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org