سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:7 

محمد پنهل ڏهر

 

 

 

 

سما دؤر جو هڪ نامور امير

     سپهه سالار ۽ سياستدان ڄام بايزيد سمو

سنڌ جي نامياري سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دور (25 ربيع الاول 866هه- 914هه / 1461ع- 9، 1508ع) (1) ۾ سندس درٻار جا ٻه نامور امير ”ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم“ کانئس ناراض ٿي ملتان جي لانگاهه حاڪم حسين شاهه (دور 870هه-904هه/ 1469ع- 1502ع) (2) جي درٻار ۾ وڃي پهتا(3).

’تاريخ فرشته‘ جي مصنف ۽ بعد جي چند مؤرخن انهن ٻنهي اميرن کي سما قبيلي مان ڄاڻايو آهي(4).

رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ علامه عتيق فڪري، انهن ٻنهي اميرن کي سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين جا ڀائر ڄاڻايو آهي(5). غلام محمد لاکي انهن ٻنهي متعلق لکيو آهي ته ”حقيقت ۾ هي سنڌ جي درٻار جا ٻه امير هئا ۽ سندن شاهي خاندان سان ڪو به واسطو نه هو(6).“ ڪجهه ٻين مؤرخن به انهن ٻنهي اميرن کي پاڻ ۾ ڀائر لکيون آهي (7).

سنڌ جا اهي ٻئي امير، سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين خان کان ڇو ناراض ٿي، سنڌ ڇڏي ملتان جي درٻار ۾ پهتا؟ اِنهيءَ متعلق مختلف مؤرخن جا رايا پيش ڪجن ٿا. سبحان راءِ بٽالوي لکي ٿو ته ”ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم ٺٽي ملڪ جي حاڪم ڄام نندي کان بگڙي ڪري سلطان (حسين) جي خدمت ۾ هليا آيا. هِن انهن جي دلجوئي ڪئي ۽ کين رتبي جي لحاظ سان جاگير عطا ڪئي(8).“ ايم لونگ ورٿ ڊيمز لکي ٿو ته ”انهن ڄام نندي يا ڄام نظام الدين سنڌ جي سمي حاڪم سان جنگ ڪئي هئي، جنهنڪري مهاجر جي حيثيت سان شاهه حسين وٽ پهتا هئا(9).“

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته ”اِهي پنهنجي ڀاءُ جي بيرخي ڪري ناراض ٿي ملتان جي لانگاهه حاڪم حسين شاهه جي درٻار ۾ پهتا(10).“

عمر ڪمال خان ۽ بعد ۾ ملڪ حق نواز سامٽيو، انهن جي سنڌ مان نڪرڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو آهي ته ”ڄام نظام الدين عرف نندي حاڪمِ سنڌ پنهنجي قوم جي سردارن کان خائف رهندو هو، جنهنڪري وقت بوقت انهن کي ختم ڪرائيندو رهندو هو(11).“

موجوده دور جي نامور محقق ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، هنن جو سنڌ جي درٻار مان نڪرڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته ”ڄام نندي سنڌ جو بادشاهه بنجڻ شرط، هر طرح جي ابتري ختم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو. اُنڪري ٻه درٻاري امير ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد ملتان طرف جلاوطن ٿيا، جتي سلطان حسين لانگاهه کين جاگيرون ڏنيون ۽ اهم عهدا ڏنا(12).

مسعود حسن شهاب، سنڌ جي انهن ٻنهي اميرن جو سنڌ مان نڪري ملتان ۾ اچڻ جو سبب ”ڪجهه سياسي اختلاف ڄاڻايو آهي(13).“

حاجي حق نواز سامٽيه وري انهن ٻنهي ڄامن اميرن جي ناراضگي ۽ سنڌ مان نڪرڻ ۽ ملتان ۾ پهچڻ جي سبب متعلق لکي ٿو ته ”سنڌ جي سمي حاڪم نظام الدين ۽ ٻئي سمي خاندان ۾ جانشيني جي ڪري زبردست اختلاف پيدا ٿيا. ڇاڪاڻ ته ڄام نظام الدين پنهنجي ننڍي عمر جي پٽ ڄام  فيروز کي پنهنجي بعد حڪمران ڪرڻ پئي چاهيو، تنهنڪري سمه (سامٽيه) خاندان جو سڀ کان وڌيڪ مدبر ۽ بهادر جرنيل ڄام ابراهيم هن کان ناراض ٿي ويو ۽ پنهنجي لشڪر ۽ راڄ رعيت کي ساڻ ڪري ملتان هليو آيو. هِن سان گڏ سندس ڀاءُ ڄام بايزيد به ملتان آيو. هيءُ واقعو سمي (سامٽئي) خاندان جي زوال جو سبب بڻيو(14).“

جڏهن اِهي ٻئي سنڌي امير، حاڪم ملتان جي درٻار ۾ پهتا ته ملتان جي حاڪم حسين لانگاهه انهن ٻنهي جو خنده پيشاني سان استقبال ڪيو ۽ انعام اڪرام سان نوازيو. ڄام بايزيد کي شور ۽ ڄام ابراهيم کي اوچ شهر جي جاگير ڏنائين(15).

عمر ڪمال خان ۽ حق نواز سامٽيه پنهنجي تصنيف ۾ انهن ٻنهي سنڌي اميرن جو ملتان ۾ پهچڻ تي، ملتان جي حاڪم حسين لانگاهه طرفان ايڏي شاندار استقبال ڪرڻ، انعامن اڪرامن سان نوازڻ ۽ کين جاگيرن ڏيڻ جو سبب اِهو به ڄاڻايو آهي ته ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم، سلطان حسين لانگاهه جا سڳا ماما هئا. يعني سلطان حسين لانگاهه، ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم سمي جو ڀاڻيجو هو(16). عمر ڪمال خان ۽ ملڪ حق نواز سامٽيه جي اِنهيءَ لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳ ۾ ئي سنڌ جي انهن اميرن ۽ ملتان جي لانگاهه حاڪمن جي پاڻ ۾ رشتيداري موجود هئي. ليڪن اسان کي اِهو معلوم نٿو ٿئي ته عمر ڪمال خان ۽ ملڪ حق نواز سامٽيه اِهو مٽي مائٽيءَ وارو حوالو ڪٿان آندو آهي.

ڄام بايزيد تمام گهڻو علم دوست ماڻهو هو، هُو هميشه عالمن ۽ فاضلن جي صحبت ۾ پنهنجو وقت گذاريندو هو. هن جي علائقي ۾ جيڪو به عالم فاضل شخص ايندو هو، هيءُ اُن جي عزت افزائي ڪندو هو ۽ کيس مال دولت سان نوازيندو هو، تنهنڪري انهيءَ جو نتيجو اِهو نڪرندو هو جو اهو عالم هميشه لاءِ سندس درٻار سان منسلڪ ٿي ويندو هو. شيخ جمال الدين قريشي، جيڪو شيخ عالم قريشي جي اولاد مان هو، سو پنهنجي دور جو هڪ زبردست عالم هو. هن خراسان ۾ رهي ڪيترن ئي علمن جي تڪميل ڪئي. حصول علم ۾ ايتريقدر وڌي ويو جو سندس حواسن ۾ اختلال ٿي ويو. ڄام بايزيد صرف پنهنجي علم دوستي جي ڪري هن کي پنهنجي سلطنت جو وزير بنايو ۽ تمام ملڪي ۽ مالي معاملا هن جي حوالي ڪري ڇڏيا.

ڄام بايزيد نهايت ئي ديانتدار ۽ مذهبي احڪامن جو پابند هو. هِن جي ديانتداري جو هيءُ هڪ واقعو پنهنجو مثال پاڻ آهي، ته هڪ دفعي هيءُ پنهنجي ملڪ شور ۾ هڪ نئين عمارت تيار ڪرائي رهيو هو ته اِنهيءَ زمين مان هڪ خزانو ظاهر ٿيو. ڄام بايزيد اگر چاهي ها ته اِنهيءَ خزاني کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ڇڏي ها، ليڪن هن ائين نه ڪيو ۽ اهو خزانو سلطان حسين ڏانهن ڏياري موڪليائين. سلطان حسين لانگاهه هن جي اِنهي ديانتداري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ پهرئين کان به وڌيڪ هن جو قدر ڪرڻ لڳو.

ملتان جو حاڪم حسين لانگاهه حڪومت ڪندي، جڏهن وڌيڪ پوڙهو ٿي ويو ته پوءِ تخت پنهنجي پٽ فيروز شاهه جي حوالي ڪري، خطبو ۽ سِڪو به هِن جي نالي جاري ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ گوشه نشين ٿي، سمورو وقت خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ گذارڻ لڳو. عماد الملڪ توبڪ، جيڪو هن جو وزير هو، سو هاڻي به ساڳئي منصب تي فائز ٿيو.

سلطان فيروز شاهه لنگاهه، تمام ناتجربيڪار ۽ ڪمزور نظر فرمانروا هو. هي زياده بخيل ۽ شڪي مزاج هو. هيءُ وزير عمادالملڪ جي پٽ بلال سان تمام گهڻو ساڙ رکندو هو، ڇاڪاڻ ته هُو ذهين ۽ قابل شخص هو. اِنهيءَ ساڙ جي ڪري هِن پنهنجي هڪ غلام جي ذريعي بلال کي قتل ڪرائي ڇڏيو. وزير عماد الملڪ جڏهن پنهنجي پٽ جو هيءُ حشر ڏٺو ته هُن به فيروزشاهه کان بدلي وٺڻ جو پهه ڪيو. عمادالملڪ هڪ ڏينهن موقعو ڏسي فيروزشاهه کي زهر ڏياري مارائي ڇڏيو، تنهنڪري سلطان حسين لنگاهه کي پنهنجي جوان پٽ جي موت جو تمام گهڻو صدمو ٿيو. اِنهيءَ ڪري هِن ٻيهر حڪومت سنڀالي ۽ ملڪ ۾ ٻيهر پنهنجي نالي جو خطبو ۽ سڪو جاري ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي پوٽي يعني فيروزشاهه جي پٽ محمود کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ عمادالملڪ اڃان تائين وزارت جي عهدي تي فائز هو، ليڪن سلطان حسين لنگاهه کيس بلڪل پسند نه ڪندو هو ۽ هن کان پنهنجي پٽ جي خون جي بدلي وٺڻ جو ارادو پڻ رکندو هو.

سلطان حسين لنگاهه ظاهري طرح سان، عمادالملڪ سان تمام سٺي نموني سان ملندو رهندو هو ۽ ڪڏهن به پنهنجي دلي ڪدورت هن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏنائين. هڪ ڏينهن بادشاهه، ڄام بايزيد کي اڪيلائيءَ ۾ گهرائي کيس چيو ته، تون تمام حالات کان چڱيءَ طرح باخبر آهين ۽ توکي اِهو به معلوم آهي ته نمڪ حرام عمادالملڪ منهنجي پٽ فيروز شاهه کي مارايو آهي، تنهنڪري توکي ڪا اهڙي تدبير ڪرڻ گهرجي، جو عمادالملڪ ختم ٿي وڃي ته جيئن منهنجي انتقام جي باهه ٿڌي ٿي وڃي. ڄام بايزيد اِنهيءَ ڪم کي پوري ڪرڻ جو وعدو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن تي پنهنجي لشڪر جي مدد سان عمادالملڪ کي گرفتار ڪري ورتو.

بقول سبحان راءِ بٽالوي ته ”سلطان حسين، ڄام بايزيد جي مدد سان عمادالملڪ کي ختم ڪرائي ڇڏيو.“ اِنهيءَ کان پوءِ سلطان حسين لنگاهه، ڄام بايزيد کي عمادالملڪ جي جاءِ تي وزير مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پوٽي محمود خان جو اتاليق به ڪيو. انهيءَ واقعي کان ڪجهه ڏينهن بعد ۾ سلطان حسين لنگاهه وفات ڪري ويو.

سلطان حسين لنگاهه جي چوڻ تي، ڄام بايزيد جو وزير عمادالملڪ کي گرفتار ڪرڻ ۽ اُن کانپوءِ سلطان حسين جو ڄام بايزيد کي عمادالملڪ جي جاءِ تي وزير مقرر ڪرڻ ۽ اُن بعد سلطان حسين لنگاهه جي وفات ۽ سندس پوٽي محمود خان جي تخت سڀني متعلق، ملڪ حق نواز سامٽيو تفصيل سان هن طرح لکي ٿو ته ”جڏهن سلطان حسين لنگاهه، ڄام بايزيد کي عماد الملڪ کي ختم ڪرڻ جو چيو ته اُن کانپوءِ ڄام بايزيد ملتان شهر کان ٻاهر اچي پنهنجي لشڪر ۾ اعلان ڪيو ته صبح جو بادشاهه لشڪر جو معائنو ڪندو، تنهنڪري سمورو لشڪر تيار ٿي صبح جو بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿئي. ڄام بايزيد جي اِنهيءَ حڪم تي سمورو لشڪر ڄام بايزيد جي ماتحتيءَ ۾ هٿيارن سان ليس ٿي بادشاهه جي درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو ته اِنهيءَ جو اطلاع بادشاهه کي ڏنو ويو. بادشاهه حسين لنگاهه پنهنجي وزيراعظم عمادالملڪ کي اِنهيءَ لشڪر جي معائني جو حڪم ڏنو. اُن بعد جڏهن عمادالملڪ لشڪر جي معائني ڪرڻ لاءِ محل کان ٻاهر آيو ته ڄام بايزيد جي ماڻهن کيس گرفتار ڪري زنجير پارايا.

سلطان حسين لانگاهه، عمادالملڪ جي گرفتاري کان پوءِ هن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ته پوءِ پنهنجي محسن مامي ڄام بايزيد کي وزارت عظميٰ جو عهدو حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سلطنت جي ڪمن ڪارين کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. وزارت عظميٰ سان گڏ ڄام بايزيد کي پنهنجي پوٽي محمود خان جو اتاليق به مقرر ڪري ڇڏيو.

سلطان حسين لنگاهه پٽ جي موت ۽ سلطنت جي ڪمن ڪارين جي ڪري پريشان رهڻ لڳو هو، جنهنڪري سندس صحت خراب ٿيندي ويئي ۽ آخرڪار پاڻ 34 يا 36 سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وفات  ڪري ويو.

سلطان حسين جي وفات کان پوءِ سندس دفن ڪفن جون رسمون ادا ٿي ويون ته ٻئي ڏينهن تي وزيراعظم ڄام بايزيد درٻار جي اميرن، اڪابرن ۽ شرفاءَ جي مدد سان، سلطان حسين لنگاهه جي وصيت مطابق سلطان حسين جي پوٽي محمود خان ولد فيروز شاهه لنگاهه کي تخت تي ويهاريو.

سلطان محمود خان لنگاهه تخت نشين ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پهريائين سابق وزيراعظم عمادالملڪ جي قتل جو حڪم جاري ڪيو ۽ اهڙي طرح پنهنجي والد فيروز شاهه جي قتل جو بدلو ورتائين.“

محمود خان لنگاهه تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ڪم عمري ۽ ناتجربيڪاري جي ڪري، هِن پنهنجي چوگرد اهڙن ماڻهن کي گڏ ڪيو، جيڪي اوباش ۽ خراب قسم جا هئا. هن جو سمورو وقت انهن جي صحبت ۾ گذرڻ لڳو. جڏهن شرفاءَ بادشاهه جي اها حالت ڏٺي ته هڪ هڪ ٿي، شاهي مجلس کان هڪ پاسي ٿيڻ لڳا. جڏهن اُنهن اوباش قسم جي ماڻهن ميدان خالي ڏٺو ته پوءِ اُهي ڄام بايزيد کي وزارت تان جدا ڪرڻ جون سازشون سوچڻ لڳا. انهن ماڻهن محمود شاهه کي ڄام بايزيد جي خلاف ڀڙڪائڻ شروع ڪيو. سلطان محمود لنگاهه ڪم عمري ۽ ناسمجهي جي ڪري وزيراعظم ڄام بايزيد ۽ ٻين بزرگن جي مشورن جي پرواهه بلڪل نه ڪرڻ لڳو. پوڙهو وزيراعظم ڄام بايزيد بلڪل بي اثر ٿي ويو. بدمعاش ۽ ڪمتر ماڻهو سلطان محمود جي درٻار تي آهستي آهستي حاوي ٿيڻ لڳا. انهن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڄام بايزيد هو، تنهنڪري انهن چاهيو ته ڪنهن طرح سان ڄام بايزيد کي سلطان محمود سان ويڙهايو وڃي. تنهنڪري انهن ڄام بايزيد خلاف سلطان محمود جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. جڏهن ڄام بايزيد کي اِها خبر پئي ته هُو پنهنجي اُنهي رهائش گاهه ڏانهن هليو ويو، جيڪا هُن درياءَ چناب جي ڪناري تي، ملتان کان هڪ ڪوهه يا ٽن ميلن جي مفاصلي تي ٺهرائي هئي. اُن بعد هُو اُتي ئي رهي ڪري حڪومت جي ڪمن ڪارين کي سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ شهر ۾ اچڻ وڃڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيائين.

انهن ڏينهن ۾ ڄام بايزيد، ڪجهه ڳوٺن جي نافرمان ماڻهن کان ڍل وصول ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو، انهن مان چند ماڻهن ڍل ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو، جنهن تي ڄام بايزيد انهن جا مٿا ڪوڙائي سڄي شهر ۾ گهمايو. چغل خورن انهيءَ موقعي جو فائدو ورتو ۽ محمود خان لنگاهه کي چيو ته ڄام بايزيد جي ناعاقبت انديشي زورن تي پهچي چڪي آهي، جو خاص ملازمن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏنا اٿس ۽ درٻار خاص ۾ اچڻ به بند ڪري ڇڏيو اٿس ۽ پنهنجي جاءِ تي پنهنجي پٽ عالم خان کي موڪليو اٿس، تنهنڪري مناسب اِهو آهي ته عالم خان جي بيعزتي ڪئي وڃي.

عالم خان تمام ذهين ۽ نيڪ طبعيت جو نوجوان هو. سيرت سان گڏ خداپاڪ هن کي حسن به عطا ڪيو هو. هڪ ڏينهن بادشاهه کي سلام ڪرڻ لاءِ عالم خان حاضر ٿيو ته هڪ بدمعاش قسم جي درٻاري عالم خان کي چيو ته فلاڻي ماڻهو جو ڪهڙو ڏوهه هو جو تنهنجي پيءُ هن جو مٿو ڪوڙائي کيس سڄي شهر ۾ گهمايو. تنهنڪري انصاف جي تقاضا اِها آهي ته توسان به شهر ۾ اهڙي تعدي ڪئي وڃي.

عالم خان جڏهن اِهي لفظ ٻڌا ته هن درٻاريءَ کي چيو ته اي بدبخت شاهي درٻار ۾ اهڙي قسم جون نازيبا ڳالهيون ڪرڻ مناسب آهن! عالم خان اڃان ايترو مس چيو ته ڏهن ٻارهن ماڻهن کيس گهيرو ڪري زمين تي ڪيرائي ڇڏيو ۽ هن جي مٿي تان پڳ لاهي ورتي. عالم خان مشڪل سان پنهنجي خنجر کي ٻاهر ڪڍيو ۽ انهن بدمعاشن کي مارڻ لاءِ هٿ کي وڌايو ته اتفاق سان بادشاهه به ويجهو بيٺو هو. تنهنڪري خنجر جي نوڪ بادشاهه جي مٿي ۾ لڳي ويئي، جنهنڪري هُو رڙيون ڪري زمين تي ڪري پيو. محمود شاهه جي زخم مان تمام گهڻو رت وهڻ لڳو، جن ماڻهن عالم خان کي گهيري ۾ رکيو هو، سي فوراً بادشاهه طرف متوجه ٿيا ته عالم خان انهي موقعي جو فائدو وٺي ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن دروازي وٽ پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته دروازو بند آهي. عالم خان وڏي جرئت سان دروازي کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي هڪ ملازم کان پڳ وٺي مٿي تي رکي گهر ڏانهن ڊوڙيو.

گهر پهچڻ بعد عالم خان هيءُ سمورو واقعو پنهنجي پيءُ ڄام بايزيد کي ٻڌايو. ڄام بايزيد پٽ کي چيو ته افسوس جو تنهنجي اِنهيءَ حرڪت مون کي ڪٿان جو به نه ڇڏيو آهي، هاڻي بهتر اِهو آهي ته اسان هتان هليا وڃون ۽ قلعي شور جو رستو وٺون. ڄام بايزيد پنهنجو لشڪر تيار ڪيو ۽ شور جي قلعي ڏانهن روانو ٿي ويو.

محمود لنگاهه کي جڏهن ڄام بايزيد جي هتان روانگي جي خبر پيئي ته هن پنهنجي ڪجهه اميرن کي هِن جي پٺيان ڊوڙايو. محمود لنگاهه جا اهي ماڻهو جڏهن ڄام بايزيد جي لشڪر جي ويجهو پهتا ته ٻنهي ۾ زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام بايزيد کي ڪاميابي نصيب ٿي. اُن بعد ڄام بايزيد پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ قلعي شور ۾ پهچي ويو.

ڄام بايزيد قلعي شور ۾ پهچي، هندستان جي بادشاهه سلطان سڪندر لوڌي جي نالي جو خطبو پڙهيو ۽ هڪ خط لکي سلطان سڪندر لوڌي کي تمام حالات کان آگاهه ڪيائين. سڪندر لوڌي، ڄام بايزيد جي انهيءَ اقدام کان تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ هن ڏانهن هڪ خلعت فاخره ڏياري موڪليائين ۽ ان سان گڏ پنجاب جي حاڪم دولت خان لوڌي ڏانهن هڪ فرمان روانو ڪيائين، جنهن ۾ کيس لکيائين ته ڄام بايزيد مون کي پنهنجي اطاعت جو يقين ڏياريو آهي ۽ شور جي قلعي ۾ منهنجي نالي جو خطبو جاري ڪرايو آهي، تنهنڪري توکي هن جي حال کان باخبر رهڻ کپي ۽ وقت ضرورت هن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محمود لنگاهه لشڪر وٺي شور قلعي تي حملو ڪيو. ڄام بايزيد پنهنجو لشڪر تيار ڪري پنهنجي پٽ عالم خان سان گڏ قلعي کان ٻاهر آيو ۽ دولت خان لوڌي جي نالي هڪ خط لکي کيس اِنهيءَ سموري حالات کان آگاهه ڪيو. ڄام بايزيد ۽ محمود خان لنگاهه جي لشڪر ۾ جنگ لڳي، ليڪن ڪو به نتيجو نه نڪتو. اِنهيءَ دوران دولت خان لوڌي جو لشڪر به ڄام بايزيد جي مدد لاءِ پهچي ويو. دولت خان لوڌي، محمود خان لنگاهه سان صلح جي ڳالهه شروع ڪئي، جيڪا ڪامياب ٿي. ٻنهي طرفين ۾ اِنهيءَ شرط تي صلح ٿي ته ڄام بايزيد ۽ محمود خان لنگاهه جي وچ ۾ درياءَ راوي حد مقرر آهي. اُن بعد سلطان محمود لنگاهه ملتان جو حاڪم ٿي رهيو ۽ شور جي قلعي تي ڄام بايزيد حڪومت ڪرڻ لڳو، ليڪن اِهو صلح زياده دير تائين قائم نه رهي سگهيو.

اُنهن ڏينهن ۾ مير چاڪر خان رند، پنهنجي ٻِن پٽن- مير شهداد خان ۽ ميرالهداد خان سان گڏ سبي کان ملتان ۾ آيو. مير چاڪر خان رند، ملتان ۾ گهڻي دير نه رهي سگهيو، تنهنڪري هُو ڄام بايزيد وٽ شور هليو آيو. ڄام بايزيد، چاڪر خان رند سان تمام سٺي نموني پيش آيو ۽ هن جي گهڻي عزت ڪيائين. ڄام بايزيد پنهنجي ملڪ جو هڪ حصو، جيڪو خاص خرچ لاءِ مخصوص هو، سو مير چاڪر خان رند ۽ سندس پٽن کي جاگير ڪري ڏنائين.

ڄام بايزيد تمام گهڻو سخي ۽ نيڪ دل انسان هو. هُو علم وارن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ انهن لاءِ زندگي جي هر ممڪن آسائش مهيا ڪري ڏيندو هو ته جيئن هُو دنياوي فڪر کان آجا ٿي ڪري، پوري سڪون سان علم جي خدمت ڪري سگهن.

ڪجهه مؤرخن اِهو به لکيو آهي ته ڄام بايزيد جنگ جي زماني ۾ ملتان جي عالمن ۽ فاضلن لاءِ ضرورت جو سمورو سامان شور جي قلعي مان ٻيڙين ذريعي ملتان روانو ڪندو هو. هِن جا ملتان جي رهواسين تي ايترا احسان هئا، جو سمورا ملتان جا رهواسي دل ۽ جان سان هن جا خيرخواهه هئا. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي ملتاني، ملتان مان رهائش ختم ڪري شور جي قلعي ڏانهن هليا آيا. اُنهن ماڻهن ۾ ڪجهه اهڙا به هئا، جن کي ڄام بايزيد پاڻ گهرايو هو، مثلاً: مولانا عزيزالله، جيڪو مولانا فتح الله جو شاگرد رشيد هو، سو جڏهن شور قلعي ۾ پهتو ته ڄام بايزيد وڏي اهتمام سان هن جو استقبال ڪيو ۽ پنهنجي حرم سراءَ ۾ هِن جي رهائش جو بندوبست ڪيو. ڄام بايزيد کي مولانا عزيزالله سان تمام گهڻي عقيدت هئي، جنهن ڏينهن هيءُ پهتو ته ڄام بايزيد پنهنجي ملازمن کي حڪم ڏنو ته مولانا جا هٿ ڌئاريو. ملازمن حڪم جي بجا آوري ڪئي. ڄام بايزيد بعد ۾ اِنهيءَ پاڻيءَ کي باعث برڪت لاءِ پنهنجي رهائش گاهه جي چئني ڪنڊن ۾ ڇڻڪايو(17).

ايم.لونگ ورٿ ڊيمز، محمود لنگاهه سان ڄام بايزيد جي اڻبڻت جو سبب ”سهراب خان دودائي“ ڄاڻايو آهي، جيڪو محمود لنگاهه وٽ ملتان  ۾ پنهنجن ٽن پٽن، غازي خان، فتح خان ۽ اسماعيل خان ۽ ٻين گهڻن بلوچن سان گڏ آيو ته محمود لنگاهه هِن جي حد کان وڌيڪ پذيرائي ڪئي ۽ وري جڏهن مير چاڪر خان رند، جيڪو سهراب خان دودائي جو حريف هو؛ جڏهن محمود لنگاهه وٽ ملتان ۾ آيو ته محمود لنگاهه هن سان بيرخيءَ سان پيش آيو، تنهنڪري بعد ۾ چاڪر خان پنهنجن ٻن پٽن ۽ ساٿين سان گڏ محمود لنگاهه جي حريف ڄام بايزيد وٽ شور جي قلعي ۾ هليو ويو ته ڄام بايزيد هن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ جاگير ڏني(18).

ڄام بايزيد جي دور ۾ ”رجاوه ماڇي“ تمام هڪ وڏي شخصيت جو مالڪ هو. هيءُ هڪ جنگجو، بهادر ۽ وفادار قسم جو ماڻهو هو. ڄام جي آخري ڏينهنِ ۾ فوج جي لاءِ خوراڪ جي جمع آوري جو ڪم هن جي حوالي هو. اِنهيءَ دوران هن کان ڪجهه ڪوتاهيون به ٿيون، جنهنڪري ماڻهو هن کان ناراض ٿي ويا. اُن بعد هيءُ شور ڪوٽ ڏانهن هليو ويو جتي کيس شاهه والي واري ايراضي هن کي ڏني ويئي (19).

ملڪ حق نواز سامٽيو لکي ٿو ته ”ڄام بايزيد جي دور حڪومت ۾ سلطنت جون سرحدون ڪافي وسيع هيون. خزانو ڀريل هو. هن جي دور حڪومت ۾ شورڪوٽ ضلع جهنگ جو علائقو، جتي درياءَ جهلم ۽ چناب پاڻ ۾ ملندا هئا. اوستائين هو. درياءَ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن يعني موجوده ضلعو ڌن ڪوٽ تائين، ڀکر، ليه جو اڌ حصو، مظفر ڳڙهه کان شهر سلطان تائين، ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان کان ڄام پور تائين ۽ اُچ جي حد اوٻاوڙي تا.ئين هئي. هن ٿوري ٿوري مفاصلي تي قلعا تعمير ڪرايا، جنهن ۾ سيتپور، علي پور ۽ راڄن پور کان ڪشمور جو علائقو نهرن جي قبضي ۾ هو، جيڪي سندس اتحادي هئا. هِن جي دور ۾ مختيار ڪار، زميندارن کان ڍل وغيره جي وصولي جو ڪم ڪندو هو. زميندارن کان پيداوار جو چوٿون حصو وصول ڪيو ويندو هو. سندس دور ۾ فوج، پيادن، سوارن، تيراندازن ۽ گزر بردار دستي تي مشتمل هئي. جنگي ٻيڙين جو ٻيڙو اِنهيءَ کان علاوه هوندو هو. اِها فوج دريائن ۾ جنگي ڪاروايون ڪندي هئي. سندس دور حڪومت ۾ فوج ۾ جيڪي قبيلا شامل هئا، انهن ۾ نهرا، ميراڻي، ڪورائي، چانڊيه، جت، رند، ڏهر، بگٽي، کوکر، سما، سومرا، ماڇي ۽ پٺاڻ هئا.

ڄام بايزيد وزيراعظم جي دور حڪومت ۾ جيڪي قلعا مضبوط ۽ مشهور هئا، انهن ۾ ملتان، شور ڪوٽ، سمه سٽه، ڪروڙ پڪا، ٺٽه (موجوده ضلع لوڌران) اُچ، نوشهره، مستو، سيورائي، ڀٽه واهڻ، اوٻاوڙو، ڪندائي، چنيوٽ، ڪوٽ ڪروڙ ضلع ليه، ڌن ڪوٽ (ضلع ميانوالي) سانگهڙ شهر سلطان ۽ تلمبه وغيره کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا قلعا هئا (20).“

اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن بابر بادشاهه هندستان کي فتح ڪري ورتو ته هن لنگاهن جي ظلمن جي ڪري عوام جي فرياد جي داد رسي لاءِ ميرزا شاهه حسن کي اِهو حڪم ڏنو ته هُو ملتان جي عوام کي لنگاهن کان نجات ڏياري. تنهنڪري مرزا شاهه حسن ملتان تي حملي جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. ڄام بايزيد اڳ ۾ ئي لنگاهه حڪمرانن جي حملن کان تنگ اچي چڪو هو، تنهنڪري هيءُ به شاهه حسن ارغون جو اتحادي ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هو اڳ ۾ ئي دهلي سرڪار جو اتحادي ٿي چڪو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هِن شاهه حسن جو اتحادي ٿي پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي. شاهه حسن جي ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ ڄام بايزيد ڪجهه وقت لاءِ دهليءُ هليو ويو. هڪ روايت مطابق بابر بادشاهه هن کي ڪشمير موڪلي ڇڏيو، ليڪن صحيح هيءُ آهي ته هُو همايون بادشاهه جي چوڻ تي معتمد خاص جي حيثيت سان ڪشمير ويو ۽ اُتي وڃي هڪ شهر آباد ڪيائين، جنهن کي سامٽيه وال سڏيندا هئا، ليڪن هاڻي ان کي سمڙوال چوندا آهن. ڄام بايزيد پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن اُتي ئي ڪشمير ۾ گذاريا ۽ اُتي ئي فوت ٿيو. اِهو واقعو تقريباً 937هه يعني 1517ع جو آهي(21).

سنڌ جي ڪجهه مؤرخن جهڙوڪ، عبدالغني عبدالله ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، سمن متعلق پنهنجي تصنيفن ۾ سمن جي حڪومت متعلق احوال ۾، سمن جي سنڌ تي حڪومت کان علاوه سندن ڪڇ، جهونا ڳڙهه، لس ٻيلو ۽ ڪاٺياواڙ تي حڪومت جو احوال ته ڏنو آهي(22).

ليڪن افسوس آهي جو انهن ڄام بايزيد سمي جي قلعي شور تي حڪومت جو احوال بلڪل نه ڏنو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ڄام بايزيد سمي ۽ سندس حڪومت متعلق وڌ کان وڌ احوال تاريخ فرشته مان ملي ٿو، جنهنڪري بعد جي تقريباً سڀني مؤرخن فرشته تان ئي احوال پئي ورتو آهي.

حوالا ۽ واڌارا:

(1) مير معصوم بکري، تاريخ معصومي (اردو ترجمو) مترجم، اختر رضوي. ڇاپو پهريون 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، صفحو 102 = اعجاز الحق قدوسي، تاريخ سنڌ حصه اول. ڇاپو ٻيون 1976ع، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، صفحو 468

= غلام محمد لاکو، سمن جي سلطنت، ڇاپو ٽيون 2005ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 14 ۽ 28.

نوٽ: عبدالغني عبدالله ۽ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڄام ننڍي جي تخت ؟ جو سال 25 ربيع الاول 896هه/ 1490ع ڄاڻايو آهي. (ڏسو، تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون)، صفحو 126 ۽ 133، ۽ جنت السنڌ، صفحو 385.

(2) احمدخان لانگاهه، تاريخ لنگاهه، ڇاپو پهريون 1989ع، ڪراچي، صفحو 69. نوٽ: غلام محمد لاکي هن جو دور 1460ع کان 1502ع ۽ ڊاڪٽر مهرعبدالحق هن جو دور 864هه کان 994هه يعني 1460ع کان 1490ع لکيو آهي. (ڏسو، سمن جي سلطنت، صفحو 29 ۽ ملتان ڪي بادشاهه، نامور گورنر اور حمله آور، صفحو 116، ڇاپو پهريون 1994ع، بيڪن بڪس ملتان.

(3) علامه عتيق فڪري، نقش ملتان جلد دوم، ڇاپو پهريون 1987ع، ملتان صفحو 119.

= سيد عباس حسين گرديزي، تاريخ ملتان، ڇاپو پهريون، ملتان، صفحو 242،

= محمد حفيظ الرحمان، تاريخ اوچ، ڇاپو پهريون 1930ع، بهاولپور، صفحو 85.

= محمد قاسم فرشته، تاريخ فرشته جلد دوم، راردو ترجمو) مترجم. عبدالحئي خواجه، ڇاپو؟ شيخ غلام علي اينڊسنز لاهور، صفحو 918

= مسعود حسن شهاب، خطه پاڪ اوچ، ڇاپو ٻيون 1982ع، اردو اڪيڊمي بهاولپور، صفحو 150.

= رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ڇاپو ٻيون 1985ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 360.

 =تاريخ لنگاهه، صفحو 78.

= عمر ڪمال خان، ملتان لنگاهه دور ۾ ڇاپو 1995ع، بزم ثقافت ملتان صفحو 31.

= سمن جي سلطنت، صفحو 28.

(4) تاريخ فرشته جلد دوم، صفحو 918.

= تاريخ لنگاهه، صفحو 78 (بحوالا، تاريخ فرشته)

= تاريخ اوچ، صفحو 85

= ملتان لنگاهه دور ۾، صفحو 31 ۽ 41

= خطه پاڪ اوچ، صفحو 150

= ايم لونگ ورٿ ڊيمز، بلوچ قبائل (اردو ترجمو) مترجم- ڪامل القادري، ڇاپو ٻيون 1983ع، نساءَ ٽريڊرزڪوئيٽا، صفحو 65

نوٽ: تاريخ فرشته جي مصنف، اصل ۾ هن کي ”سمه“ قبيلي مان ئي ڄاڻايو آهي، ليڪن بعد ۾ ڪاتبن غلطي وچان ”سمه“ بجاءِ“ ”سهيه“ لکي ڇڏيو، ڪاتبن جي غلطي سببان لکيل اِهو لفظ ”سهيه“ نول ڪشور مان آڳاٽو ڇپيل تاريخ فرشته جي اصل فارسي واري متن جي صفحي 366 تي موجود آهي. ليڪن بعد ۾ تاريخ فرشته جو اردو ترجمو ڪندڙ صاحب وري غلطي ڪري ”سهيه“ بجاءِ ”سهيليه“ لکي ڇڏيو، جيڪو اردو ترجمي ۾ موجود آهي. اهڙي طرح بعد وارن لکندڙن به اکيون ٻوٽي، پنهنجي پنهنجي تصنيفن ۾ ”سهيليه“ لفظ ئي پئي لکيو آهي. جنهن جو تازو مثال وري ”تاريخ سامٽيه“ (اردو) جي مصنف اِنهيءَ قبيلي کي ”سامه، سمه، سامتيه، سامٽيه، ساميه ۽ سامي وغيره لکي، ڄاڻايو آهي ته هي سڀ هڪ ئي قبيلي جا نالا آهن. ڏسو، مذڪوره ڪتاب، صفحو سرورق مصنف جي اِها ڄاڻ بلڪل غلط آهي. هڪ ٻئي مؤرخ محمد حفيظ الرحمان وري هنن کي غلطي ڪندي هڪ جاءِ تي بلوچ به لکي ڇڏيو آهي. (ڏسو، تاريخ اوچ، صفحو 85)

(5) جنت السنڌ، صفحو 360 (خبر نه آهي ته شيدائي صاحب اِهو حوالو ڪٿان ورتو آهي.)

= نقش ملتان جلد دوم، صفحو 119

(6) سمن جي سلطنت، صفحو 28

(7) جنت السنڌ، صفحو 360

= ملتان لنگاهه دوم ۾، صفحو 41

= ملڪ حقنواز سامٽيه، تاريخ سامٽيه، ڇاپو پهريون 2011ع، آرٽ لينڊليه، صفحو 69

(8) سبحان راءِ بٽالوي، خلاصة التواريخ (اردو ترجمو) مترجم، ناظم حسن زيدي، ايڊيشن ٻيون 2002ع، اردو سائنس بورڊ لاهور، صفحو 296

(9) بلوچ قبائل، صفحو 65 (ڊيمز جو ڄاڻايل اِهو سبب بلڪل غلط آهي.)

نوٽ: تاريخ سامٽيه جي مصنف، تاريخ فرشته جي حوالي سان لکيو آهي ته ”ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد پاڻ ۾ ڀائر هئا.“ (ڏسو مذڪوره ڪتاب جو صفحو 69) ليڪن تاريخ فرشته ۾ ڪٿي به اِنهن ٻنهي اميرن کي پاڻ ۾ ڀائر نه لکيو ويو آهي.

(10) جنت السنڌ، صفحو 360

(11) ملتان لنگاهه دور ۾، صفحو 41

= تاريخ سامٽيه، صفحو 69

(عمر ڪمال خان ۽ ملڪ حق نواز سامٽيه، اِنهيءَ سبب لاءِ ”تاريخ فرشته“ جو حوالو ڄاڻايو آهي، جيڪو تاريخ فرشته ۾ بلڪل نٿو ملي. ڄام نظام الدين جهڙي عالم ۽ عادل بادشاهه تي اهڙو الزام لڳائڻ سراسر ڪوڙ تي مبني آهي.)

(12) سمن جي سلطنت، صفحو 61

(13) خطه پاڪ اوچ، صفحو 150

(14) تاريخ سامٽيه، صفحو 62 ۽ 69

(15) تاريخ فرشته جلد دوم، صفحو 918

=تاريخ اوچ، صفحو 85

= نقش ملتان جلد دوم، صفحو 119

=تاريخ ملتان، صفحو 242

= بلوچ قبائل، صفحو 65

=خطه پاڪ اوچ، صفحو 150

= تاريخ لنگاهه، صفحو 78

=جنت السنڌ، صفحو 360

= ملتان لنگاهه دور ۾، صفحو 31

= سمن جي سلطنت، صفحو 61

= تاريخ سامٽيه، صفحو 68، 69

نوٽ: ثور مان مراد، موجوده پنجاب صوبي جي هڪ شهر شور ڪوٽ وارو علائقو آهي، جيڪو ضلعي جهنگ جو هڪ تعلقو آهي.

(16) ملتان لنگاهه دور ۾، صفحو 31

= تاريخ سامٽيه، صفحو 68

(17) نوٽ: حوالي 17 وارو سمورو احوال گڏيل طرح سان هيٺين ڪتابن تان ورتو ويو آهي.

= تاريخ فرشته جلد دوم، صفحو 918 کان 924

= خلاصة التواريخ، صفحو 297

= جنت النڌ، صفحو 360، 361

= تاريخ لنگاهه، صفحو 78، 79، 82 ۽ 84 کان 93

= ملتان ڪي بادشاهه، نامور گورنر اور حمله آور، صفحو 117

= ملتان لنگاهه دور ۾، صفحو 31، 35، 36، 42 ۽ 43 کان 46، 49 ۽ 51 کان 56

= بلوچ قبائل، صفحو 66

=نقش ملتان جلد دوم، صفحو 119، 120

= تاريخ ملتان، صفحو 242، 243

= تاريخ سامٽيه، صفحو 74 کان 80

نوٽ: تاريخ فرشته جي مصنف، ”مير چاڪر خان رند“ کي عماد ڪرديزي ۽ سندس پٽن کي ميرزا شهيد ۽ ميرزا شهداء جي نالن سان لکيو آهي. اهڙي طرح هِن مير چاڪرخان رند جي وطن ”سبي“ کي سولي ڪري لکيو آهي. (ڏسو، تاريخ فرشته جلد دوم، صفحو 923، 924)

(18) بلوچ قبائل، صفحو 65، 66

= ملتان لنگاهه دور ۾، صفحو 56

(19) تاريخ سامٽيه، صفحو 82

(20) تاريخ سامٽيه، صفحو 81

(21) تاريخ سامٽيه، صفحو 83

(22) عبدالغني عبدالله، تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون، ڇاپو ٻيون 1984ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، صفحو 108، 109

= سمن جي سلطنت، صفحو 103 کان 108.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org