استاد لغاري
شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي:
سماجيات ۽ سياسيات جو سرچشمو
ولادت باسعادت: 22- نومبر 1928ع (پير جو ڳوٺ، ضلع
خيرپورميرس)
انتقال پُرملال: 10- جنوري 2012ع (آخري آرامگاهه،
پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپورميرس)
اعليٰ حضرت سيد سڪندر علي شاهه عرف شاهه مردان
شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي قدس سرهٗ، ستون نمبر پير صاحب
پاڳارا هئا. پاڻ ابتدائي تعليم حافظ مولوي امام
بخش رحمة الله جن کان حاصل ڪرڻ لاءِ ويٺا. مولوي
صاحب قرآن پاڪ جا حافظ هئڻ سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي
ٻوليءَ جا وڏا ڄاڻو به هئا.
پير سائين سيد صبغة الله شاهه (ثاني) سورهيه
بادشاهه جي شهادت بعد کيس پنهنجي ننڍي ڀاءُ سيد
نادر علي شاهه، سندن والده ماجده ۽ ڪجهه ٻين حويلي
مبارڪه جي عزيزن سميت ڪراچيءَ ۾ ماما پارسي گرلس
هاءِ اسڪول ويجهو، هڪ بنگلي ۾ قيد ڪري رکيو ويو.
اُهو بنگلو ان وقت مير خدا بخش خان ٽالپر آف
ٽنڊوباگو واري جي ملڪيت هو. هن وقت اُن جاءِ تي
ڊاڪٽر مِس صديقي جي اسپتال آهي. قيد و بند واري
حالت ۾ سندن مٿان سخت نگراني طور پوليس ۽ مليٽري
جو سخت پهرو لڳايو ويو، نوڪرن چاڪرن ۽ سندن گهر جي
فردن کي ڪنهن به ٻاهر واري ماڻهوءَ سان ملاقات يا
ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي.
1944ع جي اوائل ۾ ٻنهي ڀائرن- سيد شاهه مردان شاهه
(ثاني) ۽ سيد نادر علي شاهه کي ڪجهه ٻين ساٿين
سميت، سج لهڻ کان پوءِ اونداهيءَ ۾ برقعو پارائي،
ريل گاڏي ذريعي علي ڳڙهه لاءِ روانو ڪيو ويو. ريل
گاڏي جي درين جي شيشن کي ڪارو رنگ ڏنل هو. در،
دريون مڪمل بند هيون ۽ ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي
اجازت نه هئي. اِها ڪاروائي ان وقت جي هڪ
سي.آءِ.ڊي آفيسر محمود حسين جي نگرانيءَ ۾ ڪئي
ويئي، جيڪو بعد ۾ انسپيڪٽر جنرل آف سي.آءِ.ڊي جي
عهدي تان رٽائر ٿيو. دهلي
جي ويجهو ريل گاڏي جون دريون ۽ دروازا کوليا ويا،
جتي کين صاف سهڻو ۽ اُجرو صبح ۽ سج ڏسڻ نصيب ٿيو.
انهن ننڍڙن معصوم اسيرن کي اُتي رهايو ويو ۽ سندن
پڙهائڻ لاءِ صدرالدين نجيب نالي هڪ آفيسر مقرر ڪيو
ويو، جيڪو کين ڪڏهن ڪڏهن قرآن پاڪ جي تعليم پڻ
ڏيندو هو. ڪراچيءَ ۾ نظربندي دوران يا علي ڳڙهه ۾
کين ڪابه بنيادي سهوليت ميسر نه هئي، ڪو خاص
تعليمي انتظام به ڪونه هو.
جون 1946ع ۾، سمنڊ رستي پاڻي واري جهاز ۾، ٻنهي
ڀائرن کي ڪجهه ٻين ساٿين جهڙوڪ: محمد عاقل هڱورو ۽
علي بخش جوڻيجو سميت ولايت (برطانيا) موڪليو ويو.
سڀ کان اول کين ”ايورپول“ نالي هڪ مقام تي پهچايو
ويو، اتان کين ڪنهن پبلڪ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ
بجاءِ، هڪ اڳوڻي فوجي آفيسر ”مسٽر سِي.ڊيوس“ جي
پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اهو اسڪول
”هِيٿرو“
جي ويجهو ٻهراڙي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ”پائينر“ ۾ هو،
جتي ڪابه بنيادي سهوليت نه هئي. هن اسڪول ۾ ڪنهن
رٽائرڊ فوجي آفيسر جي نگراني هئي.
مسٽر ڊيوس جي اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد بنهه ٿورڙو
هو، جن ۾ سڀ جا سڀ غير ملڪي هئا. انهن شاگردن جو
تعلق ڪنهن نه ڪنهن طرح سان باغي نسل يا خاندان سان
هو. هتي هڪ اهڙو ماحول هوندو هو، جو ڪير به ڪنهن
سان پنهنجي خاندان متعلق ڏک سُورَ اوري نه سگهندو
هو. هتي گهڻو ڪري روڊيشيا، عراق، ايران، ٿائيلينڊ،
آئس لينڊ، ۽ ايٿوپيا جا شاگرد پڻ رهندا هئا.
مضمونن جي چونڊ شاگردن جي اختيار ۾ نه هئي. هتي
حضرت قبله شاهه مردان شاهه (ثاني) ۽ سندن ساٿين کي
عيسائيت واري مضمون سميت لاطيني به پڙهائي ويندي
هئي، ننڍي ڀاءُ سيد نادر علي شاهه کي فرانسيسي
ٻوليءَ ۾ به سبق ڏنو ويندو هو. اهو سلسلو پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ به هلندو رهيو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
هندستان جي هڪ آفيسر، حڪومت پاڪستان جي ڌيان تي
اها ڳالهه آندي ته:
”پير صاحب پاڳاري سيد صبغة الله شاهه (ثاني) شهيد
جي صاحبزادن کي ولايت مان وطن آڻڻ لاءِ بندوبست
ڪيو وڃي.“ اها ڳالهه ٻڌي پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر
نوٽيس ورتو ۽ اُن بعد ننڍڙن صاحبزادن کي عيسائيت
بدران ٻيو ڪورس پڙهائڻ لاءِ ڏنو ويو. هاڻي انگريز
سرڪار ڪچڙن ذهنن کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي هٿن ۾ هلڻ
لاءِ ڪوشش ڪئي، ليڪن عقيدت، عشق ۽ سچائيءَ ۾ ڪمي
نه آئي ۽ انگريزن جو خيال غلط ثابت ٿيو.
1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو. 1949ع جي پڇاڙي وارن
ڏينهن ۾ جيسلمير جي راجا مهاراجه گرڌرسنگهه،
جيسلمير جي مُک خليفن: غازي فقير مڱريي ۽ راڻو
فقير ڪلر کي پاڻ وٽ جيسلمير گهرائي چيو ته:
”توهان معزز خليفا آهيو، ان ڪري اوهان ٻين معزز
خليفن ۽ جماعت جي معتبر ماڻهن کان صحيحون وٺي ڏيو
ته جيئن پير صاحب سورهيه بادشاهه جي صاحبزادن کي
انگلينڊ مان واپس گهرائي، جيسلمير رياست ۾ گادي
قائم ڪري ڏيون. رياست جيسلمير جو ڪجهه حصو مخصوص
ڪري، حُر جماعت کي ڏنو ويندو ۽ راجا جي محل جو
مٿيون پورشن (حصو) پير صاحب جن لاءِ مختص ڪيو
ويندو.“ راجا جي انهي مشوري بعد، ٻنهي خليفن چيو
ته:
”جيڪڏهن پير صاحب پاڳاري جي گادي هندستان ۾ قائم
ٿِي ته اها رسمي هوندي ڇو جو حضرت پير سائين روضي
ڌڻي رحمة الله عليہ جن جي درگاهه مبارڪ سنڌ ۾
موجود آهي. ان ڪري اگر پير صاحب پاڳاري جي گادي
مبارڪ سنڌ ۾ بحال ٿي ته اُتي پير صاحب جي حيثيت ۽
اهميت هوندي.“
ان بعد غازي فقير مڱريو ۽ راڻو فقير ڪلر سنڌ ۾
آيا، جن اچي محمد حيات جوڻيجي ۽ مولوي محمد صالح
مهر سان احوال اوريو. ان سلسلي ۾ محمد حيات سان
ملاقات ڪري، سڄي صورتحال کان واقف ڪيو، ۽ عرض ڪيو
ته: ”پير صاحب پاڳاري کي وطن آڻي سندن گادي بحال
ڪئي وڃي.“ ٻئي طرف وري غازي فقير مڱريو، راڻو
فقير ڪلر، حاجي محمد افضل، مولوي محمد قاسم شورو،
حافظ عبدالرحمٰن پير آف ڀرچونڊي، مولوي محمد صالح
مهر، ڪمال فقير راڄڙ، خليفو مير محمد ڀيو، خليفو
ڪريم ڏنو ڪٽپر، خليفو حاجي عبداللطيف سلاوٽ، الهه
بچايو فقير وڪيو، عبدالحميد انڙ، فقير ملوڪ مهر،
فقير خالق ڏنو ڪيريو، حاجي ملوڪ فقير پهوڙ، ولي
محمد فقير، آچار فقير راهمون، سهراب فقير راڄڙ ۽
پير عبدالغفار نقشبندي رحمة الله عليہ وارن گادي
بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي.
فقيرن هڪ وفد ترتيب ڏنو، جنهن جو سربراهه حاجي سيد
محمد افضل شاهه جيلاني هو، وفد جي ٻين ميمبرن ۾
ڪمال فقير راڄڙ، مولوي محمد صالح مهر، خليفو مير
محمد ڀيو ۽ ڪريم ڏنو فقير ڪٽپر شامل هئا. فقيرن جي
وفد 1949ع ڌاري، ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان
سان ملاقات ڪئي، جنهن گادي بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
پاڪستان جي پهرين وزيراعظم جي حيثيت ۾ لياقت علي
خان 1949ع جي آخر ڌاري لنڊن جي دوري تي ويو جنهن
پنهنجي هوٽل واري رهائشگاهه تي برٽش حڪومت جي
اجازت سان ٻنهي صاحبزادن کي گهرائي ساڻن ملاقات
ڪئي.
1950ع جي اوائل ۾ لياقت علي خان پير صاحب پاڳارا
جن جي گادي بحال ڪرڻ جو پڪو واعدو ڪيو، هاڻي
درگاهه شريف کي به زيارت لاءِ کوليو ويو. حُرن کي
پاس ذريعي اچ وڃ جي اجازت ملي ويئي. ٻئي پاسي واري
حاجي محمد علي شاهه ڄاموٽ، حاجي محمد سومر وساڻ،
فقير علي بخش لغاري، فقير محمد علي دل، محمد حيات
جوڻيجو، علي محمد وساڻ، فقير محمد بچل خاصخيلي،
سرائي سانوڻ خان نظاماڻي ۽ حاجي دلبر نظاماڻي به
ڪوشش ۽ جدوجهد ۾ مصروف هئا ته ڪنهن به نموني گادي
بحال ٿئي.
30- جنوري 1952ع تي گورنر سنڌ پاران ڪجهه فقيرن کي
گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ گهرايو ويو، جن ۾ ٻين کان
علاوه محمد حيات جوڻيجو، ڪمال فقير راڄڙ، ڪريم ڏنو
ڪٽپر، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي، محمد بچل خاصخيلي
۽ جمال فقير خاصخيلي به شامل هئا. گورنر دين محمد
شيخ فقيرن کي چيو ته:
”توهان کي مبارڪون هجن، پير صاحب پاڳارا جن جي
گادي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. سورهيه
بادشاهه جي وڏي فرزند حضرت سيد شاهه مردان شاهه
(ثاني) کي ستون پاڳارو تسليم ڪيو ويو آهي.“
صاحبزادن جي وطن پهچڻ جي تاريخ 1- فيبروري 1952ع
ٻڌائي وئي. اها ڳالهه ٻڌي جماعت ۾ خوشيءَ جي لهر
ڇانئجي وئي.
1- فيبروري 1952ع مطابق 5 جمادي الاول 1371هه بروز
جمعه انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ ڀلاري ڏينهن تي
نيٺ حضرت پير سائين سيد سڪندر علي شاهه عرف شاهه
مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي قدس سرهٗ ۽ سندن ننڍو
ڀاءُ سيد نادر علي شاهه هزارين مريدن جي وچ ۾ هئا.
ٻنهي صاحبزادن کي فل انگريزي لباس پهريل هو، ان
وقت ايئرپورٽ تي موجود خاص ماڻهن ۾، محمد حيات
جوڻيجو، خليفو محمد عاقل هڱورو، علي بخش جوڻيجو،
خانبهادر غلام محمد وساڻ، سيد محمد علي شاهه
ڄاموٽ، محمد موسيٰ وساڻ، محمد بچل خاصخيلي، مولوي
محمد صالح مهر، ڪمال فقير راڄڙ، سرائي سانوڻ خان
نظاماڻي، ڪريم ڏنو ڪٽپر، مير محمد ڀيو ۽ حاجي ملوڪ
پهوڙ به حاضر هئا.
پير صاحب ايئرپورٽ کان فارغ ٿي، سڀ کان پهريان
گورنر هائوس وڃڻا هئا. جنهن لاءِ خانبهادر غلام
محمد وساڻ پنهنجي شيور لائيٽ گاڏي اڳتي آڻي
بيهاري، گاڏي جي چاٻي هڪ رومال تي رکي، پير صاحب
جن کي پيش ڪئي ويئي. گاڏي جو ڊرائيور مٺل شاهه
پوئين سيٽ تي ويٺو. گاڏي جي ڊرائيونگ پير صاحب
شاهه مردان شاهه جن پاڻ ڪئي ۽ اڳين سيٽ تي سندن
ننڍو ڀاءُ نادر علي شاهه ويٺا. وساڻ صاحب ٻِي گاڏي
۾ چڙهي گورنر هائوس ويو. گورنر هائوس ۾ ضروري
ميٽنگ کان فارغ ٿي، پير سائين جن ”پير ڳوٺ“ لاءِ
روانا ٿيا. اهڙي طرح اهو ڀلارو خوشين وارو ڏينهن
به اچي ويو، يعني 4- فيبروري 1952ع مطابق 8 جمادي
الاول 1371هه بروز سومر، جڏهن سيد شاهه مردان شاهه
(ثاني) جن جي ستين پير صاحب پاڳاري طور دستار بندي
ڪئي ويئي. الحمدلله!
1- اپريل 1952ع تي اعلان ٿيو ته ”فوراً لوڙها ختم
ڪيا وڃن.“ ايئن سڀني لوڙهن جا در کوليا ويا ۽
زوردار گهنٽيون وڄايون ويون، ملڪ توڙي ملڪ کان
ٻاهر (ڀارت ۾) لوڙهن جو تعداد 22 هو. جن جا نالا
هيٺين ريت آهن:
(1) کپرو، (2) جهول، (3) سنجهورو،
(4) شهدادپور، (5) شادي پلي، (6) پٿورو، (7)
جروار،
(8) جوهي، (9) وارهه، (10) نصيرآباد، (11) سکر،
(12) نوابشاهه، (13) حيدرآباد، (14) ميرپورخاص،
(15) ويساپور (ڀارت)، (16) علي پور (ڀارت)، (17)
دهندا (ڀارت)، (18) انڊبري (ڀارت)، (19) احمد آباد
(ڀارت)،
(20) احمدنگر (ڀارت)، (21) ڪلياڻ/امرناٿ (ڀارت)،
(22) بڙودا (ڀارت)
ان بعد پير صاحب پاڳارا شاهه مردان شاهه (ثاني)
پاران، وطن عزيز پاڪستان لاءِ خدمتن جو سلسلو شروع
ٿيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾، حڪومت پاڪستان پاران
”مجاهد فورس“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي
۾ هڪ فوجي آفيسر ميجر محمد اقبال صاحب کپري ۾ آيو.
خليفي حاجي محمد عاقل هڱوري سان ملاقات ڪري،
پنهنجو مقصد آڏو رکيائين. خليفي صاحب هڪ ڏينهن جي
مهلت گهري ۽ جماعت جي معززين جهڙوڪ: حاجي محمد
ابراهيم هڱورجو، قاضي فيض محمد راڄڙ، حاجي محمد
يوسف ڪُٻر ۽ دوست محمد فقير هڱورو سان گڏ ڪراچيءَ
۾ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي
سموري حقيقت عرض رکيائون. پاڻ انهي وقت حڪم
فرمايائون ته جيترن ماڻهن جي به ضرورت
هجي، يڪدم وڃي پوري ڪريو. ان بعد پير صاحب پاڳارا
جي حڪم سان ڀرتي جو پروگرام ٺاهيو ويو. في الحال
ٻن ڪمپنين جي ضرورت هئي. ان لاءِ ماڻهن کي اطلاع
ڏنو ويو، ٻن ڏينهن ۾ ڪمپنين جي ڀرتي کان به وڌيڪ
ماڻهو کپري ۾ اچي گڏ ٿيا. هڪ ڪمپني ’سانگهڙ
نمبر-1‘ جي نالي سان ٺهي، جنهن جو پهريون ڪمپني
ڪمانڊر حاجي محمد يوسف ڪُٻر مقرر ٿيو. ٻي ڪمپني
’سانگهڙ نمبر-2‘ جي نالي سان ٺهي. جنهن جو ڪمپني
ڪمانڊر حاجي عاقل هڱورو مقرر ٿيو. ٻن ڪمپنين هجڻ
ڪري، فقط ٻه ڪمپني ڪمانڊر مقرر ٿي سگهيا. تنهنڪري
ٻيا جماعت جا معزز ماڻهو جهڙوڪ: قاضي فيض محمد
راڄڙ ۽ فقير دوست محمد پير صاحب جي حڪم جي احترام
طور معمولي مجاهد ٿي ڪمپنين ۾ ڀرتي ٿيا. 1964ع ۾
وڌيڪ ٻن ڪمپنين جي ڀرتيءَ لاءِ چيو ويو جيڪي هڪ
’سانگهڙ نمبر-6‘ حاجي محمد ابراهيم هڱورجي جي
سربراهيءَ ۾، ٻي ’سانگهڙ نمبر-7‘ محمد ڪامل هڱوري
جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيون ويون.
اهوئي سبب هو جو 1965ع واري پاڪ ڀارت لڙائيءَ ۾
مجاهد فورس، پارڪ آرمي سان شانه بشانه فتوحات جو
سلسلو قائم ڪري، تاريخ ۾ پنهنجي فتوحات جي مهر نصب
ڪئي. جن علائقن ۾ مجاهد فورس ڪاميابيون ماڻيون،
انهن ۾ مهجلار، سوندرو، رانچلو، موناپو، ڪلون جو
تلاءُ ۽ ڏاونَسر جون چونڪيون قابلِ ذڪر آهن.
مذڪوره چونڪين ۽ ٻين علائقن ۾ فتوحات حاصل ڪندڙ
مجاهدن ۾ حاجي محمد يوسف ڪُٻر، حاجي محمد عاقل
هڱورو، حاجي محمد ابراهيم هڱورجو، محمد ڪامل
هڱورو، ڪمال فقير مڱريو، عبدالله فقير مڱريو، لعل
فقير مڱريو، تاجُو فقير ۽ جمال فقير جا نالا هميشه
ياد رهندا.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آءٌ ٽيون يا چوٿون درجو
سنڌي پڙهندو هوس تڏهن پير سائين پاڳارا سانگهڙ ۾
نظاماڻي فقيرن جي دعوت تي تشريف فرما ٿيا هئا. ان
وقت اسان جا وڏا سانگهڙ ۽ باکوڙي کان اوڀر طرف ڳوٺ
”دڙيءَ“ ۾ ويٺل هئا، آءٌ ٻار هئس، البت پير سائين
جن جي زيارت خاطر بابا کان موڪل وٺي شام جو سانگهڙ
ويس. سانگهڙ ۾ چاچا عُمر لغاري جي گهر رات ترسي،
صبح جو نظاماڻي پاڙي ۾، جماعت سڳوري جي هجوم ۾ وڃي
شامل ٿيس. اتي ڏٺم ته عقيدتمند فقير ”ڀيڄ پاڳارا“
جي نعرن سان خوشي جي عالم ۾ ٻهڪي رهيا هئا. مون
ڏٺو ته ڪن فقيرن کي ڳچيءَ ۾ چڙا ٻڌل هئا ۽ اُهي
”ڍڙمنگ ڍڙمنگ“ ڪندا، هيڏانهن هوڏانهن خوشيءَ ۾
ڪُڏڪِي ۽ ڊوڙي رهيا هئا. اُهو خوشيءَ وارو مست
الست منظر اڄ تائين به مون کان نه وسريو آهي. مون
کي جماعت سڳوري جي هجوم ۾ هندو مسلمان جو ڪو تفرقو
نظر نه آيو. ماڻهن جي هشام ۾ مون کي کينپر، گيلو،
پرچو، حسن، سانيل ۽ ٽِمون هڱورو به مليا هئا، جن
مون کي ڏسي هڪٻئي کي چيو هو ته: ”ڏسو، محمد عالم
لغاري جو ڇوڪرڙو به پير سائين جي زيارت لاءِ آيو
آهي.“
1990ع واري ڏهاڪي ۾ گهڻو ڪري آءٌ ناري واري چونڪي
سان، نانا آچر فقير هڱوري جي صحبت جي ڪري، ”درگاهه
شريف“ ويندو هئس ۽ ڪيترائي ڏينهن اُتي رهي، ٻين
فقيرن سان گڏ درگاهه مبارڪ جي مکيه دروازن تي
ڊيوٽي ڏيندو هئس. نانا آچر فقير هڱوري جي انتقال
بعد درگاهه شريف تي منهنجي وڃڻ جو سلسلو سُست ٿي
ويو. ان ڪري پير سائين جن جي زيارت دعوتن تي ٿي
ويندي هي. پير سائين جن هر دعوت تي، زيارت ڪرائڻ
مهل تلقين فرمائيندا هئا ته:
“پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيو، نياڻين جي تعليم جو
خاص اهتمام ڪريو. پاڙي وارن کي تڪليف هرگز نه
پهچايو. قانون جو احترام ڪريو ۽ جڏهن به پنهنجي
ڳوٺ وڃو، ته پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ پاڙي وارن کي
سلام چئجو.”
پير سائين پاڳاري جن جا اهڙي قسم جا سهڻا ۽ دعائيه
پيغامات ۽ سلام نانا آچر فقير هڱورو مرحوم سدائين
ٻين کي پهچائيندو رهندو هو. پير سائين پاڳارا حضرت
شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي قدس سرهٗ پنهنجي
اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري، هڪ منفرد حيثيت جا
مالڪ هئا. جيڪو هڪ ڀيرو به ساڻن مليو ته اُهو کين
ڪڏهن به وساري نه سگهندو. روزمرهه جي معاملات ۾
وڏا عالي ظرف، بُردبار، وڏي صبر ۽ سهپ وارا روحاني
اڳواڻ هئا. پاڻ هڪ مقتدر روحاني مرڪز جا رهنما ۽
صفِ اول جا سياسي رهبر به هئا. پاڻ سماجيات ۽
سياسيات جا سرچشما ۽ سرواڻ هئا. سندن نالو مُلڪ
توڙي ملڪ کان ٻاهر هميشه وڏي عزت ۽ احترام سان
ورتو ويندو.
]نوٽ:
هن مضمون متعلق معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ، استاد گل
محمد راڄڙ ولد ڪمال فقير راڄڙ جن جو گهڻو ٿورائتو
آهيان. (اُ.ل)[
ڊاڪٽر مخمور بخاري
عجب عشق آهي اسان جو الستي…
(مخدوم طالب الموليٰؒ جي شخصيت،
فڪر ۽ فن جو جائزو)
سنڌ جي ڇهه سؤ سال قديم شهر هالا جي علمي ۽ ادبي
تاريخ حضرت مخدوم نوح سرورؒ کان شروع ٿئي ٿي. حضرت
مخدوم نوح سرورؒ نه رڳو پنهنجي وقت جو عارف ڪامل
بزرگ هو، پر ساڳئي وقت قرآن شريف جو فارسي مترجم،
مفسر ۽ اوائلي سنڌي بيت چوندڙ پڻ هو. انهي اعليٰ
بزرگ جي اولاد مان ڪيترائي شاعر، عالم، اديب ۽ اهل
الله پيدا ٿيندا رهيا آهن. جن ۾ علم و ادب جي
حوالي سان خاص طور مخدوم امين محمد ’پکن ڌڻي‘،
مخدوم غلام محمد گل سائين ۽ مخدوم غلام حيدر ذڪر
لائق آهن. جن مان مخدوم غلام حيدر سياسي توڙي علمي
۽ تعليمي حوالي سان وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
ان ئي گلدستي جو هڪ خوبصورت ۽ پنهنجن خيالن ۽
شخصيت سان ديرپا خوشبوءِ ڇڏيندڙ هستي مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰؒ جن به آهن. سندن جنم
4- آڪٽوبر 1919ع تي درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ
جي سورهين سجاده نشين مخدوم غلام محمد گل سائين جي
گهر ٿيو. گل سائين پاڻ به شاعر، اهل دل، صاحبِ
بصيرت ۽ نثرنويس هئا. سندن تصنيفن ۾ ’امل ماڻڪ‘
(نهج البلاغه جو سنڌي ترجمو) ۽ ڪجهه شاعري محفوظ
رهي آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي تعليم
۽ تربيت ان روح پرور علمي ۽ روحاني ماحول ۾ سڄاڻ
شخصيتن جي زير سايه ٿي. سندن درسي تعليم جي شروعات
قرآن شريف پڙهڻ سان ٿي جيڪا آخوند ولي محمد کان
حاصل ڪرڻ شروع ڪيائون(1). جنهن کان پوءِ سنڌي
تعليم ماستر عبدالغفور ۽ هالا جي مشهور شاعر، ناول
نگار انجم هالائيءَ وٽان حاصل ڪرڻ بعد فارسي جي
تعليم شروع ۾ پنهنجي چاچي ۽ عالم، اديب مخدوم غلام
حيدر کان حاصل ڪيائون ۽ پڻ مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي
۽ مولوي محمد عالم ڊڀري واري وٽان پڙهيائون.
مولانا عبيدالله سنڌي کان به درس وٺي سندن شاگردن
۾ شامل ٿيا(2). ان ابتدائي تعليم کان پوءِ مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰؒ جي سندن والد مخدوم غلام
محمد ”گل سائين“ خود تربيت ڪرڻ لڳا ۽ مسلسل کين
مريدن وٽ دعوتن تي موڪليندا رهيا ته جهڙي ريت
کانئن پوءِ ايندڙ پڳدار جي مريدن سان شناسائي ٿئي
۽ ٻيو ته فطرت کي جهاڳڻ، ماڻهن کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽
زماني جا رنگ ڍنگ ڏسڻ مان جيڪو علم ۽ تجربو حاصل
ٿئي ٿو، اهو ڪنهن بند ڪمري ۾ ويهي هزارين ڪتاب
پڙهڻ سان حاصل نه ٿو ٿئي. اسان ڏسون ٿا ته سندن
طبعيت ۾ جيڪا وضعداري، برداشت ۽ سماجي ڄاڻ هئي،
اها ان تربيت جو ئي نتيجو آهي، جيڪا کين سندن والد
مخدوم غلام محمدؒ وٽان حاصل ٿي.
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت ” طالب الموليٰ“،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنه 1944ع ۾ پنهنجي
والد جي وصال بعد، درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ جا
سترنهان سجاده نشين مقرر ٿيا. سڄي عمر ان ذميواري
کي احسن نموني سان نباهيندي گذاريائون. ساڳي ريت
پنهنجي حياتيءَ کي علم و ادب تعليم، سماج ۽ مثبت
سياست لاءِ وقف ڪيائون. زندگي ۾ اڻٿڪ محنت جي سبب
پنهنجي پوئين ڄمار ۾ عليل به رهيا ۽ نيٺ 11- جنوري
1993ع تي هن جهان مان رخصت ٿيا.
شاعر هو، باڪمال هو، اهلِ وفا به هو،
هر دل جو غم شناس، ڪرمِ آشنا به هو.
’مسندنشين‘ ته ملڪ ۾، آهن گهڻائي پر،
هو هن ’غريبِ شهر‘ جو، غمِ آشنا به هو.
ان جي نظر سياست دوران کان باخبر،
هو ناز جنهن تي سنڌ کي سو رهنما به هو(3).
(علي محمد مجروح)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ بابت هيءُ مضمون
مختلف عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جهڙي ريت هن گهُڻ
رُخي شخصيت بابت اسان گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهون.
سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي شخصيت جا
ڪيترائي پهلو آهن، جن ۾ سياست، سماج ۽ تعليم جي
شعبي ۾ سندن خدمتون اهم آهن. پاڻ دستياب رڪارڊ
موجب 1952ع ۾ هالا ميونسپالٽي جا صدر ۽ 1960-04-02
کان 1961-09-03 تائين چيئرمن رهيا(4). 1953ع ۾ بنا
مقابلي ميمبر سنڌ اسيمبلي منتخب ٿيا. جنهن کان
پوءِ ايوب خان جي دور ۾ ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جا
ميمبر پڻ رهيا. مخدوم صاحب جن جي ذاتي دلچسپي سبب
سندن ميزبانيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پهريون
ڪنوينشن 1- جون 1970ع تي هالا ۾ ٿيو، ان ڏينهن ون
يونٽ جي خاتمي جو اعلان ٿيو هو ۽ شهيد ذوالفقار
علي ڀُٽي هالا ڪانفرنس ۾ قوم کي ون يونٽ جي خاتمي
جي مبارڪباد ڏني هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰؒ جن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
جو پهريون وائيس چيئرمن مقرر ڪيو ويو.
علمي حوالي سان پڻ مخدوم صاحب جن جو ڪردار به
اهميت ڀريو آهي. سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب
المولي اورينٽل ڪاليج هالا، سنڌ طيبه ڪاليج
حيدرآباد، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو جا سرپرست
رهيا. کپري هاءِ اسڪول جي هاسٽل پڻ مخدوم صاحب جي
علم نوازيءَ جي يادگار آهي. ان کان سواءِ مخدوم
طالب الموليٰؒ جن جي طرفان ڪيترن ئي شاگردن کي
اسڪالرشپ ۽ سونا تمغا پڻ ملندا رهيا.
ادبي خدمتون:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سائين جن پنهنجي
مصروف پيراڻي زندگي گذارڻ جي باوجود سنڌي علم و
ادب سان لنؤن لاتي ۽ علمي طور پڻ وڏا ڪارناما ڪري
ڏيکاريا، جن ۾ هالا ۾ ”الزمان پريس“ قائم ڪري
”پاسپان“ ۽ ”الزمان“ اخبارون جاري ڪيائون، ان کان
سواءِ ”انجمن علم و ادب هالا“ جي سرپرستي ڪندي 1-
نومبر 1952ع تي سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي بيت
الحڪمت هالا ۾ هڪ عظيم الشان ادبي ڪانفرنس منعقد
ڪرايائون، جنهن جي صدارت هاڪاري عالم ۽ دانشور
علامه آءِ.آءِ.قاضي ڪئي. 1950ع ۾ فردوس پبليڪيشن
طرفان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”فردوس“ جي به هر لحاظ
کان رهنمائي ڪندا رهندا هئا، پر جڏهن فردوس جي
سنڀاليندڙن جا ذاتي اختلاف وڌڻ لڳا ته مخدوم صاحب
جن اهو رسالو باقاعده پنهنجي نگرانيءَ ۾ شايع
ڪرائڻ لڳا ۽ ان دوران سليم هالائي کي ماهوار فردوس
جو ايڊيٽر مقرر ڪيائون. 1952ع ۾ سندن ئي نگرانيءَ
۾ مسٽر جمع خان غريب، ’طالب الموليٰ‘ جي نالي سان
ماهوار سنڌي رسالو سيتا شهر مان جاري ڪيو. 1954ع ۾
”انجمن علم و ادب“ جي هڪ ذيلي شاخ ”اداره روح ادب“
جي نالي سان مخدوم صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ قائم ڪري
حيدرآباد مان ماهوار ”روحِ ادب“ جي نالي سان سنڌي
رسالو شايع ڪيو ويو. سنه 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جا ميمبر مقرر ٿيا. 1956ع ۾ سندن ئي سرپرستيءَ هيٺ
حيدرآباد مان ماهوار ”شاعر“ نالي رسالو جاري ڪيو
ويو. 1957ع ۾ ”جمعيت شعراء سنڌ“ جا صدر چونڊجڻ
قابلِ ذڪر آهي. ان کان سواءِ 14- آڪٽوبر 1961ع تي
حيدرآباد جي بسنت هال ۾ مزاحيه ڪانفرنس پڻ منعقد
ڪرايائون. ان کان سواءِ سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي
مڃتا ۾ نومبر 1955ع ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ“ جوڙي
وئي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا سنه 1961ع کان 1971ع
تائين ۽ ٻيهر 1989ع کان 1992ع تائين چيئرمن رهيا.
ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، لطيف يادگار
ڪائونسل، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ اڪيڊمي سنڌ
يونيورسٽي (هاڻوڪي سنڌالاجي) جي مشاورت ڪميٽيءَ جا
ميمبر پڻ رهيا.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن کي سندن علمي ۽
ادبي خدمتن جي مدِنظر حڪومت پاڪستان طرفان 1965ع ۾
”تمغه پاڪستان“ سنه 1992ع ۾ ”هلال امتياز“ ۽ سنه
1991ع ۾ کين ”لطيف ايوارڊ“
جا اعزاز ڏنا.
تصنيفون:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن مٿي ڄاڻايل ادبي
سرگرمين جي باوجود تمام گهڻو ادبي پورهيو ڪيو آهي.
سندن ترجمو، ترتيب ۽ طبع زاد ڪتابن جو تعداد 26 کن
آهي، جن جي وچور هن ريت آهي:
(1)
بهار طالب:
شاعريءَ جو پهريون مجموعو جيڪو 1946ع ۾ هالا مان
شايع ٿيو.
(2)
رباعيات طالب:
رباعين جو مجموعو، پهريون ڀيرو 1946ع ۾ سليم
هالائي شايع ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو 1990ع ۾ مخدوم جميل
الزمان ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا مان شايع ڪيو.
(3)
اسلامي تصوف:
تصوف جي حوالي سان ترتيب ڏنل مضمونن جو مجموعو
1951ع ۾ شايع ٿيو.
(4)
شيطان:
1951ع ۾ شايع ٿيو.
(5)
خودشناسي:
ترجمو ڪيل 1952ع ۾ شايع ٿيو.
(6)
امام غزالي جا خط:
امام غزالي جي خطن جو ترجمو 1953ع ۾ شايع ٿيو ۽
ٻيو ڀيرو
طالب الموليٰ اڪيڊمي پاران 1994ع ۾ پڌرو ٿيو.
(7)
دُرِ ناياب عرف يادِ رفتگان:
سنڌ جي چونڊ مرحوم شاعرن ۽ زندگين جو مختصر احوال.
فوٽو ۽ ڪلام سميت الزمان پريس هالا طرفان 1953ع ۾
شايع ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو نئين سر واڌاري سان سنڌي ادبي
بورڊ طرفان 1994ع ۾ شايع ٿيو.
(8)
مثنوي عقل و عشق:
عشق بابت طويل مثنوي، جنهن جي آخر ۾ مثنوي ۾ ڪم
آندل قرآن شريف جي آيتن جو ترجمو ۽ ڏکين لفظن جي
معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي. هيءُ ڪتاب پهريون ڀيرو
”اداره روح ادب سنڌ“ طرفان 1955ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو
1983ع ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ“ شاخ هالا طرفان شايع
ٿيو.
(9)
ڪچڪول طالب:
شاعريءَ جو هيءُ چوٿون مجموعو 1955ع ۾ شايع ٿيو.
(10)
ڪافي:
سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف ڪافي تي هيءُ پهريون
تحقيقي ڪتاب، پهريون ڀيرو 1958ع ۾ ۽ ٻيو دفعو
”بزمِ طالب الموليٰ“ شاخ هالا طرفان 1962ع ۾ پڌرو
ٿيو.
(11)
شانِ سروري:
شاعريءَ جو پنجون مجموعو 1958ع ۾ شايع ٿيو.
(12)
ڇپر ۾ ڇڙيون:
مخدوم صاحب جي بيتن ۽ ڪافين جو هيءُ مجموعو پهريون
ڀيرو 1971ع ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ سنڌ“ پاران ۽ ٻيو
ڀيرو 1990ع ۾، ٽيون ڀيرو 2005ع ۾، ۽ چوٿون ڀيرو
2011ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي نروار ٿيو.
(13)
سنڌ جو ساوڻ:
هيءَ مثنوي لڳ ڀڳ 1982ع ۾ شايع ٿي.
(14)
ديوانِ طالب الموليٰ:
مخدوم صاحب جي غزل جو هيءُ ديوان ”سروري پبليڪشن“
هالا پاران 1982ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو ”طالب الموليٰ“
اڪيڊمي پاران 2011ع ۾ پڌرو ٿيو آهي.
(15)
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه:
ڪانگ جي ذريعي پرين ڏانهن پيغام اُماڻڻ وارو احوال
426 شعرن جي مثنوي ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب
1982ع ۾ شايع ٿيو.
(16)
شام و صبح:
هيءُ مختصر ڪتاب ”بزمِ طالب الموليٰ“ طرفان 1982ع
۾ پڌرو ٿيو جيڪو خود شاعر جو تحرير ٿيل آهي.
(17)
بي پير اکيون:
ڪافيءَ جو مڪمل مجموعو جيڪو شاعر جي تحرير سان سنه
1987ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ سنڌ“ طرفان شايع ٿيو.
(18)
مصري جون تَڙون:
مخدوم طالب الموليٰ جي چونڊ ملفوظات تي مشتمل هيءُ
ڪتاب-
”طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا“ طرفان 1990ع ۾ شايع
ٿيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو
'Pieces of Sugar candy'
جي سري سان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو، جيڪو پڻ
اڪيڊمي پاران 1997ع ۾ پڌرو ٿيو.
(19)
سدا وسين سنڌڙي:
بيتن جو هيءُ مجموعو ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا
پاران 1990ع ۾ شايع ٿيو.
(20)
آبِ حيات:
بيتن ۽ ڪافين جو هيءُ مجموعو ”طالب الموليٰ
اڪيڊمي“ 1990ع ۾ نروار ڪيو.
(21)
چهنڊڙيون:
مخدوم صاحب جي قطعن جو هيءُ مجموعو ”طالب الموليٰ
اڪيڊمي“ 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
(22)
منهنجو ننڍپڻ:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ننڍپڻ جي
يادگيرين متعلق هيءُ ڪتاب سندن نالي پٺيان قائم
اڪيڊمي 1993ع پڙهندر تائين پهچايو.
(23)
مضامين طالب الموليٰ:
علمي ادبي مضمونن جو هيءُ مجموعو ”طالب الموليٰ
اڪيڊمي“
پاران 1996ع ۾ نروار ٿيو.
(24)
بهارِستان:
رباعين، قطعن ۽ فردن جو هيءُ مجموعو اڪيڊمي 1994ع
۾ پڌرو ڪيو.
(25)
لغات سنڌي مخففات:
مخدوم صاحب جي مرتب ڪيل هيءَ لغتم سنڌي ادبي بورڊ
1994ع ۾ نروار ڪئي.
(26)
شانِ حسين:
مرثين، منقبتن، نوحن ۽ سلامن جو هيءُ مجموعو 2004ع
۾ نروار ٿيو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ بابت پيش ڪيل
معلومات جي آڌار تي اسان چئي سگهون ٿا ته سندن
سموري حياتي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ گذري ته ان سان
گڏوگڏ پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇويهه کن نثري نظمن جا
ڪتاب پڻ لکيائون. هت اسين ٻن مکيه عنوانن هيٺ سندن
نثر ۽ نظم جو مطالعو ڪنداسين.
نثر:
مخدوم صاحب نثر ۾ ڏهه ڪتاب لکيا. اسان کي هٿ آيل
ڪن مکيه ڪتابن بابت ترتيب وار جدا جدا گفتگو
ڪنداسين:
(1) امام غزالي جا خط:
هيءُ ڪتاب- حجة الاسلام امام غزالي جي چونڊ خطن جو
سنڌي ترجمو آهي. جنهن ۾ امام صاحب رياست جي
حڪمرانن کي رياست تي حڪمراني ڪرڻ، عوام جي اهنجن،
تڪليفن، ۽ مسئلن جي تدارڪ ڪرڻ ۽ اسلامي نظرين
(جنهن موجب رياست اندر رهندڙ هر مذهب، فرقي، رنگ
نسل جي فرد کي برابر ۽ بنيادي حق ڏنا وڃن) موجب هڪ
رياست کي هلائڻ لاءِ گفتگو ٿيل آهي. امام غزالي
پنهنجي هڪ خط ۾ وقت جي بادشاهه کي مخاطب آهي:
”اي امير! جيڪڏهن اوهين آخرت ۾ نيڪ بختي ۽ خوشحالي
گهرو ٿا ته خداوندي فرمان کي پنهنجو رهنما بنايو.
حق تعاليٰ جي فرمان کان سواءِ چاره جوئي ڪرڻ ڪنهين
دستور باطل ۾ ڪابه شيءِ تلاش نه ڪريو ۽ نه طاغوتي
نظام (شيطاني نظام) جي پيروي ڪريو، يا ڪنهن اهلِ
حق جي صحبت اختيار ڪريو جو شيطان جي چنبي کان آزاد
هجي، هو اوهان کي به انهي چنبي مان آزاد ڪرائي
ڇڏيندو(5).“
”امام غزالي جا خط“ موضوع توڙي مواد جي اعتبار کان
اڄ به اهميت ڀريا آهن.
(2) درِناياب عرف يادِ رفتگان:
يادِ رفتگان، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي
جن جو هڪ اهم علمي ڪتاب آهي جيڪو شاعري جي تاريخ
جو با تصوير باب جي حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جو
پهريون ڇاپو سنه 1953ع ۾ الزمان پرنٽنگ پريس هالا
مان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪل 44 شاعرن جا باتصوير
احوال ۽ نموني خاطر سندن شعر درج ڪيو ويو، جڏهن ته
هن ڪتاب جو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو سنه 1994ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪل ٻه سو پندرهن
شاعرن جو باتصوير احوال ۽ نموني خاطر سندن شعر
آندو ويو آهي.
يادِ رفتگان جي پهرئين ڇاپي کان پوءِ وري پنهنجي
زندگي جي آخري حصي ۾ مخدوم صاحب جن هن ڪتاب جي
مواد ڪٺي ڪرڻ ۽ ان تي نظرثاني ڪرڻ جو ڪم نئين سري
سان شروع ڪيو. ان ڏس ۾ مخدوم جميل الزمان جن لکن
ٿا:
”… ٻي ڇاپي جي تياريءَ جو ڪم حضرت قبله مخدوم صاحب
جن نومبر 1991ع ۾ شروع ڪيو، ۽ ڊسمبر 1992ع ۾ مڪمل
ڪيائون. ان جو مسودو سندن پلنگ تي ساڄي پاسي کان
رکيل هوندو هو جنهن تي طبعيت جي ناسازي ۽ ٻين
مصروفيتن جي باوجود وڏي انهماڪ ۽ دلچسپيءَ سان
نظرثاني ڪندا هئا(6).“
ڪتاب درناياب عرف يادِ رفتگان جي پهرئين ڇاپي ۾
مخدوم طالب الموليٰ جن مرحوم شاعرن کي غائبانه
خطاب ڪيو آهي، لکن ٿا:
”اي ڪاغذي دنيا جا شهريارو! اوهان جون تصنيفون
اوهان جون سدا بهار حڪومتون آهن، ڏسڻ وارن جي
اڳيان اوهين نقوش ۽ حروف جو لباس پهري کلندا ۽
ڳالهائيندا نظر اچو ٿا. اوهان شاعريءَ جي مملڪت ۾
شهرتِ عام ۽ بقائي دوام جا اهڙا ته عالي شان ۽
پائدار محل تعمير ڪري ڇڏيا آهن جو سوين سال اڃا به
ساڳئي ساز ۽ سامان سان سينگاريل رهندا. ڪيترائي
نسل انهن محلن ۾ ايندا رهندا ۽ آرام ڪندا
رهندا(7).“
ساڳي ريت ٻئي ڇاپي ۾ منظوم خطاب ڪيو، اٿن جيڪو 5-
ڊسمبر 1991ع جو لکيل آهي.
يادِ رفتگان ۾ شامل مواد جي ترتيب به بنيادي قسم
جي آهي، جنهن ڪري هيءُ ڪتاب پڙهندڙن وٽ سانڍڻ جهڙو
ته آهي ئي پر اديبن، شاعرن، نقادن ۽ محققن وٽ
حوالاجاتي نوعيت جهڙي حيثيت پڻ رکندڙ آهي.
شمشيرالحيدري ڪتاب جي مواد جي حوالي سان ڇپائيندڙ
نوٽ ۾ لکي ٿو:
”يادِ رفتگان ۾ مختلف دورن، مختلف هنڌن، مختلف
صنفن ۽ مختلف فڪري مڪتبن جي شاعرن کي چونڊيو ويو
آهي. جيتوڻيڪ انهن جو تمام مختصر تعارف ڏنو ويو
آهي پر تڏهن به هرهڪ جو جنم ۽ موت سن، رهائش جو
هنڌ، روزگار جو وسيلو، تعليم، شوق، شغف، شاعراڻو
مرتبو ۽ شاعريءَ جو نمونو، سڀ ضروري معلومات اهڙي
طرح ڏني وئي آهي، جو ’يادِ رفتگان‘ فوتي شاعرن جي
هڪ مستند ڊئريڪٽري بنجي پئي آهي، جيڪا حوالي جي
ڪتاب طور ڪتب ايندي(8).“
(3) ڪافي:
هيءُ ڪتاب به موضوع جي اعتبار کان سنڌي زبان ۾ اهم
جاءِ والاري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن صنف جي فن بابت هيءُ
ڪتاب اڄ ڏينهن تائين واحد ڪتاب آهي. ڪافي، سنڌي
شاعريءَ جي مقبول صنف رهي آهي. سمورن ڪلاسيڪل
شاعرن (شاهه لطيف کان سواءِ) ڪافي چئي آهي. حقيقت
۾ ڪافي جو تعلق موسيقي سان آهي، تنهنڪري موسيقي جي
ڄاڻ رکندڙ ئي ڪافي ڳائي سگهي ٿو.
مخدوم صاحب جي هن ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ شامل مواد کي
هيٺين عنوانن ۾ جدا جدا رکيو ويو آهي:
اڳياڙي
سنڌي تهذيب
سنڌي ٻولي
موزون ۽ غير موزون شاعري
بيت
وائي
ڪافي
ڪافي جي ساراهه
ڪافي جي ڀڃ گهڙ
ڪافي جا گهاڙيتا
ڪافي لکڻ جو طريقو
ڪافي جو مضمون
ڪافي جي زبان
لفظ ۽ انهن جا اُچار
ڪافي ۽ گيت
ڪافي جي ڳائڻ جو طريقو
ڪافي، راڳ ۽ راڳيندڙ
ڪافي ۽ ساز
سريلو آواز
ٻيا ڳائڻا ۽ ڪافيه
راڳ ۽ بيماريون
راڳ جي وسيلي علاج
ميڙ چونڊ
واڌارا
حياتيون
اُپٽار
مٿي ڏنل موضوعن جي فهرست مان آسانيءَ سان ڪتاب ۾
شامل مواد جي اهميت جو انداز ڪري سگهون ٿا. موضوع
جي اعتبار کان مخدوم صاحب وائي ۽ ڪافي جي بنيادي
فرق کي ظاهر ڪندي لکن ٿا:
”وائي ۽ ڪافي ۾ ڪو فرق آهي ته فقط گهاڙيتن جو آهي.
باقي نه مضمون ٿو ڦري، نه مفهوم، نه لفظ ٿا ٻئي
قسم جا اچن نه محاورا ۽ نه خيال ئي ڪي جدا جدا
آهن. وائي جي مصرع هروڀرو هڪ سٽي ڪانه ٿي ٿئي،
مثلاً: شاهه جي رسالي ۾ هڪ وائي آهي، ان جي هر
مصرع ۾ ٻه ٻه سٽون آهن.
ڪافي ۽ وائي جيڪڏهن ٻه جدا صنفون هجن ها ته انهن ۾
مداح ۽ مولود وانگر مضمون جو فرق به هجي ها. جيئن
’غزل‘
۽ ’هزل‘ ٻه شيون آهن، اگرچه ٻنهي جا گهاڙيتا
ساڳيائي آهن(9).“
وائي ۽ ڪافي جي فرق بابت مخدوم صاحب جن جو اهو
خيال درست آهي ته هي ٻئي صنفون فقط گهاڙيتن سبب
آهن ۽ شاعري ۾ هيئت ئي بنيادي شيءِ آهي، جنهن تي
خيال جي اڏاوت ٿئي ٿي، تنهنڪري ظاهري طور هڪ
جهڙائي رکندڙ گهاڙيتا، شاعر جي ذهن ۾ واضح هجڻ
گهرجن ته ساڳي وقت ان گهاڙيتي جي ابتدا بابت ڄاڻڻ،
نقاد پاڻ لاءِ اهم سمجهي ٿو. ان ئي جذبي تحت مخدوم
صاحب لفظ ڪافي جي اصل بابت پڻ ڪتاب ۾ بحث ڪندي آخر
۾ اها راءِ قائم ڪئي آهي ته:
”سنڌي ۾ هي جيڪو ”ڪافي“ جو استعمال ٿئي ٿو سو بنهه
غلط آهي، ڇو ته ان لفظ مان بيت يا شعر وغيره جي
معنيٰ اصل ڪانه ٿي نڪري. دراصل هي لفظ ”قافيه“
آهي، جنهن مان ”قافي“ لفظ بمعنيٰ الکلام المقفيق
آهي، يعني قافيي سان ٺهيل ڪلام، بيت، شعر
وغيره(10).
هن اقتباس مان جيڪا اهم ڳالهه اسان جي سامهون آئي
آهي، ته لفظ ’ڪافي‘ حقيقت ۾ ’قافي‘ آهي. جيڪڏهن هن
کي قافيه جي نسبت سان ’قافي‘ سڏجي ته قافيو ته هر
پابند شعر ۾ موجود هوندو آهي پر جيئن ته هر پابند
شعر ڳائي/جهونگاري نه ٿو سگهجي، پر ساڳي وقت
’ڪافي‘ جو تعلق گهڻي ڀاڱي راڳداريءَ سان آهي،
تنهنڪري لفظ ’ڪافي‘ جي بجاءِ ’قافي‘ وڌيڪ وزندار
محسوس ٿئي ٿو.
ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ جنهن بنيادي شيءِ جي کوٽ محسوس ٿئي
ٿي، اهو پهلو آهي: ”ڪافي جا گهاڙيتا“، توڻي جو
مخدوم صاحب جن ڪتاب ۾ مٿيون عنوان ته قائم ڪيو آهي
پر خبر ناهي ڇو هن عنوان تي پنهنجي عالمانه سوچ ۽
عام فهم اسلوب سان، اسان جي رهنمائي نه ڪئي اٿن،
جڏهن ته پاڻ ان کوٽ کي محسوس ڪندي لکيو اٿن ته:
ڪافي جا گهاڙيتا لامحدود آهن، جن بابت جدا ڪتاب
’ڪافي جا گهاڙيتا‘ لکبو پر سنڌي ادب اهڙي شاهڪار
ڪتاب کان محروم ٿي رهيو. تازو راقم جڏهن سچل سرمست
تي تحقيق ڪري رهيو هو ته سچل سرمست جي شاعريءَ جي
فن بابت لکندي ان جي ڪافي جي گهاڙيتن بابت پڻ
تفصيل سان لکندي درازي شاهه جي مروج ڪيل سٺ کان
وڌيڪ نمونن کي مثالن سان پيش ڪيو. اها ڪوشش ڄڻ
مخدوم صاحب جن جي ان رهيل ڪم جي تشنگيءَ کي پورو
ڪرڻ خاطر ضرور چئبي(11).
مضامين طالب الموليٰ:
هن سري هيٺ مخدوم صاحب جن جا ٻائيتاليهه مضمون
شايع ٿيل آهن، جيڪي سائين جن سنه 1950ع کان 1993ع
تائين مختلف وقتن تي لکيا ۽ پڙهيا. هن ڪتاب ۾ شامل
مضمون هيٺين مکيه موضوعن ۾ ورهايل آهن: (1) مذهب،
(2) لطيفيات/ اشارتِ شاهه،(3) تاريخ، (4) سوانح،
(5) تحقيق/تنقيد،
(6) ادب لطيف، (7) خطبا.
هنن مکيه عنوانن هيٺ آيل سمورا مضمون، ٻولي ۽
اسلوب جي اعتبار کان ساده ۽ عام فهم آهن، جنهنڪري
هر پڙهندڙ انهن مضمونن مان لطف اندوز به ٿئي ٿو ته
اصل پيغام کي به آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو، اسان
جيڪڏهن هڪ نهار هن ڪتاب جي مکيه مضمونن تي
وجهنداسين ته اسان هنن مضمونن جي اهميت جو ڪاٿو
لڳائي سگهنداسين.
ڪتاب ”مضامين طالب الموليٰ“ ۾ لسانيات جي حوالي
سان پڻ مواد شامل آهي، جنهن ۾ مضمون ”دٻ دونهين ۾“
هڪ معلوماتي مضمون آهي، جيڪو هڪ اصطلاح جي وضاحت
طور لکيو ويو آهي. جنهن مان ڪنهن اصطلاح يا لفظ جي
بنياد معلوم ڪرڻ وارو فارمولو موجود آهي. هيءُ
مختصر پر دلچسپ مضمون آهي. ’دٻ دونهين ۾‘ اصطلاح
جي تشريح ڪندي مخدوم صاحب جن لکن ٿا:
”جڏهن اول اول بندوق ايجاد ٿي ۽ ڪثرت سان استعمال
۾ آئي، تڏهن ئي ڪنهن جي زبان مان اوچتو اهو جملو
نڪتو ته عام استعمال ۾ آيو، تشريح هن طرح آهي ته
ان وقت جي بندوقن کان وڌيڪ بارود بندوق ۾ پئجي
ويندو هو، ڇو ته بارود جو ڪو مقدار مقرر ڪونه
هوندو هو ۽ وري هٿ سان ئي لپ ڀري وجهڻو پوندو هو ۽
وري بارود به نئون ايجاد ٿيل، تنهنڪري بندوق جي
فائر ٿيڻ بعد ڪيتروئي وقت دونهون هوا ۾ شامل هوندو
هو.
مطلب هيءُ ٿيو ته اڃا دشمن جي فائر جو دونهون غائب
ئي نه ٿئي ته تون هڪدم ان تي بي پناهه حملو ڪري
ڏي. ان مضمون ۾ مطلب کي ڪنهن سگهڙ ٿورن ئي لفظن ۾
چيو: يعني ته ”دٻ دونهين ۾(12).“
هن ڪتاب ۾ شامل هڪ ٻيو مضمون ”فردوسِ سخن“ به ان
ئي سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن ۾ ڪن لفظن جي لغوي ۽
اصطلاحي معنيٰ ڏئي، ان بابت مختلف شاعرن جا شعر
ڏنا ويا آهن. 1953ع ۾ لکيل هيءُ مضمون ڄڻ ڪنهن
شاعر جي خاص لغت جوڙڻ جو بنيادي خاڪو آهي.
ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ ۾ ’ديوانِ طالب
الموليٰ‘ جو مهاڳ به شامل ڪيو ويو آهي. جيڪو علم
زبان جي حوالي سان اهم ۽ ڪارائتو آهي، جنهن ۾ سنڌي
الف- ب جي ٻاونجاهه اکرن جي پٽيءَ متعلق بحث ٿيل
آهي. مخدوم صاحب جي خيال موجب مذڪوره پٽي ۾
’ڙهه‘’لهه‘،’ههه‘،’نهه‘،’ڻهه‘،
’تنوين‘ ۽ ’غنه‘ اکرن جو اضافو ضروري آهي. ڇاڪاڻ
ته هن کان اڳ سنڌي الف- ب جي پٽي ۾ ’گهه‘ ۽ ’جهه‘
جهڙا اکر شامل آهن. مخدوم صاحب جن جي خيال موجب
مذڪوره اکر عام جام لکيا پڙهيا وڃن ٿا، تنهنڪري
ڇاڪاڻ ته مرڪب اکر اڳ به پٽي ۾ موجود آهن سي هي
اکر به پٽي ۾ شامل ڪجن. اهڙي خيال سان سنڌي الف- ب
جي پٽي اڃا به طويل ٿيڻ جو خدشو به موجود آهي.
ساڳئي وقت موجوده وقت ۾ پٽي کي گهٽائڻ جهڙا خيال
به موجود آهن. بهرحال هيءُ مهاڳ لساني حوالي سان
هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي رهيو آهي. جنهن تي لسانيات
جي ماهرن کي تفصيل سان خيال آرائيءَ جو حق حاصل
آهي.
اشارتِ شاهه (لطيفيات) سري هيٺ لکيل مضمونن ۾
مخدوم صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت مختلف
نُڪتن تي پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن، خاص طور شاهه
صاحب جي شعرن جي لفظي معنيٰ جي حوالي سان گفتگو
ڪندي انهن شعرن جي تشريح پڻ ڪئي آهي ته ٻئي طرح
لطيفيات جي عالمن سان مدلل اختلاف به رکيو اٿن.
اهڙي ريت مذڪوره مضمون شاهه صاحب جي باري ۾ ڄاڻ
ڏيندڙ ۽ بيتن جون نيون معنائون ٻڌائيندڙ اهم مضمون
آهن.
مذڪوره ڪتاب جي هڪ مضمون ”خواجه حافظ شيرازي ۽
شاهه ڀٽائي“ ۾ مخدوم صاحب جن شاهه ڀٽائيءَ بابت
ترقي پسند سوچ کي ظاهر ڪندي هڪ اهم نُڪتي طرف اسان
جو ڌيان ڇڪايو آهي، ته ڀٽائي سرڪار بحيثيت انسان
پنهنجي شاعريءَ ۾ سمورا انساني جذبا ويهي اُڻيا
آهن، تنهنڪري هروڀرو ان جي شاعريءَ کي فقط مذهبي
شاعري ڪري پيش نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جي
حيثيت ۾ ڀٽائي صاحب پڻ جدا جدا جذبن ۽ احساسن کي
اظهاريو آهي يعني هُن وٽ علحده علحده احساس آهن،
جيڪي مذهبي به آهن، روحاني به، رومانوي به ته
انقلابي به آهن.
اسان ڏسون ٿا ته شاهه لطيفؒ اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ
موضوعن ۽ مضمونن جو ڪوبه ڪاٿو ئي ناهي، هن الله جي
هيڪڙائي، رسولﷺ جن جي اطاعت، انسان دوستي،
روحانيت، تاريخ کان ويندي انساني سڀاءُ، خواهشن،
حساسيت، حسناڪيت تائين ته ٻئي طرف درياءَ رستي وڻج
واپار، ۽ دريائي جيوت تائين لاتعداد موضوع ۽ مضمون
ويهي پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ سموهيا آهن.
ساڳي ئي ڪتاب ۾ شامل لطيف سائين جي عرس تي ٿيل
ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي خطبي ۾ شاهه جي راڳ جي
حوالي سان گفتگو ڪندي ڪن اهم نُڪتن بابت اشارو ڪيو
ويو آهي. جن ۾ هڪ ته سنڌ ۾ راڳداري جي حوالي سان
استاد ۽ شاگرد وارو سلسلو ختم ٿيڻ واري رجحان تي
ڏک جو اظهار ڪندي مخدوم صاحب چون ٿا:
”اهڙيون درسگاهون هجن جتان فنڪار تيار ٿي نڪرن.“
اڄ اهڙن ادارن جي کوٽ جي شدت سان احساس ٿئي ٿو ته
مڪمل سکيا کان سواءِ ڳائڻ جي ميدان ۾ لٿل شهسوار
سنڌي موسيقيءَ کي عروج ڏانهن وٺي وڃڻ بجاءِ ان جي
تباهي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽
ٻيو ته ڀٽائيءَ جي پڙ ۾ ڪي نيون ڌُنون ڳائڻ گهرجن،
جنهن سان ڀٽائيءَ جي راڳ کي وڌيڪ تقويت ملي.
’هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي‘ هڪ اهم مضمون آهي،
جنهن ۾ ڪن عالمن طرفان پيش ڪيل اهو خيال ته پنجون
ڀاڳئون ’مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير‘، شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مخالف هو. مخدوم صاحب ان
ڳالهه جو دليلن سان جواب پيش ڪندي ثابت ڪيو آهي ته
هيءَ ڳالهه مفروضو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به
نه آهي. خود شاهه صاحب جي حياتيءَ تي نظر وجهڻ سان
هڪ ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته ڀٽائي صاحب پنهنجي
حياتي ۾ ڪٿي به مرشد ۽ مريد وارو سلسلو نه جوڙيو،
نه ئي اسان کي ڪا ايڏي وڏي جماعت هن سيد سڳوري سان
گڏ نظر اچي ٿي. جنهن سبب نو لکي گودڙي واري پير
صاحب کي ڪو خطرو هوندو. ڀٽائي سيلاني فقير هو، هن
فطرت کي جهاڳي حقيقت جو علم حاصل ڪيو هو. هن جو ڀٽ
تي آباد ٿين وارو عرصو به ڪو سندن حياتيءَ جو آخري
ڏهن سالن جو آهي؛ ساڳي وقت اها به ڳالهه ياد رکڻ
گهرجي ته الله وارا نيڪ فرد ڪڏهن به دنيا جي حرص
حوس هٺ ۽ تڪبر پويان نه ڊوڙندا آهن ۽ نه ئي اهڙين
خسيس شين جي لاءِ پنهنجي جماعت کي وڙهڻ لاءِ
اُتساهيندا آهن. ههڙي قسم جون ڳالهيون يا مافوقِ
الفطرت ڪرامتون بزرگن جي بيان ۾ عام ڪرڻ سنڌ ۾
رواج بڻجي چڪو آهي. تنهنڪري انهن ڳالهين تي ڌيان
ڏيڻ جي بجاءِ بزرگن جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ سندن
حياتيءَ کي ڏسون ۽ پرکيون.
مذڪوره ڪتاب جو هڪ ٻيو اهم ڪارائتو مضمون آهي،
”سروري جماعت جو ’ڏهر‘ ۽ اويسي طريقو“، هن مضمون ۾
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن ٻن اهم نُڪتن تي
ويچار ونڊيا آهن: (1) شاعريءَ جي صنف ’ڏهر‘ بابت ۽
(2) اويسي طريقت بابت.
’ڏهر‘، مخدوم نوح سرورؒ جي مريدن سماع وانگر چوڻ
شروع ڪيا. جنهن ۾ حمد، نعت، منقبت، اصحابه ڪرام ۽
ٻين الله جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ
جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف تي مضمون آڻبا آهن.
ڏهر چوڻ جو سلسلو فقط سروري جماعت اندر موجود آهي
۽ تصوف جي ڪنهن به سلسلي ۾ اهو طريقو رائج ناهي.
سروري جماعت جي ڪيترن ئي شاعر مريدن ڏهر چيا آهن،
جن ۾ منٺار فقير راڄڙ خاص ذڪر لائق آهي، جنهن جو
’ڏهرن‘ جو مڪمل مجموعو ’رسالو رهنمائي‘ پڻ شايع
ٿيل آهي. مخدوم صاحب هن مضمون ذريعي شاعريءَ جي هڪ
خاص صنف ۽ سروري جماعت جي هڪ خاص طريقي ’ڏهر‘ چوڻ
ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي ته ٻئي طرف هن مضمون
۾ مخدوم نوح سرورؒ جو اويسي هجڻ، اويسي طريقي بابت
پڻ مدلل علمي حوالي سان گفتگو ٿيل آهي. بهرحال ٻن
مختلف حوالن جي ڪري هيءُ مضمون، پنهنجي موضوع ۽
مواد سبب نهايت ڪارائتو آهي.
مجموعي طرح ڏسو ته مذڪوره ڪتاب ۾ هڪ ئي وقت تي
ڪيترائي موضوع، مضمون ۽ عنوان قائم ٿيل آهن. مذهب
کان سياست تائين، تاريخ کان لطيفيات تائين، ادب
کان لسانيات تائين ڳچ موضوع آهن، جن سان نهايت خوش
اسلوبيءَ سان نباهيو ويو آهي.
لغات سنڌي مخففات:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن پنهنجي تحريرن ۽
تقريرن ۾ اڪثر لفظن جي معنائن ۽ ٻوليءَ جي لساني
پهلوئن جو ذڪر ڪيو آهي پر سندن مڪمل لسانياتي سوچ
سمجهه جو ڀرپور مثال ”لغات سنڌي مخففات“ آهي، جنهن
۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا مخفف ڏاڍي ڌيان سان پيش
ڪيا ويا آهن. گرامر جي اصولن موجب لکت ۾ لفظ مڪمل
ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته عام رواجي ڳالهائڻ ۾ اڪثر
لفظن جا ڪجهه اکر حذف ٿي ويندا آهن ته اُن سان
گڏوگڏ شاعريءَ ۾ عروض جي قاعدن سبب ڪٿي ڪٿي لفظن
جا مخفف بڻبا آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي لغات مخففات“
جي مقدمي ۾ لفظن جي مخفف جا اصول بيان ڪندي لکي
ٿو:
”مطالعي دوران اهو معلوم ٿيو آهي ته لفظن جا مخفف
روپ ڪنهن ڌوڪيبازي سان يا بيقاعدي نموني نٿا حاصل
ڪجن پر اُن لاءِ به ٻوليءَ جي ارتقا دوران ڪي اصول
يا قانون ٺهي ويندا آهن. مثال طور هيٺيان اصول عام
طور لفظن جي مخففات لاءِ ڪارفرما هوندا آهن،
مثلاً:
(i)
سنڌي (ادغام) وارا اصول ۽ قانون
(ii)
شاعري يا نثر وارين صنفن ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۾
لفظن جو مخفف روپ وٺڻ
(iii)
روزمرهه واري ٻولي ۽ عام گفتگو واري ٻوليءَ ۾ لفظن
جو سسڻ وغيره(13).“
مطلب ته لفظن جا مخفف پڻ لسانياتي اصولن موجب ئي
جنم وٺن ٿا، جن کي سوچي سمجهي ئي پيش ڪري سگهجي
ٿو. مخدوم طالب الموليٰ جن پهريون ڀيرو سنڌي زبان
۾ هن قسم جو ڪم سرانجام ڏيندي سنڌي لفظن جي مخفف
جي لغت تيار ڪئي.
جنهن جي مواد جي ورهاست هن طرح ٿيل آهي:
باب پهريون- اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف
باب ٻيو- اسم عام، مؤنث
باب ٽيون- مصدري لفظ
باب چوٿون- ٻٽن لفظن جا مخفف
باب چوٿون (الف)- هم اواز لفظن جا مخفف
مجموعي طور پٽي جي ٻاونجاهه اکرن مان 43 اکرن تي
ڪل ارڙهن سو لفظن جون مخفف صورتون پيش ٿيل آهن. هت
ڪجهه مثال خاطر صورتون پيش ڪجن ٿيون:
لفظ |
مخفف |
آئيو- |
آيو |
آياس- |
آيس |
آندام- |
آندم |
آبري- |
اڀري |
ٻيهار- |
ٻيهر |
ٽاڙهه- |
ٽِڙهه |
ٽُڪر- |
ٽُڪ |
ٺونٺ- |
ٺوٺ |
حجت- |
حُج |
دوڌڙ |
دڌڙ |
سنڌي زبان جي هيءَ پهرئين نرالي لغت پنهنجي دور جو
نه رڳو سنڌي لغت نويسيءَ ۾ نئون پر هڪ جديد اهڃاڻ
آهي. هن ڪم کان پوءِ سنڌي ۾ مختلف نوعيت جون لغتون
پڻ جوڙڻ جو رواج پئجي چڪو آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا هن لغت ”سنڌي لغات مخففات“
جي اهميت بابت لکي ٿو:
”هي لغات گهڻ ڪارج واري لغات آهي. هن ۾ اڪيچار
خصوصيتون آهن، جن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. هن
لغات جي مدد سان لفظن جا ڌاتو، اُچار، اشتقاق،
ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنيٰ، سمجهاڻي ۽ وياڪرڻي ڪارڻ
معلوم ڪري سگهجن ٿا. هن لغات جي مطالعي سان لساني،
وياڪرڻي، تهذيبي تمدني ۽ ثقافتي ڳالهيون، نُڪتا ۽
حقيقتون سامهون اچن ٿيون، جن جي ڇنڊڇاڻ کي بنياد
بنائي ڪئين ڪتاب به لکي سگهجن ٿا(15).“
منهنجوننڍپڻ:
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي يادگيرين تي مشتمل
هيءُ ڪتاب بنهه مختصر ئي سهي پر مصنف بابت بنيادي
ڄاڻ ڏئي ٿو. سندن ولادت، ننڍپڻ، درسي تعليم، والد
بزرگوار حضرت مخدوم غلام محمد ’گل سائين‘ سجاده
نشين درگاهه حضرت مخدوم نوحؒ وٽان تربيت، زماني
شناسيءَ جو علم ۽ شاعريءَ ڏانهن رغبت جهڙي ڄاڻ، هن
مختصر مضمون مان ملي ٿي. مخدوم صاحب هيءَ معلومات
هڪ مضمون خاطر بيماريءَ جي حالت ۾ لکي، جنهن کي
سندن صد لائق پوٽي، اديب، شاعر ۽ محقق مخدوم جميل
الزمان ڪتاب جي صورت ۾ ترتيب ڏئي، ان تي ضروري
حاشيا لکي، شايع ڪرائي هڪ وڏي علمي، سياسي ۽
روحاني شخصيت جي زندگي جي ابتدائي دور کي نهايت
شانائتي انداز ۾ دنيا آڏو آڻيندي محفوظ بڻايو آهي.
مصري جون تڙون:
هيءُ ڪتاب، مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي چونڊ
علمي نُڪتن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سمورن موضوعن
بابت سندن ذاتي خيال پيش ٿيل آهن، جيڪي علمي حوالي
سان نهايت ڪارآمد ۽ مفيد آهن. هت نموني خاطر سندن
ڪجهه اقوال نقل ڪجن ٿا:
Ø
هي دور آزاد غلامي جو آهي.
Ø
دنيا عظيم ايڪسيڊنٽ آهي.
Ø
اڄڪلهه سياسي ۽ نظرياتي اختلاف دشمنيءَ جا ٻيا
نالا آهن.
Ø
ماڻهو جي نيت پرکڻي هجي ته ان سان راند ڪجي.
Ø
ڪنهن جي طبعيت سمجهڻي هجي ته ان سان گڏ شڪار ڪجي.
Ø
ذهني ڪيفيت چهري مان معلوم ٿيندي آهي.
Ø
عشقبازي ٻي شيءِ ۽ عيشبازي ٻي شيءِ ٿيندي آهي(16).
ب: شاعري:
هن عنوان هيٺ اسان مخدوم طالب الموليٰ سائين جي
شاعريءَ جو مطالعو صنف وار ڪنداسين.
غزل:
غزل، مخدوم صاحب جن جي محبوب صنف آهي. سندن غزل جو
مڪمل ديوان ’ديوان طالب الموليٰ‘ جي سري سان شايع
ٿيل آهي. هن ديوان جي مقدمي ۾ سائين جن سنڌي الف-
ب جي پٽي ۾ ڪجهه اکرن جي اضافي بابت بحث ڪيو آهي.
(اسان ان بابت نثر نويسي واري حصي ۾ بحث ڪري آيا
آهيون). هن ديوان ۾ انهن اکرن تي به غزل پڻ شامل
ڪيا ويا آهن. اهي اکر آهن ڙهـ- لهـ- مهـ- نهـ-
ڻهـ- تنوين- غنه- هت مثال طور اهڙن رديف وارن غزلن
جون ابتدائي سٽون پيش ڪجن ٿيون:
ڙهـ:
هن راهه وفا ۾ ياد مٺا ڪجهه مان ٿو رڙهان ڪجهه تون
به ته رڙهـ
لهـ:
هر وقت ذهن ۾ ٿي رهي دلربا جي ڳالهـ
مهـ:
اٿي ڪر عبادت رڳو ڪين سمهـ
تنوين:
• اوهان ساڻ آهي محبت يقيناً
• هڪ وار سڏ کڻي تون ٿي دل نواز سا۽
نهـ:
اي سڄڻ شابس هجئي اي دلربا آئين به ڪونهـ
ڻهـ:
ٿي نه غافل اي ادا پهرئين سڃاڻج پنهنجو پاڻهـ(17).
مخدوم طالب الموليٰ جن غزل کي ڌاري صنف جيان ئي
قبول ڪيو اهي پر باوجود ان جي سندن غزل نهايت
خوبصورت آهن:
جنهن دل ۾ عشق ناهه، سا دل دل نٿي لڳي،
ڌڙڪي ته خوب خوب ٿي بسمل نٿي لڳي.
عشاق وانگي صدقي ٿيڻ ڳالهه ٻي ڪا آهه،
هر سر زمين جنگ به مقتل نٿي لڳي.
دنيا ته ڏاڍي طالب مولا حسين آهه،
پر ڇا ڪجي جو ان مان مگر دل نٿي لڳي.
سندن اهڙي هڪ خوبصورت تشبيهه جو ذڪر به ڪجي جنهن ۾
سڄڻ جي ڪارن وارن کي ڪاري رات سان ڀيٽن ٿا، چون
ٿا:
رشڪِ بخت سيه رشڪِ تاريڪ شب هن جا زلفِ دوتا
خوشنما خوشنما
الله الله جبين ضوفشان ضوفشان جلوه گر جلوه گر يا
خدا يا خدا.
مخدوم صاحب جڏهن غزل لکي رهيو هو يا ديوان مرتب
ڪري رهيو هو، ان وقت يقيناً سندن آڏو هالا جي
شاعرن جا ديوان موجود هوندا، خاص طور ”ديوان گل“
ته سندن اڳيان رهيو، ڇاڪاڻ ته
”ديوان گل“ سنڌي غزل جي عمارت جوڙيو بيٺو آهي ۽
ٻيو ته مخدوم صاحب جن پنهنجي ديوان جي مهاڳ ۾
”ديوان گل“ جا حوالا ڏنا آهن. گل قافيه ’ذ‘ جي غزل
۾ ”ڪاغذ“ لفظ رديف طور آندو آهي ته ساڳي وقت مخدوم
صاحب جن به پڻ ’ڪاغذ‘ رديف استعمال ڪيو آهي، پر
ٻنهي جي خيال ۾ وڏو فرق آهي، گل چئي ٿو:
اڄ آيو يار کان مون کي ڪاغذ،
دوست دلدار کان مون کي ڪاغذ،
پرت سان پوئيل پنو پاٺئل،
يار جي پار کان من کي ڪاغذ(18).
مخدوم صاحب جن کي وري قريبن جو پيغام آيو ئي
ڪونهي، هو ته اُن اوسيئڙي ۾ ويٺا ’ڪاغذ‘ لاءِ
واجهائين، چون ٿا:
عجب آهي جو اڄ تائين نه آيو يار جو ڪاغذ،
منور مهلقا محبوب من جي ٺار جو ڪاغذ،
صدائون ڪيتريون ۽ عرض ڪياسون ڪيترن کي،
مگر آيو نه ان کان وعده ديدار جو ڪاغذ.
مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي غزل ۾ ڪيترائي نوان
موضوع شامل ڪيا آهن. زماني جي حالتن بابت فڪرمند
آهن. وقت، پکي جيان اڏامندو ٿو وڃي، واري جيان مُٺ
مان کسڪندو وڃي ٿو پر جيئن جيئن وقت تبديل ٿئي ٿو
ته ان سان گڏ هو مقرر ٿيل اخلاقي قدرن کي به
اورانگهي ٿو. اسان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيترن
ئي اخلاقي مونجهارن ۾ مبتلا آهيون، جنهن سبب هڪ
اهڙو نسل پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو پنهنجن اعليٰ
قدرن جي بجاءِ ٻين سوسائٽين جي طرز انداز کي
اختيار ڪرڻ ۾ فخرمند آهي، ته رڳو ايترو پر ان اثر
هيٺ هو ڪيترن ئي غير اخلاقي قدمن کي به درست سمجهي
رهيو آهي. ان پس منظر ۾ مخدوم صاحب خوب چيو آهي:
عجب آهي زماني جا سڀئي اطوار مٽجي ويا،
وڏا سردار مٽجي ويا، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.
اهو اخلاق، اها الفت، اها تهذيب ڪانهي ڪا،
غريبن ۾ اڃا ڪجهه آهي، پر زردار مٽجي ويا.
نه عزت هاڻ اشرافن جي محفوظ آهي اي يارو،
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.
زماني جون حالتون ڇا بدليون، اسان مان سهپ،
برداشت، خلوص، سڪ، احترام ئي موڪلائي رهيو آهي.
مقدس عبادتگاهن جو تقدس به پائمال ڪرڻ کان نٿا
ڪيٻايون. مسجدون دهشتگرديءَ جي ور چڙهي ويون،
خانقاهون ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن.
ان صورت ۾ عام فرد ڪيڏانهن وڃي، اهو بنيادي سوال
آهي. مخدوم صاحب ان پس منظر ۾ چون ٿا:
پناهون خانگاهن ۾ ملي سگهيون نه اي زاهد،
تڏهن ميخاني کي ۽ ان جي پيمانن کي پوڄيون ٿا.
اسان کان ڪانه بدعت ٿي سگهي خرقه نوازي جي،
خدا جو سنهن ته بس چاڪِ گريبانن کي پوڄيون ٿا.
پر اها فراريت آهي، مسئلي جو حل ناهي، ڪنهن مستقل
حل ڏانهن. اسان جي سوچ جو سفر ناهي، اهو عارضي پڻو
آهي. حقيقت جي تلاش اسان کي ئي ڪرڻي پوندي. مخدوم
صاحب ان مستقل حل ڏانهن اسان کي وٺي وڃي رهيا آهن،
جتي دنيا جا هي سڀ رنگ ڊاهڻا پوندا، چون ٿا:
اها پيري ۽ مخدومي به، هڪڙو ڍنگ اڄ آهي،
فقط رندن سان الفت آهه، مستانن کي پوڄيون ٿا.
وري اڳتي پنهنجي حالت بابت چون ٿا ته کين هن
مالداريءَ جي خواهش جي بجاءِ فقرائي ۾ موج ماڻڻ جي
خواهش آ:
ناهه خواهش مالدارن ۾، ٿيان داخل ڪڏهن،
مون کي فقرائي مزي جي، مالداري ٿي نصيب.
اڃا اڳتي وڌيڪ ان خيال کي ظاهر ڪن ٿا:
ڦل مليو ڪنهن کي جي دنيا ۾، رياضت جي سبب،
جي ڪو مخدوم ٿيو آهه، ته خدمت جي سبب.
”ديوان طالب الموليٰ“ ۾ انساني مزاج کي به چٽيو
ويو آهي. ڪي بنهه ننڍڙيون ڳالهيون جڏهن شاعر بيان
ڪندو آهي ته اهي وڏيون محسوس ٿينديون آهن. اهڙوئي
هڪ خيال مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي هڪ غزل ۾ چٽيو
آهي، ته هر فرد پنهنجي اندر ۾ هڪ الڳ ڪائنات رکي
ٿو. هن جون ترجيحات پسند ناپسند جدا جدا ٿين ٿيون،
جيڪو فطري اصول آهي، ان ڪيفيت کي مخدوم صاحب ڏاڍي
خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي:
هر ڪنهن جي ٿيندي آهه طبعيت جدا جدا،
رنگِ وفا جدا ۽ محبت جدا جدا،
واعظ رڳو مبالغو ۽ رند صفا گو،
قدرت بنائي آهه ئي فطرت جدا جدا.
عشق، شاعريءَ جو بنيادي محرڪ آهي، جيستائين اهو
جذبو جاڳي نه ٿو، چڻنگ جيان دُکي نه ٿو دکي دکي
باهه جهڙو ڀنڀٽ نه ٿو ڀڙڪائي ان وقت تائين شاعري
جو وجدان پنهنجي اظهار جي حالت تائين پهچي نه ٿو
سگهي ۽ عشق ئي اهو جذبو آهي جيڪو يار جي در تي
جهڪائي ٿو ته سڄڻ خاطر جڳ جهان سان وري ويڙهه کائڻ
جي همٿ به ڏئي ٿو. مخدوم صاحب به هڪ سچي عاشق صادق
وانگر يار جي درجي خاڪساري نصيب ٿيڻ تي سُرها آهن:
يار جي در جي چڱو جو خاڪساري ٿي نصيب،
شڪر ٿيو هي راهه مون کي عشق واري نصيب.
معشوق کي اعليٰ ڪجي، جي سڄڻ کٽي به ته ائين ڀانئجي
ته ڄڻ عاشق ئي کٽيو:
عشق ۾ منهنجا مٺا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو،
ناز وارا دلربا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو.
’طالب الموليٰ‘ مڃي تنهنجي اڳيان پنهنجي شڪست،
سچ چيم اي مهلقا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو.
عاشق، پنهنجي محبت ۽ محبوب لاءِ هميشه پُراعتماد
رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته عشق هڪ اهڙو پاڪ پوتر احساس
آهي، جيڪو جڏهن به جنهن جي اندر ۾ ڪر موڙي اٿي ٿو
ته ان جي سوچ جي دنيا کي حساسيت ۽ حسناڪيت بخشي
ڇڏي ٿو ۽ پوءِ ان شخص اندر هڪ سگهه ۽ تازگي پيدا
ٿئي ٿي، جيڪا هن کي عشق جي اڻانگن پيچرن تي هلڻ جو
حوصلو ڏئي ٿي. مخدوم صاحب ان خيال کي ڪيڏي نه
خوبصورت تشبيهه ۾ پيش ڪيو آهي:
سر پهاڙن جو ڪين ڪي جهڪندو،
عشق ٿئي بي وقار ناممڪن.
مخدوم صاحب عشق جي معاملي ۾ پڻ بااصول نظر اچن ٿا،
هنن جي سامهون بهتر آهي ته عشق جي ابتدا ڪرڻ وارو
ئي خود انتها ڪري، هيءَ سوچ به عشق جي اصولن جو ڪو
اعليٰ مرتبو آهي، چون ٿا:
جيڪو به جنهن سان عشق جي خود ابتدا ڪري،
ان جوئي فرض آهه ته هو انتها ڪري.
اڳرو قدم اي طالب الموليٰ ڪڏهن نه کڻ،
تنهنجو ڀلي حريف ئي هر ابتدا ڪري.
پر علامه اقبال جي خيال موجب عشق لا انتها آهي
جنهن جي ڪابه انتها نه آهي:
تيرﻵ عشق کي انتها چاهتا هون،
ميري سادگي ديکهه کيا چاهتا هون.
عشق جي واديءَ ۾ پير رکڻ سان هر روز عشق جي ڪتاب
جو هڪ نئون ورق کلي ظاهر ٿئي ٿو. هڪ نئون رنگ، هڪ
نئون ڍنگ، هڪ نئون انداز، هڪ نئين نرالي دنيا ۽ ان
دنيا جي خوشبو، سرهاڻ وڃي ٿي ذهن کي معطر ڪندي ۽
عاشق وڃي ٿو سفر ڪندو، جو سفر من اندر آ! جيڪو هڪ
حد تي پهچڻ کان پوءِ وري ٻئي حد ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.
ائين هر حد کان پوءِ وري ٻئي حد شروع ٿئي ٿي.
سچل سرمست چوي ٿو:
حدين وڃي هرڪو لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.
مجموعي طور اسان ڏسون ٿا ته مخدوم صاحب جن پنهنجي
غزل ۾ ڪيتريون ئي تشبيهون، استعارا استعمال ڪيا
آهن ته گڏوگڏ فڪري طور سندن غزل رڳو حسن و عشق
تائين محدود ناهي پر منجهس انساني سڀاءَ، وقت ۽
حالتن جي شناس ۽ روحانيت جهڙا موضوع ۽ مضمون پڻ
سندن غزل ۾ شامل آهن.
بيت:
بيت، سنڌي اوائلي شاعريءَ جي صنف آهي، لوڪ شاعرن
توڙي ڪلاسيڪي شاعرن بيت خوب چيو آهي. سنڌي شاعريءَ
جي تاريخ ۾ بيت اسان کي سومرن جي دور کان ملي ٿو.
وقت سان گڏوگڏ بيت جي قالب ۾ ٻن قسمن جي تبديلي
ايندي رهي، هڪ سٽن جي واڌاري جي ۽ ٻي قافين جي مٽا
سٽا جي. جنهن سبب ان جون ڪيتريون ئي صورتون پيدا
ٿيون، جن ۾ دوهو، سورٺو، دوهو سورٺو، سورٺو دوهو
شامل آهن. هي هيئتي صورتون ڇند تي آڌاريل پڻ آهن.
هن دور ۾ به بيت جون هي صورتون لکيون پڙهيون وڃن
ٿيون. بيت توڙي جي اوائلي صنف آهي پر روايت مان
پاڻ کي ڳنڍي رکندڙ شاعرن هن دور به بيت چيو آهي.
مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعريءَ ۾ اسان کي بيت
به ججهي تعداد ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ ڪيترائي موضوع
آندل آهن ته ساڳئي وقت فني حوالي سان سندن بيت ٻن،
ٽن، چئن ۽ ان کان به وڌيڪ اٺن، نون سٽن جو آهي.
سندن هڪ بيت ٻاونجاهه سٽن جو آهي. جيڪو تجربو
سگهڙن وٽ ته ملي ٿو پر ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل
شاعري ۾ نه ٿو ملي. ’سارسنڀال‘ عنوان هيٺ اهو طويل
بيت سندن ڪتاب ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ ۾ شامل آهي.
مخدوم طالب الموليٰ جي بيت جي مطالعي سان جيڪا
ڳالهه سامهون اچي ٿي ته هن پاڻ کي روايت سان ڳنڍيل
رکندي نج ديسي صنف بيت کي ديسي ئي رنگ ۾ رهڻ ڏنو
آهي ته ساڳي وقت ان ۾ موضوعاتي وسعت به پيدا ڪئي
اٿس. الله جي هيڪڙائي کان ويندي مٺي مير مرسل جي
ثنا تائين تقويٰ کان روحاني رهاڻ تائين، عشق جي
آزين نيازين کان وقت ۽ حالتن تائين ڪيترائي مضمون
مخدوم صاحب جن پنهنجي بيت ۾ سموهيا آهن. الله جي
هيڪڙائي واري بيان ۾ چون ٿا:
تڏهن به هڪ الله هو جڏهن ڪجهه نه هو،
جڏهن هوندو ڪين ڪي تڏهن به سوئي سو،
’وحده لاشريڪ لہ‘ ثاني سندس نه ڪو،
صحيح آهي سمجهيو ’طالب‘ مولا تو،
اهوئي اهو، هادي آهي هڪڙو.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 64)
هڪ سچي مسلمان جي حيثيت ۾
نبي ڪريم ﷺ سان انسيت فطري عمل آهي. مخدوم صاحب جن
پنهنجن بيتن محبوب جي هٿان جيڪو پيغام موڪليو، ان
پيغام سان دنيا اندر جهل ختم ٿيو، ڪفر ڪعبي مان
نڪتو ۽ هيڻن ۽ لاچارن جو عربي ڄام اڳواڻ بڻيو.
پيغام پرور موڪليو هٿان پنهنجي حبيب،
امانت سان الله جو، نياپو ڏنو نجيب،
آخر ان عجيب، ڪفر ڪعبي مان ڪڍيو.
ڪريم پنهنجي قرب سان، خلقيو ﷴ مير،
سر ۾ سجهي ڪونه ڪو، نرمل جو نظير،
بشير آهي بشر لاءِ، عربي ڄام امير،
ساڻس رکبو سير، تڏهن مهند مرڪبو.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 75-73)
روحانيت مخدوم صاحب جن جي هڪ خاص سڃاڻپ آهي. پاڻ
جنهن درگاهه سان وابسطه هئا اتي سندن هڪ حيثيت
روحاني اڳواڻ جي به هئي، ۽ پاڻ سمجهندا به هئا ته
بي سڪون خلق جي خدمت مان ئي حاصل ٿيندو. سندن
وضعدار طبعيت ان ڳالهه جي عملي صورت آهي. مخدوم
صاحب جن پنهنجن بيتن ۾ ’رهاڻيون راهونڊ ۾‘ جو
مضمون آندو آهي، هالا لڳ راهونڊ ۾ درگاهه حضرت
مخدوم نوح سرورؒ جي تيرهين سجاده نشين ۽ بيت ۽
ڪافي جي شاعر مخدوم امين محمد پکن ڌڻي، پکا اڏي
اڪيلائيءَ ۾ ويهي الله جي عبادت ۽ رياضت ۾ وقت بسر
ڪندا هئا. مخدوم طالب الموليٰ جن ان جاءِ تي ويندڙ
هئا ۽ ان هنڌ تي ڪيل امين سائين جي عبادتن، رياضتن
۽ روح پرور روحاني رهاڻين کان تصور ۾ واقف هئا.
تنهنڪري ان تصور تي پاڻ بيت به چيا اٿن، نموني طور
هت ڪجهه اهڙا بيت پيش ڪجن ٿا:
رات رهي راهونڊ ۾ ڪئيسون روح رهاڻ،
ويراڳي ورونهن لئي ڀري آيا پاڻ،
سوا سوز فراق جي ڪڍيئون نه ڪنهن جي ڪاڻ،
طالب مولا طلب ۾ ڪيئون وٽ وراڻ،
الله اهي آڻ وري منهنجي وطن تي.
رند رهن راهونڊ ۾ جوڳي ٿيو جنگ،
لڪيو ٻڌن لوڪ کان لالائي جا لنگ،
دنگن مٿي دنگ، ٻين شوق شراب جا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 5-124)
وطن سان محبت هڪ انساني فطري جذبو آهي، مخدوم صاحب
جن بحيثيت هڪ محب وطن شاعر جي، پنهنجي ڌرتي،
پنهنجي مٽي، پنهنجي سنڌ سان محبت جو اظهار خوب ڪيو
آهي ۽ سنڌ کي سدائين شاد ۽ آباد رهڻ جي دُعا پڻ
ڏني آهي، چون ٿا:
سدائين سرهي رهين منجهه هجن هٻڪار،
مسڪينن تي مينهن جي وسي شل وسڪار،
ڏڪر سڀئي ڏور ٿين وڃن ڏهڪي ڏهڪار،
طالب مولا طلب جا وڏا آهن وهنوار،
سائين مون ستار سدا وسي سنڌڙي.
(سدا وسين سنڌڙي، ص 36)
عشق جي ضمن ۾ مخدوم صاحب جن پنهنجي خوبصورت خيالن
جو اطهار ڪيو آهي، ڪبوتر، ڪانگ، اکيون ۽ پير عشق
جي ڪٿا جا خاص ٽاڻا آهن. ڪانگ ۽ ڪبوتر وسيلي پرين
ڏانهن پيغام اماڻڻ جو تصور به اسان کي آڳاٽي وقت
کان ملي ٿو پر هن موضوعن تي مخدوم صاحب جن ڪبوتر ۽
ڪانگ جي خصلتن جي ڀيٽ به ڪئي آهي جيڪا ڏاڍي دلچسپ
آهي. ڪانگ ڪارو ئي سهي پر شاعر ان جي خصلتن کي هن
طرح بيان ڪري ٿو:
ڪانگ برابر ڪارڙا، ڪنا جي ڪوجها،
ته به ڏين پيغام پَرک سمجهي سٻوجها،
آهن اٻوجها طالب مولا ڪين ڪي.
(سدا وسين سنڌڙي، ص 74)
ساڳئي وقت ڪبوتر بابت چون ٿا:
ڪبوتر ۽ ڪانگ ۾ آهي وڏو ڦير،
هن جي گونگن وانگيان غون غون سمجهي ڪير،
هُن جي ڪان ڪان سمجهجي جو پائي اڱڻ تي پير،
هو ديس پرائي جو پکي هي وطن جو دانهير،
ڪارو ڪونجهوئي سهي من ۾ رکي نه مير،
اير نه ڪوئي ڀير، طالب مولا تن ۾.
(سدا وسين سنڌڙي، ص 72)
اکين ۽ پيرن جو ذڪر به دلچسپ آهي، اکيون عشق جي
اظهار جو بهترين ذريعو آهن، ۽ اکيون ئي آهن جيڪي
ڪن کي گهائل ڪن ٿيون، ڪن کي مائل ڪن ٿيون، ڪڏهن
تڙپ ۽ بيقراري وڌائن ٿيون ته ڪڏهن تڙپ ۽ بيقراري
کي ماٺو ڪن ٿيون. ڪڏهن سڄڻ لاءِ اوهيرا ڪري وهن
ٿيون ته ڪڏهن خوابن کي پاڻ ۾ ٽانڪي وتن ٿيون عاشق
سان چلولايون ڪنديون. مخدوم صاحب جن اکين بابت خوب
لکيو آهي، مينهن سان پنهنجي حالت کي ڀيٽيندي چون
ٿا:
ڇو ٿو ڪرين مينهن مون سان ريس روئڻ جي،
طالب مولا سان ڪيا، ناحق وڏا نينهن،
تنهنجا ٻه ٽي ڏينهن، منهنجي موسم سڀڪا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 130)
روئڻ جي اها حالت سڄڻ جي دوري سبب آهي، تنهنڪري
بيقراري جي مند ۾ اکين مان رم جهم جاري نه ٿيندي
ته ٻيو ڇا ٿيندو، چون ٿا:
وسيو ٿيو وسن اکيون اوهيرا ڪريو،
ڪهڙي مجال مينهن کي جو اينهين ٿي اچن،
طالب مولا! طلب ۾ ٽميو روز ٽمن،
جيڪر محب ملن ته رهنديون ڪين رئڻ کان.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 130)
پر جڏهن اکين پنهنجي پرين جو ديدار ڪيو ته کين
روئڻ وسري ويو ۽ ان ويل مخدوم صاحب جن کي پنهنجا
پير ياد آيا جن جي ذريعي هو سڄڻ تائين پهتو آهي.
هيءُ انداز نرالو آهي، پيرن کي ڳائيندي سائين طالب
الموليٰ جن چون ٿا:
قدمن تان قربان ٿيان جو هليا وٽ حبيب،
هيرايا هٿن سان قربائتي قريب،
نه ته ڪڏهن ڏسان ها ڪين ڪي لالڻ يار لبيب،
طالب ٿيا طبيب جو پرينءَ وٽ پڄائيون.
پير گهڻئي پٿون ٿيا ته رسيا محب مڪان،
طالب مولا طلب ۾ کڻي سورن جا سامان،
هلي پهتا حبيب وٽ ڪي ڪيائون ڪان،
اکن تي احسان قدمن ڪيا ڪيترا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 141)
حسن عشق جو بنياد آهي، جنهن کان سواءِ هي ممڻ مچي
ئي نه ٿو. مخدوم صاحب جن جي بيتن ۾ حسن و عشق جو
داستان ته آهي ئي پر ڪٿي ڪٿي نرالو ڍنگ به اختيار
ٿيل آهي. اها ڪيڏي نه ڇِڪ ۽ سِڪ آ جو پرين جو
بولو، هيرو، ايرينگ ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃجي. هيءُ
انداز خوبصورت به آ هي ته حسناڪيت سان ڀريل نازڪ
خيال به آهي!
لٽڪي لٽڪي لٽڪي حسن وڌايان،
چمڪي چمڪي چمڪي ڪيئن مست بنايان،
لڏندي لڏندي لڏندي دليون ڌڙڪايان،
پاپڙين کي پيار سان لڏيو لڏايان،
طالب مولا پاڻ کي لالڻ سان لايان،
لعلون لڄايان جي ايرينگ هجان عجيب جا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 218)
مجموعي طور مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جو بيت
خوبصورت ۽ دلچسپ آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو به سهڻو
استعمال ٿيل آهي، فني ۽ موضاعتي حوالي سان ڪٿي ڪٿي
نرالو ڍنگ اختيار ٿيل ملي ٿو.
ڏهر:
ڏهر هڪ غير عروضي صنف آهي، جيڪا بيت جهڙي سٽاءُ
رکندڙ آهي. هيءَ صنف ڪڏهن کان لکجڻ شروع ٿي، ان
بابت ته پڪي پختي ڄاڻ ناهي بلڪ اهو وثوق سان چئي
سگهجي ٿو ته هيءَ صنف سروري جماعت پاران متعارف
ڪرائي وئي، جيڪا مخدوم نوح سرورؒ جي درگاهه تي
سماع جي محفل ۾ پڙهي ويندي آهي، جنهن ۾ حمد، نعت،
منقبت، اصحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين
اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي
تعريف ڪئي ويندي آهي. سروري جماعت جي ڪيترن ئي
شاعرن ڏهر چيا آهن. مخدوم طالب الموليٰ، سروري
جماعت جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پڻ ڪجهه ڏهر چيا آهن،
نموني خاطر هت ڪجهه پيش ڪجن ٿا:
لا اِلله الا الله، ﷴ الرسول،
جهانن ۾ جميل کي، موليٰ ڪيو مقبول،
طالب الموليٰ مرد ٿي، فڪر ڇڏ فضول،
جنهن قريشيءَ جي قرب کي، قلبئون ڪيو قبول،
سو محبتي ملول، ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو.
آءٌ طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي شاهه سرور،
دامن لڳس تنهنجي، منهنجا مٺا مرشد مير،
يا ننگي نوح فقير، ڀرم رکجانءِ ڀال سان(19).
سه حرفي:
سه حرفي يا ٽيهه اکري سنڌي توڙي سرائڪي شاعريءَ ۾
اوائلي وقت کان ملندڙ صنف آهي، موجوده دور ۾ هن
صنف تي طبع آزمائي نه ٿيڻ جي برابر ٿي رهي آهي.
مخدوم صاحب جن پنهنجي شاعري جي شروعاتي دور ۾ سه
حرفي به چئي جن جو ڇپيل تعداد 2 آهي. جن ۾ الله
سان عشق، دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ لالچ ۽ حرص، حوس کي
ڇڏڻ جهڙا موضوع آندل آهن، نموني خاطر هت ڪجهه بند
پيش ڪجن ٿا:
الف: |
الاهي عشق ۾، فنا ٿي في الحال
جوت
جمال
واحسنو اِن الله يحب المحسنين سان ڪر ڪو قرب
ڪمال
ته واحد جو وصال، پوءِ پسندين پاڻ ۾. |
بي: |
نهاري برهه جي، هميشه ڪر حال
ميڙي ڪر مضبوط هيءُ محبت وارو مال
”ولا تمنن لتستکثر“ خاصو رک خيال
طالب مولا ترڪ ڪر، بدي کي برحال
لائق ٿئين لال، ته هادي تنهنجو حال ٿئي.
(ڪچڪول طالب، ص 102) |
ڪافي:
ڪافي، سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف آهي، جنهن جي
ابتدا اسان کي امير خسرو جي دور کان ملي ٿي، اهو
سفر گهڻو طويل آهي. مختلف دورن ۾ ڪافيءَ ۾ نکار
ايندو رهيو. سچل سرمست، سنڌي ڪافي جي مروج يڪي
ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چؤڻي گهاڙيتن ۾ قافين جي مٽا
سٽا سان سٺ کان وڌيڪ نمونا ايجاد ڪيا. هيءُ تجربو،
انتهائي اهم آهي، جيڪو ڪامياب ثابت ٿيو، پوءِ جي
ڪيترن ڪافي گو شاعرن ان هيئتي تجربي کي قبول ڪندي
خود به اهڙي انداز مان ڪافي لکي.
ڪافي جي هن شاندار پس منظر کان اسان جو مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ پڻ واقف هو، تنهنڪري هن صاحب
خاص ڪافي چئي. سندن ڪافيون مختلف هيئتن يڪي، ٻيڻي،
ٽيڻي ۽ چؤڻي جي سٽاء ۾ آهن. جيڪي ڪلنگڙي، آسا،
ڌناسري، بلاول، تلنگ، سدا سهاڳڻ، گنڌاري ديسي ۽
ٻين ڪيترن ئي سُرن ۾ آهن.
موضوعاتي طور ڪافي ۾ سڄڻ جي سونهن، سوڀيا، ان جا
آرا انگل، راز نياز، پنهنجا درد، ڏک، آهون ۽
دانهون بيان ڪبيون آهن. مخدوم صاحب جن جي ڪافي ۾
پڻ اهي سموريون وارتائون ۽ ڪهاڻيون آيل آهن. حُسن
کي پسند ڪرڻ هڪ فطري جذبو آهي پر شاعر جي اک جنهن
انداز سان ان سونهن کي پنهنجي اک جي لينس ۾ محفوظ
ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن ان منظر کي لفظن جي شڪل ۾ ڪاغذ
تي اُتاري ٿو ته اهو هڪ نئون ۽ نرالي رنگ ڍنگ سان
نکري پئي ٿو. ڪافي جي خصوصيت اها آهي ته هو نج
سنڌي صنف هجڻ سبب ان ۾ نِج سنڌي لفظن جو استعمال
ٿئي ٿو ۽ جيڪو شاعر، پنهنجي زبان تي دسترس ۽
موسيقي جي بنيادي ڄاڻ رکي ٿو، اهو شاعر بهتر ڪافي
لکي سگهي ٿو. مخدوم صاحب جن جي ڪافي پڻ رس چس سان
ڀرپور ۽ خوبصورت آهي، حسن جي بيان ۾ چيل هي ڪافي
ٻٽن لفظن جي استعمال جي سبب نهايت شانائتي ٿي پئي
آهي.
سهڻل جا سينگار، وهوا دل کي وڻن ٿا،
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا،
من کي موهن ٿا.
ڪارا ڪارا، ڪنڍڙا ڪنڍڙا سهڻا سهڻا، سنهڙا سنهڙا
وانگوڙي ۾ وار
تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيس هو ڪارا
گهرا گهنڊيدار.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 339)
مخدوم صاحب جن وري هڪ ٻئي هنڌ سونهن سوڀيا جو ذڪر
اذڪار زيورن جو ڪيو آهي، جنهن جي پائڻ سان محبوب
جي حسن ۾ بي تهاشا اضافو ٿئي ٿو ۽ شاعر ان حسين ۽
دلڪش منظر کي پنهنجن لفظن ۾ ڪجهه هن طرح چيو آهي:
منجهه ڪنن ايرينگ لڏن ٿا، ڳاڙهن ڳلن کي خوب چمن ٿا
ناز منجهان ٻئي نوري نچن ٿا، عشق مان ڏين اُڇل
پيارا پري کان مارن موچارا.
هيرو نڪ ۾ آهي هزاري بولو بنئيسر ميناڪاري
چندن هار سڄو سونهاري برهه لائين بڪل
ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 338)
وري اتي پرين جي ڪارن خوشبودار وارن جي ساراهه
ڪندي انهن کي نانگ ۽ نانگ جي ڦوڪارن سان نرالي
تشبيهه ڏيندي چون ٿا:
واه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو سمجهي سڀڪو نانگ هي
جهوڙو
تنهنجو قسم آئون ناهيان ڪوڙو منهنجا محب مٺل
ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 332)
يقيناً اهڙي سهڻي سڄڻ جي حسن جو ڪاٿو ته طالب ڀلا
ڇا لڳائي سگهندو. هن لاءِ ته محبوب سموري ڪائنات
جي حسين ترين شيءِ آهي. ان ڪيفيت جو اظهار ڪندي
مخدوم طالب الموليٰ سائين اهو چوڻ تي مجبور ٿي پيا
آهن ته سڄڻ جي سونهن حسابن ڪتابن، سوالن جوابن کان
اڳتي آ:
تنهنجو حسن اچي نه حسابن ۾
تون پاڻ ئي پنهنجي جوابن ۾.
سو سودائي تنهنجي لاءِ ڪيئن جاني جنوني منجهه ڌڪن
چنڊ کارن هيٺان ڪين لِڪن تون اجايو نوري نقابن ۾
(بي پير اکيون، ص 26)
انساني چهري تي جيڪا شيءِ وڌيڪ پُرڪشش ۽ موهيندڙ
هوندي آهي، اهي اکيون آهن، اکيون الله جي خاص نعمت
پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن اکين سان ئي سموري ڪائنات
جي رنگ ڍنگ کي ڏسي سک ۽ سڪون حاصل ڪري سگهجي ٿو.
اهي اکيون ئي آهن جيڪي حجابن جي پردي مان به الائي
ته ڪهڙا ڪهڙا نه سلڻ جهڙا اورڻ به ڪنديون آهن.
تنهنڪري شاعرن اکين کي وڌيڪ اهميت سان ڳايو آهي.
سموري ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، عروضي توڙي جديد
شاعريءَ ۾ اکين جو ذڪر ضرور ڪيو وڃي ٿو. اکين لاءِ
هڪ هندي دوهو ڪيترو نه خوبصورت آهي:
ڪانگا سڀ تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
دونينان مت کائيو، انهي پيا ملن آس.
ته ساڳي وقت مخدوم صاحب جي جد امجد برصغير جي
نامياري عالم دين قرآن ڪريم جي مفسر ۽ پهرئين
فارسي مترجم ۽ سنڌي شاعر حضرت مخدوم نوح سرورؒ
اکين تي خوب بيت چيو آهي:
اپٽيان ته انڌيون پوريون پرين پسن،
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي(20).
ساڳي ريت مخدوم طالب الموليٰ جن به پنهنجي شاعريءَ
۾ اکين جو ذڪر خاصو ڪيو آهي. ڪافي ۾ پڻ سندس اهڙو
تذڪرو موجود آهي. اکين جون مختلف حالتون بيان ڪيون
اٿن، جڏهن محبوب سو صدما ڏئي اڪيلو ڇڏي هليو وڃي
کيس پنهنجي عاشق جي دلي ڪيفيت ۽ جذبن، احساسن جو
احساس نه ٿئي ته به اکيون عاشق جو وڏو سهارو ٿين
ٿيون. مخدوم صاحب جن چون ٿا:
ڀلي سهڻو سو صدما ئي ڏئي ڀلي دلبر دل کان دور ٿئي
ڀلي نينهن ۾ يار نهوڙي نئي ته به ڪين ڇڏن غمناڪ
اکيون.
(بي پير اکيون، ص 34)
اکين کي ڳائيندي مخدوم طالب الموليٰ جن اکين جون
ڪيتريون ئي خاصيتون بيان ڪيون آهن ته اکيون ئي آهن
جيڪي عشق ۾ انسان کي بي باڪ بنائي وجهنديون آهن،
ڇاڪاڻ ته اکيون ان وقت حالِ دل بيان ڪنديون آهن
جڏهن عشق جي هڪ مرحلي تي چپن جي سرحدن کي پار ڪري
لفظ معشوق جي سماعتن تائين نه پهچندا آهن، ان ويل
دنيا جهان جي پياري شيءِ اکيون ئي هونديون آهن
عاشق لاءِ، جيڪي سندس اندر جون وارتائون اورينديون
آهن، اکين جي انهي بي باڪي کي مخدوم صاحب جن ڳايو
آهي:
محبوب هزار حجابن ۾ ۽ شرم حيا جي حسابن ۾،
سرتاپا نوري نقابن ۾ ڪن عشق ٿيون آزاد اکيون.
(بي پير اکيون، ص 39)
هڪ ٻئي هنڌ چون ٿا:
ٻئي پرت جون ٿيون پيغام اکيون،
يا عشق سندو الهام اکيون.
(بي پير اکيون، ص 36)
مخدوم صاحب جن وٽ ته اکيون عزم واريون آهن، سندن
هڪ مشهور مقبول ڪافي جو ٿل آهي:
اکيون عزم واريون عقابي عقابي،
هو مارڻ لاءِ ڪن ٿيون شتابي شتابي.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 423)
مخدوم طالب الموليٰ جن بنيادي طرح ڪافي ۽ بيت جا
شاعر آهن، هنن جنهن خوبصورتي ۽ ڪمال ڪاريگري سان
هنن ٻنهي صنفن سان انصاف ڪيو آهي، اهو عمل قابلِ
قدر آهي. سندن ڪافي جي ٻولي خوبصورت رس چس مان
ڀرپور ۽ موسيقيت جي لئه سان پُر آهي. تنهنڪري سندن
ڪافي آسانيءَ سان جهونگاري سگهجي ٿي.
مثنوي:
مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعريءَ ۾ اسان کي مثنوي
به ملي ٿي، مثنوي ائين ته فارسي شاعري جي صنف آهي،
پر سنڌي شاعرن به ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
بنيادي طرح مثنوي جو هر بند ٻن سٽن جو پاڻ ۾ همه
قافيا ٿئي ٿو پورو نظم هڪ ئي بحر ۾ چيل هوندو آهي.
مخدوم صاحب جن جي چيل مثنوي ’عقل و عشق‘ دلچسپ
آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس عقل ۽ عشق جي پاڻ ۾ دليل سان
ڀيٽ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته عقل هميشه دليل گهري
ٿو ۽ عشق پنهنجا وشالتا ۾ هر شيءِ کي جذب ڪري ڇڏي
ٿو ۽ عشق ئي تنهنڪري اعليٰ بڻجي وڃي ٿو، چون ٿا:
عشق جو احوال ڪو عاشق ڪندو،
عقل جو احوال ڪو فاسق ڪندو.
عشق جي ڪنجڪ جهلي قابو هلون،
عقل کي هاڻي اتي ئي ٿا ڇڏيون.
عشق جو مسلڪ ﷴ مصطفيٰ،
عشق جو جوهر علي المرتضيٰ.
عشق جي ڪهڙي ڪجي اي يار بات،
هي سڀئي ان جي صفات ۽ عشق ذات.
(عقل و عشق، ص 8-47)
مرثيو:
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي شاعريءَ ۾ اسان کي
مرثيو به ملي ٿو. اهلبيت اظهار سان عقيدت ۽ محبت
هر مسلمان جي دل ۾ موجود آهي. خاص طور ڪربلا جي
رِڻ ۾ حضرت
امام حسينؓ، جن جي شهادت واري دل ڏکوئيندڙ سانحو
هر دل کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ڪيو. مخدوم
طالب الموليٰ جن هڪ حساس دل ۽ سجاڳ شاعر هئا. هنن
ان دردناڪ واقعي جي ڪرب کي دل سان ڀوڳيو هوندو.
پاڻ لڳ ڀڳ سنه 1946ع کان 1960ع تائين واري عرصي ۾
مرثيا لکيا آهن، جيڪي سمورا سنه 2004ع ۾ سندن لائق
فرزند نظرياتي ۽ اصولي سياستدان ۽ شاعر اڳوڻي
سينيٽر مخدوم خليق الزمان، ’شانِ حسين‘ جي نالي
سان ڪتاب ۾ ’جليس جعفري‘ کان ترتيب ڏياري پڌرا
ڪيا. اهڙي ريت مخدوم طالب الموليٰ جن جو هڪ علمي
سرمايو محفوظ بڻجي ويو.
پاڻ پنهنجي هڪ مرثيي ’اي سرزمين ڪربلا‘ ۾ چون ٿا:
خيمه اطهر لٽيا ڪيئن ۽ جليا ڪهڙي طرح،
آل پيغمبرؐ تي ٿيا جورو جفا ڪهڙي طرح.
ڪلمه گو مرسلؐ سندا ٿيا بي حيا ڪهڙي طرح،
شام قيدي ٿي هليو آل عبا ڪهڙي طرح.
من گهڙيءَ تو ۾ نه آيو زلزلو ڇو اي زمين،
ٿي لڏيو جنهن وقت شاهه دوسر گردون نشين.
(شانِ حسين، ص 155)
هن مرثيي ۾ مخدوم صاحب جن ڪربلا جي زمين کي ميار
ڏيندي چون ٿا ته ڪوس ٿيندي تو ڪيئن ڏٺو، ڪهڙي طرح
درد جو اهو داستان تو پاڻ تي رقم ٿيڻ ڏنو.ان کان
پهرئين تون ڦاٽي ڇو نه پئين. ڏک جو اهڙو داستان
بيان ڪندي وري هن ريت چون ٿا:
اي زمين توتي ٿيا ها سرون جا سر قلم،
هرڪو هڪ ٻئي جي پٺيان ٿيو راهي ملڪ عدم،
ڪنهن نه دشمن سان لڙائي ۾ کنيو پٺتي قدم،
ري کيڻ ۽ پين هرهڪ هئو شاهه امم.
ڇو نه ان دم اي زمين تو ۾ پيو هڪدم شگاف،
هي خطا هرگز نه توکي رب ڪندو بلڪل معاف.
(شانِ حسين، ص 165)
ڏهين محرم جي شام ڪربلا جي ميدان تي حضرت امام
حسينؓ جي خيمي وارن تي خاموشي، ڏک، درد ۽ پيڙا سان
لٿي. اهو وقت ۽ اهو منظر ڏاڍو حزن و غم ۽ رنج الم
ڀريو هو. مخدوم صاحب جن مرثيي ”آئون ڇو نه ڪريان
شڪر خدائي دوجهان جو“ ۾ چون ٿا:
هڪ شام غريبان ۽ ٻيو اوندهه جو ميدان،
خيمن ۾ تلاطم ۽ اُداسيءَ جوئي سامان،
سڀ عالم عقبيٰ ڏي ويا خيمن جا نگهبان،
هت حسرت و فرقت هو ۽ خاموش بيابان،
عبرت هئي عبرت اڄ خود ظلم خجل هو،
هي لاش نه هو خاڪ تي اسلام جي دل هو.
(شانِ حسين، ص 80)
مخدوم طالب الموليٰ جن مرثين کان سواءِ حمد، نعت،
منقبت، نوحه ۽ سلام پڻ چيا آهن. سندن مذهبي شاعري
به رومانوي شاعري جيان خوبصورت آهي. خاص طور مرثين
۾ واقعي کي ترتيب سان بيان ڪرڻ ئي ڪاميابي هوندي
آهي. جيڪا خوبي مخدوم صاحب جن جي مرثين ۾ نظر اچي
ٿي. سندن مرثيا مسدس جي هيئت ۽ عروض جي مختلف بحرن
۾ آهن.
شانِ حسين ڪيڏو نه برتر بلند آ،
پهتو ته ڪربلا کي معليٰ ڪري ڇڏيئين.
رباعي:
فارسي شاعريءَ جي هيءَ صنف به مخدوم صاحب جن جي
شاعري ۾ ملي ٿي. سندن رباعين جو مڪمل ڪتاب
’رباعيات طالب‘ ۽ ٻيون رباعيون ’بهارِستان‘ ۾ شامل
آهن. هيءَ صنف ٻن حوالن کان ڏکي صنف آهي. هڪ ته ان
لاءِ بحر ۽ وزن مقرر ٿيل آهن، ڪنهن ٻئي بحر يا وزن
تي رباعي نه ٿي چئي سگهجي ۽ ٻيو ته موضوع يا خيال
کي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ فقط چار سٽون ئي
درڪار ٿين ٿيون. مخدوم صاحب جن پنهنجي رباعين ۾
مالڪ مهربان جي آڏو پنهنجي عاجزي، هيڻائي، مجازي
عشق توڙي برابري، سهپ ۽ سياست جهڙا موضوع آندا
آهن. پنهنجي عاجزي بيان ڪندي چون ٿا:
اي بارِ خدا آئون گنهگار آهيان،
مون ڪونه چڱو ڪم ڪيو بدڪار آهيان،
هن نفس جي غلبي کان ته لاچار آهيان،
ته به تنهنجي عنايت جو طلبگار آهيان.
(رباعياتِ طالب، ص 1)
مخدوم صاحب جن پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ دنيا جي
اجائي وڏائي، هٺ، تڪبر ۽ مخدومي جهڙي رتبي کان
بيزاري ڏيکاريندي هميشه هڪ سادي، عاجزي واري ۽ خلق
جي خدمت ڪرڻ واري زندگيءَ جي تمنا ڪئي آهي. اهڙا
خيال سندن رباعين ۾ موجود آهن، چون ٿا:
بنگلن ۾ رهي دل کي تون مغرور نه ڪر،
دنيا جي طرب عيش کي منظور نه ڪر،
هر پل ۾ غريبن سان اي ’طالب‘! ٿي غريب،
تون عيش فنا کي پنهنجو دستور نه ڪر.
(رباعياتِ طالب، ص 42)
مخدوم صاحب جن جون رباعيون عام فهم، سليس ۽ ڪيترن
ئي موضوعن تي هجڻ ڪري پڙهندڙ وٽ مقبول ٿيون آهن.
قطعا:
مخدوم صاحب جن جي شاعريءَ ۾ قطعو به ملي ٿو. سندن
هڪ مڪمل ڪتاب قطعن جو آهي ”چهنڊڙيون“ جيڪو پنهنجي
نالي مان ئي دلچسپ آهي، مخدوم طالب الموليٰؒ جن هن
ڪتاب بابت مهاڳ ۾ لکن ٿا:
”مون هن ڪتاب جو نالو ”چهنڊڙيون“ ان ڪري رکيو آهي
جو ڪتاب ۾ جيڪي به قطعا آهن، انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن
شخصيت بابت ڪجهه نه ڪجهه چهنڊڙي جي قسم جو مگر سچو
اشارو ڏنو ويو آهي(21).“
واقعي به هنن قطعن پڙهڻ ان چهنڊڙيون جو هلڪو احساس
اُڀري ٿو جيڪا روش حق ۽ سچ چئي ڏيڻ واري؛ اڄ جي
دور ۾ گهٽجندي ٿي وڃي؛ پر مخدوم صاحب جن هڪ حق گو،
بلند اخلاق، مدبر ۽ بي باڪ وانگر دنيا آڏو سچ چئي
ڏنو آهي، چون ٿا:
رڳي ڄاڙي هڻڻ ۾ کوٽو کڙڪو،
رڳي بڪ بڪ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪڙڪو،
ته ڇو هڻجن ڀلا ڊاڙون ٻٽاڪون،
سهي سگهجي نه جي هڪڙو به دڙڪو.
(چهنڊڙيون، ص 79)
اڄوڪي عورتن جو طول ۽ غرض،
انهي سان گڏ پيو انگ انگ سڃاڻي،
خبر جيڪا به آهي شوهرن کي،
اها درزي به ٿو اڄ خوب ڄاڻي.
(چهنڊڙيون، ص 79)
هزارين انقلاب ايندائي رهندا،
جوابن جا جواب ايندائي رهندا،
ڪي بي تعبير ڪي تعبير سان ختم،
دماغن ۾ خواب ايندائي رهندا.
(چهنڊڙيون، ص 84)
مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ ۾ اسان کي فرد به
ملي ٿو، ان کان سواءِ پاڻ سنه 1955ع تائين سرائڪي،
اردو ۽ فارسي زبان ۾ شعر چيو اٿن جيڪو ’ڪچڪول
طالب‘ ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب کان پوءِ سندن ڪنهن
به ٻئي شعري مجموعي ۾ سندن سرائڪي، اردو ۽ فارسي
زبان جو شعر شايع ٿيل ناهي.
مجموعي جائزو:
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن بابت ڪيل هن مطالعي ۾
اسان کي هيٺيان نُڪتا واضح نظر اچن ٿا:
1)
سروري جماعت جا روحاني اڳواڻ ۽ پير و مرشد جي
حيثيت باوجود، خلق جو خادم هجڻ ۽ سرهائي پسائيندا
هئا.
2)
سندن طبعيت ۾ وضعداري، بردباري، سهپ، سندن اعليٰ
تربيت جو نتيجو هئي.
3)
پاڻ انصاف پسند، ڪوڙ سان نفرت ڪندڙ ۽ منهن تي سچ
چئي ڏيندڙ بي باڪ شخص هئا.
4)
سموري حياتي علم و ادب لاءِ وقف ڪندي نه رڳو ڪتاب
شايع ڪرايائون پر عملي طور ادارا جوڙي، مختلف علمي
ادبي ادارن جي سرپرستي ڪندي ڪيترن ئي نون اديبن،
شاعرن توڙي فنڪارن لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيائون.
5)
نثر ۾ سندن محبوب موضوع ’ٻولي‘ رهيو ۽ ان سلسلي ۾
لفظن جا بنياد تلاشيندي بي باڪي سان نوان بحث به
ڇيڙيائون.
6)
شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سمورين صنفن تي طبع آزمائي
ڪيائون، خاص طرح پاڻ کي روايت سان ڳنڍيل رکيائون.
7)
مخدوم صاحب جن هڪ ئي وقت تي نيم ڪلاسيڪل ۽ عروضي
سان پاڻ کي ڳنڍيل رکيو.
8)
موسيقي شناس هجڻ سبب سندن ڪافيءَ ۾ ردم، لئه ۽
رواني موسيقيت پيدا ڪري رهي آهي.
حوالا
1.
مخدوم طالب الموليٰ، ”منهنجو ننڍپڻ“، ص 6، طالب
الموليٰ اڪيڊمي هالا، 1993ع
2.
منهنجو ننڍپڻ، ص 7-8
3.
مخدوم جميل الزمان (مرتب)، ”انهن سنڌي ڳالهڙي“، ص
120-1، طالب الموليٰ اڪيڊمي، 1995ع
4.
قاضي عبدالحق انصاري (مرتب)، ٽائون ڪميٽي هالا جي
ٽي ساله ڪارڪردگي رپورٽ، ص 17، ٽائون ڪميٽي هالا،
1990ع
5.
مخدوم طالب الموليٰ (مترجم)، امام غزالي جا خط، ص
11، طالب الموليٰ اڪيدمي، 1994ع
6.
مخدوم طالب الموليٰ، ”يادِرفتگان“، ص 23، سنڌي
ادبي بورڊ، 1994ع
7.
يادِ رفتگان، ڇاپو پهريون 1953ع
8.
يادِ رفتگان، ص 13، ڇاپو ٻيو
9.
مخدوم طالب الموليٰ، ڪافي، ص 67، بزم طالب
الموليٰ، شاخ هالا، 1962ع
10.
ڪافي، ص 74، 1962ع
11.
تصوف جي بي باڪ شارح شاعر سچل سرمست جي شاعريءَ جي
فن ۽ فڪر جي لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب ’سچل سرمست ۽
ان جا همعصر شاعر‘، سنڌ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ،
2011ع
12.
مخدوم طالب الموليٰ، ”مضامين طالب الموليٰ“، ص
196-7، طالب الموليٰ اڪيڊمي، سال 1994ع
13.
مخدوم طالب الموليٰ، ”لغات سنڌي مخففات“، ص 5،
سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع
14.
لغات سنڌي مخففات، مختلف صفحا.
15.
لغات سنڌي مخففات، ص
16.
مخدوم طالب الموليٰ، ”مصري جون تڙون“، ص 9-7-4-1،
طالب الموليٰ اڪيڊمي 1990ع
17.
مخدوم طالب الموليٰ، ”ديوان طالب الموليٰ“، ص
مختلف صفحا، سروري پبليڪيشن 1992ع
مضمون ۾ غزل جي ذڪر ۾ ايندڙ سمورا مثال
ديوان طالب الموليٰ مان ورتا ويندا.
18.
خليفو گل هالائي، ”ديوان گل“، ص 38، بمئبي ڇاپو
1858ع
19.
منٺار فقير راڄڙ، ”رسالو رهنمائي“، ص 7، مرڪزي بزم
طالب الموليٰ سنڌ، 1984ع
20.
ڊاڪٽر مخمور بخاري، ”حضرت مخدوم نوحؒ“ (سوانح ۽
علمي آثار) (مقالو) شامل، قومي ادبي ڪانفرنس
ارغون، ترخان ۽ مغل دور، مرتب: ڊاڪٽر خورشيد
عباسي، ص 30، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي
2009ع
21.
مخدوم طالب الموليٰ، ”چهنڊڙيون“ ص ٻه اکر، طالب
الموليٰ اڪيڊمي، 1992ع |