سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :14

حافظ مهراڻ سڪندري

ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ جون علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتون

ان ڏينهن سنڌ جي صوفي المشرب شاعر محمد فقير کٽياڻ جي ستين ورسي هئي، جا سندس آستاني تي ساليانه ٿيندي آهي. سو فقير جي رندي محفل ۾ اسين ويٺا هجون ته اوچتو سڏ ٿيو: مهراڻ صاحب! اوهان جا ٻه پوڙها مهمان آيا آهن. انهن ڏينهن ۾ آءٌ اتي مسجد سڳوريءَ جو ٻهاريدار هئس. جنهن ۾ پهرين پهرين محمد فقير کٽياڻ مٽيون ڀريون هيون، هيئنءَ جو ٻاهر اچي ڏسان ته پروفيسر محمد عمر چنڊ جيڪو هن وقت نيوزيلينڊ ۾ آهي، هڪ ڪراڙي ساٿيءَ سان گڏ بيٺل هو. چنڊ صاحب سان پراڻي نيازمندي هئي. مختلف موقعن تي ٿيندڙ تقريبن ۾ گڏجي پوندا هئاسون، باقي ٻئي سائينءَ کي ڪونه سڃاتم. ايتري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به صوفي صاحب جي ميلي تي پهچي چڪو هو. چنڊ صاحب کان سائينءَ جو نالو پڇيم. چيائين: هي سائين گل حسن لغاري صاحب پنهنجي شهر ٽنڊوڄام جو ناميارو اديب ۽ اسڪالر آهي. بس اها پهرين ملاقات هئي، سادگي ۽ بي تڪلفي، جفاڪشي، محنت، وقت جي پابندي ۽ وضعداري لغاري صاحب جون نمايان خاصيتون هيون. شلوار ۽ ڪالر کان سواءِ پراڻي نموني جي قميص، ڪڏهن ڪڏهن مٿي تي ٽوپي پائيندا هئا. صحت، قدبت ۽ جسماني بناوت جي لحاظ کان مردانه وجاهت جو اعليٰ نمونو هو. سدائين پنهنجن پروان، ننڍن وڏن ۽ چڱن مَٺن سان نيڪ نيتيءَ ۽ خير سگاليءَ جي جذبي سان پيش ايندو هو. سندس اها وڏي خوبي هئي جو طبع جي خلاف ماحول ۽ ماڻهن سان هلي ۽ نڀائي ڄاڻندو هو. اسان ننڍن سان به سائينءَ جو رويو اهڙو شفقت ڀريو ۽ قربائتو هوندو هو جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ حضور بخش خاصخيلي، قادر بخش سهتو، پروفيسر محمد جمن سهتو، اي. ڊي سهتو ۽ ٻيا دوست سائين جا شاگرد هئا. سو جڏهن به شهر ۾ مٿين دوستن مان ڪنهن کي به ڏسندو هو ته منهنجي پارت ڪري ڇڏيندو هو. سائين لغاري صاحب جون علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتون ڏسي آءٌ به سائينءَ سان انهيءَ ڪم ۾ جنبي ويس. پوءِ جڏهن به ٽنڊوڄام اچڻ ٿيندو هو، ته هڪلي وڃي سائينءَ وٽ رهاڻ ڪبي هئي ۽ دنيا جهان جون خبرون ڇڏي علم و ادب تي ڪچهري ڪبي هئي. مون سائين کان سندس زندگيءَ جو احوال به پڇيو هو ته ڪيئن هيڏي وڏي قلمي سفر کي اوهان جاري رکيو. سائين پيرائتيون خبرون ٻڌائيندي چيو هو ته: ”منهنجي پيدائش 12- ڊسمبر 1938ع ۾ (رڪارڊ موجب) ڳوٺ محمد علي لغاري نزد ٽنڊوڄام ۾ ٿي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام ۾ سنڌيءَ جا چار درجا مڪمل ڪيا. تڏهن هيڊماستر محمد يعقوب ميمڻ جيڪو سراج ميمڻ جو والد صاحب هو، نهايت محنتي سڄاڻ جيڪو شاگردن کي هر حوالي سان سنڀاليندو هو. اڳتي تعليم لاءِ سنڌ مدرسي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جا پنڌ به پڇايم ۽ فارسيءَ ۾ بي-اي (آرنرز) به ڪري ڇڏي. 1960ع کان 1962ع تائين مرحوم قاضي غلام محمد سان تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ محبت رهي. پاڻ صاحب تقويٰ، خير خيرات، هارين کي بخشش، ڇڏ ڇوٽ، درگذر ڪنهن ڏانهن به سواءِ خيرخواهيءَ جي ڪابه ڳالهه نه ڪندو هو. مشورو به نيڪ ڏيندو هو. پنهنجي اولاد جي پرورش به ديني ماحول ۾ ڪيائين، اڄ به سندس اولاد خوشحال، نيڪ روشن ۽ نيڪ ڪردار آهي، 1965ع ۾ بي ايڊ ڪيم. 1968ع ۾ ليڪچراريءَ جو آرڊر، ايبٽ آباد سرحد صويب گريجوئيٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج ۾ مليو، انهيءَ دوران پي ايڇ. ڊي جو ڪم به ڪافي قدر ڪري چڪو هئس. منهنجي پي ايڇ. ڊي جو عنوان ”سنڌ ۾ فارسي نثر نويسيءَ جي تاريخ“ هو. 1970ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگريءَ ڏيڻ جو اعلان ٿيو. ملازمت ايبٽ آباد، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ، کپرو ۽ ٽنڊوڄام جي ڪاليجن ۾ ڪئي. 12 ڊسمبر 1998ع ۾ رٽائر ٿيس. هيءُ سائين جو اهو انٽرويو هو جيڪو مون سندس آخري ايامن ۾ ورتو هو. ان کان علاوه لغاري صاحب جي مصروفيتن ۾ ريڊيو پاڪستان جي ديني پروگرامن کان وٺي سيمينارن تائين به شامل ٿيندو هو. ملڪي ۽ انٽرنيشنل سطح جي پروگرامن ۾ حاضري به سندس شُغل ۾ شامل هئي. جديد فارسيءَ جي ٽريننگ لاءِ ايران سرڪار پاڪستاني فارسيءَ جي استادن کي ٽريننگ لاءِ 1975ع ۾ تهران يونيورسٽي ايران ۾ مسلسل چار مهينا، جديد فارسيءَ جو نصاب، فارسي ادب، تاريخ، تصوف قبل از اسلام ۽ فارسيءَ جي تهذيب و تمدن تي ليڪچر ڏنائون. ان کان سواءِ 1995ع ڌاري جديد فارسي جي ڪلاسن ”باز آموزي فارسي“ جي لاءِ اسلام آباد ۾ به وزارت ارشادات اسلامي طرفان ٽن هفتن جا ڪلاس به ورتا هئائون. ڊاڪٽر گل حسن لغاري جي فڪر تي صوفياڻا فڪر جو غلبو رهيو. مذهبي رواداري جي قائل هن جوڌي کوجناڪار تحقيقي ميدان ۾ پڻ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس ڪيئي تحقيقي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد جو هيءُ چارٽ آهي:

1.

گُرجي نامه- هڪ تعارف

104کان 107

مهراڻ ڊسمبر 2003ع مرزا قليچ بيگ نمبر

2.

رومي رهاڻ

3 کان 4

نئين زندگي مارچ 1976ع ڀٽائي نمبر

3.

رومي رهاڻ

9 کان 10

جولاءِ- آگسٽ 1976ع

4.

عهد- ميثاق شاهه لطيف ۽ رومي جي نظر

15 کان 18

فيبروري 1976ع

5.

رومي رهاڻ

3 کان 5

مئي 1977ع

6.

اقبال دانائي راز

9 کان 12

نومبر 1977ع

7.

رفتيدولي نه رفتيد از دلِ ما

193 کان 196

مهراڻ گرامي نمبر 1976ع

8.

لطيف لوڪ ترجمان

173 کان 176

مهراڻ لوڪ ادب نمبر 1991ع

9.

اسرار خوديءَ جو مطالعو

24 کان 31

اقبال نمبر 1977ع

10.

سنڌ جو ماضي ۾ تجارتي عروج

146 کان 158

1—1975ع

11.

ڪردار ۽ سيرت سازي جي تعليم و تربيت

107 کان 112

1986ع

12.

سنڌي ادب ۽ نوجوان نسل

209 کان 215

1985ع

13.

شاهه لطيف جو عرفان تمثيل جي روشنيءَ ۾

45 کان 51

ڪراچي تحقيقي جرنل 1999ع

14.

سهڻي ۽ ساهڙجي سڪ

25 کان 27

سهڻي ميهار جو ميلو 1985ع

15.

قادر بخش بيدل ۽ سلطان باهو

18 کان 23

عشق ڪيم اظهار 2001ع

16.

منٺار فقير جو ڪلام ۽ ان جو جائزو

108 کان 111

سانگهڙ جي سرهاڻ 1992ع

17.

سر حُسيني تمثيلي انداز ۾ حقيقت جو اظهار

51- 55

سُر حسيني جو مطالعو: مرتب: تاج جويو

18.

”پيغام نوح“ اهميت ۽ افاديت

مهاڳ

مصنف: مولائي شيدائي

19.

نواب ولي محمد لغاري فارسي ادب ۽ عرفان جي آئيني ۾

-----

سيمينار ۾ پڙهيل مقالو

20.

مخدوم محمد ابراهيم خليل 1899- 1899ع (1243هه-1317هه)

-----

ڪراچيءَ ۾ ٿيل سيمينار ۾ پڙهيل مقالو

21.

ڪلهوڙا دؤر حڪومت (تنقيدي جائزو)

24- 30

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي جي پي ايڇ ڊي مقالي جو تنقيدي جائزو، ماهوار ڪينجهر حيدرآباد نومبر 2004ع

22.

انسان زبان ۾ مخفي آهي.

----

-----

23.

”ڪينجهر“ سنڌ يونيورسٽي کان اشاعت ٿيو، ان تي تبصرو

-----

-

24.

ايمان ۽ اتباعِ رسول ﷺ

22-24

ڊائريڪٽرڪاليجز حيدرآباد پاران ڇپيل ”مشعل راهه“

25.

احوال و آثار مخدوم معين ٺٽوي

---

---

26.

عالم و عارف قاضي غلام محمد قريشي

---

----

27.

مولوي نور محمد نظاماڻي تي لکيل تقرير

----

----

28.

سامي ويدانتي شاعر

----

---

29.

خواجه محمد زمان جي فارسي بيتن جو ترجمو

17-21

ڪينجهر مارچ 2005ع

30.

سيرت پاڪ ۽ فارسي ادب

84-88

نئين زندگي جنوري 1982ع

31.

فارسيءَ جا نثر نويس

-----

سه ماهي مهراڻ 1975ع

32.

جديد فارسي زبان ۽ قديم ايراني لهجا سنڌي

-----

1975ع 3-2

33.

سچل ۽ عطار

----

سچل سيمينار ”آشڪار“ 1984ع

34.

سر مارئيءَ جو مطالعو

-----

مارئي سيمينار ميرپورخاص ۾ 1989ع

35.

پريت جي پٽي

----

سچل سارو سچ 1989ع ۾

36.

ابيات سلطان باهو ترجمو ۽ شرح

ڇپيل

-----

37.

عرفان جي واٽ ترجمو ۽ شرح

ڇپيل

------

38.

سنڌي ۾ سيرت تي لکيل ڪتابن جي فهرست

------

مهراڻ جولاءِ 1980ع

 

ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ جا فارسي ۽ اردو ۾ ڇپيل تحقيقي مقالا:

1.

قادر بخش فارسي گوي قرن سيزدهم هجري

205-214

دانش فارسي اسلام آباد 2002ع

2.

معرفي و بررسي ساير کتا بهائي فارسي در دور ڪلهوڑا

----

------

3.

نقش زبان و ادب فارسي

-----

آڪٽوبر 2004ع

4.

محمد عارف ”صنعت“ فارسي گوي قرن سيزدهم هجري

195-202

-----

5.

معرفي احوال و آثار ميرزا قليچ بيگ

203-212

سيپٽمبر 2001ع

6.

پاکستان اور ايران کا مشترکہ پائيدار ثقافتی ورثہ

77-80

پيغام آشنا اردو 2001ع

7.

سچل سرمست کے فکر پر عطار کا اثر

91-105

مارچ 2001ع

8.

فکر و  دانش سعدی

80-90

جولاءِ 2005ع

9.

سندھی میں علم سیرت کا ارتقا

2-10

"العارف" لاہور 1981ع

10.

سندھی ادب میں فارسی کا اثر

----

----

11.

سندھی اوراق کے آئینے میں

----

سيمينار ۾ پڙهيل مقالو

12.

نواب ولی محمد خان لغاری "ولی" نخست وزیردر دورہ تالپوران

-----

سيمينار ۾ پڙهيل

13.

”مشاهير سنڌ“ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو

---

----

14.

حیدرآباد شہر ماضی اور حال کے آئینے میں

----

----

15.

سلطان باہو کے کلام میں وحدانیت، رسالت اور اتحاد بین المسلمین کی جامع تعلیم

----

----

16.

اہمیت زبان و ادبیات فارسی درپیوستیگیھائی فرہنگی کشور ہائی منطقہ

----

----

17.

داستان کوتاھ سند- مومل- رانو

----

----

18.

اسلام اور اقتصادی ترقی

----

----

19.

ارتباط پیامبر اکرم  و علی واندکاس در مثنوی و معنوی

----

----

20.

عقل واندیشہ سعدی

---

---

21.

عمر خیام نیشاپوری

---

---

 

          هنن کان سواءِ به ڊاڪٽر صاحب جو ڪافي مواد جيڪو اڃا سائينءَ جي ذاتي لائبريريءَ ۾ پيل آهي، ڪٿي به ڇپجي نه سگهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن منفرد ۽ کاهوڙي محقق جنهن مادري ٻوليءَ کان سواءِ به ڪافي ٻولين تي دسترس حاصل ڪري سنڌ جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. فارسي جي هن گوهر وٽ سندس زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ چاچا سائين عبدالرزاق مهراڻ سڪندري ”ديوانِ سعيد“ جي ترجمي واري ڪاپي نظر مان ڪڍائڻ لاءِ ساڻس گڏ وڃڻ ٿيو. ديوان سعيد جي نسخي کي ڏسي چيائين: هيءَ ڪاپي اسان جو به در ڀيٽي ويئي آهي. عمر جي تقاضا جي ڪري ايڏي وڏي ڪم جي هام نه هنئي سون، پر شڪر ٿيو جو سنڌي ٻوليءَ ۾ هن شاندار ڪتاب جو اضافو ٿيو. ڪتاب کي ڏسي ڏاڍي سرهائي پيو محسوس ڪريان، سنڌ جي هن منفرد اسڪالر جو لاڏاڻو 7- نومبر 2008ع بمطابق 1429هه ۾ ٿيو، سندس جسد خاڪي کي اباڻي قبرستان محمد علي لغاري لڳ ٽنڊوڄام ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس وفات تي ايران جي هڪ دوست هيٺين شعر مان قطعه تاريخ ڪڍي آهي.

آن کہ در لطف و صفا چون مہربانان بودو رفت
آن کہ در حرف وفا فارس
ی زبان دان بودو رفت
یاد او در وادی ھمارہ زندہ است
گل حسن مرد ادب گوھر فشانان بودو رفت
فوت او تار
یخ میلادی چنین آمد بہ دست

2008

گل حسن رز بخش خالق جان جانانِ بودو رفت
ھم بہ ھجر
ی آمدہ تاریخ فوت آن بزرگ

1429ھ

گل حسن خورشید لامع گوھر افشان بودو رفت

          سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ۽ ٻين ادارن کي گهرجي ته سنڌ جي هن وڏي پاڙهو ۽ علم دوست اسڪالر جي تحريرن کي سميٽي هڪ جامع ڪتاب جي شڪل ڏين.

بہ مناسبت درگذشت مرحوم مغفور دکر گل حسن لغاری بلوچ استاد فارسی و اردو و سندھی تاریخ  وفات: 7 نومبر 2008ء/ 1429ھ ق،   ٹنڈوجام، سندھ، پاکستان۔

جيجي سنڌيا شاهه

چنڊ به سُڏڪي، مُرڪي پيو…

]جيجي سنڌيا شاهه 7- مارچ 2012ع تي السر جي تڪليف دوران 36 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. محترمه اصل ڪوٽڙي ڪبير جي سيد گهراڻي سان تعلق رکندي هئي. مرحومه 80 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون ۽ شاعري به ڪئي. سندس مواد مختلف علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپيو آهي. سنڌيا شاهه جو ”مهراڻ“ سان به واسطو رهيو. هيءَ ڪهاڻي، اداري کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏياري موڪلي هئي، جا مها ٻوڏ 2010ع جي پس منظر ۾ لکي وئي آهي. (ادارو)[

ان ڏينهن هُو نڌڻڪو ٿي پيو جنهن ڏينهن سندس ڳوٺ ۾ ٻوڏ ڪاهي پئي هئي. مالڪ ته ٻين ڳوٺاڻن جيان لاريون (گاڏيون) ڪري ڳوٺان نڪري ويا هئا پر هي پوئتي رهجي ويو هو.

هلندڙ گاڏين پويان ڀؤنڪيو هو، ڊوڙيو هو هلندڙ گاڏين پويان، پر ڪاري ڏامر واري روڊ تي ترڪندي گاڏيون سندس نظرن کان گهڻو اڳتي نڪري ويون هيون، ته هو ٿڪجي وائڙو ٿي بيهي رهيو هو.

پُڇ لوڏيندي، ڪن اڀا ڪري لڙڪي پيل زبان سان سهڪندي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو هو: نه مالڪ نه مالڪاڻا گهر، نه ڳوٺ نه ڳوٺاڻو پيچرو، نه ڪرڙ، نه کبڙ، نه بڙجي ڪائي ڇانوَ، روڊ ئي روڊ جي ٻنهي پاسي شاپنگ پلازا، فليٽ، اپارٽمنٽس، مارڪيٽون، هر پاسي روڊ… هر پاسي سگنلز، هر پاسي ڊگهيون جايون، هر پاسي ماڻهن جا ميڙ، ڊوڙندڙ گاڏين جي ريس ايتري جو ڇرڪجي بيهي ٿي ويو.

سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته ڇا ڪري.....؟

بيٺي بيٺي ماڻهن جي مُنهن ۾ نهارڻ شروع ڪيائين.

اوپري شهر ۾، رستن تي ۽ هلندڙ گهمندڙ ڪنهن سگنل کي ڪراس ڪرڻ جي چڪر ۾ هڪٻئي کان اڳ ڪڍندڙ. ڪنهن جو به ڪنهن سان ڪو واسطو نه کيڪار.....

”آخر سڀ ڪيڏانهن پيا وڃن؟...... سڀني کي ايڏي ڇا جي جلدي آهي؟.... ڪو ٻڌائيندو؟.... ڪو بيهي مون کان پڇندو ته مان ڪير آهيان؟.... ڪٿان آيو آهيان؟.... مون سان ڇا ويل ٿيو آهي؟.... ڪو ٻڌندو؟..... ڇا ڪو بيهي منهنجو انتظار ڪندو ته مان به هلان هنن سان... ڪو مون سان گڏ ساهي پٽي هوريان هوريان هلندو ته مان به هلان؟.... مون کي به ته وڃڻو آهي، ان ڏور ڏسا ڏانهن جيڏانهن منهنجا مارو منهنجا مالڪ ويا آهن!......“

ڪنڌ جُهڪائي ڳڙي پيل ڳوڙهن کي پنهنجي ڪلهن سان اگهيائين.

”هي شهر جا ماڻهو.... مون کي ڪاٿي سمجهندا؟.... مان ڳوٺ جو سادو، اٻوجهه گونگو ڪتو!....“

ڊگهو ساهه کڻي شهر ڏانهن ڏٺائين ۽ لڳس پئي ته پويان پنهنجي ڳوٺ جا وڻ سڏيندا هُجنس.

پوئتي ڊوڙ شروع ڪيائين. ڊڪندو ڊوڙندو سهڪندو پنهنجي ڳوٺ واري گس تي آيو، ته دل دهلجي ويس. دوڏا ڦاٽي ويس ۽ ساهه منجهي پيس. پاڻي ئي پاڻي..... هڪ وک اڳتي وڌيو، ٻي پوئتي هٽيو. وري اڳتي وڌيو، وري پوئتي هٽيو. پاڻيءَ ۾ دهشت، دهشت جي ٻوڏ ۾ ڦاسي ڦٿڪي مئل ماڻهو، پکي ۽ مال!

بي ستو ٿي ويهي رهيو. سمجهه ۾ نه آيس ته ڇا ڪري؟

ڪن هڻندي پڇ سٽيندي ڏک مان اون اون جا آواز ڪرڻ لڳو. اکين مان ڳوڙها وهي آيس. اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. ذهن ۾ آواز گونجڻ لڳس:

”بولا.... بولا.... بولا....“

ڇرڪجي اٿي بيهي رهيو. پوئتي ڪنڌ ڦيري ڏٺائين:

نه پوڙهو مالڪ نه سندس پٽ ۽ نونهن ۽ نه سندس پوٽو جو ڊوڙائي ڊوڙائي پيو سڏ ڪندو هُيس. هي پير پير ڪندو ڏانهس وڌندو هو ۽ سامهون بيهي سيٽجي ڪن اڀا ڪري نهاريندو هيس ۽ هو ٽپ ڏئي. ”هئو.....“ ڪندو هُيس ته پوئين پير ڊوڙ شروع ڪندو هو ته ننڍڙو ٽهڪ ڏيئي تاڙي وڄائي کلندو هو ۽ هي کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو پڇ لوڏيندو وتندو هو.

ننڍڙي کي خوش ڪرڻ لاءِ هو سندس معصوم ”هَئُو“ چوڻ تي ڇرڪجي ڀڄندو هو ۽ ڌارئي لاءِ ائين هو جو اوپرو ڍور هجي يا ڪو ماڻهو نرو کڻي در جهلي بيهي رهندو هو ۽ جي ڪو زوري ڪري ته لَٽي يا ڄنگهه ۾ چڪ وجهي گِرڻ بيهي رهندو هو جيسين مالڪ پاڻ اچي هڪل نه ڪري تيسين چڪ نه ڪڍندو هو ۽ ڪنهن کي در ٽپڻ نه ڏيندو هو.

لڳس اهي آواز به يا ته پاڻيءَ ۾ ئي ٻڏي ويا هجن يا لارين ۾ چڙهي شهر جي آوازن ۾ دٻجي ويا هجن. هن ڪنڌ جُهڪائي ڪچي گس کي سُنگهيو ۽ جنهن رستي کان آيو هو، ٻيهر ان رستي تي ڊوڙڻ شروع ڪيائين ۽ ٿڪجي ان ساڳئي شهر ۾ اچي پهتو جتي ٿڪجي وائڙو ٿي بيٺو هو پهريان.

وڌيڪ ڊوڙڻ جو ست نه هُيس، ان ڪري سهڪندو هڪ بجليءَ جي ٿنڀي جي دِڪي آڏو ٻانهون ڊگهيون ڪري ٻانهن تي ڪنڌ رکي سمهي پيو.

ڪجهه دير جي ننڊ کان پوءِ اکين تي ڪا روشني پوندي محسوس ٿيس ته اکيون کولي اڀ ڏانهن ڏٺائين. پورو گول چنڊ چمڪيو پئي، چنڊ ڏانهن نهاريندي ياد آيس:

شهر مان پڙهڻ لاءِ ويل مالڪ جو وڏو پٽ موڪل تي گهر آيو هو ۽ چانڊوڪي رات ۾ چنڊ هيٺان ڇڻڪاريل کٿوري، مٽيءَ واري اڱڻ تي کٽن تي ويٺي پيءُ ۽ ڏاڏي کي ٻڌايو هو.

”اڳي هرڪوئي چوندو هو ته ’چنڊ اسان جو‘ پر هاڻي اهو چنڊ به وڪامي ويو!....“

پڻس کان دانهن نڪري وئي هئي. ”هان!؟....“

”هائو بابا....“ پٽس ٻڌايو هو:

”ها بابا چنڊ کي به پيسي وارن خريد ڪري ڇڏيو آهي.“

ڏاڏهنس ٿڌو شوڪارو ڀريو هو: ”پنهنجي سوا لک پيرن واري پلاٽنگ جيان!....“

”هائو ڏاڏا... تهذيبي اهڃاڻ ۽ خوبصورتي نيلام پئي ٿي…

چنڊ ايڊوانس بُڪ پيو ٿئي!....“

هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

الاءِ ڇو ننڊ ڦٽي پوندي هُيس چانڊوڪي رات ۾.

هن ڏٺو هو، هن جو مالڪ به چانڊوڪي رات ۾ سُمهي ڪونه سگهندو هو ۽ کٽ تان اٿي اڱڻ ۽ مال واري واڙي جي وچ تي ڏنل ڀت جي وچ ۾ ڪاٺ جي در آڏو واڻڪي دؤر جي موڪري ٺُلهه کي ٽيڪ ڏيئي هن آڏو ويهي رهندو هو ۽ سگريٽ دُکائي سندس مٿي تي هٿ ڦيرڻ لڳندو هو ته هو جاڳ هوندي به اکيون ٻوٽي پيو رهندو هو ۽ نه ڏسندي به محسوس ڪري وٺندو هو ته سندس مالڪ جون اکيون ميگهه ملهار ٿي وسنديون هيون ۽ هن جي اکين مان به ڳوڙها وهي پوندا هئا.

هن چنڊ لاءِ کنيل ڪنڌ نوڙائي ٻانهن تي رکيو ته ٻانهن آلي محسوس ٿيس.

ننڊ ڪرڻ چاهيائين پر ننڊ نه آيس. سڄو ڏينهن لُکَ ۾ رهڻ ڪري پيٽ جون ڀتيون پاڻ ۾ ملنديون محسوس ٿيس. آنڊا بک کان ڪلوس ڪلوس ۽ وٽ کائيندا محسوس ٿيس، بک کان اٿيو.

اسٽريٽ لائيٽس جي روشنيءَ ۾ رات به ڏينهن محسوس ٿيس. ماڻهو به هليا پئي، گاڏيون موٽرون به هليون پئي. بيٺل هئا ته ٿنڀا، گهر، فليٽ اپارٽمنٽس، ڪي.ايف.سي، فائيواسٽار هوٽل، چمڪندڙ روشن ۽ بلند عمارتون، بازارون، شاپنگ پلازا ۽ ٻيو الاءِ ڇاڇا جو هن غريب زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو.

اکيون ڦاٽي ٿي ويس. گاڏين جي زوزاٽ تي ڇرڪجي پاسيرو ٿي پئي ويو.

”ڪيڏو فرق آهي ڳوٺ ۽ شهر ۾!.....“

هُو هلندو، ڏسندو، حيران ٿيندو، سوچيندو ٿي ويو.

”ڳوٺ جي مٽي به ڪچي ته ماڻهو به، شهر جا فرش به پڪا ته گهر ۽ ماڻهو به پڪا. سڀ پنهنجي نڪ جي سِڌَ ۾ هلندڙ، ڪوئي به رستي تي بيهي ٻئي ماڻهوءَ کي سلام نه ٿو ڪري، ڪي به چار ماڻهو گڏ ويهي مچ ٻاري ڪچهري نه ٿا ڪن. الاءِ ڪيڏانهن اچن ٿا؟....

ڪيڏانهن وڃن ٿا؟.....“

هُو ڊڄ ۽ بک ۾ ڪن هڻندو، نوس نوس ڪندو هلندو رهيو ۽ شهر جو رهواسي ٿي ويو.

شهر ۾ رهندي به شهرين وارا گڻ سکي نه سگهيو. اتان جا ڪتا ڏاڍا شاطر ۽ تيز هئا ۽ هي ويچارو سادو، ڳوٺاڻو هيسجي اها ڪنڊ ئي ڇڏي ويندو هو ۽ سوچيندو هو:

”ڳوٺاڻي چيڪي مٽي سيمينٽ ڇو ٿِي نه سگهندي آهي؟.... پٿر ڇو نه ٿي سگهندي آ؟......“

هن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مالڪ جو شهر ۾ رهندڙ وڏو پٽ ياد ايندو هو، ته سوچيندو هو:

”منهنجي مالڪ به پڙهائي پوري ڪئي هوندي، ڳوٺ موٽيو هوندو ۽ مون وانگر واپس موٽيو هوندو.“

ڪنڌ هڻي پنهنجو خيال مٽايائين:

”نه ...... مان ڪتو آهيان ۽ مالڪ ماڻهوءَ جو ٻچو، فون تي ڳالهائي رابطو ڪيو هوندن. هو ماڻهو آهي ۽ مان ڪتو، گهر جو نه گهاٽ جو.....

ڏک مان ٻانهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيندو هو.

ڪڏهن ڪاليج، يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڏسندو هو ته سوچيندو هو:

”اسان جا جوان شهر ويندا آهن ۽ ڳوٺ موٽي ايندا آهن، اهي شهر ۾ ڇو نه رهندا آهن؟...... شهر اسان ڳوٺاڻن جا ڇو نه هوندا آهن؟.....“

هو خواهش ڪندو هو: ”ڪيڏو سٺو ٿئي ها جي، منهنجو ننڍو مالڪ شهر ۾ هجي ها ۽ منهنجي وارثي ڪري ها!..... وڏي سائينءَ کان پوءِ منهنجو وارث ته ننڍو سائين ئي ٿئي ها!....“

ڏک ۾ وسامي ويندو هو:

”اسان جا مالڪ اسان جي وارثي ڇو نه ڪندا آهن؟.....“

منهنجي مالڪن مٿي مٿان آيل آسمان ۽ پيرن هيٺان آيل زمين ئي کوڙ هوندي آ سابه هنن کان کسجي وئي.... پنهنجي هونديءَ وارا الاءِ ڪاٿي بي ڌڻڪا ٿيا هوندا مون وانگي!......“

”هتان جا ته ڪتا به زمين ۽ آسمان والاري مالڪ ٿيو ويٺا آهن!....“

پهريان ڪجهه مهينا ته هن کي هِرڻَ ۾ ئي گذري ويا ۽ هو ڳوٺ ۽ شهر جي فرق کي محسوس ڪندو رهيو. شهر ۾ اسپتالون هيون، سهولتون هيون ۽ ڳوٺ ۾ ڄڻ سڀ ڍور ۽ ڍڳا رهندا هئا. نه سهولت نه دوا نه، درمل. اسپتال هئي وڏي سرڪاري پر دوا شام جو ڊاڪٽر جي پرائيويٽ اسپتال مان ملندي هئي، سابه پوري نه رڳو ٽن ڏينهن جي ڇهه گوريون شينهن شاپ ۽ ڇهه گوريون فينسيڊار. ماڻهو مهينا ڊاڪٽر وٽ پير گسائيندا پاڻ گسڪي ويندا هئا.

اسڪول هئا پر ٻار هالن ۾ راند ڪندا هئا ۽ ماستر ڪچهريون ڪندا هئا، سگريٽ ڦوڪيندا هئا يا پوءِ گوڏ ٻڌي وڃي ٻنيءَ تان گاهه ڪندا هئا يا پوءِ دوڪان هلائيندا هئا.

”شهرن ۾ سک، سهولتون، صحت خوراڪ سڀ ڪجهه.......“

”شايد ان ڪري جو شهر جا ماڻهو هل هل گهڻي ٿا ڪن.“

سوچڻ لڳندو هو ۽ وري ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي خيال مَٽائيندو هو:

”هلندا ته ڳوٺ ۾ به ماڻهو آهن، پورهيو به زالين مڙسين ڪندا آهن پر کين سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ به ٻه ڊڳڙيون ۽ ننڊ ئي ملي سگهندي آهي!....“

ٿڌو ساهه کڻي سوچيندو هو: ”شهر شهر آهي.“

ائين سوچيندي، کائيندي ڏسندي وائسندي هن جا ڪجهه مهينا گذري ويا ۽ هڪ ڏينهن هو ٻانهن ۾ منهن ڏيو ستو پيو هو جو هن عجيب آواز ٻڌا ۽ ڇرڪجي بيهي رهيو. ڏٺائين ڪجهه ماڻهو ٻُٽ ٻڌيو عجيب هٿيارن سان آيا ۽ شهر ۾ هلندڙ گهمندڙ جيئرن جاڳندن ماڻهن تي گوليون وسائي موٽرن ۽ گاڏين تي چڙهي مختلف رستن ۽ گهٽين ۾ هليا ويا.

هو ڇرڪجي ويو. ڏانئجي ويو. هن ڳوٺ ۾ ٻُٽ ٻڌي چورن ۽ ڌاڙيل کي ڍور ڍڳا ڪاهيندي ڏٺو هو، زيور پيسو چورائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو پر ٻُٽ ٻڌي ماڻهو ماريندي سوبه ڏينهن ڏٺي جو، پهريون دفعو ڏٺو هئائين. ڳوٺ ۾ ته ٻُٽ ٻڌل ماڻهو ڏسي هي پاڻ ئي ڀؤنڪي، ڊڪي ڊوڙي مالڪن کي سجاڳ ڪري چور ڌاڙيل ڀڄائي ڇڏيندو هو ۽ هتي شهر ۾ هيڏا ماڻهو مارجي ويا ته ڪوبه ڪتو، نه انهن پٺيان ڊوڙيو نه ڀؤنڪيو!....“

سوچيائين: ”شهر جا ڪتا مالڪن جي چوڪيداري به ڪونه ڪن؟....“

پهريون ڀيرو ته هي ڊنو، پريشان ٿيو، ڏک ٿيس ۽ ڏک ۾ سمهي به ڪونه سگهيو پر پوءِ ڏٺائين: ڏينهن هجي يا رات، ماڻهو ائين ئي ماريا ٿي ويا ۽ ٿيو ڪجهه به ڪونه پئي. ڪجهه ٿئي به پيو ته اهو ته ايمبولينس آيون پئي ۽ ماڻهو ٿي ڍويائون. پوليس آئي ٿي، گاڏيون ڀري خانا پوري پئي ٿي ۽ ٻيو ڪل خير.

هن کي شهر ۾ رهڻ ڏکيو لڳڻ لڳو، ان ڪري اهو سوچي ته متان پاڻي سڪو هجي، متان مالڪ ماڳ موٽيا هجن. هي ڳوٺ جي رستي تي نڪري پيو، رات اونداهيءَ ڳوٺ پهتو. اهوئي ڳوٺ ٻڏل، اهي ئي جهوپا ڊٿل......

”ڪا وارثي نه، ڪا ڪوشش نه!....“

”ڪک ڪک ڪري جهوپا اڏبا آهن ۽ هڪ ٻوڏ اچي هڙ وهائي ويندي آهي. ڪا ڪوڪ، ڪا دانهن نه؟... ڪو قياس نه؟..... ايڏو ظلم؟..... شهر ۾ ماڻهو ماريا ٿا وڃن ۽ ڳوٺ ٻڏا ٿا وڃن.

ڪيڏانهن وڃن ماڻهو!!!؟....“

هن ڏک مان اڀ ڏانهن ڏٺو، چنڊ توڙي وڪاميو پئي، پوءِ به چمڪيو پئي. هن وانگي ڀيرو ڀڳو هئائين.

چنڊ جو اولڙو ٻوڏ جي بيٺل پاڻيءَ تي نظر آيس ته ڏک ۾ به مرڪي پيو. اکين مان ڳوڙها وهي آيس ۽ ڏٺائين:

”چنڊ به اکين سان مُرڪيو پئي!.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com