سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:12 

ثمينه ميمڻ

 

 

 

ضَربَ

 

اڄ سونل جي ننڍي ڀيڻ فاطمہ جي شادي ٿي رهي هئي، ڪجهه ڏينهنِ کان شاديءَ تي آيل سندن چاچيون، سوٽيون، ماسيون ۽ ماساتيون ٽڪيل هيون.

اڄ صبح کان گهر ۾ هُل هنگامو متل هو، هرڪو شاديءَ جي تيارين ۾ لڳو پيو هو، پر سونل جي ماءُ اُداس هئي ڇو ته اها مِٽي سونل لاءِ آئي هئي، پر سونل شاديءَ کان انڪار ڪيو هو، ۽ ائين نه چاهيندي به سندس ماءُ کي فاطمہ جي شادي ڪرائڻي پئي.

هيءُ پهريون ڀيرو نه هو، ائين کوڙ مِٽيون سونل لاءِ آيون، پر هُن ماءُ کي اهو چئي چپ ڪرايو هو ته هُن کي في الحال نوڪري ڪرڻي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن سونل چاهيندي هئي پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ زهر کي اوڳاڇي ٻاهر ڪڍي، ڇو هن جي اندر ۾ مرد لاءِ نفرت ڀريل آهي؟ ڇو هوءَ ڪنهن تي اعتبار نه ٿي ڪري سگهي؟ هزارين سوال هن جي اندر ۾ پلبا رهبا هئا، پر جواب هن کي ڪڏهن به نه ٿي مليو.

جڏهن کان هوءَ ماسٽرس جي ڊگري وٺي موٽي هئي تڏهن کان اڌ رات جو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي پوندي هئي، ۽ پوءِ ڊپ ۾ اکيون بند به ڪري نه سگهندي هئي.

ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي هئي ته هوءَ ماءُ سان ڳالهه شيئر ڪري پنهنجي اندر جي درد کي گهٽائي، پر چاهيندي به پنهنجي وڍيل اندر کي پاڻ سان کڻي ٿي هَلِي.

اڄ سڀ گهر جا ڀاتي اداس هئا، فاطمہ هنن جي گهر مان وڃي رهي هئي، فاطمہ منجهند جو  ئي سونل سان گڏ پارلر تي تيار ٿيڻ وئي ته ان مهل ئي سڄي گهر ۾ اُداسي ڇانئجي ويئي، فاطمہ جو اڄ هن گهر ۾ آخري ڏينهن هو. هوءَ به پنهنجي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي. ٿوري دير کان پوءِ هرڪو رات جي شاديءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. ۽ ائين هال ۾ وڃڻ جو وقت به ٿي ويو. سونل جي ماءُ ۽ اُن جي وڏي ڀيڻ سڀاڳي به اڳ ۾ ئي تيار ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ هال ۾ ويون ۽ ائين ٿوري دير ۾ مهمان به اچڻ شروع ٿيندا ويا.

سونل به فاطمہ کي پارلر تان وٺي هال جي ٻاهران گاڏيءَ مان سندس ساهيڙين ۽ ماساتين جي سٿ ۾ هال ۾ اندر داخل ٿي ته مووي ۽ ڪئميرائون آن ٿيون ۽ ائين سڀني جون نظرون ڪنوار تي کڄي ويون ۽ هوءَ سڀني سَٿ ۾ اسٽيج تي اچي ويٺي. ٿوري دير کان پوءِ گهوٽ به پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان گڏ دهل شرناين جي استقبال ۾ ڳائڻ کان پوءِ اچي اسٽيج تي ڪنوار  سان گڏ ويٺو.

اُتي هال ۾ ان مهل موقعو وٺي هڪ پاڙيسرڻ وڌي اچي سونل جي ماءُ کي ٽوڪيندي چيو: ”ڇو ڀلا تون وڏيءَ ڌيءُ کي ويهاري ننڍي ڌيءُ جي شادي پئي ڪرائين، سونل جي ته عمر به آهي، مومل ته ننڍي آ. اڃا ته هوءَ پڙِهي پئي.“

سونل جي ماءُ وٽ ته ڪو جواب نه هو، ڳالهه ٻڌندي ئي وسامجڻ لڳي، پر ڀر ۾ سندس ڀيڻ هُن جي ماٺ کي ڏسندي مائيءَ کي وراڻي ڏيندي چيو ته: ”ادي اهي ته نصيبن جون ڳالهيون آهن، ٻيو ته اڳيون دور نه آهي جو هروڀرو پهرين ڌيءَ جي شادي ڪرائڻي آهي، جيڪڏهن ننڍين نياڻين جون به مِٽيون جُڙي ٿيون اچن ته ڇو نه ڪري ڇڏجن.“ مائي جواب ٻڌي لاجواب ٿي وئي ۽ اتان وڃڻ ئي غنيمت سمجهائين.

سونل جي ماءُ هونئن ئي اداس هئي ويتر اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس ۽ پاڻ کي ويچارِي سمجهڻ لڳي. اها حالت ڏسندي هُن جي ڀيڻ سندس ڪلهي تي هٿ جو هلڪو آٿت ڏنو ته هُن پنهنجي اکين کي رئي جي پلاند سان اُگهيو ۽ ايندڙ مهمانن سان ملڻ ۾ لڳي وئي ۽ ائين نڪاح جو به وقت ٿيو ۽ نڪاح جون هرڪو هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳو، پوءِ مانيءَ کائڻ جو وقت ٿيو. ڪجهه مهمان اسٽيج تي وڃي ڪنوار ۽ گهوٽ سان ملڻ ۾، ۽ ڪي فوٽو ڪڍرائڻ ۾، ڪي مووي ڀرائڻ ۾ لڳي ويا. ائين اڌ رات گذري وئي. پري پري جا مهمان سڀ روانا ٿي ويا، باقي پنهنجا مِٽ مائٽ لانئن جي رسمن تائين ۽ ڪنوار گهوٽ جي موڪلاڻيءَ تائين ويٺل هئا ۽ ائين رسمون صبح جو وڃي ختم ٿيون.

فاطمہ جي وڃڻ جي گهڙي آئي ته سڀ گهر جا ڀاتي اداس ٿي ويا. فاطمہ موڪلائڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا پاڻ سڀني سان موڪلائڻ مهل روئِي پئي. سڄو ماحول ڏک ۾ وٺجي ويو، پر گهوٽيتن موڪلاڻيءَ مهل هال جي گيٽ تي دهل شرنايون شروع ڪرايون ۽ نچڻ ڳائڻ شروع ڪيو ته  ماحول ٿورو بهتر ٿيو ۽ ائين فاطمہ پنهنجي گهوٽ سان گاڏيءَ ۾ رواني ٿي وئي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي گهر روانو ٿيو.

جڏهن هيءُ سڀ گهر جا ڀاتي گهر آيا ته ڄڻ هنن کي گهر خالي خالي لڳو، سونل جي ماءُ ته ڄڻ اندر ۾ ڀُري پئي هئي، پر ڪنهن کي ٻڌائي. ڪجهه ڏينهن ڪاوڙ ۾ هُن سونل سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. جيڪو سونل به محسوس ڪيو، پر هوءَ ڇا ٻڌائي ته هوءَ پاڻ اندر ۾ ڪيتري ڀُريل، ڪيتري ڊنل آهي.

فاطمہ جي شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سونل پنهنجي نوڪريءَ لاءِ مختلف جاين تي پنهنجا ڪاغذ موڪليا هئا ۽ انٽرويو به ڏئي آئي هئي، ۽ اڄ جڏهن هن کي هڪ پرائيويٽ اسڪول طرفان نوڪريءَ جي آڇ جو ليٽر ٽي.سي.ايس ۾ مليو، هوءَ اڄ ڏاڍي خوش هئي ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي اِهو ليٽر ڏيکاريو. سونل جو پيءُ ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مٿي تي هٿ رکي مبارڪون به ڏنيون، پر هُن جي ماءُ کي ڪا خوشي نه ٿي. هوءَ ماءُ جي منهن ۾ نهاري نه سگهي، ۽ پاڻ کي قصوروار به سمجهڻ لڳي، پر هن کي نوڪري ڪرڻي هئي ۽ ائين هُن اسڪول ۾ نوڪري جوائن ڪئي ۽ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهنِ کان سونل کي فاطمہ ٿي ياد آئي. ڪمرو به خالي خالي ٿي لڳس ۽ هاڻي ته ننڊ به ڦِٽي ويندي هئس. خواب به عجيب عجيب ڏسندي هئي ۽ جهٽ ۾ اکيون کولڻ چاهيندي هئي، پر اکيون کولي نه سگهندي هئي، اڄ هن چاهيو ته ماءُ کي پنهنجي ڪمري ۾ سُمهاري، پر همت نه ڪري سگهي. پهرين ئي سندس ماءُ هن سان ٿورو ڪاوڙيل به هئي.

سڄي رات گذرڻ تي هئي، پر هِن جو دماغ سجاڳ هو، هن ٿوري دير اکيون بند ڪيون ۽ هِن جي اک لڳي ته ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين. ”پليز مون کي ڇڏيو، پليز مون کي ڇڏيو“. ائين چوندي چوندي هن جون اکيون کُليون ته هوءَ پگهر ۾ سڄي شل ٿي وئي هئي، هوءَ بيڊ تي اُٿي ويٺي ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي، ۽ سائيڊ ٽيبل تان پاڻي کڻڻ لاءِ گلاس کنيائين. اوندهه جي ڪري، گلاس پٽ تي ڪِري پيس ۽ گلاس ٽٽڻ جو آواز ٿيو. ڀرسان ڪمري ۾ سندس ماءُ جڏهن گلاس ٽٽڻ جو آواز ٻڌو ته سندس ڪمري ڏانهن ڊوڙندي آئي، ڪمري جي لائيٽ ٻاريائين. جڏهن سونل کي هن حالت ۾ ڏٺائين ته پريشان ٿي ويئي. سونل سڄي ڏڪي رهي هئي ۽ وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. سندس ماءُ تڪڙ ۾ رڌڻي ڏانهن وئي ۽ گلاس کڻي آئي ۽ جڳ مان پاڻي ڀري هُن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي پيارڻ لڳي. ڪجهه دير تائين سونل ماءُ کي ننڍڙن ٻارڙن جيان چنبڙي پئي ۽ گوڏي تي ننڍڙن ٻارڙن جيان ليٽي پيئي. ٿوري دير سامت ۾ اچڻ کان پوءِ ماءُ جي گوڏي تان اُٿي پاڻ سنڀالڻ لڳي. سندس ماءُ هن کي ڏسي پريشان ٿي وئي ۽ هُن کان پڇڻ لڳي، ”ڌيءَ توکي ڇا ٿيو تون ٺيڪ ته آهين نه، لڳي ٿو تو ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو آهي.“

هوءَ پنهنجي ماءُ جي ڳالهائڻ تي ڄڻ ڇرڪجي پئي، پر همت ڪري جواب ڏنائين، ”ها امان لڳي ٿو مون ڪو خواب ئي ڏٺو آهي، هاڻي مان ٺيڪ آهيان، اوهان ڀلي وڃي آرام ڪيو، مان به ٿوري دير سمهان ٿي.“

سندس ماءُ ته هلي وئي، پر هوءَ اکيون بند ڪري نه پئي سگهي، سندس کي لڳو ته جيئن پاڻ اکيون بند ڪندي ته خواب وري هن کي پريشان ڪندو. ان لاءِ سڄي رات اکيون کولي ويهي رهي ۽ ائين صبح ٿي ويو.

ٻئي ڏينهن شام جو سونل جي ساهيڙي مُرڪ جي ننڍي ڀيڻ سپيءَ جي سالگره هئي، پنهنجي ماءُ کان اجازت وٺي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مُرڪ جي گهر وئي.

شام جو هُن جي ماءُ، ڪپڙا الماريءَ ۾ رکڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ وئي، ان وقت سڄي الماريءَ جا ڪپڙا هيٺ مٿي لڳا پيا هئا.

’هِن ڇوڪريءَ کي ته هوش ئي نه آهي، جڏهن کان اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي آهي ته هن کان ته سڀ شيون ڇڏائجي ويون آهن، الماريءَ جي حالت ڇا ڪئي اٿس. هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي. الماريءَ مان سڀ ڪپڙا کڻي بيڊ تي رکندي وئي. ڪپڙا جيئن بيڊ تي رکڻ لڳي ته ڪجهه ڊائريون اچي پَٽ تي ڪِريون ۽ ان مان ٻه ٽي فوٽو به پٽ تي ڪِريا، ۽ ٻن ٽن اخبارن جون ڪٽنگس پڻ ان ڊائرين مان هيٺ ڪِريون. سندس ماءُ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جون ڪٽنگس پٽ تان کنيون، ۽ بيڊ تي ويهي رهي.

هيءُ فوٽو ته اُهي هئا جن ۾ سونل ۽ مُرڪ کي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ملي هئي، ۽ انهيءَ تصوير ۾ سونل ۽ مُرڪ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر کان ڊگري وصول ڪري رهيون هيون ۽ ڀر ۾ هڪ فل سوٽ شخص بيٺل هو، ان جي ئي تصوير سڀني تصويرن ۾ ڦاٽل هئي ۽ وري اخبارن جي ڪٽنگس ۾ به ان جي ئي تصوير قئنچي سان ڪٽيل هئي. هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ دل ۾ عجيب وهم وسوسا وڪوڙجندا ويس، سوچڻ لڳي ته ڪٿي…… نه نه… ائين نه ٿو ٿي سگهي.

تصويرون ۽ اخبارن جون ڪٽنگس بيڊ تي رکيون، ۽ وري ڊائرين کي کولي پڙهڻ لڳي ته من ڪنهن ڊائريءَ ۾ سونل جي ڪا لکڻي لکيل هجي، جنهن مان ڪا حقيقت ظاهر ٿئي. ڇو ته  هُن کي خبر هئي ته سونل کي روزاني ڊائري لکڻ جي عادت آهي.

هوءَ ٻن سالن کان اڳ واري ڊائري کڻي هڪ هڪ پني پني کي اڳيان پٺيان ورائڻ لڳي. ڏڪي به رهي هئي ۽ آهستي آهستي پنا ورائيندي ٿي وئي ۽ ڊائري ۾ آخري پنا پڙهڻ شروع ڪيا، جتي هن کي هڪ صفحو  ’ڪاري رات‘ جي عنوان سان لکيل مليو. جنهن ۾ لکيل هو.

منهنجي دوست مُرڪ کي سندس ڊپارٽمينٽ جي استاد آفيس ۾ سڏايو، مُرڪ مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلي ۽ انهيءَ استاد، مُرڪ کي ۽ مون کي به مبارڪون ڏنيون، ۽ ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي هُو ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ مُرڪ جي ويجهو اچي هُن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. مُرڪ سڄي پگهر ۾ شل ٿيندي وئي، هوءَ ڪجهه ڪُڇي نه سگهي ۽ ڊپ ۾ وٺجي وئي، پر مون کي الائي ڪهڙي همت اچي وئي، جو اُن استاد کي چماٽ وهائي ڪڍي. انهيءَ وقت استاد پنهنجي بيعزتي محسوس ڪئي ۽ ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو، پر هن آخر ۾ اهو چيو ته: ”اوهان کي ان جو جواب ضرور ملندو.“

 ”ها ها اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اُهو ڪيو مان ڊڄڻ وارن مان نه آهيان، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اسان ڇوڪريون ڪمزور آهيون ۽ اها اوهان جي ڀُل آهي. آءٌ چاهيان ته اوهان تي حريسمينٽ جو ڪيس ڪرائي ٿي سگهان.“ مان جذباتي ٿيندي ويس ۽ مُرڪ منهنجو هٿ جهليندي مون کي ٻاهر وٺي وئي.

مُرڪ ته ڏاڍي ڊنل هئي ۽ ڪجهه ڏينهن مون کي جڏهن به اهو منظر ياد ايندو هو، ته دل چوندي هئي ته هُن استاد کي ڪا سيکت ڏجي، پر مُرڪ جي منع ڪرڻ تي آءٌ خاموش رهيس، پر اها خبر نه هئي ته اها خاموشي مون کي به هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيندي، مان جيڪا ايڏي بولڊ هوندي، ڊپ کان ڪنهن سان به ڳالهه شيئر نه ڪري سگهيس، بس دل ئي دل ۾ لُڇندي ۽ ڦٿڪندي رهيس.

سندس ماءُ جڏهن ڊائري پڙهي بس ڪئي ته هن جي اکين ۾ ڄڻ تِرورا ايندا ويا، سڄي پگهر ۾ شل ٿي وئي هئي ۽ هن جا حواس ئي جواب ڏئي ويا. هوءَ ڏڪي رهي هئي. هُن کي ڪيتري دير کان هوش نه هو، ۽ هوءَ پنڊپهڻ ٿي اُن ڊائريءَ جي هڪ هڪ لفظ کي دل اندر ۾ وڏي ڪَرب مان لاهيندي ٿي وئي ۽ ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويس.

هُن کي چار سال اڳ سونل جي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ۾ سليڪشن وقت خوشيءَ جو منظر اکين اڳيان اچي ويو. ڪيئن نه سڀني کي ڀاڪر پائي فخر مان جهمريون هڻي رهي هئي ۽ اها ٻچڙي........ منهنجي .............. ايتري وقت کان..............هوءَ اندر ۾ ڇڄي پئي.

ڪجهه دير تائين پاڻ ڪمري ۾ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جي ڪٽنگس کي هٿ ۾ رکي ويٺي، هن کي خبر ئي نه پئي ته سونل به هن جي مٿان اچي بيٺي ۽ جڏهن سونل، ماءُ جي هٿن ۾ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جون ڪٽنگس ڏٺيون ته گهٻرائجي وئي. هوءَ ماءُ ڏانهن به نهاري نه سگهي، پلنگ تي پرس رکي هوءَ ماءُ جي ڀر ۾ خاموشيءَ سان ويهي رهي.

ان وقت ٻنهي جي اکين ۾ لڳاتار ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ ٻنهي اندر جي درد کي اورڻ لاءِ هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀريو.

 

عام طور تي اسان وٽ ”نڪته چيني“ کي ”تنقيد“ چيو ويندو آهي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي، جيڪڏهن اوهان دنيا جي وڏن وڏن ليکڪن جي انٽرويوئن، ليڪچرن ۽ مضمونن کي پڙهندئو ته انهن مختلف لفظن ۾ ”تخليقي ادب“ جي هڪ ئي وصف (definition) بيان ڪئي آهي. اها ڪجهه هن ريت بيهي ٿي ته، ”زندگيءَ جي هزارها مختلف پهلوئن کي ڳولي ائين پڌرو (Explore) ڪرڻ جو اها لکڻي هڪڙي طرف پڙهندڙ جي حسنِ جمال (aesthetic Sense) کي ڇُهي، ته ٻئي پاسي پڙهندڙن جي ذهن ۾ سوال ڇڏي وڃي. ”ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جا مامرا پڙهندڙ کي حل ڪرڻا آهن ۽ ليکڪ ڪو مبلغ نه هوندو آهي، جيڪو پروپئگنڊا ڪندو وتي. اهڙي ساڳئي طرح ”تنقيد“ جي اها ڊيفينيشن سامهون اچي ٿي، ته، ”تنقيد اُنهيءَ کي چئبو آهي، جيڪا تخليقي ادب جي مختلف پهلوئن کي کولي پڌرو ڪري.“

عبدالقادر جوڻيجو

ڪتاب ”قلم جا وارث“ مهاڳ، ص 10 تان کنيل

نفيس احمد شيخ

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي- سنڌ جو مُحسن

 

سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي ”بين الاقوامي سطح“ تي متعارف ڪرائڻ واري اولين تاريخي ڪامياب ڪوشش جي نيڪنام مُحرڪ، سنڌ سڄڻ مُحسن جو قابل صد احترام نالو آهي: ”ڊاڪٽر هربرٽ ٽاور سورلي“. نه فقط ايترو، پر عالمي شاعريءَ جي تقابلي مطالعي جي پس منظر ۾، ناقدانه اڀياس ڪندي، دنيا جي چند چونڊ مشهور ترين شاعرن جي فڪر سان ڀٽائي صاحب جي حيات آفرين پيغام جي ڀيٽ ڪندي، صاف ثابت ڪيائين ته ”شاهه عبداللطيف ئي دنيا جو وڏو شاعر آهي.“

ڊاڪٽر سورلي جو تعلق برطانيه سان هو. سندس جنم جي تاريخ 12- اپريل 1892ع آهي. انگريزن جي راڄ ۾، 1915ع ۾، ننڍي کنڊ جي سِول سروس ۾ چونڊجڻ سان هُو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. سُتت ئي بامبي سرڪار سندس خدمتون سنڌ ڪمشنريءَ جي حوالي ڪيون، جتي هُن ٻين ڪيترن ئي اعليٰ انتظامي عهدن تي ڪم ڪرڻ سان گڏ جيڪب آباد، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر ۽ ٿرپارڪر ۾ ڊپٽي ڪمشنر (ڪليڪٽر) جي حيثيت ۾ خدمتون بجا آنديون، بعد ۾ 1952ع تائين پاڪستان سرڪار جي سينٽرل بورڊ آف روينيو ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين.

ڊاڪٽر سورلي سنڌ ۾ پنهنجي مصروف ملازمت جي دوران وقت ڪڍي، سنڌ جي متعدد ٻين علمي موضوعن سان گڏ خاص طور تي شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي ڳوڙهي تحقيق ڪرڻ جو قصد ڪيو. وقت گذرڻ سان، شاهه صاحب جي روح پرور پيغام جي پُربهار اثر سندس دل و دماغ تي ايترو ته پُرڪيف واڌارو ڪيو، جو انهيءَ موضوع تي، بلاناغه، باضابطه تحقيق ڪرڻ لاءِ هُن بامبي سرڪار کي استدعا ڪري پنهنجي بَدلي حيدرآباد ۾ ڪرائي، ته جيئن هُو ڀٽ شاهه جي ويجهي هجڻ سان پنهنجي محبوب شاعر تي وڌيڪ ۽ ڀرپور علمي ڪم، دلجمعيءَ ۽ خاطر خواهه انداز سان ڪري سگهي. 1926-1927ع ۾ جڏهن هُو حيدرآباد ۾ ڪليڪٽر هو، تڏهن هر جمعرات تي، پابنديءَ سان هُو ڀٽ شاهه تي پهچي سڄي رات لطيفي اڱڻ ۾ گذاريندو هو، جتي پرڀات تائين لطيفي راڳ ٻُڌڻ ۽ اُن تي تحقيق ڪرڻ سان گڏ، سگهڙن ۽ سالڪن کان شاهه صاحب بابت معلومات جمع ڪندو هو، جيڪا ڇنڊڇاڻ کان پوءِ سندس مثالي تحقيق لاءِ مفيد ثابت ٿي.

37 کن سالن جي طويل عرصي جي دوران، گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ نوڪري ڪندي، سورلي صاحب، سنڌ جي ادب ۽ ڪلاسيڪي شاعري، تصوف ۽ تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي مختلف پهلوئن کان وڌ کان وڌ آگاهه ٿيڻ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ تي دسترس پڻ حاصل ڪري ورتي. کيس سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ تي عبور حاصل هو. سنڌ جي مختلف موضوعن تي سندس مضمون سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.

شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ سان پنهنجي والهانه عشق جي بنياد تي، پنهنجي پي ايڇ.ڊي لاءِ تحقيقي ٿيسز جو عنوان شاهه صاحب کي ئي مقرر ڪيائين، جنهن تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني.
”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ نالي سندس اهو ڪتاب 1940ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو، جنهن جي اشاعت سان شاهه صاحب جي پيغام کي عالمي سطح تي، پهريون ڀيرو، ڀرپور تعارف حاصل ٿيو. پنهنجي اٿاهه پيار جو اهو پُرخلوص پورهيو، سورلي صاحب ”سنڌ جي ماڻهن“ ڏانهن منسوب ڪيو آهي
.

سنڌ جي حوالي سان، ڊاڪٽر سورلي جو هڪ ٻيو وڏو علمي ڪارنامو سندس تقابلي مطالعو ميوزا پرويگنس (Musa Pervagans) آهي. انهيءَ اڀياس ۾ ڊاڪٽر صاحب، مختلف ملڪن جي مختلف معروف ٻولين (يوناني، لاطيني، فرينچ، اطالوي، عربي، فارسي ۽ اردو) جي هاڪارن نمائنده شاعرن جو چونڊ ڪلام ترجمي سان ڏيئي، سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ لاءِ افضيلت ثابت ڪري پنهنجي عالمانه راءِ ڏني ته ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي.“ سندس اهو ڪتاب 1952ع ۾ اَبردين يونيورسٽي پريس لنڊن مان شايع ٿيو.

1952ع ڌاري جڏهن هُو منصبي خدمتن کان فارغ ٿيو، تڏهن سنڌ جي اُن وقت جي دانشمند منسٽر، آنربل پير علي محمد راشديءَ جي تحرڪ تي، سنڌ سرڪار کيس ”سنڌ گزيٽيئر“ لکڻ جو ڪم سونپيو، جنهن تي هُن صاحب ورهين جا ورهيه جيڪا عرقريزي ڪئي، سا انهيءَ جامع جلد مان صاف ظاهر آهي. بعد ۾ هُو روڊيشيا (زمباوي) لڏي ويو، جتي سالسبري (حراري) ۾ ڊسمبر 1959ع ۾ مذڪوره تحقيق مڪمل ڪري، اولهه پاڪستان سرڪار جي حوالي ڪيائين. اهو ضخيم گزيٽيئر بعد ۾ 1968ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي سنڌ جي علمي اثاثي ۾ هڪ خاص اهميت حاصل آهيي.

سنڌ جي مُحسن ڊاڪٽر سورلي پنهنجي پوئين حياتي آفريڪا جي ملڪ روڊيشيا ۾ گذاري، سندس وفات جي تاريخ 7- آگسٽ 1968ع آهي.

مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل بين الاقوامي ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي پُڄاڻيءَ تي، بعد ۾ حيدرآباد ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان هڪ اسپيشل ڪانووڪيشن ۾ مشهور مستشرقہ ڊاڪٽر انيمري شمل ۽ ڊاڪٽر سورلي کي ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏنيون ويون. نيڪنام عالم جي ڊگري (بعد از مرگ) لنڊن مان آيل سندس نياڻيءَ ورتي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org