سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :4

بشير احمد شاد

غزل

وک وک تي واکاڻ پرينءَ جي،

چوڏس هيءَ چانڊاڻ پرينءَ جي.

موتيو، مگرو، سوسن، سنبل،

هر گل ۾ سرهاڻ پرينءَ جي.

 دور اُفق تي رنگ رچي جو،

چهري جي چانڊاڻ پرينءَ جي.

 ڪنول مٿان جي ماڪ ڦڙا ها،

اکڙين ۾ آلاڻ پرينءَ جي.

 مٺ مٺ موتي هر ڪنهن دل ۾،

هيرن موتين کاڻ پرينءَ جي.

 ڪنهن کي ڪاڻ نه ڪنهن جي آهي،

مون کي هر دم ڪاڻ پرينءَ جي.

 

غزل

منهنجو من ڳهيلو آهي،

محفل منجھ اڪيلو آهي.

 هر ڪنهن کي ٿو ڇانوَ ويهاري،

اهڙو گھاٽو ٻيلو آهي.

 اکڙيون پوري پيار ڪري ٿو،

ويساهن ورتيلو آهي.

 ڪيئن ٿو حڪم هلائي ويٺو،

ڪيڏو هي البيلو آهي.

 ٻاهر چٽ چٽالو ڏاڍو،

اندر ڀيلو ڀيلو آهي.

 ڏکڙا سکڙا وصل فراق،

مڙني جو هت ميلو آهي.

 دنيا جو ڄڻ مون سان دوست،

رشتو ڪو ماٽيلو آهي.

 منهنجي دل جي چوگانن ۾،

ارمانن جو ميلو آهي.

غزل

درد جا رشتا نڪورا ۽ نوان،

عشق جا رستا اڻانگا اڻ سنوان.

 

غم سمورا پَرَ ڪري اڏري ويا،

حسن جو پيڪر جڏهن آيو اڳيان.

 

نفرتن جا پيچرا پُر خار سڀ،

قربَ جا رستا سنواٽا ۽ سنوان.

 

ماه رو جي مرڪ جو مٽ ناهه ڪو،

وڄ چوان، مکڙي چوان يا گل چوان.

 

عشق جي انجام کان آ بيخبر،

شاد تازو نينهن لاتو آ اڃان.

غزل

نيڻن مان جو لڙڪ لڙي پيو،

جهڙو سارو ڏيهه سڙي پيو.

پاڻياري جي ٻهڙي وانگر،

توسان منهنجو جيءُ جڙي پيو.

ساري تنهنجي سڪ او سائين،

اکڙين مان آ آب تري پيو.

 ساهن جي سرهاڻ ملي جا،

ڪيڏو منهنجو هيانُ ٺري پيو.

تنهنجي ناز نوايا ڪيئي،

هڪڙو ناهي شاد مري پيو.

سليم سهتو

ڪمزور عورت جي صدا

آزاد نظم

جڏهن منهنجو برقعو تار تار ٿيو،

منهنجي گهر جون ڀتيون،

منهنجي لاءِ اجنبي ٿي ويون،

منهنجي والدين جي خاموشيءَ ظاهر ڪيو،

تون اسان لاءِ مئل آهين!

مان پنهنجي پيارن ڏانهن موٽيس،

در کڙڪائڻ کان سواءِ،

تمام وڏي ڀروسي سان،

جنهن سان پيار ڪيم ان ڏانهن نهاريم،

پر هن جون اکيون برف ٿي ويون،

هاڻي مان کليل آسمان هيٺان هئس،

مان عجب ۾ پئجي ويس،

خدا، مان هاڻي ڪيڏانهن ويندس؟

هڪ ڊگهي ڪاري رات مون اڳيان هئي،

چوڌاري بگهيڙ،

عورت کي نوسيندڙ ڪتا،

چڀندڙ اکيون،

اسان کي نظر انداز ڪرڻ جو نتيجو ڏس!

جنسي اشارا،

طنزيه ٽهڪ،

تذليلي مسڪراهٽ،

ناسوري هوا،

زخم ڏيندڙ برسات،

۽ پٿر، هر ڪنڊ کان.
 

ملاقات

تنها راتين ۾،

جڏهن تنهنجا،

خَطَ پڙهندو آهيان ته،

خاموش لکڻين جا اَکَرَ،

ائين سرٻاٽ ڪندا آهن،

ڄڻ تون،

منهنجي ڀر ۾،

ويٺي ڳالهائيندي هجين.

ٽيڙو

ڇوڪريءَ جو کِلڻ،

لڳي ٿو مون کي،

گلن جو ٽِڙڻ.

آسمان تي تارا،

ڏاڍا آهن ڏکايل،

منهنجي ديس وارا.

باغن ۾ بهار،

هر طرف ڄڻ،

ساوڻي جي وسڪار.

رات جو پهر،

ڪتن جو ڀونڪڻ،

خاموش آهي شهر.

وڻ تي پکي،

ڏسي تنهنجو مُکُ،

ٿي آهي خوشي.

معشوق جو وار،

بيوس عاشق،

سدائين خوار.

مقصود گل

 

غزل

نينهن ۾ ناچاڪ، آهيان دوستو،

تنهنڪري غمناڪ، آهيان دوستو...!

چنڊ تارن ساڻ، منهنجي دوستي،

رات جو رولاڪ، آهيان دوستو...!

منهنجي گفتن ۾، صدائون، سوز جون،

عشق جو اُٻڙاڪ، آهيان دوستو....!

شبنمي ڌارا، اکين جي اوت ۾،

پرهه جو پيئاڪ، آهيان دوستو...!

درد سان ڌوئي، اندر اجرو ڪيم،

تن صفا دل پاڪ، آهيان دوستو..!

مان پرينءَ جي، پاڪ پيرن ۾ رهي،

صاحب افلاڪ آهيان، دوستون....!

عشق وحدت ۾، پڪو ايمان آ،

برهه ۾ بيباڪ، آهيان دوستو...!

ٿي رکي انسانيت ۾، دل يقين،

اُنس جو ادراڪ، آهيان دوستي....!

منهنجي نيت ۾، نچن نه ٿون محبتون،

نفرتن کان پاڪ، آهيان دوستو....!

باغُ هن، گل، واس، هيرون هيج جون،

مان وفا جو واڪ، آهيان دوستو....!

 

غزل

پنڌ تُنهنجا پڇن ٿيون، مسافر اکيون،

راهه تنهنجي ڏسن ٿيون، مسافر اکيون.

روئي ڳوڙهن سان ساري وضو رات جو،

پيار تنهنجو پڙهن ٿيون، مسافر اکيون.

ننڊ ۾ جاڳ ۾، ورهه ويراڳ ۾،

خواب تنهنجا ڏسن ٿيون، مسافر اکيون.

هرگهه واري ترشنا، کنيون ٿيون وتن،

اُڃ اوتي پيئن ٿيون، مسافر اکيون.

چنڊ جي منڊ ۾، کير ۽ کنڊُ ٿي،

جوت ٻاري جيئن ٿيون، مسافر اکيون.

ڏات جي ڏيهه ۾، سونهن ساڻيهه ۾،

چاهه تنهنجو چمن ٿيون، مسافر اکيون.

عشق اَراس ۾، پرهه جي پياس ۾،

ورِهُه بڻجي وسن ٿيون، مسافر اکيون.

گل، وطن ۽ وفا، پيار ۽ پِرٿوي،

نينهن آڏو نِوَنِ ٿيون، مسافر اکيون.

ڪربلا...!

 

توتي حسين ٿي ويو، قربان ڪربلا،

تنهنجو به ڇا ته شان آ، ڇا شان ڪربلا.

وسريو اڃا نه تنهنجو، آ احسان ڪربلا،

قربان تنهنجي شان تان، قربان ڪربلا.

ظالم سڏي ٿو، جنگ پيو اقتدار جي،

ڪيئن ٿو مڙهي حسين تي، بهتان ڪربلا.

حج کي ڇڏي هلڻ به، ٿو معنيٰ وڏي رکي،

آهي اهوئي امن جو، اعلان ڪربلا.

پنهنجي نظر جي نور سان، ڪو ويو لکي پڙهي،

ڪعبي جي آ غلاف تي، قرآن ڪربلا.

طوفان سان چراغ آ، سينا سپر ٿيو،

تڙپي ٿو پنهنجي آگ ۾، طوفان ڪربلا.

ڪيئن روشني جا ٻاهتر، ٻاري ڏيئا هليو،

آ ظلمتن سان جنگ جو، اعلان ڪربلا.

سچ ڪوڙ جي سڃاڻ آ، سوچي ڏسي ته ڪو،

پختو دليل بي بها، برهان ڪربلا.

ڪجهه ڪر ته اهتمام، جو ٻچڙو رسول جو،

ٻچڙن سان تنهنجو ٿيو اچي، مهمان ڪربلا.

هوندي، هئي ۽ آهه سا زندهه زمين تي،

سمجهين متان ته ٿي وئي، سنسان ڪربلا.

 

تنهنجي شرف ۽ شان کي، ايثار کي ڏسي،

تاريخ شرمسار، پشيمان ڪربلا.

خيمن کي باهه، چولڙا ٻارن جا روشنيون،

بي شرم شام جو ڪئي، شمشان ڪربلا.

تيرن مٿي به ٿيو، مگر سجدو قضا نه ٿيو،

ڇا بندگيءَ جو شان آ، ڇا شان ڪربلا.

بازار ۽ درٻار جا، ڇا سانحا لکان،

هڪڙو هجي ته سو لکان، عنوان ڪربلا.

نيزي مٿي کڙي ٿو ڏسي، چنڊ مرڪندي،

پڙهيو آ ظلمتن ۾، هيئن قرآن ڪربلا.

اُڀ سرخرو مٿي، هتي گل ويا گلاب ٿي،

خونِ حسين جو، اهو احسان ڪربلا.

روبينه ابڙو

اي اَزل جا هَم رَڪاب…

(نظم)

 

اي ازل جا هَم رڪاب آهين ڪٿي؟

ساڀيا جهڙائي خواب آهين ڪٿي؟

مان هجان اورار ته به تنهنجي سدا،

جي وڃان ٻي پار ته به تنهنجي سدا،

پياس منهنجي جا چناب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

ڪو وطن تنهنجو نه ڪوئي گلستان،

ڏور کان تولئه نهاري آسمان،

حدلاحد جا حساب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

اَنَ وانگي ئي ڇَڙين مون کي پيو،

آڳ وانگر ٿو پرين مون ۾ پيو،

او عذابن جا عذاب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

رنگ وانگي ڇو نه ٿو مون کي رڱين،

روپ وانگي ڇو نه ٿو مون تي اچين،

موهه جا تون ماهتاب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

شاخ بڻجي ئي ڇڻين ٿو مون اندر،

ڦول بڻجي پو ڦُٽين ٿو مون اندر،

روح منهنجي جا گلاب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

درد جي درياهه ۾ لڙهندي وڃان،

ايئن تنهنجي چاهه ۾ لڙهندي وڃان،

پو به ڇو آهين سراب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

ڇو خيالن جو خيال آهين لڳو،

ڄڻ سوالن جو سوال آهين لڳو،

سونهن منهنجي جا جواب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

تهمتن جي راهه تي آهيان هَلي،

هر ملامت جهول ۾ آهي جَهلي،

عمر ساريءَ جا ثواب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

ڳوٺ منهنجي جي ڳلي تولئه سِڪي،

خامشي منهنجي سدا توکي سَڏي،

سانت منهنجي جا رَباب آهين ڪٿي؟

اي ازل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

 

گردشون تولئه زماني جون رهن،

بارشون تولئه هوائن کان پُڇن،

درد جا تون انتخاب آهين ڪٿي؟

اي اَزل جا هَم رَڪاب آهين ڪٿي؟

آزاد قاضي

غزل

 

هي جا رشمي راماڻي

جيڪا هند ۾ ساماڻي.

سنڌ ۽ هند آ ڳالهه هِڪوئي،

سنڌو، گنگا پَوتر پاڻي.

ماري ماري ڌڪيا ويا ها،

ڪين وياسي پاڻو ڄاڻي.

ساڳي جسم جو هئا جي حصو،

سي ڌار ڪيا ويا ڄاڻي واڻي.

اندر ۾ آ آس اهائي،

شال تنين کي رَبّ آڻي.

نظم

 

شهر سڄو سنسان سمورا رستا خالي،

ٿيو آ ڪو گمسان سمورا رستا خالي.

اشرف جا مخلوق چوائي،

هڪ ٻئي جو سا ماس ٿي کائي،

ٿو شرمائي شيطان، سمورا رستا خالي.

شهر جا منگهه ميارون ڏين ٿا،

طنزيه ڏسندي ائينءَ چون ٿا،

ڇو ٿيا هيونا وان، سمورا رستا خالي.

پنهنجو پاڻ ۾ ڀل ته وڙهن پيا،

هڪ ٻئي جو سي رت پين پيا،

ڌاريي جو اعلان، سمورا رستا خالي.

شهر جي رونق يا مري وئي،

چوڌاري آ باهه ٻري وئي،

انسان ٿيو حيوان، سمورا رستا خالي.

 

غزل

نه ٿو ڳالهه دل جي ٻڌائين اڃان،

اسان کي نه پنهنجو ٿو ڀانئين اڃان.

ڪڏهن ڳالهه ڪائي چئي ڇڏبي آهي،

ڀلا ڇو رڳو لڪائين اڃان.

محبت ۾ ليکا ڪبا يار ناهن،

تون ڳالهين کي ويٺو وڌائين اڃان.

سدائين ته ڪاوڙ چڱي يار ناهي،

ڀلا ڇو پيو پل پل ستائين اڃان.

ڏسي عجب مان هُن چيو ڪالهه هو،

اڃان ٿو پيو تون نڀائين اڃان.

وفا آهه پنهنجي رڳن ۾ سمايل،

اجايو پيو آزمائين اڃان.

 

غزل

اسان تي ڀلي ير کلون پيا ڪيو،

ڪڏهن ياد ايندو اسان جو چيو.

اسان جي چوڻ کي آ اهميت نه ڪائي،

وساري ڇڏيو سڀ چيو آکيو.

چڱائي ڪري کوهه ۾ اڇلبي آ،

وساري ڇڏيو سڀ چيو ۽ ڪيو.

سڄي زندگي جا ڪمائي ڪئيسين،

اهوئي اسان کي پلئه آ پيو.

اچانڪ اوهان وٽ هي اطلاع ايندو،

هي ’آزاد قاضي‘ دنيا مان ويو.


ª هندستان ۾ ڄاول سنڌي اديبه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com