سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:14 

ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

 

 

 

ڊاڪٽر پريم ’پرڪاش‘

تجرباتي- ائبسرڊ ناٽڪ جو باني

 

قدرت جو نيم آهي بدلاءُ. ڪائنات جي هر چيز ۾ بدلاءُ ايندو آهي ۽ اُهو ضروري به آهي. ساهت ۾ به بدلاءُ وقت به وقت ايندو رهي ٿو. جيئن ڪنهن ڳالهه جو روزانو ورجاءُ بوريت آڻيندو آهي، ساڳيءَ طرح ڪلا جو ڪوبه ماڌيم ساڳيو ساڳيو دهُراءُ، هڪ ئي طرز- ڍنگ سان هلڻ ڪري درشڪن کي نراس- نااُميد، بور ڪندو آهي ۽ ٿڌائيءَ جو باعث بڻجندو آهي. ساڳي ڳالهه، سنڌي ناٽڪ سان پڻ آهي، اُن کي جديد بڻائڻ ۽ تازگي بخشڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن.

ناٽڪ کيتر ۾ پڻ هڪ نئين ڌارا جي شروعات ٿي، جنهن کي نئون ناٽڪ، ائبسرڊ ناٽڪ يا تجرباتي ناٽڪ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ناٽڪ کيتر ۾ نوان نوان تجربا ڪندڙ، سنڌي تجرباتي ناٽڪن جو پيڙهه جو پٿر رکندڙ، محقق، تاريخي شخصيت، سنڌي تجرباتي- ائبسرڊ ناٽڪن جو باني، ڊاڪٽر پريم پرڪاش  تجرباتي- ائبسرڊ ناٽڪن جي نئين ڌارا جو آغاز سنڌي ڊراما ورڪشاپ احمدآباد مان ڪيو. ڪمرشيل روايتي، مذاقي ۽ اسٿاپت ڪيل. ليڪ کان هٽي هن گروپ الڳ نوع، ڍنگ ۽ شئليءَ وارا ناٽڪ شروع ڪيا. ائين ته گوبند مالهيء جي ناٽڪ جهوءِ جي ڪناري کي هن شروعات جو هڪ ننڍڙو تجربو سڏي سگهجي ٿو، پر سنڌي ڊراما ورڪشاپ امپرووائيزيشن ۽ مائيم کي آڌار بڻائي هن نئين ڌارا کي اڳتي وڌايو. امپرووائيزيشن، ڪنهن به وشيه کي کڻي اُتي جو اُتي سوچي، حرڪتون، اشارا، ڪريائون ڪري، گفتگو پيش ڪري ڊراما خلقيا آهن. ’مائيم ۾ بنا ڊائلاگ ساريرڪ ڪريائون، هاو ڀاو پيش ڪيا ويندا آهن ۽ جڏهن رياض سان پختا بڻبا آهن، تڏهن هڪ ناٽڪي روپ اختيار ڪندا آهن.

هن سنسٿا طرفان پيش ڪيل ناٽڪ
وڻ‘، ’ڪوئي ڪڏهن ايندو‘، ’ترقي‘، ’موبائيل مساڻا‘، ’پردا‘، ’ڪاٺ‘، ’جڏهن زندهه هوندا هئاسين‘،’هن جو ڊپ‘، ’ديوار موٽي آهي‘، ’ايڪانڪيون ۽ امپرووائيزيشن‘، ’مورچابندي‘، ’فرشتن جي دنيا‘، سنڌي تجرباتي ڪيل ناٽڪ جلوس‘، ’اسپارٽڪس‘، هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ اُلٿو ڪيل ناٽڪ، ناٽڪ جي جديد موضوعن ۽ پيشڪشن جي نون تجربن ناٽڪ لاءِ نئين ڌارا اپنائيندي ناٽڪ ليکن ۽ منچن جي خيال کان ڪافي بدلاءُ آڻيندي سنڌي درشڪن اندر گنڀير ناٽڪ ڏسڻ جو لاڙو پيدا ڪيو.

نئين قسم جو بدلاءُ نه فقط احمدآباد، پر سڄي ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇانئجي ويو. ڪيترن ئي تعليمدانن، ماهرن  ڊاڪٽر پريم پرڪاش کي دل کولي داد ڏنو ته ڊراما ورڪشاپ جي آجيان ڪندي پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ’سنگيتا مخزن ۾ لکيو آهي ته:

بهرحال مان ته هاڻي مذاقي ناٽڪن مان بيزار ٿي پيو آهيان، جو اصلوڪن گنڀير ناٽڪن لاءِ پيو واجهايان، شڪر آهي آخر منهنجي تمنا پوري ٿيڻ جا آثار ڏسڻ ۾ پيا اچن. تازو احمدآباد مان هڪ اُتساهي نوجوان پريم پرڪاش جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌي ڊراما ورڪشاپ برپا ٿيو آهي، جيڪو پنهنجا تجرباتي ناٽڪ ڀارت جي وڏن شهرن ۾ ڏيکاري رهيو آهي.  مون سندس ڪي ناٽڪ ڪلڪتي ۾ ڏٺا آهن، مون کي پسند پيا آهن. ورڪشاپ جو مک متو آهي گنڀير ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ، مون کي خوشي آهي ته هُو سماج جا ننڍا وڏا پهلو ڏيکارڻ جي مقصد ۾ گهڻي قدر ڪامياب ويا آهن.(1).“

مان سنڌي ايڪانڪي ناٽڪ جي پِتا منگهارام ملڪاڻي صاحب سان سهمت آهيان. ڊاڪٽر پريم پرڪاش هندستان جي اُها  پهرين شخصيت آهي جنهن 1987ع ۾سنڌي ناٽڪ جي اوسر عنوان سان ٿيسز ڊاڪٽر ارجن ميرچنداڻي شاد جي رهبريءَ ۾ ممبئي يونيورسٽي مان ڪندي، پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽  1993ع ۾ اها ٿيسز سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر لکمي کلناڻيءَ جي سهڪار سان شايع ٿي، جنهن ٿيسز مان ڪيترن ئي  ليکڪن، کوجناتمڪ ڪم لاءِ حوالا ڪم آندا. مون کي پڻ ڊاڪٽر صاحب جي ٿيسز مان پنهنجي پي ايڇ.ڊي مقالي جي عنوان سنڌي ايڪانڪي ناٽڪن جو جائزو لکڻ لاءِ ڪافي حد تائين فيض رسيو.

ڊاڪٽر پريم پرڪاش سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ سان لاڳاپيل انيڪ ليک، مقالا، ڀومڪائون، سمپاديڪي، ريڊيو ليک، تقريرون، تنقيدي جائزا ۽ ٻين انيڪ شخصيتن جا انٽريو ڏنا ۽ ورتا آهن،  جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو آزمودو، اڀياس، انڀو، سوچ سمجهه رُخ ۽ لاڙن سان گڏ رنگ منچ جي درشٽي نکري بيٺي آهي.

گؤرڌن تنواڻي، سنڌي ڊراما ورڪشاپ
  بابت رايو آهي: ”سنڌيءَ ۾ نئين ڪهاڻي، ڪوتا- اڪوتا، ڪهاڻيءَ کان پوءِ جو قدم نئين ناٽڪ ۽ ائبسرڊ ناٽڪ جو آهي جو آغاز هڪ ئي نوجوان احمدآباد مان ٻين ساٿين سان گڏجي، نئين ائبسرڊ نون ماپن ارٿن کي ڪي سهج سمجهڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ پريم پرڪاش 1974ع ۾ سنڌي ڊراما ورڪشاپ شروع ڪري هڪ ٽيم ٺاهي ۽ ڏسندي ڏسندي هريش ڪڪواڻي، هرڪشن وديارٿي، ڄيٺو لالواڻي، سريچندڪيسواڻي، طوطل شوناڻي وغيره، امپرووائيزيشن لکڻ به لڳا ته عملي طرح اسٽيج تي به ڪرڻ لڳا. سنڌي ادب کي هنن جي ڪري نئين سوچ ۽ ٻوڌ مليو. ادب ۾ ڪجهه گنڀيرتا سان سوچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ نوان ملهه ماڻ سمجهيا، ڏٺا ويا. پريم پرڪاش انهن سڀني مان مک ۽ وڌيڪ گنڀير رهيو، جنهن پنهنجي زندگيءَ کان به وڌ، ناٽڪ خاص نئين ناٽڪ کي گنڀير کنيو(2).“

مان شري گؤرڌن تنواڻي جي راءِ سان سهمت آهيان. ڊاڪٽر ڄيٺولالواڻي سنڌي ناٽڪ سنڌي ڊراما ورڪشاپ بابت رايو ڏنو آهي ته:

ڊاڪٽر پريم پرڪاش احمدآباد جي نئين سوچ، طريقن کي احمدآباد جي گجراتي ناٽڪ سنسٿا اڪنٺ کان متاثر ٿي ساٿين ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، سريچند ڪيسواڻي، ناري پنجواڻي ۽ ٻين کي کڻي سنڌي ڊراما ورڪشاپ جي اسٿاپنا 1975ع ۾ ڪئي ۽ ڊاڪٽر پريم پرڪاش اڳ ۾ ئي نئين ڪهاڻي ۽ نئين ڪوتا ۾ اڳرو هو.“(3)

مان ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي راءِ سان سهمت آهيان. ڊاڪٽر صاحب جا سڀ ناٽڪ تجرباتي آهن. ورڪشاپ جي شروعات امپرووائيزيشن، مائيم سان ٿي، ڊاڪٽر صاحب جي ناٽڪن جو مجموعو
پيڙهي جو عشق اُن پرمپرا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ 15 تجرباتي ناٽڪ شامل آهن. ڊاڪٽر پريم پرڪاش جي تجرباتي ناٽڪن جو مجموعو پيڙهي جو عشق ڪتاب جا ناٽڪ، پيڙهي جو عشق، کاهي، فيصلو ۽ عمر جو پنجون ڏهاڪو، چار ئي ناٽڪ ڪجهه نواڻ کڻي آيا آهن. ايڪانڪي ناٽڪن ۾ نئين ناٽڪ جي اوسر ۾ اهم پارٽ ادا ڪن ٿا. هيءُ ناٽڪ زندگيءَ جي ذلت، نئين موڙ، بدلاءُ طرف اشارو ڪن ٿا ۽ تکائپ، ڇتائپ سان گڏ تکي طنز کي به اُڀارين ٿا. انساني نقلي مکوٽن، ٻهروپي چهرن، انسان جي اندرئين ۽ ٻاهرئين وهنوار کي به چٽو ڪن ٿا.

کاهي ناٽڪ ۾ هڪ ماستر ڪيئن نه پنهنجي گهر کان پري اپ ڊائون ڪري زندگيءَ جون ذلتون ۽ عام  لعنتون کڻي نوڪري ڪري ٿو ۽ جدا جدا انسانن پرنسيپال، مئنيجر، ليڊر، آفيسر، انسپيڪٽر ۽ ٻين جهڙن اڳيان ڪيئن غلامن جيان رهي ٿو، ڊڄي ٿو ۽ هر وقت ڊيوٽي لاءِ وڃڻ دٻاءَ هيٺ جيون بسر ڪري ٿو، جا چِٽ چِٽيل آهن ۽ هُو خفي ٿي، ڪاوڙ ۾ اهڙن انسانن ۽ ٽرسٽ جي ميمبرن کي بد شد ڳالهائي ٿو يا پليٽفارم- ويٽنگ روم ۾ ويهي ٽرين جي اچڻ جو انتظار ڪندي، باٿ روم ۾ هر هر وڃڻ جون ڪريائون ڪري ڪندو رهي ٿو. ناٽڪ نويس اهو ڏيکارڻ چاهيو آهي ته اها کاهي ئي آهي جنهن ۾ ايماندار، صحيح انسان گم ٿيندو ۽ ڪرندو وڃي ٿو. هُو پنهنجي نجيپڻي، شناخت کي وڃائي ٿو. زندگيءَ جي معنيٰ هئڻ، اجاين گهڙين پلن ۾ پنهنجو وقت برباد ڪندي، زندگي وڃائيندي، کاهيءَ ۾ ڪري پوي ٿو.

پيڙهيءَ جو عشق ۾ وڌندڙ عمر، ٻڍاپي جون باريڪيون، گنڀير طنز سان گفتگو رستي اڳتي وڪاس ڪنديون رهن ٿيون. هن ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش جو فن اعليٰ آهي. هن ناٽڪ ۾ زندگيءَ جي تمام بيهودگين کي شدت سان اُجاگر ڪيو ويو آهي۽ جدا جدا طرز کي چٽيو ويو آهي.

ناٽڪ نويس ناٽڪ ۾ ماحول جي عڪاسي، پلن گهڙين جي هر چُرپُر، هڪ چترڪار جيان جهٽي اُن جي تصوير پيش ڪئي آهي ۽ اُنهن گهڙين کي معنيٰ خيز بڻايو آهي.

فيصلو ٻال ناٽڪ آهي، اسڪول، اسڪول ٽرسٽون ٻاهران ڀل ڪيتريون به شاندار نظر اچن ٿيون، پر اُهي اندران ڪيتريون کوکليون آهن. ٽرسٽين جا چهرا ڪيترا ٻهروپي آهن. اُهو ٻارن جي مُک مان چواڻ هڪ پنهنجو پاڻ ۾ نواڻ آهي جيڪا ٻارن ذريعي اهڙن ٻهروپين تي تکي طنز آهي.

عمر جو پنجون ڏهاڪو ۾ استري پرش جي مان اپمان جي من جي حالتن جا چِٽ چِٽيل آهن، وڌنڌڙ عمر يا جوانيءَ جي ڍلجڻ کان پوءِ عورت مرد جي رشتن ۾ ڇو غلط فهميون ۽ شنڪائون پيدا ٿين ٿيون ۽ اُنهن جا ڪهڙا ڪهڙا سبب آهن. عمر جي پنجين ڏهاڪي ۾ اُهو پيار، محبت، سڪ، ڇڪ  نٿي رهي. اهو سڀ هن ناٽڪ ۾ ڏيکاريل آهي جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ نواڻ آهي.

ڪجهه ڪجهه‘، ’آواز‘، ’ڪجهه نه ڪجهه‘ ۽
لوچو هڪ اداڪار امپرووائيزيشن آهي، جن کي ورڪشاپ جي ڪوشش سڏي سگهجي ٿو.

هن مجموعي جا باقي  ناٽڪ ائبسرڊ پرمپرا جا آهن. سڀني ناٽڪن جي ڀاشا فيلسوفيءَ سان ڀرپور طنزيه آهي. حاضر جوابي گفتگوءَ کي اڳتي وڌائيندڙ جوابي تز وقتائتي ۽ ناٽڪ جي اوسر کي ضرورتن ۽ حالتن مطابق خود به خود اڳتي وڌائيندڙ آهي جا ناٽڪن جي هڪ خوبي ۽ ڊاڪٽر پريم پرڪاش جي لکڻيءَ جي ڏاهپ آهي. ڊاڪٽر صاحب وٽ زندگيءَ کي جيئڻ ۽ ماڻڻ جا انيڪ فلسفا آهن، جنهن جو اُپيوگ پنهنجي سوچ سمجهه سان جدا جدا ناٽڪن ۾ ڪيل آهي. ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ رايو ڏنو آهي:

پريم پرڪاش گهڻي ۾ گهڻا تجرباتي ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا آهن، ناٽڪن سان سندس لڳاءُ بي جوڙ آهي، هُو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ادارو آهي(4).“

مان ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي راءِ سان سهمت آهيان. ڊاڪٽر صاحب کي ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ڇو جو، هُو ناٽڪ نويس سان گڏوگڏ هدايتڪار، اداڪار ۽ بهترين چترڪار ته آهي ئي، پر نئين ڪهاڻي ۽ نئين ڪوتا پڻ رچيندڙ آهي. ڊاڪٽر پريم پرڪاش جدا جدا ڪهاڻين جو ناٽڪ روپانتر پڻ ڪيا آهن جيڪي منچ ۽ آڪاشواڻيءَ تان پرسارت ٿي چڪا آهن خاص ناٽڪ آهن، هن جو ڊپ، سخت چهري وارو ماڻهو، راجڪماريءَ جو ضد، پاڻ کان ڌاريا، گهنٽي، سڏ، عوام ۽ مشين ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي.

ڊاڪٽر پريم پرڪاش سنڌي ادبي کيتر ۾ ڪهاڻي ڪلاس هلائڻ جو پڻ باني رهيو آهي. هن اکل ڀارت سطح جا چڱا ڪهاڻي ڪلاس هلايا آهن، جنهن ۾ ڀارت ڀر جي نون چاهي بزرگ، وڏي پيڙهيءَ جي ڪهاڻيڪارن شرڪت ڪري پنهنجون ڪهاڻيون پيش ڪيون. ڪهاڻي ڪلاس سنڌيءَ ۾ پنهنجي ليکي هڪ نئون ادبي تجربو ته آهي، پر سنڌي ڪهاڻي جي وڪاس ۾ پڻ هٿي هڪ طرف ڏني آهي ته وري سنڌي ڪهاڻيءَ جو هر ڪنڊ کان تنقيدي جائزو وٺڻ چڪاس ڪرڻ ۾ اهم بڻيو آهي.

ڊاڪٽر پريم پرڪاش جا ڪيترائي طويل ايڪانڪي پڻ تجرباتي آهن.

مورچابندي ڪن ليکڪن هن مجموعي کي طويل ناٽڪ سڏيو آهي. موضوع ۽ فارم جي لحاظ کان هڪ نه پر انيڪ شخصن جي جيون ۾ انيڪ مورچابنديون ٿينديون رهن ٿيون جنهن جا چٽ هن مجموعي جي ناٽڪ ۾ پسڻ لاء ملن ٿا.

انسان جي جيون ۾ سياسي، قانوني، مالي بندوبست جتي هُو رهي ٿو، اُن جي چوگرد جو ماحول، شهرن، سوسائٽي، حالتن، وقت به وقت گهٽجندڙ واقعن، گهٽنائن ۽ ٻين پنهنجن ماڻهن طرفان گهيراءُ، مورچابنديون سڌي نموني يا اَڻ سڌي نموني ٿينديون رهن ٿيون. ايڪانڪيءَ جو پلاٽ ۽ ڪمپوزيشن جيڪا نظر اچي ٿي، اُها ڪجهه هن ريت آهي:

ناٽڪ ڏسندڙ چوڌاري اداڪارن جي، درشڪن جي منچ تي ناٽڪ کيڏيندڙ اداڪارن جي چؤطرف مورچابندي، فارم اندر، اُن جي اندر فارم جي مورچابندي، ساڳي حالت موضوع سان به آهي، هڪ اندر ٻيو، ٻئي اندر ٽيون .... ان ريت سلسلو هلندي موضوع جون مورچابنديون ٿينديون رهن ٿيون اهي ڳالهيون بندوبست، اداڪارن، گفتگو ذريعي هن وڏي ايڪانڪيءَ ۾ جوڙيو آهي. هيءُ ايڪانڪي پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تجربو آهي. هيءُ ناٽڪ سياسي طنز جو سنڌيءَ پهريون ناٽڪ آهي جنهن ۾ پلاٽ، نائڪ، نائڪا، واقعن، گهٽنائن جو ڪوبه سلسلو جڙيل نه آهي، هڪ علامتي ناٽڪ آهي. هي ايڪانڪي اديبن جي وچ۾ ووادي پڻ رهيو آهي.

هن ناٽڪ لاء هريش واسواڻي جو رايو آهي ته:

مورچابندي سنڌي ايڪانڪيءَ جي تواريخ ۾ جدا ٿي بيهي ٿو. اُن جيڪا نئين زمين ڳولهي آهي، اُن مان خود هڪ پرمپرا ڦُٽي سگهي ٿي جنهن کي اسين جديد ناٽڪ ليکڪن جو مورچو سڏي سگهون ٿا، پر مان اُن تي زور ڪونه ڏيندس. مان هڪ ڳالهه ڳنڀيرتا سان چوڻ چاهيان ٿو ته پريم پرڪاش ۾ هڪ صادق ڊراما آرٽسٽ موجود آهي جو آزادي نموني ڪجهه طئي ڪيل ڪري ٿو(5).“

مان هريش واسواڻي جي راءِ سان سهمت آهيان. مورچابندي ناٽڪ جو تبصرو لکندي  پريم ابيچنداڻيء جو رايو آهي ته:

ڪيتري وقت کان پوءِ سنڌي ادبي کيتر ۾ وري هڪ رچنا تڪرار ۽ وادوواد جي باعث بڻي آهي... بهرحال مورچابندي سياسي طنز تي پهريون نئون ناٽڪ آهي. جنهن ۾ ڪو پلاٽ، روايتي نائڪ نائڪا، واقعن جو سلسلو وغيره نه آهن. نئون ناٽڪ جنهن کي اسان جدت کان پوءِ جي ساهتڪ ڪال جي علامت ٿا سڏيون(6).“

مان پرم ابيچنداڻي جي راءِ سان سهمت آهيان. هيءُ ناٽڪ سنڌي ادب ۽ رنگ منچ جي لحاظ کان نئون ۽ ڪامياب ناٽڪ آهي.

ڊاڪٽر پريم پرڪاش جي ناٽڪن جو مجموعو مُڪتي هن مجموعي تي ڪجهه لکان، اُن کان اول مان هتي ٻڌايان، ته ڊاڪٽر صاحب جا خاص هي چارئي ناٽڪ اُن مان خاص باهه‘ ۽ پڪارون
ناٽڪ پڙهڻ بعد مان پنهنجي قلم کي روڪي نه سگهيس ۽ دل ئي دل ۾ کين کوڙ کوڙ سارا سلام ڪندي، مون هن وشيه تي مقالو لکڻ جو پڪو ارادو ڪندي، لکڻ لاء بي صبريءَ سان منتظر ٿيس. لکمي کلناڻي جو رايو آهي ته:

پريم پرڪاش جا اڌ ڊزن ناٽڪ پڪنڪ، مورچابندي، باهه، مڪتي، فرشتن جي دنيا، سيڙپ ۽ پڪارون جن جو منچن هدايتڪارن ۽ اداڪارن لاءِ وڏي چئلينجز کڻي ٿو اچي(7).“

منهنجا بزرگ ساهتڪار مون کي معاف ڪجو. لکمي کلناڻي جي راءِ ۾  هڪ لفظ جوڙيندي هڪ ٻي سچائي مان هت جوڙيان ٿي هدايتڪارن، اداڪارن ۽ ناٽڪ نويسن لاء پڻ وڏي چئلينجز کڻي ٿو اچي.

مڪتي مجموعي ۾ چار طويل ناٽڪ شامل آهن،  باهه، سيڙپ، مڪتي ۽ پڪارون.

باهه‘ هن طويل ناٽڪ ۾ ڏيکاريل آهي، هڪ نئين سوسائٽي جيڪا مساڻي ايريا، سڃ جي ايريا ۾ آهي. سوسائٽيء ۾ ڪيترائي بنگلا جنهن ۾ پنج گهر ئي مس رهيل آهن، هڪ گهر ڪردار ماسيءَ جو، ٻيو گهر ڪردار ديديءَ، ٽيون گهر ڪردار اديءَ، چوٿون گهر ڪردار 20 سالن جي نوجوان ڇوڪري شوڀا جو ۽ پنجون نئون گهر ڪردار اڪيلي جو ۽ جيڪا هن ناٽڪ ۾ ناٽڪ نويس ٻي پڻ نواڻ جوڙي آهي ته انسانن سان گڏ  جانور هڪ ٻلو ٻلي جو پڻ خلقيا آهن.

ناٽڪ نج سنڌي اسٽائيل ۾ شروع ٿئي ٿو. ناٽڪ نويس ناٽڪ عابده پروين ۽ ماستر چندر جي ڪلامن سان شروع ڪندي ڏيکاريو آهي، نئين گهر جي گهر ۾ باهه لڳي آهي،  پاڙي جون عورتون ماسي، ادي، ديدي، ۽ شوڀا نئين گهر ۾ لڳل باهه جي باري ۾ ڳالهائيندي. خبر پوي ٿي ته باهه اندر جي باهه، دل جي باهه، دماغ جي باهه، جسم جي باهه، آتما جي باهه، هر سٻنڌ، هر رشتي، هر ارمانن، وشواس کي باهه هر ماڻهو ۾ باهه ئي باهه وڪوڙيل آهي، باهه ۾ هرڪو وڪوڙيل آهي، جنهن ۾ هرهڪ گهر جلي رهيو آهي، باهه ته هر گهر ۾ لڳل آهي، پر فرق اهو آهي ڪنهن کي خبر پوي ٿي ته ڪن کي خبر ئي نه پوي ٿي. ڪنهن جي گهر اندر باهه آهي ته ڪن جي گهر ٻاهر باهه آهي. باهه نه فقط انسانذات کي وڪوڙي ويئي آهي، پر ناٽڪ جا جانور ڪردار ٻلو ٻلي به باهه جي چپيٽ کان آجا نه آهن، حقيقت اها آهي ته سڄي دنيا باهه جي چپيٽ ۾ آيل آهي جنهن ۾ نيٺ هر ماڻهو ڀسم ٿي ويندو.

لکمي کلناڻي هن ناٽڪ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ”لڳي ٿو ناٽڪ ۾ باهه انسان جي اتريت بڻجي ماڻهو جو سڀ ڪجهه ڀسم ڪري سگهي ٿي.

في الحال، هن ناٽڪ ۾ اندر جي سڀاويڪ باهه کي وٺي ڪردار پنهنجا هٿ سيڪيندي، پنهنجي هجڻ کي گرمائش ڏيئي پاڻکي زندهه رکي رهيا آهن(8).“

لکمي کلناڻي صاحب جي راءِ سان مان سهمت آهيان. ’سيڙپ هن ناٽڪ ۾ ڏيکاريل آهي ته انسان جيترو پئسي ۾ وڌي ٿو اوترو ئي انسانيت کان ڪؤ ڪري ٿو، هڪ اهڙي ڪردار جو چتر چٽيندي ناٽڪ نويس ڏيکاريو آهي. هڪ انڪل جيترو پئسي ۾ وڌيل آهي اوترو ئي هُو انسانيت کان ڪِريل آهي انڪل کي ڌنڌو وڌائڻ جو نشو ايترو حاوي آهي، جو پنهنجي گهر جا ڀاتي به هن لاء بزنس جي سيڙپ مثل آهن. پيءُ هوندي به هُو پيءُ کان پهرين بزنس مين آهي، هيءُ ايترو ڪِريل آهي جو بزنس وڌائڻ لاءِ نوجوان نياڻيءَ جو استعمال ڪرڻ کان ٿورو به نه ٿو ڇرڪي. جيڪو شخص زال ۽ ڌيءُ جو نه آهي، اُهو ڀلا گود ورتل ڀائٽي، ڀائٽيءَ جو ڪيئن ٿيندو؟

سندس ڀائٽيو سنيل ته چاچي جي ڪٺپتلي جيان هلي ٿو، جنهن جي ڏور اَنڪل وٽ آهي، سنيل هيسيل ۽ دٻيل ڄڻ جيئري لاش جيان آهي، جنهن جي ڀيڻ ديپڪا خاص ڀاءُ لاء آمريڪا مان آيل آهي. سنيل جي ڀيڻ، زال ۽ چاچي سنيل جي جيئري لاش ۾ جان ڦوڪڻ جي جفاڪشي ڪندي ڪيترائي حيلا هلائين ٿيون، پر سڀ وئرٿ وڃي ٿو. پل پل سنيل کي هڪ ئي دک ستائي ٿو ته مون کي اُن وقت ئي آپگهات ڪرڻ کپندو هو.

ناٽڪ نويس سهڻي اثردار ڍنگ سان سنيل جي پيڙا جو احساس هنن لفظن ۾ ٿو ڪرائي

مان پاڻ کان بدلو وٺي رهيو آهيان، شايد ان ڏينهن چپ چاپ انڪل سان هلي اچڻ جو، لڙائي نه ڪري سگهڻ جو، پڄي نه سگهڻ جو، پنهنجي وجود جو احساس نه ڪري سگهڻ جو، پوري ساهس سان انڪار نه ڪري سگهڻ جو، شايد اُن ڏينهن آپگهات نه ڪري سگهڻ جو؟ مان اُن ڏينهن ڀڄي ڇونه سگهيس؟

مان ان ڏينهن آپگهات ڇونه ڪري سگهيس؟ مان اُن ڏينهن انڪار ڇونه ڪري سگهيس؟“

ناٽڪ نويس سهڻي دلڪش اثردار ڌڪ سان سندس ڀيڻ ديپڪا، زال ڪويتا ۽ چاچي آنٽي، سنيل جي جيئري لاش کي شاعراڻي انداز ۾ سنيل جي خودي ۽ مردانگيءَ کي للڪارائيندي چون  ٿيون:

چئو ته نالو توکي ياد ڏياريان

قدرت جنهن کي مرد ٺاهيو
چئو ت
ه اها جنس توکي ڏيکاريان
آتم هتيا آهي اندر کي مارڻ
پنهنجا سڏ توکي ياد ڏياريان
ساٿ منهنجو توسان هميشه
تنهنجو ٻل مان پاڻ کي بڻايان
چئو ت
ه نالو توکي ياد ڏياريان
موٽ واپس تون موٽين جي
 
ڍال ب
ه مان پاڻ کي ٺاهيان
هجڻ جو احساس توکي ٿئي
تلوار ب
ه مان پاڻ کي بڻايان
چئه ت
ه نالو توکي ياد ڏياريان
غلام
آهين، چپ رهي جي سهين ٿو

 

مڙده آهين تون،
وجود لاء هڪ وروڌن ڪرين ٿو
خون تنهنجي
۾ نه جي باهه مچايان
چئه ته توکي نالو توکي ياد ڏياريان
قيد ٽوڙي نرڪ کان ٻاهر
اچ تون
پنهنجي سواس جو احساس ڪر تون
ڇو پنهنجي هستي
ءَ کي ڪفن ڏيئي

قبر جو رستو ڏيکاريان
قدرت جنهن کي مرد ٺاهيو
چئو ته اها جنس توکي ياد ڏياريان(9)
.“

 

پر سنيل جي رٽ آخر تائين قائم آهي ته مان اُن ڏينهن آپگهات ڇو نه ڪري سگهيس؟

مڪتي ناٽڪ جي شروعات سچل جي ڪلام سان شروع ڪندي ناٽڪ نويس ڏيکاريو آهي ته ڪپڙي جي مل جا چار ملازم مسٽر ڇاٻڙيا، مسٽر نانڪاڻي، مسٽر راماڻي ۽ ساڌو رام لفٽ ۾.

آفيس ۾ ڪم وڌيڪ هئڻ سبب آرتوار موڪل جي ڏينهن  تي به  آفيس اچن ٿا ۽ ڪم پورو ڪندي گهر وڃڻ لاءِ چارئي لفٽ ۾ چڙهن ٿا. اَچانڪ لفٽ ٻن فلورن جي وچ ۾ اَٽڪي پوي ٿي. ملازمن جو ڌيري ڌيري ساهه مُنجهڻ لڳي ٿو ۽ لفٽ مان آزاد ٿيڻ لاء بچايو! بچايو! جا آوازڪندي لفٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. لفٽ جي پڃري ۾ ڦاٿل وجود جي علامت اهي جنهن مان انسان نڪرندي مڪتي چاهن ٿا. ساڌورام لفٽ مين کين سنڀالي بيٺو آهي.

پڪارون 26- جنوري 2001ع تي گجرات ۾ آيل قدرتي ڪوپ زلزلي جي قدرت طرفان ۽ پنهنجي طرفان تباهيءَ ڪري انساني ڪشمڪش ۽ لڙائيءَ جو اتهاسڪ دستاويز آهي. ناٽڪ پڪارون ۾ ناٽڪ نويس ان ڪوپ جو خوفناڪ منظر اهڙو چٽيو آهي، جو ناٽڪ شروع ٿيڻ کان آخر تائين لِڱَ ڪانڊراجن ٿا. ڊپ ۽ خوف، دل ۽ دماغ تي آخر تائين ڇانيل رهي ٿو، جو ان ڊپ جو احساس ناٽڪ پڙهي پورو ٿيڻ کان پوءِ به هڪ هڪ ڪردار جون دل دهلائيندڙ چيخون ڇرڪ ڀريندي احساس ٿئي ٿو ڄڻ هرهڪ ڪردار اسان جا پنهنجا ويجها مائٽ آهن.

ناٽڪ جي رچنا 22 سينن ۾ ٿيل آهي، هرهڪ سين ۾ بچايو بچايو، ٻارن جون چيخون، بزرگن جون چيخون، عورتن، مردن، جوانن جون چيخون ڪنن ۾ گونججن ٿيون، ڪاليج، ٽائون، هال، عمارتون، مڪان ڪرندا رهن ٿا، ڌرتيءَ ۾ دٻجندا رهن ٿا. ڪنهن جي ٽنگ، ڪنهن جي ٻانهن، ڪٿ، هٿ، ڪٿي، مٿا، ٽنگون، ٻانهون، اڱريون انهن انسانن جو ڪٽيل اَنگ،  مدد لاء پڪارن ٿا، مدد لاءِ ڪي خدا کي ڪي الله سائين کي ته درد ڀري آواز ۾ شاهه جا ڪلام ڳائي رهيا آهن، سڄو گجرات زلزلي جي چپيٽ ۾ سورت، سريندر نگر، موربي، ڀاونگر، ڄامنگر، راجڪوٽ جي آسپاس به ڪافي تباهي ۽ نقصان ته ٿيو ئي آهي، پر هن جو مرڪز ڀڄ آهي، ڀڄ جي چئني طرف وناشڪاري تباهي ٿي آهي. ڀڄ سڄو ڊهي اچي پٽ پيو، مڪان، بنگلا، ماڙيون، سڀ ريتي ۽ پٿر جي ڍير ۾ بدلجي ويا آهن، جن مان دٻيل جيون جي چرپر ۽ دردناڪ دانهون دل کي ڪمزور ڪن ٿيون.

ناٽڪ نويس ناٽڪ جي 22 سينن مان 21 سينن ۾ دل دهلائيندڙ، ڇِرڪ ڀرائيندي اکين ۾ آب آڻيندڙ جملا استعمال ڪيا آهن ته ناٽڪ جي 22 نمبر سين ۾ ناٽڪ نويس وحشي دردندن ۽ حيوانن جو منظر چٽيو آهي جيڪي لاشن تان زيور ۽ رقم چوري ڪري رهيا آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب جي

پڪارون ناٽڪ جون شروعاتي سٽون مان هت لکان ٿي:

هِت هُت تباهه پريوار منهنجا ئي ته آهن!

هِت هُت بچيل پريوار به منهنجا ئي ته آهن!!.

ناٽڪ نويس جي لکڻيءَ کي داد آهي جو هيءُ ناٽڪ پڙهڻ کان پوء واقعي منهنجي  اکين ۾ به اهڙو خوفناڪ منظر ڇانيو جو ازخد منهنجي اکين مان  ڳوڙها ائين وهڻ لڳا ڄڻ سچ پچ ناٽڪ جا اهي ڪردار پنهنجا ئي ويجها عزيز آهن.

مددي ڪتاب

  1. سنڌي ناٽڪ، ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ جي چڪاس، اوسر ۽ سمالوچنا، ليکڪ: ڊاڪٽر پريم پرڪاش، پبلشر: انڊس فائونڊيشن جي مالي مدد سان، مهاڳ لکمي کلناڻي،
    سال2001ع

  2. اسٽيج مخزن، ليکڪ: گؤرڌن تنواڻي، سمپادن ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، اسٽيج پبليڪيشن، سال 1986ع - ص

  3. سنڌي ناٽڪ جي چونڊ تنقيد، سمپادڪ: ڊاڪٽر پريم پرڪاش، پبلشر ساهت اڪاڊمي- ص142

  4. وقت ۽ ويچار، ليکڪ: ڊاڪٽر موتي پرڪاش، پبلشر ليکڪ پاڻ، سال 2010

  5. مورچابندي، ليکڪ: ڊاڪٽر پريم پرڪاش، ٻه اکر هريش واسواڻي، پبلشر سنڌي ڊراما ورڪشاپ

  6. رچنا مخزن، ليکڪ: پريم ابيچنداڻي، پبلشر لکمي کلناڻي

  7. مڪتي، ليکڪ: پريم پرڪاش، مهاڳ لکمي کلناڻي

  8. ايضاً، ص 88

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org