خيرالنساءِ جعفري
(چونڊ ڪهاڻي)
تخليق جو
موت
هميشه جيان هينئر به عيد آئي ۽ گذري وئي. دستور
موجب هن عيد تي به صوفن ۽ ڪشن جا ڪورَ بدليا هئا،
قالين کي ڇنڊڪو لڳو هو. بتيون ڇنڊيون هيون، پردا
مٽيا هئا ۽ رڌڻي ۾ سُڳداسي چانورن جي هٻڪار ٻهڪي
هئي.
هستيءَ جون اهي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ڏاڍيون
ويساهه جوڳيون آهن، جو هميشه ورجائبيون آيون آهن ۽
ورجائبيون رهبيون. ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون،
هلڪيون سلڪيون يادون، مٺڙيون موسمون، پيارا دستور
۽ سٺيون رسمون، ڪيڏيون نه ويساهه جوڳيون آهن. اهي
شيون باقي ويساهه ڪير آهي ته ساهه جي تند، جا
ٽٽندي ويرم ئي نٿي لائي!
سو هُن عيد تي به هر ڪم ائين ٿيو هو جيئن هميشه
ٿيندو آهي. باقي ناهي ڪير ته عزيز!
عزيز منهنجو دوست هو. دوست به هينئر ٿي چوانس جو
آءٌ به ٻين وانگيان مئلن جي پڄاري آهيان. باقي
اکين اڳيان هوندو هو ته دشمن ڪري ليکندي هئي مانس!
ان کان پوءِ منهنجي ۽ عزيز جي وچ ۾ ٻيو به رشتو
هو. اهو هي ته عزيز منهنجي ماءُ جي ماءُ جو پٽ ۽
منهنجي ناني جو همشڪل هو. ان مان ثابت ٿيو ته هُو
منهنجو مامو به هو، پر خير مامو منهنجو ان ڪري هو،
جو هُو منهنجي ناني ۽ نانيءَ جو پٽ هو باقي سچ پچ
هُو منهنجو دوست هو.
عزيز کي عزيز ڪري هاڻي ٿي سڏيان جو منهنجي اکين
اڳيان ناهي. باقي سامهون هوندو هو ته هميش ”يزيد“
ڪري ڪوٺيندي هئي مانس، جو هميشه پيو اکين ۾ اٽڪندو
هوم.
سندس عمر اڄ کان هڪ سال پهرين ايتري هئي جيتري
هينئر منهنجي ۽ منهنجي عمر تڏهن پورا پنجويهه سال
هئي. اسان ٻنهي جون عمريون ساڳيون ئي هيون. ڄڻ ٻئي
هڪ جيڏا هڪ جيان ۽ هڪ جهڙا هئاسين. باقي فرق ڪو هو
ته حالتن ۾. انگريزي محاوري مطابق عزيز به ”وات ۾
سونو چمچو“ ساڻ ڪري ڄائو هو ۽ مان به پر مون کي
اتفاق سان حالتن ساٿ ڏنو سو منهنجو چمچو قائم
رهيو. باقي عزيز جو ’چمچو‘ ڇڏائجي ويو. تڏهن عزيز
جڏهن اڃا پنڌ ڪندڙ مَس هو. اسان جو نانو مئو ته
عزيز به ڏتڙجي ويو. سکيو کائي نپنو هميشه هاسٽل ۾
رهيو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي پڙهيو، سو ننڍي وهيءَ ۾ جو
چمچو جهلڻ ڏانءَ نه آيس ته وڏو ٿي به عزيز
پنهنجيءَ پر ۾ اهو سونو چمچو وري ڪڏهن نه سنڀريو.
اسان ٻئي تعليمي ميدان ۾ گڏ گڏ هلياسين. مئٽرڪ کان
وٺي ايم.اي تائين. عزيز هميشه پرائيوٽ ئي پڙهيو،
جو اسي رپين جي ماستري ماڻڻ ۽ نڀائڻ به ڪو چرچو ته
ڪونه هو نه؟ ۽ جڏهن ايم.اي ڪئي سين تڏهن هيڪر وري
اڪيلي سر سوا ٻن سو رپين جي نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويو. سو جيئڻ ڪاڻ عزيز به وسان ڪين گهٽايو هو، ۽
تڏهن مان به ساڍن چئن سون جي ماستري وٺڻ ۾ کٽي وئي
هئس کانئس.
عزيز رهندو ته ڳوٺ جي هاسٽل ۾ هو، پر نظر ايندو هو
هميشه حيدرآباد ۾. کنڊ جو جهاز جيڪر ٻڏيم ها ته به
ايترو رنج ڪو ڍنه محسوس ڪريان ها، جيترو عزيز کي
ڏسي رنجبي هئس دل ۾.
جڏهن به در پٽ، سامهون عزيز ته هوندو ئي هوندو هو.
ڪڏهن ٻارن جا يونيفارم ٺهرائڻ جا سبب ٻڌائيندو هو،
پر منهنجو ذاتي خيال هو ته انهن سڀني شين کان
سواءِ اهم سبب جيڪو کيس ٻئي ٽئي ڏينهن سفر جا سور
سهڻ لاءِ آڀاريندو هو، اهو هو سندس پڪچر ڏسڻ جو
شوق.
آءٌ کيس ايندو ڏسي فوراً وڃي لڳندي هئس پنهنجي ڪرت
کي. جلدي جلدي فرج کي تالو ڏيئي چاٻي وڃي رکندي
هئس وهاڻي هيٺ. پوءِ باٿ روم ۾ وڃي ڪٻٽ مان صابڻ،
تيل، ڦڻي پيسٽ، ٽوال ۽ اهڙيون ٻيون شيون ڪڍي انهن
جي جاءِ تي ڪو ’هالو چالو‘ سامان رکي ڇڏيندي هئس.
اهو سامان به سندس محبت ماري ڪا نه رکندي هئس، پر
ان لاءِ جو سري کان ماڳهين ڪا شيءَ نه ڏسندو ته پڪ
ڄاڻندو هو ته اهي شيون مون ئي کڻي ڪٿي گول ڪيون
آهن پوءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح اک بچائي منهنجي روم
مان اهي شيون تڳاڙي وٺندو هو. منهنجي ڪا هروڀرو
ساڻس دشمني صرف دشمنيءَ ڪاڻ ڪانه هئي، پر سندس
افعال ئي اهڙا چٻا، چٿا هوندا هئا. اهڙو سڌاترو،
جو صابڻ کنئين ته سڄي چڪي پيرن تي ئي لاهيندو هو.
چئن ماڻهن جي پيسٽ هڪ ئي وقت پوري ڪندو هو. تيل جي
تيسين جند نه ڇڏيندو جيسين وڃي باقاعدي ان ۾ ٽٻي
نه ڏي.
منهنجو خيال هو ته، عزيز اڳوپوءِ حيدرآباد ۾ ئي
اچي پاڻ کي ٺاهيندو جوڙيندو آهي باقي جيترا ڏينهن
ڳوٺ هجي اوترا ڏينهن اتي اها خجل ڪري ئي ڪانه. سو
مون کي ايندي هئي سندس انهن ڳالهين تي مٺيان هڪڙو
به ته اهڙو ئي هو جو پري کان ئي ايندو ته واڪڙ
واڪڙ ڪيون ايندو. هلڻ مهل بوٽ جون کڙيون ايڏو ته
زور سان وڄائيندو هو جو اڌ ميل تان سندس اچڻ جو
اعلان ٿيڻ لڳندو هو.
مانيءَ جي ميز تي مجال آهي جو ڪير ماني کائي ساڻس
پيٽ ڀري! چڱي خاصي ميز جي روماني. ماحول تي، چڪڙ
چڪڙ جي آواز سان، پاڻي ڦيري ڇڏيندو هو.
سندس انهيءَ بي تالي روش ڪري گهر جي باقي ماڻهن جي
عام طور ۽ منهنجي ساڻس خاص طور ڪا نه بڻندي هئي.
سانت سان ته ڪڏهن ويٺو ئي نه. اٻهرو ٿي ڪڏهن هن
شيءِ ۾ هٿ وجهندو هو ته ڪڏهن هن شيءِ ۾.
هيڏانهن هوڏانهن ڏسي گهڙندو هو ڊرائنگ روم ۾. صوفه
تان ڪشن کڻي رکندو هو سيرانديءَ هيٺ. ڳوٺان آندل
بوٽ ۾ گپ جا گارا اچي رڱائيندو هو قالين تي. پوءِ
سرو رکندو هو پٽ تي ۽ پگهر هاڻا پير وري صوفه تي.
ماني کائي هٿ ته ڪڏهن ٽوال سان اگهيئين ڪا نه،
ڀائيندو هو ته ڀتيون ۽ پردا آخر ڇا جي ڪاڻ آهن.
آءٌ سندس انهن بي ڍنگين تي ويهه دفعا ٽوڪي به چڪي
هونديس، پر کيس ڪو اثر ئي نه ٿيندو هو. هميشه الي
ويندو هو. چئي، ”ثبوت ڪهڙو آهي ته اهي ڀت تي لڳل
لينگها، گادين تي تيل جا ڌٻا ۽ ڪورن تي پيرن جا
نشان منهنجا ئي آهن؟“
پوءِ ته مان هوندي هئس موقعي جي تلاش ۾ ته ڪيئن
کيس سڳ سوڌو پڪڙي لڄي ڪريان. جو آئيندي گهٽ ۾ گهٽ
ان ريت لڪ ڪرڻ ته ڇڏي ڏي.
سو هڪ دفعو کيس موقعي تي جهليو به هئم. سندس پان
هاڻن، هٿن ۽ ڀت تي لڳل تازن لينگهن جا فنگر پرنٽس
ملائي بطور عيني شاهد، اميءَ کي وٺي آئي هئس جاءِ
واردات تي ثبوت ثابت ٿي وڃڻ کان پوءِ سڌيءَ طرح
امان کي ۽ اڻ سڌيءَ طرح کيس نوٽيس ڏيندي چيو هئم،
”امي، جي آئيندي ان ريت، ڪريت ڪئي وئي ته مان ڪيس
سڌو ريفر ڪنديس سپريم ڪورٽ ۾ بابي جي اڳيون....“
امان کي خبر هئي، اول ته بابو منهنجو ڪيڏو مان
رکندو آهي ٻيو ته بابي وانگيان منهنجي وات تي به
گهڙو مٽ ناهي، سو جي اهي خبرون ويون بابي جي ڪن،
ته اوڏي جو اوڏي مهل ٿڏي تي ئي کيس ’جائو‘
ڪرائيندو. سو ان ڊپ کان امان، ايڏا سخت ڳالهو ڏنا
عزيز کي جو غريب سمجهي نه سگهيو هو ته ڀيڻس ۾ اها
ناگوار تبديلي ڪا گرفتاريءَ کان پهرين جي احتياط ۾
Beil Before Arrest
’ضمانت‘ طور آيل آهي. ڪتابن ۾ منهنجي ۽ عزيز جي
ٽيسٽ خاصي ملندڙ هئي هميشه ڳوٺ وڃڻ کان اڌ ڪلاڪ
پهرين منهنجي اڳيان اڳيان ڦرندو هو. چئي، ”فلاڻو
ڪتاب ڏي، ريل ۾ پڙهندو ويندس. وري ياد ڪري کڻي
ايندس.“ آءٌ ظاهر آهي ته ٺپ جواب ڏيندي هئس سانس.
پوءِ عزيز هڪڙيءَ تي آءٌ ٻيءَ تي. جيسين وڃي ڳالهه
پهچندي هئي امان جي ڪن. ڪڏهن عزيز کي ڳالهائڻ
پوندا هئا ڪڏهن مون کي.
پر گهڻو ڪري امان پاڻ وچ ۾ پئي ڪتاب وٺرائي ڏيندي
هئس، ان وعدي تي ته ڪتاب هيترن ڏينهن ۾ ڪيتري
حفاظت سان واپس ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن منهنجو ڪو
ڪتاب گم ٿيو ته مون کي پڪ هوندي هئي. ”مڃين نه
مڃين ڪتاب ضرور عزيز جو کنيل آهي.“ پوءِ آءٌ سندرو
ٻڌي ساڻس وڙهڻ جا سانڀاها ڪندي هئس. هتان اڃان
منهن ڪڍندو ئي مس هو ته آءٌ به وٺي ويندي هئي سانس
هڪ ئي ساه ۾. ”يزيد ڪتاب آندءِ“ پڇندو هو، ”ڪهڙو
ڪتاب؟“ اهو جيڪو ان ڏانهن کڻي وئين.“ بغير ڏٺي
منهنجي لهجي ۾ هروڀرو جو اعتماد هوندو هو.
ان ڳالهه تي عزيز کڻندو هو قسم. چئي، ”امڙ سنڌو جو
سنهن:“ پر آءٌ ڳالهه ڪاٽيندي هئس سانس وچ مان،
”مڃين نه مڃين ڪتاب تنهنجو ئي کنيل آهي.“
چوندو هو، ”موليٰ علي جو....“ پر منهنجو آرڊر
صفائي کان پهرين ئي اشو ٿي ويندو هو، ”وري اچين ته
ڪتاب کنيو اچجانءِ. نه ته منهنجي طرفان پنهنجي عزت
هيٺ مٿي ڀانئج.... ٻڌئي.... عزت اڳ ۾ ئي پوري سوري
اٿئي... جي اها به هلي ويئي ته....... ڌمڪيون ٻڌي
ٻيهر قسمن جو سلسلو چالو ڪندو هو. چئي، حضرت عباس
جو سنهن مون کي ناهي خبر.“ پر سندس انهن قسمن تي
تيسين اعتبار ڪانه ڪندي هئس جيسين وڃين ساڳيو ڪتاب
پنهنجي ڪنهن وهاڻي يا صوفه هيٺان نه ڪڍان، پوءِ ان
لڌل ڪتاب کي ان ريت لڪائي ڇڏيندي هئس جو عزيز جي
اک نه چڙهي، ان احتياط کان ته جي آئينده سچي پچي
ڪو ڪتاب کڻي به ويو ته کيس ان رعب سان دٻائي نه
سگهبو. تن ڏينهين اسين رهندا هئاسين پنهنجي پراڻي
جاءِ ۾، جنهن جا چار روم ڇڪي تاڻي اسان کي ئي پورا
مس ٿيندا هئا. بابو ۽ الطاف (منهنجو ڀاءُ) آهن
هميشه جا خلوتي، سو نه هي ڪنهن جي حد دخلي ڪن ۽ نه
ڪو ٻيوئي هنن جي ڪمري ۾ وڃڻ جي همت يا حجت ساري.
باقي ٿيس آءٌ ۽ امان، سو عزيز ايندو هو ته گهڻو
ڪري امان جي ئي روم ۾ گذاريندو هو. ڏينهن جو سوڙهو
سنگهڙو ٿي ويهاڻو چٻو ڪري ليٽيو پيو هوندو هو
پينگهي ۾، ۽ رات جو سمهندو هو سندس جي کٽ تي
جيتريون راتيون عزيز اسان وٽ هوندو هو اهي مڙيئي
راتيون امي پٽ تي سمهندي هئي. ۽ مون کي ڏسي ان
ڳالهه تي وٺندي هئي باه، هوءَ ته مون کي ڏسي ڪنهن
نه ڪنهن بهاني ڏينهن ۾ هڪ دفعو ضرور چوندي هئي، ”
پٽ تي ڪڏهن ڪڏهن سمهڻ به ڏاڍو مزي وارو ٿيندو
آهي.“ پر مون کي خبر هئي ته پٽ تي سمهڻ ڪيتري قدر
مزي وارو ٿيندو آهي خاص ڪري پيريءَ واري هڏ سان.
”آخر امان، تون منهن ڪوڙو ڪري چوينس ڇو نٿي ته تون
پٽ تي سمهين ۽ لاٽ صاحب سمهين کٽ تي.“
هوءَ چوندي هئي، ”مون کان ائين نه ٿيندو. مون کي
پٽ تي سمهڻ خراب ڪونه ٿو لڳي، پوءِ هروڀرو......؟“
امان کي عزيز جون وري ٻيون ڳالهيون ڏکيون لڳنديون
هيون. هوندو هو هميشه جو دهريو. ڪندو هو سدائين
ابتيون سبتيون ڳالهيون. پاسي کان ويهي فضيلت سان
ڪا ڳالهه ڪرڻ ته ڄڻ سکيو ئي نه هو. پاسي کان ويٺل
ماڻهونءَ کي ڌڪ هڻي هڻي اصل ايڏو ته کٿ ڪندو هو جو
آءٌ کانئس سنجيدگيءَ سان پڇندي هئس، ”عزيز تون ڪٿي
اڳئين جنم ۾ بينڊ ماستري ته نه ڪئي آ؟“
هڪ هنڌ ويٺي به ايڏي چرپر ڪندو هو جو کل کل ۾
صلاحون به ڏيڻ لڳندي هئي مانس، ”بس ڀائي، جي انهن
Random Activites
کي ٿورو به
Arrange
ڪرين ته بينڊ ماستر سان گڏ ڊانس ماستر به ٿي سگهين
ٿو. پنهنجي خاندان جو منهن مٿي ڪندين ٻيو ڀلا ٻارن
کي پڙهائڻ واري ماستري ۾ رکيو به ڇا هي؟“
سو امان چڙندي هئي سندس ’دهرئي پڻي‘ ۽ ابتي سبتي
ڳالهين تي. الله رسول به ته هروڀرو اکين ۾ اٽڪندا
هئس نه....
هڪ لڱان گهڙيو هو باٿ روم ۾. ڪجهه دير ٿي ته اتان
رڙين جي وارو وار لڳائي ڏنئين...... ايڏو ته حشر
مچايو هئين جو امي اٽو ڳوٺل وچ ۾ ڇڏي اچي در تي
بيٺي هئس. ايڏو بي چين ٿي پڇيئيس، ”ڇا ٿيو عزيز
ڇا؟ ٿيو،“ اندران جواب ڏنائين، ”ڪجهه ڪونه، بس
گرمي ٿي لڳيم.“ اميءَ چيس، نالائق، ان تي هيڏيون
رڙيون. مون ڀانيو ته ڪو....!!“
چئي رڙيون انڪري ڪيم جو هتي خيال آيم ته جڏهن نئين
جاءِ جوڙايو تڏهن باٿ روم ۾ پکا هڻائڻ نه وسارجو،
جو گرمي ٿي ٿئي. هتي به جيڪر ٻاهر نڪران ها ته
تيتر وڃيم ها وسري.......“
ٻاهر نڪتو ته چيومانس، ”عزيز، تنهنجي فڪر ۽ تدبر
جو پرواز باٿ روم کان شروع ٿي وري اتي ئي دم ٽوڙي
ڇڏي. واه واه ڇا خيالن جي اُڏام آهي؟“
ان تي عزيز ڏنو هو هڪ وڏو ليڪچر امان جي ئي آڏو.
جنهن جو تت ڪجهه ان ريت هو ته
Sex
کان وٺي
Soul
تائين سوچ جو پهريون سيمينار باٿ روم ئي آهي. ۽
وضاحت ڪندي ڪي اهڙيون ڳالهيون به چئي ويو هو جو
امان ٻه ٻه هٿ ڪري ورتا هئس.
چيو هئينس، ”مئا الله رسول جا تڙيل ڇورا، ڏسين ٿو
ڪفر بڪي بڪي منهن جي مڻيائي مري ويئي اٿيئي،
تنهنجي گهر ۾ پير رکڻ سان لڇمي ئي نه ايندي ماريا
بي لڇڻا.“
ان تي عزيز ويندي ويندي چوندو هو، ”خدا رسول جو
ناهيان ورتل ادي، منهن جي مڻيا ته فيرا ڊال جي نذر
ٿي وئي اٿم، پگهار پورو ئي نه ٿيو سو......“
۽ جڏهن عزيز امان جو ٿڪ بجو کائي پٺ ڏيندو هو ته
هميشه هوءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چوندي هئي. ”جٺ ٿي
ڪريانس ته هانو ٿو سڙيم، پر افعال ئي اهڙا اٿس.
ڏسان پئي ته لهي به ڪيڏو ويو آهي. جڏهن ڄائو هو ته
بابو سندس پير اکين تي رکي چوندو هو. هي منهنجو
ڪعبو آهي ڪعبو.“
قرض کڻڻ لاءِ مون کي ڪيئن ڪيئن قائل ڪندو هو. ”سوا
ٻه سو پگهار، تنهن مان هاسٽل جو بل ڀريان ڌوٻيءَ
جي ڌلائي ڏيان، 3 ويلا مانيءَ جا ڪڍان، شيو جو
سامان وٺان، ٻه- ٽي فلمون ڏسان....“
آءٌ اهو سڄو پروگرام ٻڌي پئسن ڏيڻ کان لنوائڻ ڪاڻ
چوندي هئس، ”ڀلا فلم ڏسڻ ڪو هروڀرو فرض آهي؟“
چئين، ”پنهنجي من جا پاڻ تي به ڪي حق ٿيندا آهن
آخر؟“
وراڻيئين، ”توکي ڪهڙي خبر؟ فلم ڏسڻ فرسٽريشن کان
فرار جو سڀ کان سستو نسخو آهي ماڻهو ته پاڻ کي
پرڀائڻ لاءِ الائي ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪندا آهن.“
”اها ته ڪا ڳالهه ناهي، جڏهن موچڙو گهٽ ماني ڍو تي
هجي ته پوءِ فرسٽريشن فرار بنجي ويندي آهي.“
کيس چوڻ ڪاڻ ته ائين چيم، پر دل ۾ پاڻ ئي پاڻ تي
کلڻ لڳي هئس.
مون کي سوچيندو ڏسي چيائين، پروگرام سڄو تنهنجي
آڏو آهي تون ئي ٻڌا ڪهڙو
Item
واڌو يا فضول آهي جو ڪڍي ڇڏيان؟“
۽ مان کيس صلاح ڏيڻ لاءِ واقعي سوچڻ لڳي هئس ته
ڪيئن هو واڌو
Item
کي ڪٽ ڪري، کيس پگهار جو پورت جو ڏسيان جو آئيندي
هُو قرض کڻڻ کان بچيو رهي.
”.....ڇا فلم جو پروگرام ڪٽي من جي مونجهار کي رهڻ
ڏي ها. مانيءَ جي ٽن ويلن مان ڪٽي ٻه ڪري ها. يا
ڌوٻيءَ کان ڪپڙا ڌوئارڻ ڇڏي مجنون ٿي رستن تي هليو
اچي ها. انهن
Items
مان ڪهڙو
Item
واڌو هوس آخر؟ تڏهن مان سمجهي نه سگهي هئس سواءِ
ان جي ته، عزيز جي جان تي سفيد پوشي جو ڀرم به
ڪيڏو نه وبال بڻيو هو!
بيشڪ وعدي جو هميشه سچو رهيو، هتان اڃان پگهار
ملندي ئي مس هئس ته فوراً اچي در تي ٽيڪسي بيهاري
پهرين قرض چڪائي پوءِ ڳوٺ ويندو هو. سندس در تي
بيٺل ٽيڪسي ڏسي ڄاڻي واڻي چوندي هئس، ”ٽيڪسي بيٺي
اٿئي عزيز نه ته ڀت کارايان ٺاهوڪو.“
کاڌي جو هُو ڏاڍو شوقين. اڃان هتان گهر گهڙندو هو
ته هڪ نظر رڌڻي ڏانهن وجهي امان کان پڇندو هو،
”ادي آهي ڪا شيءَ کاڌي لاءِ ڪن سڻائي ئي سڻائي؟“
آءٌ وچ ۾ ئي وراڻيندي هئي سانس، ”بلڪل سڻائي ئي
سڻائي.....“
سو ڀت جو ٻڌي سندس منهن تي سچ پچ سوچ جا ليڪا وکرڻ
لڳندا هئا.... پڇندو هو، هو، ”ته پوءِ ٽيڪسيءَ کي
ڪجهه وڌيڪ ڏيئي بيهاريان؟“
”ها... جي مهانگو نه ڇٽيئي ته.....“
پوءِ تڪڙ تڪڙ ۾ ڪوسا ڪوسا گرهه وات ۾ وجهندي ويندو
هو ۽ واه واه ڪندو ويندو هو. ويندي ويندي چوندو
ويندو هو، ”واقعي گهر جي روٽي پاڻيءَ ۾ به ڪو
’معراج‘ جو مزو آهي، پر اسان پارن اڀاڳن کي معراج
ملي ئي ڪونه!
هڪ لڱان پريان کان ئي پاڻ سان هيڏي ساري پيٽي
لوڏيندو آيو. چيئن،
B-T"
ڪئي اٿن لازمي ٽيچنگ ۾، سو آيو آهيان
B-T
ڪرڻ.... پر رهندس اوهان وٽ ئي، جو نڪو هاسٽل ۾
داخلا ئي ملندم ۽ نڪو ئي پاڻ ۾ حال ئي ساريان.“
اها ڳالهه ٻڌي، منهنجي جو منهن جو پنو لٿو ٿي پاڻ
به اهو تاڙي ويو. سو چيئين، ”شڪر ڪر جو تون ان
آزار کان بچي ويئين، نه ته 12 مهينا مون وانگيان
گيسيءَ جو ٺڪاءُ پيو لڳئي ها.“ کامي چيومانس خير
12 مهينا ٺڪاءُ ته هاڻي پيو لڳندم. تون ته پڇاڙيءَ
۾ سرٽيفڪيٽ به وٺيو ويندين ۽ منهنجي ٺڪاءُ جو ته
ڪو کڙ تيل ئي نه نڪرندو.“
سمجهي ويو سو چيئين، ”نه مان هروڀرو اوهان کي
تڪليف نه ڏيندس. چڱي عرصي لاءِ رهڻو اٿم نه.“
چيم، ”تون پاڻ جا تڪليف نه ڪرين اها اسان کي ڪرڻي
پوندي آهي. نل کولين ته بند نه ڪرين. رات جو ٻيڙين
جا ٽوٽا ڳولهڻ لاءِ سڄي گهر جون بتيون ٻاري ننڊ
ڦٽائين. کڙيون وڄائي وڄائي دلين جا دهڪا ڏين.....“
چيئين، ”نه، نه آئينده ضرور احتياط ڪندس، بس ڀائي
وعدو.....“
”هي ڏس ڀتين تي لڳل لينگها.... تيل هاڻيون
گاديون.... ۽ چٻا ٿيل وهاڻا، چڪ جي قالين تي
رانڱان هي سڀ تنهنجي اڍنگائيءَ جا ثبوت آهن.....“
مون لڪ چپ ۾ کيس سندس بي تاتي هلت چلت جو احتياطن
نوٽيس ڏيئي ڇڏيو جو آئينده گهٽ ۾ گهٽ يا ’خيال‘
ڪري نه ته ’جائو‘ ئي ڪري.
بس پوءِ عزيز رهڻ لڳو هو اسان وٽ. ڪجهه پاڻ
’سمجهه‘ ڪيائين. ڪجهه اسان سمجهوتو ڪيو ۽ اهڙيءَ
طرح وڙهندي کلندي، ٻڌندي ٻڌائيندي وقت جو وهڪرو
وهڻ لڳو هو. گٿا اکر اڃان به هڪٻئي کي چوندا
هئاسين. لفظن جي ڏي وٺ ۾ اڪثر تلخي به ٿي ويندي
هئي، پر تن ڏينهن منهنجا نظريا به نرالا هوندا هئا
۽ عزيز کي به بهرحال اسان وٽ رهڻو هوندو هو سو
ننڍي ننڍي لفظي چڪرين کي هڪٻئي جي ’انا‘ جو سوال
بڻائي وهندا هئاسين جو تڏهن منهنجو خيال هوندو هو
ته اسين سڀئي لفظن جا ئي ٺهيل آهيون اندر ۾ جي رڳو
اڳڙيون اٿئون ته ڇا ٿي پيو! سو ڪوشش بهرحال اها
هوندي هئي ته هڪٻئي کان مات نه کائجي. عزيز مون کي
سلي سير، ۽ مان جي سوا سير نه بڇيانس ته مان به
ڪهڙي؟
اصل ۾ مون کي هوندو هو پنهنجي
Ego
جو ڏاڍو خيال، سو ان
Ego
جي حفاظت ۾ اگر ڪڏهن ڪڏهن لفظي گرمي وڌي به ويندي
هئي ته پوءِ
Sorry
ڪرڻ به ته آخر جهڙن تهڙن جو ته ڪم نه هيونه؟
ڪڏهن ڪڏهن امان وٽ وڃي وهندي هئس چوندي هئي،
”تنهنجي عزيز سان اها روز روز جي ڪل ڪل مون کي ڪا
نه ٿي پرچي. گهڙن جا پاڻ سڪيو وڃن ان طرح ته. خبر
ٿئي جڏهن تون ننڍڙي هئين ته تنهنجي لاءِ اسان ڪڏهن
نه کيڏڻا ورتا ۽ نه گرم ڪپڙا. بابو جڏهن به
حيدرآباد ايندو هو ته عزيز لاءِ ورتل سامان مان
ايترو ته تنهنجي لاءِ ڏيئي ويندو هو جو اڄ تائين
تنهنجا اهي کيڏيل کيڏڻا ۽ پهريل سوئيٽر سنڀالي
رکيا اٿم.“
آءٌ امان جو اهو بليڪ ميل وارو موڊ تاڻي ويندي
هئس، سو ان موضوع کان هٽي ’عزيز‘ کي موضوع بڻائي
چوندي هئس، ”پر امان، اهو ته تون به سمجهندين ته
آهي ڏاڍو بي ڍنگو. هن تي نه ڪڙم جو اثر ٿيو نه ڪيڙ
جو. آخر ويو الائي ڪنهن تي؟“
امان رنج مان ورائيندي هئي، ”ڪڙم ۾ رهيو ئي نه اثر
ڀلا ڪٿان ٿيندس؟ ننڍي لاڪون ئي تڙجي ويو... ننڍڙو
هو ته بابو سندس پير اکين تي.....؟“
آءٌ چوندي هئس، ”پر امان اٿئي هڙ ڇڙو، تون اجايو
ٿي رنج ڪرين؟“ چيئين، ”تون ڇڙٻيندي آهينس ته هانو
سڙندو اٿم.“
”.....۽ منهنجي جا بيعزتي ڪري منهنجو هانءُ
ساڙيندو آهي سو؟“
چيئين، ”تنهنجي ڪندو عزيز بيعزتي؟ توکان هو
ڪيٻائيندو آهي سو؟“
”خبر اٿئي امان، اڃا ڪلهه تازو مون سان اٽڪيو آهي.
ڪلهه شام منهنجيون ساهيڙيون آيون هيون ته ويهه چڪر
ڏيئي مون کان پڇيو اٿس ته، اهي ڪٿان آيون آهن.
ڀائر ۽ پيئر ڇا ڪندا اٿن ۽ پرفيوم ڪهڙو يوز ڪنديون
آهن؟“
چيئين، برابر آهي ڇيڳرو، پر تون منع ڪرينس ها
نه......“
”منع ڪئي مانس، پر خبر ٿئي مون کي ڇا چيئين؟“
امان وچان ڳالهه ڪٽ ڪري چيو، ”پهرين تون ٻڌاءِ تو
منع ڪيئن ڪيس؟“ چيومانس، ”کٽل کاتا، تنهنجي ڏانءَ
جون ناهن اهي پرفيومز، ڇٽل ڪارتوس!“
تنهن تي مون کي ٿو چوي ته، ”ڏانءَ جون تنهنجي به
نه هيون، پر دعا ڪر جو ڄائين حيدرآباد جي هن گهر
۾، جي ڄمين ها ڳوٺ جي ڪنهن غريب جي گهر ۾ ته هينئر
تون به ڇيڻان پئي ٿڦين ها يا اڳٺ ويٺي اُڻين ها.“
فجر ٿيندو هو ته عزيز کي لڳندي هئي چانهه جي ٻاڙ.
هو سدا جو چلولو، سو ياد نه هوندو هئس ته سمهڻ مهل
رات جو جتيون ڪٿ لاهي ستو. سو فجر جو اٿي اسان جي
ڊپ کان سرٻاٽن ۾ امان کان پڇندو هو، ”ادي منهنجي
جتي ڪا ڏٺئي؟ الا ڪٿي لاٿم؟“
ڪيترا دفعه اهي پادر منهنجي سيرانديءَ سٽي ويو
هوندو ۽ مون کيس ٽوڪيو به هوندو، ”جتي سمهين ات
سٽيندو ڪر اهي گهيتلا. ان ريت منهنجي سيرانديءَ جو
سٽيو وڃين سو سڄي رات خراب خواب ڏٺا اٿم....“
چيئين، ”خراب ذهنن کي هميشه خراب خواب ئي ايندا
آهن. فرائڊ ائين ٿو چوي....“
ساڙ کائيندي وراڻيومانس، ”مون کي ڇڏي فرائڊ ڏاڙهيل
توسان اهي ڳالهيون ڪڏهن ڪيون؟“
چيئن، ”اهو جيڪو گلاس جي زور تي
Spirit
ڪونه گهرائيندا آهن، سو تڏهن مون به کيس ڳالهه
ٻولهه ڪئي هئي؟“
پڇيومانس، ”پهرين آيو به هيئي؟“
چئي، ”واه ڪاڻي دجال وانگيان اوڏي مهل اچي حاضر
ٿيو.“
”پوءِ ڀلا قوم جي نالي ڪهڙو پيغام ڇڏينئين؟“
پڇيومانس.
چيئين، ”قوم لاءِ ته بس رڳو خوابن جي تشريح ڪري
ويو باقي سو تنهنجي خاصي مٽي پليد ڪيائين.“
”ڪجهه پنهنجي لاءِ به ڍارو هڻائينس ها؟“
وراڻيئين، ”ها پڇيو هومانس، پر چيئين تو جهڙن الله
وارن جون ’جنتريون‘ آهن فرشتن جي هٿ! باقي مان رڳو
ماڻهن جا ڪچا چٺا ٻڌائيندو آهيان. سو ويندي ويندي
تنهنجي نالي چئي ويو ته، آءٌ سندس ڇڙو پوٽو ٿيان.
باقي پاڻ ته منهنجي به ڏاڏي لڳي!“
سو ڳالهه ٿي ڪيم ته فجر ويل عزيز کي لڳندي هئي
چانهه جي ٻاڙ، ۽ سرٻاٽن ۾ امان کي پڇندوهو. جتيءَ
جو، سو هڪ دفعو سندس اهو پڙلاءِ منهنجي ڪن به پيو
هو. سو پنهنجي روم جي دري کولي ڄاڻي ٻجهي
پڇيومانس، ڇا ويو ٿئي عزيز؟“
وراڻيائين، ”منهنجا پادر الائي ڪيڏانهن ويا؟
ايڏانهن ته ناهن؟“ مان اتان رڙ ڪري چيومانس، ”ها
ها پسائي رکياٿمانءِ منهنجي روم ۾ اچ، اچي کڻي
وڃ...“
اهو چئي منهنجي ته اک اک سان لڳي وئي هئي پر صبح
جو ڏٺم ته موڊ ٺيڪ نه هو امان جو. رڌڻي ۾ گهڙيس ته
عزيز ات چانهن جا وڏا وڏا سرڙاڪ پئي هنيا. مون به
امان کان چانهن گهري ته ڏيڻ جي بدران منهنجي اڳيون
ڦٽي ڪري پاڻ وڃي لڳي ٻي ڪرت کي. مون کي جلدي
پنهنجي اسر وارو جواب ککڻ لڳو. سو مان به ڌت هنيون
چپ چاپ ويٺي رهيس، پر هن کان گهڻو برداشت ٿي نه
سگهيو. سو چيئين، ”دنيا جهان جون ڌيون پڙهنديون
آهن ته اُن اسان گڏ پروڙينديون به آهن ۽ تون....؟“
”ڇو مون ڇا ڪيو امان؟“
ڇوهه مان چيئن، ”اهو ڪو جواب ڏيڻ جو ڍنگ هو. اسر
مهل ماڻهو اٿي الله رسول جو نالو وٺن ۽ تون.....“
”پر اها ڳالهه ته عزيز ۽ منهنجي وچ جي هئي.... ۽
اسين پاڻ ۾....“
عزيز کي چپ ڏسي مون پنهنجي پاليسي ٿورو بدلائي پر
امان به ڇڏڻ وارن مان نه هئي سو چئين
”کڻي ڪنهن جي به وچ جي هجي، پر ’لڇڻ‘ به آخر ڪا
شيءِ ٿيندي آ. ٻڌءِ؟“
عزيز ورتو جهٽ موقعي جو فائدو. سو چيئين،
”ادي هڪ انگريزي قول آهي...“
مون کي پڪ هئي ته اهو قول منهنجي فائدي ۾ ڪو نه
ويندو ويتر ٿيندو تتيءَ تي تيل، سو ڳالهه اڌ ۾ ڪپي
چيومانس، ”چڱو چڱو هاڻ ڏس چانهه ۾ ٿي مک پويئي.“
پر عزيز کي پڪ هئي ته صبح ساڻ رنڌڻي ۾ مک جو گذر
ناهي ٿيڻو، سو ڏاڍي اطمينان سان پنهنجو قول پورو
ڪيئين. چئي، ”انگريزي قول آهي ته جنهن جي دولت
وئي، تنهنجو ڪجهه نه ويو. جنهن جي صحت وئي سمجهو
ته ڪجهه وئي، ۽ جنهنجا ’لڇڻ‘ ويا ڀانيو ته هڙئي
وئي!“
اهو ٻڌي مون کي ورتي بڇان، سو چمچو سڃيي چڙمان
چيومانس، ”ڏس دام ۾ رک پاڻ کي عزيز نه ته.“
پر امان جي ڪن تي منهنجي هڙ وڃڻ جو اطلاع پهچي چڪو
هو سو هڙ وڃڻ تي ايڏو ته ماتم مچايائين جو منهنجو
اتان چپ چاپ کسڪڻ کان سواءِ ڪو چاروئي نه رهيو هو.
چئي، ”ها ها هڙئي ويس مون کي ڪهڙي خبر ته ڄمڻ سان
ئي ڪي هن جا ڇٺيءَ جا ڇهه پئسا به ڇڙي پوندا....
دنيا جون ڌيون ڏسندي آهيان ته پيٽ ٺرندو اٿم... ۽
هيءَ....“
اهو ٻڌي مون کي عزيز تي ويتر ورتي باهه، سو ساڙ
مان پاسي کان لنگهندي چوندي وئي مانس،
”پوڙهي ٿوهر جا سڪل ڇوڏا، جي وير نه وٺانءَ ته مان
به ’مان، ناهيان.“
ان صبح جو ڏاڪڻيون لهندي سوچيندي وئي هئس، ”مئو وٺ
جهڙو امان کي ڪيئن برغلائي ويو اڄ منجهند موٽندي
جي امان جو موڊ ٺيڪ رهيو، ۽ پاڻ به وجهه چڙهيو ته
ڪنهن ڪنڊ پاسي ڪري دٻڙاٽ ته زوردار پٽينديسانس رڳو
وجهه چڙهي.“
هڪ لڱان بابو ويو هو ڳوٺ. امان ٿي پڙهي مٿي سنجهان
جي نماز، سو وجهه وٺي عزيز کي چيم،
”عزيز ساٿ ڏين ته تون آءٌ ۽ الطاف جيڪر شام
ملهايون ٺاهوڪي.“
پڇيئين، ”ڪيئن؟“ چيم،
T.V
ڏسنداسين، چانهه پئينداسين ۽ تنهنجيون ٻيڙيون
ڇڪينداسين.“
ٽنهين جي منظوري سان وڃي ويٺاسين ڊرائنگ روم جي پٽ
تي. مون احتياطن روم جا پردا چڱيءَ طرح ڪيرائي
ڇڏيا جو متان ٻيڙيءَ جو دونهون يا ڌپ ٻاهر نڪري.
عزيز پهرين ٻيڙي دکائي ٻه سوٽا هڻي مون کي ڏني مون
پڇڙي ڇني ٻه ڦوڪون ڀري الطاف ڏي ڪئي، ۽ الطاف عزيز
ڏي ورائي. اهڙي طرح ٻه رائونڊ پورا ڪري وري نئين
ٻيڙي دکائيسين، پر وچ ۾ عزيز هئين رڏ چئي، ”ان ريت
پڇڙيون ڀڃي ڀڃي جي ٻيڙيون پيتو ته مون تي ٿيندو
بوجهو جي ڇڪڻي هجيو ته سڄي ٻيڙي ڇڪيو، نه ته تو
توهان جي مرضي.“
چيم، ڀائي ڏس، ڇڪينداسين ائين جيئن هينئر ڇڪي آيا
آهيون. باقي سو توتي بوجهه وجهڻ اصل ڪونه ڏبو.
جيتريون ٻيڙيون پيون اوترا پيسا ڳڻي وٺي ڇڏجانءِ
بيشڪ ٽڪو في ٻيڙي مٿي جي حساب سان.“
چيئين، ”پئسن جي ڳالهه ناهي، پر جي رات جو کٽي
پيون ته مون کان هڪ پل به هنن کان سواءِ نه سرندي،
پوءِ ٽوٽو چونڊڻ ته....“
جڏهن ٻيڙيءَ جو ٽيون رائونڊ ٿيو پورو تڏهن خبر پئي
مذاق ئي مذاق ۾ اسان جي بي خياليءَ ڪري ڪا چڻنگ
وڃي پئي قالين جي نرم نرم ريشمي پشم تي اندر ئي
اندر دکي دکي هڪ گلابي گلابي گل ڪلين سوڌو سڙي ڀسم
ٿي ويو. لئه جو موڊ ويو پاڻي ٿي. جهٽ جهٽ ڪري
ٻريءَ تي ڇنڊو وڌوسين، پر وسائڻ لڪائڻ جي وٺ پڪڙ ۾
امان کي خبر پئجي وئي. ٻيڙي پيئڻ جي خطا ته خير
معاف ڪري به ڇڏي ها، پر قالين جو ٻرڻ معاف نه ڪري
سگهي.
ويتر جو خبر پيس ته مون ۽ الطاف به ويهي ٻيڙيون
پيتيون آهن. سو اسان ٻنهي کي گڏي ڪتن سان کارايو
هيئين. اسين ته ماٺ ماٺ ڪري وڃي پياسين پنهنجن
هنڌن تي باقي رات جي ڪيتري پهر تائين عزيز جا جي
ڇوڏا لاٿا هيئين سي اڃا به ياد اٿم. چئي، ”هاسٽلن
جا هريل ڪافر، تون گهر جي رهڻ جو لائق ناهين. سڄو
پيتو پيو آهين، پر تڏهن به اها ڪتن جهڙي ڪرت ڇڏين
ڪونه ٿو. توبهه رب جي، ويهي قالين ساڙايو اٿس ۽
ٻيڙيون پياريون اٿس.“ ”وسن جهڙو قالين سڙيو آهي سو
اهو داغ ڪڏهن نه وسرندم.“ اها رات ڪافي دير امان
ايندي ويندي قالين جو ٻريل داغ ڏٺو هو ۽ اسان تي
لعنتون وڌيون هيون.
ڏينهن ڏاڍا هلڪا سلڪا ٿي گذرندا ويا ۽ عزيز
B-T
ڏاڍي موهه سان ڪندو رهيو يا ائين چوان ته عزيز کي
B-T
ڏاڍي موهه سان ڪندي رهي، جو ڀانيو هو ته مٿس
يونيورسٽيءَ جي نازڪ فضا جو ڏاڍو سلوڻو اثر ٿيڻ
لڳو هو. اکين جي جوت به تن ڏينهن ڏاڍو جهل مل ڪرڻ
لڳي هئس ۽ منهن ۾ لالاڻ به ليئا ٿي پاتس.
عزيز جا ان ريت هوريان هوريا رومانٽڪ گيت جهونگارڻ
دڙڪا سڙڪا کائي منهنجي پرفيوم لڳائڻ مون کي بي سبب
ڪين لڳا هئا. ڏاڍو پينٽ کي پنج ڀيرا استري ڪري
ڪلهن تي اجرڪ ويڙهي پڇندو هو، ”ڀلا ڪيئن ٿو لڳان؟“
آءٌ پينٽ ۽ اجرڪ جي تضاد کي تنقيد سان ڏسي چوندي
هئس، ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري ۽ وري پڇين ٿو ان تي ته
ڪيئن ٿو لڳان؟“
پر کيس هاڻي اهي ننڍيون ڳالهيون لڪائينديون ڪين
هيون. هوريان هوريان جهونگاريندو هو. ”هينئڙو
منهنجو جهوريءَ منجهه- جهڄي ٿو.“
آءٌ کيس موقعي تي وٺندي هئس، ”عزيز 6 فٽن جو ڀائي،
۽ جهونگارين ٿو اهي زنانا پار. پون ئي ڪين ٿا منهن
تي. تنهن کان ته ويهي قومي نغمو ڳاءِ يا منهنجي
آيل ماءُ هيڏي راڄ مان، وارو آلاپ ڪج.“
چيئين، ”توکان مشورو ڪنهن ورتو هو ته ڇا پويم ٿو
منهن تي يا ڇا نٿو پويم؟“
چيومانس، ”جا ڳالهه مناسب سمجهيم، سا چڱائي سمجهي
آڏو رکي مانءِ.... نه مڃين ته...“
طنز سان وراڻيئين، ”تون ۽ چڱائي! ان ڪتي جيڏي قد
سان جڏهن چڱائي ڪندينءَ تون ته اهو هي جنم نه
هوندو....“
چيم، ”نه خير- مان بنفس نفيس چڱائي آهيان.“
چئين، ”تون جي فقير جي پڙ ۾ مائي خيريءَ جي مسيت
کان متاثر ٿي ڪا مسيت جوڙائين نه.... ته به مان
ڀائينديس پڪ اها مسيت جتين چورائڻ لاءِ......“
تڏهن مون سندس ايندڙ نسل تي زور سان لعنت وجهي
آئنده کيس ڪو به مشورو نه ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو هو.
ڀلاءِ چڱائي به ڪجي ۽ چور به ٿجي سو اهو ڪهڙو
دستور؟
هڪ ڏينهن آيو ته دستور خلاف ڪجهه چپ چاپ هو. ڪجهه
منجهيل ٿي لڳو. اچي بوٽ لاهي پاسيرو ڪري پاڻ رنڌڻي
جي ٻنڌ ٿي ويهي رهيو. مان ات اميءَ لاءِ مڱن جي
دال ٿي اٻاري جو چاق نه هئي. صبح کان آڳر ۾ چادر
تاڻي پئي هئي. دال ڏيڻ وئي سانس ته چيئين: ”عزيز
ڇو اڄ ماٺيڻو ٿو لڳي. پڇينس ته سهي؟ پر مون کي
اميءَ جو اهو ماٺيڻو لفظ ڪين آئڙيو. سو امان تي
رکي پنهنجي طرفان چيومانس، ”عزيز امان ٿي پڇي ڇو
اڄ ميسڻون ٿو لڳين؟“
پر موڊ ۾ نه هو سو نڪو ورچيو ۽ نه ئي ڪجهه
وراڻيائين.
چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي هڪ پاڻ کڻي ٻيو ڏيندي پڇيم،
”تنهنجا ڪلاس ڪيئن پيا ٿين؟“
ٿورو ڇرڪيو پڇيئين ”ڇو“ مون چيو،
”اونهينئن.“
ٿورو مرڪيو، پر منهن پڪو ڪري وري پڇيئين، ”خير ته
آهي؟“ پراڻي خط جو رواجي جملو دهرائي چيومانس، ”هت
سڀ خير آهي- باقي اوهان ڏي سو خير ڪو نه ٿو لڳي.“
چيئين، ”جي ڦيڪالاجيءَ جي رعب ۾ آڻڻ ٿي چاهين ته
اهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي......“
”خير سلين يا نه سليم باقي...، پر ڏٺم هيڪر وري
عزيز خيالن ۾ گم ٿي ويو. چانهه جي ٻاڦ ۾ ڀانيم ته
سندس خيال رجهندا ٿا پيا وڃن. سو هيڪر وري
پڇيومانس، ”عزيز انسان هئڻ جي ناتي سڌو هلي هلي
ماڻهو ڪڏهن پٽڙيءَ تان لهي به ويندو آهي ۽ اها ڪا
وڏي ڳالهه ناهي.“
چيئين، ”ڏس وري اها ڪتابي لئنگوج؟“
”ڪتابي ڳالهيون ڪتابن ۾ ئي ٿيون سُنهن. اهي صرف
پڙهڻ ڪاڻ ئي هونديون آهن. هت صرف تون ۽ آءٌ ويٺا
آهيون ٻڌاءِ ڪا خاص ڳالهه ضرور آهي؟“
چيئين، ”ڪجهه به ناهي.“ پر مون کي ويساه ڪين آيو
سو مان اڙي رهيس.
”تون هلندي هلندي ضرور پٽڙيءَ تان لٿو آهين. مون
کي پڪ آهي.“
چيئين، پٽڙي ڇڏاءِ وڃڻ جي ڊپ مان ڪڏهن پٽڙيءَ تي
هليم ئي نه.....“
”پر ماڻهونءَ جي نجات ته صرف پٽڙيءَ تي هلڻ ۾ لکيل
آهي، جو هو سڌو سنئون هلي سگهي.“
”ته پوءِ مان ڪڏهن پنهنجي مرضيءَ سان هليو ئي
ناهيان. مون کي زندگيءَ ۾ زبردستي اڳيان ڌڪي ڌڪي
آندو ويو آهي. مون زندگي گذاري ناهي. مون کي
گذارڻي پئي آهي....“
چيومانس، ”اهي ڳالهيون ته ڌڪ کائي دل وندرائڻ جا
پار ٿيون لڳن.....
ڇا مون کي واقعي ڪجهه نه ٻڌائيندين...؟“
”چوان ٿو ته- اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي.....‘
”ڏس عزيز اسان سڀ ڌرتي جا رهواسي هڪ ئي خمير جا
جوڙ آهيون. زمين تي رهي آسمان جون ڳالهيون ڪرڻ
”زيب داستان“ کان سواءِ ڪجهه به ناهن. مڃ ته جي
تنهنجون پستيون اڄ توکي هيٺ ڌڪڻ لاءِ آتيون آهن پڪ
ڄاڻ ته آسماني رفعتون به توکي مٿي ڪرڻ لاءِ ضرور
ڪوشان ٿينديون.“
چيئين ”ڏس وري اها ڦيسڪالاجي... ٻاجهر جو اٽو ڏيئي
ڊگري وٺڻ وارن جو حال ٻيو ڪهڙو ٿيندو؟“
”ڦيسڪالاجيءَ مون کي ڪجهه ٻيو ڏنو يا نه.... البته
ايتري ته
Broad-Minded
ضرور آهيان جو تنهنجي ڪنهن ڪڌائيءَ کي نڪو ’نئون‘
ڀانيان ۽ نه ئي
’حيران‘ ٿيان....“ ”ماڻهونءَ ۾ ڪڏهن تولو- ڪڏهن
ماسو ٿيندو ئي رهندو آهي ۽ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي
ڦير ته رڳو ڪڏهن ڪثافت جو- انسان هئڻ جي ناتي سڀن
سان ائين ٿيندو آهي.“
چيئين، بي ڪار ليڪچر ڏيئي مٿو نه کاءُ- مون ۾ ڪا
به ڪڌائي ناهي...“
”نه پوءِ لڪائين ڇو ٿو؟ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“
چيئين، ”بابا تو ڀڳل دهل جو مون کي اعتبار ناهي.“
”چڱو ڀلا وعدو وٺ...“
وعدو وٺي عزيز مون کي هڪ پتڪڙي پر
’نازڪڙي‘ ڳالهه ٻڌائي هئي..... ڳالهه ڪا خاص نه
هئس. بس تنهنجي- منهنجي هڪ عام ڳالهه هئي، پر عزيز
جو مانُ رکڻ لاءِ ڳالهه جو کڻي ڀرم رکيم. نه سندس
زندگيءَ ۾ ڪنهن سان ڪيم ۽ نه پنهنجي زندگي ۾ ئي
ڪنهن سان ڪنديس. باقي اهو ٻڌايان ته ان ننڍڙي
ڳالهه ۾ چنڊ جو چمڪو به هو. گلن جي رستي تي سڄي
واٽ امان دعائون گهرندي ملي.“ ورکا به هئي، رچنا
جو رچڻ ۽ اميدن جي آس به هئي- تارن جي چمڪ ۽ هيرن
جي هٻڪار به هئي ان ڳالهه ۾. هڪ عام ماڻهونءَ
پٽاندر- پر عزيز الائي ڇو منجهيو منجهيو ٿي لڳو؟ ۽
تڏهن هڪ لڱان عام راتن جهڙي رات هئي. نڪا تارن جي
ٽم ٽم هئي نه ئي چنڊ ۾ ڪو خاص چمڪو، پر ٻاٽ اوندهه
به نه هئي. نڪو کنوڻ جو ڪو کيڏو هو. بس عام راتين
جهڙي حيدرآباد جي هڪ عام رات هئي.
ان شام جو سڄو وقت ويهي گهر جي سيٽنگ بدلائي هئم-
قالين کي ڇنڊ ڪر لڳرائي صوفه ۽ ڪشن جا ڪور به
بدلايا هئم، بتيون ڇنڊرائي پردا مٽيا هئم- چانور
سوئي ڀڄائڻ لاءِ ٻاهر رکيا هئم- جو ايندڙ صبح جا
چانورن جي هٻڪار ڦهلڻي هئي رنڌڻي ۾. جو منهنجي
پٽاندڙ ايندڙ صبح عيد جو صبح هو. ۽ هيڏي ڪم کان
پوءِ آءٌ جا الرٽ ننڊ ۾ گهڙي هئس ته گهنٽيءَ جي
گجگوڙ هڻي ڇرڪائي وڌو هوم، پر مون پنهنجيءَ پر
سوچيو هو ته، ”آيو هوندو ڪو پاڙي جو اڙٻنگ ماچيس
جي تيلي وٺڻ- يا هوندي ڪا ننڍڙي نينگر آئي هوندي
عيد جي ميندي لهرائڻ!“ سو خود غرض ٿي سوچيم هئم،
بابي جي وسن جهڙي ننڊ ٿي خراب ٿئي. ٻارن کي ڇا آهي
ته وقت بي وقت بيٺا هوندا.“ ان وقت ’وقت‘ جو احساس
ئي نه ٿيو هوم جو ان ڏس ۾ هميشه کان جاهل هئس ۽
آهيان. سو اٿي مين سوئچ بند ڪري ڇڏيم. ”نه هوندي
لائيٽ نه وڄندي گهنٽي.“ مان پنهنجو پاڻ کي داد ڏئي
وري لت کوڙي سمهي رهيس، پر ڀانيم اڃا به ڪير آهي
جو در وڄائي رهيو آهي. بڇان وچان اٿي سوئچ آن ڪري
رستي جي بتي ٻاري در پٽيم- سامهون منهنجو ماسات
بيٺو هو سو ٿڪل منهن ۽ وکريل وارن سان. چيئين،
”عزيز جو رات 8 لڳي ٽرڪ سان ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي،
تمام سيريس آهي. سول ۾ کڻائي ويا آهيونس. جو عزيز
ويو هو عيد جي موڪل گهارڻ ڳوٺ پنهنجي ۽ منهنجي
ڏاڏيءَ ڏانهن.“
ڏڪندي ڏڪندي امان کي اٿاريم- ٻڌايومانس ته ”ڳوٺان
اشفاق آيو آهي. عزيز ڌڪ کاڌو آهي سو هت آندو
اٿنس.“ امان جيئن تيئن اٿندي چيو: ”ڌڪ عزيز کاڌو
آهي، پر دل منهنجي ڇو ٿي ويهندي وڃي؟“
دلبو ڏيڻ ڪاڻ چيومانس، مڙئي الله خير ڪندو. تون اٿ
ته سهي- اسپتال ته هلون...“ ۽ جڏهن اسان گهران
نڪتاسين تڏهن موذن به ’الله اڪبر‘ ڪئي هئي. سڳڻ
سٺو ٿيو. امان چيو دل کي ڏڍ مليو ٿم، سو اسر ويل
اذان جي سائي ۾ اسين عزيز ڪاڻ اسپتال وياسين.
واٽ تي اشفاق ٻڌايم ته جڏهن عزيز کي رات ڌڪ لڳو ته
بظاهر ڏسڻ ۾ کيس ڪجهه به نه هو. جڏهن اسپتال کڻي
وياسينس ته ڊاڪٽر کي ڏسي عزيز مرڪڻ لڳو هو، ۽
ڊاڪٽر به چيو ڪا خاص ڳالهه ناهي. چئن ڪلاڪن کان
پوءِ عزيز جي طبيعت بگڙڻ لڳي هئي. هتي کڻي آياسين
ته ڊاڪٽر جواب ڏنو چيئون، ”جي 4 ڪلاڪ پهرين کڻي
اچو ها ته اميد به هئي.....“
رستي تي سڄي واٽ امان دعائون گهرندي هلي. چئي
”ٻانگ جا ڌڻي منهنجي بابي جي گهر جو ڏيئو ٻرندو
رهڻ ڏجانءِ- ياعلي، پنهنجي ٻچڙن جي صدقي منهنجن
ٻچڙن جهڙي کي کلندو ڪڏندو اٿارجانءِ. الله سائين،
عزيز اڃا دنيا ۾ ڪجهه نه ماڻيو آهي.....“
۽ جڏهن اسين اسپتال پهتاسين ته امان بي چين ٿي وڃي
وارڊ ۾ گهڙي هئي. باقي مان در تي بيٺي رهيس. جو
اندر وڃڻ جي همت ئي نه پئي ٿي.
ڪجهه گهڙيون ٻاهر بيهي دولابن سان پاڻ کي اندر وٺي
ويس، پر ڏٺم ان وچ ۾ امان عزيز جي منهن تان اڇي
چادر تاڻي چڪي هئي.
مون کي ڏسي چادر هٽائيندي ٻاڪاريائين، ”هي ڏس امي،
منهنجي بابي جو ڪعبو ڪيئن نه ڊهيو پيو آ....“ پر
مون کي نه ڏيکار اهو ڪعبو جنهن کي مان ڪرندي محسوس
ڪيو آ.....امي مون کي نه ڏيکار.....“
ڪيئن ڏسان ان ٽٽل تاري کي... جو اڻ پوري رچنا ۽
جهريل جذبو هو.... وکريل آس ۽ ڇڄل سپنو هو.... ڀلا
جيوت جون اهي جهوريون به ڪي ڏسڻ جون هيون؟
ايوب عمراڻي
موهن جو دڙو
ڌرتيءَ تي رات ڪيتري نه اونداهين هئي! ان جي برعڪس
آسمان تي تارا ٽمڪي ان کي روشن بنائي رهيا هئا.
مان موهن جي دڙي جي اسٽوپا وٽ بيهي تاريڪ رات ۾
موهن شهر جي اجڙي ويل کنڊرن کي ڏسي رهيو هوس.
اونداهيءَ ۾ برباد ٿي ويل شهر جا کنڊر مشڪل سان
نظر پئي آيا؛ تڏهن اچانڪ ڪنهن جي قدمن جو آواز
منهنجي ڪنن سان ٽڪريو. ڪو مون ڏانهن اچي رهيو هو.
مون کي پڪ هئي ته اهو چوڪيدار رسولو هوندو پر؛
اونداهيءَ ۾ ڪجهه نظر نٿي آيو. اچانڪ مون ڏانهن
ايندڙ، تيز روشنيءَ واري ٽارچ ٻري جيڪا منهنجي
منهن ۾ هئي. مان ڪجهه گهڙين لاءِ ڄڻ ته اکين کان
سڄو ٿي ويس. منهنجي وات مان لفظ نڪتا رسولا! خير آ
تون پريشان نه ٿي، مان اچان ٿو گيسٽ هائوس تي!“
مون کي رسولي ڪوبه جواب نه ڏنو، مسلسل هلندو
منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. مون حجت مان رسولي جي
ٻانهن پڪڙي؛ تڏهن مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها
رسولي جي مضبوط ۽ ڪارن وارن سان ڀڀوت نه بلڪه هڪ
نازڪ ۽ نفيس ٻانهن هئي؛ جنهن ۾ هڪ ڪنگڻ به پاتل
هو. ٻانهن منهنجي هٿ ۾ گهڻو وقت نه رهي، منهنجي
هٿن کان الڳ ٿي وئي. ٽارچ جي روشني کن پل لاءِ هن
جي منهن تي چمڪو
(Flash)
هڻي وئي، تڏهن مون کي نظر آيو ته جنهن کي مون
رسولو پئي سمجهو، اها هڪ نهايت ئي حسين ۽ خوبصورت
يوروپي نازنين هئي. مون جلد ئي پنهنجي غلطي محسوس
ڪندي ساري
(Sorry)
چيو. هوءَ مرڪي پئي ۽ مون سان هٿ ملائيندي چيائين:
”مان ڊي ڊي مينڊريس آمريڪا کان!“
جيستائين مان ڪجهه چوان، هن يڪدم پنهنجو نرم ۽
نازڪ هٿ منهنجي هٿ کان الڳ ڪري ورتو. مون مرڪندي
کيس چيو: ”مان نديم! سنڌ کان ئي آهيان!“
”توهان سان ملندي خوشي ٿي، مان دنيا جي قديم آثارن
تي پي ايڇ.ڊي ڪري رهي آهيان. ان لاءِ سئن فرنسسڪو
يونيورسٽيءَ مون کي اسڪالر شپ ڏني آهي، ”سمبارا
اِن“ لاڙڪاڻي ۾ ڪمرو وٺڻ کان ٿوري دير پوءِ موهن
جي دڙي ڏسڻ لاءِ نڪري آئي آهيان!“
ڊي ڊي اهو سڀ ڪجهه يڪ ساهيءَ چئي وئي. موهن جو دڙو
ڏسڻ لاءِ سندس جنون ۽ جذبو تعريف لائق هو. مون
مرڪندي کيس ٻڌايو، ”مان هڪ ليکڪ آهيان. موهن جي
دڙي جي ڌرتي منهنجي لاءِ هميشه پرڪشش رهي آهي. مان
هِتي اڪثر ايندو رهندو آهيان!“ تڏهن هن ٻيهر مون
سان هٿ ملائيندي چيو: ”ڏاڍو سٺو! مان جيڪا تحقيق
ڪنديس؛ ان ۾ توهان جي مدد منهنجي لاءِ فائديمند
رهندي!“
هن ڀيري، هن پنهنجو نازڪ هٿ منهنجي ئي هٿ ۾ رهڻ
ڏنو. مان پهريون ڀيرو ڪنهن غير ملڪي عورت جي هٿ کي
ڇهي رهيو هوس. سچ اهو آهي ته مون کي جنت جو تصور
اچڻ لڳو. عين ٽائم تي هڪ ٻي ٽارچ اسان جي منهن ۾
لڳي. هن ڀيري اها ٽارچ رسولي چوڪيدار جي هئي.
رسولي جي پويان هڪ عمر چڙهيل ٿلهو ۽ گنجو يوروپي
نسل جو شخص انتهائي ٿڪل حالت ۾ آهستي آهستي هلي
رهيو هو. رسولي ٽٽل ڦٽل انگريزيءَ ۾ چيو: مئڊم هن
وقت اوندهه آهي، ڪينٽين تي هلو، چانهه پيئو، توهان
جو مڙس به پريشان آهي.“ تڏهن اهو ڏسي حيراني ٿي ته
اهو وهيءَ چڙهيل همراهه ڊي ڊي جو مڙس هو. ڪجهه
لمحن لاءِ مون کي ڊي ڊي جي بيوقوفيءَ تي حيراني
ٿي، جنهن جيون ساٿيءَ لاءِ اهڙي لومڙ جي چونڊ ڪئي
هئي، پر ٻئي لمحي منهنجو توجهه ان وهي چڙهيل شخص
ڏانهن ٿي ويو، جنهن تمام تيز ۽ مشڪل سان سمجهه ۾
ايندڙ آمريڪن هِجي واري انگريزيءَ ۾ چيو: ”واپس
هلو صبح جو سائيٽ ڏسي وٺنداسين!“
ڊي ڊيءَ پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ڪڍيو. چڱو جو اهو
رات جي تاريڪيءَ ۾ سندس مڙس نه ڏٺو ۽ پر چيائين:
”توهان به اسان سان گڏ هلو.“
اسان ڪينٽين تي آياسين جيتوڻيڪ انگريزن وانگر
آمريڪي چانهه جا شوقين ناهن سو هنن ڪينٽين واري
کان بليڪ ڪافيءَ جي گهر ڪئي پر نه ملڻ تي مجبورن
هنن چانهه پيتي. ڊي ڊي کي چانهه مزو پئي ڏنو. هن
هڪ ڪپ ختم ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ڪپ به گهريو، ٻيو ڪپ
به سپ سپ ڪري پيئڻ لڳي ته مان کيس غور سان ڏسڻ
لڳس؛ لائيٽ جي تيز روشنيءَ ۾ هوءَ ان وقت ويجهي
کان صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي هئي. سندس خوبصورت ڀورا
وار چهري سان بار بار اک ٻوٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا هئا، جن کي هن بار بار هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي
پئي. سندس سنگمرمر جهڙي گوري چمڙي ائين پئي لڳي،
ڄڻ ڪنهن ماهر بت تراش اهو جسم گهڙي ان ۾ ساهه وجهي
ڇڏيو آهي. جهڙي خوبصورت هُوءَ هئي تهڙو ئي بدصورت
سندس مڙس هو. مڙس جنهن جو نالو هن مسٽر مينڊروس
ٻڌايو هو، اهو سندس مڙس نه، پر پيءُ پئي لڳو.
مينڊروس جي اکين هيٺان ڪارا داغ ڏسي مون کي پڪ ٿي
وئي ته هُو پيئڻ جو گهڻو شوقين آهي. منهنجي اڳڪٿي
بلڪل صحيح نڪتي. مينڊروس ٿوري دير کان پوءِ پنهنجي
بئگ مان وسڪيءَ جي بوتل ڪڍي بيري کي سڏي برف
گهرائي ۽ پيئڻ کي لڳي ويو. ڊي ڊي هن تي هڪ اڇاتري
نظر وجهي مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو ۽ موهن جي دڙي بابت
سوال مٿان سوال ڪرڻ لڳي. مان کيس پنهنجي اڻپوري
معلومات مان ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندو رهيس. سندس ٽن
سوالن جا جواب ته بنهه نه ڏئي سگهيس. جنهن لاءِ
مون کيس آثار قديمه جي ماهرن سان رابطي ڪرڻ لاءِ
چيو، هو اتي ڪلاڪ کن ويٺا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ڏانهن
روانا ٿي ويا. مان به ريسٽ هائوس جي ڪمري ۾ هليو
آيس.
صُبح جو اڃا منهنجي اک ئي نه کلي هئي جو رسولي
ريسٽ هائوس جو در کڙڪائي مون کي سڏيو. چيائين:
”ٻاهر ميڊم توهان جو انتظار پئي ڪري!“ مان
ننڊاکڙين اکين سان ٻاهر آيس ته هوءَ تيار ٿي آئي
هئي، سندس خوبصورتي رات کان وڌيڪ پنهنجا تجلا
ڏيکاري رهي هئي. هن سان مينڊروس گڏ ڪو نه هو. مون
کي ان حالت ۾ ڏسي مرڪندي چيائين: ”توهان اڃا تيار
نه ٿيا آهيو! ٺيڪ آ جلدي تيار ٿي وٺو، سائيٽ تي
هلڻو آهي!“
مان پنهنجي ڪمري ۾ آيس، جلدي جلدي تياري ڪيم، خبر
ناهي ڇو منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي…
مان تيار ٿي آيس ته ٻاهر پارڪ جي بينچ تي هوءَ
منهنجو انتظار ڪري رهي هئي. خوبصورت ڀاڪر ۾ سمبارا
جو مجسمو منظر کي وڌيڪ سونهن بخشي رهيو هو. هن اٿي
سمبارا جي مجسمي جا ڪجهه فوٽو ۽ سيلفيون ڪڍيون.
منهنجي پهچڻ تي مرڪندي چيائين: ”منهنجي جنون مون
کي سڄي رات ننڊ ڪرڻ نه ڏني آهي، صبح جو سوير نڪري
آيس، پر تون ٻڌاءِ گذريل رات جو ايتري اوندهه ۾ ڇا
ڪري رهيو هئين!؟“
چيومانس: ”رات جو ايترو دير سان اسٽوپا تي چڙهي
مان انهن روحن جي ڳولا ڪندو آهيان جن هيءَ عظيم
شهر تعمير ڪيو. مون کي پورو يقين آهي ته موهن جي
دڙي جي ماڻهن جا روح هن ويران شهر ۾ ضرور گڏ ٿيندا
هوندا. هڪ نه هڪ ڏينهن اهي مون کي ملي ويندا ۽ مان
هنن سان ملي هنن جي ئي واتان موهن جي دڙي جي عظيم
سڀيتا جي سچي ڪهاڻي ٻڌندس ڇو ته هيستائين آثار
قديمه جي ماهرن رڳو اندازا ۽ ڌُڪا هنيا آهن!“
منهنجو اهو جواب ٻڌي هوءَ وائڙن وانگي مون کي تڪڻ
لڳي. سنجيده ٿيندي چيائين: ”جيڪڏهن مري ويل ماڻهن
جا روح پنهنجي ماضيءَ جون ڪهاڻيون پاڻ اچي ٻڌائڻ
لڳن ته پوءِ اسان جو ڪم تمام گهڻو آسان ٿي ويندو.“
هن ڳالهه ختم ڪري ٽهڪ ڏنو ڄڻ چوندي- بيوقوف! ائين
ڪيئن ٿو ٿي سگهي!؟“
مون موضوع مٽائڻ خاطر چيو: ”توهان جو مڙس!؟“
”نه آيو آهي، هوٽل جي ڪمري تي ئي رهي پيو آهي. هن
کي آثارِ قديمه سان بلڪل دلچسپي نه آهي. سڌو سنئون
اسٽاڪ ايڪسچئنج جو ماڻهو آهي. اهو ته مون زور پئي
ڀريو جو هو آيو، نه ته بزنس ڇڏڻ لاءِ تيار ئي نه
هو. باءِ دي وي اڄ واپس وڃڻ لاءِ هن جي فلائيٽ
آهي!“
مون چيو: ”۽ توهان؟“
”مان ته پوري هڪ هفتي لاءِ هتي آهيان، ان کان پوءِ
هڙپا ۽ ٽئڪسيلا وڃڻ جو به ارادو آهي.“
مون دل ئي دل ۾ الله جو شڪريو بجاءِ آندو، گهٽ ۾
گهٽ هڪ هفتي تائين هڪ نازڪ ۽ نفيس ڇوڪري ان کان
پري هوندي!
اسان ڳالهيون ڪندا ڪجهه ئي لمحن ۾ سائيٽ تي پهچي
وياسين. اسان جي سامهون موهن جي دڙي جا عظيم کنڊر
پنهنجي عظمت جي ڌنڌلي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ سامهون
هئا. اهو سڀ ڪجهه ڏسندي هن خوشيءَ مان رڙ ڪئي:
”وائو دئيٽس گريٽ!“ هن جي ڪئميرا حرڪت ۾ اچي وئي.
مان کيس موهن جي دڙي جي چپي چپي بابت ٻڌائڻ لڳس:
”هي اسٽوپا آهي: هي مارڪيٽ آهي، هي اناج گودام
آهي: هي تلاءُ آهي. هي صاف سٿرا گهر آهن....“ اسان
هڪ گهر ۾ اچي بيٺاسين، هوءَ گهر کي حيرانيءَ مان
ڏسڻ لڳي. مون ۾ نهاريندي چيائين: ”مون کي لڳي ٿو
ته مان هن گهر ۾ اڳ به ڪيترائي دفعا اچي چڪي
آهيان. ها مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ هزارين سال اڳ
منهنجو هتي ئي جنم ٿيو هو، هن ئي گهر ۾ منهنجو جنم
ٿيو هو. واهه مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. اڄ مون
کي سمجهه ۾ آيو آهي ته مان خواب ۾ اڪثر هي گهر ڇو
ڏسندي آهيان. مان مرڪندي کيس ڏسندو رهيس، اوچتو هن
حيرانيءَ مان مون کي ڏٺو ۽ چيائين: ”تون موهن جي
دڙي جي ماڻهن جي روحن کي ڳولي رهيو آهين نه.“
مون مُرڪندي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
هُن چيو: ”ائين سمجهه ته مان ئي موهن جي دڙي جي ان
ناچڻيءَ جو روح آهيان، جنهن کي سمبارا چوندا آهن.
مان ئي آهيان موهن جي دڙي جي سمبارا!“
ان تي مون کان ٽهڪ نڪري ويو. چيومانس: ”مئڊم ائين
ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سائنس ته ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ
بلڪل تيار ناهي ته ڪو روح به ٿيندو آهي ۽ اهو بار
بار جسم ۾ موٽي ايندو آهي!“
تڏهن ٽهڪ ڏيندي مون سان تاڙي ملائي چيائين: ”نه
مون ته مذاق پئي ڪئي، پر جيڪڏهن سچ پچ ائين ٿئي ته
ڪيڏو نه سٺو ٿيندو:“
”هونئن سٺو ته ٿيندو، پر انسان جو دنيا کي سمجهڻ
جو تجسس ختم ٿي ويندو. انسان، تحقيق ڪرڻ ڇڏي
ڏيندو، هزارين سال پٺتي هليو ويندو.“
منهنجي ڳالهه تي هن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ اسان
مختلف جايون گهمندا رهياسين. سج هاڻي پنهنجي تابش
جي عروج تي پهچي رهيو هو. پگهر سندس گلابي چهري تي
بار بار بوندن جي صورت ۾ نمودار پئي ٿيو ۽ هن ٽ:شو
پيپر سان پئي اگهيو. تڏهن چيو مانس هاڻي واپس هلڻ
گهرجي. هن فوٽوگرافيءَ سان گڏ ڪجهه نوٽس به ورتا.
اسان ريسٽورينٽ تي اچي ڪجهه دير ساهي پٽي ۽ پوءِ
ميوزيم طرف هليا آياسين. ميوزيم ۾ هڪ هڪ شيءِ جو
فوٽو ڪڍندي هوءَ حيران ٿيندي رهي، مان به کيس ڪجهه
نه ڪجهه ٻڌائيندو رهيس.
”هيءُ اسان جي موهن شهر جي بادشاهه جو مجسمو آهي
مئڊم ! هي ڏسو ٻارن لاءِ رانديڪا، هي ڏسو ڪارا ٿي
ويل ڪڻڪ جا داڻا، هي ڏسو موهن جي دڙي جي سڀ کان
وڌيڪ خوبصورت عورت جو مجسو.“
”واهه“ هن جي وات مان صرف اهو ئي نڪري سگهيو. مون
چيو: ”پنج هزار سال اڳ سنڌ، تهذيبي ۽ تمدن ۾ سڄي
دنيا جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، پر پوءِ اها تباهه ٿي
وئي، جڏهن کان موهن جو دڙو تباهه ٿيو آهي، تڏهن
کان سنڌ ڪڏهن به سک نه ڏٺو آهي.“
”اوهه! تمام غمگين ڪهاڻي مان توهان کي ٻڌايان، سنڌ
هميشه ڇو تباهه ٿيندي رهي آهي!؟“
”توهان ٻڌائينديون!؟“ مون حيرانيءَ مان چيو.
”ها ڇو ته مون هتي اچڻ کان اڳ سنڌ بابت ڪافي ڪجهه
پڙهيو آهي. سنڌ جي تباهيءَ جو بنيادي ڪارڻ هتان جي
ماڻهن جو امن پسند هجڻ آهي. جڏهن ڪنهن ڌرتيءَ جا
ڌڻي امن پسند هجن ۽ اها ڌرتي بيشمار دولتن ۽ وسيلن
سان مالا مال هجي ته سمجهو ان جي تباهي ويجهي
آهي!“
”واهه توهان جو دليل وزندار آهي!“
مون هڪ گهرو ساهه کنيو. هن مرڪندي چيو: ”هلو ته
ماني کائون“ چيومانس: ”توهان اسان جا مهمان آهيو،
اڄ جي منجهند جي ماني منهنجي طرفان ٿيندي.“
هن هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو: ”تاريخ ۾ هيترو لوڙيو
اٿوَ- پوءِ به مهمان نوازي نٿا ڇڏيو!“
مون کي ڳالهه دل سان لڳي، مون به ٽهڪ ڏنو.
چيومانس: ”جيڪڏهن مهمان تو جهڙو حسين ۽ خوبصورت
هجي ته ڪهڙو ڪافر، ميزبان ٿيڻ کان انڪار ڪندو!“
ان تي هن زوردار ٽهڪ ڏنو. اهڙو ٽهڪ جو ميوزيم جي
شوڪيس جا شيشا به لرزي پيا. مون مُڙي کيس چيو: ”ڏس
اسان جو ڪنگ پريسٽ توکي ٽيڏي اک سان ڏسي رهيو آهي،
ان کي تون وڻي وئي آهين!“
هُن مُرڪندي چيو: ”ڪنگ پريسٽ ته نه پر ڪو جيئرو
جاڳندو شخص آهي جنهن جون چور نظرون لاڳيتو مون کي
گهُوري ڪجهه چئي رهيون آهن....“
تڏهن مون محسوس ڪيو ته هوءَ منهنجي اکين جي
التجائن کي سمجهي وئي آهي. مون سندس هٿ ورتو،
چيائين: ”هٿ وٺڻ جو مطلب؟“
چيومانس: ”توکي ڇهي پڪ ڪرڻ ٿو چاهيان ته تون واقعي
ڪو مادي وجود آهين يا سچ پچ سمبارا جو روح! مون
سمبارا جي روح کي ڪيترائي ڀيرا خوابن ۾ ڇُهڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ۽ هوءَ هميشه فضائن ۾ وکري منهنجي
اکين کان اوجهل ٿيندي رهي آهي.“
تڏهن ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”سڀني مردن جي نفسيات هڪ
جهڙي هوندي آهي، شل نه ڪو عورت ڏسن جيستائين ان کي
نه ڇُهندا، تيستائين سُک نه ايندنِ. توبهه ڪڏهن
ڪڏهن ته عورت کي ڇُهڻ لاءِ اهڙا عجيب وغريب بهانا
ٺاهيندا آهن جو خدا ڏي پناهه!“
سندس طنز تي مان به کلي پيس. چيومانس: ”چڱو ڀلو
تجربو آهي توهان کي مردن جو!“ جواب ڏنائين: ”ها ڇا
ٿي پيو جي آثار قديمه جي ماهر آهيان! پر عورت ته
آهيان نه!“
چيومانس: ”ها عورت کي هڪ دل به ٿيندي آهي. ان دل ۾
هوءَ ڪنهن نوجوان ۽ حسين شهزادي جا خواب به
سجائيندي آهي. شايد توهان جو خواب اڃا تائين اڌورو
آهي!“
منهن تي نقلي غصو سجائيندي چيائين: ”خبر نه اٿئي
مان هڪ پرڻيل عورت آهيان، منهنجو هڪ مڙس به آهي.
هاڻي خواب ڇا جا!؟
تڏهن
اوچتو
منهنجي وات مان نڪتو: ”مڙس يا مڙس جي نالي ۾ هڪ
پوڙهو کَڳُ!“
منهنجي ائين چوڻ تي هن جي چهري جو رنگ اوچتو اڏامي
ويو. اداسيءَ ۾ نراشا جو هڪ ڊگهو ساهه کنيائين.
مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. يڪدم چئي
ڇڏيم: ”آءِ ايم سو ساري!“
”اِٽس اوڪي!“ هن هلڪي جهيڻي آواز ۾ چيو.
تڏهن چيومانس: ”ڊي ڊي! هي پهريون ڀيرو آهي جو آءٌ
ڪنهن آمريڪي عورت سان بنهه مختصر عرصي ۾ ايترو
ويجهو ٿيو آهيان. هن کان پهرين مون آمريڪي ماڻهن
جي باري ۾ رڳو ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، يا آمريڪي فلمون
ڏٺيون آهن. مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته آمريڪي ماڻهو
ڏاڍا ظالم ۽ انسانيت جا دشمن آهن، هُو سڄي دنيا تي
پنهنجي بيپناهه سائنسي، فني، اقتصادي ۽ فوجي طاقت
جي ذريعي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. مون ڪئين ڀيرا آمريڪا
مرده باد جا نعرا هنيا آهن!“
منهنجي ائين چوڻ تي هوءَ حيرانيءَ مان مون کي
ڏسندي رهي. پوءِ چيائين: ”۽ فلمن ۾ آمريڪين کي
ڪيئن ڏٺو اٿئي؟“
چيومانس: ”مون فلمن ۾ آمريڪي ماڻهن کي، ماڻهو نه
پر مشينون ڏٺو آهي. هنن ۾ ڪو انساني احساس ناهي،
هنن کي مائرن بدران مشينون ڄڻينديون آهن. هو مشينن
جيان سوچيندا آهن ۽ مشينن جيان ڪم ڪندا آهن. رحم،
قياس، پيار، محبت ۽ ٻيون انساني خصلتون هنن ۾ مشڪل
سان هونديون. مون ائين محسوس ڪيو آهي ته سڄي
آمريڪا ۾ ٽرمينيٽر- ٻه ۽ ٽرمينيٽر- هڪ جي نسل جا
ماڻهو رهن ٿا!“
”اوهه!“ هن وڏو ٽهڪ ڏنو. مان ڪجهه به ڪُڇي نه
سگهيس. هوءَ به چپ هئي. ٿوري دير کان پوءِ چيائين:
”هل ته لنچ ڪريون، مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي!“
اسان ريسٽورينٽ تي آياسين، مون مانيءَ جو آرڊر
ڏنو. ماني کائڻ وارو سمورو وقت هوءَ چپ هئي. ڪنهن
ڪنهن وقت رڳو ٿوري دير لاءِ مون کي ڏسي ڪنڌ
جُهڪائي ٿي ڇڏيائين. تڏهن هن جي موبائل جي گهنٽي
وڳي. هن ٿورو پري وڃي ڳالهايو ۽ جلدي فون بند ڪري،
اطمينان جو گهرو ساهه کنيو. پوءِ مرڪندي چيائين:
”مينڊروس جي فون هئي، هو ڪراچي پهچي ويو آهي ۽ اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ سينٽرل ايئر لائين جي جهاز ۾ سندس
فلائيٽ آهي، ٻارهن ڪلاڪن کان پوءِ آمريڪا پهچي
ويندو!“
”ويري گڊ!“ منهنجي واتان اهي ئي لفظ نڪري سگهيا.
چيائين: ”ڇا تون مون کي موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهڻ
۾ مدد ڪري سگهندين!؟“
ان سوال تي مان پريشان ٿي ويس. سوچيم جتي وڏا وڏا
ماهر موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهي ۽ سمجهي نه سگهيا
آهن، اتي مون جهڙو ماڻهو جيڪو رڳو افساني ادب ۾ ٻه
چار اکر لکي سگهيو آهي، اهو موهن جي دڙي جي ٻولي
ڪيئن ٿو پڙهي سگهي، پر مون ”ڊي ڊي“ کان پري به رهڻ
نٿي چاهيو. هڪ حسين نازنين موهن جي دڙي جي لپي
سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي بهاني گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن گڏ ته
هوندي. مون دل ئي دل ۾ انهن ماهرن جو شڪر ادا ڪيو
جن اڄ تائين موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان
لاچاري ڏيکاري هئي. جيڪڏهن موهن جي دڙي جي ٻولي
پڙهجي وڃي ها ته پوءِ منهنجو ڇا ٿئي ها!!
مون سندس سوال تي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هن هڪ
خوبصورت مرڪ جو تحفو ڏيندي چيو: ”اِٽس گريٽ!“
چيومانس: ”موهن جي دڙي جي لکت ايتري سولي ناهي جو
پڙهي سگهجي، پر جيڪو ڪم محبت سان ڪبو آهي، ان ۾
ڪاميابي يقيني ٿيندي آهي!“
تڏهن اوچتو کيس ڪجهه ياد آيو. هن پنهنجي ڊائري ۾
موهن جي دڙي جو نقشو ڪڍي مختلف جاين تي پين سان
ڪجهه نشان لڳايا. پوءِ چيائين: ”خبر اٿئي موهن جي
دڙي جي ڪل عمر ڇا آهي؟“
چيومانس: ”پندرهن هزار سال!“
هن کي حيراني وٺي وئي، پوءِ مرڪندي چيائين:
”منهنجو اندازو ڏهه هزار سالن جو آهي. هي شهر گهٽ
۾ گهٽ ڏهه ڀيرا اسريو ۽ تباهه ٿيو آهي!“
”ٿي سگهي ٿو.“ مون حيرانيءَ مان چيو.
هن چيو: ”ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سڀ کان آخري
ڀيرو هن شهر کي آباد ڪندڙ وڌيڪ ترقي يافته ۽ سڌريل
هجڻ کپن ها، پر آخري ڀيرو شهر کي آباد ڪندڙ نهايت
ئي اڻسڌريل هئا، هنن پڪل جاين بدران ڪچيون جايون
تعمير ڪيون، مسلسل ڪچيون جايون تعمير ڪرڻ سان
پراڻو شهر مٽيءَ ۾ ئي دٻجي ويو ۽ پوءِ آخري ڀيرو
تباهه ٿي مٽيءَ ۾ ڍڪجي ويو.“
مون کي حيراني وٺي وئي، چيومانس: ”ائين ڪيئن ٿو ٿي
سگهي؟“
”ائين ئي ٿيو آهي.“ هن ڊگهو ساهه کڻندي چيو: ”نه
ته هيترو مٿي لکين ٽن مٽيءَ جا خود به خود نه ويا
۽ وڃي شهر کي ڍڪي ڇڏيائون. اهو به ياد رکڻ گهرجي
ته مسلسل ٻه هزار سال برساتن سبب اها مٽي ڳرندي
هيٺ لهندي آئي آهي پوءِ به اهو شهر ڍڪيل رهيو ته
پوءِ ٻه هزار سال اڳ ان تي ڪيتري مٽي چڙهيل
هوندي.“
”هون! اها ته تمام ڪم جي پوائنٽ آهي؛ پر اهو ڪيئن
ٿو ممڪن ٿي سگهي ته جن لوڪن سڀ کان آخر ۾ شهر کي
آباد ڪيو، اهي سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل هئا!“
”اهو ممڪن آهي جن وحشي قومن موهن جي دڙي تي حملو
ڪري، ان کي تباهه ڪيو هو، اهي صرف ظلم ۽ بربريت ۾
اڳتي هيون. هو سُڌريل ڪونه هئا. سو جڏهن موهن جي
دڙي تي رهائش اختيار ڪيائون ته اهو ئي غير مهذب
انداز اختيار ڪيائون؟ مٽيءَ جا ڪچا ۽ سوڙها گهر!“
”هون… توهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي!“
ان وقت شام ٿي رهي هئي، چيومانس: ”ڇا پروگرام آهي؟
سائيٽ تي هلبو؟“
هن ڪلها لوڏي هاڪار ڪئي. اسان سائيٽ تي وياسين، سج
اولهه ڏانهن ويندي ويندي پنهنجي رفتار وڌائي ڇڏي،
اسٽوپا وٽ بيهندي هن ڪجهه نوٽس ورتا ۽ تصويرون
ڪڍيون، پوءِ چيائين: ”موهن جو دڙو تباهه ٿي وڃڻ
مان پوءِ ان جي دڙي مٿان ماڻهن ٻيهر تعمير ڪئي،
جنهن ۾ پڪين سرن بدران ڪچيون سرون ۽ اوڏڪيون ڀتيون
استعمال ٿيون آهن، عمارتن جو معيار انتهائي گهٽ
درجي وارو آهي، هتي ڪافي ناجائز حد دخليون پڻ نظر
اچن ٿيون. ٻهراڙيءَ ۾ اڻسڌريل ۽ گهٽ ترقي يافته
ماڻهن بعد ۾ هن شهر جي شڪل ئي تبديل ڪري ڇڏي، لڳي
ائين ٿو ته بعد ۾ هي شهر ڪو ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ
نه، پر عام ماڻهن جي رهڻ جي لاءِ هڪ بستي هئي!“
مون سندس ذهانت کي داد ڏيندي چيو: ”واهه توهان ته
اڄ مون کي ان سوال جو جواب ڏئي ڇڏيو جيڪو مون کي
هميشه تنگ ڪندو رهندو آهي!“
هوءَ مرڪي پئي ۽ چيائين: ”اڄ مان رات موهن جي دڙي
تي گذارڻ ٿي چاهيان!“
”ڇو؟“ مون کان حيرانيءَ ۾ رڳو ايترو ئي نڪري
سگهيو.
”اڄ مان ته تصورن جي دنيا ۾ وڃڻ چاهيان ٿي، پنج
هزار سال اڳ جي موهن جي دڙي جي شهر ۾ وڃڻ چاهيان
ٿي، هڪ زندهه موهن جو دڙو ڏسڻ چاهيان ٿي، ان جي
ماڻهن ۾ رلي ملي وڃڻ چاهيان ٿي، ان جي دڪانن مان
خريداري ڪرڻ چاهيان ٿي، ان جي پوڄا گهرن ۾ پوڄا
ڪرڻ چاهيان ٿي، نرتڪي ٿي ناچ نچڻ چاهيان ٿي،
سمبارا ٿي وڃڻ چاهيان ٿي، اتان جي پاٺشالائن ۾ اها
عظيم ٻولي پڙهڻ چاهيان ٿي، ٿي جيڪا دنيا جي آڏو هڪ
راز آهي، هڪ ڳجهارت آهي!“ ائين چوندي هوءَ انتهائي
جذباتي ٿي وئي. سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مون
چاهيو ته سندس ڳوڙها اگهان، پر ائين نه ڪري سگهيس،
کيس رڳو ايترو چئي سگهيس: ”جڏهن سائنس اڃا تائين
ڪا به اهڙي شيءِ ايجاد ئي نه ڪئي آهي جو انسان ان
ذريعي هزارين سال ماضيءَ ۾ وڃي سگهي ته پوءِ اها
اڻٿيڻي ۽ اجائي خواهش ڇو؟“
هن هڪ حيرت ڀري نگاهه مون تي وڌي، پوءِ چيائين:
”اها ڳالهه سائنس سان واسطو نٿي رکي، اها ڳالهه
انساني سوچ، خواهش ۽ امنگ سان تعلق رکي ٿي. سائنس
جي نظر ۾ گل هڪ سائنسي مظهر آهي، چنڊ، تارا، سج ۽
ڪهڪشائون به ان ئي ذمري ۾ اچن ٿيون پر انساني
احساس جي اک انهن کي ٻئي زاويي سان به ڏسي ٿي.
موهن جو دڙو سائنس ۽ تاريخ جي ٺوس حقيقتن جي بنياد
تي هڪ تباهه ٿي ويل شهر آهي، ان ۾ حسن ۽
خوبصورتيءَ جهڙي ڪا به شيءِ ناهي، چؤطرف کنڊرات
آهن، پر انساني احساس انهن کي خوبصورت سمجهن ٿا ۽
انهن کنڊرات سان پيار ڪن ٿا. انساني احساس کن پل ۾
هزارين سالن جو سفر طئي ڪري وٺندا آهن. اهي ماضيءَ
کي به ڏسي وٺندا آهن ته مستقبل ڏانهن به ڏسندا
آهن. مون به ائين ئي ڪيو آهي. مون کي نظر اچي رهيو
آهي پنج هزار سال اڳ جو موهن جو دڙو!“
اهو چوندي هن جي عجيب حالت ٿي وئي، سندس چهري جا
تاثرات سچ پچ اهو ٻڌائي رهيا هئا ته هاڻي واقعي به
هوءَ پنج هزار سال پوئتي هلي وئي هئي.
ان وقت رات جي ڪاري ڏائڻ پنهنجا پر ڦهلائي گگهه
انڌيرو مچائي چڪي هئي. تڏهن هن هڪ خوفناڪ رڙ ڪندي
چيو: ”نه نه هرگز نه مان سمبارا آهيان، موهن جي
سمبارا، نرتڪي ضرور آهيان، پر پنهنجي مرضيءَ سان
ناچ ڪندي آهيان. موهن منهنجو شهر آهي. توهان،
ڌاريا، ڌاڙيل، ڌوتا هتان هليا وڃو، اسين موهن جي
سڌريل سڀيتا جا مالڪ، امن سپند انسان آهيون، اسان
جنگ کان نفرت ڪريون ٿا، امن سان پيار ڪريون ٿا،
توهان جاهل ۽ وحشي درندا ڇا ڄاڻو امن ۽ انسانيت
مان! توهان کي ڪهڙي خبر ته تهذيب ڇا ٿيندي آهي،
تمدن ڇا ٿيندو آهي؟ اسان موهن جا ماڻهو سڄي دنيا
سان پيار ڪريون ٿا، سڄي دنيا کي اهڙي تهذيب سيکارڻ
چاهيون ٿا، جنهن جا اسان مالڪ آهيون. ڏسو ڏسو!
اسان پنهنجي رهائش لاءِ ڪيترا نه سهڻا گهر جوڙيا
آهن، اسان جا دڪان ڏسو، دڪانن ۾ اعليٰ قسم جو
سامان ڏسو، اسان جون ٻنيون ڏسو ۽ اناج جا ڀريل
گودام ڏسو. هي پاٺشالائون ڏسو جتي گيان جا انبار
آهن، اچو ته توهان کي گيان سيکاريون. اسان کان
گيان وٺي وڃي سڄي دنيا کي روشن ڪريو ڇو ته موهن جو
شهر گيان ۾ سڄي ڌرتيءَ تي سورج جيان تجلا ڏئي رهيو
آهي، ڇڏي ڏيو اسان کي ڇڏي ڏيو، اسان کي ڇڏي ڏيو ته
تهذيب ۽ تمدن جي آبياري ڪندي دنيا کي علم سان روشن
ڪندا رهون، اسان کي ڇڏي ڏيو ته علم ۽ گيان جا نوان
دڳ ڳولهي، دنيا کي ترقيءَ ۽ واڌاري جي معراج تي
پهچائي ڇڏيون!“
هوءَ بيساخته جذباتي ٿي ويئي، سندس ساهن جي ڌڪ ڌڪ
جو آواز چٽو ٻڌي رهيو هوس. هن اوچتو ڳالهايو:
”جيڪڏهن توهان پنهنجي طاقت ۽ هٿيارن جي زور تي
اسان کي غلام بنائيندؤ، اسان کي ماري ڇڏيندؤ ته
پوءِ ڌرتيءَ تي هڪ قيامت اچي ويندي. انسان ترقيءَ
جي هن معراج تان ڪِري پوندؤ، سوين سال بلڪه هزارين
سال پٺتي هليو ويندو، توهان کي بک آهي ته اسان کان
اناج وٺو، اسان جي اناج جا گودام ڀلي پاڻ سان کڻي
وڃو، پر اسان کي ماريو نه، اسان جو شهر نه اجاڙيو،
هليا وڃو هليا وڃو...... جيڪڏهن توهان کي پنهنجي
اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي جي ضرورت آهي ته ڪپڙو کڻو،
اسان توهان کي بيمارين کان بچڻ لاءِ دوائون به
ڏينداسين، توهان جي اگهاڙن پيرن کي جتيون به
ڏينداسين. توهان کي وحشيءَ مان انسان بنائينداسين،
بس رڳو اسان کي جيئدان ڏيو. اسان موت کان نٿا
ڊڄون، پر اسان کي پنهنجي سڀيتا جو فڪر آهي، اسان
جي سڀيتا بچندي ته دنيا بچي پوندي!“
ائين چوندي هن ڪاوڙ مان آسمان کي ڏٺو ڄڻ الله پاڪ
کي چوندي هجي، تون آسمانن تي ويهي ڇا جا تماشا ڏسي
رهيو آهين ۽ سچ پچ هن ائين ئي چيو:
”اي آسمانن وارا ڇا تون ڏسي رهيو آهين ته اڄ
ڌرتيءَ تي تاريخ جو سڀ کان وڏو انياءُ ٿي رهيو آهي
۽ تون چپ آهين!“
پوءِ هن ڪجهه ساهيءَ کان پوءِ وري چوڻ شروع ڪيو
ته:
”ٺيڪ آهي مان هڪ ناچڻي سهي، مان نچنديس ضرور
نچنديس، پنهنجي موهن شهر کي بچائڻ لاءِ ضرور
نچنديس، پر شرط اهو آهي ته توهان منهنجو ناچ ڏسي
هتان هليا ويندا، هميشه لاءِ هليا ويندا وري هتي
ڪڏهن به نه ايندا.“
ائين چوندي هن مون ڏي ڏٺو، پوءِ چيائين: ”اڙي موهن
تون ڇا ٿو ڏسين تنهنجي موهن نگر کي وديشي ڌاڙيل
تاراج ڪرڻ آيا آهن ۽ تون چپ آهين! اچ مون سان گڏ
ناچ ڪر، ٿي سگهي ٿو هيءَ مصيبت ٽري وڃي.“ ائين
چوندي هن مون کي ٻانهن کان اچي ڇڪيو، تڏهن مون کي
به محسوس ٿيو ته مان به پنج هزار سال پٺتي موهن جي
عاليشان شهر ۾ پهچي ويو آهيان. هڪ عاليشان پڪسرو
شهر، خوبصورت عمارتون، صاف سٿرو ماحول، تڏهن اوچتو
مون ڏٺو ته موهن جي دڙي جا ڪارا دراوڙ اتر کان آيل
سفيد وحشين جي قيد ۾ هئا. مان موهن شهر جي محل ۾
بادشاهن واري تخت تي ويٺو هوس ۽ سمبارا منهنجي
سامهون هئي، ڊي.ڊي هاڻي سانوري سمبارا بنجي چڪي
هئي. خوفناڪ سفيد وحشي، دراوڙن کي رسن سان ٻڌي
انهن کي مارڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. تڏهن سمبارا مون
کي چيو: ”اچ موهن اچ، مون سان ناچ ڪر، هن شهر کي
بچائڻو آهي ته پوءِ ناچ ڪرڻو پوندو.“
چيومانس: ”سمبارا! ڌارين جي سامهون صرف غلام ئي
نچندا آهن. آزاد ڪڏهن به ناهي نچندو.“
غصي مان چيائين: ”موهن! هي تاريخ جو پهريون ڀيرو
آهي جو هنن وديشي حمله آورن اسان جي شهر تي حملو
ڪيو آهي. جيڪڏهن اڄ هي اسان کي تباهه ۽ تاراج ڪري
اسان جي ڌرتيءَ تي قابض ٿي ويا ته پوءِ سنڌ ڪڏهن
به سک جو ساهه نه کڻي سگهندي ۽ سنڌ، حمله آورن جي
نسلن هيٺان بار بار لتاڙجندي رهندي، تباهه ۽ برباد
ٿيندي رهندي. پنهنجي تاريخ ۽ ايندڙ نسلن کي بچائڻ
لاءِ اسان جيڪڏهن ٿورو نچيو ته ڪهڙي خرابي ٿيندي.“
تڏهن چيو مانس: ”سمبارا ڇا هي حمله آور اسان جي
نچڻ سان هتان موٽي ويندا!؟“
سمبارا منهنجو سوال ٻڌي وحشي حمله آورن ڏانهن نفرت
۽ ڪروڌ مان ڏٺو ۽ پوءِ چيو: ”ٻڌايو توهان هِتان
هليا ويندا نه؟“
وحشي حمله آورن مان هڪ جيڪو انهن جو اڳواڻ پئي
لڳو، مرڪندي ها ڪئي. تڏهن درٻار جي سازندن سازن تي
هٿ ڦيريا، سمبارا سازن جي رڌم تي مست ٿي ويئي ۽
پنهنجي مخصوص انداز سان نرتڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ
لڳي. نچندي نچندي بار بار هوءَ منهنجي ٻانهن ۾ هلي
ٿي آئي. جيئن جيئن سازن جو رڌم تيز ٿيندو ٿي ويو،
سمبارا جو جسم وڌيڪ مستيءَ سان ٿڙڪڻ ٿي لڳو. مان
به مست ٿي ويس ۽ اهو وساري ويٺس ته موهن شهر جو
راجا آهيان. مون به سمبارا جو خوب ساٿ ڏنو، کيس
پنهنجي ٻانهن تي کنيو، چيلهه تي ٻانهون وجهي خوب
ڦيرا پاتا، پوءِ سمبارا ٿڪجي زمين تي ڪري پئي… مون
ڊوڙي کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن منهنجي ڪلهي
ته ڀالو اچي رکيو. ڏٺم ته حمله آورن جو اڳواڻ تمام
زهريلي مرڪ سان مون کي ڏسي رهيو هو. هن چيو: ”هاڻي
مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. اسان توهان جي موهن نگر کي
تحس نحس ڪري ڇڏينداسين، هاڻي هن شهر جي سِرَ سان
سِرَ نه ملندي، قتلِ عام ٿيندو. موهن نگر جون
گهٽيون رت ۾ رڱجي وينديون!“
تڏهن مان جذبات مان اٿي بيٺس ۽ قهر مان چيومانس:
”مڪار دوکيباز، ڪوڙا فريبي! تو اهو وعدو ڪيو هو ته
سمبارا جي ناچ کان پوءِ موهن جي ماڻهن کي نه
ماريندين، اسان تنهنجي وعدي تي اعتبار ڪيو ۽ تون
وعدي تان ڦري وئين!“
ان تي مڪاريءَ وارو هن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين:
”اسان توهان کي مارڻ کان اڳ سمبارا جو ناچ ڏسڻ ٿي
چاهيو. سمبارا جي ناچ جا وڏا چرچا ٻڌا هئاسين،
هاڻي اسان ان جو ناچ ڏٺو، اسان جي هاڻي مرضي،
هونئن به آقا هميشه دوکي سان ماڻهن کي غلام
بنائيندا آهن!“
ان تي مون کي ڪاوڙ آئي، مون جهڙپ ڏئي هن کان ڀالو
کسي سندس سيني تي رکيو، کن پل ۾ ويڙهه جي نوعيت
بدلجي چڪي هئي. مون جڏهن ڀالو سندس سيني تي رکيو
ته هُو خوف مان سِرسام جي مريض جيان ڏڪڻ لڳو، هن
جا ماڻهو مون ڏانهن وڌيا ته مون هٿ جي اشاري سان
کين روڪيندي چيو: ”ٿورو به اڳتي وڌندؤ ته توهان جي
اڳواڻ جو سينو چيري ڇڏيندس. چپ چاپ هٿيار ڦٽا ڪريو
۽ منهنجي ماڻهن جا هٿ کوليو. هنن کي لاچار ائين ئي
ڪرڻو پيو ۽ پوءِ دراوڙن پنهنجي جياپي جي ويڙهه
وڙهڻ شروع ڪري ڏني، هو سفيد وحشين جا ڪنڌ ائين ڪپڻ
لڳا ڄڻ فصل ۾ لابارو پيو هجي. ويڙهه هلندي رهي.
اوچتو هڪ ڀالو خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪٿان اڏامندو اچي
سمبارا جي سيني ۾ لڳو. سمبارا کان هڪ دانهن نڪتي ۽
مون کان سڀ ڪجهه وسري ويو، مان ڊوڙي رت ۾ لت پت
سمبارا کي سهارو ڏنو. سمبارا پنهنجا آخري پساهه
کڻندي مون ڏانهن ڏٺو. هن جي چهري تي اطمينان جي
مرڪ هئي. هن آخري هڏڪي ڏيندي چيو: ”موهن! مون
پنهنجي جان ڏئي پنهنجو شهر بچايو آهي. هاڻي پنهنجي
شهر کي غلام ٿيڻ نه ڏجانء!“ مون اکين ۾ پاڻي
آڻيندي ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، تڏهن هڪ تير منهنجي
سيني ۾ کُپي ويو، مون دانهن ڪئي. ڏٺم ته سفيد
وحشين جو اڳواڻ منهنجي رت ۾ ٻڏل تير کي مرڪي ڏسي
رهيو آهي. هن مڪارانه ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ٻڌاءِ! توکي
۽ تنهنجي دراوڙن کي موت ڏيان يا زندگي. ها زندگي
صرف ان شرط تي ڏيندس ته اهي اڇوتا ٿي رهندا هميشه
لاءِ… ها هاڻي مان تنهنجي شهر کي ڊاهي پٽ ڪري
ڇڏيندس. سڀ سون، چاندي، هيرا جواهر، موتي ياقوت سڀ
لُٽي کڻي ويندس!“
ائين چوندي هن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پنهنجو ڀالو منهنجي
سيني ۾ ٻيهر کپائي ڇڏيو. مون هڪ خوفناڪ رڙ ڪئي.
اهڙي رڙ جيڪا صرف ڪو ماڻهو موت کان اڳ ڪري سگهي
ٿو…
تڏهن منهنجي اک کلي وئي، ڏٺم ته ڊي ڊي مون کي
پنهنجي سيني تي سمهاري ويٺي آهي. سندس اکين ۾
ڳوڙها هئا، رات ڪافي اونداهين ٿي چڪي هئي. ڊي ڊي
مون کي اکيون کوليندي ڏسي چيو: ”ڇا ٿيو؟“
چيومانس: ”ڊي ڊي اڄ مون سان موهن جي دڙي جي ماڻهن
ڳالهايو آهي، اڄ خبر پئي ته موهن جو دڙو ڪيئن ۽ ڇو
تباهه ٿيو هو. اڄ موهن جي دڙي جي روحن، ماڻهن جو
روپ ڌاري مون کي اڻٻڌايل ڪهاڻي ٻڌائي آهي. مون کي
اڄ اها به خبر پئي آهي ته مان موهن نگر جي راجا جو
روح آهيان ۽ تون منهنجي سمبارا!“ تڏهن هوءَ منهنجي
سيني سان لڳي وئي، مون کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريندي
چيائين مون به سڀ ڪجهه ائين ئي ڏٺو آهي، مان
سمبارا آهيان ۽ تون سچ پچ منهنجو موهن، اڄ منهنجي
پنج هزار سال پراڻي آس پوري ٿي، تون مون کي ملي
وئين!“
تڏهن مون به هن سان خوب پيار ڪيو. پوءِ مون اوچتو
هڪ ننڍڙي ٽارچ ٻرندي پاڻ ڏانهن ڪنهن کي ايندي ڏٺم.
ان وقت ڊي ڊي منهنجي سيني تي سمهي اکيون پوري
ڇڏيون هيون. مون کي پڪ هئي ته ٽارچ وارو رسولو
هوندو. مون ڊي.ڊي کي اٿاريو. چيومانس ”دير ٿي وئي
آهي هل ته هلون.“
اسان آهستي آهستي واپس ٿياسين، رسولو مرڪندي معنيٰ
خيز انداز ۾ مون کي ڏسندو اسان سان گڏ هلڻ لڳو.
ڊي.ڊي منهنجي چيلهه ۾ هٿ وجهي آهستي آهستي هلي رهي
هئي. رسولي اشاري سان پڇيو: ڇا ٿيو اٿس. اشاري ۾
چيومانس- بيمار ٿي پئي آهي. اسان لاڙڪاڻي ۾ سمبارا
اِن جي ڪمري نمبر تيرنهن ۾ آياسين. هوٽل وارو ڊنر
کڻي آيو، ڊنر ڪرڻ کان پوءِ هن ٻه پيگ ٺاهيا. هڪ
مون کي ڏنائين ٻيو پاڻ پيتائين. پوءِ چيائين: ”اڄ
سمجهه ۾ آيو ته موهن جي دڙي جي مٽي مون کي ايترو
پاڻ ڏانهن ڇو ڇڪي رهي آهي. مان ئي سمبارا جو نئون
جنم آهيان ۽ تون منهنجو موهن آهين. ڇا ٿي پيو توکي
گذريل جنم ۾ نه ماڻي سگهيس هاڻي ته ماڻي سگهان ٿي
نه.“
پوري هڪ هفتي کان پوءِ هوءَ جڏهن واپس وڃي رهي هئي
ته ايئر پورٽ تي سڏڪندي منهنجي سيني ۾ پنهنجو منهن
لڪائيندي چيو: ”مان پنهنجي ڊاڪٽريٽ ڪري جلد واپس
اينديس. هن پوڙهي کان طلاق به وٺنديس ۽ پوءِ پاڻ
هميشه موهن جي دڙي تي رهنداسين. موهن جي دڙي جي
زمين ۾ تو سان گڏ رهندي مون کي جيڪو پيار، سڪون ۽
آنند مليو آهي، اهو بيان نٿي ڪري سگهان!“
هن کان موڪلائيندي منهنجون اکيون به ڀرجي آيون،
روئيندي چيم: ”جلدي ورڻ جي ڪجانءِ.“
هن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ
اڳتي نڪري وئي، پري وڃي هن هٿ لوڏيو ۽ ماڻهن جي
اَنبوهه ۾ گم ٿي ويئي.
هوءَ واپس ڇا ويئي مان ته ڄڻ ڀٽڪيل روح بڻجي ويس،
زندگي بي مقصد محسوس ٿيڻ لڳي. جيئن جيئن وقت
گذرندو ويو، تيئن تيئن منهنجو انتظار ۽ اوسيئڙو
وڌندو ويو. ڊي.ڊي جو ڪو به رابطو نه ٿيو. تڏهن مون
کي محسوس ٿيو ته آمريڪي ماڻهو صرف ڪم ڪڍائو هوندا
آهن، هو ڄڻ ته گوشت پوشت جون مشينون هونديون آهن
جن جي اندر ۾ احساس نالي ڪا به شيءِ نه هوندي آهي،
ڏينهون ڏينهن منهنجي خراب ٿيندڙ حالت تي هڪ دوست
آٿت ڏيندي چيو: ”بيوقوف انسان، آمريڪي عورتون دنيا
جون بيوفا ترين عورتون هونديون آهن، اهي مڙس ۽
عاشق ڪپڙن جي جوڙن جيان مٽائينديون آهن. تون هن کي
وساري هتي جو ڪو سهڻو جيون ساٿي ڳول!، جيون ساٿي
هوندو ته هو ڏک سک ۾ توسان سهڪاري ٿي پوندو، وساري
ڇڏ ان مڪار آمريڪي عورت کي، جنهن توکي ڪو خط نه
ٺهيو، پر فون به نه ڪئي. مون ڊي ڊي کي وسارڻ جو
ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. سوچيو هوم ته مان ڊي ڊي
سان يڪه طرفي محبت ڪندو رهندس، سندس ياد ۾ پنهنجي
اندر جي اونداهيءَ کي دور ڪندو رهندس.
…پوءِ جڏهن شاهده منهنجي زندگيءَ ۾ آئي ته هن مون
کي ايترو پيار ڏنو جو ڊي ڊي جي جدائيءَ جو عذاب
جهڪو ٿيڻ لڳو. جڏهن کان موهن جي دڙي تان ڊي ڊي سان
گڏ واپسي ٿي، مان ٻيهر موهن جي دڙي ڏانهن نه ويس،
مون کي موهن جو دڙو ڊي ڊي کان سواءِ کائڻ اچي ها.
ڪنهن جي جدائي جڏهن عذاب بنجي وڃي ته پوءِ انسان
ڪري به ڇا ٿو سگهي. هن ڀيري جڏهن شاهده موهن جو
دڙو گهمڻ جو ضد ڪيو ته مون به لاچار ها ڪئي. موهن
جي دڙي جي چپي چپي تي ڊي ڊي جون يادون منهنجي
آجيان لاءِ تيار بيٺيون هيون. دڙو گهمندي اچانڪ
ڪراڙو چوڪيدار رسولو مليو. چيائين: ”ابا تنهنجي
لاءِ اسان جي ايڊريس تي ڏهاڪو خط آيل آهن، آهين
ڪٿي…؟ هل ته خط ڏيان.“
مان هن سان گڏ ويس، هن مون کي خط ڏنا، سڀ خط ڊي ڊي
جا هئا، مون ڏڪندڙ هٿن سان هڪ خط کوليو، لکيل هو:
”پيارا نديم!“
هيءُ منهنجو سَتون خط آهي. خط جو جواب نه ڏيڻ تي
توسان ڪا به شڪايت ناهي ڇو ته جنهن موبائل فون ۾
تنهنجي ايڊريس ۽ فون نمبر رکيا هئم، اها ڪراچي
ايئرپورٽ تي مون کان گم ٿي وئي. مجبوريءَ ۾ موهن
جي دڙي واري ايڊريس تي هي خط ان اميد تي لکي رهي
آهيان ته هڪ ڏينهن تون موهن جي دڙي ضرور ويندين ۽
توکي منهنجا خط ملي ويندا.
تنهنجي لاءِ ٻه خوشخبريون آهن، هڪ ته مون ان پوڙهي
کڳ مينڊروس کان طلاق وٺي ڇڏي آهي، جنهن سان هڪ
مجبوريءَ ۾ شادي ڪئي هيم، ٻيو ته مون کي پي ايڇ.ڊي
جي ڊگري ملي وئي آهي، سئن فراسسڪو يونيورسٽيءَ مون
کي پروفيسرشپ جي آفر به ڪئي آهي… ها اهم ڳالهه ٻڌ!
تنهنجي پيار جي نشاني نَو مهينا منهنجي پيٽ ۾ پلجي
جنم ورتو آهي. ساڳيو تو جهڙو پيارو آهي، هن جي
پيشاني ساڳِي سنڌين جهڙي آهي. موهن جي دڙي جو
ماڻهو جو ٿيو! مون کي فخر آهي ته مان هڪ سنڌي پٽ
جي ماءُ آهيان. تنهنجي پٽ کي جلدي پاڻ سان وٺي
اينديس ۽ پاڻ موهن جي دڙي تي ملي شادي ڪري
ڇڏينداسين!
صرف تنهنجي ڊي ڊي“.
مان خط پڙهندو حيران ٿيندو رهيس. شرمندگي ۽ ندامت
جو احساس ويڙهي ويو ته مون ڊي ڊي تي يقين ڇو نه
ڪيو، پر خوشي به ٿي....... مان خط هٿ ۾ کڻي حيران
ٿي بيٺو هوس جو شاهده خط منهنجي هٿ مان وٺي پڙهڻ
لڳي. تڏهن مون کي هڪ اڻڄاتل خوف وڪوڙي ويو ته
شاهده جو ري ايڪشن ڏاڍو خراب هوندو پر خط پڙهي هن
مرڪندي رڳو ايترو چيو: ”اچي ٿي ته ڀلي اچي، ٻئي
گڏجي رهجو، هن تي پهريون ۽ آخري حق تنهنجو آهي!“
نوٽ: ناليواري اديب محترم احسان دانش جي ڪتاب
”موهن جو دڙو“ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران
2012ع ۾ شايع ٿيل آهي، تان مدد ورتي وئي آهي.
(ايوب عمراڻي) |