ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
جنهن جا پيرا پوڄيا- منهنجي جيءَ جڏي
(ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ياد ۾)
12 جولاءِ 2011ع اڱاري جو ڏينهن، سنڌ جي علمي ۽
ادبي دنيا لاءِ نهايت ئي نحس ۽ ڏکيو ڏينهن ٿي
اڀريو، ڇاڪاڻ ته ڀنڀرڪي مهل ئي سنڌ جو نامور عالم،
اديب، شاعر، محقق ۽ استاد، پروفيسر ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي گهڻگهرن کي وڇوڙي جو وڍ
ڏيئي ويندو رهيو. هونءَ جن سڄڻن جا صبح جي سلامن
جا ميسيج هڪٻئي پٺيان پيا ايندا رهندا هئا، تن جا
سائينءَ جي جدائيءَ ۾ صدمي ۽ سڏڪن وارا سنيها پئي
آيا، جن جيءَ ۾ جهوراڻو پئي وڌو. ٻه هزار يارهن جو
عيسوي سال ته هونئن ئي سنڌ لاءِ ڏاڍو ڳرو ثابت
ٿيو.
اپريل 2011ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جدائيءَ
جو صدمو رسيو، ته 11 جون تي طارق عالم ابڙي جهڙو
نامور ليکڪ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مرقد مبارڪ جا نه
گل ڪوماڻا ۽ نه مٽي ئي سڪي، ته شاعريءَ جي ميدان
جو گهوٽ گهائجي ويو. ائيليڙي!! سموريءَ سنڌ ۾
ڪهرام مچي ويو، گهرڀاتي، پاڙي وارا، ڳوٺائي، شهري،
پوري سنڌ، هن مرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ موتي جهڙي ماڻهوءَ
مان رت ٽمندي ڏسي پار ڪڍي وار پٽي رهي هئي- اوالا!
حسن!! او حسن درس!!
هيءُ ڪهڙو پار آ، جنهن ڏانهن مُهڙ ڪئي اٿئي! اهڙي
ئي جواني، جنهن اڳ رت ڳڙندي راهه ورتي، تنهن کي ئي
اڃا سنڌ نه وساريو آهي ۽ احسان بدوي جا مرثيا
چوندي رهي ته، وري ٻيو معصوم چهرو رتو رت ٿي پيو ۽
راهه ويندي ائين ئي راهه رباني وٺي ويو. اهو هو
الطاف عباسي! جو نه رڳو تنوير کي ويڳاڻو ڪري ويو،
پر سنڌ کي ئي ويچارو ۽ نماڻو ڪري هليو ويو. وري
هيءُ نهٺو ۽ نماڻو نوجوان حسن درس ائين ئي جدا ٿي
ويو!
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها،
سي سڀ کان پيارا ماڻهو،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو،
جي دل ۾ درد دکائي ويا.
وڏن ۽ ننڍن جو هيءُ هڪ عجيب قافلو هو، جو ڪوچ ڪري
ويو. ان قافلي ۾ هڪ اهڙو منفرد مرد هو، جنهن جي
وڃڻ سان سنڌ جي ادب جي علمي دنيا کي وڏو نقصان
رسيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ادب ۽ ادبيات جو اهڙو يڪتا
انسان ۽ عالم هو، جنهن لاڳيتا پنجٽيهه سال سنڌ جي
نسلن کي ادب جو علم پڙهايو ۽ پورا پنجاهه سال
تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪري، هڪ ڪمي پوري ڪندو رهيو.
هو اسان جي سماج ۾ ادبيات جو فقط هڪڙوئي ماهر
ليکيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي موضوعات سان نه رڳو
دلچسپي رکندو هو، پر هڪ محقق جي حيثيت سان ذميواري
به محسوس ڪندو هو. سندس ڪم ۽ ذوق توڙي ذميواريءَ
جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته، هن جي وک
وڌندڙ ئي رهي جو پنهنجي موضوع ۽ مقصد سان سدائين
سچو رهيو. سندس مزاج ننڍپڻ کان ئي سنجيدو ۽ ماٺيڻو
رهيو. علم سان شوق ته مورثي هوس، پر ادبي ذوق
پنهنجي طبعيت ۽ تعليمي ماحول جي ميل سان ابتدا ۽
ارتقا پذير ٿيو. سندس والد صاحب ڊاڪٽر سلطان احمد
جوڻيجو ۽ ڏاڏو حيدر خان پنهنجي وقت ۽ تر جا باشعور
۽ نامور انسان هئا. ڊاڪٽر سلطان احمد جي لاءِ سن
1944ع ۾ شاهاڻي پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپايل
ڪي.ڊي شاهاڻي جي ڪمپائيل ٿيل
'Who's Who in Sindh'
۾ ڄاڻايو ويو آهي ته:
Dr. Sultan Ahmed Khan Hyder Khan Junejo J.P Land
lord, Badin, Aged 24 years, in the leading
person at Badin and is respected by Hindus and
Muslims. He has learnt English at home and
practicing free. He has been helping to poor
people. He is ex-president taluka district local
board and old gun licenses. He is a young man
with a kindly heart and a generous disposition.
(who's who in Sindh-P 98).
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي طبعيت ۾ جا خود
انتظامي هئي، سا سندس خانداني اثر جو سبب هئي. ان
خود انتظامي ۽ ادب ۽ آرٽ جي وجداني ڪيفيت سبب پاڻ
جيڪو به ڪم ڪرڻ گهرندو هو. ان کي ابتدا کان انتها
تائين وڏي ڌيان ۽ گيان سان تڪميل تي رسائيندو هو.
سندس علمي ۽ ادبي ڪم جي وچور پيش ڪرڻ کان اڳ مختصر
طور تي پروفائيل ڏانهن ديد ڌريون ٿا ته معلوم ٿئي
ٿو ته پاڻ 26- نومبر 1935ع مطابق 28 شعبان 1354هه
اڱاري ڏينهن تولد ٿيو. پرائمري تعليم پير فتح شاهه
جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، انگريزي اي. وي (A.V)
اسڪول بدين ۾ پڙهڻ کان پوءِ ٽنڊي باگي، حيدرآباد ۽
نواب شاهه ۾ پڙهندي 1956ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ 1960ع ۾ بي. اي جو
امتحان پاس ڪيائين، ايم.اي (سنڌي) جو امتحان 1962ع
۾ فرسٽ ڪلاس/فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري گولڊ ميڊل
حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ترت ئي آگسٽ 1962ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو.
1966ع ۾ چيني زبان ۾ پيڪنگ مان ڊپلوما ڪري آيو.
اهڙيءَ طرح 1973ع ۾ خانه فرهنگ حيدرآباد مان
فارسيءَ ۾ ڊپلوما ڪري، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي
شاعريءَ جو اثر“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي جو مقالو لکي
سن 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ سَنَدَ حاصل
ڪئي. پنهنجي سروس دوران نهايت ئي ذوق ۽ ذميواريءَ
سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. سندس ڪارڪردگي ۽
ڪردار جي پرک کان پوءِ مرحلي وار ترقي ٿيندي رهي.
آخر 1995ع ۾ آرٽس فيڪلٽي جي ڊين جي عهدي تان رٽائر
ٿي، پنهنجي علمي ۽ ادبي ذوق سبب اڳ وانگر مختلف
موضوعن تي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو. سندس
سموري زندگي پنجهتر سالن، ستن مهينن ۽ سورهن ڏينهن
تي مشتمل هئي. ان حياتيءَ ۾ اوڻيهن سالن جي ڄمار ۾
سن 1954ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. پهرين تحرير افساني
جي صورت ۾ ”مٿي جو سور“ جي عنوان هيٺ ’فردوس‘
رسالي هالا جي مارچ 1954ع ۾ شايع ٿي ۽ ساڳئي سال
ٻي لکڻي ”سنڌي ٻوليءَ جا مختلف اُچار“ ”نئين
زندگي“ رسالي جي سيپٽمبر 1954ع جي پرچي ۾ ڇپجي
پڌري ٿي. اهڙيءَ طرح سڄي زندگي رسالن ۾ لکڻ سواءِ
ڪيترائي ڪتاب به لکيائين. پهريون ڪتاب ’سوکڙي‘
1956ع ۾ ڇپيو، جو بيتن ۽ افسانن تي آڌاريل آهي. هن
هيٺ سندس شايع ٿيل ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو:
1.
سوکڙي 1956ع
2.
اباڻو گهر 1958ع
3.
دانشمندي 1958ع/ ترتيب
4.
ڪنزاللطيف 1961ع
5.
غزلن جو غنچو 1963ع/
پروفيسر علي نواز جتوئي سان گڏ
6.
سوري آ سينگار 1963ع
7.
سنڌيون 1970ع
8.
پيغمبر اسلام 1971ع
9.
سنڌي ٻيو ڪتاب 1973ع
10.
مائو جي ملڪ ۾ 1973ع (ترجمو)
11.
سنڌي ادب جي مختصر تاريخ 1973ع
12.
اڪيلي 1974ع
13.
لاڙ جي لغات 1975ع
14.
مرگهه ترشنا 1976ع
15.
لطيفيات 1977ع
16.
لطيف ڪوئز 1978ع
17.
سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر 1980ع
18.
سچل نامو 1980ع
19.
نه ڪر هار سينگار سکي 1981ع
20.
ديپڪ ۽ ملهار 1984ع
21.
چونڊ ڪلام 1984ع
22.
سنڌي لوڪ گيت 1985ع (اردو)
23.
محمد سومار شيخ- شخصيت ۽ فن 1988ع
24.
مقالا 1988ع/ترتيب
25.
نرتي تند نياز سين 1988ع/ترتيب
26.
بايو ڊيٽا آف رائيٽرس
27.
سليس سنڌي 1989ع (اردو)
28.
ونڊ سر محل جو مسافر 1989ع
29.
لاڙ جو مطالعو 1991ع/ترتيب
30.
سنڌ ڪوئز 1993ع
31.
ٿر جي ٻولي 1994ع
32.
مرنگ 1995ع
33.
ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مطالعو 1998ع
34.
شيخ اياز- هڪ مطالعو 1999ع
35.
ڪشف الابيات 1995ع
36.
سرائيڪي شاعري- هڪ مطالعو 1999ع
37.
تنوير عباسي- هڪ مطالعو 2000ع
38.
محمد سومار شيخ- هڪ مطالعو 2001ع
39.
سرائيڪي شاعري- ايک مطالعه 2001ع (اردو)
40.
لاڙ صدين کان 2001ع ترتيب
41.
سنڌي ادب جو مطالعو 2001ع
42.
ميرا عشق ڀي تو 2002ع (اردو)
43.
درسي ٻيو ڪتاب 2002ع
44.
ڊاڪٽر سنديلو- هڪ مطالعو 2002ع
45.
ڪٺمال 2002ع
46.
ڪافيان 2003ع (اردو)
47.
بدين 2004ع ترتيب
48.
وتايو فقير 2004ع ترتيب ۽ ترجمو
49.
سنڌي ادب جي تاريخ ٽن جلدن ۾ 2004ع/ 2005ع/2006ع
50.
مجاز 2005ع
51.
شاهه عبداللطيف 2005ع (اردو)
52.
شاهه جي رسالي جو مطالعو 2005ع
53.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حيات و خدمات 2006ع
(اردو)
54.
سچل سرمست- هڪ مطالعو 2006ع
55.
بابا بلهي شاهه 2007ع (اردو)
56.
صوفيانه موسيقي 2007ع (اردو)
57.
سنڌي زبان جي ماهيت 2007ع
58.
سچل سرمست- شخصيت اورفن 2008ع (اردو)
59.
لاڙي ۽ ڪڇي 2008ع
60.
جلترنگ 2008ع
61.
زنبيل 2010ع
62.
شڪار 2011ع
63.
مَڌو بالا 2011ع
64.
شاهه عبداللطيف مدبر، معلم ۽ مهربان 2012ع
اڻڇپيل ڪتاب
65.
قنديل (مقالن جو مجموعو)
66.
رنگ رتول
67.
عثمان فقير جو ڪلام
68.
ڏيپلائي- هڪ مطالعو
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب- تصنيف ۽ تاليف کان
علاوه سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مختلف ڪانفرنسن ۾ تحقيقي
مقالا پيش ڪندو رهيو. مختلف ادارن لاءِ سندس ڪيل
خدمتون به هميشه يادگار آهن. سن 1993ع ۽ 1994ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ 2007ع کان 2009ع
تائين سنڌالاجي جو ميمبر پڻ رهيو. سندس رهنمائيءَ
۾ پنجن محققن پي ايڇ.ڊي جا مقالا لکي، سند حاصل
ڪئي ۽ ٻن ايم.فل جا مقالا پيش ڪري ڊگري ورتي.
رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٽي سال لاڙ ميوزم بدين جو
اعزازي ڊائريڪٽر رهيو. مختلف يونيورسٽين ۾ لکيل ڪن
ايم.فل ۽ پي ايڇ.ڊي جي تحقيقي مقالن لاءِ ممتحن به
رهيو. کيس علمي ۽ ادبي خدمتن تي هميشه دلي تسڪين
محسوس ٿيندي هئي. سڄي زندگي ذميواري سان فرائض
سرانجام ڏيندو رهيو. ايترين خدمتن جي ڪري ڪڏهن به
پاڻ ڪنهن انعام اڪرام جي نه طلب رهي نه ان جو ڪو
اظهار ئي ڪيائين. جن ادارن ۽ تنظيمن پاران ايوارڊ
عطا ڪيا ويا، انهن جي معلومات هي آهي:
1. بين الاقوامي ڪانفرنس ايوارڊ سنڌ يونيورسٽي
1988ع
2. سچل سرمست ايوارڊ سيمينار درازا
3. لاڙ ثقافتي ميلو بدين 1991ع
4. سچل سرمست ايوارڊ خيرپور 1998ع
5. انٽرنيشنل ڪانفرنس ايوارڊ آن آرڪيالاجي خيرپور
2003ع
6. نئين زندگي ايوارڊ 2006ع
7. بيدل ايوارڊ روهڙي 2006ع
8. انسٽيٽيوٽ آف بزنس اسٽڊيز ڪراچي 2008ع
9. سنڌي ٻولي لکت ۽ تهذيب ڪانفرنس ايوارڊ حيدرآباد
2009ع
10. سما دور سيمينار ايوارڊ ڪراچي يونيورسٽي 2009ع
11. ڪلهوڙا دور سيمينار ايوارڊ 2010ع
12. روضي ڌڻي ايوارڊ حيدرآباد 2010ع
13. انهن کان علاوه 2005ع ۾ ڀارت ۾ ڪانفرنس دوران
ڪيترائي ايوارڊ مليا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب شاگرديءَ واري زماني
کان ئي مطالعي جو شوق رکندو آيو. هو پنهنجي همعصرن
۾ پڙهڻ جي رفتار، موضوعن ۽ ٻولين جي لحاظ کان
مشهور هو. سنڌي ته مادري زبان هئس، پر اردو،
انگريزي، فارسي، هندي ۽ چيني زبانن جي تحريرن جو
به سڌو سنئون مطالعو ڪندڙ هو. انهن ٻولين ۾ هزارين
شعر ياد هوندا هئس ۽ هزارين شاعر پڙهي ڇڏيا
هئائين. شعر ۾ ڪي خاص تڪون ته پسند جو سرمايو هو
جي گهڻو ڪري هر محفل ۾ ٻڌائيندو هو. ڪتابن جي پڙهڻ
جو اهو عالم هو جو ڪتاب ڇپيو مس ته سائين پڙهي
پورو به ڪيو ۽ ان متعلق مختصر راءِ به رکي ڇڏيندو،
منجهس جيڪي به گڻ اوگڻ هوندا، تن ڏي اشارو به
ڪندو. ادبيات جي هر هڪ موضوع ڏانهن خصوصي توجهه
هو، نه رڳو ڪتاب يا مضمون/مقالو پڙهي ڇڏبو، پر اهو
هٿيڪو به ڪبو ۽ وقت ضرورت ان مان ڀرپور استفادو
ڪري، پنهنجي ذوق ۽ ذميواري جي ادائگي به ڪبي.
موضوع سان مطابقت رکندڙ مواد مان ڪنهن ماخذ يا
معلومات نه ملڻ يا دشواريءَ ڪارڻ ڪو عذر ڏئي نظر
انداز ڪرڻ کي تحقيق ۽ تجسس جو وڏو عيب ۽ بد ديانتي
ڀائيندو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ذاتي
لائبريريءَ ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. ڪم دوران ڪنهن
ڪتاب ڏسڻ يا واقعي توڙي معلومات متعلق پنهنجي
لائبريريءَ ۾ ڪمي محسوس ڪندو ته هڪدم گاڏيءَ ۾
چڙهي نڪري پوندو ۽ سنڌالاجي يا ڪنهن دوست احباب
وٽان گهربل معلومات حاصل ڪري، ائين واپس وڃي
پهچندو جو ڪل ئي ڪانه پوندي ته ڪيئن آيو ۽ ڪيئن
ويو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪمري تي اچي ڪنهن ڪاغذ تي
فقط اطلاع لکي ويندو ته:
”ونڊ سر محل جو مسافر آيو آهي، پر ضروري ڪمن سانگي
موٽيو ٿو وڃي.(ع)“
ڊاڪٽر صاحب لَکَ گڻو ۽ لک وڙو انسان هو. ڪهڙيون
خوبيون ڳائجن ۽ ڪهڙيون خاصيتون ٻڌائجن! پنهنجي خود
انتظامي جو مثال پاڻ هو ۽ بيشڪ هڪ پڙهيل ڪڙهيل
انسان جو اهڙو اهڃاڻ هو. جو اڄ جهڙو ٻيو ڪو به ڏسڻ
۾ ڪونه ٿو اچي، جو ان سان ڀيٽ ڪجي. هميشه خوش پوش
۽ خوش اخلاق، ڪم گو ۽ صاف گو. چند ڏينهن اڳ
ذيابيطس جي شڪايت ڪيائين ۽ صحت لاءِ احتياط اڳي
کان وڌ پئي ڪيائين. جون/ جولاءِ جي موڪلن سبب مان
شڪارپور ويس ته روز يا ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪري
اتان جي گرمي ۽ گهُٽَ سبب مون کي صحت جو خيال رکڻ
لاءِ هدايتون ڪندو رهيو. خبر ئي ڪانه پئي ته اوچتو
سندس طبعيت خراب ٿي پئي ۽ کيس لياقت نيشنل هاسپيٽل
ڪراچيءَ ۾ وڃي داخل ڪيو ويو. شايد اهو 8 يا 9
جولاءِ جو ڏهاڙو هو ۽ 10 جولاءِ تي سندس نياڻي
شهريور صحتمند ٿيڻ جي خبر فون تي ٻڌائي ۽ چيو ته
ڪافي دوست ۽ احباب وٽن اچن ٿا ۽ حال احوال ٿئي
پيو. اخبارن به سندس تصويرون ۽ انٽرويو پئي ڇاپيا
ته دلجاءِ ٿي. اوچتو يارهين جولاءِ جي شام جو 9:00
وڳي پياري دوست محمد انور علي منصور مڱريي فون ڪئي
ته ڊاڪٽر صاحب جي ڪجهه دير کان طبعيت سخت خراب ٿي
ويئي آهي، اهو ٻڌي ادي شهريور ڏي فون ڪيم، جنهن به
اداسيءَ مان اهڙو ئي گفتگو ڪيو. بيچيني وڌي ويئي،
بيقراري برقرار رهندي آئي. ڊاڪٽرن جي ڪوشش باوجود
زندگي پنهنجا پل پڄائي چئين وڳي سنڌ جي ڏات جو
ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي علمي ۽ ادبي دنيا جي
روشنيءَ جا رنگ ٿڌا ڪري ڇڏيا. صبح ٿيندي ئي اها
خبر سموري سنڌ ۾ ميسيجن، ريڊيي ۽ ٽي.وي ذريعي عام
ٿي ويئي. سندن شاگردن، مداحن، دوستن ۽ گهڻگهرن جي
پهچڻ سبب جنازي نماز ۽ تدفين جو وقت شام جا پنج
مقرر ڪيو ويو هو. مان ۽ محمد انور علي منصور، ڪار
۾ شڪارپور کان هلياسين. حيدرآباد پهتاسين ته ادا
اختر علي جي فون آئي، پڇيائين ته: ”پهچڻ ۾ ڪيتري
دير لڳندي؟“ مان وراڻيو ته: ٽائيم تي پهچڻ جا
امڪان آهن. اسان پنج وڄي ويهن منٽن تي پهتاسون ته
ماڻهن جو وڏو تعداد سندس لائبريري جي اڱڻ ۾ موجود
هو، ڪيترا ماڻهو ٻاهر بيٺا رهيا. ادا اختر علي سان
ملياسون مس ته گهران ميت آندو ويو ۽ شاهه قادري
قبرستان ڏي آخري سفر شروع ٿيو. ٿوري دير ۾ اتي
پهچي جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. سندس آخري ديدار
لاءِ ڪفن جون ڏوريون کوليون ويون ته ماڻهن بي
اختيار ٿي اڳتي وڌي ديدار پئي ڪيو. هڪ معصوم انسان
جو معصوم چهرو هو جو اطمينان جي ننڊ ۾ ستل نظر
آيو. پندرهن منٽن کان پوءِ ڪفن جون ڏوريون ٻڌي،
شاهه قادري قبرستان ۾ سندس والد ڊاڪٽر سلطان احمد
۽ ڏاڏي حيدر خان جي ڀرسان لاڙ جي هن لاکيڻي لال کي
ٿڌي مٽي جي هنج حوالي ڪيو ويو. سج لهي چڪو هو ۽
اڃا انڌيرو ڪونه پکيڙيو هو ته تڏي تي موٽي بخشش جي
دعا گهري خيرات جي ماني هلائي ويئي. ماني کائي هر
ڪو اداس اداس منهڙو کڻي پنهنجي ماڳ ڏي
اسهڻ
لڳو. اهو سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ اکين آڏو ٿي چڪو آهي، پر
دل اڃا مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته:
اَلا هي انسان، اُڏري ويو اوچتو!
ڪيڏو هو مهان، ساري سنڌڙيءَ ۾ اهو.
سحر انصاري
آزاد قاضي
پير حسام الدين راشدي
(هڪ منفرد علمي شخصيت)
]اردو
ادب جي نامور اديب جناب سحر انصاري صاحب جو هيءُ
مضمون اردو رسالي ماهنامه ’قومي زبان‘ جي اپريل
1985ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. مترجم[
زندگي ۽ موت وارو تجربو به عجيب آهي، جيڪڏهن ڪو
اندر ۾ ائين ويچارڻ لڳي ته، زندگي رڳو نفس جي
پورائي جو نالو ناهي ۽ اهو ته پنهنجي عمل سان
زندهه هئڻ جو ثبوت ڏيڻ هر انسان لاءِ ضروري آهي ته
پوءِ، اهو غور و فڪر ۽ علم و آگهي جي اڻمئي درياء
طرف توجهه ڏيڻ لڳندو پر هڪڙو فطرت جو اهو به اصول
آهي ته جڏهن ڪو ابتدائي دور ختم ٿي، ڀروسي سان
پنهنجي منزل مقصود کي پهچڻ وارو هوندو آهي ته ان
پَل بحر بيقران جي هڪ ئي لهر، ان کي پاڻ سان لوڙهي
ويندي آهي.
آگيا جب سليقئه تعمير،
قصرِ هستي کو بـﻶ اساس کيا.
ان ڪري شايد هر غير معمولي فرد جي موت تي اهو
احساس اڻٽر اهميت اختيار ڪري ويندو آهي ته ان جو
پورائو نه ٿي سگهندو. هونئن به اسان جي معاشري ۾
علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ وارا شخص بنهه محدود آهن،
ڇاڪاڻ ته اسان جي عام زندگيءَ جي اوليت وارن ڪمن ۾
اهڙين ڳالهين کي بنهه آخري درجو ڏنو ويندو آهي.
پير حسام الدين راشدي هڪ علمي شخصيت واري حيثيت ۾
پنهنجو اهڙو نقش ڇڏي ويو آهي جو حقيقتاً علمي
تحقيق ۽ علم پروري واري هن منظرنامي تي سندس ڪمي
بار بار محسوس ٿئي ٿي.
پير صاحب هڪ شخص نه، هڪڙي شخصيت هو. ان سان ملي
حقيقي خوشي ۽ اطمينان حاصل ٿيندو هو. پير صاحب
پنهنجي عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪڏهن به ڪتابي علم کي
اڳيان نه آڻيندو هو پر هو جيڪي ڪجهه چوندو هو، ان
جو ڳانڍاپو زندگيءَ جي ڪتاب
وارن حقيقي عبارتن سان هوندو هو. البت جڏهن ڪنهن
خاص تاريخي يا تحقيقي موضوع تي لکندو، ڳالهائيندو
يا تقرير ڪندو هو، تڏهن اندازو ٿيندو هو ته سندس
مطالعو ڪيترو گهرو آهي.
پير صاحب خودساخته شخصيت جو هڪ اعليٰ مثال هو. هن
پنهنجي مزاج ۽ عملي زندگيءَ کي هڪ اهڙي سانچي ۾
فِٽ ڪيو هو، جيڪو ڪٿان به ٺهيو ٺڪيو ناهي ملندو پر
ان کي وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان تيار ڪرڻو پوندو
آهي.
پير حسام الدين راشدي هڪ خوش لباس، خوش اخلاق ۽
خوش گفتار انسان هو. سندس چپن تي هر وقت هلڪي مُرڪ
رهندي هئي ۽ وڏي ڌيرج واري پُرسڪون انداز ۾ پنهنجو
موقف ظاهر ڪرڻ ۾ ماهر هو. پير صاحب بيشمار علمي ۽
تحقيقي ڪم ڪيو ازان سواءِ تاريخي، علمي، ادبي،
تدريسي ۽ ثقافتي ادارن سان لاڳاپيل به رهيو، پر
ڪڏهن به کيس جلدبازيءَ ۾ نه ڏٺو ويو، سمورا ڪم وقت
تي ٿيندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو وقت جو ڏاڍو پابند هو.
پُرسڪون، ماٺار، تحمل ۽ توازن ۾ گهٽتائي ڪانه هئس.
سندس حافظو پختو هو. سمورا حوالا، سن، واقعا وغيره
موقعي مهل جي مناسبت سان (بيان) ڪندو ويندو هو.
پير صاحب جو صحافت ۽ ادبي سرگرمين سان علمي لاڳاپو
اڻويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي اوائل کان ٿئي ٿو
۽ چوٿين ڏهاڪي جي وچ تائين هُن پنهنجي چوگرد ماحول
۾ چڱي اهليت ۽ اهميت حاصل ڪري ورتي هئي. ايتريقدر
جو جڏهن پاڪستان ٺهيو ۽ باباء اردو مولوي عبدالحق
هيڏانهن آيو ته ايئرپورٽ تي آجيان ڪندڙن ۾، هُن
ٻين شخصيتن سان گڏ پير حسام الدين راشديءَ جو ذڪر
به هن طرح ڪيو آهي:
”جهاز ساڍي ٻارهين وڳي ڪراچي پهتو. ايئرپورٽ تي
شعيب قريشي، خان عبداللطيف خان ۽ پير حسام الدين
صاحب موجود هئا.“
مولوي عبدالحق جي هتي اچڻ تي، پير صاحب وڏي شوق ۽
جذبي سان سندس هٿ ونڊايو. انجمن ترقي اردو جي نئين
سر بنياد وجهڻ کان وٺي، ان جي مالي ۽ انتظامي
معاملن ۾ پڻ هو ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻ وقت مولوي صاحب سان
همراهه هوندو هو پر ان دوران ڪتابن جي مطالعي ۽
مختلف علمي ڪمن سان سندس دلچسپي قائم رهي، شايد ان
جو وڏو سبب اهوئي آهي جيڪو سندس وڏي ڀاءُ پير علي
محمد راشديءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته سندس
اثر هيٺ هڪ ته مطالعي جو شوق هوس ۽ ٻيو بقول علي
محمد راشدي صاحب:
”حسام الدين راشدي جي تربيت ۾ منهنجو ڪنٽريبيوشن
ان کان وڌيڪ ڪونه هو ته مون اُن تي سخت ڊسيپلين
لاڳو ڪيو، سندس طبعيت ۾ ڪيتريون نيون ڳالهيون پيدا
ٿي ويون، مثلاً راند روند کان بلڪل نفرت، حد کان
وڌيڪ سيلف ڊسيپلين ۽ ادب، دل، دماغ ۽ زبان تي بيحد
ضابطو، پڙهڻ ۽ محنت مشقت کان دل نه لاهڻ، تجسس ۽
تحقيق جو شوق، اڃا ٻارهن تيرهن سالن جي عمر هيس پر
طبعيت ۾ ڪابه ٻاراڻي ڳالهه نه رهيس. طبعيت جو ڏاڍو
حساس هو(1).“
حسام الدين راشدي 1911ع ۾ پيدا ٿيو ڄڻ ته پاڪستان
ٺهڻ وقت ان جي عمر 36 سال هئي. ان دور ۾ چئن پنجن
سالن اندر هُن پنهنجي هڪ طويل تحقيقي مقالي ذريعي
برصغير سطح جي اهڙي شهرت حاصل ڪري ورتي جو اهلِ
علم و عظمت وارن سندس تحقيق کي داد ڏنو ۽ ان ۾
پوءِ مسلسل واڌارو ٿيندو رهيو. سندس اهو مقالو هو
سنڌ ۾ اردوءَ بابت جيڪو انجمن ترقي اردو جي ٽه
ماهي رسالي ’اردو‘ ۾ شايع ٿيو.
مولانا سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ”نقوش سليماني“ جي
پاڪستاني ڇاپي جي ”ابتدا“ مؤرخه 5- آڪٽوبر 1951ع ۾
ان جي اهميت هن طرح واضح ڪئي آهي:
”هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهريان
اردوءَ جي جاءِ پيدائش جي تعين ۽ تحقيق واري باب ۾
سنڌ ۽ ملتان جي نشاندهي ڪئي ويئي ۽ اهڙا اشارا سڀ
کان اڳ 1915ع واري اردوءَ بابت اجلاس جي صدارتي
خطبي ۾ ڪيا ويا پر پوءِ وارن خطبن ۽ مقالن ۾ ان تي
وڌيڪ روشني پوندي رهي… شروع شروع ۾ ان تي ڪن
اڻڄاڻائيءَ ۾ طنز پڻ ڪئي پر 1366هه/1947ع ۾ تاريخ
پنهنجو پاڻ دهرائي ماضيءَ واري حقيقت، حال واري
پردي ۾ آڻي، سڀني اڳيان عيان ڪري ڇڏي. ايتريقدر جو
تازو هڪڙي سنڌي محقق، پير حسام الدين صاحب ان
موضوع تي هڪ محققانه مقالو لکي انجمن ترقي اردو ۾
(شايع ڪرڻ لاءِ) پيش ڪيو آهي(2).“
علامه سيد سليمان ندويءَ جو ڪنهن کي محقق لکڻ ڪائي
گهٽ اهميت واري ڳالهه ڪانهي. حسام الدين راشديءَ
ان مقالي کان پوءِ لڳ ڀڳ پنجاهه ڪتاب اردو- فارسي
۽ سنڌيءَ ۾ تصنيف يا تاليف ڪيا ۽ مضمون ته سَوَن
جي تعداد ۾ آهن. (ان سان گڏوگڏ هو تقريباً چاليهن
علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تدريسي نوعيت وارن ادارن ۽
يونيورسٽين سان 1940ع کان وفات 1982ع تائين، ڪنهن
نه ڪنهن حيثيت ۾ لاڳاپيل رهيو. ۽ پير صاحب جي اها
وابستگي انهن نام نهاد ’وڏن ماڻهن‘ جهڙي ڪانه هئي
جيڪي ڪنهن اداري جا عهديدار، سرپرست يا ميمبر ته
وڏي شوق سان ٿيندا آهن، پر ڪڏهن ڪنڌ ورائي به نه
پڇندا آهن ته ان جي ڪارڪردگيءَ جو طور طريقو ڪهڙو
آهي ۽ ان جي عروج ۽ زوال ۾ خود سندن وابستگيءَ جو
ڪيترو هٿ آهي.
پير صاحب ’ادارهء يادگار غالب ڪراچي‘ جو نائب صدر
هو. فيض احمد ’فيض‘ صاحب صدر، مرزا ظفرالحسن خاص
صلاحڪار ۽ مان ان اداري جو نائب صلاحڪار هيس. ان
دور ۾ پير صاحب کي وڌيڪ ويجهڙائپ سان ڏسڻ جو موقعو
مليو. پير صاحب جي اندر ۾ هڪ اديب وارو انداز
(Idealism)
ته هيوئي، پر ان سان گڏوگڏ هن ۾ هڪڙي محقق وارو
صبر و شُڪر، جستجو ۽ تلاش پڻ هئي ۽ پوءِ علمي سوچ
سمجهه سندس هر خواب کي عملي شڪل ڏيڻ وارو وسيلو
پيدا ڪري ڇڏيو هو. اداري جي هر اهم اجلاس ۾ سندس
تجويزون ڏاڍيون معقول هونديون هيون. پاڻ کرو،
کهرو، بي باڪ ۽ نڊر انسان هو پر جڏهن اختلاف راءِ
به ڪندو هو تڏهن به سندس لهجي ۾ شائستگي، تحمل ۽
بردباري هوندي هئي، مون کيس ڪيترن ميڙاڪن ۾ ٻڌو ۽
نجي محفلن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏٺو ۽ سدائين ائين
محسوس ڪيو ته هو بنهه اشتعال انگيز موقعن تي به
پنهنجي لب و لهجي کي شائسته ۽ مهذب ئي رکندو هو.
ڪاوڙ ۽ ناشائستگي کيس ڇُهي به نه سگهي هئي. سندس
لهجي ۾ هڪڙي عالم وارو ضبط ۽ مدبر وارو توازن
هوندو هو.
پير صاحب جي نهايت خليق ۽ متواضع شخصيت هئي.
پاڪستان جا دوست ته وٽس ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان
موجود هوندا هئا. پر ايران، هندستان، جرمني،
آمريڪا ۽ انگلينڊ وغيره کان جڏهن به ڪو مؤرخ، محقق
يا عالم ايندو هو ته پير صاحب، ان جي سندس مرتبي
آهر دعوت ڪندو هو ۽ شهر جي انهن اديبن ۽ اهلِ قلم
کي دعوت ڏيندو هو جن جي ڪم ۽ ذاتي اخلاق کان پاڻ
مطمئن هوندو هو. سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو اَنبن جي
نهايت پُرتڪلف دعوت ٿيندي هئي. ان دعوت جي شروعات
سنڌ جي مشهور شربت ٿاڌل سان ٿيندي هئي. قسم قسم جا
انب تمام ججهي انداز ۾ وڏي سليقي سان رکيا ويندا
هئا اهو ڄڻ ته انبن جي درٻار جو منظر هوندو هو.
پير صاحب علمي تحقيقي مصروفيتن ۽ سنجيدگيءَ وارن
ڪمن جي باوجود ڏاڍو مزاحيه ۽ حاضر جواب هو. پاڻ
ڪڏهن ڪڏهن طنز مزاح واري انداز ۾ به نظر ايندو هو.
هڪ عورت جنهن جو علم و ادب، پڙهڻ پڙهائڻ سان تعلق
هو، وٽس ايندي هئي ۽ هر ڀيري مڙس کي به پاڻ سان
وٺي ايندي هئي جنهن جو ادب سان معمولي واسطو هو.
پير صاحب سندس مڙس جي گُم سُم ۽ اوپرو ٿي ويٺو رهڻ
کان بيزار ٿي پوندو هو. هڪ ڏينهن اُن عورت کي
چيائين:
”اهو ته ٻڌايو، مون اوهان کي ڪڏهن پنهنجي گهر
واريءَ سان ملايو آهي؟“
”نه پير صاحب“. ان عورت جواب ڏنو.
”ته پوءِ اوهان مون کي پنهنجي مڙس سان ڇو ٿا
ملايو.“ پير صاحب پنهنجي مخصوص مسڪراهٽ سان چيو.
پير صاحب جو اهو مزاحيه انداز کيس جلدئي محفل جي
جان بنائي ڇڏيندو هو. سندس هڪ وڏي خوبي اها به هئي
ته گفتو هميشه موقعي مهل جي مناسبت سان ڪندو هو.
جڏهن ڏسندو هو ته هاڻ محفل وارن ۾ هلڪي ڦلڪي گپ شپ
جو رجحان آهي، تڏهن اهڙي انداز جون ڳالهيون ڪندو
هو. ڪڏهن به (ٻين تي) پنهنجو علم ۽ مطالعو مڙهڻ
واري ڪوشش نه ڪندو هو ۽ جڏهن ڪنهن علمي موضوع يا
مباحثي بابت ڳالهائيندو هو ته سندس پختي حافظي،
مطالعي ۽ استدلال واري طريقي ڪار جو قائل ٿيڻو
پوندو هو.
پير صاحب جو تمام وڏو ڪارنامو سنڌي ۽ فارسي ٻوليءَ
جي ڪن قديم تصنيفن ۽ تذڪرن جو نئين سر اشاعت هيٺ
اچڻ آهي. انهن ڪتابن جي متن جي تصحيح، ترتيب ۽
حاشيه نگاريءَ جي سلسلي ۾ حسام الدين راشديءَ
اهوئي جديد اصول اختيار ڪيو، جيڪو مغربي اسڪالرن
کان سواءِ، ايراني محققن جو معمول رهيو آهي. (مير
علي شير) قانع ٺٽوي جو ”مقالات الشعراء“ ۽
(ابراهيم) خليل ٺٽوي جو ’تڪمله مقالات الشعراء‘
ترتيبوار 1957ع ۽ 1958ع ۾ شايع ٿيا. انهن تي ڪيل
تحقيق سان پير صاحب اُنهن محققن جي سٿ ۾ شامل ٿي
ويو جيڪي وڏا معتبر هئڻ سان گڏوگڏ بنهه ٿورا آهن.
ان کان سواءِ ’تذڪره شعراء ڪشمير‘ (چار جلد)
’تذڪره جواهر العجائب‘ ’ديوان فخري‘ ۽ ’ديوان بيرم
خان‘. اردوءَ ۾ ٻين تصنيفن کان سواءِ ”مرزا غازي
خان (بيگ) ترخان اور اس کي بزمِ ادب.“ سنڌيءَ ۾
”مڪلي نامو“ (از: قانع) ۽ ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (از:
مولوي دين محمد وفائي) پڻ پير صاحب جي تحقيقي
انداز، تدوين ۽ طباعت واري مزاج موجب نظر اچن ٿا.
انهن ڪتابن جي پڻ، ايران جي جديد ڪتابن جهڙي زيب
زينت ڪئي وئي آهي ۽ تحقيق جو معيار پڻ ڏاڍو اعليٰ
۽ معياري رکيو ويو آهي.
پير صاحب جيڪي ڪجهه مضمون، ڪنهن اديب يا محقق جي
ياد ۾ لکيا، يا سندس نجي محفلن واري ڳالهه ٻولهه
(پڙهڻ) سان سدائين اهو خيال ايندو هو ته، پير صاحب
کي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها. ان
سلسلي ۾ مون ڪيترا ڀيرا پنهنجي خواهش جو اظهار
ڪيو. پير صاحب چوندو هو:
”اي ڀائي صاحب مون ڪهڙو تير هنيو آهي، جو پنهنجي
حالاتِ زندگي، ان لائق سمجهان جو اها ڪتابي صورت ۾
محفوظ رهي.“ ظاهر آهي ته اهو هڪڙي عالم جو انڪسار
هو. مون کي خبر ڪانهي ته هن ڪڏهن پنهنجون
يادگيريون سلسليوار لکيون هيون يا نه؟ پر جيڪڏهن
ائين ٿي پوي ها ته هڪ مخلص ۽ دردمند انسان جي قلم
سان اسان جي جديد تاريخ ۽
تهذيب جو هڪ اهم دور قلم بند ٿي پوي ها(3).
مختلف ادبي شخصيتن سان کيس ڪيتري قدر محبت ۽ دلي
لڳاءُ هو، ان جو اندازو سندس هڪ مضمون مان ٿئي ٿو.
خود پنهنجو پاڻ لاءِ 1930ع واري حوالي سان هيئن
لکيو اٿس:
”هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي پگهار
پنجاهه رپيا هئي. اهو انگ رجسٽر ۾ ته لکيل هوندو
هو پر مون کي ياد ڪونهي جو اها رقم ڪڏهن يڪ مشت
مون کي ڏسڻ نصيب ٿي هجي. ڪڏهن هڪ رپيو ته ڪڏهن اٺ
آنا ملندا هئا ۽ جڏهن هڪ ڀيرو پوڻا پنج رپيا گڏ
مليا ته انهن کي ٻيڻا ڪرڻ واري لالچ ۾ رمو
مڪرانيءَ جي پتيبازيءَ ۾ وڃائي ويٺس. هونئن چوڻ
لاءِ ته آءٌ سنڌ جي هڪ اهم اخبار جو ايڊيٽر
هئس(4).“
ان کان سواءِ ’سيد هاشمي فريدآبادي‘،
’سيماب اڪبرآبادي‘، ’سيد سليمان ندوي‘، ’ارشد
ٿانوي‘، ’مولانا شبير احمد عثمان‘، ’نواب نثار يار
جنگ‘، ’عطيه فيضي‘، ’هادي مڇلي شهري‘، ’ممتاز حسن‘
۽ ’شاهد احمد دهلوي‘ جو تذڪرو نهايت محبت ۽
دردمنديءَ سان ڪيو اٿس.
مون تي پير صاحب جي ڪردار واري عظمت جو گهرو تاثر
سندس زندگيءَ جي آخري دور ۾ ٿيو. پاڻ سخت بيمار
هو. ڪينسر ظاهر ٿي چڪو هئس. محفلون سڏائڻ ۽ شام جو
’زيب النساء اسٽريٽ‘ واري رونق ۽ ڪتابن جي دڪانن
جو گشت ڪرڻ ختم ٿي چڪو هو پر جڏهن به ساڻس ملاقات
ٿي، چپن جي مخصوص مسڪراهٽ رستي بنهه حوصلي ۽ يقين
سان زندگيءَ جون مثبت ڳالهيون ڪري، ٻين کي همٿ
ڏياريندو هو ۽ ڪجهه لمحي لاءِ به اهو تاثر نه
ڏيندو هو ته پاڻ زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڳڻي رهيو
آهي. پير صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”جيئرا، مئلن کي قبر ۾ وجهي، جيستائين قبر پوري
طرح لٽجي نه وڃي ان وقت تائين ٽولين ٽولين ۾ ٿي گپ
شپ ۾ مشغول ٿي ويا. ان جو نالو دنيا آهي. ڪو ڪنهن
جي پويان ناهي ويو. دنيا ائين ئي هلندي رهندي.
دنيا جو ڪاروبار ۽ انساني مشغلا ائين ئي هلندا
رهندا(5).“
پير حسام الدين راشدي جي فارسي تصنيف ۽ تاليف ڪيل
ڪتابن جو تعداد چوويهه، اردو ۾ چار ۽ سنڌيءَ ۾
ٻارنهن آهن. اردو سنڌي فارسي ٻوليءَ ۾ هُن علم و
ادب جي مختلف موضوعن تي جيڪي مقالا لکيا آهن، انهن
جو تعداد تقريباً ساڍا ٽي سؤ آهي. ان کان سواءِ هن
جا ڊزن کان مٿي فارسي ۽ سنڌي ڪتاب (سندس) زندگيءَ
جي آخري دور ۾ ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ هئا. ڪاش
اهي سڀئي ڪتاب پير صاحب واري تحقيقي ۽ اشاعتي
معيار موجب مڪمل ٿي علم جو شوق رکندڙ جي مطالعي
لاءِ ميدان ۾ اچي سگهن.
پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان جيڪي فرد يا
ادارا پنهنجي پنهنجي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
اهي قابلِ تحسين آهن، پر جهڙي نموني راشدي صاحب
وقتي ۽ گروهي مصلحتن کان آزاد هو، اهڙي طرح ان
واري وسيع نظر ۽ ڪشاده دلي جو مثال قائم ڪندي، ڪو
اهڙو ڪم ڪيو وڃي جو سڀئي گڏجي پير صاحب جي خوابن
جي تعبير جي تڪميل ڪن. ان سلسلي ۾ منهنجي تجويز
اها آهي ته پير حسام الدين راشديءَ جي نالي سان
هڪڙي اڪيڊمي ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو وڃي جتي
پير صاحب جا باقي ڪتاب، ڊائريون، مسودا ۽ ڇپيل
ڪتاب رکيا وڃن. سندس سمورا ڪتاب هڪ ئي سيٽ واري
شڪل ۾ نئين سر شايع ڪيا وڃن. جيڪي مقالا ٽڙيا
پکڙيا پيا آهن، اهي جمع ڪيا وڃن ۽ طباعت جا منتظر
ڪتاب جلد کان جلد شايع ڪيا وڃن(6).
نوجوان ريسرچ اسڪالرن کي ان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾
سهوليتون مهيا ڪري، تحقيق ۽ لغت نويسيءَ جي تربيت
ڏني وڃي. پير حسام الدين راشديءَ جي بي بها خدمتن
کي نظر ۾ رکندي، اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
سندس ياد ۽ علمي طريقي ڪار کي برقرار رکڻ ۽ کيس
خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سڀ کان مؤثر ۽ معتبر طريقو
اهوئي ٿي سگهي ٿو(7).
مترجم پاران حاشيا ۽ حوالا
1.
ڏسجي پير علي محمد راشدي جو مضمون ”حسام الدين
مرحوم، حسام الدين ڪيئن بنيو؟“ جيڪو پير صاحب جي
وفات کان پوءِ جنگ اخبار ۾ لکيو ويو. بعد ۾ مهراڻ
جي راشدي نمبر ۾ پڻ شايع ٿيو.
2.
ڏسجي نقوش سليماني، حسام الدين راشدي 1951ع ۾
خيرپور ۾ منعقد ٿيل ”ڪل پاڪستان اردو ڪانفرنس“ ۾
”اردو زبان کا اصلي مولد سندهه“ عنوان هيٺ مقالو
پڙهيو هو، مولانا صاحب جو اشارن ان طرف آهي، پر
اڳتي هلي نئين ٿيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ پير صاحب
پاڻ پنهنجي ڳالهه کي رد ڏيندي 1979ع ۾ شايع ٿيل
ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ۾ هن طرح لکي ٿو:
”1947ع جي ورهاڱي بعد ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته:
اردوءَ جي پيدائش سنڌ ۾ ڏيکاري وڃي، جيئن انهيءَ
حق تي اردوءَ لاءِ سنڌ اندر جواز پيدا ڪجي. انهيءَ
جو دعويدار سڀ کان پهريون مرحوم سيد سليمان ندوي
هو. جنهن اردوءَ جو مولد سنڌ کي مقرر ڪيو. انهيءَ
کان پوءِ منهنجو هڪ مضمون ڇپيو، جنهن ۾ مون پڻ
انهيءَ مفروضي جي تائيد ڪئي. سيد (سليمان) صاحب ڪي
سنڌيءَ جا ۽ ڪي سرائڪيءَ جا ٽڪرا دليل طور ڏنا
هئا، جيڪي سنڌ ۽ گجرات جي تاريخ ۾ آيل هئا. (فيروز
شاهي- مراة سڪندري- تاريخ احمدي) ليڪن مون اڳتي
هلي جڏهن وڌيڪ تحقيق ۽ غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته
گجرات وارا فقرا سرائڪي زبان جا آهن ۽ ٺٽي جو فقرو
سنڌيءَ جو هو جيڪو تاريخ فيروزشاهيءَ ۾ ڪتابت جي
خرابيءَ سبب پنهنجي اصلي صورت بدلائي چڪو هو شاهه
عالم گجراتي اصل اُچ جو هو، سندس زبان سرائڪي هئي.
ازان سواءِ سنڌ جي سمن بادشاهن مان بيبي مغليءَ ۽
بيبي راڻيءَ سان شادي ٿيل هئس. تنهنڪري سندس گهر ۾
زبان سرائڪي يا سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. گجرات جي
فارسي تاريخ ۾ پڻ ٻوليءَ جي اصل صورت کي ادا نه
ڪرڻ سبب اها غلط فهمي پيدا ٿي آهي. هن جديد تحقيقي
دؤر ۾ پنهنجي مقاصدن پوري ڪرڻ لاءِ چند مفروضن کي
آڏ بڻائڻ کل جهڙي ڳالهه آهي. (ڏسو نقوش سليماني،
1967ع، ”سنده مين اردو، حسام الدين وغيره) مير
معصوم بکري، ڇاپو ٻيو، ص 31
3.
پير صاحب جو ڪتاب ”هوڏوٿي، هو ڏينهن“
سندس يادگيرين تي مشتمل آهي پر ان ۾ به پاڻ بابت
لکڻ کان وڌيڪ ٻين بابت قلم هلايو ويو آهي. پير
صاحب جي حلقئه احباب ۽ ڪيل ڪمن کي ڏسندي اهو ڪم به
محدود نظر اچي ٿو.
4.
ڏسجي پير صاحب جو ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن.
5.
ڏسجي شاهد احمد دهلويءَ بابت پير صاحب جو مضمون-
’پئبا ڪجا ڪجا نهم‘.
6.
پير صاحب جي وفات کان پوءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي
سندس ٽڙيل پکڙيل مواد جي ميڙاچونڊي ڪري، سنڌي ۽
اردوءَ م ٻه ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ ۽
”مقالاتِ راشدي“ تيار ڪري شايع ڪرايا جن ۾ پير
صاحب جي منتشر مقالن ۽ مضمون وارو ڪجهه مواد
سهيڙجي پڙهندڙن اڳيان آيو آهي، پير صاحب جي ڇڏيل
علمي ورثي بابت ان کان وڌيڪ ڪم ڪونه ٿي سگهيو آهي.
7.
ان سلسلي ۾ 03-2002ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ راشدي
صاحب جي نالي چيئر قائم ڪري ڪم ڪرڻ جي رٿا رٿي
ويئي هئي ابتدائي ڪم پڻ ڪيو ويو هو پر ڪنهن وڏي
نالي ان سلسلي کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو ۽ اهو ڪم رولڙي
جو شڪار ٿي ويو. ياد رهي ته پير صاحب جي وصيت موجب
سندس ڪتابن جو وڏو تعداد اڳ ئي سنڌالاجي ۾ جمع ٿيل
آهي.
اشتياق انصاري
ميان الياس محمد ڪلهوڙو
ڪلهوڙن جو حسب نسب:
ڪلهوڙن جي حسب نسب لاءِ سنڌ ۾ اڄ تائين ٻه رايا
آهن، ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته ڪلهوڙا اصل عرب نسل
جا آهن، سندن وڏو عباسي خليفن جي آخري دور ۾ ڪيچ
مڪران وارو رستو ڏئي سنڌ ۾ آيو. ان ڪري چيو وڃي ٿو
ته ڪلهوڙا عرب قبيلي جي شاخ آهن، جيڪي هت اچي
پنهنجا گهر گهاٽ اڏي ٿانيڪا ٿي ويهي رهيا. سنڌ جي
ڪن تاريخدانن جو وري اهو چوڻ آهي ته ڪلهوڙا اصل
سنڌ جا ئي رهاڪو آهن، هو سنڌ جي چنا قبيلي سان
تعلق رکن ٿا. رحيمداد خان مولائي شيدائي ”تاريخ
تمدن سنڌ“ ۾ مستشرق عالم رچرڊ برٽن جو حوالو ڏيندي
لکي ٿو ته:
”ڪلهوڙن جي دعويٰ آهي ته هو حضرت عباسؓ جي آل مان
آهن، پر انهن جا وڏا دراصل سنڌي چنا ۽ هندن مان
مسلمان ٿيل هئا، جڏهن سندن گهراڻو سياسي اوج کي
پهتو، تڏهن هنن عباسي هئڻ جي دعويٰ ڪئي پر عالمن
رايو ڏنو ته هنن جو شجرو بلڪل ناقص آهي، تنهن تي
ڪلهوڙن حاڪمن ماڻهو موڪلي وڃي ”سهيڙا خطيبہ“ جي
درويشن وٽان، اصل دستاويزن جا نقل وٺي اچن. سهيڙا
خطيبہ جي درويشن ٻين عالمن جي راءِ کي قبول ڪيو ۽
ڪلهوڙن جي دعويٰ کي رد ڪيو. تنهن تي ڪلهوڙن جا
ماڻهو (ڪاوڙجي) سندن جاگيرون ضبط ڪري، ڳوٺ ساڙي
سندن ٽامي جون اهي ڦرهيون کڻي آيا جن تي شجرا
اُڪريل هئا، انهي ڪري ڪلهوڙا حضرت عباس ۽ مرشدن جو
اولاد شمار ٿيڻ لڳا(1).“
اسان جيڪڏهن ڪن عالمن جي ان راءِ کي تسليم ڪريون
ته ڪلهوڙا سنڌي هئا ۽ سندن تعلق چنا قبيلي سان هو،
ته چنا قبيلي کي گهڻا ماڻهو هندن جي سورج ونسي نسل
سان ڳنڍين ٿا. جي اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ
ڪلهوڙا خالص سنڌي راجپوت آهن. تاريخ ۾ راجپوت ٻن
نسلن ۾ ورهايل ملن ٿا: هڪ سورج ونسي ۽ ٻيا چندر
ونسي. سنڌ ۾ چنا، ايوڌيا جي سورج ونسي شاخ مان هئا
جي ڪوهستان کان سواءِ ڪڇي ۽ سيري تائين حڪومت ڪندا
هئا(2). انگريزن جي راڄ جي زماني ۾ هندستان جي
آدم شماري جي رپورٽ ۾ ڪلهوڙا ڄاموٽ(3) ۽ سماٽ لکڻ
۾ ايندا هئا(4). معنيٰ ته انگريزن کين عباسي تسليم
ئي نه پئي ڪيو ته هي اڻ چٽي اصليت وارو سنڌي قبيلو
آهي(5).
بهرحال ڪن تاريخ نويسن جو اهو به مؤقف آهي ته
ڪلهوڙن جي بزرگن مان عربستان مان عباسي خاندان جا
ٻه سڳا ڀائر: ”قائم“ ۽ ”احمد“ ڪيچ مڪران وارو رستو
ڏئي 259هه/873ع ڌاري سنڌ آيا(6). اهو خاندان اڳتي
هلي، محمد چني خان جي وفات کان پوءِ ٻن وڏن شاخن ۾
ورهائجي ويو. اتان ئي ڪلهوڙا ۽ دائودپوٽا هڪ ٻئي
کان الڳ ٿيا، جن اڳتي هلي ٻن جدا جدا علائقن ۾
پنهنجي حڪومتن جو بنياد وڌو(7).
عباسين جي جنهن شاخ پاڻ کي ڪلهوڙا سڏائڻ شروع ڪيو،
ان لاءِ روايت آهي ته ان خاندان جو هڪ بزرگ محمد
ابراهيم حيدرآباد جي اُتر طرف، هڪ جبل ’ڪلور‘ ۾
وڃي رهيو. انهي ڪري هن جو لقب ’ڪلورو‘ مشهور ٿيو.
اهو لفظ بگڙجي ’ڪلهوڙو‘
بڻجي ويو(8). سنڌي زبان ۾ ’ڪلهو‘ معنيٰ ”اڪيلو“
يعني تنها آهي. اهو نالو ان ڪري به مشهور ٿيو جو،
اهو بزرگ، دنيا ترڪ ڪري نفس کي ماري ڪمال درجي تي
پهچي چڪو هو(9). ڪلهوڙن جي ان شاخ مان نون پيڙهين
تائين ڪنهن به شخص پنهنجو نالو بلند نه ڪيو. چيني
خان جي ڏهين پيڙهي مان ميان آدم شاهه وڃي عزت ۽
عظمت حاصل ڪئي(10).
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جو شجرو ڏهين پيڙهيءَ تائين
تاريخن ۾ سلسليوار ملي ٿو. جيڪو هن طرح آهي: ميان
آدم شاهه بن گجن شاهه بن ميان صاحب بن ميان خان بن
ميان طاهر بن ميان راڻو بن ميان شاهه محمد بن ميان
ابراهيم (ڪلهوڙو خان) بن ميان محمد بن ڄام چنو
جيڪو هن گهراڻي جو مورث
اعليٰ هو.
ڪلهوڙن جي سياسي جدوجهد:
سنڌ ڌرتي جي اها بدقسمتي رهي آهي جو ان جي آسمان
تي، سدائين ڌارين ۽ وحشي قومن جون خونخوار تلوارون
وِڄ جيان چمڪنديون رهيون آهن. ڀلي پوءِ اهي
يونانين، پارٿين، سٿين جا ڪٽڪ هجن يا عربن جي
چڙهائي هجي. خاص طرح عربن کان پوءِ سنڌ تي ڪجهه
عرصو مقامي ماڻهن، سمن جي حڪومت رهي، ان حڪومت جي
خاتمي بعد سنڌ تي واري وٽيءَ سان ارغون، ترخان ۽
مغل قابض ٿيندا آيا. انهن غاصب قومن جا ظلم ۽ ڏاڍ
ڏسي، ڪيترائي دفعا هتان جا مقامي ماڻهو، انهن سان
مهاڏو ڏيندا رهيا پر اڪثر پاڻ ۾ ئي ڦوٽ ۽ اجتماعي
شعور جي ڪمي ڪري، اڪثر اهڙيون ڪوششون ڪارگر ٿي نه
سگهيون. آخرڪار مغل دور ۾ سنڌ ۾ ڪلهوڙا خاندان سان
تعلق رکندڙ ڪن سرفروشن انهن ڌارين لٽيرن خلاف منظم
جدوجهد شروع ڪئي. ڪلهوڙن جي اها هلايل منظم تحريڪ
سياسي ۽ هٿياربند هئڻ سان گڏ، ان ۾ ڪجهه قدر مذهبي
رنگ به شامل هو. اها تحريڪ ان وقت سنڌ تي قابض مغل
حڪمرانن خلاف هئي پر اڳتي هلي ان جو رخ سنڌ جي
ڪجهه مقامي قبيلن خلاف به ٿي ويو. ان جدوجهد جي
ابتدا ميان آدم شاهه ڪلهوڙي ڪئي جيڪو ابراهيم عرف
ڪلهوڙي جي ستين پشت مان هو.
ميان آدم شاهه ڪلهوڙو:
سنڌ جا ڪلهوڙا سنڌ جي ٻين قبيلن جيان ڪافي عرصي
تائين گمناميءَ ۾ رهي، ڌارين قومن جا حڪم ۽ ڏاڍ
سهندا رهيا، انهن مان ڪو به اهڙو مڙس مٿير پيدا نه
ٿيو جيڪو پنهنجي حقن لاءِ ڌارين جي خلاف آواز
اُٿاري، پر اوچتوئي ان خاندان مان چيني خان جي
ڏهين پيڙهيءَ، مان هڪ سرواڻ ’ميان آدم شاهه‘
پيدا ٿيو، جنهن ۾ قومي غيرت سرس هئي. جنهن لاءِ
مير علي شير قانع لکي ٿو ته:
”چيني خان کان پوءِ گهڻي عرصي تائين زماني جي
انقلاب سببان، سندس اولاد مان ڪوبه ناليرو ماڻهو
پيدا ڪونه ٿيو، آخر نائين پيڙهي کان پوءِ آدم شاهه
ولد ميان کجن (گجن) عزت ۽ عظمت حاصل ڪئي(11).“
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي ڄمڻ جي تاريخ مختلف
تاريخن جي مطالعي بعد، چئي سگهجي ٿو ته هو سال
1520ع ڌاري ڄائو هو. آدم شاهه جي حياتي، نيڪ نامي،
شهرت ۽ ڪارنامن بابت متضاد ڳالهيون آهن. آدم شاهه
ڪلهوڙي بابت ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڪافي تفصيل سان ذڪر
ڪيو ويو آهي. جنهن جو لُب لباب هيءُ آهي ته: هن
شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي جي واسطي سان
سيد ميران محمد جونپوري جي فيض مان، ارشاد جي گادي
سينگاري، پاڻ سري جي سير ڪرڻ کان پوءِ چانڊڪي جي
تعلقي ۾ ”هٽڙي“ ڳوٺ ۾ اچي رهيو جتي کٻڙ ابڙو به
پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، اچي سندس مريد بڻيو. خان خانان
سنڌ جي فتح وقت 999هه/1591ع ۾ وٽس ڪاميابيءَ جي
دعا لاءِ آيو هو،
ان وقت چانڊڪي جي جاگير، سندس مريدن جي گذر سفر
لاءِ ميان کي مرحمت ٿي. چانڊيا اڳ هيءُ علائقو ڇڏي
چڪا هئا، هن (آدم شاهه) تلمبا ۾ شيخ بهاوالدين جي
اولاد مان شيخ لالن عيسيٰ سان به ملاقات ڪئي هئي.
مريدن جي تعداد وڌڻ سان زمين جي وڌائڻ جي خواهش به
پيدا ٿي. ان طرح ميان صاحب ۽ حاڪمن جي وچ ۾ تصادم
پيدا ٿيو. آخرڪار (مقامي) زميندارن جي چرچ تي،
ملتان جي حاڪم هٿان (ميان) شهيد ٿيو. حاڪم جو
ڪوٽوال آقا شاهه محمد جو سبي علائقي جو ڪهيري ٻروچ
هو، سو سندس قيد هجڻ واري دور ۾ ميان جو مريد بنيو
هو. تنهن بزرگ جي وصيت موجب هن (آدم شاهه) جو لاش
آڻي، سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪرايو(12).“
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو
آدم شاهه ڪلهوڙي کي جنهن ٽڪريءَ تي دفنايو ويو،
اها سندس نالي پويان ’آدم شاهه جي ٽڪري‘
سڏجي ٿي. هيءَ ٽڪري سکر شهر جو اُتر الهندو پاسو
جهليون بيٺي آهي، اتي هر سال سندس مريد گڏ ٿي، وڏي
ڌام ڌوم سان ميلو مچائيندا آهن.
ميان دائود خان ڪلهوڙو:
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي ٻه پٽ هئا. ان مان وڏي پٽ
جو نالو دائود خان ۽ ننڍو پٽ ابراهيم هو. آدم شاهه
جي وفات بعد سندس سڀ مريد نااميد ٿي ٽڙي پکڙي ويا
هئا پر شاهه محمد ڪهيري نالي سندس هڪ مريد، جيڪو
ملتان ۾ ميان آدم شاهه جو عقيدتمند ٿيو هو، ان
ملتان مان آدم شاهه جو لاش کڻائي اچي سکر ۾ دفن
ڪيو. شاهه محمد ڪهيري پوءِ ميان آدم شاهه جي مايوس
۽ ڇڙوڇڙ مريدن کي وري گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري
پاڻ به اتي رهائش اختيار ڪيائين. هن ساڳي وقت آدم
شاهه ڪلهوڙي جي وڏي پٽ دائود خان مٿان هٿ رکي، کيس
پيءُ آدم شاهه ڪلهوڙي جي پڳ پارائي، ان جو جانشين
مقرر ڪيو. ان لاءِ ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ آهي ته:
”ميان آدم شاهه جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان
دائود (ٻيون) مسند نشين ٿيو. اگرچه انهي زماني ۾
ڪيتري ئي زمين ڪلهوڙن جي قبضي مان نڪري چڪي هئي.
مگر مريدن جي اعتقاد منجهن وڌي ويو هو. جنهنڪري
سندن اصلي زمين بلڪ ان کان به زياده سندس قبضي ۾
اچي وئي. ميان دائود، مريدن جو تعداد وڌائي طاقت
حاصل ڪئي ۽ سندس حيات ۾ ڪابه تڪراري صورت پيدا
ڪانه ٿي(13).“
ميان دائود به مرڻ گهڙي تائين پنهنجو مرڪز لاڙڪاڻي
ڀرسان ”هٽڙي“ تي رکيو. سندس وفات سنه 1035هه/1625ع
ڌاري ٿي. سندس مدفن به ”هٽڙي“ ۾ آهي جيڪا هاڻي
”هٽڙي غلام شاهه“ جي نالي سڏجي ٿي. هينئر تعلقي
ڏوڪري (موجوده تعلقي باقراڻي 2011ع) ۽ ضلعي
لاڙڪاڻي ۾ آهي. ميان دائود جي قبر، ميان الياس جي
مقبري سان گڏ ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي هڪ ٿلهي تي پنج
قبرون آهن، اوڀر طرف چوٿين قبر، ميان دائود جي
آهي(14).“
ميان الياس محمد ڪلهوڙو:
ميان دائود خان ڪلهوڙي کي ٻه پٽ هئا، انهن مان هڪ
پٽ جو نالو: الياس محمد ۽ ٻي جو شاهل محمد هو.
ميان دائود جي وفات بعد ڪلهوڙا خاندان جي معتقدن ۽
بزرگن سندس وڏي پٽ ميان الياس محمد کي گادي نشين
بڻائي پنهنجو پڳدار مقرر ڪيو. ميان الياس محمد
مسند نشين ٿيڻ شرط پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ مريدن طرف خاص
توجهه ڏنو. خاص ڪري هن پنهنجي پيري مريدي وڌائڻ
لاءِ وڏي محنت ڪئي. ساڳئي وقت هن پنهنجي وڏن ابن
ڏاڏن جيان زمينون وڌائڻ ۾ به وسان ڪين گهٽايو.
جيئن خانبهادر خداداد خان لکي ٿو ته:
”ان کان پوءِ هن جو فرزند ميان الياس، پنهنجي
زمينداري وڌائڻ ۽ مريدن جي تعداد ۾ اضافي ڪرڻ جي
جدوجهد ڪندي، حياتي گذاري(15).“
ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي احاطي کان
ٻاهر سندس والد ميان دائود جي مزار
ميان الياس محمد گادي ڌڻي ٿيڻ شرط پيري مريديءَ
سان گڏ اهي زمينون واپس ورايون، جيڪي سندس والد جي
دور ۾ مقامي ماڻهن هٿان ڦُرجي ويون هيون، بهرحال
ميان الياس محمد پنهنجي پيءُ جي پڳ ٻڌڻ سان ئي
مريدن جو انگ وڌائڻ سان گڏ ملڪيت وڌائڻ ۾ به مصروف
نظر اچي ٿو.
ميان الياس محمد ۽ جلال خان ابڙو:
ميان الياس ۽ ڪلهوڙن بابت ڪتابن ۾ هڪ قصو آهي ته:
”وڏيرو جلال خان ابڙو، ميان الياس محمد کي اوليائن
۾ شمار ڪندو هو. هڪ ڏينهن ميان صاحب مهمان جي
حيثيت سان وڏيري جلال خان وٽ ويو، جڏهن اُتان موٽي
اچڻ جو ارادو ڪيائين تڏهن وڏيرو موڪلاڻي جي خيال
سان ساڻس گڏجي نڪتو، رستو وڏيري جي پوکن مان ٿي
لنگهيو، ميان صاحب پڇيس ته: ’هي آبادي ڪنهن جي
آهي؟‘ وڏيري ادب طور جواب ڏنو ته: ’سائين جن جي ئي
آهي.‘ هيءُ جواب ٻڌندي، ميان صاحب کي سندس هڪ خادم
چيو: ’سائين مبارڪ هجيوَ، وڏيري هيءُ سمورو کيٽ
اوهان کي نذراني ۾ ڏئي ڇڏيو(16).“ مٿان هڪ ٻئي
خادم ورندي ڏني ته: ’نه رڳو کيٽ پر ڏاندن جا جوڙا
به اوهان کي ڏيئي ڇڏيائين.‘ اهو ٻڌندي ٽئين خادم
وراڻيو: ’قبلا، ٻج ۽ کيتي جو سامان به هن نذراني ۾
شامل آهي.‘
وڏيري جلال خان ورندي ڏني ته:
”سائين جا خادم سچ ٿا فرمائين، مون سڀ ڪجهه اوهان
کي نذر ڪيو.“ ان کان پوءِ ميان الياس وڏيري جي ڏنل
زمينون سنڀاليون ۽ اتي جاءِ ٺهرائي رهڻ لڳو(17).
حالانڪ ان قصي کي بعد جا محقق بي بنياد ۽ غلط قرار
ڏين ٿا. مهدي شاهه جي تحقيق مطابق: ميان الياس
محمد جي زماني ۾ وڏيرو جلال ابڙو اڃا ڄائو ئي ڪونه
هو، جيڪڏهن هو ڄائو به هوندو ته ابهم ٻار هوندو.
هو لکي ٿو ته:
”ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي وفات واري سال يعني
1030هه/1620ع تائين وڏيري جلال خان جي عمر 4 سال
مس ٿي هوندي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن وڏيرو
جلال خان ابڙو، ميان الياس محمد جي وفات وقت چئن
سالن جو ابهم ٻالڪ هو ته پوءِ ميان صاحب جي ڪيتري
عمر ۾ دست بيعت (مريد) ٿيو هوندو ۽ کيس نذراني ۾
زمينون ڏنيون هوندائين(16).“
ميان الياس ۽ وڏيري جلال ابڙي واري ان قصي ۾ ڪيتري
صداقت آهي، اهو چئي نٿو سگهجي پر اها پڻ حقيقت آهي
ته ڪلهوڙن سياسي اقتدار جي حاصلات لاءِ مذهب کي
هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ مقامي زميندارن کي ڏنڊي
جي زور تي مطيع ڪيو جي اصل مغلن جا منصبدار هئا.
بهرحال الياس محمد پنهنجي ابن ڏاڏن جي نقشِ قدم تي
هلندي پاڻ کي مرشد ڪامل سڏرائي، ساڳئي طرح پنهنجي
زمينداري ۽ ملڪيت وڌائڻ ۾ مصروف رهيو. اهڙي طرح هو
پنهنجي طبعي عمر ماڻي اندازاً 1035هه/ 1625ع ڌاري
لاڙڪاڻي ۾ ئي وفات ڪيائين. ميان الياس محمد کي
لاڙڪاڻي ۾ ئي ’هٽڙي‘
ڳوٺ ڀرسان دفن ڪيو ويو.
ميان الياس محمد جو مقبرو:
ميان الياس محمد جو مقبرو 15، 26، 27 اتر ۽ 51،
14، 68 اوڀر، يونين ڪائونسل پراڻو آباد، ديهه
فريدآباد، تپو مڏباهو ۾ واقع آهي. اهو تپو تعلقي
باقراڻي (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ واقع آهي. هن ماڳ تي
پهچڻ لاءِ هڪ پراڻو رستو، لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو
روڊ تي، وچ ۾ قائم باقراڻي شهر پهچبو، اتان هڪ پڪو
رستو جيڪو باقراڻي نو آباد روڊ سڏجي ٿو، ان روڊ جي
پاسي سان، ميان الياس محمد جو مقبرو آهي.
ميان الياس محمد جو مقبرو تعلقو
باقراڻي ضلعو لاڙڪاڻو
حاڪم شاهه بخاري، ميان الياس محمد جي مقبري جي
اڏاوت جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
”مقبري کي اڳيان احاطي طور پڪين سرن جي ڀت ڪنگرين
۽ چن گاري سان لنبيل آهي. دروازو هڪ ڪمري وانگر
اڏاوت ۾، جنهن جي ٻيڙهه ٻني تي ڪنهن زماني ۾ برجون
هيون سو اسان 1977ع ۾ ڏٺو هو. اسان 1995ع ۾ ٻيهر
وياسون ته اهو دروازو ڪونه هو، دروازو اوڀر طرف
هو، هاڻي احاطي واريون ڀتيون هنڌان هنڌان ڪِري
پيون آهن.
مقبري جو صرف ٽن نوڪدار رنگن سان دروازو ٺهيل آهي،
جنهن جي پاسي ۾ اُڀين ونگن سان پانيل ٺهيل آهن.
وڏي ونگ جي هيٺان هڪ ننڍڙي ونگ ۾ ڪاٺ جو دروازو
لڳل آهي جيڪو 7.9 فوٽ اوچو آهي، وڏي ونگ تي ٻئي
پانيل تي دروازي مٿان ڪاشيءَ جون سِرون لڳل آهن،
ڪاشي کان مٿي مهاڙي، اُڀين ۽ سڌين ڪاشيءَ جي سِرن
سان سينگاريل آهي. مهاڙي واري وڏي ونگ 9.13 فوٽ
اوچي ۽ 5 فوٽ کن ويڪري ۽ 9.2 فوٽ اندر تي لڳل آهي.
روضــــو:
ميان الياس محمد جو روضو چورس آهي، 6.24 فوٽ هر
پاسي ۽ پاسي واريون ڀتيون 10.25 فوٽ ۽ مهاڙي جي
اوچائي 6.22 فوٽ آهي، جنهن ۾ 8.1 فوٽ پلنٿ به شامل
آهي. روضي کي چئني ڪنڊن تي 8.3 فوٽ جون برجون آهن،
جنهن ۾ ٻيڙهه ٻني کان مٿي بيٺل نيليون (ڪلفيون
Finials)
شامل نه آهن. مهاڙي ۾ ٻن برجن جي وچ ۾ ٻيڙهه ٻني
جي مٿان ننڍيون اُڀيون سيمينٽ جو ٺهيل ڪنگريون
بيٺل آهن، ٻن برجين جي وچ ۾ 5 اهڙيون ننڍيون
ڪنگريون بيهاريل آهن. روضي جي چوڦير پيڙهه ٻني ۽
ڪارنس هيٺان سيمينٽ جو ٺهيل بارڊر ڏنل آهي، ان کي
ڏنل سيمينٽ جي گِرل بعد ۾ ٺاهي وئي آهي جيڪا ٻي
اڏاوت سان جوڙ نٿي ڪري.
روضي جي پاسن کان ساري ديوار بلنديءَ ۾ ٽن پينلن ۾
ورهايل آهي. اهڙي طرح وري هر پينل ويڪر ۾ مستطيل ۾
ستن حصن ۽ پينل ۾ ورهايل آهن، بهرحال اهو سادو
روضو به خوبصورتيءَ جو هڪ مثال آهي.
ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي مقبري اندر ٽن قبرن
مان اولهه پاسي سڀ کان وڏي قبر ميان الياس محمد
جي آهي.
ڇِـــت:
هن عمارت تي تمام سهڻو متوازي نموني جو اڌگول گنبد
ٺهيل آهي، جيڪو هڪ اٺڪنڊي ڳچ جي مٿان نروار بيٺو
آهي. گنبد جي گهيري جي ماپ 6.46 فوٽ آهي. ڇت کان
اوچائي 9.4 فوٽ آهي. گنبد جو ڳچ به ٽن طبقن ۾
ورهايل آهي. هن جو هيٺيون بنيادي حصو ڪجهه قدر
موڪرو آهي. جنهن جي اوچائي 2.1 فوٽ آهي. ان جو
وچون طبقو 2.10 فوٽ بلند آهي ۽ ان جو مٿانهون حصو
(ڪارنس) 0.9 انچ ٿلهي آهي، هونئن گنبد جو ٻاهريون
گهيرو 55.0 فوٽ بيهي ٿو، گنبد کي اٺ پاسراٽيون
آهن.
گنبد جي مٿان هڪ خوبصورت ۽ واضح فانوس رکيل آهي،
جنهن مٿان ڪلسر ڏنل فانوس جو بنياد گل جي پنکڙين
جهڙو آهي، هي فانوس ڪلهوڙا اڏاوت ۾ پراڻي ۾ پراڻو
اهي. گنبد جي ڳچي کان وٺي بلندي، هڪ اندازي مطابق
15 فوٽ ٿيندي. فانوس جي اهڙي قسم کي ڪلهوڙا
آرڪيٽيڪچر ۾ ڪافي پسند ڪيو ويندو هو. ساڳئي وقت ان
قسم جا فانوس، هنن جي عمارتسازيءَ ۾ پهريون دفعو
جوڙيا ويا.
روضي جي اندروني بناوت:
روضي جو اندروني حجرو چورس آهي، جنهن جو هر پاسو
16 فوٽ بيهي ٿو، فرش کان وٺي گنبد جي بلندي 29.6
فوٽ آهي، اهو ان چورس حجري جي هر ڪنڊ تي ڪنڊ جوڙ
(Squinches)
ٺاهي،
ان کي اٺڪنڊو بڻائي، ان مٿان ڳچ ٺاهيو ويو آهي.
مقبري جي بار بار مرمت ڪرڻ ڪري، ان جي اصلي هيئت
تبديل ٿي وئي آهي. تنهن هوندي به جوڙ ڪنڊن رهيل
ڀتن ۽ گنبد جي اندرئين حصي تي، آلو چٽ
(Fresco)
اڃا به سهڻو بيٺل آهي. 1977ع تائين انهيءَ چِٽ جو
جيڪو گنبد اندران ٺهيل هو اهو ثابت هو پر پوءِ ان
جو ڪافي حصو ختم ٿي چڪو هو. 1995ع تائين گنبد جي
اندرئين حصي ۾ به ڪجهه چِٽ سلامت هئا. انهن چِٽن
مان اسان فن جو معيار، آرٽ، ٽيڪنڪ ۽ رنگن جي
استعمال جو بخوبي اندازو ڪري سگهون ٿا.
”روضي اندر ڪل ٽي قبرون آهن، انهن مان اولهه طرف
ڪجهه وڏي قبر ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي آهي، باقي
ٻه اُڀرندي طرف واريون قبرون سندس (ٻن) پٽن: يار
محمد ۽ تاج محمد جون آهن(18).“
هاڻوڪي صورتحال:
ميان الياس محمد جي مقبري تي منهنجو تازو وڃڻ ٿيو
هو، ميان الياس جو مقبرو لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو
روڊ تي هٽڙي ڳوٺ کان، لاڙڪاڻي کي خيرپور سان
ڳنڍيندڙ پل ڀرسان آهي، ان ماڳ تي پهچڻ لاءِ هٽڙي
ڳوٺ جي چوراهي کان، دادو ڪئنال پار ڪرڻ بعد اٽڪل 7
ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. روڊ جي سڄي پاسي اڌ
ڪلوميٽر تي ميان الياس محمد جو مقبرو نمايان نظر
ايندو. روڊ جي کاٻي پاسي تي علي جتوئي جو ڳوٺ آهي.
ميان الياس محمد جي مقبري جي لڳ ئي ڏکڻ پاسي تي
مجاور لاشاري جو پراڻو ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ اٽڪل
ست سؤ گهر آهن، ميان الياس محمد جي مقبري جي اُتر
پاسي کان دادو ڪئنال ڏکڻ پاسي درياء سنڌ موجزن
آهي. درياء جي ويجهڙائي ۽ ٻوڏن جي انديشي ڪري روضي
کي مٽي جي دڙي تي جوڙيو ويو آهي. مقبري جي چوڦير
واريءَ جي گهڻائي ٻڌائي ٿِي ته وقت بوقت درياء جون
لهرون اچي مقبري جي چانئٺ سان لڳنديون هونديون.
پاڻي جي گهڻائي ۽ زمين جي زرخيزي ڪري هيءُ علائقو
تمام سرسبز آهي. هونئن به هيءُ علائقو چانورن جو
ديس آهي. هتان جو تاريخي ڳوٺ هٽڙي غلام شاهه، ميان
الياس محمد جي مقبري کان ڏکڻ طرف ڪجهه ڪلوميٽرن تي
آهي اتي ڪجهه پراڻا قبا آهن پر آرمي آپريشن دوران
اتان رستا ڪڍڻ ڪري، انهن آثارن کي ڪافي نقصان پهتو
آهي. ميان الياس محمد جي مقبري جي چوڦير وڏو
قبرستان ڦهليل آهي جتي اڄ به آسپاس جا ڳوٺاڻا
پنهنجا مُردا اچي دفن ڪن ٿا. ان مقام ۾ ميان الياس
محمد جو مقبرو، مٽيءَ جي دڙي تي مٿانهون هئڻ ڪري
نمايان آهي. هن ڪلهوڙي فقير جي مزار تي هر سال صفر
جي 5.6.7.8 ميلو مچندو آهي. ان کان سواءِ هر ماهه
پهرين سومر تي پڻ ماڻهو دعا پنڻ اچن ٿا، ان ڪري
زيارتين لاءِ ڪجهه مسافر خانا پڻ جوڙيا ويا آهن.
ميان الياس محمد جي روضي جي ڏکڻ ۾ سندس مريد منگهو
فقير جو پڻ مقبرو آهي.
ميان الياس محمد جي مقبري جي چوڌاري ڏنل اوائلي
احاطي واري ديوار کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي مڪمل
نئين ديوار جوڙي وئي آهي. ان پراڻي دور جون چوڪور
سنهيون سِرون، بيڪار سمجهي، ديوار ۾ بٺي جون پڪل
نيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ان نئين احاطي
واري ديوار جي اوچائي 4 فوٽ کن ٿيندي، جنهن مان
پراڻو ڪاٺ جو دروازو ڪڍي، اتي نئون دروازو لڳايو
ويو آهي. اوڀر دروازي مان اندر داخل ٿيڻ سان
سامهون ئي ميان الياس محمد جي چوڪور مقبري جي
مهاڙي نظر اچي ٿي.
ميان الياس محمد جي مقبري جي مهاڙي:
”ڪلهوڙا دور جي عمارتسازي جي اها خوبي آهي ته
ڪلهوڙن پنهنجي عمارتن، خاص ڪري مقبرن ۽ مسجدن کي
دلڪش بنائڻ لاءِ ان جي سامهون واري مهاڙي تي، وڌ ۾
وڌ توجهه ڏنو آهي. ڪلهوڙن جي ڪنهن به اڏيل عمارت
کي اڳيان بيهي ڏسجي ٿو ته ان جو مهڙ وارو ڏيک،
باقي عمارت جي حصن کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. خاص ڪري مک
دروازي واري حصي کي اکين جي زينت بنائڻ لاءِ وڏي
مهارت ۽ قابليت کان ڪم ورتو ويو آهي. انهي دروازي
واري حصي کي باقي عمارت کان اوچائي ۾ مٿانهون رکڻ
کان سواءِ مک داخلي دروازي کي، جاذب نظر بنائڻ
لاءِ ان مٿان ڇڄرو ڏنو ويو آهي. ان مهاڙي واري
ڇڄري ۽ دروازي مٿان مختلف طرز جي محرابن، چوڪورن،
رنگ برنگي ٽائلس ۽ چٽساليءَ سان سجايو ويندو هو.
جيئن يارمحمد ڪلهوڙي جو مقبرو، خداآباد جي مسجد،
ميان نورمحمد ڪلهوڙي ۽ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي
مزارن جون مهاڙيون، ڇڄرا، محرابون دروازا ڪمال
ڪاريگري جو مثال آهن(19).“
پر اسان کي موجوده وقت ميان الياس محمد جو مقبرو
ڏسي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ميان الياس محمد جي
مقبري کي خاص ڪري مهاڙي کي هڪ ته زماني جي لاهين
چاڙهين ڀڃي ڀوري وڌو آهي. ويتر مجاورن جي اڻ
ڄاڻائي ڪري، مقبري جي قدامت ۽ اصليت کي تبديل ڪيو
ويو آهي.
دروازو:
ميان الياس محمد جي مقبري جي سامهون مهاڙي وارو
حصو ٽن اهم حصن ۾ ورهايل آهي. سامهون واري پاسي تي
پوري وچ تي محراب دار ڇڄري ۾ دروازو لڳل آهي.
داخلي دروازي جي ٻنهي پاسن کان بنيادن وٽ محرابي
پينل آهن. ان محرابن کان مٿين خاني ۾ چوڪور ڏنل
آهن. ڇڄري اندر، اهي اُتر ۽ ڏکن پاسا، مٿي وڃي وچ
تي محرابي ڪنڊ جو جوڙ ٺاهين ٿا. هن وقت اهو ڇڄرو
هر آرائش ۽ زيبائش کان پاڪ آهي. ڇڄري جي وچ تي
مقبري جو دروازو لڳل آهي، جنهن مٿان ڀت تي بيٺل
محراب واضح آهي. ان مٿان هڪ سمهيل مستطيل خانو
آهي، دروازو تمام سادو آهي، جيڪو بعد جي دور جو
لڳي ٿو.
اُتر ٻاهريون پاسو:
ميان الياس محمد جي مقبري جو ٻاهريون اُتريون
پاسو، مکيه ٽن سڌن وڏن خانن ۾ ورهايل آهي. ان پاسي
کان هيٺان بنيادن وٽان بلندي طرف هڪ ٻي مٿان ٽي
پينل آهن، جنهن ۾ هيٺئين پينل ۾ ست محراب سڌي قطار
۾ ٺهيل آهن. انهن محرابن مٿان ٻي پينل ۾ به ساڳي
طرح ست ٻين محرابن جي قطار آهي. جنهن مٿان وري ٽين
پينل ۾ ست چوڪور خانا آهن. هن وقت ان طرف واري
پاسي محرابن ۽ چوڪورن کي اَڇي چوني جو پلستر ۽ رنگ
ڪيو ويو آهي. اسان جي پهچڻ دوران (نومبر 2011ع) ۾
به ساري مقبري کي سفيد رنگ جي پوچي ٿي رهي هئي.
اولهه ٻاهريون پاسو:
ميان الياس محمد جي مقبري جي اولهه پاسي کان
ٻاهران، ڪي محراب يا آرائشي چوڪور نظر نٿا اچن.
مقبري جي ان ساري پوئين پاسي تي لسي ديوار آهي.
ڏکڻ ٻاهريون پاسو:
مزار جي ڏکڻ ٻاهرين پاسي تي به ساڳئي طرح چوني جو
ليپو ڪيل آهي. ان پاسي جي صرف هيٺين حصي ۾ ست پينل
محراب ٺهيل آهن. انهن جي مٿان وري ست خانا مستطيل
شڪل ۾ وڃن ٿا. جن مٿان چوڪور ٺهيل آهن. مطلب ته
مقبري جي ٻاهرين پاسي جي هر ڊزائن ۾ فرق آهي. هرهڪ
پاسو هڪ ٻي کان الڳ پينل، انداز ۽ شڪل سان ورهايل
آهي. مقبري جي اها حالت شايد سندن مريدن پنهنجي
سمجهه مطابق ۽ حسب حال ڪئي آهي. هنن کي مقبري جي
قدامت ۽ ڊزائين سان ڪو پيار ڪونهي. نه ئي ڪنهن
اداري يا ڄاڻو ماڻهو، ميان الياس محمد جي مجاورن ۽
عقيدتمندن جي رهنمائي ۽ مدد ڪئي آهي، هو اڻ ڄاڻائي
۽ محبت جي جنون ۾ اهڙي سوين سال پراڻي شهڪار ۽ ان
اوائلي دور جي هٿ هنر کي، ڏينهون ڏينهن ٽوڙي ڦوڙي
ان کي جديد روپ ڏيندا ٿا وڃن.
ٽائلس:
ميان الياس محمد جي مقبري کي سارو اَڇو چوني جو
رنگ ڏئي، ان جي اصليت ختم ڪئي وئي آهي. هن جي بدن
تي ڪٿي به ٽائلس جو نالو نشان نٿو ملي. حالانڪه
ڪافي مؤرخن مقبري جي ديوارن تي ڪاشيءَ جي ڪم جو
ذڪر ڪيو آهي. موجوده وقت صرف محراب دار ڇڄري مٿان
هڪ مستطيل کانئچي ۾، پراڻي زماني ۾ ميان الياس جي
مقبري ۾ ڪم آندل ٽائلس جو ڪجهه نمونو محفوظ ڪيو
ويو آهي. اهي بي ترتيب ويهه کن ٽائلس جو ڇڳو شايد
مقبري جي مختلف حصن مان ڪريل هنڌن تان گڏ ڪري، اتي
هڪ سڌي قطار ۾ هنيو ويو آهي، انهن نيري رنگ جي بيڪ
گرائونڊ وارين ٽائلس مٿان، اڇي رنگ سان گلڪاري ڪيل
آهي. ٽائلس جي چوڦير، ڪنهن وَل جي پنن جو بارڊر
ڏئي، وچ ۾ پٻڻ جي گل سان ملندڙ ڪو گل ٺاهيو ويو
آهي. ان گل کي به هڪ لهريدار چوڪور ۾ بند ڪيو ويو
آهي. ان وڏي چوڪور جي ڪنڊن تي، هڪ ننڍو چوڪنڊو ڏنو
ويو آهي. بهرحال ان ٽائلس تي، اوائلي دور جو هٿ جو
هنر ڏسي سگهجي ٿو.
ميان الياس محمد جي مقبري ۾ ڪم آندل اوائلي
ٽائلس جا محفوظ ڪيل ڪجهه نمونا
برجون:
ميان الياس محمد جي مقبري کي چئني ڪنڊن تي ننڍيون
برجون ڏنل آهن، ٿي سگهي ٿو ته انهن کي ڪنهن زماني
۾ ٽائلس يا دلڪش رنگن سان خوبصورت بڻايو ويو هجي
پر هو موجوده وقت انهن کي اَڇي رنگ جو برقعو
پارايو ويو آهي. مقبري جي ڇت تي ڪنڊن تي بيهاريل
انهن برجون مستطيل شڪل ۾ مٿي وڃن ٿيون. انهن برجن
جي وچ ۾ مستطيل خالي سوراخ پڻ ڇڏيا ويا آهن. جن
مان آرپار نظر وڃي ٿي.
ان سفيد مستطيل برجن کي چوٽي تي هڪ گول ٽوپي
پارائي وئي آهي جنهن تي هڪ اُڀي نيل بيهاريل آهي.
نيل اڄ به پنهنجو رنگ برقرار رکيو بيٺي آهي. ان
نيل جي اڏاوت ۾ هيٺان ٻه گول بال بيهاري، مٿين حصي
۾ هڪ گول ڇَلو پارايو ويو آهي. ان بعد نيل جي چوٽي
کي ڪنهن بند مکڙي جيان ڏيکاريو ويو آهي. نيل
بلنديءَ ۾ مناري کان ڪجهه قدر ننڍي آهي.
ننڍيون برجيون:
ميان الياس محمد جي مقبري جي مهاڙي تي ٺيڪ دروازي
مٿان، ڇت تي وچ تي ٻه ننڍيون برجون بيهاريون ويون
آهن. انهي ٻنهي برجن جي وچ تي چار ننڍيون ڪنگريون
آهن. اهڙيون ڪنگريون ڇت تي چوڌاري ڏنل هيون. جن
مان ڪافي ختم ٿي ويون آهن، البت ڪجهه ڪنگريون اڃا
بيٺيون آهن.
مهاڙي ۾ انهن برجن ۽ ڪنگرين جي هيٺان ڇت وٽ، ڪارنس
جي جڳهه سيمينٽ جون ڄاريون لڳايون ويون آهن، اهي
ڄاريون لڳي ٿو ته بعد جي دور جون آهن.
ڳچ:
ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ڇت مٿان، گنبد
کي بيهارڻ لاءِ آدم قد ڳچ ڏنو ويو آهي. ان اٺڪنڊي
ڳچ جي مٿين ڇيڙي ۽ گنبد جي وچ ۾، ٻاهر تي نڪتل هڪ
ڪارنس آهي، ڳچ کي به اڇي رنگ جو نئون لباس پارايو
ويو آهي.
گنبد:
ڳچ مٿان ذري گهٽ هڪ اڌ گول جي شڪل جهڙو گنبد
بيهاريو ويو آهي، ان گول گنبد جي مٿي تي هڪ کليل
گل جي پنکڙين جهڙو تاج رکيل آهي. ان پنکڙين جي وچ
مان اُڀو روشندان ڦٽي نڪري ٿو.
روشندان:
ميان الياس محمد جي مقبري جي مٿان گنبد مٿان هڪ
اٺڪنڊو روشندان بيهاريو ويو آهي. اهڙا اُڀا
روشندان، برصغير جي ڪيترين ئي عمارتن ۾ اڳ استعمال
ڪيا ويا آهن پر سنڌ ۾ انهن ڊگهن روشندانن جي اڏاوت
ڪلهوڙا دور ۾ ئي ڪئي وئي آهي. ڪلهوڙن جي گهڻن ئي
مقبرن مٿان اهڙا ڊگها روشندان بيهاريل نظر اچن ٿا.
جن ۾ ميان شاهل محمد ۽ شاهه بهارو جي مقبرن مٿان،
اهڙا سهڻا روشندان ڏسي سگهجن ٿا، انهن اُڀن
روشندانن جي تعريف هينري ڪزنس به پنهنجي ڪتابن ۾
ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:
”اهي ڊگها روشندان تمام غير معمولي ۽ جاذب نظر
آهن. جيڪي انهن مقبرن جي وزني گنبدن کي موهيندڙ
بڻائين ٿا.“
هينري ڪزنس هڪ ٻي هنڌ لکيو آهي ته:
”اهي اُڀا روشندان، ڪن حالتن ۾ تمام وڻندڙ ايجاد
آهي، جيڪي انهن گنبدن کي تمام اثرائتو بڻائي ٿي،
انهن آرائشي اُڀريل روشندانن جو انڊيا ۾ تمام گهٽ
استعمال ٿيندو آهي(20).“
ڪلهوڙن اڳتي هلي پنهنجي عمارتن کي پُرڪشش بڻائڻ
لاءِ اهي ڊگها روشندان باقاعده پنهنجي تعميرات جو
هڪ حصو بڻائي ڇڏيا آهن. چيو وڃي ٿو ته انهن اُڀن
روشندانن جو رواج اسان وٽ مغرب کان آيل آهي پر ڪن
ڄاڻن جو خيال آهي ته روشندانن جي اها طرز جپانين
وٽ رائج هئي(21).
بهرحال ميان الياس محمد جي مقبري جي گنبد مٿان به
هڪ اٺڪنڊو روشندان صاف نظر اچي ٿو. ان روشندان جا
بنياد ڪنهن کليل گل جي پنکڙين تي رکيا ويا آهن.
جنهن تي نو انچ کن هڪ دڪو بيهاري، ان مٿان مستطيل
شڪل جون اٺڪنڊيون اُڀيون روشني لاءِ ڄاريون هنيون
ويون آهن، اهي ڄاريون هن وقت مڪمل طرح پلستر سان
بند آهن. جنهنڪري مقبري اندر روشني ۽ هوا جو گذر
گهٽ آهي. انهن ڄارين مٿان وري فوٽ کن اُڀي ديوار
بيهاري، جنهن کي وچ تي ڪارنس سان سينگاري، ان مٿان
هڪ بيضوي شڪل جو ننڍڙو گنبد جوڙيو ويو آهي. ان
بيضوي گنبد جي چوٽي تي نيري رنگ جي نيل لڳل آهي.
نيل جا ڪجهه حصا سلامت آهن. باقي ساري ڀڄي ڀري پئي
آهي.
اندروني بناوت ۽ نقش نگاري:
ميان الياس محمد جي داخلي دروازي مان اندر گهڙڻ
سان ماڻهو هڪ چوڪنڊي حجري ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. حجرو
پورو چورس ٺاهي ٿو، مقبري مٿان رکيل ڇت ۽ گنبد جو
وزن ٿلهيون ۽ مضبوط ديوارون سنڀالي بيٺيون آهن.
ديوارن کي اڇو رنگ ڏئي ان جي ڊزائين ۽ نقش نگار کي
ختم ڪيو ويو آهي. البت ڪارنس کي ڳاڙهي رنگ جي،
اُڀن ۽ لڙڪندڙ ٻوٽن سان سينگاريو ويو آهي.
اندرين پاسي دروازي مٿان پڻ هڪ کانئچي ۾ ڪجهه
ٽائلس لڳل آهن.
ان چوڪور حجري
جي ديوارن ۽ ڪارنس مٿان گنبد کي بيهارڻ لاءِ ڳچ
کڙو ڪيو ويو آهي. ڳچ جي اندرين پاسي ڪنڊن وٽ، گنبد
جا بنياد بيهارڻ لاءِ محرابي ڍانچا، يعني ڪنڊ جوڙ
ڏنا ويا آهن. انهن ڪنڊ جوڙ جي صرف مٿين محرابي ڪنڊ
تي، ڳاڙهي رنگ جون گلن جون پنکڙيون نقش ڪيل آهن.
باقي ڪنڊ جوڙ جي مٿين ۽ پاسن واري بارڊر کي نيري ۽
اَڇي رنگ جي گلن سان سجايو ويو آهي.
انهن چئن ڪنڊ جوڙن جي وچ تي، حجري ۾ خوبصورتي پيدا
ڪرڻ لاءِ چوڪور ٺاهي ان ۾ پينل محرابي خانا ٺاهيا
ويا آهن. ان پينل محرابي کانئچن جي اندران اڇو رنگ
ڪيل آهي. البت انهن جي چوڌاري ڪنڊ جوڙ جي بارڊر
جيان نيري ۽ اڇي رنگ جي گلڪاري وارو بارڊر ڏنو ويو
آهي.
ان ساري محرابي سلسلي مٿان اڇي رنگ جي ڪارنس نما
پٽي ڏئي. ان مٿان وري ننڍڙا ننڍڙا پينل ونگدار
خانا ٺاهي، آخر ان مٿان گول گنبد بيهاريو ويو آهي.
گنبد جي اندرين پاسي کان وري وچ تي، ٿوري حصي تي
ڳاڙهي رنگ سان نقش نگاري ٿيل آهي. شايد ڪنهن سياڻي
جي چوڻ تي نموني خاطر اهو گلڪاري جو ٽڪرو محفوظ
ڪيل آهي. باقي ساري گنبد کي اندران اَڇو رنگ ڏئي
ان جا اوائلي چٽ کي ختم ڪيو ويو آهي.
ميان الياس محمد جي حُجري اندر محرابي خانن جي
خوبصورتيءَ لاءِ نيري ۽ اڇي رنگ جي گلن جا بارڊر
ڏنا ويا آهن.
حجري اندر وچ تي هڪ ننڍي ٿلهي تي قطار ۾ ٽي قبرون
آهن، جن مان اولهه طرف سڀ کان وڏي ۽ نمايان قبر،
ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي آهي. ان قبر جي اوڀر
پاسي دروازي طرف ميان الياس محمد جي ٻن فرزندن-
ميان يارمحمد ڪلهوڙي ۽ ميان
تاج محمد ڪلهوڙي جون قبرون آهن.
ميان دائود ڪلهوڙي جي قبر:
ميان الياس محمد جي مقبري جي احاطي کان ٻاهر ڏکڻ
اوڀر ڪنڊ تي، هڪ ٿلهي تي پنج قبرون آهن، انهن مان
اولهه پاسي کان ٻيون نمبر سيمينٽ جي پلستر سان، سڀ
کان وڏي ۽ نمايان قبر ميان دائود ڪلهوڙي جي آهي.
سنڌ جي سڀني ڪلهوڙن حڪمرانن ۽ گادي نشين ايتريقدر
جو سندن درٻارين ۽ سپہ سالارن مٿان به قبا جوڙيل
آهن پر سوال آهي ته ميان دائود جي قبر تي مقبرو ڇو
نه ٺاهيو ويو آهي، ساڳئي طرح حيدرآباد ۾ ميان عطر
خان ڪلهوڙي جي قبر مٿان به ڪو مقبرو اڏيل نه آهي.
حوالا
1.
رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“
يونيورسٽي آف سنڌ، ڇاپو پهريون، ص 437
2.
رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي 2000ع، ص 64
3.
ڏسو حوالو-1.
4.
ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، ”ڪلهوڙا (عباسي) دور“ سنڌي
شعبو ڪراچي يونيورسٽي، 2009ع، ص 10
5.
سورلي ايڇ.ٽي ”ڀٽ جو شاهه“ ڇاپو پهريون مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع، ص 45
6.
غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ“ (جلد پهريون)، ڪلهوڙا
دور، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1963ع، ص 6
7.
ساڳيو، ص 94
8.
ساڳيو، ص 114
9.
ساڳيو، ص 115
10.
ساڳيو، ص 118
11.
علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“ مترجم- امير احمد،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2004ع، ص 228
12.
ساڳيو، ص 228
13.
خانبهادر خداداد خان، ”لُب تاريخ سنڌ“ ترجمو حافظ
خيرمحمد اوحدي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1989ع، ص
136-135
14.
غلام محمد لاکو، ”ڪلهوڙا دور حڪومت“، ص 90، محترم
غلام محمد لاکي کي اها روايت 1996ع، اتي مجاور
ٻڌائي هئي.
15.
ڏسو حوالو- 13، ص 136.
16.
مهدي شاهه. ”ابڙو وڏ وڙو“، شاهه لطيف اڪيڊمي،
شڪارپور 2005ع، ص 229
17.
غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور“ (جلد
پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1963ع، ص 141
18.
(i)
سيد حاڪم علي شاهه بخاري، عثمان
ميمڻ، ”سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري“، سنڌي
لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2008ع، ص 28
(ii) S.Hakim Ali Shah Bokhari, Kalhora Period
Architecture. Sindh Archives, 2006. P 56
19.
اشتياق انصاري، ”شاهه بهارو“. قلمي نسخو
20.
S.Hakim Ali Shah Bukhari, Kalhora Period
Architecture. Sindh Archives, 2006. P 39
21.
ڏسو حوالو- 18. |