شبنم گل
وائي
ڪا لاٽ ٻري ٿي، من اندر،
ڏس هو ڀوڏيسر، جو مندر،
ڪارونجهر جي ڪور تي.
مک آ ڄڻ، سورج مکي،
ٿاريلي جي، مرڪ آ سندر،
ڪارونجهر جي ڪور تي
مور نجي ٿو، پر ڦهلائي،
رقص ڪري ٿو، ڪجلا سر،
ڪارونجهر جي ڪور تي.
چؤنرن ۾ چوڙين، جي ڇڻ ڇڻ،
نيڻ ڀنل، جن جي اندر،
ڪارونجهر جي ڪور تي.
گهن گهور گهٽا آ، اڃايل ٿر تي،
ٽڙي پيا هن، ٿر جا منظر،
ڪارونجهر جي ڪور تي.
’بتول‘ جهان آرا قنبراڻي
غزل
ياد ڪنهن جي کڻي ٿي اچين، اي هوا،
دل منجهان ڄڻ ڇڻي ٿي اچين، اي هوا.
هو ته خوسبوء هُيو، سو ته وکري ويو،
سارجي ڪا ڪڻي ٿي اچين، اي هوا.
رات جي سانت ۾، چنڊ مون کان پڇيو،
ڳالهه سا سُڻي ٿي اچين، اي هوا.
جو ويو سو ويو، ڪونه ايندو وري،
ماڪ جهڙيون اکيون ٿي اچين، اي هوا.
تو سوا هيءَ حياتي، گهاربي ڪيئن ”بتول“،
وهم دل جا کڻي ٿي اچين، اي هوا.
غزل
حالاتِ نظر، ڇا چئجي.
منهنجو گهر، ڇا چئجي.
واءُ جو کڙڪو، انتظار،
اکيون، در- ڇا چئجي.
سنڌ امن جو پاڇو،
دهشت گر- ڇا چئجي.
ورڻي ناهيان، سوچي ٿو،
تنهنجو شهر، ڇا چئجي.
ڪينَ وسي هي ”بتول“،
پياسو ٿر، ڇا چئجي.
مُرلي ڌر
نئون سال
هڪ سال ٻيو زندگي کُٽي
چريا، خوش نه ٿي
ڪري وٺ جي ڪرڻو ٿئي
مِٺا! سُست نه ٿي
مَتان وڃئي هٿ مان
نڪري عمر سڄي
ڪرڪا ڪِرت چڱي، ته
سرهو وڃين جهان مان.
ٽيپا ٽيپا خون
ڳاڙهو خون ٽيپا ٽيپا
هيٺ وهڻ لڳو
هن جي گردن
هن جو ڌڙ
ڪاسائي جي پيرن هيٺان
ائين اٽڪيل هئا
جيئن ڪو آزاديءَ جو سپاهي
دشمن جي زنجيرن ۾
جڪڙيل هُجي
ڪاسائيءَ جي ڇُري
هن جي گردن تي
گهُمي وئي
ٿوري دير لاءِ
جسم ڦٿڪيو
ڳاڙهو خون زمين تي
وِکرجي ڪارو ٿيڻ لڳو.
هارايل سپاهي
جيستائين هوءَ جيئري هئي،
پنهنجي مجازي خدا جو،
انتظار ئي ڪندي رهي،
هو شهرت يافته وڏو ماڻهو جو هيو،
هاڻ هوءَ هن دنيا ۾ ڪونهي،
شريڪِ حيات وڏو ماڻهو،
ڪومائجي، ڏُرمائجي، وِسامجي،
نِٻل، ڪمزور ۽ هيڻو پئي لڳو،
جيستائين هوءَ جيئري هئي،
هو شير هيو، چيتو هيو،
جنهن ڏينهن هوءَ مري وئي،
هارايل سپاهي پئي لڳو.
گُل به سُڏڪيا
گلن جو آهي ڏوهه ڪهڙو؟
گل خوشبو جو رشتو ڳُوڙهو،
گلن جي اهي قسمت ڪهڙي؟
ڪو پاپي جي مالا بڻجي،
ڪو ظالم جي سِر جو تاج،
گل ويچارا سُڏڪن روئن
پيرن هيٺان زخمي زخمي
گلن جو آهي ڏوهه ڪهڙو؟
ڪالهه گلن کي روئندي پاتم،
دانهن، ڏنائون روڄ ڪيائون،
راشي افسر کي ارپيائون،
گل به سُڏڪيا مان به سُڏڪيس.
انور ساگر ڪانڌڙو
وارن جي ور ور جو قسم
(نظم)
زندانن جي طوفانن ۾
تنهنجا ڪارا ڪاڪل ياد اٿم
هن سانجهيءَ جي سناٽي ۾
تنهنجي وارن جي وَرَ وَرَ جو قسم!
هي ڪارا ڪُتا گهورن ٿا
ڄڻ سوئر ٿو للڪار ڪري
اُن هوندي لال گلابي لب؛
ٿا ياد اچن ديواني کي
ڇو ته لال لهوءَ جي لانئن ۾،
ٿوعڪس ڏسان تُنهنجي لاليءَ جا
۽ سنگهرن جا ساز وڄن
تنهنجي چرنن کي ٿو ساريان مان
۽ پازيبن کي پڪاريان مان
هي سنگينون هي هٿ ڪڙيون
ڄڻ تنهنجي ٻانهن ۾ چوڙيون
اڄ يلغارن جي گهيري ۾
مان ماضي پل جي پيري ۾
هن هيڏي، هُل هنگامي ۾
ٿو ياد اچي اڄ، هار اُهو
جو مون تولاءِ ٺهرايو هو
۽ ڪينجهر جي ڪپ تي ويهي
مون توکي جو پارايو هو
۽ پوءِ چيو هومانءِ سرتا!
تنهنجا نيڻ سمندر آهن
تنهنجي مست نگاهن اڳيان
مان به هڪڙو سورج آهيان،
جنهن کي شام سمي جو توڏي
هر حالت ۾ اچڻو آهي
۽ ڪجلين جي ڪٽورن تي
ڪَٽ پتليءَ وانگر نچڻو آهي
پوءِ تو منهن تي هٿ ڏيئي
ڪيڏا ٽهڪ ڏنا ها جانان!
۽ وڌاءُ چئي روئاريو هو
پو پارس جهڙن هٿڙن سان
تو لڙڪ به سون بنايا ها
۽ اُڀ تان تنهنجي جلون جا
آثار آيا پيئي ڌرتيءَ تي
سو ديپ دکيا ها مندر جا
سو ڦول ٽڙيا ها گلشن جا
سو رنگ مليا ها راهن کي
مان توکي جيڏو چاهيان ٿو!
ان لئه وري ورجايان ٿو!
ساڳيا چنڊ ستارا هوندا
ساڳيا نينهن جا نعرا هوندا
هي ڀونءِ جون نياڻيون
مون کان پوءِ به وڙهنديون رهنديون
جيسين خواب آزاد نه ٿيندا
سرمد تنهنجا ميخانا
جيستائين آباد نه ٿيندا
جڏهن ڳاڙها ڳڀرو ڳائيندا
آزاد هوا جي هلچل تي
اُن ڏينهن قبر مان آنءُ
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين
هن ذلت جي زنجيرن جا
سڀ ڊوهه جا روهه به ڊاهيندس
سارا حساب چڪائيندس
مان توکي جيڏو چاهيان ٿو
ان لاءِ وري ورجايان ٿو
ساڳيا نينهن جا نعرا هوندا
پر آنءُ نه هوندس، آنءُ نه هوندس!
ڪجهه بيخبري جي کنڊر ۾
غلطان ٿيا هوندا مون کان
جي منٿ مڃين هن مانجهيءَ جي
هن قهر نگر جي قيدي جي
مرڻ مهل به مرڪان ڏاڍو
جيڪر مون کي معاف ڪرين تون!
جيڪر مون کي معاف ڪرين تون!
پشپا ولڀ
ڇونه ائين ڪجي؟
ڇو نه ائين ڪجي
جيڪو آهي مليو، ورهائجي
ڏيئي سان ڏيئو ٻاري
سڄو شهر جگمگائجي
هڪ ٽانڊاڻي ۾ ڪيتري روشني؟
ٽانڊاڻن کي دعوت ڏيئي
سڄي ندي جگمگائجي
ڪڙي سان جيئن ڪڙي ملي
هٿن سان ٻيو هٿ ملي
هٿن جي هڪ سنگهر بنائجي
ڪوئي ڪڏهن ٽوڙي نه سگهي
اهڙي زنجير بنائجي!!
منهنجي زندگي ڪيتري؟
تنهنجي زندگي ڪيتري؟
ڪنهن کي ڪهڙي خبر!
اهڙو ڪجهه ڪجي
ماڻهو هجي نه هجي
رڳو سچ جي ريت نڀائجي!
چنڊ جو چورو
ڏاڍو انڌيرو هو
ڪجهه نظر نه اچي
نه ڪجهه سمجهه ۾ اچي
ته نيٺ ڇا ڪجي
تڏهن مون ڌڻيءَ در ٻاڏايو
ڪا ته راهه سُجهايو؟
تڏهن آسمان تان ورندي
بادلن جي
Cotton candy،
ٻنهي هٿن سان پاسي ڪندي
ڪڏهن ڪارن بادلن ۾ گُم ٿيندي
مون ڏٺو
ڀڳوان چنڊ کي ٻنهي هٿن ۾ ڀوري
سڄي ڌرتي تي
چنڊ جو چورو پکيڙي ڇڏيو هيو؟؟
آسمان مٿي ڪٿي هيو؟
ڪنهن ڌرتيءَ تي پٿاري رکيو هو!
100 رپين کان سستي زندگي!
هو منهنجي پٽ جيترو آهي
محنتي ۽ هوشيار
پڙهائي ۾ ڀڙ
مٺيءَ جي ڀرسان
ننڍي شهر ۾ رهندڙ
هُن کي سڀ خبر آهي
هُن جي ماءُ پيءُ وٽ ايترا پيسا ناهن
جو اُهي ڪتاب، ڪاپيون ۽ رنگ خريد ڪري سگهن
پوءِ به هُن، منهن لاهي
پيءُ کان پيسا گهريا
ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڪِريا
هُن جي چُني آلي ڪرڻ لاءِ
ڇو ته هُن وٽ
پنهنجي جوان ٿيندڙ پٽ لاءِ
100 رپيا به نه آهن
پٽ ٻيهر پيسا گهرڻ بدران
مرڻ بهتر سمجهيو
آسان سمجهيو
۽ پنهنجو پاڻ کي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو
زندگي 100 رپين کان به سستي آهي
هر هنڌ ته ملي ٿي
ڌوڙ ۾ مليل ملي ٿي
واريءَ ۾ ڏٽيل ملي ٿي
ڪڏهن ڪڏهن وڻ ۾ ٽنگيل ملي ٿي! |