عبدالقادر کوسو
پندرهين صدي هجريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
رسالي ۽ سوانح جو وڏو محقق ۽ شارح
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سَڌَرَسين سَڱ ڪري، پَرکنڊين پِياسِ،
نه ته ڪير برهمڻ ڪن جي، ڪيرڄاڻي ڪِيڻاسِ،
هُوند نه سِنڌ سُياسِ، پَر اِنَ پُرئين ڪيس پڌري.
1917ع ۾ جنم وٺندڙ ”ڳوٺ جعفر خان لغاري“ جو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اُهو عالم، لوڪ ادب جو
ماهر ۽ لطيف جو شارح آهي جنهن جو وڏو ڏاڏو جعفرخان
لغاري ديس جو اُهو اَرڏو ۽ سُورهيه ماڻهو هو، جنهن
سَرچارلس نِيپيئر کي کُتو جواب ڏياري موڪليو هو ته
مان ڌارئي جي درٻار ۾ سَلامِي نه ڀَريندُس.
سنڌ ڌرتيءَ جي ڪاپڙِي خان کوسي پڻ ننگر پارڪر جي
نَٿَ بچائي ۽ سَرچارلس نيپيئر جي درٻار ۾ سَلامي
ڀرڻ کان انڪار ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاءِ پڙهيم ته پاڻ پَليي
خان لغاري پرائمري اسڪول ۾ ابتدائي تعليم نهايت
غُربت واري عالم ۾ پاس ڪئي، ان کانپوءِ
نوشهروفيروز مدرسي ۾ مئٽرڪ پڙهيو ۽ سنڌي مسلمان
هجڻ جي ناتي، سندس مئٽرڪ ۾ ٻي پوزيشن آئي ۽ کيس
ويهه رپيا اسڪالرشپ ملي. يارهين جماعت جو امتحان
ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڏنائين، سندس خرچ وڌي ويو
۽ مفت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جُهوناڳڙهه ۾ ٻارهين جي
داخلا ورتائين ۽ اُتان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين.
ان کانپوءِ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم.اي عربيءَ
۾ پاس ڪيائين. عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ خاڪسار تنظيم
جو سرواڻ رهيو، جواهر لال نعرو ۽ قائداعظم محمد
علي جناح سان به سندس ملاقات ٿي. سنڌ جو هيءُ برک
اديب ۽ عالم عليڳڙهه يونيورسٽي کانپوءِ آمريڪا جي
ڪولمبيا يونيورسٽي مان ايڊيوڪيشن ۾ ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري حاصل ڪري علم جو ڊاڪٽر ٿيو.
سنڌ جي سدا حيات شاعر شاه سائين جي سوانح ۽ رسالي
تي ڊاڪٽر بلوچ کان پهريائين جن مُحققن ۽ شارحن ڪم
ڪيو آهي، اُنهن ۾ ايڇ.ٽي سورلي، ميرعبدالحسين خان
سانگي، ميرعلي شير قانع ٺٽوي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ،
ليلارام وطڻ مل لالواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مولانا
دين محمد وفائي، مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام،
ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو،
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي،
علامه آءِ.آءِ قاضي، غلام محمد شاهواڻي ۽ ڪلياڻ
آڏواڻي، ٻانهون خان شيخ، سميت ٻيا به کوڙ سارا
سنڌي عالم آهن جن شاه سائين جي سوانح ۽ رسالي تي
سگهارو قلم کنيو آهي پر مُنهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن محقق
شاه سائين بابت جيڪا ڄاڻ ڏني آهي، اُها پهريان
وارا محقق ۽ شارح شايد ڏئي نه سگهيا آهن.
مثال طور: شاهه ڪٿي ڄائو؟ ننڍپڻ ڪٿي گذاريائين؟
شاه لطيف اڻپڙهيل هو يا پڙهيل؟ شاهه جي جوانيءَ
وارو وقت ڪٿي ۽ ڪيئن گذريو؟ شاه جي شادي ڪڏهن ۽
ڪيئن ٿي؟ شاهه حبيب ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪئي؟ ڀٽ تي
راڳ ڪڏهن شروع ٿيو؟ ڀٽائي جي وفات کانپوءِ گادي
نشينيءَ جو مسئلو ڪيئن حل ٿيو؟
هن سڀني سوالن جا جواب ڪنهن حد تائين تسلي بخش صرف
ئي صرف جيڪڏهن ڏئي سگهيو آهي ته اُهو ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ ئي آهي.
بلوچ صاحب جي تحقيق کان پهريائين ميرعلي شير قانع
ٺٽوي پنهنجن ٽن ڪتابن- معيار سالڪانِ طريقت،
تحفةالڪرام، مقالات الشعراء ۾ رقم طراز آهي ته:
شاهه سائين تارڪ هو، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو
ته، ڀٽائي جي زماني ۾ شاه عبداللطيف جي نالي سان
ڪم ازڪم پنج هئا. ٻه ٺٽي جا هئا ۽ هڪڙو نصرپور ٻيو
ڀٽ شاهه ۽ ٽيون هالا جو هو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته
”تارڪ“ اصل ۾ شاهه عبداللطيف نصرپور وارو هو، جنهن
کي ميرعلي شير قانع ڀُل وچان سيد عبداللطيف ڀٽ
وارو سڏيو آهي. هن لاءِ لکي ٿو ته برابر اهو سيد
عبداللطيف نصرپوري، مخدوم نوح سرور جي مريدن مان
هو ۽ هن سڀ ڪجهه ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ هن ٺٽي جي حاڪم
جي چانورن سان ڀريل ٻيڙي به لُٽائي ڇڏي هئي.
ڊاڪٽر بلوچ کان پهريائين اسان سنڌين کي شاهه سائين
جي ناناڻن بابت به پوري خبر نه هئي ته اُهي ڪير
هُئا ۽ شاه سائينءَ جي سوانح مُبهم هئي، پر ڊاڪٽر
بلوچ صاحب اهو ثابت ڪيو ته قندر فقير ڏيرو جيڪو
ستين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو، سنڌ ۽ ملتان جي ولي
غوث بهاءالدين زڪريا جو خليفو هو ۽ سندس گهر واري
مائي سُئي يا سوئي جيڪا ذات جي هڪڙي هئي سا به وڏي
پهتل درويش هئي، ايتري قدر جو هن پارسا مائيءَ جو
نالو پنهنجي خاوند کان اڳ ۾ اچڻ لڳو ۽ سندس مقام
به ’سُئي قندر‘ وارو مقام سڏجي ٿو. هنن درويشن جي
ثابت پوٽا پاڙي مان مِيون عُرس فقير ڏيرو شاهه
سائينءَ جو نانو هو، شاه سائينءَ جي جنم جي هنڌ
بابت به مختلف روايتون قلمبند ٿيل هُيون جن ۾
ڀِينءَ پور، ڪوٽڙي بيگ مغل ۽ هالا حويلي پڙهندا
آيا آهيون. پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڌ صديءَ جو
اُهو محقق ۽ شاهه جي رسالي جو شارح آهي جنهن
پنجاهه سال جي تحقيق کان پوءِ اهو ثابت ڪيو ته شاه
سائين ديهه سُئي قندر سروي نمبر 134 (شاهه حبيب جا
ڪنڊا) حويليءَ ۾ ڄائو.
شاهه سائين بابت اُمي هجڻ واري ڳالهه به ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ هڪ خط ذريعي چِٽي ۽ ثابت ڪري ويو آهي
ته شاهه سائين نصابي تعليم ڪا نه ورتي، عالميت جي
پڳ ڪانه ٻڌي، پر قرآن شريف ۽ ابتدائي فارسيءَ
تائين استادن کان پڙهيا هئا. ان جو دليل ڏيندي چوي
ٿو ته شاهه سائينءَ کي هميشه ٽي ڪتاب ساڻ هوندا
هئا. قرآن شريف، شاه ڪريم جو بيان العارفين،
مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي. مِيوُن صلاح،
شاهه سائينءَ وٽ اُهو عالم هو جيڪو ڀٽائيءَ جي
مجلس ۾ مولانا روميءَ جي مثنويءَ مان بيت پڙهندو
هو.
ڊاڪٽر بلوچ، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ ڏانهن فارسي
ٻوليءَ ۾ لکيل خط ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو
جوابي لکيل فارسيءَ وارو خط هٿ ڪري پنهنجي ترتيب
ڏنل رسالي ۾ لکي ويو آهي.
شاهه سائينءَ جي رسالي تي وقت بوقت پڙهڻين، بيتن
جي تعداد، محاورن کي سمجهڻ ۽ لفظن جي معنائن بابت
تحقيق ٿيندي رهي آهي ۽ اها تحقيق قيامت تائين
ٿيندي رهندي، ڇو ته قرآن شريف جو تفسير، مولانا
روميءَ جي مثنوي ۽ شاهه جو رسالو اهڙا ڪتاب آهن جن
بابت بين الاقوامي سطح تي نت نئين تحقيق جاري آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو ترتيب ڏيڻ
کان پهريائين لکي ٿو ته هُن شاهه سائينءَ جو رسالو
ترتيب ڏيڻ کان پهريائين ٻاونجاهه رسالا ڀيٽيا آهن،
جن ۾ چاليهه قلمي لکيا اٿس ۽ ٻارنهن ڇاپِي لکيا
اٿس.
ڀٽائيءَ جي رسالي بابت سيد ميران محمد شاهه 1950ع
کان لطيف يادگار ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب مرحوم انهن ڏينهن کان وٺي ورسيءَ جي
ڪاروائيءَ جو نگران ۽ ميزبان ٿيو ۽ پاڻ لطيف
يادگار ڪميٽيءَ جو اعزازي سيڪريٽري پڻ ٿيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعاتي
ڏينهن کان وٺي سنڌي لُغات تي ڪم ڪرڻ ۽ ان بابت سوچ
۽ فِڪر ۾ رهندا هئا. سنڌ ۾ تحقيق جي معيار جي ڀيٽ
ڪنداسين ته اسان کي وڏو فاصلو نظر ايندو، ان جا
بنيادي سبب محققن ۽ اسڪالرن جي همت افزائي نه ڪرڻ،
تحقيق جي تسلسل کي قائم نه رکڻ، تحقيق جي طريقه
ڪار کي آسان نه بنائڻ، تحقيق جي ڪم ۾ رڪاوٽون ۽
رنڊڪون دور نه ڪرڻ ۽ عالمن جي ٽيم ذريعي تحقيقي
رٿائن جي نگراني نه ٿيڻ.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڪيترن اهم موضوعن تي تحقيقاتي
ڪارناما سرانجام ڏنا، پر مُنهنجي خيال ۾ سڀني کان
وڌيڪ جيڪو سگهارو ڪارنامو آهي، اُهو آهي شاهه
سائين جي رسالي تي تحقيقي ڪم، جيڪو هن اڌ صديءَ
کان وڌيڪ محنت جاکوڙ ۽ جفاڪشي ڪري ڏهن جلدن ۾ شايع
ڪيو ۽ شاهه سائينءَ جي رسالي جي الفاظن جي لغت
”روشني“ نالي لکي. هيءُ ڪم سندس زندگيءَ جو عظيم
شاهڪار رهندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1980ع کان 1988ع تائين اهو مواد
تقريباً ڇهه هزار صفحن تي لکيو جنهن ۾ لفظن،
اصطلاحن ۽ شاه جي ڪم آندل خاص محاورن جي تفصيلي
سمجهاڻي ڏني آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ پورو جلد شاهه جي
ڪلام جي لغت لاءِ لکيو آهي، جنهن ۾ اٽڪل ويهه هزار
لفظن ۽ محاورن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي لکي آهي.
ڪنهن به محقق جي تحقيق تي نقاد بنجي تنقيد ڪرڻ يا
ان جي تحقيق جي تعريف ڪرڻ لاءِ به علم جي ضرورت
پوي ٿي ۽ پوءِ به ان محقق لاءِ ڪا راءِ ڏيڻ حتمي
فيصلو نه آهي. مان ڪو شاهه جي ڪلام جو پارکو نه
آهيان، پر پنجٽيهن سالن سان وٺي شاهه سائينءَ جي
ڪلام سان ايترو عشق رهيو جو غريب الغات، لغاتِ
لطيفي، ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شرح، نجف علي شاهه ڪمتر
نقوي جي لُغت ”ٻاروچي ٻولي“ ۽ شاهه سائين جا اٽڪل
ويهه عدد رسالا پڙهيا اٿم جن ۾ بمبئي ڇاپو ۽ هڪ
عدد هٿ اکريءَ وارو رسالو به شامل آهي. ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جو شاهه سائين بابت پروگرام
”پُڇَنِ سي پَسَنِ“ 1987ع کان ٻڌندو پيو اَچان.
حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جو اڳوڻو اِسٽيشن ڊائريڪٽر
عنايت بلوچ، ”پروگرام پُڇَنِ سي پَسَنِ“ جو ڪمپيئر
خادم حسين بلوچ، پروڊيوسر گل حسن قريشي، ڪوثَر
ٻرڙو، علي نواز خاصخيلي، نصيرمرزا، پروگرام فتح
خان جي ڪچهريءَ ۾ سيد صالح محمد شاهه جو آواز ۽
پروگرام ”يادون وِسرنديُون ڪونه“ ۾ عبدالغفور کوسي
۽ امين ارباب جا آواز اڄ به مون کي چڱيءَ طرح ياد
آهن ۽ انهن آوازن ۽ شخصيتن جو اثر قبول ڪري شاهه
سائينءَ بابت لوچيندو رهيس.
شاهه سائينءَ جي سالياني عرس ۾ ادبي ڪانفرنس جي
نشستن ۾ ممتاز مرزا صاحب ۽ علڻ فقير کي اسٽيج تي
تمام ويجهي کان ڏٺم ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سائين
مخدوم طالب الموليٰ کي پڻ شاهه سائين جي ادبي
ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ٻُڌم. مٿيان سڀئي شوق مون کي
شاهه سائينءَ جي عقيدت ۾ جاڳيا.
مٿئين تفصيل لکڻ کان پوءِ ۽ شاهه سائينءَ جي عشق ۾
ڪجهه مواد لکڻ جي شوق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان خط و
ڪتابت ٿي.
مان هن مضمون ۾ اها ڳالهه ضرور لکندس ته ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جيڪو شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو آهي،
ان ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد ڇاپِي ۽ قلمي رسالن ۾
ڏنل مواد کان ڪافي گهٽ ضرور آهي، پر جيڪا ڇنڊڇاڻ
ڪري وزنائتيون پڙهڻيون ۽ سِٽون ڊاڪٽر صاحب لکيون
آهن، اُهي ڪمال جون آهن. اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي
حق حاصل آهي، ڪير به حرفِ آخر ٿي نه ٿو سگهي، هاڻي
ڏسو ته هيٺئين بيت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪا
سِٽ سمورن رسالن سان ڀيٽي لکي آهي، اُها ڪيتري نه
وزندار ۽ فڪر جي لحاظ کان اڳلن رسالن ۾ آيل سٽ کان
وڌيڪ عُمدي ۽ معنيٰ خيز آهي.
اکَيُن لَٽ اوٽاريُون، ڪِنه پر ڪَڙيان پير،
لَٺ لائيندو ڪير، مُون جيهِيءَ معذورکي.
(آبري)
ڊاڪٽر بلوچ کان اڳ وارن سڀني ڇاپِي رسالن ۾ هيٺين
سِٽ هن طرح لکيل آهي:
لَٽ لاهيندو ڪير، مون جيهيءَ معذور تان.
(آبري)
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي ۾ اهڙا سوين
مثال لکيا آهن جيڪي ڏهن جلدن ۾ پڙهي سگهجن ٿا،
ائين نٿو چئجي ته جيڪو ڪجهه ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ترتيب ڏئي ويو آهي، اهو حرفِ آخر آهي پر نئين
انداز جي تحقيق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هيءُ اُهو
عظيم شاهڪار آهي، جنهن کي بنياد بنائي مون جهڙا
سيکڙاٽ محقق اڳتي شاهه سائينءَ جي ڪلام تي تحقيق
ڪندا رهندا.
اها مڃڻ جوڳي ڳالهه آهي ته شاهه سائينءَ تي تحقيقي
ڪم جي شروعات مير عبدالحسين سانگي ڪئي ۽ پندرهين
صدي هجري تائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ
تحقيق کي وڌيڪ سنواريو ۽ سُڌاريو ۽ ايندڙ نسل لاءِ
وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ واٽُون جوڙيُون، هاڻي اسان
سڀني سنڌين تي اِهو فرض عائد ٿو ٿئي ته شاهه
سائينءَ جي ٻوليءَ جا اکر سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جهڙِي تحقيق ڪري ”روشني“ جَهڙِي نئين لغت
ٺاهيُون يا ”شاهه جي رسالي جي سڄاڻي“ نالي شاهه جي
ٻوليءَ ۽ اکرن بابت نئون ڪتابُ ڇپرايُون.
هتي پَرياڻ لفظ وارا ٻاويهه بيت ڏجن ٿا، جيڪي شاهه
سائين جي تمام گهڻن رسالن پڙهڻ کانپوءِ هٿ آيا
آهن.
اها ڳالهه به پيش ڪجي ٿي ته خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب
پَرياڻ لفظ سان ڪي ٿورا بيت لکيا آهن، پر جيڪا
معنيٰ لِکي اٿس، اُها اڳلن شارحن ۽ مُحققن کان
وڌيڪ وزندار ۽ پُختي آهي.
بيت1: پِيُسِ اِيءُ پَرياڻ ، ته ڪَريان پاڻ پڌرو،
نڪو ڳولي تَڪيو، نڪو ڳولي ڄاڻ،
(سُر سريراڳ)
بيت2: اونهي ۾ اوهِري، ڪَهِي ڪَچي ساڻ،
سُپڪ جو سيد چئي، پُڇي نه پَرياڻ،
عشق واريون عبداللطيف چئي، سَنڊ نه کڻن
ساڻ،
جَني پاسي پاڻ، سي اَوَ تَڙان ئِي
اُکتيُون.
بيت3: جي هُئاسونَ سنگهرين، سي هِت نه پَسان هاڻ،
اونهي عبداللطيف چئي، ڪنهن پڪي ويا
پَرياڻ،
سائو سَنجن ساڻ، ڪُن ورائي جَهليا.
(سريراڳ)
بيت 4: آتڻ منجهه پَرياڻ، هو سَڀني جيڏئين،
مُون سڀاڳيءَ ساڻ، ڪير ڇُلندِي ڇَپرين.
(سسئي)
بيت5: ليلان پوري نه پِئين، چَئِي چَنيسر ساڻ،
توجو ڀانئيو پانهنجو، سو رِيساڻو راڄاڻ،
پاڻان ڌار پَرياڻ، ڪانڌ ڪنهين جو نه وَڻي.
(ليلان)
بيت6: ڪونج نه لکَيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي مَن ۾،
اوچتي پَرياڻ، وڳَرَ هَڻِي وِيڇُون ڪيا.
(ڏهر)
بيت7: ڪڏهن جهَلينِ ٻڪرا، ويٺي منجهه وَٿاڻ،
اوچتا پَرياڻ، آهن ڌَڻَ ڌڻين جا.
(ڏهر)
بيت 8: سدا جن پَرياڻ، پانڌي پَکي لَڏ جو،
ويا ڳُڻن ساڻ، مارو ٿر اُڪرِي.
(مارئي)
بيت9: پَروَس ٿيم پَرياڻ، پِرين وَس نه پانهنجي،
لڳي ڪينَ لطيف چئي، ڇَپَرُ ڇاتيءَ ساڻ،
پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
(بروو سنڌي)
بيت10: پَروسَ ٿيم پَرياڻ، پرين وس نه پانهنجي،
جيڏيون جي مان وس هُئا، ته ڏاگهن وڌم
ڏاڻ،
هئي! منهنجي ڄاڻ!، ڪيچين مُونسين ڪِينَ
ڪِيو،
(سسئي)
بيت11: گهاتو گهڻي ئي هئا، مَٿي ان مهراڻ،
تانگهه نه لَڌي تارئين، سَندي سِير سِٽاڻ،
موڙي چاڙهئائون مڪڙا، ڄولي پنهنجا ڄاڻ،
ڪُنن جي ڪَشوڪَش ۾، جُنبيا ڪي جُواڻ،
لاڄو ڇنيا لَهرئين، ڀڳا سِڙهه سُکاڻ،
سُبحن اِني عجز مِن محرفَتل، ايڏاهين
پَرياڻ،
وڄائي وڏاڻ، حيرت منجهه هلي ويا.
(سريراڳ)
بيت 12: دکُائيندِي دوُنهڙا، مُنڌَ سيڻانِي وَڃُ،
پَرياڻو مَ ڀڃُ، ساٿ چڙهندو لَڪئين.
(حُسيني)
بيت 13: وائي
ٿلهه: آڳهه کڻي اڳواڻ، وَونئن وڻجارا،
وِير وَرندَئِي ويسرا.
سُڄي هِيرَ سَمنڊ جي، ثَمر نه تو ساڻ،
اُتي مير محمد ڪارِڻي، مُعلم ٿيندو مون
ساڻ،
اَنا احمد بلا ميم، اهو ڄاڻج ڄاڻ،
آهي عبداللطيف چئي، سچو اِيءُ پَرياڻ.
(سريراڳ)
بيت14: هوت تنهنجي هنج ۾، پُڇين ڪوهه پَرياڻ،
وَانحن اَقرب اِليہ مِن حَبلَ
الاوَرِيد، تُنهنجو توهي ساڻ،
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.
(آبري)
بيت15: هينئڙي هُجون ڇَڏيُون، پري ٿيا پَرياڻ،
مون تي موٽج سپرين، سگهو پاڻ سُڃاڻ،
نهوڙِيس نِياڻ، ڀِرُ ڀليرا سُپرين.
(سهڻي)
بيت16: وِڌائين وڻڪار ۾، سَسئيءَ پاڻِ سُڪاڻ،
پُڇِي پَهه پکين کان، پئي مُنڌ پَرياڻ،
ڏِنس ڏيهه وڻن جا، تن اَله لڳ اهڃاڻ،
مانَ پرِچي پاڻ، اچي آرياڻي وَرِي.
(معذوري)
بيت 17: هيڪليائي هاڻ، پُرنديس پنهونء ڏي،
ليڙن سين لطيف چئي، پَونديس پنڌ پَرياڻ،
رُلي ڇُلي ڇَپرين، ڪنهن پر لايان ڪاڻ،
ڪنديس ڪوهيارل سين، رَچِي رُوح رِهاڻ،
آهيان گهڻو اَڄاڻ، سُور پريان جا ساڻ
مُون.
(معذوري)
بيت 18: پاڻهي ويٺا پاڻ ۾، پاڻهي ڪَن پَرياڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.
(رامڪلي)
بيت19: پاڙيچيءَ پيهِي، جان پَهه پروڙيو پَرياڻ،
اڳيان اچي سسئي جي، پَٽ هنيائين پاڻ،
نيندا ساجن تنهنجو ساڻ، جِم سيج وڇائي
سُمهين.
(حُسيني)
بيت 20: جَاجِڪُ جُهو ناگڙهه ۾، پَس پاٽ آيو پاڻ،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪِينرو، ويهي وڄايو
وَڏاڻ،
راڻيون روئن رت ڦڙا، هيءُ چوري ساز
سُڄاڻ،
ڪهڙو پَهه ڪندو پَرياڻ، جَاجِڪ
جُهوناڳڙهه سِين.
(سورٺ)
بيت21: پاڻهئي ويٺا پاڻ سين، پاڻهي پَرياڻينِ،
سامِي سَفَرَ هليا، آسَڻَ اُجهاڻينِ،
وَڃڻُ وِڃائين، آئون نه جِيئندِي اُن
ريءَ.
(رامڪلي)
بيت22: ڪَجي آس الله ۾، ٻيءَ نه وڃجي پاڻ،
سچو جَن پَرياڻ، لنگهي سي پار پيا. (آسا)
بيت23: پُڇِي پُڇِي پَيَڙا، هِيڻي ٿِيَسِ هاڻ،
پَسان شال پَرِ ڪَنهين، تِن ويڙهيچن
وَٿاڻ،
پنهوارن جا پَرياڻ، اَچي چَڙهيمِ چِتِ تي.
(مارئي)
مٿي ذڪر ڪيل ٽيويهه بيت ۽ هڪ وائيءَ ۾ لفظ پَرياڻ
جي معنيٰ توجهه طلب آهي. مرزا قليچ بيگ لغاتِ
لطيفي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي غريب الغات،
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شرح وارو رسالو، نجف علي شاهه
ڪمتر نقوي جي لغات ”ٻاروچي ٻولي“ ۾ هِن ”پَرياڻ“
لفظ جون ٻه چار معنائون واهه واهه جون لکيل آهن پر
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن لفظ جون ڏهه ٻارنهن معنائون
ڏئي، آيل بيتن ۾ لفظ پَرياڻ جو چٽو مفهوم بهترين
نموني سان سمجهايو آهي.
سنڌ جي سڀني لطيف شناس ماڻهن، محققن، عالمن ۽ لطيف
جي عقيد تمندن جي آڏو منهنجي هيءَ راءِ آهي جيڪا
غلط به ٿي سگهي ٿي، حرفِ آخر ڪير به نٿو ٿي سگهي ۽
اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي حق حاصل آهي، پر جنهن جو
جيترو حق ۽ پورهيو هُجي، ان کي ان جو اُجورو ضرور
ملڻ گهرجي. جيڪڏهن اڳيان سڀئي مُحقق، عالم ۽ شارح
۽ انهن جو ڪم، سونَ جهڙي حيثيت رکي ٿو ته ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ۽ ان جي لطيف تي ٿيل تحقيق کي چاندِي
ضرور سمجهڻ گهرجي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل شاهه سائين جي تحقيق مان
اسان کي اهو سبق وٺڻ گهرجي ته جهڙيءَ طرح ڊاڪٽر
صاحب سوچيو ۽ لوچيو آهي، اسان کي به اهڙيءَ طرح
سوچڻ گهرجي ڇو ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي، جيڪو
ان جي طلب رکندو، ان کي ئي حاصل ٿيندو. |